سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 13

 

آزاد گهوڙو

يمن جي آکاڻي

 

هڪڙي ڏينهن هڪڙو بدو ڇوڪرو پنهنجي پيءُ سان گڏ رڍن جي اُنَ مان ٺهيل خيمي ۾ ليٽيو پيو هو. سج جي تيز اُس کان بچاءَ لاءِ خيمي جي ڪاري ڇت هئي ۽ فرش تي ٿُلهي فراسي وڇايل هئي، جنهن تي پيءُ پٽ آرام سان ليٽيا پيا هئا. ٻاهر ڏاڍي گرمي ۽ تيز اُس هئي. ايتري ۾ ٻاهران گوڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پيءُ ۽ پٽ مٿڀرو ٿي ڏٺو ته ڇوڪري جو گهوڙو ’سعد‘ خيمي جو پردو مٿي کڻي پنهنجو منهن اندر ڪري رهيو هو. ٻاهر تکي اُس هجڻ جي ڪري گهوڙي خيمي ۾ اچڻ ٿي گهريو. اهو ڏسي پيءُ پٽ کلي ڏنو. گهوڙو گهڻو ڪري اهڙيءَ طرح ڇانوَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ اندر ايندو هو. ڇوڪرو ۽ پڻس ان کي ڪجهه به ڪين چوندا هئا. پيءُ پٽ کي چيو ته ”سعد کي خبر آهي ته جتي منهنجو مالڪ هوندو، اتي مون کي به آرام ملي سگهندو. مون کي هڪڙي گهوڙي جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن سمجهيو ٿي ته مالڪ کان جند ڇڏائي آءٌ وڌيڪ سکيو رهندس.

اتي ڇوڪري پڇيو ته ”بابا! پوءِ انهيءَ گهوڙي جو ڇا ٿيو؟“

پيءَ ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي: ”تعريف انهيءَ خدا جي جنهن هيءُ جهان جوڙيو ۽ هتي هر ڪا شيءِ خلقي اٿس. هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي جڏهن گهوڙا به ماڻهن وانگر ڳالهائيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو گهوڙو هوندو هو جيڪو ”سعد“ وانگر آلو ڀولو نه هو پر ڪڏهن به راضي نه رهندو هو. ان جون عادتون جهنگلي هيون ۽ هو سدائين آزاد رهڻ گهرندو هو. اهو گهوڙو ٻين گهوڙن، اُٺن ۽ چؤپاين جون به گلائون ڪندو رهندو هو. مطلب ته سڀئي جانور ان کي چوندا هئا ته ”ميان گهوڙا، تون ته ڪو وڏو بيوقوف آهين. توکي ڪابه خبر نه آهي ته سچو سک ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ ملي ٿو.“

هڪڙي ڏينهن انهيءَ گهوڙي پنهنجي مالڪ کي دانهن ڏني ته ”اوهان مون کي جتي وڻيو اتي وٺي ٿا وڃو ۽ جيئن ٿو اچيوَ تيئن ٿا ڪريو. نيٺ اوهان جو مطلب ڇا آهي. ڇا آءٌ اوهان کان وڏو نه آهيان، ڇا آءٌ وڌيڪ طاقتور نه آهيان؛ هڪ گهوڙي جي ڀيٽ ۾ ماڻهو ته گهڻو ڪمزور آهي، تنهنڪري آءٌ اوهان جو حڪم ڇو مڃان!“

اهو ٻڌي مالڪ جواب ڏنو: ”ادا، تون سچ ٿو چوين. آءٌ سچ ته تو جهڙو طاقتور ڪونه آهيان. پر هن رِڻ پَٽ ۾ مون کان سواءِ تون رهي به ڪونه سگهندين. انهيءَ کان سواءِ آءٌ توکي کاڌو ڏيان ٿو ۽ چراگاهن ۾ توکي ڇڏي ڏيان ٿو ته ڀلي وڃي سائو گاهه کاءُ. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ توکي جَوَ ۽ اُٺ جو گرم ۽ تازو کير به ڏيندو آهيان. تنهنجي پاڻيءَ لاءِ آءٌ پري پري ويندو آهيان ته من ڪو پاڻيءَ جو دُٻو ملي، جتان تون پاڻي پي سگهين. آءٌ تنهنجي هيڏي ساري خدمت ڪريان ٿو. انهيءَ جي عيوض تون ايترو به نٿو ڪري سگهين جو آءٌ توتي سوار ٿي ڪنهن هنڌ وڃي سگهان؟

