ديباچو
پرتنڌي
ڪهاڻيون ۽ بهترين ڪهاڻيون
مراٺيءَ ۾ ساهت جي شاخ ـــ ڪهاڻي، گذريل اٽڪل 35-
40 سالن ۾ ئي اُسري آهي. اِن هوندي به، پوءِ
ڇپائيءَ جي سهوليت چئو، چاهي ان اَدب جي شاخ جي
ڪمي چئو، اِن ٿوري عرصي ۾ به بهترين ڪهاڻين جا
اَنيڪ مثال اَکين آڏو اچن ٿا ۽ ’پرتنڌي ڪهاڻين‘ جي
مجموعي جي محدود صفحن ۾ انهن کي ڪيئن درج ڪجي،
اِهو هڪ مشڪل سوال بڻجيو پوي.
پر ٿورو گهرو ويچار ڪبو، ته ’پرتنڌي‘ لفظ ذريعي
اِهو سوال حل ٿي سگهي ٿو. ’پرتنڌي‘ ڪهاڻين جو
مجموعو معنى ٻوليءَ جي بهترين ڪهاڻين جو مجموعو
ناهي. ’پرتنڌي‘ معنى، جنهن ليکڪ جي ڪهاڻين، ڪهاڻي
جي ڌارا کي ڪو موڙ ڏنو آهي، اِن اَدب جي شاخ جي
ڊيگهه، ويڪر، اونهائي وڌائي، اَن کي نئين تازگي
بخشي، اَهڙي ڪهاڻي نويس جي ڪهاڻي، جذبات ۽ تصور جي
ڪنهن غيبي، شاهي، پرجوش پلٽ پلٽان جي دوران، ڪواَڻ
ڄاتل ليکڪ پڻ ڪو واقعو، شخص، يا ماحول، ڪهاڻيءَ جي
روپ ۾ چمڪائي ڇڏيندو؛ اِنڪري بنهه خالص صورت واري
مقصد ۽ طرز بيان هڪ ٻئي سان بلڪل ٺهڪندڙ ۽ موضوع
جي مزاج سان ميل کائيندڙ عبارت چونڊي، اُهو ڪلا جو
مثال، اَڻ ڄاتل شاعر جيان پيدا ڪري ويندو. اُن ڪلا
جي نموني کي سهڻي بناوت اَزخود حاصل ٿي ويندي آهي.
اِهو ڪلا جو مثال، ڪنهن به مروج اَدب جي وهڪري،
اَسلوب جي مڃيل وهڪ ۾ نه وهي، پنهنجي ذاتي
غيررواجي حسن سبب چمڪي ويندو. ڪهاڻي طور اُهو ڪلا
جو مثال ڪيترو به اُصولن پٽاندر هجي، پوءِ به اُن
کي ’پرتنڌي‘ مجموعي ۾، اَڳيئي چيل ڳالهين سبب،
شامل ڪري ڪونه سگهبو.
ازانسواءِ، ڪهاڻي، اَدب جي نئين ۽ گهٽ اُسريل شاخ
هئڻ سبب، ۽ پاٺڪن جي وڌندڙ تعداد ۽ تقاضائن سبب
گهڻ - ويائوُ هئڻ ڪري، اُن ۾ تجربي ڪرڻ لاءِ گهڻا
ئي وَجهه ملن ٿا، آڪار ننڍڙو هئڻ سبب اُن ۾
’مشهوريءَ‘ جي لياقت جهجهي اَنداز ۾ آهي. انڪري
اُن ۾ نوان تجربا ٿيڻ به ممڪن آهي ته هڪ سانچي
تيار ٿيڻ جو خطرو به آهي. فن جا پيمانا جڙڻ اِن
ريت اَڻ ٽر آهن، پر اِن هڪ هنڌ بيٺل پاڻيءَ کي واٽ
ڪڍي ڏيندڙ، ڪهاڻيءَ کي بيجان فن جي پيمانن مان
ٻاهر ڪڍندڙ شهزور ليکڪ، هر موڙ تي مل ٿا، اِنهن
رهنما اَديبن جي پريرڻا جو بنياد انگريزي، بينگالي
يا هندي جهڙين ڌارين ٻولين ۾ ٿي سگهي ٿو؛ کين
علحدي ماحول، علحدي شخصيت کي ساڪار ڪرڻو هوندو.
