سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :12

ڪجهه دير، منجريءَ پنهنجو مؤن - ورت جاري ئي رکيو. پوءِ چيائين، ”مون کان ڪجهه نه پڇو. مان ڪنهن به سوال جو جواب ڏيئي ڪانه سگهنديس.“ منجريءَ ڀت ڏانهن منهن ڦيري ڇڏيو. ونوءَ هڪدم اڳيان وڌي، منجريءَ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو. منجريءَ ڇرڪ ڀري، هڪ دفعو، هن جي چهري طرف نهاريو.

”منجري! ڇو پيئي پاڻ کي هيئن هلاک ڪرين؟ تنهنجي دماغ ۾ هيءُ بُوسو ڪنهن ڀريو آهي؟ ڀلا مردن پڙهي ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي؟ چري! توکي ڪائي خبر ڪانهي، رڳو مشغول رهڻ لاءِ ۽ اَڳتي هلي پيٽ - گذران لاءِ وسيلو کپي، اِن لاءِ مرد پڙهڻ جي کرکسي ۾ پون ٿا، سمجهيه ءِ؟ چئن پيڙهين کي پورو پوي، ايترو پئسو ڳنڍ ۾ رکندڙ جاگيردار، صحيح جي بدران آنڱوٺو هڻندا آهن، پر ڀل ته ساهه نڪري وڃين، ڪتاب کي ڇهن به ڪونه! بي . اي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ جو زمانو لڏي ويو؛ ۽ هيءُ سڀ ڳالهيون نظر سامهون هوندي به توهان زالن کي، هيءُ بي. اي لاءِ ڇو اَچي ڪڏ کنيو آهي؟ توهان کي گيان ئي پائڻو آهي ته اُهو ٻين اُپاوَن سان ڪونه ملندو ڇا؟ رڳو شرط شروط وجهي، مردن سان اَجائي چٽاڀيٽي ڪرڻ کي ڪهڙي معنى آهي؟“ ونوءَ چيو.

”اِئين مون ڪڏهين ڪانه چيو آهي...“ منجريءَ هيٺ ڏسندي وراڻيو.

”چوڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اُڀ اکئين پيو ڏسجي! بي. اي ٿي توهان ڇا حاصل ڪرڻ ٿا چاهيو؟ توهان کي نوڪريون ڪرڻيون ڪانهن. رڳو عيش آرام لاءِ به اِئين ڪندا هجو، اِهو به ڏسجي ته نٿو. توهان جي من جي تري ۾ شايد اِهو ئي خيال آهي ته توهان مردن کي سڌو ڪرڻ ٿيون چاهيو. توهان کي به بي اي ٿيڻ اَچي ٿو، اِهو ثابت ڪرڻ ڏيکارڻ ٿيون چاهيو، اِن جي ڪهڙي ضرورت آهي، منجري؟ گيان جي ڳالهه ڪرڻي هجيئي، ته توکي اڄ ٻڌائي ٿو ڇڏيان، جيڪو شايد توکي سڀان سمجهه ۾ اَچي - ته سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪري، گهر واپس آيل مڙس اَڳيان، ڪوسي ڪوسي ماني رکي، سندس پراڪرم کي پڏائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندڙ ڪنهن ڳوٺاڻي زال کي جيترو گيان آهي، اُن جي سؤڻي پتي به تنهنجي بي . اي پاس زالن ۾ ناهي. گيان ڪتابن ۾ ڪونه هوندو آهي، آزمودي ۾ هوندو آهي.“

”جي، مان شولاپور نه هلان ته...؟ منجريءَ آهستي، هن ڏانهن ڏسندي چيو.

”نه هلندينءَ ته؟.... پيسا خلاص ته وڃني ته خط لکي موڪلج. توهان جو بندو پيسا موڪلڻ لاءِ تيار آهي. رڳو اِهو نه وسارجو ته توهان جي هن نوڪر کي اَڃا چار ڏينهن عزت آبروءَ سان گذارڻا آهن. اِنڪري هن جي نالي کي داغ نه لڳائجو. اڄ تائين، توهان جي مٿان جيڪو حق ڄمائڻو هئو، ڄمايم، پر ان تي به پاڻي ڦيرڻ لاءِ تيار آهيان. بس؟ هاڻ توهان هيٺ وڃڻ چاهيو ته مون کي ڪائي حرڪت ڪانهي. ۽ ڏسو! هن جهڳڙي جو پتو ڪنهن کي به پوڻ نه کپي.

شينهن جي چنبي مان ڇٽل هرڻيءَ  جيان، منجري اُتان ڀڄي ويئي.

منجريءَ پنهنجي طرفان جيتري ممڪن هيس، اوتري خبرداري ورتي هئي؛ پر اَهڙيون ڳالهيون ڪي لڪي سگهنديون آهن؟ سڀاويڪ، وامن راوَ، منجريءَ کي چيو، ته هاڻ پيڪي گهڻو رهينءَ. ساهري گهر ڪڏهين ويندينءَ؟ منجري کلي هتان هتان جون ڳالهيون ڪري، موُل ڳالهه ٽاري ويئي. ان وچ ۾، وامن راو جي زال، ڪڏهو ڪو ڳالهه ماڻي ويئي هئي. جوان جماڻ نينگر، شڪل صورت ۾ به ڪا وڏ ٻڏ ڪانهيس، ۽ ٻي ڪا ڳالهه هجي، ته اُها به ڪانهي، ان جو پتو زالن کي هڪدم پئجي ويندو آهي، ته پوءِ آخر ڪهڙو ڪارڻ هوندو؟

سطح تي ته ڪجهه به نظر نٿي آيو، ونوءَ جي هلت چلت، ڳالهه ٻول جي ڍنگ مان کيس ٿورو سڳ هٿ آيو هئو. اَڳي، هڪ ڀيري ونو ائين ماءُ پيءُ کي ڀنڀلائي، منجري کي وٺي آيو هئو. اُن وقت اڪيلو ئي واپس ويو هئو، پر اُن وقت سندس چهري تي ڀاوَ نرالا هئا، ته پوءِ هيءَ فرق ڪيئن پيو؟ ۽ تڏهين، منجري  کيس ڇڏڻ لاءِ اسٽيشن تي به ويئي هئي، ۽ هن ڀيري، هوءَ ماڙيءَ تان هيٺ به ڪانه لٿي! ڇو؟ سڀني سوالن جو هڪ ئي جواب! ”صاحب گرم ٿي ويو آهي ۽ ميم صاحب به غصو ڪري رهي آهي!“ مطلب ته هن پنهنجا دليل وامن راو کي چئي ڏيکاريا.