هوڙي جواب ڏنو ته ”اهو سچ آهي ته اوهين منهنجي پرگهور لهو ٿا، پر انهيءَ جي عيوض اوهان مرڳو مون کي پنهنجو غلام ڪري رکيو آهي. آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان ڪٿي اچي وڃي به نٿو سگهان. اوهان منهنجي منهن ۾ لغام ڏئي ڇڏيو آهي. اهي رسيون منهنجي پيٽ ۾ گهڙي وينديون آهن. ٻيو ته اوهين مون کي سڄو ڏينهن ايترو ته ڊوڙايو ٿا جو آءٌ ٿڪجي چور ٿي پوندو آهيان. جنگ جهيڙي جي وقت به اوهان مون تي ئي سوار هوندا آهيو ۽ آءٌ ڦٽجي به پوندو آهيان. آخر اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، جو منهنجي آزاديءَ تي اهڙيءَ ريت قبضو ڪيو ويٺا آهيو؟“

مالڪ جواب ڏنو ته ”اها ته مون کي به خبر نه  آهي ته انسان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، جڏهن کان انسان هن ڌرتيءَ تي پير رکيو آهي، تڏهن کان اهو دستور هلندو اچي. شايد اهو حق انسان کي الله تعاليٰ ڏنو آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو مالڪ آهي. هُن ئي دنيا جي هر شيءِ انسان جي حوالي ڪئي آهي؛ پر توکي جيڪڏهن اها ڳالهه نه ٿي وڻي ۽ تون آزاد رهڻ گهرين ٿو ته آءٌ توکي زبردستي پاڻ وٽ رکڻ نٿو گهران. اهو چئي، مالڪ گهوڙي جي منهن مان لغام ڪڍيو، پُٺن تان زين لاٿي ۽ دُمچي به لاهي ڇڏي. گهوڙو هاڻي بلڪل کليل هو، سو خوشيءَ وچان ٽَپا ڏيندو هڪ طرف هليو ويو. گهوڙي جو مالڪ جنهن هنڌ رهندو هو، اهو ڏاڍو سرسبز ۽ سائو هو. موسم به بهار جي هئي، جنهن ڪري چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ گهوڙي جا ڄڻ ته ڀاڳ وري آيا هئا. هوصبح شام پيٽ ڀري کائيندو هو ۽ ويجهي چشمي مان پاڻي پيئندو هو. هاڻي هن کي ڪابه جهل پل نه هئي ۽ هو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳو.

