اِئين چئي، بلونتراوَ وري پنهنجن ڏندن جي نمائش
ڪئي ۽ اُها اَخبار سيتا ٻائيءَ ڏانهن اُڇليائين.
ويچاري سيتا ٻائي، وڏي ويچار ۾ پئجي ويئي، کيس
سجهوئي نٿي ته ڇا ڪري، اَڳيان وڌي، اُها اَخبار
کڻڻ تي، اُن ڪميڻي ماڻهوءَ جي زناني تعليم تي
زهريلي تقرير جي دونهين ۾ گهٽجڻو پوندو، اِهو کيس
صاف نظر اَچي رهيو هئو؛ ۽ جي اُن ڏانهن ڌيان نه ٿي
ڏئي، ته هن جي ڳالهه سچي آهي، اِن جي خاطري ڪيئن
ڪري سگهندي؟ اِن ويچارن جي ٻڏ تر ۾ سيتا ٻائيءَ جي
حالت رحم جي قابل ٿي ويئي. اڳيان وڌي، اَخبار کڻڻ
لاءِ، سندس پير ئي نه سرڪن!
ڪاڪي، ٻه چار کن اِنتظار ڪيو ۽ پوءِ وري پنهنجو
ذري گهٽ ڀڏو وات کولي، کلندي کلندي چيائين، ”زالون
ڀلي کڻي ڪيترو به پڙهن، پر آخر آهن ته زالون ئي
نه؟ هوُءَ ومي اَچي تنهنجي پٺيان بيٺي آهي، کيس ئي
کڻي چؤ ته توکي پڙهي ٻڌائي، اِن بهاني، اڄوڪي شڀ
ڏينهن تي زناني تعليم جي رنگبرنگي جهنڊي جي
سلاميءَ جو اُتسو ته ٿيڻ ڏي!.... ها،..... ها....
ڪيئن صبر نٿو ٿئيو نه؟ ٺيڪ آهي، مان ئي توهان ماءُ
- ڌيءَ کي پڙهي ٻڌائي، توهانجون دليون بلڪل ٿڌيون
ٿو ڪري ڇڏيان.“
اِئين چئي بلونتراوَ جهڪي اَخبار کنئي ۽ کيسي مان
پنهنجو ٽن آنن وارو، ڀڳل چشمو ڪڍي، اُن جي هڪ ڪام
ساڄي ڪن تي چاڙهي ۽ کاٻي پاسي واري ستلي، کاٻي ڪن
تي ٻڌي، گلو صاف ڪري، هڪ هنڌ ڇپيل خبر ڏاڍي ’مٺي‘
آواز ۾ پڙهڻ لڳو:
”پيارن پاٺڪن کي اِهو ٻڌائيندي اَسان کي ڏاڍي
’خوشي‘ ٿي رهي آهي ته هتان جي مشهور وڪيل ۽ وڏي
اڳوان، سڌارڪ، راءِ بهادر سداشو ڪاشي ناٿ عرف آبا
صاحب بروي جي سڪيلڌي پٽ شري نواس تازو آءِ. سي.
ايس ۽ بئرسٽر - اَئٽ - لاٿي، سرڪار جي قدمن ۾
براجمان ٿيڻ جو شرف ٿوُڪاري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي
ماتر ڀومي - ڇي ڇي، ”ڊئم راٽ“ - ”بلئڪ نگرس“ جي
(ڪارن ماڻهن جي) هندستان ڏانهن روانو ٿيو آهي. هن
سان گڏ سندس، تازو شادي ڪيل، گوري بدن واري،
اَرڌانگني به آهي، اَسين هن هندي - انگريزي جوڙي
جو تهدل سان سواگت ٿا ڪريون ۽ سندس هر هڪ نئين
ڪارنامي سان سڌارن جو جهنڊو اونچو، بلڪل اونچو ڦڙ
ڦڙائيندو رهي، اَهڙي اِڇا ٿا ڪريون.“
بلونتراوَ خبر پڙهي وري مس ڪئي، ته دروازي پٺيان
بيحد دک ڀريون ڪيڪون ٻڌڻ ۾ آيون ۽ ڪوئي هڪدم پٽ تي
ڪريو هجي، اَهڙو آواز به آيو. گڏوگڏ سيتا ٻائيءَ
جو دک ڀريو آواز، ”ومو! ومو! پٽ ڇا ٿيهءِ؟“ به ٻڌڻ
۾ آيو، پوءِ بلونتراو اُتي هڪ پل به ڪونه بيٺو.
ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ دروازي طرف ويو. سيتا ٻائي ترت
ڊوڙي پاڻي آڻي، بيهوش ٿيل پياري ڌيءَ - ومالا جي
منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻي، کيس هوش ۾ آڻڻ لاءِ خوب
ڪوشش ڪري رهي هئي.
بلونتراو ويندي ويندي چيو، ”سيتا! چڱيءَ طرح ويچار
ڪر، اَخبار هتي ئي ڇڏي ٿو وڃان. اُها فرصت ۾ وري
ويهي پڙهج ۽ خاطر ڪج، جنهن اُميد تي تون تڳي رهي
هئينءَ، اُها بنيادي طرح ئي غلط هئي، اُها هاڻ
مٽيءَ ۾ ملي چڪي آهي. منهنجي ڳالهه قبول ڪر.
منهنجو داموُ، عمر ۾ ڪو خاص وڏو ڪونهي. هيءَ
ٻٽيهون سال هوندس. ۽ مٿان وري هڪ پائي به خرچ....“
ايتري ۾ اَندران سيتا ٻائي رڙ ڪندي چيو، ”توهان
ماڻهو آهيو ڪ نه راڪاس؟ هلندا ٿيو هتان. نه ته
رڙيون واڪا ڪري، ماڻهو جمع ڪري، توهان کي
هتان..... وڃو.... وڃو.... هلندا ٿيو!“
”ڏس، ڏس! اَڃا به هيڏي مغروري! ٺيڪ آهي، مان وڃان
ٿو، ذرا ٿڌي سيني سان سوچ ويچار ڪج. پوءِ منهنجي
ڳالهه توکي دل سان لڳندي. مان وري سڀاڻي ايندس.“
اِئين چئي، وَر وَر، اَندر نظر اُڇليندي،
بلونتراوَ آهستي آهستي اُتان نڪتو.
پوئين حصي ۾ آيل، ڪهاڻي جي ٽڪري مان ڪهاڻيءَ جي
پلاٽ جا ڪافي ڌاڳا - سڳا، پيارن پاٺڪن جي ڌيان تي
آيا هوندا ئي؛ کين سمورو قصو ٻڌائڻ ڪاڻ، هتي ٿوري
۾ سيتا ٻائيءَ جي حقيقت ڏيان ٿو.
سيتا ٻائيءَ جو پتي مهاشيه، نانا صاحب سپري، ايل
ايل. بي هئو ۽ بوني ۾ وڏيءَ پگهار تي سب - جج هئو،
هو ۽ پوني جو مشهور وڪيل، ابا صاحب بروي ننڍي
هوندي کان هم - ڪلاسي ۽ جگري دوست هئا. ايل. ايل.
بي پاس ڪري، ٻنهي پوني ۾ ئي پرئڪٽس شروع ڪئي، اڳتي
هلي، نانا صاحب، سرڪاري جڊيشل لائين ۾ گهڙيو ۽ آبا
صاحب، پوني ۾ ئي محڪم اِرادي سان وڪالت ڪرڻ لڳو.
ٻنهي جو هڪٻئي لاءِ ڏاڍو سنيهه هئڻ سبب، ٻنهي جي
زالن جو به هڪ ٻئي لاءِ سنيهه هئو، ان ۾ ڪائي نواڻ
ناهي، ٻنهي دوستن جي ڪم ڪرڻ جي جاءِ علحدي ٿيڻ
کانپوءِ به، سندن ۽ سندن ڪٽنبن جي ڀاتين جو موڪلن
۾ مکا ميلو پيو ٿيندو هئو. وچ وچ ۾ رهڻ، کائڻ پيئڻ
به ٿورن ڏينهن لاءِ گڏ ٿيندو هئن. ان ريت اَڳوڻُ
سنيهه - سنٻنڌ وڌيڪ پختو ٿيندو رهيو.
