ننڍي هوندي - نه؛ اُها مئي ياد ئي نه کپي! ياد ڪرڻ
سان، سچ جي اِن پاڇي سان، من ۾ اَجائي چورا کورا
پيدا ٿيو وڃي، پر دل رهي ئي نٿي، ياد کن لاءِ ئي
اَچي ٿي، لهس هڪ دفعو ئي اَچي ٿي، پر جليل دل جو
درد، سڄو ڏينهن دور ڪونه ٿئي.!
ننڍي هوندي، موڪل جي ڏينهن ۾، اَشوڪ اَسانجي گهر
ايندو هئو ۽ چار پنج ڏينهن رهندو هئو. اُهو وقت
ڪيڏي نه مزي ۾ ڪٽبو هئو. جڏهين هوُ وڃڻ لڳندو هئو،
تڏهين هڪ ٻه ڏينهن ٻيا به کڻي رهه، اَهڙو ضد ڪرڻ
کان سواءِ مان رهي ڪانه سگهندي هيس. اَمان مونتي
ڪاوڙبي هئي. وري ڪڏهين ايندين، اِئين کانئس گهڻائي
ڀيرا پڇندي هيس، تنهنجي وڃن کانپوءِ هيءَ گهر مون
کي سڃو سڃو پيو لڳندو آهي، اِئين کيس چوندي هيس.
هن جي وڃڻ کانپوءِ به ڪيتري دير تائين، مان
گئلريءَ ۾ بيٺي هوندي هئس، اَکيون ڀرجي به اينديون
هيون! هن دنيا ۾ ڪوئي ڪنهنجو ڪونهي، اهوئي سچ آهي.
ان لاءِ ڪوئي مون کي ڏوهه ڏئي ٿو ڇا؟ سخت - دليءَ
۾ جن کي مردانگي نظر اَچي ٿي، اُهي چوندا، ”ننڍين
ڇوڪرين کي ايترو پريم ڪرڻ نه گهرجي.“ پر ننڍيون
ڇوڪريون مون کي ڏوهه ڏيڻ چاهينديون ڇا؟ وڏن وڏن
وڻن کي ڪنهن جي ڪائي پرواهه ڪانه هوندي آهي، پر
ننڍين ننڍين ساين وَلين جي ڳالهه نياري آهي. اَشوڪ
جهڙي کلمک ۽ بيحد سنيهي ڇوڪري لاءِ هڪ اَگياني
مرڻالني جهڙي ڇوڪريءَ کي خفت کڻي، ته اِن ۾ ڪهڙي
وڏي ڳالهه ٿي؟
منجهند جو، اَمان سمهندي هئي ته مان، منهنجو ڀاءُ،
پاڙي ۾ رهندڙ يموُ ۽ اَشوڪ قسمين قسمين جون
رانديون ڪندا هئاسين. ”ٽڪا پاڻي“ راند ڪندي، چارئي
ڄڻا، ديوانخاني جون چار ڪنڊون پڪڙيندا هئا. اَشوڪ
مون وٽ اَچي، نهايت مصريءَ جهڙي مٽيءَ ۽ ننڍي آواز
۾ پڇندو هئو، ”مرڻال، ٽڪو تو کنيو آهي ڇا؟“ مان
جواب ڏيندي هيس، ”ڪير ٿو چوي ته ٽڪو مون کنيو
آهي؟“
”يموُٿي چوي.“ ۽ پوءِ راند جي قاعدي موجب، مون کي
يموُ کان ساڳيو سوال پڇڻ لاءِ وڃڻو پوندو هئو.
