سڄي ڳوٺ لاءِ سندس هستي اَسهيه ٿي ويئي آهي، اِئين
مخالف شاهدن جي شاهديءَ مان لڳي ٿو. هن کان اَڳ هن
گهڻن ئي کي بنا ڪنهن سبب، هلاڪ ڪيو آهي، پر هڪ
دفعو به پوليس کيس پڪڙي ڪانه سگهي آهي، اِها عجيب
ڳالهه آهي، هوُ ٻار کي پهرين ئي ماري، سمنڊ جي
ڪناري تي ڦٽي ڪرڻ لاءِ ويو هئو. ملزم جي وڪيل جو
چوڻ آهي ته هوُ اِهو ڪم ڏينهن ڏٺي جو نه ڪري ها،
پر ملزم جو بي ڊپو سڀاءُ ڌيان ۾ رکبو ته هن جو،
مئل ٻار کڻي سمنڊ ڪناري ڦٽي ڪرڻ لاءِ اَچڻ سڀاويڪ
ٿو لڳي، اِهي سڀ ڳالهيون ڌيان ۾ رکي، مان ملزم کي
ڏهه سال شهر نيڪاليءَ جي سزا ٿو ڏيان.“
اهڙو فيصلو ٻڌي، گستاو جي من ۾ آنڌ مانڌ مچي ويئي.
خود بي ڏوهي هوندي به، کيس ههڙي سزا ڇو ڀوڳڻي ٿي
پوي، اِهو سوال سندس من ۾ اُٿيو، پر اَڳيان سوين
ڪرتوت اَکين آڏو ايندي ئي، سندس دل پگهرجي پيئي.
کيس هڪدم پڇتاءُ ٿيو. سندس سڀاءُ ۾ غضب جو ڦيرو
آيو. سندس دل ڀرجي آئي، اَکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳس،
هوُ اُٿي بيٺو ۽ منصف ڏانهن ڏسندي چيائينِ.
- مان توهان جي ڏنل سزا ڀوڳيندس، مون کي رڳو ايترو
چوڻو آهي ته مون هيل تائين ٻه چار خون ڪيا، اَٺ
ڏهه ڌاڙا هنيم، ڪن عورتن جو ست لٽيم، پر اِهو ٻار
مون ڪونه ماريو، پر ڪنهن به اِنصاف ڪندڙ، مون کي
اِنصاف ڪونه ڏنو، پر اِن ٻال - هتيا جي بهاني سان،
هن سڀني کان وڏي ’جج‘ مون کي هيءَ سزا ڏني آهي.
- ۽ پنهنجو چهرو مٿي ڪري چيائين، ”تون جج ناهين“ ۽
هٿ سان آسمان ڏانهن اِشارو ڪندي چيائين، ”سچو منصف
ته هوُ آهي!“
8
رگهو وير سامنت
وڪٽوريا وارو
(هڪ خاڪو)
”هل، پٽ!“ هٿ ۾ جهليل لغام، گهوڙي جي پٺ تي آهستي
هڻندي، يعقوب چيو، اَهڙو اِشارو، اُن گهوڙي کي
هميشه جي عادت سبب ڪافي ٿيندو هئو. هو ڌيري ڌيري
ڊڪڻ لڳو، گڙ گڙ ڪري ڦرندڙ ڦيٿن جو اَڻ چٽو آواز،
گهوڙي جي پيرن جي ٽاپ ٽاپ جي آواز ۾ ٻڌڻ نه پئي
آيو. وچ وچ ۾ گهوڙي جي هڻڪار، اَڳيان لڳل تختيءَ
سان لڳندڙ، چهبڪ جي لٺ جي ’کٽ کٽ‘ جي آواز کي ڇڏي،
هيتري اَسر جو، اُن گوشائتي گليءَ ۾ ٻيو ڪوبه آواز
ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. ”پٽ، اسٽيشن هاڻ بلڪل ويجهي
آهي!“ ڄڻ اُن گهوڙي کي سندس ٻولي سمجهه ۾ آئي پئي،
اِهو گفتو سمجهيو اَٿائين، اِئين گهوڙي به اُن وقت
هڻڪاريو. ڪافي دير هلڻ کانپوءِ آخر اسٽيشن آئي. هن
هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، گاڏي هڪ هنڌ بيهاري، اُن وقت
اُتي ڪو پوليس وارو ڪونه هئو. اِنڪري کيس ڪٿي به
دقت ڪانه ٿي، جي ڏينهن هجي ها ته ”اَي... وڪٽوريا!
اِڌر نهين کڙا ڪرنا! چلو هڪالو!“ اَهڙي نموني جي
پوليس جي لفظن اَڳيان، ڏنڊ جي ڊپ وچان، جهڪڻو ئي
پويس ها.
صبح جو پوڻي پنجين بجي، هڪ دور کان ريل گاڏي اَچڻي
هئي. اُن وقت ڀاڙو ملندو، اِها اُميد هئس! اَڃا
گاڏيءَ اَچڻ ۾ منو ڪلاڪ کن هئو. اِنڪري لغام کي
ڍلو ڇڏي، چهبڪ هٿ ۾ کڻي، هو پنهنجي جڳهه تي ويٺو
ئي رهيو. ويٺي ويٺي ئي کيس جهوٽو اَچي ويو. سندس
مٿو اَڳيان ۽ هن هن پاسي جهڪڻ لڳو.
سندس مالڪ سمهي پيو آهي، ڄڻ اِهو ڏسي ئي گهوڙو به
بيٺي بيٺي اَکيون بند ڪري جهوٽا کائڻ لڳو.