ان طرح ڪي سال گذريا، آبا صاحب تي لڪشميءَ جي ڪرپا
شروع کان ئي هلندي آئي، مٿان وري مشهوري به خوب
ٿيندي ويس، ترقي پسند اڳواڻن ۾ سندس ڳڻپ ٿيڻ لڳي ۽
انهن ۾ به هوُ نيتا ليکجڻ ۾ اَچڻ لڳو. سماج -
سڌارڪ جي حيثيت ۾ به هن جي ڪافي واکاڻ ٿيڻ لڳي.
باقي ان مشهوريءَ کي، ابا صاحب جي لنبي چؤڙي تقرير
بازي ۽ ڪن سماجڪ سڌارن جي طرفداري ڪندڙ سنسٿائن جي
ٿوري گهڻي مالي مدد ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بنياد
ڪونه هئو، اهو هتي صاف ڪرڻ ٺيڪ ٿيندو. خود آبا
صاحب جي هٿان اهڙو هڪ به ”سڌارو“ ڪونه ٿيو هئو.
دراَصل اَهڙو موقعو ئي ڪونه آيو هئو. لڪشمي ۽
مشهوري ته آبا صاحب کي خوب مليون هيون، پر شري
نواس کي ڇڏي ٻيو ڪو اؤلاد ڪونه ٿيس. پر ”هڪ چنڊ،
اونده دور ڪري ٿو“ ان چوڻيءَ مطابق، پنهنجي تيز
ٻڌيءَ ۽ تيج سان هوُ چڱو ئي چمڪڻ لڳو. بمبئي
يونيورسٽيءَ مان بي. اي. جي ڊگري حاصل ڪري، شري
نواس آءِ . سي. ايس لاءِ انگلينڊ ويو هئو.
اَسانجي نانا صاحب تي، سندس دوست جيان، ڀاڳه جي
ديوي پرسن نه هئي. هڪ مثالي، ڪم ڪندڙ، سڌي سادي
آفيسر جي حيثيت ۾ ئي هوُ مشهور هئو. هٿ بيحد ڇوٽ
هئس، دل جو سخي هئڻ ڪري، آرام سان اونچي رهڻيءَ ۽
دان ڌرم ۾ ئي سندس آمدني خلاص ٿي ويندي هئي. سيتا
ٻائي به اهڙي پتي مهاشيه لاءِ هر لحاط کان لائق
اَرڌانگني هئي. هوءَ به سڀاءَ کان مٺي ۽ سخي هئي؛
انڪري نانا صاحب آخر تائين بچت ڪري ڪونه سگهيو.
انڪري رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ملندڙ پينشن تي ئي ڀاڙي
رهيو هئو. نانا صاحب کي ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئر، اهڙيءَ
طرح ڪل پنج ٻار ٿيا، پر، انهن مان هڪ ڌيءَ –وملا
کي ڇڏي ٻيا سڀ ٻار ننڍي هوندي ئي گذاري ويا. انڪري
وملا، ماءُ پيءُ جي ’جگر- جان‘ ٿي پئي، ان ۾ ڪائي
نواڻ ناهي، وملا کي ئي پٽ سمجهي، نانا صاحب سندس
تعليم جاري رکي هئي.
آبا صاحب ۽ نانا صاحب جي گهري سنيهه سبب، شري نواس
۽ وملا ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو ننڍي هوندي کان ئي
اچن، اهو بلڪل سڀاويڪ هئو. ٻئي سهڻا، سڊول، سٺي
سڀاءَ وارا ۽ سشيل هئا. ٻنهي جي پسند - ناپسند
ساڳي هئي ۽ ٻنهي جو نيپاج لڳ ڀڳ ساڳي اونچين حالتن
هيٺ ٿيڻ ڪري، ٻنهي جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ ڪشش پيدا
ٿي ۽ وقت گذرندي اها وڌندي ويئي. ٻنهي ڪٽنبن جي
بهترين سنيهه - سنٻنڌ سبب هنن جوان - جوانڙين جي
پيار کي پشتي ملي؛ ۽ جيتوڻڪ وڏن جي وچ ۾ زبان سان
ڪو قؤل ٻؤل ٿيو ڪونه هئو، ته به جوڳي وقت تي، وملا
شري نواس جي ڌرم پتني ٿئي، اهڙي ٻنهي ڪٽنبن جي
کليل خاموش منظوري هئي. سڀني ائين ئي سمجهيو هئو.
