سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :11

ڇوڪريون لاچار ٿي پيون. وڏي وشواس سان هن شخص کان ڏس پتو پڇڻ لاءِ ته آيون پر هن ڀائيءَ جو هڪ ئي جواب ”مون کي خبر ناهي!“ حد ٿي ويئي! ... چوي ڇا ٿو، ”مون کي خبر ناهي!“ ... ڀلا کاڌي کائڻ جي خبر اَٿس يا نه؟ ڪ نه اهو به سيکارڻو پوندو آهي؟

ڇوڪريون واپس هلي ويون. ونوءِ کي پنهنجي ورتاءَ تي ڏاڍي چڙ آئي، چڱو خاصو ويهن، ايڪويهن ورهين جو ڍڳو ٿي ويو آهي، پر چار لفظ ڳالهائڻ نٿا اَچنس. چوي ڇا ٿو، ”مون کي خبر ناهي، هاڻ کيس ڪڏهين خبر پوندي؟...“

آرام ڪرسيءَ تي ويٺل ونوءَ ٻيو صفحو کوليو.

ڪرڪيٽ جي مئچ ۾ جڏهين همراهه کيڏاري، رڳو ”اَچ - وڃ“ جي تڪليف وٺندا آهن، تڏهين جيڪو بنا ڪنهن هٻڪ جي، درڍتا سان پنجاهه - سٺ رنسون پنهنجي نالي تي چڙهائيندڙ يا مخالف ڌر ۽ تماشبينن جي تصور ڪيل حد اندر، مخالف ڌر جا کيڏاري ’آئوٽ‘ ڪندڙ شخص کي ”هيرو“ جو پد پراپت ٿيندو آهي. اُن ڏينهن ونوُ، پهرئين قسم جي ”هيرو“ جو پد پائي چڪو هئو. پنج کيڏاڙي آيا ۽ بئٽ ڦيريندي وات سان سيٽيون وڄائيندي، ”اَڙي، مان سچ پچ ’آئوٽ‘ ڪونه هوس،“ چوندي، ’اَمپاير‘ جي فيصلي تي دک وچان عجب جو اِظهار ڪندي، واپس ويا. ڪرڪيٽ ۾ کيڏندڙ کيڏاري پاڻ ڪڏهين به ’آئوٽ‘ ڪونه هوندو آهي. ’اَمپاير‘ کي ئي عقل ڪونه هوندو آهي، اَجايو پيو هٿ مٿي ڪندو آهي. اِن کان ته هٿن - ڀڳل ’اَمپائر‘ هجي ته ڪيترو نه مزو اَچي! پنج کيڏاري ’آئوٽ‘ ٿيا، اُن وقت رنسون رڳو پنجويهه ٿيون هيون ۽ چڱا چڱا کيڏاري دسجي چڪا هئا. ونوءَ جي ڪاليج جي ڇوڪرن جا چهرا لٿل هئا. ”هاڻي ڇا؟ ڇا ٿيندو اُهو ته ڏسجي پيو، اُڀ اَکئين پيو ڏسجي!“ ”وڌيڪ ’وڪيٽس‘ نه ويون ته ئي کٽي سگهبو!“ وغيره وغيره مقرر لفظن ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ويئي هئي. مخالف ڪاليج جي ماڻهن ته جهانج ڀڃي ڇڏڻ جو ڪو فيصلو ڪيو هو. ٻنهي ڌرين جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي ’اِشٽ ديو‘ جي اسٿاپنا ڪري، موقعي مطابق ان جي پوڄا ڪرڻ ۾ لڳي ويا هئا، پر ونوُ هٿ ۾ بئٽ کڻي ’جنگ‘ جي ميدان تي بيٺو هئو. ”بولنگ“ ڪندڙ (بال ڦٽي ڪندڙ)، کان جيتري ڪوشش ٿي سگهي، اوتري ڪيائين، ”ليگ“ تي بال وجهي ڏٺائين، ”آف“ تي بال ڏنائين، قسمين قسمين جا بال وجهي ونوءَ کي واپس وڃڻ جي صلاح ڏنائين، پر ونوءَ جي جلدي موٽڻ جا آثار ڏسڻ ۾ نٿي آيا. ”لڳاءِ ڌڪ“ اِئين تماشبينن مان واڪو ٿيڻ جي رڳو دير هئي. ونو شايد همدردي ڏيکارڻ لاءِ، بال هنن ڏانهن اُڏائي رهيو هئو. ڪرڪيٽ راند ڏاڍو اُتساهه وڌائندڙ راند آهي، ونوءَ جي کيڏڻ جي طرز تي هرڪو راضي هئو.

ونوءَ جي پنجاهه رنسون پوريون ڪرڻ تي، هو سڀني جو پيارو بڻجي ويو. ”مڙس ٿي پيو راند ڪري!“ اهڙي قسم جون، دل اندر آنند ڀريون سنسني خيز لهرون ڇلڻ لڳيون. ونوءَ جي بئٽ، بنا ڪنهن دقت جي، سامهون ايندڙ بال کي سٽڻ ۾ مشغول هئي.

سٺن ڏينهن ۾ ماڻهوءَ کي غير معمولي همٿ حاصل ٿي ويندي آهي ۽ اُها همٿ سان نابوديءَ جو بنياد وجهندي آهي. وڏي پد تي پهتل ماڻهن نسبت اِهو ڊپ پيو ٿيندو آهي، ته وڏ ماڻهپو قائم رکڻ جي طاقت منجهس هوندي آلائي نه، مقرر حد تائين ونوءَ سچ پچ ڏاڍي متاثر ڪندڙ راند ڪئي. پنجهتر رنسون ٿيون مس ته ونوءَ کي مجاز وڪوڙي ويو. هيترا جمع ٿيل ماڻهو منهنجا ئي گيت پيا ڳائن! سندس مٿو ڦري ويو! ٻئي بال تي، ڪنهن الهڙ جيان هڪ جي هٿ ۾ سڌو بال ڏيندي، ونو واپس آيو، وڏي ماڻهوءَ جو مٿو ڦري ويو آهي، اِنڪري اِٽون هڻڻ شروع ڪري، ايترو نادان اِنسان ڪونهي. هڪ دفعو ديا ايندي آهي، ته ڪڏهين وري نفرت! نالو ئي نه وٺو! ونوءَ کي گهٽ ۾ گهٽ سئو رنسون ته ڪڍڻ کپنديون هيون. هر ڪو هن مان ”سئو“ جي اُميد رکي ويٺو هئو، پوءِ به، پنجهتر ڪوننڍو اَنگ ڪونهي، انڪري ونوءَ جو خوب سواگت ڪيو ويو. ونوءَ پنهنجي ’فيلٽ هئٽ‘ ڪجهه مٿي ڪري سواگت سويڪار ڪيو.

ونوءَ جو ٻيو ڪنهن سواگت ڪيو؟ ونوءَ کي ئي خبر! منجريءَ رومال اُڏائي، اَڌو گابرو کلندي، جذبي جو زور زياده ٿي وڃڻ ڪري، اَڌو گابرو ڳالهائيندي چيو، “Well Played! Bravo!” هن جي اِئين چوَڻ تي ونوءَ کي ڇا محسوس ٿيو هوندو، اِن جو تصور، هن جهڙوئي ڪو ڪاليج جو ”هيرو“ ڪري سگهندو. ٻيا پري کان ئي بحث ڪن، اِهوئي بهتر آهي.

ونوءَ جي ڪاليج آخر هار کاڌي. جو ٿيڻو هئو، سو ٿي ئي ويو. پر ونوءَ جو ’ڀاو‘ وڌي ويو. ٻيا سئو رنسون ڪن ها ۽ پاڻ ٻه سئو رنسون ڪري ها ته به ڪو فائدو ڪونه ٿئي ها. ساڳيءَ طرح پنهنجين رنسن سان جيت حاصل ڪرڻ ۾ به ڪو فائدو ڪونهي. ”ذرا اسان جو بروي ٿورو وڌيڪ ٽڪي ها ته....“ اِن دک - ڀرئي جملي جو مزو ئي ڪجهه اؤر آهي!

