پنهنجي باري ۾ پاڻ مرادو ڪڏهين ڪڏهين ڳالهائيندي
هئي، پر اُن جهٻلي جو نالو ڪڏهين قسم کڻندي به
ڪونه ورتائين، اِنڪري اُهو راز ڄاڻڻ لاءِ مون کي
ڏاڍي ان تڻ ٿي پيئي. مٿان وري پاسي واري پوسٽ
ماستر جي زال، اِها خبر ٻڌائي ته هوُءُ هر مهيني
ڪنهن عورت جي نالي پنج رپيا مني آرڊر موڪليندي
آهي. پوءِ ڇا ٿا پڇو؟ هر مهيني هوُءَ پئسا ڪنهن کي
ٿي موڪلي؟ اُن عورت وٽ، سندس ڪو ٻار ته ڪونهي نه؟
اُن ٻار جي باري ۾، سندس گهوٽ کي ڪو شڪ پيو هوندو،
اِنڪري ته گهوٽس ڇڏي ڪونه ڏنس نه؟ ڌار ئي ڳوٺ ۾
راز فاش نه ٿئي، اِن لاءِ ٻار رکيو هوندائين ٻئي
ڪٿي ۽ سندس ياد طور هيءُ جهٻلو...
جيڪو من ٿو سوچي، اهو جن (ماڻهو) نٿو سوچي، سمتي
منهنجي ساهيڙي آهي، هن جي باري ۾ اِئين، منهنجي من
۾ شڪ اُٿڻ ٺيڪ ناهي، اِهو ڇا مون نٿي سمجهيو؟ پر
رکي رکي مون کي اُن جهٻلي جي ياد ايندي هئي ۽
لڳندو هئو ڇا لڳندو هئو، اِهو ٻڌائڻ هرو ڀرو ضروري
ٿوري ئي آهي. گاهه ڪوئي ڄاڻي واڻي پوکيندو آهي ڇا؟
اُهو ته پنهنجو پاڻ اُسرندو آهي ۽ اُسريل گاهه
اَندر نانگ لڪي ويهندا آهن.
سمتيءَ سان وڌيڪ راز جون ڳالهيون ڪرڻ ٺيڪ ناهي،
اِهو سوچي مان ست اَٺ ڏينهن هن وٽ ويس ئي ڪانه، پر
هڪ ڏينهن سندس سنديسو آيو، نه ڪيئن چوانس ها؟ مان
دڪان تي ويس ته ڇا ڏسان سمتي اَکين مان لڙيل لڙڪ
اُگهي رهي اهي. سندس سامهون اُهو جهٻلو ۽ اُن تي
هڪ خط پيو هئو. منهنجيءَ دل ۾ هڪ سوُٽ اُڀري. مون
کي لڳو، شايد هن عورت وٽ جيڪو ٻار رکيو هئائين،
اُهو گذاري ويو اٿس، دک ۽ عجب وچان منهنجي دل ڀرجي
آئي. گويا ڪوئي دکانت ناٽڪ ڏسي رهي هيس.
اَکيون اُگهندي سمتيءَ چيو، ”مالو ڀيڻ! هاڻ ته
توهان ڏسڻ کان به مهانگا ٿي ويا آهيو!“
مان ڪهڙو جواب ڏيان، روئي روئي سندس اَکيون
ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. مان هن ڏانهن نهاري ئي نٿي
سگهيس، هن جهٻلي تي پيل خط منهنجي هٿ ۾ ڏنو، مان
اُهو من ئي من ۾ پڙهڻ لڳيس، اُهو خط سندس ڀاءُ جو
هئو.
”پنهنجي گهر سامهون ڪرمرا وڪڻندڙ ڪاشي چار ڏينهن
اَڳ گذاري ويئي. اِئين عمر به ڪافي ٿي چڪي هيس.“
اِن خبر کي ڇڏي اُن خط ۾ اهڙو ڪجهه نه هئو، جنهن
تي جيڪر ڪنهن کي روئڻ اَچي، مون اُهو خط واپس
سمتيءَ جي هٿ ۾ ڏنو ۽ اُهو جهٻلو هٿ ۾ کڻي ڏسڻ
لڳيس.سمتيءَ جي چهري مان مون کي اِئين لڳو ته هوءَ
ڪجهه ٻڌائڻ واري آهي، ڳوڙها، آنچل سان اُگهندي
چيائين، ”مالوُ ڀيڻ، دنيا ۾ سچو پريم ڪٿي آهي ڇا؟
دنيا ۾ ايشور ڪٿي آهي ڇا؟ پريم آهي، سڀ ڪجهه آهي،
پر .... پر مندر جي پٿر تي گلن جي ورکا ٿا ڪريون ۽
وارن ۾، باغ جي گلن جا پٿر ٿا وجهون.“
ڪيترو نه عجيب جملو! اُن جو جواب ڪهڙو ڏجي؟ مون
سهج سڀاويڪ سامهون تلاءَڏانهن نهاريو. هڪ ڇوڪرو
بار بار ٽٻي ڏيئي مٿي پئي آيو. هو شايد پاڻيءَ ۾
ڪري پيل برتڻ ڪڍڻ جي ڪوشس ڪري رهيو هئو. سمتي به
من جي ڪنهن چور کيسي جي ڳالهه مون کي...
”مالوُ ڀيڻ! مون تي ڪاوڙ نه ڪجو، اَڄ تائين ڪنهن
به اَڳيان دل کولي ڪانه رکي هئم، پر ڪاشيءَ جي لڏڻ
کانپوءِ، منهنجي اَندر ۾ ڇا ٿو ٿئي، اُهو ڇا
ٻڌايان، کير اُڀامجي نه، اِنڪري مٿان ٿورو پاڻي
وجهبو آهي نه؟ اِئين اَڄ تائين دل کي جهليندي آيس.
پر اَڄ دل جهلجي ئي نٿي! ڪاشي ويئي...“
گهر سامهون رهندڙ هڪ ڪرمرن واري مائي ڪاڻ سمتي
هيئن زارون زار ڇو روئي رهي هئي، اِهو منهنجي
سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو، پر برسات ۽ آنسو، روڪڻ
چاهيندي به روڪي ٿوري ئي سگهبا آهن؟
”مالوُ ڀيڻ! مان اَڃا ننڍي هيس ته اَمان گذاري
ويئي، مرڻ وقت اَمان مون کي ڪاشيءَ وٽ ئي ڇڏي ويئي
هئي، اِئين ئي کڻي سمجهو. اِئين ڏسجي ته نه
اَسانجي ذات جي نه پات جي هئي! پر تيل مکڻ، سنان
ڪرائڻ، گهاگرو پهرائڻ، بيماريءَ ۾ پنهنجن هٿن سان
کارائڻ، - ننڍي هوندي مون لاءِ سڀ ڪجهه ڪيائين.