شري نواس ۽ وملا - ٻنهي ائين ڀليءَ ڀت سمجهيو هئو؛
پتي - پتني پئي سمجهندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان، جوڳي
وقت تي شادي ڪرڻ لاءِ اَنجام اقرار به ڪيا هئائون.
بي. اي. پاس ڪري، شري نواس آءِ . سي. ايس امتحان
لاءِ انگلينڊ وڃڻ کان اَڳ، سڀني جي خاموش منظوري
ذرا کليءَ طرح ظاهر ٿي... ذري گهٽ اهو فيصلو ٿي
ويو ته شريءَ نواس ”سول سرونٽ“ بڻجي جڏهين واپس
ايندو، تڏهين سندس شادي وملا سان ٿيندي. نانا صاحب
جهڙي سريشٺ، شاهوڪار (پگهار سبب ۽ شايد - يا ائين
کڻي چئجي ته خاص ڪري - آفيسرن کي ملندڙ، لڪشمي جي
روپ ۾ سوکڙين پاکڙين سبب) سرڪاري آفيسر جي سڪيلڌي
ڌيءَ سان پنهنجي پٽ جي شادي ڪرائڻ ۾ ابا صاحب کي
ڪائي حرڪت نظر نه آئي. انڪري سندس سڌار - پسندگي،
اُدار مت جو دهل ته زور زور سان وڄڻو ئي هئو.
پر قسمت اڳيان ڪنهنجي هلي آهي؟ شري نواس کي
انگلينڊ وئي سال مس ٿيو ته هيڏانهن نانا صاحب
اوچتو چالاڻو ڪيو ۽ سندس ملڪيت جي ڀرم جو ڀانڊو
هڪدم ڀري پيو. ٻن هزارن جي ويمي کانسواءِ، هن وٽ
هڪ دمڙي به ڪانه نڪتي. ان مان ئي سندس اَنتم
سنسڪار ڪرڻو پيو. اُن دک ۾ سک اهوئي هئو ته ان وچ
۾ وملا مئٽرڪ پاس ڪري ورتو هئو. ٻيو ڪو چارو نظر
نه اَچڻ ڪري، پنهنجا ڳهڻا - مڻيا وڪڻي، ويمي جا
پئسا وٺي، سيتا ٻائيءَ ڌيءَ سميت پنهنجي ڳوٺ -
تيلنگي آئي، اتي نانا صاحب جو گهر ۽ هڪ ٻه کيت
هئا. انهن مان ٿيندڙ پيدائش ۽ بئنڪ ۾ رکيل پيسن تي
ملندڙ وياج جي سهاري، رڳو هڪ ئي آس دل ۾ سانڍي،
سيتا ٻائي وقت ڪاٽي رهي هئي.
پتي جي مؤت کانپوءِ، جيتوڻيڪ سيتا ٻائي جو، آبا
صاحب ۽ سندس ارڌانگنيءَ سان ٻه چار ڀيرا مکا ميلو
ٿيو هئو، ته به شري نواس ۽ وملا جي شاديءَ جي باري
۾ ٻنهي طرفن کان ڳالهه ڪانه نڪتي، ۽ اهو سڀاويڪ به
هئو. صحيح معنى ۾ شاديءَ جي پڪ اڃا تائين ڪانه ٿي
هئي. انڪري پنهنجي دوست جي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ
لاءِ هوُ ٻڌل ڪونهي ۽ پنهنجي آءِ. سي. ايس پاس پٽ
کي ملندڙ هزارين روپين جي ڏاجي جو موه ڇڏڻ لاءِ
ڪوئي سبب ڪونهي ۽ جڏهين قؤل ڪيل ئي ڪونهي ته پوءِ
دوست جي پتنيءَ اڳيان ان جو آخرين خلاصو ڪرڻ جو
ضرور ئي ڪونهي، ائين آبا صاحب پنهنجي من کي
سمجهائڻ لڳو. ۽ بند مٺ کولائي، آبا صاحب وٽان صاف
ناڪار ٻڌڻ جي ايتري ۾ ضرورت ئي ڪهڙي آهي، ائين
سيتا ٻائي سوچي رهي هئي. انڪري شري نواس جي واپس
اَچڻ تائين سڀ ڪجهه ڍڪيل ئي هجي، اهڙيءَ ٻنهي ڌرين
جي اِڇا هئڻ سبب، هلت به ان نموني ڪري رهيا هئا.