”ٺن، ٺن ٺن ٺن“ ٻي ڪنهن گاڏيءَ جي چرپر جو اِطلاع
ڏيندڙ آواز سندس ستل ڪنن ۾ گهڙيو. هو ڇرڪ ڀري
جاڳيو، گهوڙي به هڻڪيو، اَڃا گاڏيءَ ۾ ڏهه -
پندرهن منٽ هئا. هو هيٺ لهي، گاڏيءَ جو اون وچان
اِنتظار ڪرڻ لڳو.
”ڇوُ ڇوُ“ آواز ڪندي، گاڏي اسٽيشن تي آئي. مسافر
ڦڙتائيءَ سان گاڏيءَ مان لهڻ لڳا، حمالن جي اَچ وڃ
شروع ٿي ويئي. هر هڪ حمال پنهنجي ”سيٺ“ سان گڏ
ٻاهر اَچي رهيو هئو. ”وڪٽوريا، صاحب!“ يعقوب پڇڻ
لڳو، هن جي اَندر ۾ اُڻ تڻ هئي. ڀاڙو ملندو يا نه؟
جي ملندو ته پري جو يا اوريان جو؟ پر سؤدو ڄمندو؟
هڪ پٺيان ٻيو سوال، سندس من ۾ پيدا ٿي رهيو هئو.
هو چهبڪ جو ڇيڙو مٿي ڪري، هر مسافر ڏانهن ڏسندي،
اَدب سان ”سيٺ!“ چئي رهيو هئو. وقت تي ڪير سندس
”سيٺ“ ٿيندو اِهو ٻڌائي نه پئي سگهيو، اِنڪري هر
ڪنهن کي خوش ڪري رهيو هئو. صاحب لوڪ گهڻو ڪري
موٽرن ۾ ويندا هئا. هنن جو آسرو رکڻ، هن لاءِ فضول
هئو. مڪاني صاحبن تي ئي سندس آڌار هئو. هن ڪيترن
ئي ماڻهن کان پڇيو، پر کيس ڪوبه گراهڪ مليو ڪونه.
ٻين پري کان ايندڙ گاڏي، ڇهين بجي اَچڻي هئي. اُن
جي اَچڻ ۾ اَڃا ڪافي دير هئي. کيس ڏاڍي ننڊ اَچڻ
لڳي. اِنڪري اَندر گاديءَ تي هٿ پير ڦهلائي، لت
کوڙي سمهي پيو. هو ڪيتري دير سمهيو پيو هئو، اِنجي
کيس سمڪ ڪانه پيئي؛ پر جڏهين سجاڳ ٿيو، تڏهين ڪوئي
کيس ڌنڌاڙي رهيو هئو. ”اي وڪٽوريا!“۽ اُن سان
گڏوگڏ ڪنن جا پردا ڦاڙيندڙ، ڪنهن مال - گاڏيءَ جي
اِنجڻ جي ڪوُڪ - هن جي ڪنن ئي پئي،هو هڪدم اُٿي
ويٺو.
”ڪولابا آتاهئه ڪيا؟“ هن جي سامهون بيٺل ماڻهوءَ،
جنهن کي بوٽ - پئنٽ پيل هئا، چيو.
”هان هان صاحب!“ کيس ڀاڙو ملڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي.
”ڪيا لوگي؟ ايڪ بات بولو!“
”ڏيڍ روپيا، صاحب!“ ماڻهن جي عادت جي خبر هئڻ ڪري،
هن پيسا ٿورا وڌيڪ ٻڌايا.
جيئن هن سوچيو هئو، اُن موجب ريڙهه پيڙهه کانپوءِ
14 آنن جو ڀاڙو فيصل ٿيو. سوچيائين، ٺيڪ آهي. ٻهڻي
ته ٿي! حمال سامان رکيو. گهوڙو هلڻ لڳو. يعقوب
ٻيڙي دکائي. اُن جي دونهين جا ڦوهارا ڇڏيندي، هو
وچ وچ ۾ گهڙي کي ٻچڪاري رهيو هئو. هو لڳاتار سوچي
رهيو هئو. اِن هوندي به ڪل جيان، هو هر موڙ ۽
چوراهي تي، گاڏي سنڀالي هلائي رهيو هئو. پٺيان
ٽرام آئي ٿي ته اُن جي ”کڙکڙ“ ٻڌي، پٽن تي پري ٿيو
پئي، موٽر کي رستو ڏنائين پئي - وغيره سڀ ڪم
پنهنجو پاڻيهي پئي ٿيا. هن کي هميسه جيان اَنداز
کان ٿورو وڌيڪ مفاصلو ۽ 4 - 5 گليون وڌيڪ گهمڻيون
پيون. مڙيئي چوڏهن اَنا چڪتو ٿيا.
واپس ايندي وقت، هن ٿوري دير ڀاڙي ملڻ جو اِنتظار
ڪيو، پر ڪجهه ڪونه وريو. ان عرصي ۾ هن گهوڙي جو
گاهه سان ۽ پنهنجو پيٽ چانهه سان ڀريو. چانهه سان
کيس ذرا آنند اَچي ويو. گهوڙي کي ٿپڪيون هڻي، هن
جي بدن تي ٿوري دير مالش ڪري، وري لغام هٿ ۾
کنيائين. گهوڙو هلڻ لڳو.
هاڻ سج مٿي اَچي چڪو هئو، جتي ڪٿي ماڻهن جو تڙ تڪڙ
۾ اَچڻ وڃڻ شروع ٿي ويو هئو. ٽرام جي ’کڙکڙ‘ ۽ تار
تي گسڪندڙ بجليءَ جي لٺ جو ”سرسر‘ جو عجيب آواز،
موٽرن جي ”پوَن پوَن“ ۽ بجليءَ جي تارن مان نڪرندڙ
آواز وغيره سان، شهر جي جاڳڻ جون مڙيئي نشانيون
ڏسڻ ۾ پئي آيون. يعقوب، گهوڙي جي لغام کي ذرا
ڇڪي، پنهنجيءَ دل جو حال، گهوڙي کي تار جي ڪل
جيان پهچائي رهيو هئو. هو وري بوري بندر نزديڪ
آيو.
