سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :7

6

کن . سا دؤنڊڪر

موتين جي ڪڙي

”پندرهن سورهن ڳالهيون نه ڪر، ٺيڪ ٺيڪ ٻڌاءِ.“

خريدار گراهڪ جي، ڇڪي تاڻي اَگهه گهٽ ڪرائڻ لاءِ سڀاويڪ دم جي لهجي ۾ ڊاڪٽر چيو، اِئين حجت هلائڻ، ڊاڪٽر جي سڀاءَ ۾ ئي ڪونه هئو، پر ايتري وڏي رقم ڏيڻ جو موقعو، هن کان پهرين ڪونه آيو هئس.

ڊاڪٽر وٽ آيل شخص بمبئيءَ ۾ رهندڙ، هڪ مسلمان، موتين جو ريزڪي واپاري هئو.

”ست سئو کان وڌيڪ ڏيئي ڪونه سگهندس. اِن رقم ۾ ڏيئي سگهين ته ٺيڪ، نه ته تنهنجي مرضي.“

هڪدم فيصلو ڪرڻ جو مقصد سان، ڊاڪٽر چيو.

”توهان جي لاءِ مون کي مؤر جي اَگهه تي مال ڏيڻو پيو پوي. پيسي جو به فائدو ڪونهي. منهنجا دک دور ڪيا اٿؤ، اِنڪري چار پيسا گهٽ مليا ته پرواهه ناهي، پيسا ڪوئي ساڻ ته کڻي ڪونه ويندو؟ پر محبت؟ محبت لاءِ جان قربان ڪرڻي پوي ته به ڊپ ڪونهي. جڏهين تپيل هوس، تڏهين توهان کي چيوهئم، ته صحيح سلامت اُٿيس، ته اَهڙو داڻو آڻي ڏيندو سانوَ جو هميشه پيا ياد ڪندؤ. اِنڪري ئي ٻيا گراهڪ ڇڏي، هتي آيس، هيءُ وقت پيسن کي ڏسڻ جو ناهي. وري سؤدو ڪرڻ مشڪل آهي.“

اِها سندس روزاني وهنوار جي ٻولي هئي، پوءِ به ڊاڪٽر کي نئين ئي لڳي. اِن سندس ڳالهائڻ جي انداز تي ئي سندس ڌنڌي جو گهڻو آڌار هئو، کنڊ پکيڙڻ کانسواءِ گجرن جا پارکو ڪيئن ڦاسائي سگهبا؟

”ها، نه“ ڪندي ڪندي، آخر ڊاڪٽر پنهنجي ڳالهه مٿي ڪئي، موتين جي، لال ڪپڙي جي پڙي، ڊاڪٽر جي هٿ ۾ ڏيئي، اهو واپاري دواخاني مان هلي ويو.

اُن وقت ڊاڪٽر وٽ به ڪو گراهڪ نه هئڻ ڪري، هو به هڪدم گهر وڃڻ لاءِ اُٿيو.

اُن موتين واري سان جڏهين ڊاڪٽر جي پهرين واقفيت ٿي، تڏهين سندن ناتا بلڪل اُبتڙ هئا، اُن وقت هوُ، سندس گراهڪ (Patient) هئو. اَڄ ڊاڪٽر سندس گراهڪ هئو. سندس ڳنڍيل (Complicated) بيماري آتم - وشواس سان، ڊاڪٽر دور ڪئي.

کيس هن وٽان خاص پئسا ڪونه مليا، پر اُن ڏينهن کان کيس، سندس هٿ جي شفا محسوس ٿي.

اُن وشواس جي سهاري ئي، ڪجهه ڏينهن اَڳ، هن هڪ شاهوڪار شخص کي اَهڙي ڳنڊيل بيماريءَ مان ڇٽايو هئو. ڪافي ڏينهن، ڊاڪٽر هن جي گهر ويو هئو. ڊاڪٽري ڌنڌي جي ڊڪ ڊوڙ، اُن ڪيس ۾ هن بخوبي محسوس ڪئي. ”بل“ به چڱو وڌي ويو.

اُن ’بل‘ جي پيسن سان ئي هن موتي خريد ڪيا. ايترا پئسا اَڳي ڪڏهين به هڪ ئي وقت ڪونه مليا هئس.