منهنجي بارات نڪتي، تڏهين ڪاشي جي اَکين مان ڄڻ
مينهن ٿي وسيو. مون ڪاشيءَ کي نمسڪار ڪيو. ’هنن‘
جي دشالي سان منهنجيءَ پوتيءَ جو ڇيڙو ٻڌل هئو.
مان کيس پيرين پوڻ لاءِ ٿورو جهڪيس ته کيس ڌڌڪو
رسيو. اَکيون ڦاڙي نفرت وچان چوڻ لڳا، ”سڀاڻي ڪنهن
ڀنگيءَ کي به پيرين پوندينءَ؟“
ساهري گهر پير پائڻ کان اَڳ ئي اِهو پهريون گهاءُ
رسيو. اَڳتي هلي گهاءَ تي گهاءَ رسڻ لڳو. پالڻ
لاءِ آندل ڪتن ٻلين جي ٻچن کي به پيار ڪرڻ لاءِ
ماڻهو ڪيترا نه جتن ٿا ڪن! پر شادي ڪرائي آندل
ڇوڪريء؟ ڄڻ ڪنهن ڪاسائيءَ ڪهڻ لاءِ ٻڪرو آندو آهي.
هڪڙو، ”هاڻ گهر ۾ ڪوئلن آڻڻ جي ضرورت ئي ڪانهي،“
اِئين چئي ڪاراڻ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هئو، ٻيو ڪنڪو
جي ٽڪي جي ماپ جو مذاق اُڏائيندو هئو، ٽيون وري ڀل
وچان وات مان نڪتل لفظ پڪڙي ويهندو ۽ هڪ ٻن جانه،
- سترهن ارڙهن سالن جي الهڙ نينگر جو شڪار ڪرڻ
لاءِ، سڀني جا توبخانا تيار هوندا هئا.
لٿي پٿي شڪايت ڏيندي هيس پنهنجي مڙس کي، پر کيس ڪن
هوندي ٻڌڻ ڪونه اَچي ۽ وات هوندي ڳالهائڻ ڪونه
اَچي. اِن جٺ کان تنگ اَچي، پنهنجي ڀاءَ کي هڪ خط
لکيم. هو آيو ۽ مون کي وٺي ويو.
مان پيڪي آيس، ڪاشيءَ جي پٽ کي ڪٿي نوڪري لڳي هئي،
سا اُتي ويئي هئي، کيس رڳو اِها خبر هئي ته ڀائو
مون کي وٺڻ لاءِ ويو آهي. پيڪي وڃي، ڪاشيءَ جي گود
۾ مٿو رکي، ننڍي هوندي وانگر روئڻ جي خواهش جيئن
جو تئين ئي رهجي ويئي. پوءِ مون کي خبر پئي ته
ڀائوءَ مون کي وٺي اَچڻ کانپوءِ هنن کي هڪ تکو خط
لکيو هئو. مهينو گذريو، ٻه مهينا گذريا، پر هنن
وٽان نڪا آڱر جيتري چٺي آئي نڪو وٺي وڃڻ لاءِ ڪو
ماڻهو آيو. اَصل ڪجهه به نه. منهنجي دل بي صبر ٿي
ويئي. پاڻمرادو، بي نڪي ٿي ساهري واپس وڃڻ جو به
سوچيم، پر پيڪي گهر مان قدم ٻاهر رکان اُن کان اَڳ
ئي، آخرين فيصلو ٿي ويو. هڪ ڏينهن، ڀائو کي چئن
سٽن وارو خط آيو. ”ماءُ جي زور ڀرڻ تي ۽ پنهنجي سک
لاءِ مون ٻي شادي ڪئي آهي، اِنڪري پنهنجيءَ ڀيڻ کي
هتي موڪلڻ جي تڪليف نه وٺجو. آجيوڪا لاءِ ....“
اَڳتي هڪ لفظ به نه پڙهيم، ڪڏهين به نه، اُن خط جو
هڪ هڪ لفظ - اُهو خط قلم سان لکيل نه هئو. اُهي
لفظ نه هئا. ڳاڙهي لال ڪيل گرپيءَ سان منهنجي دل
تي ڏنل ڏنڀ هئا.
مالو ڀيڻ! ساهرن رهندي، ٿي سگهي ٿو ڪا ڀل ڪئي
هجيم. نه، نٿي چوان، پر سڄي ڀل مون اڪيليءَ جي هئي
ڇا؟ هڪ جهانجهه سان ڪڏهين آواز ڪونه پيدا ٿيندو
آهي، پر مٽيءَ جي برتڻ تي پتل جو باسڻ ڪرندو ته
مٽيءَ جو برتڻ ئي ٽٽندو آهي نه!
ماءُ جي زور ڀرڻ تي! آگ لڳي اُن زور ڀرڻ کي، جلندڙ
باهه مٿان پاڻي اوتڻ ته پري رهيو، اُٽلندو اُن ۾
کڙ وجهڻ واريون اَهڙيون ڪهڙيون مائر؟ سندس ڌيءَ
مٿان اَهڙي اَپدا اَچي ها ته؟ ته جيڪر اِها ئي
ماتا صاحب اُن ناٺيءَ کي کائڻ يا ڳڙڪائڻ جو سوچي
ها.
چون ڇا ٿا، ”پنهنجي سک لاءِ هيءَ ٻي شادي ڪئي اٿم.
پهرين شاديءَ جي سک جون ٽي داڻيون ڪري، هاڻ ٻي
شادي! هنن پڙهيل ڳڙهيل مردن جو عقل، اِمتحان جي
پيپرن ۾ ئي خرچ ٿي ويندو هوندو.... ”پنهنجو سک!“
هنن کي سک جي گهرج هئي. ۽ مون کي؟ جنهن لاءِ، گهر
کان ٻاهر ڪوئي سنسار نه هجي، اَهڙي اَلهڙ نينگر
لاءِ سنسار جو سک! اُهو جلي خاڪ ٿيندو ته به
هلندو، پر جنهن لاءِ سڄو سنسار کليو پيو آهي،
اَهڙي ٽيهن ورهين جي ڄمار جي مرد لاءِ، هڪ نه ته
ٻي زال کپي ئي! ڀڳوان ۽ برهمڻ جي سامهون منهنجو هٿ
پنهنجي هٿ ۾ ورتو هئائون! پر ڀڳوان کي پرساد کي
ڇڏي ۽ برهمڻ کي ڏکڻا کي ڇڏي ٻيو ڪجهه ڏسڻ به ايندو
آهي؟
مالو ڀيڻ! منهنجي دل ايئن ڀڙڪي اُٿي هئي، دل ۾ ته
آيو ٿي ته ڪنهنجو هٿ پڪڙي ڪٿي هلي وڃان. فلاڻي
ڊينگري جي زال، ڪنهن سان ڀڄي ويئي، اَهڙي بدناموسي
ته ٿئي هنن جي! پر ٻئي جي خواري ڪرڻ لاءِ پنهنجو
نڪ ڪپائبو ته وڌيڪ خواري پنهنجي ئي ٿيندي آهي.