کيس ۽ گهوڙي کي ٿورو وسرام ملي ويو، پر هو ساهي
پٽڻ لاءِ اُتي بيٺو ڪونه هئو، کيس هڪ اَڌ نئون
ڀاڙو ملڻ ئي کپندو هئو، نوَ لڳي ويا هئا. ساڍي
نوين جي گاڏيءَ مان ڪو ’پئسينجر‘ ملي ٿو ڇا، اِن
آس ۾ هو ڪجهه دير اُتي ترسيو.
گاڏي آئي. ماڻهو ٻاهر نڪرڻ لڳا. هن ڪيترن کان پڇي
ڏٺو، پر ڪوبه ’سيٺ‘ ڪونه مليس. هاڻ هن ڪنهنجي
پرواهه ڪانه ٿي ڪئي. هو ذرا ڪاوڙيو به هئو. هيل
تائين هر هڪ ’سيٺ‘ کي، متان پنهنجيءَ وڪٽوريا ۾
اَچي، اِن اُميد وچان اَدب سان سوال پڇندڙ يعقوب
”ڪيئن پانڊو ڪاڪا؟ هلندو؟“ کلندي کلندي هڪ ڇوڪراٽ
جي مسخري ڪرڻ جي مراد سان پڇيائين. هن سوچيو،
”هيءُ ڇا ايندو!“ پر وري کيس خيال آيو ته هو سچ پچ
سندس وڪٽوريا ۾ آيو ته؟ اِنڪري وڌيڪ ڪجهه به ڪونه
چيائين. هو اَڳيان وڌي ويو. هن مان نراس ٿيڻ تي،
يعقوب ڪجهه پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو هجي ۽ ڪجهه
اُن شخص کي ٻڌڻ ۾ اَچي، اِن خيال کان، ”پيسا ڪونهن
ڇا، کيسي ۾؟“ چئي کليو. ”ڪيئن نه مسخري ڪئي
مانس؟“ اِهو سوچي کيس مزو اَچي ويو. پر اُهو ٿورو
وقت ئي، ان مان کيس ڪهڙو فائدو؟ وري هو پنهنجي
باري ۾ سوچڻ لڳو.
اُتي بيهڻ سان کيس ڀاڙو ملڻ وارو ڪونه هئو، پري،
ٽرام - اسٽئنڊ وٽ کيس ڪافي گردي نظر آئي. هن
پنهنجو مورچو اُن طرف ڦيريو. چهبوڪ مٿي جهلي، ”سيٺ
صاحب، گاڏي؟“ زور زور سان چئي ۽ اِشارا ڪري رهيو
هئو. هردفعي ماڻهو چستيءَ وچان ٽرام ۾ چڙهي رهيا
هئا. پهرين دروازو بند ڏسبو هئو، پر پوءِ ڪي ماڻهو
در کولي، اَندر گهڙڻ جي ڪوشس ڪرڻ لڳا ٿي. ايتري ۾
ڪنڊڪٽر پٺيان اَچي، ”جگا نهين... پڇلي گاڙي سي
آئو!“ واڪا ڪري چوڻ لڳو. ويچارا هيٺ لٿا پئي. نراس
ٿي ٻين ٽرام جو اِنتظار ٿي ڪيائون. يعقوب لاءِ
اِهوئي سهڻو وجهه هوندو هئو. هو ڪنهن پڳڙي پيل،
’ڦيٽي‘ واري کي ڳولي، کيس ’سيٺ‘ چيائين پئي. کيس
به وڪٽوريا ۾ وڃڻ جو ويچار آيو پئي. پر هڪ آني ۽
وڪٽوريا جي ڀاڙي وچ ۾ چڱو فرق هئڻ ڪري، اُهو گهٽ
ڪرڻ لاءِ اُن ماڻهوءَ جي ڪوشش ڪري، سؤدو پڪو ڪونه
ٿيو ٿي. اِئين ٻه ٽي دفعا ٿيندي، هڪدم تمام گهڻيون
خالي ٽرامون هڪ ٻئي پٺيان اَچڻ لڳيون. هڪ ٻن ٽرامن
۾ گردي صاف ٿي ويئي. ويچارو يعقوب گهوڙي گاڏيءَ
سميت، ٽرام کي دل ئي دل ۾ گاريون ڏيندي، اُتي ئي
بيٺو رهيو. يارهن لڳي ويا. صبح جو ٿيل ٻهڻي
کانپوءِ اَڃا کيس ڪوبه ڀاڙو مليو ڪونه هئو. کيس
ڪجهه به نٿي سجهيو. هن لغام هٿ ۾ جهليو. گهوڙو
’ٽاپ ٽاپ‘ ڪري هلڻ لڳو. رستي ۾ هڪ مسلماني هوٽل
آئي. ”اي ... هڪ چانهه آڻ!“ هن لغام ڇڪي، هوٽل جي
ڇوڪري کي چيو. چانهه جو ڪپ وات سان لڳائي، هيڏانهن
هوڏانهن ڏسڻ لڳو. پاسي ۾ هڪ شخص، هٿ ۾ بئگ کڻي
بيٺو هئو. هن تڙ تڪڙ ۾ چانهه نڙيءَ مان لنگهائي،
ڇوڪري جي هٿ ۾ هڪ آنو رکي، اُميد وچان اُن شخص
ڏانهن ڊوڙيو. ”سيٺ! گاڏيءَ کپي؟“ اَڙي، نه!“ سيٺ
پنهنجن ئي خيالن ۾ هئڻ ڪري مٿس ڏمرجي چيو. هو
بلڪل نراس ٿي ويو. هاڻ هن وٽ، صبح جو مليل چوڏهن
آنن مان يارهن آنا ئي باقي بچيا هئا. ٻه آنا چانهه
تي، هڪ پيسو ٻيڙيءَ تي ۽ ٽي پيسا پان تي خرچ ڪيا
هئائين. اُنهن يارهن آنن مان سندس، گهوڙي جو، زال
جو ۽ ٻن ٻارن جو ڇا ٿي ڇا ٿيندو؟ اَڃا کيس هڪ نئون
ڀاڙو ته ملڻ گهربو هئو.