سندن وشواس مروج وهڪري کان نيارو هوندو؛ ۽ ٿي سگهي
ٿو اِنهن رهنمائن جو ڪاريه تجرباتي حالت ۾ هئڻ
ڪري، هوُ ٿاڦوڙا هڻندا هجن؛ ڇو ته سندن ڪوشش
لتاڙيل راهه کان نرالي واٽ اَپنائڻ لاءِ هوندي
آهي، کين اِدراڪ جون نيون نيون چوٽيون جيتڻيون
هونديون آهن، اِنڪري سندن رچنائون هميشه اُصولن تي
ٻڌل،سهڻيون، ڊؤلائتيون هونديون ئي، - اِئين ناهي،
پر اُهي ’پرتنڌي‘ - هڪ نئين ڌارا جا پٿ درشڪ -
اَهم اَوس ثابت ٿيندا.
اَزانسواءِ، اَدب جي ڪنهن به شاخ ۾ نيون واٽون
لوچي لهندي، جهونيون واٽوُن بند ٿيو وڃن. اِئين
ڪونهي. هڪ ئي وقت، اَنيڪ الڳ الڳ، هڪ ٻئي جو
پورائو ڪندڙ وهڪرا چالو هوندا آهن. ساڻ ساڻ نوان
نوان تجربا به جاري هوندا آهن. ٻنهي کي پنهنجا
پنهنجا پاٺڪ هوندا آهن. ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي
نموني ٽيڪا ڪندڙ نقاد هوندا آهن. ٻئي ڌروُن بيحد
هوڏي رخ اختيار ڪنديون آهن. پر ٻنهي نمونن جي
رچنائن جو سواد ساڳئي چاهه سان وٺندڙ پاٺڪ ٿي سگهن
ٿا. اُن پاٺڪ جي ڀومڪا، هن مجموعي جو سمپادن ڪندي،
اَدا ڪرڻ قبول ڪئي اَٿم. ڪهاڻين جي چونڊ، شخصي
نڪته - نظر تي منحصر هئڻ سبب، متڀيد ٿيڻ جو خطرو
ته آهي ئي، هنن کان بهتر ڪهاڻيون نه ملن ها ڇا؟
اِن ازلي ۽ بي تعلق سوال جو جواب ڏيڻ جيتوڻيڪ ممڪن
آهي، اِن هوندي به بي نسبت آهي.
1
هري نارائڻ آپٽي
پهريون ئي جهڳڙو
اَڄ، سيتا ٻائي تمام گهڻي غصي وچا ڳالهائي رهي
هئي، ”مان کڻي سندس زال آهيان، پر غلام ته ناهيان
نه؟ غلامي ڪرڻ لاءِ ته منهنجي شادي ڪانه ڪرايؤ
نه؟“
”سيتا! سيتا! اِئين چرين وانگر ڳالهائبو ڪونهي،
مون ٻڍيءَ جي مڃ.“
”پر، ناني! تون ئي ٻڌاءِ، تون ئي اِنصاف ڪر، مان
سندس گهر جي ڪا داسي ته ناهيان؟“
”نه، نه. تون سندس زال، پٽراڻي، گهر جي مالڪڻ
آهين.“
”برابر، ته پوءِ مالڪڻ وانگر، زال جي لائق جيڪو
مانُ هجي، اُهو ڏيئي، هن سان پيار سان هلڻ کپي نه؟
ڪنهن داسيءَ وانگر، جيئن کپين تيئن حڪم ڪندا ته
مان ڪا ٻڌڻ واري ناهيان.“
”تون هينئر جيئن ڳالهائين پيئي، اِهي تنهنجا لفظ،
جي هوُ ٻڌي وٺن ته شايد تو لاءِ سندن پيار ڀڙڪو
کائي اُٿندو، نه؟“
”جي مونسان هن نموني هلت هلندا ته منهنجو هنن سان
ڪهڙو واسطو؟ ناني! هوُ توهانجو زمانو لڏي ويو. هاڻ
اَسان جي شاديءَ ٿيڻ تي، اَسان زالون ٿيو وڃون ۽
نه داسيون، سمجهيئه؟ هاڻ اَسان ڪنهن جي هوڏ سهڻ
واريون ناهيون.“
”اصل چري آهين، سيتا، اَصل چري، اِن ۾ مون کي تر
جيترو به شڪ ڪونهي، ۽ مون کي لڳي ٿو اِن چريائپ جو
پرايشچت به توکي ڪرڻو پوندو- پٽ، سمورو ڏوهه ناٺي
صاحب جو ئي آهي ڇا؟ تنهنجو ذرو به ڪونهي ڇا؟ جنهن
ريت، تون پنهنجا حق سمجهين ٿي، ساڳيءَ ريت، جي تون
پنهنجا فرض سمجهين ها، ته هيئن ڪڏهين ڪانه
ڳالهائين ها. هنن جي خاندان جون مون ٽي پيڙهيون
ڏٺيون آهن. مرد اَصل ٽانڊيءَ - ٽپڻا ٿيندا آهن.