”يموُ، ٽڪو تو کنيو آهي ڇا؟“
”ڪير ٿو چوي ته ٽڪو مون کنيو آهي؟“
”اَشوڪ ٿو چوي.“
ڪڏهين به پورو نه ٿيندڙ، يا اِئين کڻي چئجي ته
جڏهين کپي تڏهين بند ٿي سگهجندڙ، هيءَ راند اِن
انموني پيئي هلندي هئي، ٻن پريمين کي دنيا جي ڪنهن
ڪنڊ ۾ ته گڏجڻ جي وجهه ملي ٿو، ۽ پيار جي چئن لفطن
چوڻ جيتري صحبت ماڻن کانپوءِ، راند جي قاعدي موجب،
ٻنهي مان هڪ کي اِهوموهه ڇڏڻو ئي پوي ٿو. ويندي
وقت سندس قدم ڪيترا نه ڀاري هوندا آهن! پر ريشمي
ٻنڌن نه ٽوڙيا ته سڄي راند هڪدم بند ٿي ويندي. آخر
۾ جڏهين اَشوڪ ٽڪي لاءِ پڇڻ ايندو هئو تڏهين، سندس
قميص جي بٽڻ سان کيڏيندي، کيس چوندي هيس، ”هاڻ
هيءَ راند بند ڪر. مون کي نٿي وڻي، اَچ ته ٻي ڪا
راند ڪريون.“
اَڄ، وڏي هوندي، مون کي هر ڳالهه جي خبر پئجي چڪي
آهي، اِنڪري اَهڙين ڳالهين جي ياد اچي ٿي، ته هيئن
دل تي گذري ٿي. اَڄ اَسر جي جڏهين اَک کلي ته وري
ننڊ ئي نه اَچي. من ۾ ڪيترين ئي ڳالهين جو سلسلو
شروع ٿي ويو. نيٺ جڏهين بي آرام ٿي پيس، تڏهين
بالڪنيءَ ۾ اَچي بيٺيس، پرڀات جو پوتر ويٺو هئو.
اِئين ٿي لڳو ڄڻ قدرت ”ٽڪا پاڻي“ راند رمي رهي
هئي. رات، سورج سان ڳر لڳي ڳالهيون ڪيون. سورج،
پورب ڏسا ڏانهن آيو، ”پراچي!
ٽڪو ته کنيو آهي ڇا؟“ ”پرڀاڪر+ چوي ٿو، تو ٽڪو
کنيو آهي.“ سورج، رات جو نالو ڪونه ورتو، پرڀاڪر
جو ورتو. جنهن ٽڪو کنيو هجي، اُن جو نالو ئي نه
وٺڻو. پيار جي راند ۾ واپس اَچڻ جو نالو ئي ڪونه
وٺبو آهي. لڳاتار ڦيرا پائڻا پوندا آهن. پورب ڏسا
پيار وچان ۽ لڄ وچان، خبر ڪانه پيئي. لال ٿي ويئي.
ڀڳوان پرڀاڪر جي نزديڪ وڃي چيائين، ”پرڀاڪر! تو
ٽڪو کنيو آهي ڇا؟“ ”ڪير ٿو چوي، ته مون کنيو آهي؟“
”پشچم ٿو چوي.“
۽ ڀڳوان پرڀاڪر، پشچم ڏسا کان ٽڪي جي باري ۾ پڇڻ
لاءِ، سڄي آڪاس جو سفر ڪر لڳو. پيار خاطر ڪوئي
ڇاڇا نه ڪندو آهي؟ مون پنهنجن لڙڪن سان هنن سڀني
جي پوڄا ڪئي. اَڄ سڄي ڏينهن ۾ مون کي ڪو ڪم ڌنڌو
سجهيو ڪونه. ڪيتريون يادگيريون آيون. ڪيتريون
ڪلپنائون ڪيم. ڪيترو نه رنيس، ۽ دل ۾ خيال آيو ته
آپگهات ڪريان، جيئن هن ٿڪائيندڙ جيون روپي راند جو
اَنت نه ٿئي. هڪ ويچار آيو، اَشوڪ وري ملندو ڇا؟ ۽
هن سان ٻيهر ”ٽڪا پاڻي“ کيڏي سگهنديس ڇا؟ هڪ من
چيو، ”مرڻالني! هڪ ڪلين خاندان جي نهن کي من ۾
اَهڙو خيال آڻڻ به پاپ ڪونهي ڇا؟“ ٻئي مسن چيو،
”اَشوڪ جي پوتر مورت جي اِرد گرد پاپ جي ڪلپنا به
ممڪن آهي ڇا؟“ پر هڪدم خيال آيو، .منهنجي هٿان هڪ
ئي ڀل ٿي، اُها اَگر ٿئي نه ها، ته اَڄ اَشوڪ جي
ديدار جي سک لاءِ بيقرار ته نه ٿيان ها. ٽڙيل
پکڙيل جوان من ۾ ڇاڇا ايندو، ان جو اندازو ڪيئن
لڳائي سگهبو؟
پيار ڪرڻ تمام سولو آهي، ڇوڪرين لاءِ ته اِهو هرگز
ڏکيو ڪونهي، پر اُهو لڪائڻ ڪيترو نه اوُکو آهي!