وامن راو کي اِهو ممڪن ئي نه پيو لڳي، اَڙي، زال سان هو ڇا جهڳڙو ڪندو؟ ۽ وڏي ڳالهه ته زالن کي پڇي ڪير ٿو؟ زالن جي واٽ وٺي، ڪو گهر سنسار هليو آهي ڇا؟

پر جڏهين منجريءَ گهر ۾ چيو ته مان سڀان کان ڪاليج وينديس، تڏهين البت اِهو واقعو ظاهر ٿيڻ لڳو ڪجهه به ڪري، وقت سر لغام هٿ ۾ آڻي سگهجي ته ٺيڪ، اِن خيال کان، هن منجريءَ کي ٻه اَکر چيا، پر وياکياڻ جي وهڪ ۾ اَچي، ٻن جا ٻه هزار اَکر ٿي ويا.

”اي منجري! چون ٿا تون گهوٽهن سان وڙهي آهين؟ هان؟“ وامن راو سگريٽ جو سوٽو هڻي، وڏي آواز ۾ پڇيو.

”مون؟ .... ڪڏهين؟.... ڪنهن سان؟“ منجريءَ وري بسر ۾ پير هڻندي چيو.

”منجري! تنهنجي شادي اِن لاءِ ته ڪونه ڪرائي سين، ته توکي جهڳڙي ڪرڻ لاءِ ساٿي گهربو هئو، ڏس، منهنجي ڳالهه مڃ؛ توکي ڪاليج ۾ مون پڙهايو آهي، اُهو ڪافي ڪانهي ڇا؟ ۽ هن ويچاري سان ڇو ٿي وڙهين؟“ وامن راوَ چيو.

جيڪي ٿيڻو هجي، اُهو هڪ ئي وقت ٿي وڃي، وري ڪا اَرچڻ نه اَچي، اِن خيال کان، منجريءَ سانتيڪي نوع ۾ چيو، ”دادا، جيئن منهنجيءَ شاديءَ کان اَڳ، موسان مٺو مٺو ڳالهائيندو هئين، تيئن اڳتي به جاري رک. ڪجهه دير لاءِ اِئين کڻي سمجهه ته مان اَڃا اڳوڻي ’منجو‘ ئي آهيان.“

”اِئين سمجهڻ سان ڪيئن هلندو؟ ۽ هن ويچاري جو ڇا حال هوندو؟ ان جو ڪجهه ويچار نه ڪرڻ کپي ڇا؟ هاڻ اسان جو ناتو ختم ٿيو، جيئن هو چوندو تيئن ئي اسين ڪنداسين....“

”ته پوءِ ٻڌي ڇڏ، ته ’هنن‘ ئي مون کي چيو آهي ته وڌيڪ پڙهندينءَ ته مون کي ڪوئي هرج ڪونهي.“ منجريءَ ڄاڻي واڻي صاف صاف ڪوڙ ڳالهايو.

”ممڪن ئي ڪونهي، اسان مرد سڌارن جي ڪيتري به هام ڇو نه هڻندا هجون، پر بنيادي طور جهونن ويچارن جائي آهيون. پوءِ تنهنجو گهوٽو ونايڪ راو هجي يا مان هجان، عمر ۾ فرق هئڻ سان ڪو من ۾ فرق ڪونه پوندو آهي. گهر سنسار ڇڏي، جوءِ کي ’ ڀلي وڃي پڙهه‘ چوندڙ مرد ڪو ڳوليو لڀندو آهي. مون کي ته اِهو سچ نٿو لڳي.

تون ئي هن سان وڙهي هوندينءَ“ وامن راو سگريٽ ڦٽو ڪندي چيو.

”ٺيڪ آهي، جي مان چوان ته تنهنجي چوڻ موجب ئي ٿيو آهي ته؟“ منجريءَ هن ڏانهن باريڪ نظر سان ڏسندي چيو.

”مطلب ته وڙهي آئي آهين نه؟ مون کي ته اَڳيئي پروُن پئي پيا.“ وامن راوَ ڪجهه کلندي چيو.

”مان پنهنجي حقن جي پائمالي ٿيڻ هرگز هرگز ڪانه ڏينديس.“ منجريءَ مغروريءَ وچان چيو.

هان؟ ... ڇا چيهءِ؟ اِهو حقن جي پوُنگڙو تنهنجي دماغ ۾ ڪيئن گهسي ويو؟... پوءِ ته ٺيڪ آهي. تون چوندي هوندينءَ منهنجو حق ۽ هو چوندو هوندو منهنجو حق.... حق.... معنى ڇا؟ اِن جي خبر اَٿيئي؟ زال - مڙس جي سکي راڄ ۾ اهو حق وري ڇا جو پڪڙي ويٺا آهيو؟ اسان جي ڏينهن ۾، مڙس بيمار ٿيندو هئو ته زال ٽاهه ٽاهه ڳوڙها ڳاريندي هئي. اهو سندس حق هئو، جي ائين آهي ته مان ونايڪ راو کي خط لکان ٿو - کيس سمجهايان ٿو. آرام سان راڻي پٽ راڻيءَ جيان رعب سان رهڻ ڇڏي هلي آهي، حق گهرڻ!“ وامن راوَ سوئريءَ سان سوپاري کي ڪٽڻ شروع ڪيو.

”دادا، تون خط نه لکج“ منجري چيو.

”هان؟ اَڇا، اَڇا! گهوٽ کي خط لکڻ جو حق، زال کي ئي هوندو آهي نه؟ ٺيڪ آهي، تون ئي لک، خط اهڙو ٺاهي ٺاهي لکج جو في الحال ته هو دنگ رهجي وڃي. ڏسان ٿو تنهنجي قابليت.“ وامن راو کلندي چيو.

”دادا، مون کي اجايو نه ستاءِ، تون به خط نه لک ۽ مان به خط ڪانه لکنديس. مون هنن سان جهڳڙو ڪيو آهي مون کي وڌيڪ پڙهڻو آهي، تون چٺي ٻٺي اَصل نه لکج.“

منجريءَ غصي وچان چيو.