اُن ڏينهن، ڊاڪٽر، ڪو مقصد پورو ٿيو هجيس، اَهڙيءَ خوشيءَ ۾ هئو. هيترن ڏينهن کان سيني ۾ سانڍيل تمنا، اُن ڏينهن پوري ٿي هيس.

اِئين ڏسجي ته موتي خريدڻ جي حيثيت، ڊاڪٽر ۾ ڪانه هئي، غريبيءَ سبب، گهڻي مشڪل سان سندس پڙهائي پوري ٿي هئي، صرف تيز ٻڌيءَ جي زور تي، هر اِمتحان ۾ وڏا وڏا وظيفا (Scholarships for Merit) حاصل ڪري، هوُ اَڳتي وڌندو رهيو.

سندس ڌنڌو به اَڃا تازو ڄمڻ شروع ٿيو هئو. هاڻ پيٽ گذران لاءِ فڪر ڪونه رهيو هئس، پر سندس دولت ايتري ڪانه وڌي هئي، جو موتي خريد ڪري سگهي، ته پوءِ اِها بلفضوُلي ڇو؟ ڪو مڙيئي ڪارڻ هئڻ کانسواءِ ڊاڪٽر ههڙي غير ضروري لٽ ڪرڻ وارو ڪونه هئو، پائي پائي گڏ ڪرڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهندو هئو. کيس ڪابه علت ڪانه هئي. دوست ڪونه هئس، ڪو شؤق ڪونه هئس. عيش آرام جي خبر ڪانه هئس. پنهنجي ڌنڌي ۾ محو، هڪ محنت ڪندڙ، عقل جو مالڪ شخص هئو.

سندس خرچ به خاص ڪونه هئو. ٻارن ٻچن جي لانڍ اَڃا پٺيان ڪانه لڳي هيس. گهر ۾ رڳو هڪ زال هيس. زيور لاءِ کيس ڏاڍو خفت هئو، پر ڊاڪٽر کي ڇڏي، کيس ٻيو ڪو ڳهڻو ئي ڪونه هئو. شاديءَ کانپوءِ اهڙو هڪ به ڏينهن ڪونه گذريو جڏهين ڊاڪٽر سان، هن زيورن جي ڳالهه نه ڪئي هجي.

سندس شؤق پورو ڪري، کيس خوش ڪرڻ لاءِ هوُ سوچيندو هئو. اِنڪري جيڪا بچت ٿيندي، اُن مان کيس زيور وٺي ڏيندس، اِهو فيصلو ڪري چڪو هئو.

موتين جي ڪڙي ڪن ۾ پائڻ جي گهڻن ڏينهن کان سندس زال کي تمنا هئي. کيس شاديءَ ۾، پيڪن وٽان ننڍڙي موتين جي ڪڙي ملي هئي، پر اُها کيس بلڪل پسند ڪانه هئي، اُها وڪڻي نقلي (Imitation) هيرن جي هڪ نٿ، ڪڏهوڪو، پنهنجي نڪ ۾ پاتي هئائين.

آبدار وڏن موتين جي ڪڙي ڪن ۾ پائڻ لاءِ وٺي ڏيڻ لاءِ، ڪيترا ڀيرا هن اَکين مان آب اوتيو هئو.”جتي لت هڻندس، اُتي پاڻي ڪڍندس“ اَهڙي متي وارو ڊاڪٽر هئڻ سبب، زال کي پهريون زيور، موتين جي ڪڙي ئي وٺي ڏيڻ جو سنڪلپ ڪيو هئائين.

اِهو سنڪلپ پورو ٿيڻ سبب، اُن ڏينهن ڊاڪٽر سڀاويڪ خوش هئو، پنهنجو شوق چاهي ضرورت پاسيري ڪري، زال جي خواهش پوري ڪرڻ، اُن ڏينهن هن هڪ تياڳ ڪيو هئو، ڇو ته دواخانو کولئي، جيتوڻيڪ ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئس، ته به دلپسند وڍ ڪٽ جا اوزار وٺي ڪونه سگهيو هئو، هر طرح جي نئين (up - to - date) اوزار سان دواخانو سجائڻ جي، ڪيترن ڏينهن کان ڊاڪٽر جي خواهش هئي.