ماءُ پيءُ، ڌيئرن جي شادي ڪرائي ٿا ڇڏين. ڌيءَ آهي
ئي پرائو ڌڻ، اُن ۾ ٻيو به ٿورو ڌن گڏي، جنهن جي
ليک ۾ لکيل آهي، اُن کي سؤنپي ڇڏبي آهي. اُن ’ڌن‘
جو مالڪ ”لڪشمي چنچل آهي“ اِها ڳالهه ياد ڪري،
اُهو ’ڌن‘ گهر جي ۽ پنهنجين ٻانهن جي اَنبار خاني
۾ بند ڪري رکي ٿو. ڪنهن ڪنهن گهر ۾ لڪشمي - هرديه
جو پاٺ ڪنهن برهمڻ کان ڪرائڻ جو رواج آهي. پر گهر
آيل لڪسميءَ کي دل هوندي آهي، اِنجو ويچار ڪنهن کي
ڪونه ايندو آهي، اُها لڪشمي، پهرين پنهنجيءَ دل جو
خون ڪندي آهي، ۽ پوءِ هوريان هوريان جهري جهري
مرندي آهي، ٻڍيون عورتون چونديون آهن، ”اَڄڪلهه
جوان ڇوڪريون گهڻيون ئي مرن ٿيون.“ ڪي چونديون
آهن، ”ويچارين جي نصيب ۾ ئي گهر سنسار جو سک لکيل
نه هوندو‘“ ڪي چونديون آهن، ”ٻڙي! ڪلجڳ ۾ ته اِئين
ئي ٿيندو نه!“
پر جوان ڇوڪريون اِئين ئي چونديون ڇا؟ مون کي
اِئين چونديون ڇا ته تو پيار ڪيو، اِها ئي وڏي ڀل
ڪيهءِ؟ منهنجي سس ته ڪنهن به ڳالهه تي اِهوئي
چوندي آهي، ”پڙهيل ڳڙهيل ڇورين جا اِهي ئي لڇڻ
آهن.“ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريون پيار ڪن ٿيون،ته ڇا جن
کي پڙهڻ جو وجهه ئي مليو ڪونهي ، اُهي پيار نٿيون
ڪن؟ پيار ڪرڻ جي اوڻائي اَسان ۾ سڀاءُ کان ئي آهي،
پوءِ ڪنهنجي ڏوهه ڏيڻ مان ڇا ورڻو آهي؟ ۽ اُن وقت،
ننڍي هوندي، مان ڪٿي پڙهيل هيس؟
اُنهن ڏينهن ۾ اَسان جنهن گهر ۾ رهندا هئاسين، اُن
گهر جي پوئين در پٺيان اَڱڻ هئو ۽ اُن اَڱڻ ۾ هڪ
وڏو، ”بڪلي“ جو وڻ هئو، اُن مان ڇڻيل گل چونڊيندا
هئاسين ۽ ڀڳوان لاءِ اُنهن مان مالهائون ٺاهيندا
هئاسين، پر ڀڳوان کي اَسان جي گلن جي ضرورت ئي ڪٿي
هئي؟ اَمان سوير اُٿي، چونڊيل گلن سان ٿالهه ڀري
رکندي هئي. اُهي مالهائون منهنجي ۽ يموُ جي ويڻين
جي سوڀيا ٿينديون هيون. مان اَشوڪ کي چوندي هيس،
”توکي ٺاهي ڏيان هڪ سهڻو گلدستو؟“ هو جواب ڏيندو
هئو، ”نه، اَجائي ايتري سخت محنت ڇو ٿي ڪرين؟
تنهنجي ويڻي جي گلن مان جڏهين چاهيان، تڏهين واس
نٿو وٺي سگهان ڇا؟“ ”بڪلي“ جي گلن جي خوشبو پري
کان ايتري ايندي ڪانهي، پر ويجهو اچڻ تي ڪافي مٺي
مٺي سڳنڌ ايندي آهي. اَشوڪ ته چوندو هئو، ”مرڻال!