ٻيڙيءَ ۾ ويهڻ سان ڪيترا اَلٽيون ڪرڻ لڳندا آهن.
سنسار جي سمنڊ ۾، ٻيڙيءَ ۾ منهنجي به اهڙي حالت
بڻي، سنسار کي سمنڊ جي تشبيهه اُهين ئي ڪانه ڏني
ويئي آهي.
اُن ڏينهن سڄي رات منهنجو من لڳاتار ڀٽڪي رهيو
هئو. شيشي جي چمني گهڻو گرم ٿيڻ تي ٽڙڪي پوندي
آهي، نه؟ منهنجو حال به اَهڙو ئي ٿيو، پرڀات جي
پهر ۾ اُٿيس ۽ ڌيري ڌيري مهڙ وارو دروازو کوليم،
ندي ڪا گهڻو پري ڪانه هئي، سوچيم، هاڻ ٻن پلن ۾
سموري آگ شانت ٿي ويندي.
مان رستي تي پهتيس مس ته ڪاشيءَ جي گهر جو دروازو
کليو. اُجالو ٿي چڪو هئو. اِنڪري در تي بيٺل شخص
مون کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهيو هوندو. آهستي آهستي
اُهو شخص ويجهو آيو، جڏهن اُهو شخص ويجهو آيو
تڏهين مان سڃاڻي ويس ته اُهو شخص ’ڪاشي‘ ئي آهي.
مون ڏانهن ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن پيئي وڃين پٽ؟
هيءُ ته مٺي ننڊ جو وقت آهي!“
مان ڪٿي وڃي رهي هيس؟ هن سنسار کان دور؟ پر ڪاشيءِ
کي اِهو ڪيئن ٻڌايان؟
”ڪيتري نه ڏٻري ٿي ويئي آهين، پٽ؟“ منهنجيءَ پٺ تي
هٿ ڦيريندي، ڪاشيءَ چيو، ماڻهو گهٽ ۾ پچي رهيو هجي
۽ پوءِ ٿڌيءَ هوا جو جهوٽو لڳي، اِئين محسوس ڪيم.
”ڪڏهين آئينءَ؟“ پڇيومانس
”ڪلهه رات؛ سوچيم توکي هڪ دفعو ڏسان، موٽر خراب ٿي
پيئي. نه ته جيڪر سانجهيءَ جوئي اَچي پهچان ها.“
منهنجو هٿ پڪڙي، مون کي پنهنجي گهر وٺي ويندي
چيائين.
ندي ۽ ڪاشي! نديءَ جو هوُ سيتل جل، ڪاشيءَ جي هٿ
جو هوُ گرم ڇهاءُ! نديءَ تي هن وقت بنهه سڃ هوندي.
اُن خوفناڪ سانت کان ڪاشيءَ جا پيار ڀريا لفظ
ڪيترو آنند ٿا ڏين! ٻئي ڪنهن لاءِ نه، ته ڪاشيءَ
لاءِ ئي سهي، مون کي جيئڻ کپي، اِئين محسوس ڪرڻ
لڳيس.
ڪاشيءءِ مون کي اَندر وٺي ويهاريو، آڱريون موڙيو،
مون تان صديقي ويئي ۽ ”پيڙا ٻيڙا ٽري“ اِهو منتر
اُچاريائين. ويچاري ٻڍڙي! سٺو ٿيو، منهنجيءَ پيڙا
جي کيس اُن وقت خبر نه هئي.
ڪاشي اَندر وڃي هڪ هڙ کڻي آئي، اُها کولي، اُن مان
هيءَ جهٻلو ڪڍيائين.
”هيءُ ڇا آهي؟، موجب عجب وچان پڇيو.
”هن ٻڍڙيءَ کان ڇو پيئي لڄ ڪرين، پٽ؟ تنهنجو ڀائو
اوچتو توکي وٺڻ ويو، تڏهين مان ٻڍڙي سمجهي ويس!
توسان ملي ئي وڃڻ واري هيس، پر پٽ کي موڪل ڪانه
ملي. هاڻ، وٺ نه! پنهنجن هٿن سان ڪرمرا سيڪي،
اُنهن پيسن مان ورتو اَٿم، هيءُ جهٻلو، هاڻ ڀڳوان
کان مان ڪجهه نٿي گهران؛ تنهنجي راجا کي هيءُ
جهٻلو پائيندي ڏسنديس ۽ سک سان اَکيون پورينديس.“
ڪاشيءَ جي گلي سان گلو لڳائي، روشني ٿيڻ تائين مان
روئندي رهيس. مون کي ڏينهن هئا، سندس اِها ڪلپنا
ڪوُڙي هئي، پر سندس پيار؟ اُهو ڪيترو نه سچو هئو!
پيار ڪرڻ جو وچن ڏيندڙ، اُن جي سوُڻي پتيءَ جيترو
به پيار ڪونه ڪيو. هن جهٻلي ڏانهن ڏسان ٿي ته جيئڻ
جي تمنا ٿي ٿئيم.
سمتي اَڳتي ڪجهه به چئي ڪانه سگهي. سندس پٺ تي هٿ
ڦيريندي، مون سامهون واري تلاءَ ڏانهن نهاريو. اُن
جي نالي - ”موتي تلاءُ“ - جو هميشه مذاق
اُڏائيندي هيس، پر هن وقت اُهو بلڪل سارٿڪ پئي
لڳو.