پنهنجي پريتم وٽان مليل وَچن تي پوريءَ طرح وشواس
ڪري، وملا بلڪل اَچل هئي.
جڏهن کان تيلنگي ۾ آئي هئي، تڏهن کان هڪ شخص هٿ
ڌوئي سيتاٻائيءَ جي پٺيان پيو هئو. ۽ اُهو هئو
اسان جو ڄاتل سڃاتل بالوُ ڪاڪا جوشي. اُن ننڍڙي
ڳوٺ ۾ سندس ڪافي هلندي هئي؛ ۽ سيتا ٻائيءَ جي، هڪ
ڪري بي سهاري حالت ۾، ڪاڪي ٿوري گهڻي سهائتا به
ڪئي هئي، پر اِن مهربانيءَ جي عيوض بلونتراو هن
کان عجيب معاوضي جي گهر ڪري رهيو هئو. سندس مربي
پٽ، هڪ وڪيل وٽ منشي هئو، کيس سال ۾ چڱو چوکو
پگهار - سوا سئو روپيا ملندو هئو. سندس ٻه زالون
اڳيئي سرڳواس ٿي چڪيون آهن، ٻنهي سس - سهري وغيره
جي ڏنڀن کان تنگ اَچي، آپگهات ڪيو، اهڙو سڄي ڳوٺ ۾
هل هئو، اِن بدنامي ڪري يا ٿي سگهي ٿو ٻئي ڪنهن
ڪارڻ ڪري، کيس ٽين زال نه پئي ملي، انڪري، سيتا
ٻائي پنهنجي ڌيءُ وملا، پنهنجي گڻوان پٽ کي ارپڻ
ڪري، اِن باري ۾ بالو ڪاڪا هن پٺيان ڪاهي پيو هئو،
پر شري نواس جي ڏنل قؤل ڏانهن اِشارو ڪري، ڪاڪي کي
اڄ تائين ٽاريندي رهي هئي.
پر اڄ هڪ عجيب واقعو ٿي گذريو هئو. پوني مان آيل
هڪ ڪپڙي ٽڪر جي چوڌاري ويڙهيل هڪ لغڙي، پوني، جي
اِخبار، بلونتراو جي هٿ چڙهي، اُن ۾ شري نواس جي
باري ۾ ڇپيل خبر پڙهي، هن ائين محسوس ڪيو، گويا
سندس سرير ۾ هزار نانگن جي طاقت اچي ويئي هئي ۽ هو
هڪدم سيتا ٻائيءَ وٽ ويو. اُن کانپوءِ ڇا ٿيو، اُن
جي پيارن پاٺڪن کي خبر آهي.
ڪاڪي جي وڃڻ کانپوءِ، وملا، ماءُ جي ٽهل ٽڪور سبب،
ڪجهه دير کانپوءِ هوش ۾ آئي، ٿورو گرم کير پياري،
کيس سمهاري ڇڏيائين، ۽ اُها اخبار، دل ٻڌي پڙهڻ
لڳي، ڀلي ته وڻندو هجي، پوءِ به سچ غائب ته ڪونه
ٿي سگهندو نه؟ بالو ڪاڪي جيڪا خبر پڙهي هئي، اُها
سچ پچ اُن اخبار ۾ هئي ۽ اُن خبر، هنن ماءُ - ڌيءَ
جي مڙني آسن - اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هئو.