هيءَ خوشبو سچ پچ اُنهن گلن مان ٿي اَچي يا تنهنجي
وارن جي خوشبو ايتري دلڪش آهي؟“
هڪ دفعي ته اَسان کيس ڪوڏين راند ڪرڻ لاءِ به ضد
ڪيو کيس راند ڪرڻ آئي ٿي، اِنجو مطلب اِهو ٿوروئي
هئو ته اَسان کي هارائي سگهندو؟ نيٺ هار هن کي ئي
ٿي. اسان هن جي پٺيان پئجي وياسين ته پنهنجيءَ زال
جو نالو ٻڌاءِ، مون کيس چيو، ”اِن ۾ ڪهڙي مشڪل
آهي؟ ايڏي وڏائي ڪا ٺهي ٿي؟ منهنجو نالو سئو ڀيرا
ڪونه وٺندو آهين؟ ساڳيءَ طرح پنهنجيءَ زال جو نالو
وٺ، شادي ڪانه ٿي اَٿيئي ته ڇا ٿيو؟ زال جي نالو
وٺڻ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟“ تڏهين مون کي چيائين، ”وقت
اچڻ تي پيڪو ۽ ساهرو- ٻئي نالا ٻڌائيندو سانءِ.“
مون وري کيس چيو، ”ڏسجانءِ، اِها ڳالهه ياد
رکجانءِ.“
مون کي هيءُ سڀ ڪيئن نه گهڙيءَ گهڙيءَ ياد ٿو اچي!
اَشوڪ کي ههڙيون يادگيريون اينديون هونديون؟
منهنجي شادي ٿي وڃڻ کانپوءِ، ٻه ٽي سال کن اَڳ، هن
لاءِ ڪيترين ڇوڪرين جا نياپا آيا. سڀني زمين آسمان
هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ”مون عمر ڀر ڪنواري رهڻ جي
پرتگيا ڪئي آهي،“ اِئين سڀني کي چئي ڇڏيائين.
اَشوڪ جي اسڪول ۾، سندس هڪ دوست هوندو هئو. سندس
نالو هئو رام ڀائو. سندس پيءَ جو نالو هئو ڀڪي ڀٽ،
کيس مون جيڏي هڪ ڀيڻ هئي، اِنهن ٻن ٻارن جي ماءُ،
سندن ننڍي هوندي ئي گذاري ويئي هئي، ڀڪي ڀٽ، ٻانڀڻ
جي حيثيت ۾ جيڪو ڪم ملندو هئس، ڪندو هئو. ڪو ننڍو
وڏو ڪارج ٿيندو هئو، ته اسان ڄاڻي واڻي کيس پوني
مان گهرائيندا هئاسين، اِئين، هڪ ڀيري رام ڀائوءَ
جي ڀيڻ، پنهنجي پيءُ سان گڏ آئي هئي. هڪدم اسان
ٻنهي جي هڪٻئي سان پئجي ويئي. اَشوڪ جي ڳالهه
نڪتي. هن پنهنجي اِسڪول جي ڳالهه ٻڌائي. هن ٻڌائي
نه پئي، مون کيس آزي نيزاري ڪئي، چوڻ لڳي، ”ڀائوءَ
مون کي اِها ڳالهه ٻڌائڻ وقت، ٻئي ڪنهن کي به نه
ٻڌائڻ جو قسم کڻايو هئو.“ مان کيس پيرين پيس. سندس
من ۾ ڦيرو آڻڻ لاءِ ڪافي جفاڪشي ڪيم. اَشوڪ جي
ڳالهه هئي نه؟ نيٺ هوءَ راضي ٿي ۽ حقيقت ٻڌايائين.
اُن وقت هوءَ اُها ڳالهه نه ٻڌائي ها ته ڪيترو نه
سٺو ٿئي ها. اَڄ منهنجي اَندر ۾ وَٽ ته نه پون ها.