5
نا. سي. ڦڙڪي
دنيا ۾ پهريون قدم
”هاڻ، سڀان تون پنهنجي باني وٽ ويندين، سڀاڻي توکي
مان سٿڻ ڪانه پائينديس.“ اِئين چئي ماسيءَ ڏاڍي
پيار وچان آنند کي چمي ڏني ۽ سڀان کان هن مٺڙي ٻار
جو وڇوڙو پاڻ کي سهڻو پوندو، اِن ڪلپنا سان اَکين
۾ تري آيل آنسو، آنند کي پائڻ لاءِ اَڳيان وڌايل
سٿڻ تي جهٽي ورتا.
آنند جو ڌيان، اُن وقت ماسي جي ڳوڙهن ڏانهن ڪونه
ويو. مان سڀان بابا وٽ ويندس يعنى ڇا، اُتي وڃڻ
تي، منهنجي هيءَ ماسي، مون کي سٿڻ پهرائڻ لاءِ ڇو
ڪونه هوندي، منهنجي بابا جو گهر ڪيڏو ۽ ڪهڙو
هوندو، وغيره سوال سندس پتڪڙي من اَڳيان اُٿي کڙا
ٿيا هئا. هن ماسيءَ کان پڇيو، ”تون سڀان مون کي
سٿڻ ڪانه پهرائيندينءَ؟ پوءِ؟ بابا جي گهر ٻي ماسي
هوندي ڇا؟“
هو اَڃا اَبهم هئو ته سندس ماءُ گذاري ويئي. تڏهين
کان ماسيءَ جي گهر پلجڻ ڪري، ۽ روز سٿڻ پائڻ جو
سلسلو ماسيءَ طرفان گذريل پنجن سالن کان جاري هئڻ
ڪري، سٿڻ پهرائڻ جو اَهم ڪم ڪنهن ماسيءَ کي ئي ڪرڻ
کپي، اِهو نيم آنند جوڙي ورتو هئو.
سندس اِن سوال تي ماسيءَ چيو، ”اڙي! اُتي ماسي
ڪيئن هوندي؟“
”ڇو؟“
”نه.“
”ته پوءِ مون کي سٿڻ ڪير پهرائيندو؟ بابا؟“
”هوُ ڇو پهرائيندو؟ تنهنجي بابي جي گهر ڪيترائي
نوڪر جو آهن.“
”نوڪر معنى ڇا، ماسي؟“
”جيڪي پنهنجا ڪم ٿا ڪن، اُهي.“
” ته پوءِ، ڪلهه مون توکي پوڄا لاءِ گل ڇني آڻي
ڏنا، ته مان تنهنجو نؤڪر ٿيس؟“
”ائين ڪونهي، ڙي! تون ايتري ۾ ڪونه سمجهندين.“
”۽ ماسي! بابا جو گهر وڏو آهي؟“
”واه! وڏو عاليشان بنگلو آهي.“
”وڏو؟ تو پانڊون جي آکاڻي ٻڌائي هئي؛ اُنهن جي گهر
جيڏو؟“
”ها، تنهنجو بابا تمام وڏو ماڻهو آهي، سندس مل سڄي
ناگپور ۾ وڏي آهي، هوڏاڍو شاهوڪار آهي.“
”هوُ شاهوڪار ٿي ڇا ڪندو آهي؟“
”ڇا يعنى؟ تنهنجي لاءِ خوب پئسا ميڙيندو آهي.“
”ڇي! مون کي ڪانه کپن پيسا. مون کي تون کپين.“
اِئين چئي آنند، ماسيءَ جي گلي کي چؤڌاري پنهنجين
ٻانهن سان ڀاڪر پاتو ۽ ماسي سندس ترين کي وري وري
مٺيون ڏيئي، کيس ڇاتيءَ سان لڳائي ڇڏيو.
آنند، ناگپور ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر آيو ته کيس
سمجهه ۾ آيو ته اُتان جو ماحول، ماسيءَ جي گهر جي
ماحول کان بلڪل علحدو هئو. سندس ماءُ مري وڃڻ تي
سندس پيءُ، جيسين ٿورو وڏو ٿئي تيسين، کيس جلگانو
۾ رهندڙ سندس ماسيءَ وٽ رهائڻ جو فيصلو ڪيو.
ماسيءَ به اُها جوابداري وڏي خوشيءَ سان نباهي.
تڏهن کان پنجن سالن تائين، هوُ مخصوص ماحول ۾ نپيو
هئو. سندس ماسڙ، بلونتراو ڪمال جو، ڌرم تي پڪو،
جهونن خيالن جو، ۽ ساڌن سنتن جا سماگم ڪرائيندو
هئو؛ اِنڪري سندس گهر ۾ ڀڄن، پراڻ جهڙو ڪجهه نه
ڪجهه هميشه پيو هلندو هئو. صبح جو اُٿڻ شرط، ٺاڪرن
اَڳيان وڃي هڪڙو استوتر چوڻ، ماسيءَ آنند کي
سيکاريو هئو ۽ ڪابه ڳالهه خراب آهي يا سٺي، اِن
جي، آنند جي من تي ڇاپ ڇڏڻ وقت به ”ڀڳوان کي اِهو
وڻندو آهي” ”ڀڳوان ڪاوڙبو آهي.“ اَهڙيءَ ريت، ماسي
۽ ماسڙ هن کي سمجهائيندا هئا. ساڳيءَ طرح ڪنهن کي
به نه ڏکوئجي، سڀني تي ديا ڪجي، اُپديش آنند کي
بار بار ملندا هئا. ايترو ئي نه، هوُ ماسي ۽
بلونتراو کي اِن اَصول جي چوويهه ئي ڪلاڪ پيروي
ڪندي، ڏسندو هئو. مزمان - مڙا، رامداسي، ڪٿاڪر،
مسافر، ساڌو - اِئين ڪي نه ڪي چار پنج ماڻهو
بلونتراوَ جي گهر هوندا ئي هئا ۽ ۽ بلونتراوَ
جيتوڻيڪ وچولي طبقي جو هئو، ته به هو هرهڪ کي ڪجهه
نه ڪجهه ڏکڻا ڏيڻ کانسواءِ کين وڃڻ ڪونه ڏيندو
هئو. آنند روز اِهو سڀ ڏسندوهئو.