مئچ پوري ٿيڻ کانپوءِ شام جو ونو چئن سنگتين سان گڏ ڄاڻي واڻي پنڌ ڪرڻ نڪتو. ونوءَ جا گڻ ڳائجي رهيا هئا. ڪي ونوءَ جي زمين سان لڳي ويندڙ ”گيسرو“ ڌڪن جي واکاڻ ڪري رهيا هئا ته ڪي سندس Straight bat جي ساراهه ڪري رهيا هئا. البت ونو سڌو ئي ڏسي رهيو هئو.

ونو جي ”اِشٽ“ ديوي، اڳيان ويندڙ ڇوڪرين ۾ ئي هئي. ونو ڪن سرلا ڪري ٻڌي رهيو هئو. ”زالن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ ڏنو وڃي ته جيڪر مان به بروي جيان ئي راند ڪريان،“ منجري پنهنجين ساهيڙين کي سمجهائي رهي هئي. ونايڪ دل ئي دل ۾ کليو.

بي . اي . جا پيپر ممتحن کي ”هان وٺو!“ چئي ڏيئي، ونو گهر وڃڻ جو سوچي رهيو هئو. سوچي رهيو هئو چوڻ بدران، سوچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئو، وڌيڪ منطق ڀريو ٿيندو. سچ پڇو، ته ونوُ پنهنجي جنم - داتا سان بي ايمان ٿي ويو هئو. جنهن جنم ڏنو آهي، ان جو قرض پائي پائي ڪري چڪائڻ جي لحاظ کان، احسان فراموش نه بڻجي، گهٽ ۾ گهٽ موڪلن ۾ گهر  وڃي، ”آهيون - اَڃا جيئرا آهيون.“ چئي، سندن خاطري ڪرڻ جڳائي، اِهو سياڻن جو ڏسيل رستو آهي، پر ونوُ هڪ ٻئي لڦڙي ۾ هٿ اَٽڪائي ويٺو هئو. منجريءَ رڳو کيس پاڳل بڻائڻ باقي رکيو هئو.

اِئين ڏسجي ته هئوُ خاص ڪجهه به نه. رڳو ٻه چار دفعا مرڪڻ  مشڪڻ! اِن کان وڌيڪ ڪجهه به نه، پر چوندا آهن، هوا ڪاڻ تڙڦندا پراڻيءَ کي ڪٿي هڪ پن چرندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته سرڳ جي سک جو احساس ٿيندو آهي. ڇوڪري ٽي دفعا - نه، نه - چار دفعا پٺيان نهاري کلي، ونوءَ به ٿورو کليو. اَصل هو بهو هن جيان کليو.

ونوءَ جي گهر وڃڻ جو خيال پڪو ٿيڻ لاءِ اِئين ڪو ٺوس سبب ڪونه هئو. چار ڏينهن ڦيرا پاتائين، پر منجريءَ جي دري بند! پهرئين ڏينهن اِئين لڳس ڄڻ ملاقات ٿوري تان گسي ويئي آهي. ٻئي ڏينهن عجب لڳس، ٽئين ڏينهن بر ٿي پيو. چوٿين ڏينهن شام جو، ونوءَ پنهنجيءَ وڏيءَ ڀيڻ کي، شولاپور وڃڻ جو، پنهنجو فيصلو ٻڌايو. سندس وڏي ڀيڻ کي اِن ۾ ڪجهه به خاص ڪونه لڳو. هن سندس سامان ٻڌڻ شروع ڪيو.

ونوءَ پنهنجي ڀيڻوئي کي پنهنجو فيصلو ڄاڻايو.

”دادا، مان سڀاڻي ’مدراس فاسٽ‘ ۾ شولاپور ٿو وڃان.“

”پر به، شولاپور ۾، اونهاري ۾ وڃي ڇا ڪندين؟ اِن کان هيئن ڪر، شولاپور خط لکي، پنهنجي پيءَ کي ئي هتي مئي مهيني ۾ گهرائي وٺ.... ٻڌين ٿي؟ مان جيڪو چوان ٿو، تيئن ئي ڪرڻ کپيس نه؟“ ونوءَ جي ڀيڻوئي پنهنجيءَ اَرڌانگنيءَ کي مخاطب ٿي چيو، گهڻي ڀاڱي ”ها“ ۾ ”ها“ ملائڻ واري اَرڌانگني اِن جو ڪهڙو جواب ڏيندي؟ پوءِ به ونوءُ شولاپور وڃڻ لاءِ ڪافي منتظر هئو.

تمام گهڻي خوشيءَ سبب بيهوش ٿيل ماڻهوءَ کي سنڀالڻ، کڻي ايترو سؤلو ڪم ناهي،پوءِ به نااُميدي سبب بيهوش ٿيل ماڻهوءَ کي سنڀالڻ  کان وڌيڪ سوَلو آهي، اِهو ڪوبه قبول ڪندو، ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي وري وري چئي ڏنو، پر ونوءَ کي الائي ڪيئن اهو خام خيال آيو هئو ته شولاپور ۾ مهابليشور جي اسٿاپنا ٿي ويئي آهي. اِنڪري هو هڪ ئي رٽ لڳائي ويٺو هئو، ”سڀاڻي مان مدراس ”فاسٽ“ ۾ ويندس.“

پر بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي، ٻئي ڏينهن، شولاپور وڃڻ لاءِ، ونوءَ مڪمل تياري ڪري ڇڏي هئي. ڦاٽل ڪاغذن جو ڍڳ ڀيڻ کي ڏيئي ڇڏيائين، ننڍيون وڏيون سڀ شيون، هڪ هنڌ ٺاهي رکيائين. ڦڻي، ڪنگي وغيره سڀ سامان ٽرنڪ ۾ ٺونسي ڀريائين ۽ ٻئي ڏينهن جي مدراس گاڏيءَ جو تصور من ئي من ۾ ڪندي، سمهي پيو.

صبح جو ڇهين بجي کن، ماڙيءَ تان هيٺ اَچي ڇا ڏسي ته ڀڳوان سورج جي اُڀرڻ کان اَڳ ئي، سندس پيءُ ٿلهي تي ويٺل نظر آيس. ٻيڙيءَ جي دونهين سبب، اِئين پئي لڳو ڄڻ ٿلهي تي ڌنڌ جمع ٿي ويو هئو. اَڃا ٿوري اوندهه هئي، پر ونوءَ ترت پنهنجي پيءُ جي اَچڻ جي باري ۾ ڄاڻي ويو.

ونوءَ کي شولاپور وٺي وڃڻ لاءِ ئي پڻهس پوني ۾ آيو هئو. وڏي سڄي پٽ کي گهر وٺي وڃڻ لاءِ جڏهين خود پيءُ ٻه سئو ميل لتاڙي ايندو آهي، ته سندس اچڻ جو سبب ڪو خاص ئي هوندو آهي ۽ اُهو ٻئي جملي ۾ ئي ظاهر ٿي پيو.