جلد ئي اونهارو آيو ۽ سج جي تکاڻ کان واري سڙڻ لڳي. سرسبز ۽ سائو گاهه سڪڻ لڳو. پاڻيءَ جا چشما ۽ نهرون خشڪ ٿيڻ لڳيون،. جتي ساوڪ ۽ وڻڪار هئي اتي هاڻي واريءَ جون ڊٻون ۽ دڙا نظر اچڻ لڳا. ٻيا گهوڙا ۽ اُٺ وغيره سڀ پنهنجن پنهنجن مالڪن وٽ هئا، جن انهن جي کاڌي پيتي لاءِ اڳ ۾ ئي چڱو انتظام ڪري ڇڏيو هو؛ تنهنڪري انهن کي وقت تي کائڻ لاءِ گاهه ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ملندو رهيو. پر آزاد گهوڙو اچي حيران ٿيو. هن کي نه کاڌو ٿي مليو ۽ نه پاڻي. هو کاڌي جي ڳولا ۾ پري پري تائين ڊوڙيو پر سڀ اجايو. نيٺ گهوڙو هڪ اهڙي هنڌ پهتو جتي رڳو خوني جانور رهندا هئا ۽ جيڪي شڪار جي ڳولا ۾ پيا ڦرندا هئا، هڪڙي ڀيري چانڊوڪي رات هئي. گهوڙي ڏٺو ته ڪا ڪاري ڪاري شيءِ سندس پٺيان وڌندي اچي. جڏهن اُن کي غور سان ڏٺو ته خبر پيس ته اهو هڪ خوني بگهڙ هو جيڪو کيس کائڻ لاءِ پئي آيو. اهو ڏسي گهوڙو وٺي هڪ طرف ڀڳو. پر بکيو بگهڙ ته ان کان به وڌيڪ تکو هو، سو ڊوڙي ڊوڙي ٽپ ڏئي، گهوڙي جي پُٺن تي چڙهي ويو ۽ نڙگهٽ ۾ اچي چڪ هنيائينس. پر گهوڙي زور سان پاڻ ڌونڌاڙي بگهڙ کي هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ پُستيون هڻندو وٺي ڀڳو. ڀڄندي ڀڄندي، هن بگهڙ کان ته پنهنجي جان ڇڏائي پر نڙگهٽ ۾ ڦٽ ٿي پيس، جنهن ۾ ڏاڍو سور هئس. پر گهوڙي شڪر ڪيو ته جان بچي ۽ سوچڻ لڳو ته گهڻي وقت تائين جيئرو رهي نه سگهندس؛ ڇاڪاڻ ته هن کي پڪ هئي ته جهنگ جا ٻيا خوني جانور کيس جيئرو نه ڇڏيندا.

گهوڙي وري سوچيو ته ’جنهن عذاب ۾ هينئر آءٌ آهيان، اهڙو ڪڏهن به مون نه ڏٺو. هَني، زِين، رَسي ۽ مالڪ جي چنگ به اهڙي تڪليف نه پهچائي! بگهڙ جي ڏندن منهنجو ماس ڦٽي وڌو آهي ۽ هاڻي سواءِ مالڪ جي خيمي جي مون کي ڪٿي به پناهه ملي نه سگهندي. هن وٽ آءٌ ڪيترو نه سکيو ۽ آسودو هئس. نه ڪڏهن بکيو رهندو هئس نه پياسو. مالڪ جي سواريءَ به مون کي ايترو نه ٿڪايو جيترو اڄ ٿڪل آهيان. هاڻي مالڪ وٽ ئي هلڻ گهرجي.“

ڇوڪري پيءُ کان پڇيو، بابا! پوءِ اهو گهوڙو پنهنجي مالڪ وٽ ويو؟

پيءُ جواب ڏنو ته ”پٽ! آءٌ اتي ته نه هئس جو توکي ٻڌائي سگهان ته اهو گهوڙو مالڪ وٽ موٽي آيو؛ پر اسان کي سمجهڻ کپي ته گهوڙو مالڪ وٽ موٽي آيو هوندو ۽ اهو به سمجهڻ کپي ته مالڪ ان کي معافي ڏئي، پنهنجي خيمي ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڏني هوندي.“

 

پوڙهو ۽ مڪتب

يوڪرين جي آکاڻي

 

هڪڙي شخص کي چار پٽ هئا. جڏهن هو پوڙهو ٿيو، تڏهن هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي سڄي دولت پنهنجن پُٽن ۾ ورهائي ڇڏي. هن سوچيو، ”هاڻي مون کي هن دولت جي ڪهڙي ضرورت، باقي ٿورا ڏينهن حياتي آهي، اها پنهنجن پُٽن وٽ رهي پوري ڪندس.“ اهو خيال ڪري، هو پهرين پنهنجي وڏي پٽ جي گهر ويو ۽ اتي رهڻ لڳو. پهرين پهرين ته وڏي پٽ هن جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ چيائين ته ”اوهان جي خدمت ڪرڻ ته منهنجو فرض آهي.“ پر ٿورن ڏينهن ۾ ئي هو پيءُ کان بيزار ٿي پيو. هن پيءُ جو ادب ڪرڻ به ڇڏي ڏنو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پيءُ کي ڇڙٻون به ڏيڻ لڳو. هاڻي پوڙهي کي نه وقت تي کاڌو ملندو هو ۽ نه ڪپڙو لٽو.