آنند پوري پنجين سالين جو ٿيو، تڏهين کيس پاڻ وٽ
گهرائي، سندس پڙهائي شروع ڪجي، اِئين سندس پيءَ
سوچيو، جڏهين هو جلگانو ۾ ماسيءَ وٽ هئو، تڏهين به
سال ۾ ڇهه ست ڀيرا، هو اُتي وڃي، آنند سان ملي،
سندس حال احوال وٺي ايندو هئو، پر پنهنجي سارسنڀال
هيٺ، جيترو پنهنجي ٻار کي پنهنجي دل وٽان پاڙهي
سگهبو، ايترو نظرن کان پري هئڻ تي پاڙهي نه سگهبو،
اِئين هن کي لڳندو هئو، سندس زال جي گذاري وڃڻ کان
پوءِ هن ٻي شادي ڪانه ڪئي ۽ گهر ۾ ٻي ڪا عورت نه
هئڻ ڪري، هن تي نگراني ڪرڻ ممڪن نٿي لڳس، اِنڪري
هن آنند کي سندس ماسيءَ وٽ رهايو، پر اِهو هن بلڪل
لاچار ٿي ڪيو، ۽ ناگپور ۾ آڻڻ جيتري عمر جڏهين
ٿينديس، تڏهين کيس هڪ پل ۾ به پاڻ کان دور نه ڪرڻ
جو فيصلو هو اَڳيئي من ۾ ڪري چڪو هئو. آنند ڇهين
سال ۾ پير پاتو، تڏهين هن، بلونتراو کي خط لکيو ۽
پڻ پنهنجيءَ مل جي مئنيجر کي ٻه ڏينهن ڪم سوُنپي،
هڪ جلگانو وڃي، آنند کي وٺي آيو.
جڏهين کان ناگپور ۾، پنهنجي پيءُ جي وڏي شاهي
بنگلي ۾ آيو هئو، تڏهين کان آنند پاڻ کي بلڪل
نرالي دنيا ۾ آيل محسوس ڪيو، هر چيز ڏانهن عجيب
نڪته چين نظر سان ڏسڻ لڳو. هٿ پير ڦهلائي، رڳو
مکيه سان رام نام چئي، ٻه ويلا قطار ۾ حاضر رهندڙ
ڪو مهمان يا ساڌو، کيس اُن گهر ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
سندس ماسي کيس طرحين طرحين جا گرماگرم طعام ڏيندي
هئي. اَهڙي ڪابه عورت کيس هن گهر ۾ نظر نه آئي. هن
ڪڏهين ڪنهن کي ايشور جي پوڄا ڪندي يا هڪ اَڌ
ڀڳتيءَ جو گيت ڳائيندي ڪونه ڏٺو. هيءُ ڪهڙو عجيب
گهر آهي، ائين کيس پهريائين ٻه ٽي ڏينهن لڳو ۽ هوُ
من ۾ سوچيندور هيو.
بلونتراو کان، سندس پيءُ ڪجهه نرالي قسم جو ماڻهو
آهي، اِهو کيس صاف ڏسڻ ۾ آيو. گهڻائي دفعا هوُ
پنهنجي پيءَ ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسندو رهندو هو. سندس
پيءُ، هن کي بيحد پيار ٿو ڪري، اِهو اَلبت سندس من
تي، ننڍي هوندي کان چڱيءَ طرح اُڪريل هئو، اِنڪري
پيءُ سان ڳالهائڻ لڳندو هئو ته بلڪل کليءَ دل سان
ڳالهائيندو ويندو هئو. ناگپور ۾ اچڻ کانپوءِ ٽئين
ڏينهن پڇيائين،
”بابا، ماسيءَ پئي چيو ته ناگپور جلگانو کان وڏو
آهي...“
”ها، سچ آهي.“
”ائين ڇو، بابا؟“
ڇو يعنى؟ آهي.“
”ته پوءِ ناگپور کان وڏو ٻيو ڪجهه ڪونهي؟“
”واه! آهي ڇو ڪونه؟ ناگپور کان ڪلڪتو وڏو آهي.“
سوُنجهه سوُنجهه جي ٽيج سان چمڪندڙ نظر سان ڏسندي
آنند پڇيو، ”۽ اُن کان وڏو؟“
”لنڊن آهي، گهڻائي شهر آهن!“
”بابا، جتي ڪٿي رڳو شهر ئي آهن؟“
”نه، نه ڪٿي ڪٿي سمنڊ آهي، نديون آهن...“
”باپ ڙي! اِن سمنڊ ۾ ڇا هوندو آهي، بابا؟“
”چريا، ٻيو ڇا هوندو؟ پاڻي.“
”ڇو؟“
”ڇو يعنى؟ اُهوئي هوندو آهي.“
بابس، پنهنجي خيال کان تمام سرل ۽ منطق تي ٻڌل
جواب ڏيئي رهيو هئو، پر انهن جوابن سان آنند کي
خاطري ڪانه ٿي. سندس ماسي کيس راڪاسن، راجڪمارن ۽
گنڌرون، ڪنرن جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئي، ان مان
کيس جيڪو عجيب آنند ملندو هئو، اَهڙو پيءُ جي
ڳالهين مان ٿورو به ڪونه ملندو هئس.
پوءِ به ٻه ٽي ڀيرا هن پيءُ سان ڳالهائي ڏٺو، پر
سندس جوابن ۾ کيس ڪو رس ڪونه ملندو هئو. کيس چڱيءَ
طرح ياد هئو، ته جڏهين هڪ ڀيري پنهنجيءَ ماسيءَ
کان پڇيو هئائين، ”اِنجڻ ڪيئن هلندي آهي؟“
تڏهن اِنجڻ ۾ لڪي ويهي گاڏا ڇڪيندڙ عجيب راڪاس جو
ڪيترو نه رسيلو ورڻن ڪيو هئائين! ۽ پنهنجي پيءُ
کان ساڳيو سوال پڇي ڏٺائين ته هن باهه، پاڻي، ٻاڦ
اهڙا نالا کڻي، ڪيترا نه کوکلا ۽ بي سوادي جواب
ڏنا!
آخر، پيءَ کي چئي ڏنائين، ”توهان کان ته ماسي وڌيڪ
سياڻي آهي.“
”کيس ڇا ايندو آهي؟“
”سڀ ڪجهه“
آنند، پنهنجيءَ پيءُ کي پيار ڪندو هئو، پر هن وڏي
شاهي گهر ۾ کيس مزو ئي نٿي آيو. سندس جيون جي ڪوٽا
هتي اچي سڪڻ لڳي هئي، عجيب غريب ڳالهين جي باري ۾
ڪجهه ڄاڻڻ جي سندس سڀاويڪ پياس اَصل پوري نٿي ٿئي.
سندس چنچل سڀاءَ کي پهريون ڀيرو ڳنڀيرتا جو اَمنگل
سپرش ٿيو.