منجريءَ کي شروع کان ئي ڏاڍو خراب پئي لڳو، ونوءَ سان هن جي، ههڙي خسيس سبب ڪري، اَڻبڻت ٿئي، اهو کيس رکي رکي ڏاڍو خراب لڳي رهيو هئو، پر ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ نڪتل ڇوڪريءَ کي هيئن بي همٿ ٿيڻ کپي ڇا؟ سڄي استري جاتيءَ جي اُنتي ڪرڻ ڪاڻ، ٻن چئن استرين کي، پنهنجو شخصي فائدو نظر انداز ڪرڻ ئي گهرجي. دنيا جي ترقي جو سوال معنى ٻه شخص ۽ هنن جي قرباني! سماج جي ڪاڻ شخص کي پنهنجو نجو فائدو پاسيرو رکڻو ئي پوندو.

اِهو ٿيو تتو گيان جو حصو، پر وهنواري حصو بلڪل نيارو هئو. ”پنهنجو شخصي فائدو نظرانداز ڪرڻ“ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. پر پوءِ ونوءَ جو ڇا حال ٿيندو؟ ونوءَ جي ماءُ پيءُ جي ڪهڙي دشا ٿيندي؟ هو ڇا سمجهندا؟ ۽ سوارٿ ڇڏڻ لاءِ چون ته ٿا، پر سوارٿ ڇڏجي ڪيئن؟ جتي سڄيءَ دنيا جو بنياد سوارٿ تي ٻڌل آهي، اُتي چوڻ سان سوارٿ ڪيئن ڇڏي سگهبو؟ سوارٿ لاءِ مڙس کي زال کپي، سوارٿ لاءِ زال کي مڙس جي غرض پوندي آهي. ننڍي هوندي ٻارن جي ٻال - ليلائن سان سنتوش ڪندڙ ۽ وڏي هوندي ونش وڌائڻ جو وسيلو ليکجڻ ۾ ايندڙ ٻالڪن جي ماءُ کي ڇو غرض هئڻ کپي؟ ٻه چار يار دوستار اِردگرد ڇو هئڻ کپن؟ مالڪ ڇو کپي؟ سوارٿ، سمورو سوارٿ! سوارٿ جي ڪري ئي دنيا آهي، سوارٿ جي لاءِ ئي دنيا آهي. دنيا لاءِ سوارٿ ڪونهي.

گهر جا ننڍڙا ننڍڙا ٻار ”دادي! دادي!“ ڪري منجريءَ جي پٺيان پوندا هئا. ”دادي! هڪ آکاڻي ٻڌاءِ نه!“ چئي ننڍڙي سشي پنهنجي هٿ سان منجريءَ جي ڳل کي پٽڻ لڳندي هئي، ۽ پوءِ منجريءَ کي ڏاڍو خراب لڳندو هئو! گهر - سنسار ۾ به ڪو گهٽ سک ڪونهي. ننڍڙا ڪونئرا هٿڙا پنهنجن هٿن ۾ جهلي، ان نشپاپ چهري کي، ”هڪ مٺي مٺي ’مٺي‘ ڏي نه،“ چئي، هڪ بدران هزار چميون ڏيندي هئي! اِهو به ننڍو سک ڪونهي ۽ پنهنجي - بلڪل پنهنجي حق جي ڪائي سشي هجي ته؟ منجريءَ هڪدم پنهنجي گود مان سشيءَ کي هٽائي پري ڪيو! هيءُ ڪهڙو بيوقوفي ڀريو خيال؟

منجري ڪاليج ۾ وڃڻ لڳي؛ پر اَڳي جهڙو اُتساهه ڪونه هوس، فرض جو جذبو لڳاتار چڀ چڀ ڪندو هجي، ته پوءِ ڪهڙو ڪم اَڄ تائين چڱيءَ طرح ٿيو آهي؟ رڳو اِهو ڪرڻ ئي کپي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪونهي - اِن لحاظ کان منجري ڪلاس ۾ شريرڪ طور رهڻ لڳي، پر سندس من ونوءَ جي اِردگرد پيو ڦرندو هئو.

اُن ڏينهن منجري گهر آئي ته گهر ۾ چئن زالن جي ’پارليامينٽ‘ ويٺل هئي. منجريءَ جي اچڻ جي کين سڌ ئي ڪانه پيئي.

”پر مان ٿي چوان سشيءَ - ماءُ، توکي ڪاوڙ ته لڳندي پر مئي دل رهي ئي نٿي - اِنڪري ٿي چوان. مڙس کي ڇڏي اِهي ڇوريون ڪنديون ڇا؟“  هڪ زال چيو.

منجري چپ چاپ ڪتاب رکي، ٻاهر ئي بيهي ٻڌڻ لڳي، ”هاڻ ڏس نه، بنُو ڀيڻ! پنهنجا ئي ڏند ۽ پنهنجائي چپ! چئجيس ٿو ته جيئن چڻن کي ڀڃبو آهي ته ڪيئن چڻا ٽپ ڏيندا آهن - تيئن ڇوڪر ٽپ ڏيڻ لڳندي آهي، جي نه چئبو، ته هيءُ قصو گهڻا ڏينهن هلي سگهندو؟ اَسان کي پنهنجو گهر سنسار به ته آهي، پاڻ[1] ’مرلي‘ ٿي ته بس ڇا؟“ وامن راو جي زال چيو.

”ٻڙي، هنن جو وري ڪهڙو گهر - سنسار؟ ملڪ سڄي جون اَڍنگيون، بي حياءُ آهن ميون! گهر - ٻار نه کپين، مڙس نه کپين - هوُ ته رڳو نقل ڪري گهمڻ گهتڻ ٿيون چاهين.“

منجري چڙي ويئي. ذات ئي ذات جي دشمن ٿيندي آهي، اُهو ڪوڙ ڪونهي، مردن جون لتون به قبول، پر زالن جون ڄڀون! اُنهن ته ڪيئن ضابطو رکجي؟ جوش ۾ هوءَ ڇا ٿي ڪري، اِن جو منجريءَ کي هوش نه رهيو ۽ هوءَ هڪدم بيٺڪ جي ڪمري ۾ گهڙي ويئي. هڪ هٿ ڪمر تي رکي ۽ ٻئي هٿ سان پيشانيءَ تي لٽڪندڙ وار سنواريندي، منجري شوخ نظرن سان پنهنجي شڪار ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳي.