کيس گهڻو ڪجهه گهربو هئو. پر اُهو سڀ ملندس ڪيئن؟
ساڍا ٻارهن وڄي ويا. کيس بک لڳڻ شروع ٿي. هن هاڻ
پنهنجي گهر ڏانهن گاڏيءَ جو رخ ڪيو. ويندي ويندي،
گهوڙي لاءِ چئين آني جو داڻو وٺڻ ڪونه وسريو. گهر
۾، حميدا گهوٽ جي واٽ نهاري رهي هئي.
هن پنهنجي ميري ڳاڙهي ٽوپي لاٿي، خاڪي ڪوٽ پگهر ۾
ڪافي ڀڄي چڪو هئو. وچ وچ مان، ڦاٽل هنڌن تان، پگهر
سان آلو ٿيل سندس ڪارو بدن نظر پئي آيو. پئنٽ
لاهي، هن آڏين اُڀين پٽين واري گوڏي ٻڌي. نل هيٺ
ويهي سنان ڪري گهر آيو. اَڄ شڪر وار هئو. هو مسجد
۾ وڃي، نماز پڙهي آيو. ٻار ٻاهر راند ڪري رهيا
هئا. گهوڙي کي پاڻي پيئاري، کيس داڻو ۽ گاهه ڏيئي،
هو روٽي کائڻ ويٺو ساڻ ساڻ ٻارن کي به ويهاريائين.
سامهون رکيل سادي سوُدي روٽي خلاص ڪيائين. اُن بعد
ٿوري دير آرام ڪيائين.
اَڍائي ٽي لڳڻ تي، بچيل ست آنا، زال جي حوالي ڪري،
هن ڪپڙا پاتا. گهوڙي کي ٻاهر ڪڍي، کيس سنج وغيره
پاتائين. گاڏي جوٽي، ٿورو گاهه هيٺ رکيل سڻيءَ جي
ڳوٿريءَ ۾ ٺوُنسيائين. لغام هٿ ۾ جهلي، گهوڙي
گاڏيءَ سميت وري ٻاهر نڪتو. اِئين ڏسجي ته گهوڙو
سدائين هن جي ويجهو رهندڙ دوست ئي هئو.
هاڻ شام ٿي چڪي هئي. ڀاڙن ملڻ جا هنڌ، وقت مطابق
بدلجڻ ڪري، هوُ هڪ وڏي سئنيما گهر سامهون وڃي
بيٺو. هن ڪافي دير اِنتظار ڪيو. ست وڳا هئا. هاڻ
ٿوري ئي دير ۾ سئنيما ڇٽڻ وارو هئو، اِنڪري
اُتساهه ڀريل دل سان واٽ نهاري رهيو هئو.
خير. آخر سئنيما ڇٽو. هڪ سيٺ وڌي اَڳيان آيو. ها،
نه ڪندي اَٺين آني جو ڀاڙو مليس. هن گاڏي اوڏانهن
هڪلڻ شروع ڪئي.
آڪاس ۾ بادل مڙي آيا هئا. وچ وچ ۾ چمڪندڙ وڄ،
بجليءَ جي بتين کي شرمائي رهي هئي. ٿوري ئي دير ۾
برسات پوڻ جا آثار نظر اَچڻ لڳا. يعقوب ڏاڍو خوش
ٿيو، سندس دماغ ۾ به هڪ خوش خيال وڄ جيان چمڪي
اُٿيو. آڪاس جي ڪڪرن جيان، هن جي اَندر ۾ به ڪڙڪاٽ
ٿي رهيا هئا.
ٿوري ئي دير ۾ زور سان برسات پوڻ لڳي. ڪيترائي بنا
ڇٽين هلندڙ ماڻهو پريشان ٿي پيا. يعقوب سوچيو سٺو
موقعو مليو آهي. هن سونهري وَجهه جو ئي ڪيتري دير
کان اِنتظار ڪري رهيو هئو. مٿان وري، ٽرام جون
تارون به بگڙجي پيون، کيس تمام گهڻي خوشي ٿي. هاڻ
کيس ڀاڙا ملڻ ئي وارا هئا؛ پر ماڻهو هاڻ ريڙهه
پيڙهه ڪري نه سگهندا. هو جيڪو ڀاڙو چوندو اُهو کين
ڏيڻو پوندو. هاڻ هن کان وڌيڪ ماڻهن کي ئي سندس
ضرورت هئي.
ڇٽي سنڀاليندي هڪ پڳڙيءَ وارو شخص اَڳيان آيو.
”پريل هلندين؟“
”ها صاحب! ٻه روپيا لڳندا.“
”نه ڏيڍ روپيو ڏيندوسانءِ.“
”نه، نه، پاڻ هڪ ئي ڳالهه ڪريون.“
”ٺيڪ آهي - هل.“
هاڻ کيس ڀاڙو ڪيئن نه جلدي ملي ويو! هن گهوڙي کي
چهبڪ هنيو، وڄون ڪڙڪاٽ ڪري رهيون هيون، هوُ، برسات
۾ ڀڄي ڀت ٿي رهيو هئو، اِنجي کيس خاص پرواهه ڪانه
هئي. هن ڀڄندي ڀڄندي ئي، گاڏيءَ ۾ ويٺل سيٺ کي
سندس گهر پهچايو. سندس هٿ ۾ ٻه روپيا آيا.