”ڏسو نه، مان ڪو تعليم جي برخلاف ناهيان ۽ ڇوڪري ڇاهي، اَصل جل ڦٽاڪو آهي. منهنجيءَ گهر واريءَ ڏٺي. مون ڏٺي، هاڻ رڳو ونوءَ جو ئي سوال باقي وڃي رهيو آهي. کيس پسند اچي ويئي ته پوءِ اَڳتي شاديءَ جي پڪ ڪنداسين، ڇوڪريءَ جو ڀاءُ، اَڙي هوُ پنهنجو وامن راو ڪونهي؟ جيڪو ڪسٽمس ۾هئو؟ اُهو مون وٽ آيو. ستن جنمن جي واقفيت کوٽي ڪڍيائين! ڇوڪريءَ کي ماءُ پيءُ ڪونهي، پر ڀاءُ اٿس - ڀاڄائي اَٿس. انهن جا چار ٻار آهن لڳي نٿو ته ڪو ڏيتي ليتي جهجهي ڏيندا، پر، ڏسو نه! اڄڪلهه مون اِها راءِ ٺاهي ڇڏي آهي ته ڇوڪري کي ڇوڪري پسند پوي ته پوءِ باقي بي معنى ڳالهين کي چهٽي پوڻ کي ڪا معنى ناهي. سمجهيؤنه، مان ڇا پيو چوان؟ هان؟“

ناٺي صاحب، پنهنجي سهري اڳيان، ٻريل تيليءَ سان ڏندن جي صفائي ڪندي ۽ موقعي موجب، ”هُون“ ”ها“ چئي ڪنڌ لوڏي رهيو هئو. ونوءَ کي ڏسڻ شرط ناٺي صاحب زور زور سان کلڻ لڳو. ونُو ان کلڻ جي معنى ڪجهه ڪجهه سمجهي ويو، پر عمر جي لحاظ کان ننڍو هئڻ ڪري، اهڙي جوش ڏياريندڙ کان ڏينهن ڌيان ئي نه ڏيڻ کان وڌيڪ ونوءَ ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟

”آيو اَٿؤ ناٺي مهاراج، اَچو، اَچو، هتي ويهو،“ ونوءَ جي ڀيڻوئي چيو.

ونوُ، مدراس گاڏيءَ ۾، انهيءَ ڏينهن شولاپور ويو. هاڻ وڃڻ لاءِ نه به ڪيئن ڪري! رڳو پڻهس جي، ڇوڪري جو نالو اُچارڻ جي دير هئي. ونوءَ هڪدم ڇرڪ ڀريو. منجري؟ منه .... جه .... ري....؟ اِهو وري ڪهڙو مونجهارو؟ اِهو سپنو هئو ڪين مذاق؟

پڻهس بلڪل صاف صاف چيس!- منجري! ها. ڪاليج جي پهرئين سال ۾ پاس ٿي آهي. وامن راو جي ننڍي ڀيڻ، سدا شو پيٺ ۾ سندس گهر آهي! پر ونوءَ کي ايتري پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

ونوءَ ڪنهن به سوال جو جواب ڪونه ڏنو. هن کي ڪنهن به ڳالهه تي وشواس نه پئي آيو، پر سولاپور وڃڻ لاءِ سندس بيقراري ڏسڻ وٽان هئي. رات جو اَٺين بجي شولاپور ۽ سڀان صبح جو اَٺين بجي؟....

ونوءَ جي شادي ٿي ويئي. گڏپڙهندڙ منجري، سندس اَرڌانگني بڻجي گهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳي. ونوءَ کي هاڻ نئون سوال منجهائڻ لڳو. ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪيئن ڪجي؟ پهرين ڪير ڳالهائيندو؟

اهڙين نازڪ ڳالهين ۾ صلاح جي کوٽ ڪانه ٿيندي آهي، پر صلاح ڏيڻ ۽ صلاح موجب هلڻ ۾ وڏو تفاوت هوندو آهي، وري گهڻا ڀيرا اِئين ٿيندو آهي جو، اِهي صلاحون نتيجو ڪهڙو به سٺو ڇو نه آڻينديون هجن، پر اُنهن تي عمل ڪيئن ڪجي، اِهو ڪوبه سمجهائي ڪونه ٻڌائيندو آهي. ۽ سڄو ڪاروبار هئو ڇوڪراڻو! جيڪو تيڪو پنهنجي پنهنجي عقل مطابق هڪٻئي کان بهتر صلاحون پيو ڏيندو آهي، پر ڪنهن به گڏهه کي اِهو سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي ته جيڪو تو ڪيو، اُهو سڀني کي ڪرڻ کپي، اَهڙو قاعدو ڪٿي به ڪونهي. نيون نيون صلاحون ملڻ لڳنديون آهن، ته عين موقعي تي اَڌ مغزي ماڻهو به ڪيئن ته شاعرن جيان ٻولڻ لڳندو آهي، اِهو هرڪو بخوبي ڄاڻي ٿو.

اَٽڪل هڪ هفتو گذري ويو. سومر ويو. منگل آيو. منگل مان ٻڌر ٿيڻ ۾، سٺ منٽن واري ڪلاڪ جا پورا چوويهه اَنگ لنگهي ويا. ٻڌر ۽ وسپت گذرندي اِئين لڳس گويا ٽي سئو پنجهٺ ڏينهن جو عرصو گذري ويو آهي. ونوءَ جو اُهو هفتو ڏاڍو بيقراريءَ ۾ گذريو. وقت گذري ئي نٿي. گهڙيال ڏسندو هئو ته کيس اِئين لڳندو هئو، ڄڻ گهڙيال پٺيان ڪو راڪاس بيهي، گهڙيال جي نڙي دٻائي رهيو آهي. هڪ ڀيري ته بيتابيءَ وچان، گهر جي ٻنهي گهڙيالن جا ڪانٽا ٻه ڪلاڪ اَڳيان سرڪائي ڇڏيائين. اُن ڏينهن ونوءَ جي گهڙيال موجب، رات جي ساڍي اَٺين بجي، سج لٿو! مطلب ته اَهڙيءَ تڪڙ سبب مطلب سڌ ڪرڻ ته پري رهيو، پر ڪڏهين ڪڏهين غضب به ٿي ويندو آهي. اِن خيال کان، جڳ کان ٻه ڪلاڪ اڳيان هلندڙ ونوُ، جڳ سان گڏوگڏ هلڻ لڳو. همٿ ڪري، دنيا کي حيران ڪرڻ جو خيال کيس پاسيرو ڪري رکڻو پيو.

آخر ونوءَ فيصلو ڪيو. سياري جي ڏينهن ۾، صبح جي پهر ۾، ٿڌي پاڻيءَ جي بالٽي مٿان اوتيندي، جيئن سڄو بدن ڏڪڻ لڳندو آهي، ساڳي حالت ونوءَ جي هئي. مقرر حد کان پوءِ نوُ صبر ڪري ڪونه سگهندو هئو. ان وقت ونوءَ جي حالت قياس جوڳي هوندي هئي. اِن کان سڌو سادو اِنسان رهڻ ئي بهتر، ڪن ڪن ماڻهن ۾ اِهو گڻ صاف صاف نظر ايندو آهي. سندن همٿ، سندن حشمت، سندن من جي ٻل جي حد لنگهي وڃڻ تي، ڪوئي به سندن پرواهه ڪونه ڪندو آهي.

ونو صبح کان سوچي رهيو هئو. سڀاڻي منجري پيڪي وڃڻ واري هئي. اَڄ جو اَڄ هن سان ٻه اکر ڳالهائڻ ئي کپن. وري ونوءَ کي نصيب ساٿ ڏنو. منجري ڪيترا وڳا آهن، اِهو ڏسڻ آئي هئي، پڙهيل ڳڙهيل هئڻ سان ڪو نئون ناتو غائب ڪونه ٿي ويندو آهي. ونوءَ کي ڏسڻ شرط، Danger Zone (خطري جي جڳهه ) ۾ گهسي آيل سپاهيءَ جيان منجهي ويئي.

ونوُ هيڏانهن هوڏانهن نهاري جهٽ پٽ چيو، ”ڇا کپيئي؟“

منجري وڌيڪ منجهامي ويئي. ڪاليج وارو رشتو نيارو هئو، هاڻ هوءَ هڪ نئين ناتي سان، هن اڳيان بيٺي هئي؛ ۽ هن نئين ناتي جڙڻ کانپوءِ ڳالهائڻ جو اِهو پهريون ئي موقعو مليو هوس، ڪاليج ۾ هوندي هوءَ، بنا ڪنهن هٽڪ جي، “Well played Mr. Barve!” چئي سندس نالو وٺندي هئي. هاڻ کيس ڪيئن سڏ ڪندي؟ اِهي سڀ ڳالهيون اکين اڳيان هئڻ ڪري، هوءَ ڪافي منجهي ويئي.