”اُٿو هتان.... هلنديون ٿيو. ٻين جون گلائون ڪندي شرم نٿو اَچيوَ؟ ڇا اِها ئي آهي توهان جي واندڪائيءَ جي وندر؟ وڃو هتان - نه ته هڪ هڪ جا بج پٽي ٻاهر هڪاليندي سانوَ...“ منجريءَ جبي حد غصي وچان چيو.

دراَصل، ڏسڻ وڃجي ته اُنهن عورتن جا بج پٽڻ جيتري طاقت، منجريءَ ۾ هئي ئي ڪٿي؟ اُهي زالون ئي کيس هڻي دسي رکن ها، پر ڪاوڙ جي گرمائش ڪافي اَثرائتي ثابت ٿيندي آهي ۽ اُها گرمائش ڏسي، هڪ هڪ ڪري اُهي زالون هلي ويون.

نران - ڀاڄائي - ٻئي هڪ ٻئي ڏسنديون رهيون. ”ڀاڀي! جي منهنجي ٺٺولي ئي اُڏائڻي هيهءِ ته توکي اِن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر ڪونه آيو ڇا؟ توکي جهڳڙالڻ چوان، راڪسياڻي چوان ۽ چنڊي چوان؟ نيٺ ڇا چوان؟ هنن کانسواءِ تنهنجو ڇا روڪجي پيو هئو؟ ايشور زبان، ڇا پنهنجيءَ جاتيءَ کي نيچو نوائڻ لاءِ ڏني آهي؟.... ڀاڀي! اِهو نه وسار ته توکي به ٻه ڌيئر آهن.“ منجريءَ چيو.

”پنهنجين ڌيئرن کي مان ايڏو لاڏ ڪوڏ ڪانه ڏينديس. ۽ منهنجين ڌيئرن لاءِ تون ڪائي ڳڻتي نه ڪر، هنن جي چنتا ڪرڻ لاءِ اَسان اَڃا جيئرا ويٺا آهيون.“ اِهو چئي، وامن راو جي زال اُتان نڪري ويئي هلي. منجري اَگر مرد هجي ها ته ڪچيءَ ۾ ڪچي گار ڏيندي، اڳ پٺ ڪانه ڏسي ها.

اُن ڏينهن سموري حقيقت وامن راوَ جي ڪن تائين پهتي. هوُ ڪڏهين به منجريءَ تي غصي ڪونه ٿيو هئو. هن منجريءَ کي سڏ ڪيو.

”منجو! تون اَڄ هيءُ ڇا ڪيو؟“ وامن راو سانتيڪي نوع ۾ پڇيو.

منجريءَ ڪجهه ڪونه ڪڇيو. ڳالهائڻ لاءِ ڪوئي فائدو ڪونهي، اِهو مڪمل طرح ڄاڻي چڪي هئي.

”منجو! توکي مان سياڻي ڇوڪري سمجهندو هوس. ونوءَ سان جهڳڙو ڪيهءِ ته به گهڻو ڪجهه ڪونه چيو مانءِ. پر پاڻيءَ ۾ رهي، مڇيءَ سان وير رکڻ مان ڪهڙو فائدو؟ تون منهنجي مڃ، اَڃا به تون پنهنجي گهر هلي وڃ، تون هتي ڪيئن هلي سگهندينءِ، چؤ. مان سڄو ڏينهن رهان ٻاهر ۽ گهر ۾ هڪڙو باسڻ ٻئي باسڻ سان ته لڳڻوئي آهي، ۽ وري منهنجي حالت ته ڏس. جي تنهنجو پاسو ٿو کڻان، ته به زال کي گهر کان ٻاهر هڪالڻ مناسب نٿو سمجهان. ۽ جي پنهنجي زال جي ڳالهه ٿو مڃان ته پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ سان ڪيئن ڇني ڇڏيان؟ ٻنهي سان نه ڳالهائي ڪيسين ماٺ رهي سگهنديس؟ ڪاوڙ نه ڪر، جيڪي چوان ٿو، اُن تي سوچ. هيءُ گهر هاڻ تنهنجو ڪونهي، تنهنجو حڪم تنهنجي گهر ۾ هلندو؛ پر ٻئي جي گهر ۾ تنهنجو حڪم ڪيئن هلندو؟ ۽ اُهو هلڻ به ڪير ڏيندوءِ؟“ وامن راوَ گهر اَندر ڏسندي چيو.

منجري سمجهي ويئي ته ڀاءُ جو آسرو هاڻ ڪونه رهيو هئو، جيسين هوءَ پنهنجي گهوٽ جي گهر هئي، تيسين سڀني هن کي ٻڌايو پئي، اُهي ئي ماڻهو هاڻ سندس منهن تي ٿڪون اُڇلڻ لڳا آهن.

وامن راو منجريءَ طرف ڏسندي چيو - ”۽ ونايڪ بيمار آهي، اَهڙي اَڄ منجهند جو شولاپور مان تار آئي آهي. Serious آهي، اِنڪري شايد تار ڪئي اَٿن. سڀاڻي مان شولاپور وڃڻو آهيان. تون هلين ٿي ڇا؟“

دادا کي تار ٿي اَچي ۽ کيس خط به نه - اِن خيال کان منجري بيچين ٿي ويئي. دادا سندن رشتيدار آهي! ته مان سندن ڪير لڳان؟ منهنجو هنن سان ڪهڙو رشتو؟ منجريءَ اِتان کان ئي پڇتائڻ شروع ڪيو.