اِنڪري توکي نرمائيءَ سان هنن جي سڀاءَ کي بدلائڻ
کپي، ڪين کين وڌيڪ جوش ڏيارڻ کپي؟ هنن جيڪي توکي
چيو، اَهو مون کي به ڪونه وڻيو، پر اِئين ناهي ته
تو به کين جوش ڏيارڻ جهڙو ڪجهه ڪونه چيو. پهرين
اُبتو سبتو توئي ڳالهايو، پوءِ ئي هنن ڳالهايو،
اِنڪري پهريون ڏوهه تنهنجو آهي ۽ نه هنن جو.“
”اَڄ تو وٽ اَچڻ تي منهنجي دل ٿي، ته پوءِ هنن
ايترو زور ڇو ڀريو، ساڻن گڏ وڃڻ لاءِ؟ مون هتي
اَچڻ لاءِ اڳيئي فيصلو ڪري ڇڏيو هئو. ۽ مون هڪ
دفعو فيصلو ڪيو، ته اُهو ڪڏهين به بدلائيندي
ناهيان، اِن جي ته توکي خبر آهي پوءِ ڀل ته جيڪي
ٿيڻو هجي اُهو ٿئي.“
”پر، هن جو به ته اَهڙو ئي سڀاءُ آهي، اِنڪري هڪ
پاسي ڪو غم کائيندو ۽ ٻئي سا پاڻ ٺهڪائيندو ته گهر
جو گاڏو هلندو، نه ته جهيڙن جهٽن کانسواءِ ڪجهه به
ٿيڻو ناهي، اَڄ تائين ناٺي صاحب ئي غم کاڌو پئي
آهي ۽ توکي سنڀاليندو آيو آهي.“
”تون ته هميشه اِئين ئي چوندي آهين، منهنجي حق ۾
ته ڪڏهين ڪوئي چوي ئي ڪونه! مون کي خبر آهي،“
اِئين چئي سيتا ٻائيءَ پنهنجو روئڻ جو هٿيار ڪڍيو.
هوڏانهن رامچندر پنت ”سنگيت سؤڀدر“ ڏسڻ ويو هو ۽
پهرين قطار ۾ ٽڪيٽ وٺي، ڪرسيءَ تي ويٺو هئو، پر
سندس من ناٽڪ ۾ لڳو ئي نٿي، رامچندر پنت کي شادي
ڪئي ٻه مهينا کن مس ٿيا هوندا، بي اي جو اِمتحان
پاس ڪرڻ بعد، بمبئي ۾ نئين نئين نؤڪريءَ تي لڳو هو
۽ پنهنجي زال آڻي، آزاديءَ سان زال سان اَڪيلو رهڻ
جو سک ماڻڻ کي ٻه مهينا کن ٿيا هوندس، آسودي ڪٽنب
مان اَچڻ ڪري، کيس رڳو نوڪريءَ جي پگهار تي ڀاڙڻو
ڪونه پوندو هئو. الڳ ننڍڙو بنگلو، نوڪر، رڌڻ پچائڻ
لاءِ برهمڻ، سڀ ڪجهه هوس، اَڻا صاحب ڪرلوسڪر، نئين
”سنگيت سؤڀدر“ ناٽڪ جو نئين سر پريوگ ڪري رهيو
هئو، لڳ ڀڳ پنج ڀيرا اِهو ناٽڪ ٿي چڪو هئو، پر هن
اَڃا اِهو ناٽڪ ڪونه ڏٺو هئو. ۽ سندس دوستن، اِن
ناٽڪ جي بيحد ساراهه ڪري، کيس هڪ دفعو ضرور ڏسڻ
لاءِ زور ڀريو. اِن کانسواءِ، سندس زال به هڪ ٻه
ڀيرا چيو هئو، ته اِهو ناٽڪ ڏسڻ لاءِ هلنداسين، هڪ
دفعي، هڪ ڇنڇر ڏينهن، آفيس مان نڪرندي، هڪ دوست
سان ڳالهه ٻولهه ٿي. تڏهين ٻيهر سفارش ٻڌي،۽ رات
تائين ترسڻ تي ٽڪيٽون ملنديون ڪونه، انڪري هڪدم
ٿيئٽر تي وڃي، وڏي ۾ وڌي اَگهه واريون ٻه ٽڪيٽون
ورتائين، اَڄ، اَڳواٽ بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي، ٽڪيٽون
آنديون اَٿم، اِهو ڄاڻي، زال ڪيتري نه خوش ٿيندي،
اِهو ويچار ڪندي من ئي من پرسن ٿيڻ لڳو ۽ مانيءَ
جو بندوبست جلد ڪرائڻ لاءِ، سڌو گهر روانو ٿيو،
گهر پهچڻ شرط، ”اَڄ پاڻ ’سنگيت سؤڀدر‘ ڏسڻ
هلنداسين. اِهو فيصلو ڪيو اَٿئون؟ ٻڌين ٿي نه؟
ماني جلد تيار ڪري وٺ، “ ائين مرڪندي مرڪندي
چيائين.