ونوءَ وري اڳي چيل جملو چيو، منجريءَ جيئن تيئن ڪري جواب ڏنو ۽ اُتان ڀڄي وڃڻ لاءِ منهن ڦيريائين. وئانڪ هڪدم ڪرسيءَ تان اُٿيو.

”سڀاڻي پيڪي وڃڻي آهين نه؟ ته موٽندينءِ ڪڏهين؟“

ونوءَ پڇيو.

”ٻن ڏينهن کانپوءِ،“ منجريءَ پٺيان مڙي وراڻيو.

وري ڪهڙي نئين موضوع تي ڳالهائي، اِهو سوال اُٿي کڙو ٿيو. نئين پتني سان ڳالهائجي ته ڇا ڳالهائجي، اِن لاءِ ڇهه مهينا تربيت حاصل ڪري به عين وقت تي ”سيدنتي مم گاتراڻي، مکم چ پرششيتي“[1] جهڙي حالت ٿي ويندي آهي، ڳالهائڻو آهي، اِن جو مطلب اِهو ته ڪونهي ته آبهوا جي باري ۾ ڳالهائجي؟ شروع کان اهڙا ڪي مقرر ڪيل نيم هجن ها ته دنيا سڄيءَ تي ڪيترو نه وڏو احسان ٿئي ها. اِهو خيال، ونوءَ جي دماغ ۾ چڪر ڪاٽي رهيو هئو.

منجريءَ ٻه منٽ انتظار ڪيو؛ پراِئين بيٺو ڪنهن ڏسي ورتس ته؟ اِهو خيال ايندي ئي هوءَ واپس مڙي. پر هيڏانهن ونوءَ جو ساهه مٺ ۾ اَچي چڪو هئو.

”ٻڌ ته! مانيءَ کانپوءِ، مان توسان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيان ٿو.“ پر، هاڻ تعريف جوڳي ڪرامت جي ڪلپنا ڪندي ئي ونوُ شرمندو ٿي ويو. منجريءَ عجب کان ڦاٽل اکين سان هن ڏانهن کلي ڏٺو. چالاڪيءَ ۾ مشهور عورت ذات ۾ ڄاتل منجري جهٽ پٽ ڳالهه سمجهي ويئي. ونوءَ کي ڇا چوڻو آهي، اُهو هوءَ هن جي نه چوڻ تي به ڀانپي ويئي. ”ٺيڪ آهي.“ چئي منجري هڪدم اندر ڊوڙي ويئي.

هيل تائين نصيب، ونوءَ کي چڱو ساٿ ڏنو هئو، پر هاڻ کيس سهڪار ڏيڻ بدران اَسهڪار ڪرڻ ئي وڌيڪ پسند هوس. ونوءَ سوچيو، هاڻ باقي رهيوئي ڇاهي؟ منجري گهر ۾ آهي. بي اي پاس آهي. بابا پيسن تي جوڳي نظرداري پيو ڪري، زندگيءَ جا سڀ ڪم پورا ٿيا. اِئين هوُ محسوس ڪرڻ لڳو، پر هڪ ڏينهن منجريءَ کيس سجاڳ ڪيو. ايترو ته زور سان ڌوڏائي جاڳايائينس، جو ونو کن لاءِ ته منجهي پيو.

پرائي ملڪ ۾وڃڻ تي، پهريان چار ڏينهن ته پسگردائيءَ جي حالتن جو معائنو ڪرڻ ۾ ئي محو رهبو آهي، ان ريت، منجري اٽڪل هڪ سال اوسي پاسي ۾ بيهي حالتن جو جائزو ورتو. هوءَ ڀل ۾ به ونوءَ جي مرضيءَ خلاف ڪانه ويندي هئي. آئي وئي کي ڇا کپي، ڇا نه کپي، اِهو ڏسڻ، سس - سهري جي مرضي رکڻ، گهوٽ جي وچ - ٽپڻي ٿي هلڻ، اِنهن سڀني ڪمن ۾ منجريءَ ايتري هوشياري ڏيکاري، جيتريءَ جي ڪنهن ڪلپنا به ڪانه ڪئي هوندي! پر من ۾ درڍ نشچيه قائم ئي هوس. اُهو نشچيه مڪمل طرح پوري ڪرڻ لاءِ ئي، هيءَ سڀ اَڳواٽ تياريءَ جيان ڪري رهي هئي. آسپاس جي ماڻهن جو مڪمل طرح جائزو ورتائين ۽ پوءِ هڪ ڏينهن، منجهند کانپوءِ، ونوءَ اڳيان پنهنجي خواهش ظاهر ڪيائين.

شروع شروع ۾ ونوءَ کي، منجريءَ جي ڳالهه مذاق ئي لڳي، پر جڏهين هن ’حق‘ جي ٻولي ٻولڻ شروع ڪئي، تڏهين البت گهٻرائجي ويو. اِن هوندي به، ڪيتريون ئي ڳالهيون اَهڙيون ٿينديون آهن، جو اُنهن ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ تي، پنهنجو پاڻهي ڪم ٿي ويندا آهن. ونوءَ کي اِن جو چڱو آزمودو هئو. پيءُ وٽان ڪڏهين وياکياڻ - بنا خط ايندو هئو ته ونو اُن جو ڪوبه جواب ڪونه موڪليندو هئو. ڪجهه وقت گذرڻ بعد، گاڏي پٽن تي ايندي هئي، پڻهس جو غصو ڍرو ٿيندو هئو ۽ پيسن جي هڙ پوني ۾ ايندي هئي.

باهه مٿان پاڻي وجهي، باهه وسائڻ جي ڪلا ايندي هجي ته گهٽ ۾ گهٽ تيل وجهي آگ ڀڙڪائڻ جو ’جس‘ نه کٽڻ کپي، اِن جي ونو ٿوري گهڻي پوئواري ڪندو هئو، منجريءَ جي اِن نئين تقاضا ڏانهن پهرين ته هن توجهه ئي ڪونه ڏنو. يعني ته ڪنن سان ٻڌندو هئو ۽ اکين سان هن جي چهري ڏانهن تڪيندو هئو. ايترو ٿيڻ تي، خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ ٿي ڳالهائي، ائين بانوري صورت بڻائي،وچان ئي ٽين ڳالهه ڏانهن سندس ڌيان ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندو هئو. اڳتي هلي کيس مذاق اُڏائڻ جو ويچار آيو.

”ٺيڪ آهي، منجوُ! پر، تون پڙهي ڇا ڪندين؟ تون ڀلي پڙهه، جيترو وڻيئي اوترو پڙهه، ڪائي حرڪت ناهي. پڙهڻ لاءِ ئي ته اَسان ڄايا آهيون. هڪڙي شاعر ڪونه چيو آهي ته اَسان مرڻ تائين وديارٿي ئي آهيون. تنهنجي پڙهائيءَ خلاف هل بکيڙو مچائي، توکي دلگير ڪرڻ ۾ منهنجو ڪو موک ٿيڻو ڪونهي، پر منهنجو هڪڙو شرط آهي. پڙهڻ بعد، توکي نؤڪري ڪرڻي پوندي.“

منجريءَ کي ونوءَ جو مذاق بلڪل آئڙندو ڪونه هئو. ”تون نوڪري ڪر، مان گهر ۾ ويهندس. تون آفيس مان ايندينءَ ته مان چانهه جو ڪپ کڻي تو اَڳيان ايندس. منجري مان ڪو سناتن ڌرمي ناهيان. اَڄ تائين دنيا جو اِهوئي رواج هئو ته مرد ٻاهر جا ڪم ڏسن، ۽ زالون گهر سنڀالين؛ لڳي ٿو، هاڻ توهان زالون گهر سنڀالڻ مان بيزار ٿي ويون آهيو، اِهو سڀاويڪ ئي آهي. ساڳي ساڳي ڳالهه ڪري ماڻهو ڪڪ ٿي پوي، اِهو بلڪل سڀاويڪ آهي، ته چئبو تون اِهو چوڻ ٿي چاهين ته اَسان مردن کي گهر سنڀالڻ کپي؟“ ونوءَ چيو.