”دادا، مان اَڄ رات جو ئي ميل ۾ ٿي وڃان. مان ته هن دنيا مان بنهه بيزار ٿي پيئي آهي. مون کي ڪوبه نه کپي. منهنجو ڪنهن سان به سنٻنڌ ڪونهي. اَڃا به ويل ويئي ناهي. اَڄ جيڪي مون کي لتون هڻڻ نڪتا آهن، اُنهن کي ڪري نه ڏيکاريان ته منهنجو نالو مٽي رکج. مون کي ڪنهن جي .... ڪنهن جي به ضرورت ناهي. سوچيو هئم ته هن رستي تان وڃان، ٻن چئن جو فائدو ٿي سگهي ٿو يا نه، اِهو ڏسان پر نه. جيڪي ٿيڻو هجي، سو ڀل ٿئي، مڙس جون لتون کائڻ لاءِ به تيار آهيان، سو ڀل ٿئي، مڙس جون لتون کائڻ لاءِ به تيار آهيان، پر هيءُ زندگي نه کپي! توهانجو گهر سنسار! - وٺي ويهو پنهنجي زال ۽ پنهنجو گهر سنسار...“

منجريءَ پنهنجو سامان ٻڌڻ شروع ڪيو، ڪنهن به کيس روڪيو ڪونه. ”دادي! مان اَچان ڇا توسان گڏ ٽانگي ۾؟“ اِهو سوال ڪندڙ سشيءَ کي منجريءَ جي هٿ شاندار جواب ڏنو.

چئن ماڻهن جي گلا ڏانهن ڌيان نه ڏيئي، هٿ ۾ کنيل ڪم محڪم اِرادي سان سر اِنجام ڪندڙ بهادر رڳو تصور ۾ ئي هوندو آهي. منجري هڪ رواجي جذباتي ڇوڪري هئي، اَڳ پٺ ي ساڱاهه بنهه ڪانه هيس. هن کي اِهو خواب خيال ۾ به ڪونه هئو ته اِنسان ايترو نادان آهي جو پاڻ به ڪجهه ڪري نٿو ڏيکاري ۽ ٻيو ڪو منهن مٿي ڪري مٿي وڃڻ لڳندو آهي ته کيس ٽنگن کان پڪڙي هيٺ ڇڪيندو آهي. جيسين مخالفت نه ٿي، تيسين ٺيڪ هئو.  ٿوري گهڻي مخالفت ته ٿيندي ئي، اِن جي کيس اَڳيئي سڌ هئي، پر هيءُ لفظ! منجريءَ پنهنجي مڙس سان جهيڙو ڪيو آهي، اِن جو اِهو مطلب ته ناهي ته هن سندس پت وائکي ڪري ڇڏي آهي؟ اِن ڪري ئي کيس ڏاڍي چڙ لڳي. گهر وڃي ڇا ڪندي، اِهو کيس معلوم ڪونه هئو. بس ايترو ڄاتائين ٿي، ته گهر وڃڻو اَٿس. پر اُتي ڪنديس ڇا؟ يا ته وڃي ونوءَ جا پير پڪڙيان - اِن ۾ ڪهڙو هرج آهي، ڀل ته پنهنجي ئي آهي، ونوُ ڪو مون کي ’واپس وڃ‘ ڪونه چوندو. ۽ جي اِئين چيائين ته؟ نه، نه، ڀل ته سڄي دنيا بدلجي وڃي، پوءِ به ونوُ کيس ”واپس وڃ“ ڪونه چوندو، اِن جي کيس خاطري هئي.

ڊڄندي ڊڄندي هوءَ گهر اَندر گهڙي، کيس ڏسندي ئي، ونوءَ جي ماءُ لڙڪ لاڙڻ شروع ڪيا، پر ٻڍڙيءَ هڪ لفظ به کيس ڪونه چيو.

منجري سڌو ونوءَ جي ڪمري ڏانهن ويئي. ونوءَ جي حالت ڏسي اَچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ننڍي هوندي منجري گهڻي ڀاڱي رني ڪانه هئي، سريرڪ ڪشٽ ڪري ٿورو رني هوندي، پر اَڄ منجري بلڪل ننڍي ٻار جيان روئڻ لڳي. ونوءَ هوريان هوريان اَکيون کولي، هن ڏانهن نهاريو. ننڊ ۾ هلندڙ ماڻهوءَ جيان، منجري آهستي آهستي هڪ هڪ وک کڻندي اَڳيان وڌي. سندس سمورو غرور، ۽ سندس حقن جي ڄاڻ ۽ سندس استري جاتيءَ جي اُنتيءَ لاءِ آرزو سڀ ڪجهه غائب ٿي ويا ۽ مرد اَڳيان گوڏا کوڙيندي ڪنهن رواجي عورت وانگر، هوءَ ونوءَ جي بستري ۾ منهن لڪائي زارون زار روئڻ لڳي، ونوءَ آهستي، سندس وارن تي هٿ ڦيريو. منجري پاڻ وڌيڪ روئڻ لڳي.

”منجو!.... روءُ نه.... اَکيون اُگهه.... چري، روئين ٿي؟“ ونوءَ چيو.

”مون کي ڇو لکي ڪونه موڪليؤ؟ مان اَڳواٽ نه اَچان ها ڇا؟“ منجريءَ چيو

”منجو! تون وري واپس ڪانه ويندين؟“  ونوءَ خوشيءَ سان ڀريل آواز ۾ چيو.

منجريءَ ڪنڌ ڌوڻي ”نه“ ڪئي. ونوُ هڪدم اُٿڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر بدن ۾ بلڪل طاقت بچي ڪانه هيس، اِنڪري وري پٺيان ليٽي پيو.

”منجو! مان ٺيڪ هجان ها ته .... ته .... پر ڪوئي هرج ڪونهي.... منجو! تون آئينءَ؟ سچ پچ آئينءَ؟... وري واپس ڪانه ويندينءِ؟ ڏس! مون کي بناءِ نه....“

”نه .... نه ..... نه گهر ڇڏي، مان ڪٿي وينديس؟“

منجريءَ چيو.

”منجو! ڇا چوان ۽ ڇا نه چوان، ڪجهه به سوچي نٿو سگهان.... ڪاڪا ڊاڪٽر وٽ ويا آهن.... اُهي جيسين اَچن تيسين... منجو! مون سان سڄو وقت ڳالهائيندي رهه. توکي مان سچ چوان؟.... جڏهين پاڻ ڪاليج ۾ هئاسين، تڏهين، هن ڏينهن تو مون کي چيو هئو، `well played, Barve!` ياد اَٿيئي؟.... تيئن اَڄ مون `Well payed, Vinoo` چئو.... مون کي اُن ريت، .... بلڪل اُن ريت، چئو.“

ونوءَ جو چيونه موٽائي، منجري شرمائيندي شرمائيندي “Well Played, Vinoo” چيو.