سندس پيءُ، پڙهائڻ لاءِ هڪ سٺو ماستر رکي ڏنس، پر
اُن ماستر وٽ ويهي ”ڪ .... ڪ.... ڪ.... ڪ....“ جي
نيرس رٽ رٽي، سليٽ تي لکڻ کان پيءَ سان گڏ مل ۾
وڃڻ لاءِ وڌيڪ اَتر هوندو هئو.
اُتي ويندو هئو، ته بابس، پنهنجيءَ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ
۾ يا مل ۾ هتي هتي پري ديک ڀال ڪرڻ ۾ محو ٿي ويندو
هئو ۽ پوءِ انند کي، جيئن وڻندو هئو، تيئن وقت
ڪاٽيندو هئو، مل جي جاتي اندر، پرمل جي عمارت کان
الڳ هڪ ننڍي عمارت هئي. مل ۾ تيار ٿيل ڪپڙن جون
ڳٺڙيون اُتي اينديون هيون، اُتي اُنهنجو وزن ٿيندو
هئو، داخلا ٿيندي هئي ۽ پوءِ اُهي وڏين وڏين گاڏين
۾ ڀري روانيون ڪيون وينديون هيون. منشيءَ جي ڀرسان
هڪ گديءَ تي ليٿڙيون پائيندي، اُتي جي هر ڪار
گذاري ڏسڻ ۾ آنند کي خوب مزو ايندو هئو. اُهو منشي
ڪافي سنهو هئو ۽ سندس ڪمر به جهڪيل هئي. سندس مڇون
اهڙيون ته مزيدار هيون جو ائين لڳندو هئو ته مل
جي حاطي اَندر اُڏامندڙ ميري ڪپهه سندس چپن تي
چٽڪي پيئيءَ آهي،. سندس مٿو، سندس سرير جي لحاظ
کان، ڪافي وڏو هئو ۽ اُن تي جيڪا ٽوپي پائيندو
هئو، اُها بلڪل جهوني ۽ ننڍي هئي. ۽ سندس چشمي جون
ڪاموُن ڀڳل هيون.اُنهن عيوض رڳو ستلي ٻڌي، پنهنجن
ڪنن تي ويڙهيندو هئو. آنند گهڻائي ڀيرا، سندس اِهو
چشمو، نڪ تي چاڙهي، هتي هتي رعب سان گهمندو هئو.
ڪيئي دفعا کانئس، سندس ميري ٽوپي پائڻ لاءِ گهرندو
هئو، پنهنجي زريءَ واري ٽوپيءَ کان اِها ٽوپي کيس
وڌيڪ وڻندي هئي. اُن هنڌ اَچي جمع ٿيندڙ ڳٺڙين جو
شاهي ڍڳ، ڳٺڙيون کڻي گاڏين ۾ چاڙهيندڙ مزدورن جو
مضبوط بدن، روانگيءَ لاءِ وڏيون وڏيون ڳؤريون
گاڏيون ۽ اُنهن سان جوڙيل ڳٽڪا، وڏن ڪوُهن وارا
اَڇا ڪارا ڍڳا، اِنهن سڀني شين جي عظمت، کيس ڏاڍي
وڻندي هئي؛ ۽ سندس پسنديءَ جي عجيب حسين ماحول سان
سونهندڙ، اِهي ڳالهيون سندس من کي آئڙيون، اِنڪري
اَندر جي ڪوتا جي بک، هو انهن جو درشن ڪري
مٽائيندو هئو. اُن هنڌ ڪم ڪندڙ مزدورن، کيس شوق
وچان ڪلهن تي نچائيندا هئا ۽ سندس ضد پورو ڪندا
هئا، اِنڪري هنن سڀني لاءِ آنند جي من ۾ پيار پئدا
ٿي ويو. هنن کان ننڍ وڏا لغڙ ٺهرائي، وٺي
اُڏائيندو هئو يا ڪاغذي ٻيڙيون ٺهرائي، مل مان
خارج ٿيل پاڻيءَ جي نالي ۾ ڇڏي ڏيندو هئو ۽ جڏهين
اُهي لڏڻ، ترڻ لڳنديون هيون، تڏهين خوشيءَ وچان
تاڙيون وڄائيندو هئو.
ڪڏهين ڪڏهين، گديءَ تي آرام سان ليٽي، اُنهن
مزدورن ۽ گاڏيوانن جي ٻولي ويهي ٻڌندو هئو. هنن جي
ڳالهائڻ جي طرز ۽ ڳالهائڻ مهل هٿن هلائڻ جي اَنداز
سان سندس دل وندريي هئي. سندن سادگي ۽ صاف - دلي،
سندس من جي ڪوتا جو موهه پورو ڪنديون هيون، گستاخ
لفظن واري اُها ٻولي هوُ چڱيءَ طرح سمجهندو ڪونه
هئو، پر اُن ٻوليءَ ۾ جيڪو اَرڏائي، بيباڪي ۽ بي
ڊپائيءَ جو هڪ سر ٻڌڻ ۾ ايندو هئو، اُنتي سندس
عجائب - پسند ٻالڪ دل موهت ٿي ويندي هئي.
البت، اُنهن مزدورن جي ڳالهين ۾ بار بار پنهنجي
پيءُ جي نندا ٻڌندو هئو ۽ اُهو ٻڌي هو منجهي پوندو
هئو.