”مون کي اِهو ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اَچي، ۽ نڪا مان اِئين چوان ٿي. رڳو....“ منجريءَ بنا للي چپيءَ جي چيو. ”پر، منهنجي ڳالهه ته ٻڌ. مان ڇا ٿو چوان؟ اِهوئي ته توهان زالون هاڻ آفيسن ۾ فائيلن جي ڍڳن ۾ وڃي مٿو کپايو ۽ اَسان مرد گهر ۾ ويهي، ڀاڄيءَ ۾ بيسڻ وجهي رڌجي يا اِئين ئي رڌجي، اِن ڳجهارت کي حل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃون. مان ٿو پڇان اِن ۾ هرج ئي ڪهڙو آهي؟ اَسان پراڻو رواج اَڄ تائين هلائيندا آيا آهيون. هاڻ هيءُ نئون رواج هلائي ڏسون. جي توهان ڪامياب نه ٿيون، ته اَسان ويٺا آهيون نه؟ ڏس منجوُ! مان شخصي آزاديءَ جو پورن ريت چاهڪ آهيان. توکي پڙهڻو آهي نه؟ پڙهه. ڪوئي فڪر ناهي، مون کي پاڻ اڄ ڪلهه ڀاڄي خود رڌڻ جو شؤق کنيو آهي. ٻيو ڇا کپيئيءَ؟ سڀان، اَمان کان موڪل وٺ. اَسان چار ڏينهن اِن نئين راهه جا پانڌيئڙا بڻجي ٿا ڏسون.“

منجري پنهنجي ضد تان ڪانه لٿي. بي . اي ٿيڻ جي خوشنما تصور ۾ محو هئي. ونوءَ جي مذاق جو پاڻ مٿس اُلٽو اَثر پيو. سندس پڙهائيءَ جي اِڇا جي راهه ۾ ونو کيس رڪاوٽ ڀاسجڻ لڳو. سندس مذاق اُڏائيندڙ وياکياڻ کيس مکر ڀريا لڳندا هئا. ونوءَ جي باري ۾ اَڳي سندس رايو تمام سٺو هئو. هرڪا نوجوان نينگري ٻي ڪنهن به ڇوڪريءَ کي ٻڌائڻ کانسواءِ، پنهنجي ٿيندڙ جيون - ساٿي جي دل ئي دل ۾، ڌنڌلي ڌنڌلي روپ - ريکا ٺاهي ڇڏيندي آهي؛ ڀل ته ساهه نڪري وڃيس، پوءِ به هوءَ قبول ڪانه ڪندي. منجريءَ ننڍي هوندي، جڏهين ڏهين يا يارهين سالين جي هئي، تڏهين هڪ ڇوڪرو سائيڪل تي زوم سان ويندو ڏٺو، ان وقت هن، سندس سائيڪل تي وڃڻ جي ڪارنامي کي خوب ساراهيو. اُن کانپوءِ ننڍي هوندي ڪجهه خاص محسوس ڪانه ڪيائين، پر جڏهين اَرڙهين سالين جي هئي، تڏهين هن، ونوءَ کي ڪرڪيٽ کيڏندي ڏٺو، اُن وقت کيس اُن ڇوڪري جي ياد آئي. هن ونوءَ کي خوب ساراهيو، ۽ پنهنجي من ۾ به اِهو قبول ڪانه ڪيو هئائين، کيس ڪجهه نيارو محسوس ٿيو ۽ اُن جذبات جي وهڪري ۾، هوءَ “Well Played, Mr. Barve!” چئي ويٺي. ننڍي هوندي، جنهن  قسم جي ڇوڪري بنسبت من ۾، ياد رکڻ لاءِ ڳنڍ ٻڌي هئائين، اُنهي قسم جو ڇوڪرو کيس مليو هئو. قسمت سان،سڀ ڪجهه سندس دل وٽان ئي ٿيو. ونوُءَ هاڻ سندس مالڪ هئو. جڏهن شاديءَجي پڪ ٿيس، تڏهين کان هن هزارين ويچار سوچي رکيا هئا، اُنهن مان هڪ ويچار پڙهڻ بنسبت هئو؛ ۽ ونو سندس اِڇا جي آڏو ڪونه ايندو، اِئين پنهنجي من کي منائي ورتو هئائين، پر جيئن ڏسجي ٿو، اِئين ئي هجي ها ته دنيا جو سوال ڪڏهين جو حل ٿي وڃي ها، کيس ونوءَ جي من جي باري ۾، سندس مقصد جي باري ۾، سوچڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪانه ٿي. ونوءَ کي پاڻ چوندي مس ته هو سندس چوڻ موجب ڪندو، اِها سندس غلطفهمي هئي. اِن جا آثار هاڻ نظر اَچڻ لڳس. پنهنجو مطلب سڌ نه ٿيڻ تي، سڀاويڪ من تپيندو آهي. مخصوص مقصد جي پٺيان لڳل شخص، رشتن ناتن کي ڪوڙئي ليکيندو آهي. منجري انڪري ئي پنهنجن حقن کي ڄاڻندڙ بانوري منجريءَ، ونوءَ جو سنسار نيست نابود ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويئي. جذباتي ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ڪا ڳالهه گهر ڪري ويهندي آهي ته بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، پاڻ سان گڏ آسپاس جي ماڻهن جي برباديءَ جو به ڪارڻ ٿيو پون.

آهستي آهستي اِن بحث مباحثي چڱو رنگ لاتو، منجري پنهنجي ضد تان ڪنهن به شرط تي هٽڻ لاءِ تيار ڪانه هئي. ونوءَ، منجريءَ کي موڙڻ جو فيصلو ڪيو هئو. ٻئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي طرفان خبرداريءَ سان هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

- ۽ ونوُ اِنهن سڀني ڳالهين جا اَٺسٺا ٺاهيندي ڪتاب سيني سان لڳائي، آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هئو. اِن عجيب حالت مان ڇٽڻ جو ڪهڙو رستو ڪڍي، اِهو ئي کيس نٿي سمجهيو، اَڄ تائين، زالن جي پڙهڻ، سندن حقن وغيره جهڙا ’موٽا موٽا‘ لفظ ڄاڻندو به ڪونه هئو، پر اَڄ اُهي ئي لفظ سندس ڳاٽي تي ويهي، ڇڪتاڻ ڪري رهيا هئا. هوُ بي طرفدار بڻجي پنهنجن گڻن - اَوگڻن جو ڇيد ڪرڻ لڳو. سندس سرير ۾ ڪهڙو خاص گڻ هئو؟ ڪو به نه! بمبئي يونيورسٽيءَ جي ڊگري جو ٻه - هٿ ڊگهو ڪاغذ حاصل ڪرڻ کانسواءِ، بي اي ٿي هن ڇا حاصل ڪيو هئو؟ ڪجهه به نه! ڪرڪيت ۾ ٻن چئن ماڻهن جي ساراهه جو سواد چکي چڪو هئو، پر گڏوگڏ گلا جون ’سوکڙيون‘ به کيس قبول ڪرڻيون پيون هيون. ”اَڙي هل، نه! تنهنجو بروي ڇا ٿو کيڏي، خبر آهي، چار ’چانسون‘ ڏيئي، ڪو بوگر ڇوڪرو به سؤ ’رنسون‘ ڪڍي سگهي ٿو...“ وغيره وغيره. اُن بعد سندس ساراهه ۾ چيل جملا به هن جي ڪن تي پيا هئا. ٿوري ۾ ائين کڻي چئجي ته ونوءَ ۾ لياقت ئي ڪانه هئي!