”ساڳئي ڏينهن، گهر واپس ويندي، .... تو چيو هئو، ته مردن وانگر زالن کي به ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اِجازت ملي ته جيڪر مان به ”بروي“ جيان ڪرڪيٽ کيڏيان... منجو! زندگيءَ جو کيل کيڏڻ لاءِ، مون توکي اِجازت ڏني هئي... تو هارايو... مون به هارايو.... راند ۾ هار- جيت جو ڪو ڀروسو ڪونه هوندو آهي... منجو! زندگيءَ جي راند سؤلي ناهي... سڀ ڏاڍي اُتساهه وچان راند جي شروعات ڪندا آهن، پر ٽڪي بيهڻ جو صبر اَسان ۾ ڪونه هوندو آهي...

هڪ ٻئي جا هٿ پڪڙي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو ڇا، اِهو ڏسڻ گهرجي، پاڻ ۾ هيئن جهيڙو ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ .... منجو!.... هيترا ڏينهن خبر ناهي توکان سواءِ ڪيئن رهي سگهيس، پر تون هاڻ آئين آهين... روءُ نه... مان هاڻ ڄاڻي ويو آهيان، ته ڇا به ٿي وڃي، منجو، ونوءَ جي ئي آهي... منجو! هاڻ مان بلڪل مرڻ نٿو چاهيان... منجو! ڪيئن به ڪري، مون کي پختو پڪڙي ويهه.... منجو! ڄڻ ڪو تنهنجو ساهه ڪڍي رهيو هجي، اِئين مون کي پختو پڪڙي ويهه.... منجو! .... منهنجي سيرانديءَ ويهين ٿي ڇا؟....“

منجريءَ ونوءَ جو مٿو پنهنجي گود ۾ کڻي رکيو، پنهنجي مڇ جي آڙ ۾ مرڪندي، وامن راو چپ چاپ ڪمري جي دروازي تان ئي موٽي ويو.

12

وڀاوري شروُرڪر

پريم: زهر يا اَمرت؟

 

منهنجون اَصل ڏندين آڱريون لڳي ويون! جا ڳالهه منهنجي ڌيان ۾، من ۾ يا سپني ۾ به ڪانه هئي، اُها منهنجي باري ۾ ماڻهو چوڻ لڳا! اِئين ماڻهو چون ڀلا ڪيئن ٿا؟ مون خوب سوچيو، اَرڻ ۽ منهنجي هلت چلت ۾، ماڻهن کي اَهڙو ڇا نظر آيو؟ اِهو مان وَرائي وَرائي ياد ڪرڻ لڳيس. ماڻهن ههڙو عجيب اَنومان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري، ڪڍيو، اِهو مون کي ڪجهه به ياد نه پئي آيو؛ مون پنهنجين ساهڙين کان پڇا ڳاڇا ڪئي.

ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪاليج جي ڏاڪڻ تان، هڪ ٻئي پٺيان چڙهندي، اَسان کي گهڻن ئي ڄڻن ڏٺو. حد ٿي ويئي! اَسان ڪو لڪي لڪي چڙهي رهيا هئاسين؟ اَسان سان گڏ، ڏاڪڻ تي اڳيان يا پٺيان ٻيا به ڪيترائي ڄڻا هوندا! پوءِ اُنهن سڀني سان منهنجي شادي ڇو ڪونه ڪرايائون؟ اِهو وري ڪيئن ماڻهو پنهنجا ٺاهه ٺاهين؟ چون ڇا ٿا، اَرڻ ۽ مان، هڪ ٻي جي گهر ٿا وڃون. هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا! پر مان نه ڪٿي ٿي چوان؟ مزو وري ڪهڙو، جو اَرڻ اَسانجي گهر اَچي، جيئن مون سان ڳالهائيندو آهي، تيئن دادا سان ڳالهائيندو آهي، اَمان سان ۽ بابا سان به ڳالهائيندو آهي، ماڻهن کي اِهو ڀلا ڇو ڪونه ڏسڻ ۾ ايندو آهي؟ مان به هن جي گهر ويندي آهيان، ته هن سان ۽ هن جي گهر جي ڀاتين سان به ڳالهائيندي آهيان، پر ماڻهن کي، هيئن مردا کوٽي، دل خوش ڪرڻ جو هيءُ ڪهڙو شؤق آهي؟ مان جڏهين شولاپور ڀيڻ وٽ ويس، اُن وقت ئي اَرڻ لوناولا يا ٻئي ڪٿي مڙيئي ويو هئو. ماڻهن هڪدم اَفواه ڦهلايو، ويا آهن عيش ڪرڻ!“

اِهو ڪوڙو اُفواه ماڻهن ايترو ته ڦهلائي ڇڏيو هئو، جو جوش وچان، پاڳل بڻجڻ جي نؤبت اَچي ويئي هئي، پر اِهو نيم آهي ته بي گناهه ماڻهو ڪوڙي اِلزام سبب منجهندو آهي ته ڪي ماڻهو چوندا آهن، هو منجهيو آهي، اِن جو مطلب اِهو آهي ته هو گنهگار آهي! ته پوءِ آخر ڪجي سو ڪجي ڇا؟

”ڪوبه اُفواه بنياد بنا اُٿندو ئي ناهي“ ، اِن ڳالهه تي ڪو ضد ٻڌي بيهي، ته مون کي اِهو قبول ڪرڻو پوندو ته اَرڻ ۽ منهنجي گهرن ۾ ڀاڄيءَ واٽ هئي. هڪ ڪٽنب جا سڀ ڀاتي ٻئي ڪٽنب جي هر هڪ ڀاتيءَ کي سڃاڻندا هئا، لڪ ڇپ، ونگ ونگ، پردو - ٻردو، ڪجهه به ڪونه هئو، منهنجي ۽ اَرڻ جي واقفيت به اِن قسم جي هئي، پر اِن مان، ماڻهن جيڪو اُفواه اُٿاريو هئو، اُهو ٻڌي کلجي، روئجي، دنيا تي رحم کائجي يا پاڻ ئي کائجي، ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو.