اُن شاهوڪار بيمار وٽان ايڏي وڏي رقم سندس هٿ ۾ اَچڻ تي، اُن سان پنهنجي دواخاني لاءِ گهربل اوزار خريد ڪرڻ جو ويچار به سندس دماغ ۾ آيو، پر نه زال، جي ياد اَچڻ شرط ئي، اُن رقم سان موتين جي ڪڙي وٺڻ جو هن بلڪل پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو.

زال کي خوش رکڻ لاءِ، ڌنڌي ۾ دقت برداشت ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار هئو، ۽ کيس خوش ڪرڻ جو وجهه ملڻ تي، هوُ اُن ڏينهن سڀاويڪ ڏاڍو خوش هئو.

اِن سنتوش وچان، هو دواخاني مان سڌو گهر هلي ويو. ديويءَ جو پرڻ پورو ٿيندو، اِنڪري هو بيحد خوش هئو، موتي کڻي، ترت گهر آيو، گهر ۾ گهڙندي ئي هن ساڻس موتين جي ڳالهه ڪڍي، ڳالهه ٻڌندي ئي هوءَ مکڙيءَ جيان ٽڙي پيئي، موتين جو نالو نڪرڻ شرط پلٿي ماري ويهي رهي. ڊاڪٽر جيسين در بند ڪري، تيسين صبر ڪرڻ به هن لاءِ مشڪل هئو.

لال ڪپڙي جي پڙي، هن تڪڙ ۾ ڪڏهوڪو کولي به ڇڏي هئي. اُنهن چمڪندڙ موتين ڏانهن ڏٺائين، پوءِ ڊاڪٽر ڏانهن ڏٺائين.

تمام گهڻي مشڪل سان اَڄ هو آبدار موتي وٺي آيو هئو. موتي ڏسي، هوءَ بيحد خوش ٿي هئي، ڇا ڪريان، ڇا نه - اِئين منجهي پئي. ٻئي هٿ، ڊاڪٽر جي گلي چوڌاري وجهي، هوءَ يڪساهي کيس مٺيون ڏيڻ لڳي. هن وٽان اِئين ازخود مٺي ملڻ جو، هن لاءِ اِهو پهريون ئي آزمودو هئو.

هوءَ خوش ٿي هئي، اِنڪري ڊاڪٽر به خوش ٿيو، موتي حاصل ڪري کيس اَپار آنند مليو هئو. سندس ڳل سان پنهنجو ڳل ملائي، پڇي رهي هئي، ”ڪيتري ورتؤ موتي؟ سچا آهن نه؟ سوراخ به اَڳيئي ڪيل آهن، داڻا ته سڀ ساڳيا ئي پيا لڳن، پر پاڻي ٽڪنڊن نه؟ هڪ هڪ ڪڙيءَ ۾ گهڻا داڻا ٿيندا؟“ .... وغيره .....  وغيره.هڪ ٻه نه، هزار سوال پڇيائين.

کيس پرسن ڪري، ڊاڪٽر به پرسن ٿيو هئو. هو آئيندي جي سکي جيون جو چتر چٽڻ لڳو.

وڌيڪ نزديڪ اَچي، لاڏ وچان چوڻ لڳي، ”ڪيترن ڏينهن کان پئي سوچيم ته چوان چوان، پر ڳالهه ياد ئي نه پئي آهي. مون کي ذرا، پاسي واري رما ٻائيءَ جهڙو موتين جي هڪ مالها گهرجي. منهنجي ڀريل گلي ۾ اَلاهي سونهندو نه؟ هيئن ٻٽي ڳچي سٺي نٿي لڳي. پر مون کي هن جهڙو بلڪل سادو نه کپي. وچ ۾ سٺي هيري جي جهومڪڙي (Pendant) به کپي.“

تازو آندل موتين ڏانهن ڏسندي چيائين، ”ههڙا باريڪ جهُمڪڙي ۾ ڪونه ٺهندا، چڱا جوئر جيڏا داڻا هجن، هي باريڪ موتي اَجايا آندؤ. هوُ واپس وٺندو ڇا؟ اَڄڪلهه ڪوبه موتين جي ڪڙي گهڻو تڻو ڪونه پائي، ڪڙي هجي ته هيرن جي. نه؟ هيرا اَهڙا وٺجن جو بس... اَصل چمڪن اَهڙا...“

اِها ڳالهه ٻڌي، ڊاڪٽر جي اَکين اَڳيان کڙکٻيتا چمڪڻ لڳا، سندس ڀريل ڳچي ڏسي، ڊاڪٽر جو گلو ڀرجي آيو، ڇاتي ڦاٽڻ لڳي، ۽ اَکين اَڳيان جوئر جيڏن موتين جي برسات پوڻ لڳي.