”فيصلو يعنيٰ؟ ڪنهن فيصلو ڪيو آهي؟“ سيتا ٻائيءَ
اِهو سوال ايتري رنجش ۽ مغروريءَ وچان پڇيو، جو
رامچندر پنت جي مرڪ غائب ٿي ويئي، ۽ هو به بدليل
آواز ۾ چوي ٿو، ”مون فيصلو ڪيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ
پنهنجي لاءِ ته ڪيو اَٿم.“
”اِهو ئي ته چيم پئي. سٺو ڪيوَ جو رڳو پنهنجي لاءِ
فيصلو ڪيو اَٿؤ. مان هلڻ واري ناهيان.“ سيتا
ٻائيءَ محڪم اِرادي سا هوڏ وچان جواب ڏنو.
”توکي به هلڻو ئي پوندو.“ رامچندر پنت وري ڪجهه
کلندي، ڪجهه پڪ وچان چيو، ”اَڄ مون ٻنهي لاءِ
ٽڪيٽون آنديون آهن، اِنڪري اَسان ٻئي هلنداسين.“
”جڏهن ٽڪيٽون وَرتؤ، تڏهن مون کان پڇيو هئؤ ڇا؟
مان اَڄ هلي ڪانه سگهنديس. مون کي ٻئي ڪنهن هنڌ
وڃڻو آهي.“
”پر، مان اَڄ ٽڪيتون وٺي چڪو آهيان، مان توکي وٺي
هلندس، اِنڪري منهنجا ٻيا دوست به پنهنجين زالن کي
وٺي اچڻ وارا آهن، اِنڪري اڄ توکي هلڻو پوندو. ٻئي
ڪهن هنڌ سڀان به وڃي سگهين ٿي.“
”نه، اَڄ ئي وڃڻو اَٿم، ۽ مان ضرور ضرور وينديس.“
”اِها ته نجي بيوقوفي آهي.“ رام ڀائوءَ چپن کي، چڪ
پائيندي چيو.
”جهڙي سان تهڙو ٿيڻ ئي کپي.“ سيا ٻائيءَ پنهنجا
ڀروُن چڙهائي چيو.
رام ڀائوءَ وري شانتيءَ کان ڪم ورتو ۽ درڍتا سان
چوي ٿو، ”ڏس! مون کي اِها خاطري هئي ته منهنجي اِن
ڪرڻيءَ سبب توکي خوشي ٿيندي، اِنڪري ئي مون ٽڪيٽون
خريد ڪيون، ناٽڪ شروع جلد ٿيندو آهي، اِن ڪري مان
چاهيان ٿو ته تون جلد ماني کائي مون سان گڏ هل.“
”اِها توهانجي چاهنا ٿي سگهي ٿي، پر اُها مان پوري
ڪري ڪانه سگهنديس. توهانجي مرضيءَ تي هلان،
اَهڙيءَ ڪا توهانجي داسي ناهيان.“
اِهو گفتو ۽ اِهو نوع ڪجهه اَهڙي قسم جو هئو، جو
ٻڌڻ شرط رام ڀائوءَ جي غصي جو پارو چوٽ چڙهي ويو،
هو هڪدم اُٿيو ۽ پنهنجي پڳڙي پائي گهر کان ٻاهر
هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ سيتا ٻائي به غصي
وچان اُٿي ۽ بمبئي ۾ ئي رهندڙ پنهنجي نانيءَ جي
گهر اچي پهتي ۽ اُتي پنهنجي شڪايت ٻڌايائين. اُن
تي، هن ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ ڏنل گفتگو ٿي.