اُفواه جو شڪار ٿيندڙ منهنجو من ڪمزور آهي، اِئين چئي ماڻهو منهنجو مذاق اُڏائيندا، اِن جي مون کي خبر آهي، اِن سان، بي لغام بڪ بڪ ڪندڙ دنيا جي ڪميڻائي گهٽ ٿئي ٿي، اِئين البت ڪونهي- زوردار واچوڙي سان ڪيترائي وڻ پاڙئون پٽجي ويندا آهن؛ ڪيترائي چيچاٽ ڪري، جهڪي، ڪٽجي ڪرندا آهن، ساڳي حالت هتي به آهي، اِئين ناهي ته صبر واري ماڻهوءَ کي اُفواه تڪليف ڪونه ڏيندو آهي، اَهڙيءَ حالت ۾، ڪمزور من واري بيقراري ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي آهي. بس! محڪم اِرادي واري من کي به لوڏي ڇڏڻ لاءِ اُفواه جو جهوُٽو ڪافي آهي. وڏا شاهي وڻ به، هوا جي جهوٽي جي، مٿو لوڏي مخالفت ڪندا آهن. عام رواجي ماڻهو ته سڀاءَ کان ئي مخالفت ڪندو آهي. پنهنجو ڏوهه هوندي به، ڪيترائي ماڻهو ڪوڙ جو سهارو وٺي مخالفت ڪندا آهن، اِنڪري سچي ماڻهوءَ جو ملهه هن دنيا ۾ رهيوئي ناهي! ڏوهي نه هئڻ سبب، اَگر ڪو مخالفت ڪندو آهي، ته به دنيا مٿس وشواس ڪانه ڪندي آهي، اِنڪري ماڻهو نااُميد ۽ بيزار ٿي، اُهو اَپراڌ اَنگيڪار ڪندو آهي. پوءِ ته ماڻهن جي ٻيگهي مچي ويندي آهي. ماڻهو سندن ڳالهه سچي ثابت ٿيڻ ڪري، دشٽن جيان مزو ماڻيندا آهن، اُن هنڌ، جيڪو ڏوهه ڪيل نه هجي، اُهو اَنگيڪار ڪرائڻ لاءِ دنيا جي ڪميڻائي ڪارڻ ڪانهي ڇا؟ باقي، صرف دنيا کي ڇو ڏوهه ڏجي، پنهنجي ڪمزور من جو به اِهو ڏوهه آهي.

اَرڻ سان منهنجي دوستي هئي، اِن کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڀاونا اَسان جي منن ۾ ڪانه هئي، پر ماڻهن کي استري - پرش جي نشڪام مترتا، ممڪن نٿي لڳي ته اَسان ڇا ڪريون؟ استري - پرش جي مترتا ڏانهن سائيءَ - لڳل اَکين سان ڏسڻ جي عادت پئجي ويندي آهي. ٻنهي گهرن جي وچ ۾ هيڏو رستو هوندي به، ماڻهن کي اَسان ٻنهي جي واقفيت جو چڀڻ لڳي؟ اِن جي جواب ۾ ڪو شايد چوي اَسان جي وَرتاءَ ۾ اهڙو ڪجهه هوندو، پر مان پنهنجي من کي ساکي ڄاڻ چوان ٿي، ته اَسان جي ورتاءَ ۾ وڌاءُ ڪٿي به ڪونه هئو. رڳو ماڻهن کي لڳو ٿي. اَسان جي گهر جي دروازي وٽ سائيڪل هوندي، ته اُها اَرڻ جي ئي هئڻ کپي ۽ اَرڻ به مون سان ئي ڳالهائيندو هوندو، اِهي هوائي دليل، ماڻهن ڪهڙي بنياد تي ٺاهيا؟ شايد، رڳو اَسان ٻئي ئي هڪ جيڏا ۽ غير شادي شده هئاسين، اِنڪري ماڻهو اَهڙو اَنومان ڪڍندا هوندا.

اَرڻ جي گهر مان ويندي هيس يا اَرڻ اَسانجي گهر ايندو هئو، ته ماڻهو اَکيون ڦاڙي ڏسندا هئا، وانديون زالون، بنا ڪنهن سبب جي، ڪنهن ڪم جو بهانو ڪري، ڪير ڪٿي ويٺو آهي، اِهو ڏسي وينديون هيون. ۽ عجب جي ڳالهه وري ڪهڙي، اَرڻ ۽ مان ڀل ته پنجويهن ماڻهن ۾ ويٺا هجون، پوءِ به واندن ماڻهن کي رڳو اَرڻ ۽ مان ڏسڻ ۾ ايندا هئاسين. باقي ٻيا ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا هئن. گهٽ نظر جا گهڻائي نمونا آهن، ته به هيءُ نمونو بلڪل عجيب آهي.

جنهن رستي تان اَرڻ ٻه منٽ پهرين ويو هوندو، مان به اُن رستي تان ويندي هيس ته ٻئي گڏ ويا، هڪ ئي هنڌ ويا وغيره اُفواه اُٿندا هئا ۽ اُن اُفواه کي ئي ماڻهن سچ سمجهيو. ڪاليج جي ڏاڪڻ تان گهڻا ئي ڇوڪرا ڇوڪريون ويندا هوندا، پوءِ به اَسان ٻئي ڏسڻ ۾ ايندا هئاسين ۽ ڪنهن مراد سان هڪ ئي وقت وڃي رهيا هئاسين، اِهو سندن دليل عجيب  ناهي ته ڇا آهي؟ اَرڻ ڏانهن سادي سوُدي، آزاد نظر سان ڏسندي هيس ته اُن ۾ به ماڻهن کي بزدلي ۽ شرم حياءُ ڏسڻ ۾ ايندو هئو. اِها اَچرج جهڙي ڳالهه ڪانهي؟ جهڙو رنگ هڻبو، اَهڙو ڏسڻ ۾ ايندو. سچ جي ثابتيءَ کان به ٻاهرين حالتن جا ثبوت گهڻائي ڀيرا ڪارگر مڃيا ويندا آهن. اِنڪري ئي اَسان جي ٻاهرئين ورتاءُ ۾ آزاديءَ جو ثبوت پڪڙي، ماڻهن اَسان جي شادي ڪرائي ڇڏي. ڀاءُ سان پيار ٿيندو آهي، پر اُن لاءِ من ۾ خاص قسم جي چورا کورا ڪانه هوندي آهي، هن جي ويجهائي، ڇهاءُ ۽ نظر جي بک ڪانه لڳندي آهي. ڀاءُ - ڀيڻ پاڻ ۾ ملندا آهن، ته منجهن هڪ قسم جي آزادي هوندي آهي، ان پيار ۾ لڪ ڇپ جي بوءِ به ڪانه هوندي آهي. بلڪل ساڳي حالت اَرڻ ۽ منهنجي پيار جي هئي. اُن ۾ نڪو اسان کي، نڪو اسان جي گهرن جي ڀاتين کي ڪا نرالائي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، پر جنهن ڏينهن ماڻهن اسان جي دوستي جو اُلٽو مطلب ڪڍيو، مون کي لڳي ٿو اُن ڏينهن ئي اسان جي دوستيءَ کي نظر لڳي ويئي.