- پر پوءِ وري ونوُ سوچڻ لڳندو هئو. منجري وري ڪهڙي گڻن جي پتلي آهي؟ ڪاليج ۾ پهريون سال پاس ڪيائين ته ڪو سرڳ ڪانه پراپت ڪيو هئائين. ٻن چئن وشين تي، ٻين ماڻهن جي چورايل وياکياڻ جي زور تي، ٻه چار جملا ڳالهائڻ سان ڪا پڙهيل ڪانه ليکبي. ايئين سندس هڪ گڻ ته ونوءَ کي ڏسڻو آيو پئي، پر اُن کي گڻ به ڪيئن چئجي؟ روپ ته ايشور جي دين آهي. منجري سندر آهي، اِهو ڪو سندس خاص گڻ ڪونه چئي سگهبو.

منجريءَ تي خار کائي، رڙيون واڪا ڪرڻ جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو، اِن تي ونوُ سوچڻ لڳو. شايد منجري ڪاوڙجي پيڪي هلي ويندي. ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ڪاوڙ ڍري ٿينديس ته پاڻهي گهر واپس ايندي، پر، جي ڪجهه ڪري ويهي ته؟

اِهو سوچي، ونوءَ جا لڱ ڪانڊارجڻ لڳا. منجريءَ کي ڊپ ۾ رکي، کيس پنهنجي ضد ڇڏائڻ چاهيندڙ ونوءَ، اِهو ڪڏهين به ڪونه چاهيو ٿي ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ کي ڪجهه ڪري، سوا ٻه ڪلاڪ سوچڻ کانپوءِ به ونوءَ کي ڇوٽڪاري جو رستو ڪونه سجهيو.

ڪجهه دير کانپوءِ منجري اَندر آئي. ونوءَ ڏٺي اَڻڏٺي ڪري ڇڏي. منجريءَ جي منهن مان ڪو اٽل اِرادو بکي رهيو هئو. ٻنهي کي هڪٻئي جي من ۾ متل مانڌاڻ جي مڪمل ڄاڻ هئي، پر شروعات ڪرڻ جي جوابداري سر تي کڻڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونه هئو. آخر ونوءَ سانتيڪي نوع ۾ سوال پڇيو.

”ايتري ۾ سڀ ڪم ٿي ويا؟...“

”مان ڪا مزورياڻي ناهيان، جو سڄو ڏينهن پورهيو ڪندي وتان!“ منجريءَ رنج ٿيندي جواب ڏنو. منجريءَ ڳالهه جاري رکندي چيو.

”صبح جو اُٿي چانهه پاڻي ٺاهه، منجهند جو ماني،.... پوءِ چانور - دال سوءِ، شام جو ڏيئو، بتي ٻار، ڇنڊ ڦوڪ ڪر - ڄڻ ته اَسان زالون حق - ٻڌيون ٻانهيون آهيون. ۽ مرد رڳو واندن وانگر، ’هيئن ڪر‘ ’هونئن ڪر‘، ”اَڃا ٿيو ڪونهي؟“ اِئين اَکيون ڦاڙي رڙو رڙ لائي ڏيندا. اَسان زالن جي باري ۾ توهان مردن جي ڪهڙي ڪلپنا آهي؟ ٽانگي ۾ جوٽيل جانور به اَسان کان بهتر!....“

”آخر تون چوڻ ڇا ٿي چاهين؟“ هن ڏانهن ڏسندي ونوءَ چيو.

”هڪ دفعو ته چئي چڪي آهيان. وري وري پڇڻ ۾ مزو ٿو اَچيوَ ڇا؟ مان....“ چئي، منجريءَ پنهنجو ڀاشڻ وچ ۾ ئي لٽڪائي ڇڏيو.

”مون کي مزو ٿو اَچي نه؟ جوءِ جون گاريون کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي نه؟ ونوءَ ڪجهه وڏي آواز ۾ چيو.

“پر به مان وڌيڪ پڙهنديس ته ان ۾ توهان کي ڪهڙو هرج آهي؟ زالن کي پڙهڻ کپي، اِهو ته توهانجو رايو آهي، نه؟“ منجريءَ چيو.

”شادي ٿيندي ئي، مڙس کي پنهنجن راين کي ڏٽي، نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻي پوندي آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته منهنجي رايي لاءِ توکي ڪهڙي قيمت آهي؟“

”قيمت جو ته مون سوال اَصل ڪونه اُٿاريو آهي. ۽...

پر به، مان پڙهنديس ته توهان جو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟“

ونوُ ڪجهه دير، ڪجهه ڪونه چيو، پوءِ زور زور سان چوڻ لڳو، ”منجري! مان توکي چئي ٿو ڇڏيان ته هاڻ تون پڙهڻ پڙهڻ وساري ڇڏ. جيسين تون آزاد هئينءَ، تيسين مون توکي هڪ اَکر به ڪونه چيو؛ پر، هاڻ بدليل رشتي ناتي سبب، لاچار توکي چوڻو ٿو پوي. منهنجي اَڳيان وري پڙهڻ جو نالو ورتو اَٿيئي ته نتيجو سٺو ڪونه نڪرندو.“

”ته ڇا مون کي ماريندا؟ خراب ۾ خراب ٻيو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو سگهي؟ ٻه چار ڌڪ - بجا هڻي پنهنجي مالڪيءَ جو حق ظاهر ڪندؤ، اِئين نه؟“ ايترو چئي منجري روڪجي ويئي.

”منجري، اَڄ تائين توسان اَهڙي هلت هليو ناهيان، ۽ هن کانپوءِ به اهڙيءَ هلٿ هلڻ لاءِ مان بلڪل تيار ناهيان. منهنجن لفظن جو اُلٽو مطلب ڪڍڻ جو توکي شؤق هجي، ته مون لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اَڄ تائين...“

ونوءَ سٽ اَڌ ۾ ئي ڇڏي ڏني. ونوءَ ڳالهائڻ بند ڪيو، پوءِ به هن جي دماغ ۾ خيالن جي هلچل متل هئي. هن گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ پئي چاهيو، پر منجريءَ اَڳيان ڳالهائڻ جو ڌيرج ڌري نه پئي سگهيو.

”منهنجين هم- ڪلاسي ڇوڪرين سڀن ئي هن سال اِنٽر پاس ڪيو. مون اَلائي ڪهڙو پاپ ڪيو هئو، جو...“ منجريءَ ڪجهه غصي ۾ ۽ ڪجهه قياس جوڳي آواز ۾ چيو.

.”تون ڪونه ڪيو آهي، پاپ ته مون ئي ڪيو آهي. اِنڪري ته ههڙي آزمائش مان گذري رهيو آهيان. منجو! تون سکي ڇا ڪندينءِ؟ اوچ گيان پائڻ لاءِ پريکيا جي چڪر جي ڪهڙي ضرورت آهي. گهر ۾ ئي نٿي پائي سگهين؟“

ونوءَ بيزار ٿيندي چيو.

”گهر ۾ نه؟ گهر ۾ ويهاري، سٺي ماتا بڻجڻ ئي سيکاريندؤنه؟ زالن جي قيمت آهي، چلهه، ٻار، ڪڏهين ڪڏهين گل ۽ ڪپڙن جي جهل، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇاهي؟ اِهو مون کي بلڪل پسند ڪونهي. مون کي هن دنيا ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻو آهي. مون کي ٻين زالن وانگر، رنڌڻي کي بيٺڪ جو ڪمرو ۽ بيٺڪ جي ڪمري کي رنڌڻو بنهه بڻائڻو ڪونهي!“

منجريءَ چيو.

