مترجم طرفان ٻه اکر
هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ٻارڙن لاءِ ڪل ڇويهه ننڍڙيون
آکاڻيون آهن. اهي آکاڻيون دنيا جي جدا جدا ملڪن
جون آهن، جيڪي انهن ملڪن جي شروعاتي حرفن سان الف-
بي وار ترتيب سان ڏنل آهن. يعني، پهرين آکاڻي
آسٽريليا ملڪ جي آهي، ٻي آکاڻي اڪوئڊور جي، ٽين
آکاڻي انڊونيشيا جي ۽ اهڙيءَ طرح پوءِ ب حرف سان
شروع ٿيندڙ ملڪ جي، پ حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي ۽
آخر ۾ ي حرف سان شروع ٿيندڙ ملڪ جي آکاڻي آهي.
اهي آکاڻيون پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ايترو ته مشهور
آهن، جو انهن جا دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجما
ٿي چڪا آهن. هونءَ ته اهڙي قسم جون آکاڻيون جيڪڏهن
گڏ ڪجن ته لکن جي تعداد ۾ ٿين. رڳو اسان جي ملڪ
پاڪستان ۾ ٻارڙن لاءِ هزارين آکاڻيون آهن. پر هن
ڪتاب ۾ رڳو ٻاهرين ملڪن جون آکاڻيون گڏ ڪيون ويون
آهن. انهن آکاڻين جي چونڊ ڪرڻ وقت منهنجي اڳيان به
ڳالهيون هيون هڪ ته اهي اهڙيون آکاڻيون هجن، جيڪي
خاص ڪري ٻارڙن جي وندر لاءِ لکيون ويون هجن ۽ ٻيو
ته وندر سان گڏوگڏ انهن ۾ ڪا نصيحت، ڪو سبق به
هجي. ڇاڪاڻ ته مقصد کان سواءِ هر ڪا ڳالهه، هر ڪو
ڪم اجايو ۽ بيڪار آهي. اهڙيءَ ريت اوهان ڏسندؤ ته
انهن آکاڻين ۾ وندر سان گڏوگڏ نصيحت به آهي. البت
هر هڪ آکاڻيءَ جو موضوع جدا جدا آهي يا هڪ ئي
موضوع تي اوهان کي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ آکاڻيون ملي
وينديون. جيتوڻيڪ منجهن ڳالهه جدا جدا آهي. مثال
طور ’ارڙ نانگ‘، ’جهنگلي هرڻ‘ ۽ ’باندر، ڪڇون ۽
وڻ‘ جو موضوع ’چالاڪي ۽ حرفت‘ آهي، ’پنج آنا‘،
’چُرندڙ سُئي‘، ’ناسپاتيءَ جو وڻ‘، ’اڻٿيڻي‘،
’بغداد جو خليفو‘ ۽ ’چاچا ڪويوٽي‘ آکاڻين جو موضوع
’وندر ۽ ڀوڳ‘ آهي، ’هرڻ ۽ واگهه‘ ۽ ’بهادر ڪنڀار‘
آکاڻين جو موضوع ’اڻڄاڻائي ۽ بيوقوفي‘ آهي،
’بادشاهه ۽ پادري‘، ’چار نوجوان‘، ’بادشاهه ۽
هاري‘ ۽ ’ڍڳيءَ جي زبان‘ آکاڻين جو موضوع ’عقلمندي
۽ حاضر جوابي‘ آگهي، ’پٿر جو شوروو‘ جو موضوع
’ڳوٺاڻن جي سادگي ۽ شهرين جي حرفت‘ آهي، ’بادشاهه
جي نصيحت‘ جو موضوع ٻُڌي ۽ ڦوٽ آهي، ’جادوءَ جو
تعويذ‘ آکاڻي جو موضوع ’سچي خوشي‘ آهي، ’نانگ ۽
خواب‘ جو موضوع ’بي ايماني ۽ ايمانداري‘ آهي،
’سپاهي ۽ جن‘ جو موضوع ’اٽڪل ۽ بهادري‘ آهي، ’ماني
۽ لوڻ‘ جو موضوع ’بغض ۽ حسد‘ آهي، ’هاري ۽ سوار‘
جو موضوع ’غرور ۽ تڪبر‘ آهي، ’تيسر زال‘ جو موضوع
’ضد ۽ تيسو‘ آهي، ’آزاد گهوڙو‘ جو موضوع
’بيپرواهي‘ آهي ۽ آخري آکاڻي ’پوڙهو ۽ مڪتب‘ جو
موضوع ’لالچ‘ آهي.
جيڪڏهن ڳالهين جي خيال کان ڏٺو وڃي ته اهي آکاڻيون
پراڻي جڳ جون ٿيون ڏسجن، پر انهن جا موضوع اڄ به
نوان نڪور آهن، ڇا لاءِ ته اڄ به جتي ڪٿي ماڻهن ۾
اهي خاميون ۽ خوبيون موجود آهن. تعليم جو هڪ مقصد
هيءَ به آهي ته ان جي ذريعي انسان پنهنجين خامين
کي ختم ڪري ٿو ۽ پنهنجين خوبين کي وڌيڪ جرڪائي ٿو؛
تنهن ڪري هنن آکاڻين جي پڙهڻ سان نه رڳو ٻارن کي
وندر ملندي پر سندن تعليم به زياده ٿيندي.
آءٌ پنهنجن ننڍڙن ڀائرن ۽ ننڍڙين ڀينرن کي عرض
ڪندس ته هن ڪتاب جون آکاڻيون مهرباني ڪري نه رڳو
اوهين پڙهو پر پاڻ کان ننڍڙن ٻارڙن کي به پڙهي
ٻڌايو، ڇاڪاڻ ته اوهان جو ذهن تازو توانو آهي ۽
ننڍيءَ عمر ۾ اوهين جيڪي به پڙهندؤ اهو ساري عمر
اوهان کي ياد رهندو. مون کي پڪ آهي ته هنن آکاڻين
پڙهڻ کان پوءِ اوهين وڌيڪ سياڻا ۽ عقلمند ٿيندؤ،
ڇو جوفارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”توانا بود هر که دانا بود“
يعني جيڪو سياڻو ۽ عقلمند هوندو، اهو وڌيڪ طاقتور
۽ سگهارو هوندو.
مراد علي مرزا
1977-2-22
حيدرآباد سنڌ.
|