ناني جي آخري ڳالهه ٻڌي، ڇلڪي آيل لڙڪن کي روڪيندي
سيتا ٻائي ڪجهه چوي ئي چوي، اُن کان اُڳ سندس ناني
وري ڳنڀير آواز ۾ کيس چوڻ لڳي، ”پٽ، جيڪي ڪجهه اَڄ
ٿيو، اُهو توکي شايد بلڪل خسيس لڳندو هجي، پر ڪير
ڄاڻي اِهوئي تنهنجي دائم دک جي پيڙهه هجي! ڏوهه
اَصل ۾ ڀل ته ڪنهنجو به هجي، پر نتيجي طور ٻنهي جي
سکن جي ستيا ناس ٿي ويندي، ڪڏهين ڪڏهين اهڙين خسيس
خسيس ڳالهين مان پيدا ٿيل جهڳڙن مان ڪهڙا اُگرا
نتيجا نڪتا آهن، اِن جي توکي خبر آهي؟ پٽ، اَهڙين
خسيس ڳالهين ۾ اَجائي ضد سبب ڪيترن جوڙن جي گهر
سنسار جي ستياناس ٿي ويئي آهي!“
ڳالهائيندي ڳالهائيندي، نانيءَ جو گلو ڀرجي آيو.
سندس اَکين ۾ آنسون تري آيا. پوءِ به هڪدم ڳالهه
اَڳتي وڌائيندي چيائين، ”پٽ تو جهڙي ئي هڪ هوڏي
نينگر هئي، قسمت سان کيس به سٺو پر اَڀماني ۽
پنهنجو ضد پورو ڪندڙ گهوٽ مليو. شروع شروع ۾ ٻئي
خوب سکي هئا، پنهنجي ڪنوار تان گهور گهوران پيو
ويندو هئو. سندس وات مان لفظ نڪرندا مس هئا، ته هو
جهٽي وٺندو هئو، پر اَڳتي هلي هو سندس مرضي خلاف
ڪرڻ يا چوڻ لڳو ته هن جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي. هو
جيڪي ڪندو هئو، هوءَ اُن جي اُبتڙ ئي ڪندي هئي.
ايئن وقت گذرڻ لڳو، پر اِئين ڪيسين هلي سگهندو؟ هڪ
ڏينهن بلڪل خسيس ڳالهه تان ٻنهي جو جهڳڙو ٿيو،
ٻنهي غصي وچان هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽
نتيجو؟...“ اَڳتي اُن ٻڍيءَ کان هڪ لفظ به نه
اُڪليو. انڪري هوءَ ٿوري دير سانت رهي ۽ پوءِ چوي
ٿي، ”نتيجو اِهو نڪتو جو هو گهر ڇڏي هليو ويو ۽
وري سڄي ڄمار هڪ ٻئي سان ڪونه مليا.“ اِهي آخرين
لفظ چوندي، ٻڍڙيءَ جو گلو ايترو ته ڀرجي آيو، جو
کيس جيڪي نه چوڻو هئو، اُهو به چئي ويٺي.
”ڇا چيو؟ وري ڪڏهين به هڪ ٻئي سان ڪونه مليا؟“
سيتا ٻائيءَ هڪدم پڇيو. سندس من ۾ هڪ نيارو ڊپ
پيدا ٿيو هئو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍو گهٻرائجي ويئي
هئي. ”ها. عمر ڀر هڪ ٻئي سان ڪونه مليا.“ نانيءَ
گنڀيرتا سان جواب ڏنو.
”ڇو ناني؟ ڇو ڪونه مليا؟“
”جهڳڙو ٿيو، اُن وقت کين ايتري ڪاوڙ لڳي، ايترو
غصو لڳو، جو گهر ته ڇڏي ويا، پر، اَڳئين زماني جا
ماڻهو هئا، سو هڪدم ڳوٺ به ڇڏي ڪاشيءَ جي ياترا
ڪرڻ هلي ويا. سندس زال تمام گهڻو پڇتايو، پر هوءَ
ويچاري به ڇاٿي ڪري سگهي؟ پنهنجي ليکي هن ڏاڍي
ڳولا ڪئي، چئن مهينن کانپوءِ، ڪاشيءَ مان خط آيو.