سڌوا نالي مزدور، ڳٺڙيون ڪانٽي تي تورڻ جي ڪم تي
هئو. هوُ ڪڏهين ڪڏهين چوندو هئو، ”اسان جي مالڪ کي
ڪمائڻ جو پاڳلپڻو لڳو آهي، چويهن عيوض پنجويهه
ڪلاڪ مل چالو رهندي ته به کيس هلندو، پوءِ ڀل ته
هن ڪانٽي تي ڳٺڙيون چڙهائيندي چڙهائيندي ماڻهن جا
ڪلها اَکڙجي وڃن، هن کي ڪهڙي پرواهه آهي؟“
هڪ ڏينهن سندس اِن گفتي کي ٽيڪو ڏيندي، ڀرسان بيٺل
اُماجي مڪادم چيو، ”کيس ڪهڙي پرواه؟ ڀلي مرو نه
توهان! پيسن جو ڏاڍو چش آهي، اَسان جي ڌڻيءَ کي.“
”پيسن جو الاهي لوڀي آهي اَسانجو ڌڻي!“
اِها گفتگو، آنند پنهنجي ڌيان ۾ رکي ۽ اُن ڏينهن،
رات جو روٽي کائڻ کانپوءِ، پيءُ جي پلنگ تي
باجولين جي راند ڪندي، وچ ۾ ئي ترسي، هن کانئس
پڇيو، ”بابا!...“
”هوُن!“
”توهان اَلاهي لوڀي آهيو ڇا؟“
سندس اِن سوال تي ۽ اُنوقت جنهن تيز نظر سا هوُ پي
ڏانهن ڏسي رهيو هئو، اُنتي کيس ڏاڍو اَچرج لڳو،هن
پڇيو، ”توکي ڪنهن ٻڌايو؟“
سڌوا ۽ اُماجيءَ جي گفتگو، آنند جيئن جو تيئن چئي
ٻڌائي. اِهو ٻڌي، ڄڻ ته پاڻ سان ڳالهائيندو هجي،
اِئين پڻس چيو، ”اَڇا! ڪل ملائي ائين پيو هلي،“ ۽
پوءِ آنند کي نزديڪ ڇڪي ڳنڀيرتا سان چيائين، ”ڏس
آنند! تون اُنهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندو ئي نه
ڪر.، هو تنهنجي برابريءَ جا ناهن. تون هنن سان
اَصل ڪوبه سنٻنڌ نه رک. تون هنن جو مالڪ آهين. هوُ
تنهنجا نوڪر آهن. ياد رک. اَسان چاهيون ته هنن
سڀني کي ڪم تان هڪالي ڪڍي سگهون ٿا. نؤڪر ته پئسي
پنج سير پيا ملن. سمجهيهءِ؟ هو منهنجي لاءِ آئين
بد سخن ٿا چون، اِنجو مطلب اِهو آهي ته هنن مٿان
منهنجي حڪومت آهي. مان شاهوڪار آهيان، اِنڪري اِهو
سڀ ٿئي ٿو، شاهوڪارن لاءِ، عام ماڻهن کي هميشه بغض
هوندو آهي. جيڪو سکي آهي، اِنجو سک، ماڻهو ڏسي نٿا
سگهن.“
پيءُ جي اِن گفتي جي هر هڪ لفظن، آنند جي دل کي
جبرو ڌڌڪو رسايو. هن پيءُ کي اِن طرح ڳالهائيندي
ڪڏهين به ڪونه ڏٺو هو.
ٻن ڏينهن کانپوءِ، پيءُ سان گڏ، وري مل ۾ ويو ۽
هميشه جيان، ڪاغذي ٻيڙي ٺهرائڻ لاءِ سڌوا کي سڏ
ڪندي، ڳولڻ لڳو.
تڏهين منشيءَ ٻڌايس، ”سڌوا ڪونهي، صاحب! کيس مالڪ
ڪڍي ڇڏيو.“
”ڇو؟“
”ڪير ڄاڻي، ڇو!“
اِهو ٻڌي، آنند ڇرڪ ڀريو، هن هڪدم پڇيو، ”۽
اماجي؟“
”کيس به ڪڍي ڇڏيو، مالڪ.“
سموري ڳالهه آنند هڪدم سمجهي ويو. سڌوا ۽ اُماجيءَ
سان سندس ڏاڍي پريت ٻجهي ويئي هئي. اُهي هاڻ
ڪونهن، اِهو ڄاڻي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. سندس ٻالڪ - دل
کي وڇوڙي جي تيز پيڙا محسوس ٿيڻ لڳي، هاڻ مون کي
لاڏ ڪوڏ وچان، ڪانٽي جي هڪ پڙ ۾ ڪير ويهاريندو، ۽
قسمين قسمين جون ٻيڙيون ۽ لغڙ ڪير ٺاهي ڏيندو،
اِهو سوچي، هڪدم سڏڪو ڀريائين ۽ منشيءَ کان
پڇيائين، ”اُهي ٻئي هينئر ڪٿي هوندا؟“
اِن ڳالهه کي اَڃا ٿورا ڏينهن مس ٿيا هوندا، جو هڪ
ٻيو واقعو ٿيو، هڪ ڏينهن، سندن بنگلي جي پٺيان
واري ڄمن جي وڻ کي ڪيرائڻو هئو، اِن لاءِ، سندس
پيءُ مل مان چار مزدور آڻي، کين ڪم تي لڳايو هئو.
آنند. ورانڊي جي فرش جي ڪناري تي، پير هيٺ لٽڪائي
ويٺو هئو ۽ هوُ وڻ تي ڪهاڙي ڪيئن هڻي رهيا هئا،
اِنجو لطف ماڻي رهيو هئو.
وچ ۾ اُهي مزدور رڪيا ۽ ساهي پٽڻ لاءِ چلم تيار
ڪرڻ لڳا، اُنوقت، هنن مان هڪ ڄڻي چيو، ”ڇي! هن
مالڪ کي ته ڪا ديا ميا ئي ڪانهي، اَسان هن وٽ
نؤڪري قبول ڪئي، مل ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ، اَسان کي اُتان
جو ئي ڪم ڪرڻو پوندو، اِهو اَسانجو قرار آهي، پر
هتي ته هوُ اَسانکي ڪاٺ ڪٽڻ جو ڪم ٿو ڏئي. اَسان
هن جا غلام آهيون ڇا؟ اَصل نپوڙي اسان جو ساهه ٿو
ڪڍي.“
ٻئي کيس چيو، ”هاڻ چپ ڪر نه، يار! هڪ دفعو گاڏيءَ
جي پاڃاريءَ هيٺ سر رکڻ کانپوءِ سڱن گهسڻ کي ڪهڙي
معنى آهي؟ کڻي رت نڪري، ته به سهڻو پوندو. اَجايو
ڇو پيو بڙ بڙ ڪرين؟“
آنند اِهو ٻڌي، ڇرڪ ڀريو.
هيءَ گفتگو ٻڌي اَٿائين، اِها بابا کي بنهه خبر
پوڻ نه گهرجي، اِئين من ۾ فيصلو ڪيائين.
البت، اُنهن چئن پنجن ڄڻن جي باقي گفتگو ٻڌڻ
کانسواءِ هو رهي نه سگهيو. اُن ڪرڪندڙ ماڻهوءَ کي،
باقي ٻيا سڀ دٻائي رهيا هئا، پر هو پنهنجي اَندر
جو غصو روڪي نه سگهيو، اِنڪري سندس غصي ڀري گفتار
چالو ئي هئي.