”پر، منجري! تون اِن ڳالهه تي ڌيان نٿي ڏين ته تنهنجي شادي ٿي چڪي آهي، شادي شده عورت مٿان ٿوريون گهڻيون جوابداريون اچي پونديون آهن، توکي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي خواهش آهي، پر پنهنجيون جوابداريون محسوس نه ڪري، ڪجهه اؤر ئي ڪري ويندينءَ. منجري، توکي صاف صاف چوان؟ تون مون کي سوارٿي سڏين، يا جيڪي وڻيئي اُهو چوين، پر، منجو! منهنجي اِها دلي خواهش آهي ته تون هميشه منهنجي نزديڪ هجين، ۽ اَسان ٻئي ساز سلوڪت سان، سهمت ٿي رهون. منجو! اِئين ڪانڌ جو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ چڱو ناهي، منجو! تون منهنجي نزديڪ نه هوندينءَ ته مان....“

”پر اِن ڳالهه کي ڪا معنى ئي ڪانهي، جيڪڏهن توهان کي منهنجو ايترو خيال آهي ته پوءِ منهنجيءَ اِڇا جي آڏو اَچي، هيئن بي همٿ ڇو ٿا ڪريو؟“

”تون مون کي اِجايو نه ستاءِ، جي منهنجي ٻڌڻ نٿي چاهين ته جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر.“ ونوءَ غصي وچان ڪتاب ڪنڊ ۾ اُڇلي ڇڏيو.

منجريءَ کي خواب خيال ۾ به ڪونه هئو ته ڪو ونو ايترو غصو ڪندو. اڳي ڪڏهن به نه ڏٺل سندس ڪاوڙ ڏسي، منجري منجهي پيئي. ونوُ ساڳئي جوش خروش وچان چوڻ لڳو.

”پڙهيل ڳڙهيل مورک سان شادي ڪرڻ معنى آگ سان کيڏڻ، گپ شپ هڻي سگهندڙ چڱي ڇوڪريءَ، شادي ڪرڻ کانپوءِ، مڙس جي مرضيءَ تي هلندي، اِهو سوچڻ ئي اِجايو آهي. وڃ، جتان کپيئيءَ اُتان وڃي بکيا گهر - مون کي اِن جي ڪائي پرواه ڪانهي، خبر ناهي ڪهڙي ايشور کي ههڙو روپ توکي ڏيڻ جي گڏ هپائي سوجهي هوندي! ان جي زور تي، اَچي منهنجي پلءُ پيئنءَ. تنهنجي ۽ منهنجي قسمت ۾ شايد سک نه هوندو، پيڪي ته وڃين ئي پيئي - خوشيءَ سان وڃ. اُتي بي. اي. ٿيءُ، نه ته ماسترياڻي ٿيءُ. تون ڄاڻين، تنهنجو نصيب ڄاڻي چوي ڇا ٿي، مان ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿي چاهيان، ڇا ڪري ڏيکارڻ ٿا چاهيو توهان؟ اَڄ تائين ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو اَٿوَ، جو اوچتو هيءُ سڀ ياد پيو اَٿوَ. هڪ پاسي مڙس جي پيسن تي الوليون ماڻڻ ۽ ٻئي پاسي حقن جي ٻولي ٻولڻ، ننڍي هوندي پيءُ لاءِ مصيبت، وڏي هوندي مڙس ڏانهن غفلت ۽ ٻڍاپي ۾ هٿ ۾ جهليل مالها سان حرڪت هيءُ سڀ ڪندي ڪندي جنم ڳريو وڃي توهان زالن جو!....“

جي ممڪن هجي ها، ته منجري ونوءَ جي قياس جوڳي حالت ڪري ڇڏي ها. منجريءَ کي سچ پچ ڏاڍو غصو لڳو هئو. ونوءَ ڇا چوڻ باقي ڇڏيو هئو. هن سان گڏ، دنيا جي مڙني عورتن جي لاک لاٿي هئائين، ۽ شادي ڪرڻ کانپوءِ پڙهڻ نه کپي - اِهو ڪهڙو قاعدو آهي؟ ۽ ان لاءِ هيتري چڙ، هيترو غصو؟ اَٽو، لٽو ڏيئي اسان جي مٿي تي احسان جو ٻوجهو ٿا لڏين ڇا؟ کين غرض آهي تڏهين ته ٿاٻڙجندا اچن ٿا، نه؟ ته پوءِ هيءَ مغروريءَ جي ٻولي ڇا لاءِ؟ منجري هڪ هڪ سوال تي سوچي رهي هئي، پر جواب هڪ ئي هئو، مردن کي سوارٿ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو سجهي، جيسين زال، ”ها“ ۾ ”ها“ ملائي، ’صاحب بهادر‘ جي مرضي رکڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي، تيسين ٺيڪ آهي، ٿورو به ڪٿي بگڙيا ته، ”تون مري ويندينءَ ته به پرواهه ڪانهي!“ چئي ڏيندا! ڇا ته اِنصاف آهي! مڙس کلي ته اسان کي به زور زور سان کلڻ کپي. مڙس غمگين هجي ته اَسان کي به زارون زار روئڻ کپي. ڇا، اِهوئي آهي زالن جو حق؟ سچ آهي!

ايتري ۾ پنهنجي ماءُ - پيءُ کي اَڳي ڪڏهين نه ٻڌل جهڳڙي جي سڻس نه پوي، اِنڪري ونوُ منجريءَ کي وٺي پوني ويو. نؤجوان زال مڙس ڪٿي به ٽاني ۾ ويندا ڏسي، ٻڍڙن کي عجب - گاڏڙ خوشي ٿيندي آهي. مان پنهنجا لفظ ”عجب - گاڏڙ خوشي“ واپس ٿو وٺان، ڇو ته، خوشيءَ کان وڌيڪ، پيار جو جوش ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ٿي سگهي ٿو، کين به پنهنجو ’اُهو‘ وقت ياد ايندو هجي! عام رواجي رسم جي پيروي ڪندي، ونوءَ جي ماءُ - پيءُ کي به هنن ٻنهي جي نظر اُتارڻ جو خيال اچي، ته اِن ۾ ڪائي نئين ڳالهه ڪانهي. ونوءَ کي ماڻهس هڪ دفعو نه، هزار دفعا سمجهائيندي چيو، ۽ اُهو به ”چڱو ياد پيو“ اِن ريت! ”ونوُ! سنڀالي وڃج، ڇوڪر کي دريءَ کان ٻار نئڙڻ ٻئڙن نه ڏج، متان تون هجين پنهنجي لهڻ چڙهڻ ۾ پورو ۽ ....“

”اَمان! اَڄڪلهه تنهنجي ڪلپنا - شڪتي ڪافي جهڪي ٿي ويئي آهي، ڇوڪري ايتري سياڻي آهي، جو تون سوچي به ڪانه سگهندينءَ، مون کي سنڀالڻ لاءِ به هوءَ تيار آهي.“

ماڻهس اِنهن لفظن ۾ سمايل وَر وَڪڙ سمجهي ئي ڪانه سگهي. البت منجري ڪنڌ ڦيري بيهي رهي، ۽ ڄڻ ڪجهه ٻڌو ئي ڪانه هئائين، اِها ڏيکاري ڏيڻ ڪاڻ، دروازي جي ڪڙي جي من ئي من ۾ واکاڻ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويئي.

”ڌيءُ، ڪڙي سان کٽ کٽ نه ڪر.“ ونوءَ جي ماءُ جي ائين چوڻ تي، ”ڇا ته مصيبت آهي!“ اِهو ڀاو اکين ذريعي ظاهر ڪندي، منجري پنهنجين ٻانهن ۾ پيل چوڙين سان کيڏڻ لڳي.