سيتا ٻائيءَ چار پنج ڏينهن خوب سوچيو، پر مڪتيءَ
جو مارگ کيس ڏسڻ ۾ ئي نه پئي آيو. آبا صاحب جو صاف
اِنڪار، اَلڳ اَلڳ رستن ذريعي، اَڄ تائين، سندس
ڪنن تي گهڻائي ڀيرا اَچي چڪو هئو، پر شري نواس جي
قؤل تي ئي سڄو دارو مدار هئو. اُهو وشواس به اَڄ
مٽيءَ ۾ ملي ويو. پاڻ غريب، بي سهاري! ڌيءَ به
ڪافي وڏي ٿي چڪي هئي. سندس سرير جو به ڀروسو ڪونه
هئو. اَهڙيءَ حالت ۾، هوءَ ويچاري ڇا ڪري ٿي سگهي؟
بلونتراوَ جي ڏسيل راهه کانسواءِ ٻي ڪا راهه ئي
کيس سجهي نٿي.
هن پنهنجي مڙني تڪليفن کان ڌيءَ کي واقف ڪري، سندس
رايو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وملا هيئن يا هونئن،
ڪجهه به ڪونه ٻوليو، هيڏانهن ڪاڪو سيتا ٻائيءَ
پٺيان مڇڏو ٿي لڳو، جيترو ممڪن هئو، ايتري خوف جي
نمائش به ڪيائين. آخر هر طرح تنگ ٿي، هن ڪاڪي کي
چئن ڏينهن کان پوءِ ضرور به ضرور جواب ڏيڻ قبوليو.
ڇو ته پوءِ شاديءَ جا مهورت ئي ڪونه هئا. ۽ ايندڙ
سال ته ”سنهه سٿ“ هئو.
اَڌ رات ٿي چڪي هئي، اَڄ پورڻماسي هئي، انڪري
چانڊاڻ ڪيتري نه صاف ۽ سفيد هئي! ڪيتري دير کان
چؤطرف شانت ديويءَ جي مڪمل حڪومت ڦهليل هئي. آڪاس
۾ هڪ به ڪڪر يا ڪڪر جو ٽڪرو ڪونه هئو.
اسٽيشن کان ڳوٺ طرف ايندڙ وَر وڪڙ پيچري ذريعي ٻه
شخص، اُن وقت ڳوٺ طرف اَچي رهيا هئا. اُنهن مان
پهريون، پوشاڪ جي لحاظ کان اسٽيشن جو پورٽر ٿي
لڳو، سندس مٿي تي هڪ ننڍو سوٽ ڪيس ۽ بسترو هئو،
پوئتان ايندڙ شخص نؤجوان ٿي لڳو. سندس پوشاڪ اوچي
۽ ’فٽ‘ ٿي لڳي. سندس رعب مان لڳي رهيو هئو ته هو
ڪافي شاهوڪار ۽ وڏي عهدي وارو آهي. هلندي هلندي
اُن نؤجوان پڇيو، ”اَڃا ڪيترو پري آهي سندن مڪان؟
رستو ته برابر آهي نه؟ رستو ذرا عجيب غريب پيو
لڳي، انڪري ٿو پڇان....“
”بس سڏ پنڌ تي آهي. هوُ مڪان ناهي، راءِ صاحب؟
رستو بلڪل ’بروبر‘ آهي، سڌو اوڏانهن ئي پيو وڃان.
ويجهو ئي آهي نه؟“
”ها. ٺيڪ آهي، جلدي هل،“ هن نؤجوان چيو. هو ٻئي
اَڃا پنجويهه ٽيهه قدم اَڳتي وڌيا مس ته هڪ سفيد
ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ شخص کين نظر آيو. اُهو شخص پنهنجن
ئي ويچارن ۾ ايترو ته غلطان هئو، جو سندس هنن ٻنهي
ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ويو. اُن سنسان اَڌ رات جو،
اَڪيلي سڃي رستي تي اُن عورت کي ڏسي، ٻنهي ڄڻ کي
خاص ڪري هن پورٽرکي ڏاڍو عجب لڳو. هن جي ويجهي
اَچڻ تي، هن نؤجوان کيس هڪدم سڃاتو ۽ عجب وچان رڙ
ڪيائين، ”ڪير؟ ومل!.... ومل؟“ |