نيٺ پوڙهو پنهنجي وڏي پٽ جي سلوڪ مان بيزار ٿي پيو ۽ ٻئي پٽ ڏانهن ويو. اتي به پهرين، ٻه ٽي ڏينهن سک ۽ آرام سان رهيو، پر اهو پٽ به اچي ڪڪ ٿيو. هن جي زال به پوڙهي سان بي ادبي ڪرڻ لڳي ۽ چوندي هيس ته .اسان جي ته پنهنجي پورت نٿي ٿئي، مٿان تو اچي بيزار ڪيو آهي.“ ويچارو پوڙهو اهي ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيو، سو ٽئين پٽ وٽ وڃي رهڻ لڳو. پر اتي به ٿورن ڏينهن جي آرام کان پوءِ ساڳي تڪليف. لاچار پنهنجي ننڍي پٽ وٽ ويو، پر اتي به ٿورن ڏينهن کان پوءِ ساڳيو سلوڪ ٿيس. جنهن ڪري اتان به بيزار ٿي نڪتو. مطلب ته چئن ئي پٽن پيءُ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان لهرايو. ڪنهن چيو ٿي ته منهنجا هيترا ٻار آهن، توکي پاڻ وٽ ڪيئن رهايان، ڪنهن چيو ته منهنجو گهر تمام ننڍو آهي ۽ ڪنهن وري هيءُ بهانو ڪيو ته آءٌ ڏاڍو غريب آهيان.

پوڙهي چئن ئي پٽن جي ڏاڍي خوشامد ڪئي، انهن کي روئي چيو ته ”آءٌ اوهان جو پيءُ آهيان، منهنجي حال تي رحم کائو.“ پر ڪنهن به پرواهه نه ڪئي.

هڪڙي ڏينهن چار ئي پٽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا ته پوڙهي کي مڪتب ۾ موڪلجي. هو صبح جو مڪتب ۾ ويندو ۽ شام جو واپس موٽندو. ٿورو کاڌو ڏيڻو پوندو سو گڏجي هن کي ڏينداسون. پوڙهي جو اهو ٻڌو سو پٽن کي ليلائڻ لڳو ۽ چيائين: ”مون کي پڙهڻ لکڻ ته اچي ئي ڪونه. آءٌ هينئر ڪراڙو آهيان، مون کي ته ڏسڻ ۾ به ڪجهه نٿو اچي. انهيءَ عمر ۾ آءٌ مڪتب ۾ وڃي ڇا ڪندس! مون کي مهرباني ڪري رهڻ لاءِ ڪا ٿوري جاءِ ڏيو ۽ کائڻ لاءِ ماني ٽڪر. آءٌ هڪ هنڌ پيو هوندس.“

پر پٽن پيءُ جي هڪ به نه ٻُڌي ۽ هن کي زبردستي ڳوٺ کان تمام پري هڪ مڪتب ۾ موڪليو. پوڙهو ويچارو روئندو پئي ويو ته رستي تي هڪڙو امير ماڻهو پنهنجي گاڏيءَ تي مليس، جيڪو پڻ ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. هن پوڙهي کي ڏسي پنهنجي گاڏي بيهاري ۽ پڇڻ لڳس: ”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“

”مڪتب پيو وڃان“ پوڙهي جواب ڏنو.

امير شخص عجب مان پڇيو، ”پريا مڙس، هن عمر ۾ مڪتب ٿو وڃين! توکي ته گهر ۾ ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي.“

پوڙهي کيس پنهنجي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، جنهن تي ان امير شخص چيو: ”پريا مڙس، مڪتب ۾ وڃڻ اجايو آهي. پر تون دل نه لاهه. آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“

هو چئي هن پنهنجي کيسي مان هڪ سهڻي ڳوٿري ڪڍي ۽ ان ۾ ڪا شيءِ وڌي، پوءِ ان ڳوٿريءَ کي هڪ ننڍي پيتي ۾ وجهي، ان کي چڱيءَ طرح بند ڪيو ۽ پوڙهي کي ڏيندي، هن جي ڪن ۾ ڪجهه آهستي چيائين. پوڙهو صندوق وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي ڳوٺ واپس وريو.