هاڻ هوُ شاهوڪار ٿي پيو هئو. هاڻ وَٽس اَڍائي
روپيا هئا. هن جي دماغ ۾ قسمين قسمين جا خيال کيڏي
رهيا هئا. رم جهم رم جهم ڪري ڪرندڙ برسات جي
ڌارائڻ ۾ کيس پريان ڳاڙهيون - سايون بتيون جهڪيون
نظر اَچي رهيون هيون. نوَن ۾ پنج ڏهه منٽ هئا. هن
گهوڙي کي چهبوڪ هنيو. ڊوڙندي ڊوڙندي گهوڙو اُتي ٽن
چئن منٽن ۾ پهچي ويو. دڪان ٿوري ئي دير ۾ بند ٿيڻ
وارو هئو. هو اَندر داخل ٿيو. پيپ ويجهو ويٺل
پارسيءَ کيس گلاس ڀري ڏنو.
پهرين ٻن چئن گلاسن تائين هوُ هوش ۾ هئو. اُن بعد
ڪيترو پيتائين ۽ ڪيترا پئسا خرچ ڪيائين، اِهو کيس
بنهه سمجهه ۾ ڪونه آيو.
دڪان بند ٿيندي ئي، کيس ٻاهر اَچڻو پيو. ڪرندي
جهرندي هوُ پنهنجيءَ جڳهه تي چڙهي ويٺو. لغام هٿ ۾
کڻندي ئي گهوڙو هلڻ لڳو. هن جي چوڌاري دنيا گهمي
رهي هئي. پر هوُ گهوڙي گاڏيءَ کي سنڀالي سڌو وڃي
رهيو هئو. گهوڙو پنهنجو پاڻهي يعقوب کي کڻي وڃي
رهيو هئو.
هن وقت هو پنهنجيءَ دل جو راجا هئو. جتي ڪٿي کيس
خوشي نظر اَچي رهي هئي. آس - نراسائي جو ضابطو اُن
وقت هن لاءِ غائب ٿي چڪو هئو. هو بلڪل بي فڪر هئو.
جڏهين هوش اَچڻو هوندو تڏهين ايندو، پر هوش ۾ اَچڻ
کانپو....؟
9
ڪرشڻائي بائي
وسڪارو
هوُءَ اُن ڪاليج ۾ ماسترياڻي هئي. هندستان ۾ عورتن
جي حصي ۾ آيل ٿورو گهڻو مان، هن جي حصي ۾ آيو هئو.
هوُءَ اٽڪل ستاويهن سالن جي هئي، پر ننڍپڻ کي ڇڏي،
عمر جا سڀ سال، هڪ ئي ڌنڌي ۾ - علم رياضي جي
اَڀياس ۾ - لڳائي ڇڏيائين. هن جي ڪم ڪرڻ جي طاقت،
عجب ۾ وجهندڙ هئي. ڏينهن ۾ تيرهن تيرهن ڪلاڪ
اَڀياس ڪري، هن ايم . اي ۾ فرسٽ ڪلاس حاصل ڪيو
هئو. جنهن حرص ۽ محنت جي زور تي هن پنهنجو وديارٿي
جيون سڦل بڻايو هئو، اُن ئي گڻ جي زور تي، پنهنجو
باقي جيون به سڦل بڻائڻ لاءِ هوءَ مهت - ڪانکي
هئي.
هڪ ننڍي رياست جي هوءَ واحد - بلڪل اَڪيلي، مالڪڻ
هئي. ننڍي هوندي، اُن بنا ماءُ پيءُ جي ٻالڪا کي
ڏسي، ماڻهن کي اون ٿي پوندي هئي؛ پر کيس دنيا جي
ڪنهن به ڳالهه جي لاءِ سوچڻ جي به فرصت ڪانه هئي.
سڄو ڏينهن اَڀياس ۽ ڪلاس، اُن بعد ٻين ماسترن
طرفان سندس قدرشناسي، جنتا وٽان مليل مان، ۽ هم -
ڪلاسين طرفان ڪيل ساراهه - اِنهن ڳالهين جو آزمودو
پرائي، کيس دنيا خسيس لڳندي هئي. تعليم پوري
ڪيائين مس ته کيس ڪاليج ۾ ماسترياڻي جي جڳهه جو
مان مليو، پر اُن مان به ترپت نه ٿي، هن پنهنجي
اَجهل حرص لاءِ هڪ ٻيو به رستو کولي ڇڏيو. هوُءَ
هاڻ، علم رياضيءَ تي مراٺيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکي رهي
هئي. مڪمل ڪيل، اُن ڪتاب جو پهريون ڇاپو پنهنجيءَ
ڪلپنا جي اَکين آڏو رکڻ، سندس دلپسند مشغولي هئي.
هوُءَ سهڻي هئي به - نه به هئي. ڪنهن ڪنهن کي سهڻي
لڳندي هئي، ڪنهن کي ڪانه لڳندي هئي. هن جي سندرتا
جو قسم ئي علحدو هئو. سندس ڊؤل ڳتيل هئو، ڊگهي،
سنهي هئي، پر سندس عضون ۾ عيش ۽ آرام جي زندگيءَ
جي دلڪشي نه هئي، پر مشڪل ڪم ڪرڻ سان بدن ۾ ايندڙ
ڪمزوري هئي. هن جي چال ۾ گج – گامني (هاٿي جيان
هلندڙ عورت) جو ناز نخرو ڪونه هئو. هن جي هلت چلت
۾، جوانڙيءَ کي سونهندڙ دلڪشي ڪانه هئي. منجهس غير
معمولي پڪو اِرادو رکڻ جي قؤت هئي. هن جو چهرو ته
سندس دل جي حالت ڏيکاريندڙ آرسي ئي هئو. اُن ۾،
پريمي پرشن کي پاڳل بڻائيندڙ مٺي مٺي دلربائي ڪانه
هئي، اِهو ڏسندڙ جي ڌيان تي هڪدم ايندو هئو. پوءِ
به، سندس عقل جي دولت جو تجلو، ڪنهن به نظر جو
ڌيان ڇڪائي، اُن کي جهڪائڻ کانسواءِ نه ڇڏيندو
هئو.