هن وري وري پئي چيو، ”ڌڻي وري ڇاجو آهي؟ ڪاسائي
آهي ڪاسائي، اَسانجو رت ٿو پيئي، رت!“ اِهو ٻڌي
آنند کي ٺيڪ نه لڳو، پر جيڪي ڪجهه ٻڌو هئائين،
اُهو دل ئي دل ۾ رکڻو آهي، ۽ بابا کي ٻڌائيو ناهي،
اِهو خود کي لڳاتار چتائي رهيو هئو. پر ايتري ۾
سندس پيءُ ئي اوچتو اُتي آيو ۽ اُنهن مزدورن وٽ
وڃي، اُن بڙبڙ ڪندڙ ماڻهوءَ کي غصي ڀريل آواز ۾
چيائين، ”ڇاهي ڙي؟ ڪهڙي پيو بڙبڙ ڪرين؟“
کيس اُتي آيو ڏسي مزدورن کي جيترو عجب لڳو اوترو
آنند کي به لڳو. اُن بڙبڙ ڪندڙ مزدور کن لاءِ ڇرڪ
ڀريو، پر ترت ڌيرج ڌري چيائين، ”اِن ۾ ڪوڙ ڇاهي؟
اَسانکي ڪاٺ ڪٽڻ لاءِ نؤڪريءَ تي رکيو ويو هئو
ڇا؟“
”چپ!“ بابي رڙ ڪندي چيو، ”۽ ڇوڙيءَ؟ ڪنهنجي لاءِ
ٿي چيئه ته رت ٿو پيئي؟“
اُهو مزدور سمجهي ويو ته بابا جو بالڪنيءَ مان
سندس سموري گفتار ٻڌي ورتي آهي، پوءِ به گهٻرائڻ
بدران پاڻ وڏيڪ بي ڊپو ٿي چيائين، ”ته پوءِ مان
جيڪي چوان ٿو، اُهو ڪوڙآهي ڇا؟ توهان اَسانجو رت
ڪونه سڪائي رهيا آهيو؟“
”مان؟“
”ها، توهان.“
آنند ڏٺو ته اُن ئي کن ۾، بابا جو پنجو هوا ۾ ذوُم
سان پٺيان - اَڳيان ٿيو، اُن مزدور جي ڳل تي
زوردار چماٽ ٺڪاءُ ٿي، ۽ اُهو مزدور زمين تي اونڌو
ٿي ڪريو. بابا جن اُتي ئي بيٺا رهيا. باقي ٻيا
مزدور ڪم کي لڳي ويا ۽ ڪريل مزدور ڪوشش ڪري اٿيو.
سندس نڪ مان رت وهي آيو هئو. اُهو پنهنجي ڪرتي جي
ٻانهن سان اُگهيائين. اُن ٻانهن تي ٿيل ڳاڙهي داغ
ڏانهن ڏٺائين ۽ هڪ لنبو ساهه کڻي، ڪم ڪرڻ لڳو.
اُن ڏينهن رات جو، آنند کي دل ٿي ته بابا جن سان
خوب خوب ڳالهايان. بابا جي کانئس ڪيتريون ئي هتان
هتان جون ڳالهيون پڇيون، پر هو رڳو ”هون“ يا ”هان“
ڪري رهيو هئو ۽ سندس پيشانيءَ تي لڳاتار گهنج پئجي
رهيا هئا.
آخر بابا جن پڇيو، ”تون اڄ هيئن چپ ڇو ٿي ويو
آهين؟“
”ڪٿي؟ ... نه.“
”تون ٺيڪ ڪونه آهين ڇا؟.... ڏاڍي ننڊ ٿي اَچيئي؟“
”نه.“
”ته پوءِ؟“
پيءُ ڏانهن يڪ ٽڪ نهاريندي، آنند چيو، ”توهان ۾
تمام گهڻي طاقت آهي، نه؟“
”ها، پٽ! مون ننڍي هوندي کان اِهو شوق سان ڪمايو
آهي.“
”ڪيترو نه کيس زور سان ماريوَ؟“ ڄڻ پنهنجن ئي
ويچارن ۾ ٻڏل آواز ۾ آنند ڀڻڪيو.
بابا جن ڇرڪ ڀريو، صبح واري واقعي باري ۾، آنند جي
دماغ ۾ ويچار چالو هوندا، اِهو هن کي خواب ۾ به
ڪونه هئو. هن پڇيو، ”هن مزدور لاءِ ٿو چوين؟“
”ها، هن جي نڪ مان رت به نڪتو، اُن تي توهان کي
ديا ڇو ڪانه آئي؟“
”ديا؟... پٽ تون اَڃا ننڍو آهين،“ بابا جن ڳنڀيرتا
سان چيو، ”هن دنيا ۾ ديا ميا پالي، ڪڏهين به هلي
نه سگهبو آهي. مون کي خبر آهي، تنهنجي ماسيءَ جي
گهر، جنهن کي وڻي اُهو اَچي، ديا جي نالي ۾ پئسا
ڦري ويندو آهي ۽ اِهو سڀ تون ڏسي چڪو آهين. پر
دنيا ۾ اَگر نالو ڪڍڻو اَٿيئي، ته اِهو پاڳلپڻو
ڪونه هلندو. هيءُ دنيا هڪ بيحد ڪٺن جڳهه آهي، هتي
اسرار کي ڪائي جڳهه ڪانهي، هتي ڪوتا کي وسارڻو ئي
پوندو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ٻانهن جي ٻل سان هتي
ڪمائي ڪرڻي پوندي آهي. سمجهيئه؟“
پيءُ جي اِها ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي، آنند جي پيشانيءَ
تي گهنج وڌندا ئي ويا. هوُ ايترو منجهي پيو، جو
اِن ڳالهه جي معنى چڱيءَ طرح سمجهي به ڪونه سگهيو.
البت سندس پيءُ جيڪي ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي، اُهو
بيحد غصي وچان چئي رهيو آهي، اِهو کيس سمجهه ۾
آيو. سندس هر هڪ لفظ کي عجيب وزن هئو، اِئين کيس
محسوس ٿيو؛ ۽ اُنهن لفظن جي بار هيٺ، سندس دل جي
ڪائي نازڪ ڀاونا چيڀاٽجي رهي آهي، اِئين کيس پيڙا
محسوس ٿيڻ لڳي، هن دنيا ۾ پهريون قدم رکڻ کان اَڳ،
دل جون مڙيئي نازڪ تندون ٽوڙي ڇڏڻ کپن، اِن ڄاڻ جو
پهريون ڌڌڪو رسڻ تي، هن اِئين محسوس ڪيو ته هو
پنهنجو ميزان وڃائي چڪو آهي. روئي يا زور سان
رڙيون ڪري، کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو. پاڳل
جيان، پنهنجي پيءُ جي چهري ڏانهن هوُ اُهين ئي
ڏسندو رهيو. |