پٽن جو ڏٺو ته پيءُ ڪڇ ۾ صندوق لڪايو واپس پيو اچي، سو هنن کي پڪ ٿي ته ان ۾ ڪا دولت هوندي؛ تنهنڪري هنن پوڙهي کان اهو نه پڇيو ته تون مڪتب ڇو نه وئين، پر هن جي خدمت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. پوڙهي جو هرڪو پٽ هن کي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ چوڻ لڳو. هنن پيءُ کي سٺا سٺا کاڌا کارايا. کائڻ پيئڻ کان پوءِ پوڙهي پٽن کي چيو ته، ”منهنجا ٻچا! مون پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ ٿوري دولت ميڙي هڪڙي جهنگ ۾ پوري ڇڏي هئي. انهيءَ دولت جو دل تان خيال ئي لهي ويو هوم. اڄ جو ان طرف کان لنگهيس ته اوچتو ياد آيم. زمين کوٽيم ته صندوق جيئن جو تيئن ملي. هاڻي جيستائين آءٌ جيئرو آهيان، هيءَ صندوق بند رهندي. منهنجي مرڻ کان پوءِ ان کي کولجو. اوهان مان جيڪو منهنجي گهڻي خدمت ڪندو ۽ پيريءَ ۾ آرام ڏيندو، ان کي ئي هن دولت جو حصو ملندو.“

اها ڳالهه پوڙهي جي جڏهن پُٽن ٻڌي ته پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ۽ هرڪو چوڻ لڳو ته ”بابا کي آءٌ پاڻ وٽ رهائيندس.“ انهيءَ کان پوءِ پوڙهو جنهن به پٽ وٽ ٿي ويو، هن جي ڏاڍي خاطري ٿيڻ لڳي. هر ڪو هن جي کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو خيال ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح هاڻي پوڙهو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳو. گهڻائي ڏينهن ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن ويٺي ويٺي، پوڙهو مري ويو. چئن ئي پٽن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هنن گڏجي پيءُ کي وڏي شان مان سان دفنايو. هنن پوڙهي جي فاتح خواني به ڪرائي ۽ غريبن کي خيرات ڏني. انهن سڀني ڪمن کان واندو ٿي، چئن ئي پٽن پيءُ جي صندوق کولي.

پر صندوق کولڻ کان پهرين چئني ڀائرن ۾ جهيڙو ٿيڻ لڳو. هرهڪ اهو ئي پئي چيو ته ’مون بابا جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي؛ تنهنڪري گهڻي ۾ گهڻو حصو مون کي ملڻ گهرجي‘. نيٺ فيصلو ٿيو ته چار ئي پٽ هڪجيترو حصو کڻندا. اهو فيصلو ڪري هنن صندوق کولي ته ان مان هڪ سهڻي ريشمي ڳوٿري نڪتي، جنهن جو منهن ٻڌل هو. ڳوٿريءَ مان ڇڻ ڇڻ جا آواز به پئي آيا. چئني ڀائرن تڙ تڪڙ ۾ ڳوٿريءَ جو منهن کوليو ۽ ان کي فرش تي اونڌو ڪيو. پر ڇا ڏسن ته ڳوٿريءَ مان شيشي جا ننڍڙا ٽڪرا ڪري فرش تي پئي چمڪيا. هنن-

جو اهي ڏٺا، سو اهڙو ته اچي ڪاوڙيا جو هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ لڳي ويا. ڏاڍو هُل ٿيو ۽ سڄو ڳوٺ مِڙي آيو. ماڻهو هنن کي وڙهندو ڏسي کلڻ لڳا ۽ هنن کي چوڻ لڳا ته ”ميان، ڏٺوَ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي عقلمندي! اوهان ته هن کي مڪتب ۾ ٿي اُماڻيو، پر ڏسو ته هن اوهان کي ڪهڙو نه مزيدار سبق سيکاريو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com