ڪالهه جي واقعي کان وٺي، ونوُ منجريءَ سان ڳالهائيندي، اَدب جتائيندڙ عدد جمع جو استعمال ڪري رهيو هئو ۽ اُهو به، بنا ڪنهن سبب جي نه. منجريءَ کي شروع شروع ۾ الائي ڇا پئي لڳو. ونوُ هن سان هيئن ڇتائيءَ سان ڳالهائي، اِهو کيس ڪجهه خراب لڳو. سڄي رات، سندس دماغ ۾ اِهو ويچار ڦري رهيو هئو. هن ونوءَ کي به خوش رکڻ ٿي چاهيو ۽ پڙهڻ به ٿي چاهيائين. ٻئي هڪ ئي وقت ڪيئن ٿيندا؟ ونوءَ کي ڪاوڙائڻو ناهي معنى، ٻين زالن وانگر هن کي به چپ چاپ هٿ ۾ ڪيوي جهلي چلهه اَڳيان ويهڻ کپي. بي. اي. ٿيڻ جو شؤق پورو ڪندي ته ونو خبر ناهي ڇا ڪندو؟ ونوءَ جي غصي ڀر هوءَ تمام گهڻو ڊڄي ٿي، هروڀرو اِئين به ڪانهي. ”هون! ڪري ڪري ڇا ڪندا مون”؟ منجريءَ من ۾ سوچيو. پوءِ به، پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، ٻئي جي جذبات جو ٿورو گهڻو خيال ڪرڻ چاهيندو ئي آهي. منجري بي. اي ته ٿيڻ چاهيو ٿي، پر بي اي ٿي، کيس ونوُ به کپيو ٿي، ۽ اِنڪري ئي جڏهين ونُو پنهنجو سوارٿ سڌ ڪرڻ لاءِ عجيب هلت هلڻ لڳو، تڏهين کيس رکي رکي لڳندو هئو، ته ڪٿي هوُ ڪا ڀل ته ڪانه ڪري رهي آهي. رستو نهايت سهڻو هئڻ ڪري، سڀاويڪ جهٽڪي سان ونوءَ جو هٿ، سندس پٺ تي پئجي ويو، کيس سچ پچ ڏاڍو آنند آيو، پر ٻئي کن ۾ جڏهين ونوءُ پنهنجو هٿ هٽائي ڇڏيو تڏهين وري منجري بي تاب ٿي ويئي.

چوندا آهن ته سڌريل ويچارن جو پيڪو گهر پونو آهي، پر ونوءَ جي من تي پوني جي هوا جو اَصل اَثر ڪونه ٿيو، منجري هاڻ پڙهڻ جي اَجائي کرکسي ۾ نه پئي، چپ چاپ جيئن چوانس تيئن هلڻ  لاءِ تيار ٿئي، اِهو ونوءَ جو ويچار بنهه ڪونه بدليو. مڃيوسين، زالن کي حق کپن، نه چئبن ته بحث مباحثو ٿيندو؛ پر حق کپيس ڇا لاءِ؟ پنهنجو فائدو ڏسڻ جي اِڇا انسان ۾ سڀاويڪ آهي، فائدي لاءِ ئي حق؟ پر حق ملڻ سان فائدو ٿيندو ئي، اهڙو وشواس هجي ته حق وٺڻ لاءِ تڪليف سهڻ کي ڪا معنى آهي، ۽ جي مڙس سمورو گيهه پنهنجيءَ ٿالهيءَ ۾ وجهندو هجي ۽ جوءِ کي بُوسي جي ماني کارائيندو هجي ته پوءِ حق وٺڻ جو سوال اُٿارڻ صحيح آهي. اِن تي منجري شايد اِئين چوي ته هيءُ ٿيو اُڃ لڳڻ تي کوهه کوٽائڻ وارو قصو. مڙس اَڳتي هلي شرابي ڪونه نڪرندو، اِن جي ڪهڙي خاطري آهي. مڃيوسين.  مقرر ڪيل حد تائين اِهو نڪتو غور جي قابل آهي، پر هڪ سوال ٿو اُٿي. دنيا جا سڀئي مڙس ڪو شرابي ڪونه هوندا آهن.

ونوءَ پنهنجي من ۾ انهن مختلف خيالن جو مانڊاڻ منڊي ڇڏيو هئو. جڏهين ويچار تمام گهڻي تڪليف ڏيڻ لڳس، تڏهين هن شولا پور واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

منجريءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ملي، شولا پور وڃڻ جي خيال کان کيس واقف ڪيائين، وري منجريءَ جي اَکين اَڳيان ”ونو يا پڙهڻ؟“ اِهو بحث چڪر ڪاٽڻ لڳو. ڪهاڻين ۾ ۽ تصور سان ڀريل اَفسانن ۾ اَهڙا واقعا عام جام پڙهبا آهن. ”مڙس ڏانهن نفرت ڀريل نظر اُڇلي، هن پنهنجي چمڙي جي بئگ کنئي ۽ پونا ايڪسپريس ۾ هلي ويئي....“ وغيره ڪرڻ جي اَڃا اَسان جي زالن ۾ همٿ ناهي؛ نه ته هر روز مڙس کي ڇڏي، ”ڪجهه ڪري ڏيکارڻ“ جي منتر سان مگڌ ٿيل ڇوڪرين سان ئي پونا ايڪسپريس ڀريل هجي ها، چوڻ ڏاڍو سؤلو آهي، پر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مڙس کي ڇڏڻ جي خيال ۾ گهرو وڃڻ تي سڌ پئجيو وڃي ته گهڻين ويهين سؤ ٿيندو آهي.

مڙس کي ڇڏيندي خاص طور هڪ چنتا اَچيو اَڳيان کڙي ٿئي. - مستقبل جو فڪر! اَڳتي هوءَ ڪيئن ڪندي، اِها ڳڻتي منجريءَ کي ڳاري رهي هئي. ڪافي دير ٻنهي کي - هڪ ٻولي هوندي به - ڳالهائڻ لاءِ لفظ ئي نٿي سجهيا.

”مان سڀاڻي واپس ويندس.“ ونوءَ چيو، منجريءَ ڪجهه به ڪانه چيو. ونوءَ ٿوري دير کان پوءِ وري چيو، ”اَمان کي ڇا چوان؟“ پوءِ به منجري هيٺ زمين ڏانهن تڪيندي رهي.

وري ونوءَ ”اَمان کي ڇا چوان؟“ - اِهو سوال پڇيو. ”مان ڇا چوان؟ توهان کي جيئن وڻي تيئن ڪريو.؟

منجريءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.

”ماءُ کي پٽ ٿو چوي، ’اَمان، منهنجي زال مون کي طلاق نامو ڏنو آهي.‘ ڇا ته شاعراڻو نياپو آهي! اوچ خاندان ۾ ڄاول زالن جو اَڄڪلهه مقصد ئي آهي، مڙسن سان آڏو اُبتو هلڻ! ۽ اُهو به ڇا لاءِ؟ ٻه چار ڪتاب گهوٽي پي، ماڻهن کان پاڻ کي ’ودشي‘[2] سڏائڻ جو فخر حاصل ڪرڻ لاءِ! توهان ’ودشي‘ ٿينديون ته، ان حساب سان، اسان ’ودوُشڪ‘ ئي ٿينداسين نه؟ ’ودوُشڪ‘ جو لقب پائي، زالن کي بند ڪري رکندڙ ماڻهو سچ پچ مورک هئا، تنهنجي صحبت ۾ مان البت سياڻو ٿيو آهيان...“ جيتري ٽوڪبازي ڪري ٿي سگهيو اوتري ونوءَ ڪئي پئي ۽ منجريءَ ٻڌي پئي.

”منجري! توکان هڪ ڳالهه پڇان. هاڻ اِئين کڻي چئجي ته منهنجو حق ڇٽو، پوءِ به رهيو نٿو ٿئي، اِنڪري ٿو پڇان - مون تي جو هيترو غصو ٿي ڪرين - سو، توکي غصو ڏيارڻ جهڙي، ڪهڙي ڳالهه ڪئي اَٿم، اِهو مهرباني ڪري مون کي سمجهائيندينءَ؟ مرضي پويئي ته جواب ڏي. نه ته پوءِ وري رڙيون واڪا ڪرڻ لڳندينءَ ته مان پنهنجي گهوٽ - پڻي جو حق ٿو ڄمايان.“ ونوءَ هن ڏانهن نهاريندي چيو.


[1]  گيتا جي هڪ شلوڪ جي هڪ سٽ، جنهنجي معنى آهي ”منهنجا انگ ڪنبي رهيا آهن ۽ چهرو به مرجهائجي رهيو آهي.“ - اَنوادڪ

[2]  ودشي = ودوان استري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com