سندس حسن جو سمورو جادو، سندس وڏي پيشاني، چنچل
نظرن ۽ ٺاهوڪن چپن ۾ سمايل هئو. منجهيل من جي حالت
۾، اِهي هڪٻئي مٿان سوگها جهلڻ جي کيس هير پئجي
چڪي هئي.
ڪنهن کي ڪنهن کي هوُءَ مغرور لڳندي هئي، ڪنهن جو
نازڪ سڀاءُ، هن جي سڀاءُ ۾ سمايل آپو برداشت ڪري
ڪونه سگهندو هئو، پر اُن ئي ڪاليج ۾، هن سان پيار
ڪندڙ اُن ئي ڪاليج جا ٽي ماستر به هئا.
هوُ اُن ڪاليج ۾ علم رياضيءَ جو ئي ماستر هئو.
اَسان ٻنهي کي ساڳيو وشيه پسند آهي، ٻئي هوشيار
آهيون، اِنڪري ڄڻ ته اسان ٻنهي هڪ ٻئي لاءِ ته جنم
ورتو آهي، اِهو هوُ ايمانداريءَ سان محسوس ڪندو
هئو. پيار جي بکيا گهرڻ لاءِ وجهه ڏيندڙ ڪوبه ڀاو،
کيس سندس چهري تي، هلت چلت يا نظرن ۾ ڏسڻ ڪونه
آيو. اِن هوندي به، پنهنجي خواهش هن کي ٻڌائڻ لاءِ
هن پڪو پهه پچايو.
هڪ ڏينهن، صبح جو هوُ، سندس گهر ويو ۽ کيس سرل
ٻوليءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ ٻڌايائين. ”مون کي لڳي ٿو
اَسان هڪ ٻئي جي صحبت ۾ سکي رهنداسين.“
مان شادي لائق جوانڙيءَ آهيان، اِن ڳالهه جي سچائي
کيس سڄي عمر ۾ اَڄ پهريون ڀيرو نظر آئي. ٿورو ترسي
چيائين، ”ڇا چوان؟ مون ته اَڃا اِن باري ۾ ڪڏهين
سوچيو ئي ڪونهي.“
کيس اُميد نظر آئي، آنند، ڀريل آواز ۾ چيائين،
”سوچيو، اَڄ جو اَڄ ئي اِن ڳالهه جو فيصلو ڪريو،
اِئين نٿو چوان. پاڻ، جنهن ڳالهه تي ٻن ڄڻن جي سک
دک جو دارو مدار آهي، اُها سوچي ويچاري ڪجي، اِهو
ئي چڱو آهي.“
سندس تمنا پوري ٿيندي، اِن ڀروسي تي هڪ مهيني جو
مدو ڏيئي هو هلي ويو، پر وڃڻ کان اَڳ پنهنجي
لائقيءَ جي ڇاپ هن جي من تي ڇڏي ويو.
هڪ مهينو هوُءَ ويچار ڪندي رهي، پنهنجائپ جي ڀاونا
وچان، هڪ ڪري چريائپ سان، پر پيار سان، ٻارن لاءِ
سنيهه جي اَندروني پريرڻا سان سک جي راهه تي وک
وڌائڻ جي صلاح ڏيندڙ ماءُ پيءُ کيس ڪونه هئا. ننڍي
هوندي کان پنهنجو خيال پاڻ ئي رکندي هئي. مهينو کن
ويچار ڪيائين. ستاويهه سال جنهن کي پالي نپائي وڏو
ڪيو هئائين، اُهو حرص، نکار تي آيل ٻڌي کي مليل
آزاد سڀاءُ جي صحبت، اوچي تعليم جي ڪري، وڌيڪ
مخصوص ٿيل پسنديون، ناپسنديون، اِهي سڀ ڳالهيون
کيس، شاديءَ جي ويچار کان هٽائي رهيون هيون. هن
سوچيو ته ٻئي جي ويچارن جو ضابطو، پنهنجي مٿان
هئڻ، منظور ڪري ڪانه سگهندي. پنهنجي جيون جو
وهڪرو، ٻئي جي جيون جي وهڪري ۾ پوريءَ طرح گڏجي
مسجي وڃي، اِهو ممڪن ڪونه هئو، ۽ جي اِئين نه ٿيو
ته الله آباد جي گنگا - جمنا جيان اَسان گڏوگڏ هلي
سگهون ٿا، پر شاديءَ جي ڪلپنا ايتري خسيس آهي ڇا؟
کيس زندگيءَ ۾ هڪ مقصد هئو. هن سوچيو ته شادي ڪري
سٺي گرهڻيءَ جي پد جي جوابداري مان سنڀالي ڪانه
سگهنديس، نه اِن کان ته شادي نه ڪري، پنهنجي
پسنديءَ جي مشغوليءَ ۾ غلطان رهنديس ته اُن ۾ مان
به سکي رهنديس ۽ سماج جو به ڪلياڻ ٿيندو.
هڪ مهيني کانپوءِ هن کانئس معافي گهري، کيس صاف
صاف اِنڪار ڪيو. سندس ڪتاب جو ڪم زور شور سان شروع
ٿي ويو.