ڇا به هجي، اَرڻ مرد هئو. هن کي ماڻهن جي ورتاءَ تي چڙ لڳي، پوءِ به هو مون کان وڌيڪ ڌيرج - ڀريو ۽ گنڀير هئو. مون کي ته اصل آرام ئي نٿي آيو. رنيس، ماڻهن کي دل کولي لقب لاتم، ماءُ پيءُ مون کي هر طرح سان سمجهائڻ لڳا. ”لوڪ آهي ٻوڪ، ماڻهن جا وات ڪيئن بند ڪري سگهبا؟“ اِئين چئي مون کي سمجهائڻ لڳا، پر مونتي لڳايل ڪوڙو اِلزام مٽائڻ لاءِ، مون سڀ ڪجهه ڪرڻ جو پڪو پهه پچايو. مان اِهو ڳولڻ لڳيس ته اِن جي جڙ ڪير آهي، پر رشيءَ جي ڪل ۽ نديءَ جي منڍ لهڻ کان به، ماڻهن جي اُٿاريل افواه جي جڙ ڳولي ڪڍڻ غلط ئي ثابت ٿيندو آهي، جيڪو تيڪو ٻئي تي ڏوهه مڙهي، پاڻ ڇٽايو وڃي. اِن کانسواءِ، اُن اُفواه جي جڙ ڳولڻ تي، پاڻ وڌيڪ اُفواه جا ڦاٽ ڦاٽندا آهن، ۽ اُهو چوطرف ڦهلجڻ لڳندو آهي، هاڻ اِها ڳالهه سمجهه ۾ اَچي ٿي پر اُن وقت اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي. مون هر طرح جي ڪوشش ڪري، اُن جڙ کي نيست نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نتيجو پاڻ اُبتڙ ئي نڪرڻ لڳو. ”جيئن ته هوءَ ڏاڍو چڙي پيئي، اِنڪري دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور هئڻ کپي.“ ايئين گهڻائي ئي سوچڻ لڳا ۽ اِهو ٻين کي به ٻڌائڻ لڳا. اِها ڳالهه جڏهين منهنجي ڪن پيئي، تڏهين مان پاڻ وڌيڪ چڙي ويس. اِلزام کي نيڪال ڪرڻ،  منهنجي سوچ جي مشغولي بڻجي پيو. اَرڻ ۽ منهنجي دوستي، اَسان جي باري ۾ اُٿيل افواه، ان بنسبت دماغ ۾ لڳاتار خيال چڪر ڪاٽي رهيا هئا، اَرڻ ۽ مان اِن تي دل کولي ڳالهائيندا هئاسين. اَسان ٻئي، ماڻهن تي بيحد غصي هئاسين. ٻنهي گهرن جا ڀاتي گڏبا هئا، ته اَسان جو وشيه ضرور نڪرندو هئو ۽ سڀني کي اِهو ناممڪن ٿي لڳو. اَهڙي حالت ۾ ڪافي ڏينهن گذري ويا. نه رڳو ايترو، پر تازو اَرڻ جي شاديءَ جون ڳالهيون ڪيترن ڏينهن کان هلي رهيون هيون، اُهي جيئن جو تيئن جاري رهيون، گهر جي ڀاتين اَسان ٻنهي جي شاديءَ جو ويچار به من ۾ ڪونه آندو پر اِها ڳالهه ممڪن آهي يا نه، اِهو چڱي طرح پرکڻ جي ڪوشش، منهنجي من ڪيئي ڀيرا ڪئي. مون کي لڳي ٿو، اَرڻ به اِها ڪوشش ڪئي هوندي، پر اِن باري ۾ اَسان هڪٻئيءَ سان هڪ اَکر به ڪونه ڳالهايو.

من ۾ ڪو ويچار پيدا ٿئي، ۽ اُن جي وَڌڻ لاءِ موافق حالتون هجن ته ناممڪن ڳالهيون ممڪن پيون لڳنديون آهن، اَڳي اَسان ٻئي ڪنهن ڪمري ۾ هوندا هئاسين ته لڪ ڇپ جو احساس ڪڏهين به ڪونه ٿيم. هاڻ اَلائي ڇو دل گهٻرائڻ لڳندي هئي، اَسان اَڳي کليل من سان هڪٻئي جي ويجهو ويهندا هئاسين. هاڻ ويجهو ويهڻ ۾ مون کي ذرا سنڪوچ ٿيندو هئو. اَسان ٻنهي جي ورتاءُ ۾ خاص فرق بڻجي رهيو هئو، اُن فرق سبب مون کي پاڻ کان ڊپ لڳڻ شروع ٿي ويو هئو، اِهو به بلڪل سچ آهي.

ماڻهن جي افواه منهنجي من ۾ جيڪو مانڌاڻ مچايو هئو، اُن مان اَهڙا خيال پيدا ٿيا، جن جو مون کي خواب خيال به ڪونه هئو. ساڳيءَ طرح آرڻ جي من ۾ به ويچار پيدا ٿيا هوندا ڇا؟ ڪجهه به هجي، آسين ماڻهن جي حاضريءَ ۾ ته هڪٻئي سان ڳالهائڻ ٽارڻ لڳاسين، پر ٻيءَ طرح به اَسين سنڪوچ محسوس ڪرڻ لڳاسين.


[1]  مرلي = اُها عورت جيڪا ڀڳوان ’کنڊوبا‘ کي اَرپڻ ڪئي ويئي هجي. - اَنوادڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com