اُن ۾ لکيڪ هئو ته ڪنهن بيماريءَ وگهيء، هوُ
چالاڻو ڪري ويا!“ ٻڍڙي هاڻ بيحد روئڻ لڳي، هوُءَ
پنهنجن لڙڪن کي روڪي ڪانه سگهي، اِهو سڀ ٻڌي، سيتا
ٻائي جا لڱ ڪانڊارجڻ لڳا، هوءَ بلڪل پيلي ٿي ويئي
۽ ڊڄندي ڊڄندي پهنجيءَ نانيءَ کان پڇي ٿي، ”ناني،
ناني! ڇا اِهو سچ آهي؟ ڇا اِها ڳالهه سچ پچ ٿي
گذري آهي؟“
”پٽ، اِها بلڪل سچي ڳالهه آهي، اُها نڀاڳي زال مان
ئي آهيان، قسمت سان هڪ ڌيءَ ٿي هئم. اِنڪري ته تون
اَڄ آهين، پٽ! جهڳڙا اِئين ئي خسيس خسيس ڳالهين
مان پيدا ٿيندا آهن! اِنڪري اِن مان ڪو سبق سک ۽
اَڄوڪو اِهو جهڳڙو - پاڳلن جهڙو جهڳڙو - هڪدم لئه
مٽي ڪري ڇڏ. هوُ اَچن ته هڪدم هنن کان معافي وٺ، ۽
پڪو پهه پچاءُ ته آئيندي ننڍين ننڍين ڳالهين تان
ڪاوڙجي، رسي، پنهنجي هڏ نه هلائج، نه ڪجهه ڏجي نه
ڪجهه وٺجي، پاڻ نه ڏينداسين ته اَڳلو به ڪونه
ڏيندو.“
”پر، ناني‘ هاڻ هوُ اَصل واپس ئي نه اَچن ته؟“
”ڇي، ڇي! ايترو ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، هوُ واپس
ايندا، پهرئين جهڳڙي ۾ ئي گهر ٻار ڇڏي ويندڙ تمام
ٿورا هوندا آهن، پر هڪ جهڳڙو ٿيو، ٻيو ٿيو، ٽيون
ٿيو، اِئين ٿيندي ٿيندي ڪنهن ڏينهن ڳالهه اَهڙي حد
تائين پهچي ويندي آهي، جتان اُن کي روڪي نه سگهبو
آهي، اِن ڪري ته چوانءِ ٿي ته اَڄ هوُ گهر واپس
اَچن ته ڪئين به اِهو جهڳڙو ختم ڪري ڇڏ. هن ڀيري
ڀل تنهنجي ئي آهي، اَڄ مون وٽ نه اَچين ها ته به
هلي ها. توکي هنن سان گڏ وڃڻ گهربو هئو. هنن جڏهين
توکي چيو ته ٽڪيٽون آنديون اَٿم ته پوءِ پنهنجي ڇو
هلايهءِ؟“
”سچ، ناني! مون وڏي بيوقوفي ڪئي... پر ناني! ڇا
هاڻ وري ڪٿي وڃڻ ٿيندو؟ جي وري اِئين ٿيو ته
منهنجو الائي ڇا ٿيندو. مان پاڻ تي ضابطو رکي،
سگهنديس؟“
سيتا ٻائيءَ جي من ۾ اِهو خيال ايندي ئي، سندس دل
۾ هڪ طوفان کڙو ٿي ويو. نانيس گهڻو ئي سمجهايس پر
پوءِ به سندس من سانت ڪونه ٿيو. هوءَ وري اِهوئي
سوچڻ لڳي ته سندس بيوقوفي سبب ئي سندس نانيءَ سان
ٿيل واقعو هن سان به ٿيندو ۽ اِهو خيال ايندي ئي
هوءَ زارون زار روئڻ لڳي، کيس ٻيو ڪجهه سجهيو ئي
نٿي، رات جا ڏهه لڳا ۽ هوُءَ پنهنجي گهر واپس وڃي،
پنهنجي گهوٽ جي واٽ نهارڻ لڳي، هر هڪ پل کيس سال
برابر ٿي لڳو، بنگلي جي ٻاهر حاطي واري دروازي کان
بنگلي جي در تائين ڦيرا پائي پائي ٿڪجي پيئي، پر
وقت ڄڻ گذريو ئي نٿي. |