هو اُن ڪاليج ۾ ساهتيه جو ماستر هئو. ٽن چئن ٻولين
۾، هر قسم جي پيار جي بکيا گهرڻ جو هن اَڀياس ڪيو
هئو. هو سندس حسن تي هرک هاري ويٺو هئو ۽ سندس حسن
کي، هن جهڙي ٺاهوڪي جوان جي خوش - مزاجي،
رومانٽڪپڻي ۽ اَدب لطيف جي اَڀياس جي صحبت اِئين
لڳندي جيئن ڪنهن رتن کي سون جي زيور ۾ مڙهائڻ سان
لڳي سگهي ٿو. پيار جي بکيا مڱڻ لاءِ، ڏينهن، وقت،
جڳهه، هر ڳالهه جي هن خبرداريءَ سان چونڊ ڪئي.
”غروب ٿيل سورج جي هٿن سان سجايل گگن جو منڊپ جرڪي
پيو، پکين جا وَلر، مڌر سر ۾ ڄڻ منگل سلوڪ آلاپي
رهيا آهن، وڻ جي چوٽي تي ويهي گنڌرو، گلن جي ورکا
ڪري رهيا آهن. جوان - جوانڙيءَ جو يوگ ملائڻ لاءِ،
شاديءَ جي گهٽ لاءِ، هيءَ مناسب جڳهه آهي.“
اَهڙي هڪ نماشام جو، هن ساڻس پنهنجي پيار جي ڳالهه
ڪڍي.
هوءَ پرسن من سان، گهر جي چوڌاري پنهنجي ننڍي باغ
۾ ٽهلي رهي هئي. هن سندس ڳالهه ٻڌي، ڪجهه مرڪندي
چيائين، ”اِئين هڪدم ڪيئن چوان؟ سڀاڻي ٻڌائينديس.“
سندس ڳالهائڻ ۾ سڀاويڪپڻو، سڀاءَ ۾ خوش - طبعي، ۽
سوچڻ لاءِ صرف چوويهن ڪلاڪن جي مهلت وٺندي ڏسي، هن
سوچيو ته مان سڀاڻي ضرور به ضرور جيتيندس، پيار
وچان هن سندس هٿ ڇهڻ جي اِجازت گهري.
هوُءَ هڪدم ٻه قدم پٺيان سرڪي، چوويهه ڪلاڪ هن
سوچيو. سندس خيال، سندس پسنديون - ناپسنديون سندس
زندگيءَ جو مقصد - هر ڳالهه علحدي هئي.
ٻئي ڏينهن، سبب نه پڇڻ لاءِ، پنهنجي درڍ آواز ۽
محدود لفظن ۾ وينتي ڪندي، هن کيس صاف اِنڪار ڪيو.
مٿس ڄڻ وَجر ڪري پيو ۽ هن پنهنجو ڪتاب لکڻ جو ڪم
ٻيڻي زور شور سان شروع ڪيو هوُ، اُن ڪاليج ۾ منو و
گيان جو ماستر هئو. سندس ڪتاب اَچي پوري ٿيڻ تي
پهتو هئو، ’پريويس‘ جا ڪي پيپر هن وٽ هئا. صبح جو
اُٿي، پنهنجو ڪتاب ۽ اُهي پيپر خلاص ڪرڻ جو سوچيو
هئائين.
چيٽ جو مهينو هئو. ٻاهر ساڙيندڙ اُس هئي، ڀريو هڪ
اَچي ٿيو هئو! گرميءَ سبب هر ڪنهن جو جيءُ گهٻرائي
رهيو هئو. رستي تي هڪ - اَڌ شڪاري ڪو هجي ته هجي،
باقي اِئين کڻي چئجي ته اُتي ڪو ماڻهو ڇيڻو به
ڪونه هئو. سج جي تيز تپت سان ستايل ڌرتي، ڄڻ ته
برساتي پاڻيءَ لاءِ تڙڦي رهي هئي. ۽ هوُءَ ڀوري
ويچاري! کيس ميگهه - جل نه، پريم - جل جي گهرج
هئي. اُهو وسڪارو کيس ڪهڙو مانسڪ آرام بخشڻ وارو
آهي، اِن جو هن تصور به ڪونه ڪيو هئو.
هوُءَ صبح کان، لڳاتار لکي رهي هئي. ڏيڍ لڳو، ڪتاب
جو آخرين باب لڳ ڀڳ پورو اَچي ٿيو هئو. گرميءَ سان
ٿيندڙ ٿڪ جا آثار هوريان هوريان هن جي چهري تي
نمايان ٿيڻ لڳا، پر اَڄ اِهو باب ڪيئن به ڪري پورو
ڪرڻ جو پڪو پهه پچايو هئائين. ڪتاب جي آخرين صفحي
تي سندس قلم هلڻ لڳو. آتم - وشواس جي شوخيءَ جو
مست ڪندڙ تجلو سندس ڪارين ڪارين اَکين جي چنچل
نظرن ۾ جرڪڻ لڳو. زالن کي حساب ڪرڻ ڪونه اَچن،
اِهو مڃيندڙ سماج جي پاڳلپڻ تي ڪجهه اَڀمان وچان
پاڻمرادو کلڻ لڳي.
پر لکي لکي سندس آڱريون ڏکي آيون هيون، ۽ ڳچي ۾
وَر پئجي ويو هئس. ساڄي هٿ جون چار آڱريون سڌيون
ڪري، کاٻي هٿ ۾ زور سان پڪڙي، بلڪل ٿڪل آواز ۾
چيائين، ”اَمان لئي!“ ۽ ڪرسيءَ جي پٺ تي مٿو ٽيڪي
ڇڏيائين، اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي.
”ڇا ته مصيبت آهي! پنج منٽ به ڪو آرام سان ويهڻ
نٿو ڏئي!“ هوُءَ پنهنجو پاڻ سان ڀڻ ڀڻ ڪري چوڻ
لڳي، هوُءَ جيسين ”اَچو“ چئي چئي، تيسين دروازو
کلي چڪو هئو ۽ هو اَندر داخل ٿي چڪو هئو.
هن ”ويهو“ رڳو مرجادا طور چيو. هو ويٺو.