7

لڪشمڻراو سرديسائي

منصف

ٻڍي ماريان، پنهنجي جهوپڙي - نما گهر ٻاهر، ڏاڪن تي ويٺي هئي. ويجهو ئي هڪ ڪاٺ جي ٿنڀي سان، ڄار جو هڪ ڇيڙو ٻڌل هئو ۽ هٿ ۾ سوئو جهلي، ڄار اُڻي رهي هئي.

اُس گهٽبي پئي ويئي. آس پاس جي گهرن ۾، ماڻهن جي چهرن تي ڊپ ۽ شڪ جا ڀاوَ پکڙيل هئا، ۽ جتي ڪٿي ٻه ٽي زالون گڏ ٿي، آهستي آهستي ڀڻڪي رهيون هيون. ٿوري مفاصلي تي، سمنڊ جي ڪناري تي، بانس جي لنبين لنبين لڪڙين تي، قطارن ۾، ڄاريون سڪي رهيون هيون ۽ ڪناري تي واريءَ ۾ ڪي ٻيڙيون ڏسڻ ۾ اَچي رهيون هيون.

ماريان، ڄار اُڻڻ جو ڪم صفائيءَ سان ڪري رهي هئي، پوءِ به، وچ وچ ۾ آسپاس ٿيندڙ ڀڻ ڀڻ ڏانهن ڪن ڏنائين پئي ۽ رستي جي پاسي ۾ بيهي ڳالهائيندڙ شخص ڏانهن عجب وچان نهاري به رهي هئي.

ٿوري دير کانپوءِ، ماريان جي عمر جيڏي هڪ ٻي عورت اُتي آئي. هن جي ڳلي ۾ بانس جي ڪانن جو ويڙهو هئو، جنهن مان هوءَ ڪا ننڍڙي ٽوڪري تيار ڪري رهي هئي. هلندي هلندي، ٻنهي هٿن جي ترين سان ڦرڻي گهمائي رهي هئي. ڪارو لنا تي نظر پوندي ئي، ماريان منهن مٿي ڪري چيو، ”ڪارولنا! تون ٺيڪ ته آهين نه؟ گذريل ٽي چار ڏينهن هيڏانهن آئينءَ ئي ڪانه؟“

- ميريءَ جي ڪرپا سان ٺيڪ آهيون! ڪارولنا، سندس ويجهو، هيٺئين ڏاڪي تي ويهندي چيو، پر ڇوڪرو هڪ جهڳڙو ڪري آيو آهي، اِنڪري تو وٽ اَچي ڪانه سگهيس.

- پيدرو ڪيو ڇا؟ ڏاڍو مست ڇوڪرو آهي، پر مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، سمجهيهءِ؟ .... ڪهڙو جهڳڙو ڪيو اَٿائين؟ اَڄڪلهه هو به هتي ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي. ڇو؟

- ماريان کلندي کلندي چيو.

- وڏيءَ مصيبت ۾ اڙايو اَٿائين مون کي، اَسانجي پاڙي ۾ گستاو آهي نه؟ کيس سڃاڻين؟

- ڇو؟ هن سان پٽهن جهيڙو ڪيو آهي؟ اوهه يسوع!

- ماريان، عجب ڀريل چهري سان پڇيو ۽ هٿ وارو سوُئو پاسيرو رکي، هن هٿ جي آڱرين سان ڪراس جو نشان ٺاهيو.

- ها. ڇوري جي ڪنڌ تي شيطان جو اَچي ويٺو آهي! ٿيو ڇا؟ گستاو جو هڪ سوئر اَسان جي باغ ۾ گهسي آيو، منهنجي ڇوڪري، ان جي ٽنگ موڙي ڇڏي. پوءِ گستاو وري چپ ڪرڻ وارو ٿوروئي هئو؟ هن اَسانجو وڏو سوئر، ساڳئي ڏينهن بندوق سان ماري ڇڏيو.


[1]  ڪڙي = هڪ قسم جو زيور، جيڪو مرهٽا ڪن ۾ پائيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com