”ڇو؟ ڪو ڪم هئو ڇا؟“ هوُءَ چوڻ لڳي، سندس آواز ۾
ڪجهه نٺرتا جهلڪي رهي هئي، جواب ۾ هن رڳو هن ڏانهن
نهاريو.
دنيا ۾ نظرن اُڇلڻ کي بيشمار معنائون آهن؛ پر هڪ
مخصوص نظر جي هڪ ۽ فقط هڪ ئي معنى هوندي آهي، هوءَ
اُها نظر سڃاڻي ويئي. ڪنهن اَندروني پريرڻا سان
هوُ ڄاڻي ويئي ته هوُ اُن وقت ڇو آيو هئو. هوُءَ
ڪجهه منجهي پيئي. اُن عجيب حالت مان ٻاهر نڪرڻ
لاءِ، ڪجهه ڳالهائي، ڪا گفتگو ڪري، اِن جي هوُءَ
ڪوشش ڪري رهي هئي، پر سندس لفظ چپن تي اَچي رڪجي
ويا. هن کي پاڻ غصو اَچڻ لڳو. پيسانيءَ تي باريڪ
گهنج اُڀاري، هوُءَ زمين طرف ڏسڻ لڳي.
هوُ ڪرسيءَ تان اُٿي، هن جي بلڪل ويجهو آيو.
“You can’t go like that”
هن هڪدم چيو. هن کي وڌيڪ ويجهو
آيو سي هوُءَ وڌيڪ منجهي پيئي، پر سندس اِردگرد ڇا
پيو هلي، اِن جي جيسين پوري ڄاڻ پويس، تيسين هن
سندس ٻئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي ورتا هئا.
”ڇو اَجايو پاڻ کي پيئي ٺڳين؟“ هن چيو. اَڃا به
هوُءَ اُن منجهيل من جي حالت ۾ هئي، پر سندس
پيشانيءَ تان گهنج غائب ٿي چڪا هئا ۽ سندس آواز
لرزي رهيو هئو، ”هٿ ڇڏيو نه!“ کيس به خبر ڪانه
پيئي ته اِهي لفظ سندس زبان مان ڪيئن نڪتا.
”ڇڏڻ لاءِ ٿوريئي پڪڙيا اَٿم؟“ هن ڪجهه کلندي چيو،
ٻاهر ڳڙن جو مينهن لڳاتار وَسي رهيو هئو. هوا سان
اُن ڪمري جي هڪ دري کڙڪو ڪري کلي ۽ ٿوري دير اُن
جي کڙ کڙ جو آواز چالو رهيو.
”ڇڏيو نه!“ هڪ دفعو وري هن چيو. سندس آواز ۾ نزاڪت
هئي، پنهنجا هٿ ڇڏائڻ جي ڄڻ منجهس طاقت ئي ڪانه
بچي هئي. هن منهن ڦيريو. هن سندس ٻئي هٿ پنهنجي
ساڄي هٿ ۾ جهليا، هر سيڪنڊ ۾ سندس مخالفت ڪرڻ جي
طاقت گهٽجي رهي هئي. هن سندس کاٻي ڪلهي تي هٿ
رکيو. ٻنهي جي وچ ۾ سريرڪ ته ٺهيو پر مانسڪ مفاصلو
به ٻڙيءَ تي وڃي پهتو. هن جي دل جي ڌڙڪڻ ذري گهٽ
بيهي رهي هئي. کيس پنهنجيءَ پيشانيءَ تي ڪو ڇهاءُ
محسوس ٿيو. ”نه، نه!“ وري سندس زبان مان ڪي لفظ
ٻاهر اُڪليا.
پر اِن حالت ۾ هوُءَ ڪيترائي سيڪنڊ هئي. اَٽڪل
ڪلاڪ کانپوءِ هو واپس وڃڻ لاءِ ڏاڪي تي بيٺو هئو.
هوُءَ کيس اُپرائڻ لاءِ ورانڊي ۾ آئي هئي. هن
اِئين محسوس ڪيو ته وسڪاري ڪري هوا ۾ ٿڌڪار اَچي
ويئي آهي. ويندي ويندي چيائين، ”سڀان صبح جو،
پنهنجي شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪنداسين،“ اِئين چئي
هوُ هلي ويو.
هوُءَ آرسي سامهون اَچي بيٺي، ٻڌيءَ جو ٻل ڏسيندڙ
پنهنجي وشال پيشانيءَ تي کيس اَڀمان هئو.
هن دريءَ کان ٻاهر نظر اُڇلي، لڳاتار وسڪاري سان
ٿڌي ٿيل ڌرتي ڄڻ هن ڏانهن نهاري کلي رهي هئي.
سندس ڪتاب اُن ڏينهن پورو ڪونه ٿيو. ”ٿيندو سڀان!“
هن سوچيو. شام جو گهمڻ نڪتي. سندس ٿڪ اَلائي ڪٿي
غائب ٿي ويو هئو. سندس اَکين ۾ غرور جي جڳهه
خوشيءَ والاري هئي. هيلتائين زور سان دٻائي رکيل
چپ، وچ وچ ۾ الڳ ٿيا پئي ۽ اَندرين، مکڙين جهڙن
ڏندن جي دولت ڏسڻ ۾ پئي آئي.
ڄيٺ مهيني جي، جنهن ڏينهن هو ٻئي منگل شاديءَ جي
ٻنڌن ۾ ٻڌجي ويا، اُن ڏينهن صبح کان برسات اؤڙڪ
جيان وسي رهي هئي، اِنڪري ڌرتي جي مرڪ - ڀريل چهري
تي خوشي ڇانيل هئي.
هن جي شاديءَ جي واقعي تي، اُنهن ٻن ماسترن کي ئي
ڇا، سڀني کي عجب لڳو! |