اسڪول ۾، اَشوڪ کي ڪي دوست هئا. هڪ ڀيري، اُنهن
اڳيان سهج سڀاويڪ من جي ڳالهه چئي ويٺو، ”مرڻالني
منهنجيءَ دل ۾ گهر ڪري چڪي آهي. هن کي ڇڏي ٻئي
ڪنهن سان شادي ڪونه ڪندس.“ چئي ته ويٺو، پر اُهو
ئي مذاق لاءِ موضوع بڻجي پيو. ڪلاس هلندي ڪو آهستي
چوي ٿو، ”مرڻالني“ ۽ اَشوڪ شرم ۾ ٻڏي وڃي ٿو.
موڪلن ۾ رڳو مرڻالنيءَ جون ڳالهيون. اَشوڪ تمام
گهڻو هوشيار ۽ رکڻو ملڻو هئڻ سبب، سڀ هن کي پيار
ڪندا آهن. هو سڀني کي حساب ڪري ڏيندو آهي. سڀني
سان هڪ دوست جيان هلندو آهي. اِهائي آهي سموري
حقيقت. اِهو سڀ ٻڌي منهنجي اهڙيءَ حالت ٿي جو
پڇوئي نه، کيس چيم، ڏاڍي ڪا لچي آهين! جيڪي وڻيئي
اُهو من مان ٺاهي ٻڌائڻ اَچيئي ٿو. وڃ. منهنجو
مذاق ٿي اُڏائين، نه؟ مان روئي پونديس. مون سان
اصل نه ڳالهاءِ. چوي ڇا ٿي، مان تنهنجي ساهيڙيءَ
آهيان! ٻين کي چيڙائڻ ته ڪو توکان سکي.“
اُن ڏينهن مون ’بڪلي‘ گلن جو هار، وارن ۾ ٻڌو ڪونه
هئو. ديوان خاني ۾ ڪرشڻ جو هڪ چتر لڳل هئو، ان کي
پائي ڇڏيم. ڪيتري دير بالڪنيءَ ۾ اَڪيلي ئي ويٺي
هيس، اَڪيلي مٿي ڇا ڪري رهي هيس، اِنڪري اَمان
ڪاوڙجي ويئي. مون کي خوشي ٿي. هن جون ڳالهيون مون
دل ۾ ڪانه ڪيون. اَشوڪ وري ڪڏهين ملندو، مون کي
اِهوئي فڪر هئو.
ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندا ويا. اِن ڳالهه کان پوءِ
اَشوڪ جون ۽ منهنجون نظرون مليون، منهنجيءَ شاديءَ
وقت. شايد ايشور اهوئي ٿي چاهيو، اِن ڳالهه کان
اٽڪل ٽي سال پوءِ منهنجي شادي ٿي. اِئين ڏسجي ته
شاديءَ وقت مان ننڍي ئي هيس، پر اسان جو هندو
سماج، اِهو ننڍپڻ جو سک، ڪنهن کي به گهڻو وقت ڀوڳڻ
ڏئي ني ڪونه. اسان هندو ڇوڪرين جي اِهائي خصوصيت
آهي، ته اَسان ننڍي هوندي تمام ننڍيون هونديون
آهيون، ۽ پوءِ اوچتو ئي وڏيون ٿي وينديون آهيون.
مونسان به اِئين ئي ٿيو. هڪ ڏينهن مان پنهنجن وڏن
جي نظرن ۾ تمام وڏي ڏسجڻ ۾ آيس. ٽن سالن جي عرصي
۾، مان به دنيا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون چڱيءَ طرح
سمجهڻ لڳي هيس. ۽ انهن ڳالهين ۾ اهو به سمجهڻ لڳيس
ته هاڻ ننڍي ڇوڪريءَ جيان هلڻ ٺيڪ نه آهي.
اِهي ٽي سال، اَشوڪ پنهنجي مامي وٽ هئو. سندس
مامو، ميسوُر جي هڪ واپاريءَ وٽ ڪم ڪندو هئو. جيئن
ئي اَشوڪ ستون درجو پاس ڪيو، تيئن کيس هوُ ميسوُر
وٺي ويو ۽ اتي جي هڪ سرڪاري لئباريٽريءَ ۾ کيس ڪم
تي لڳايو هئائين. ماستر جي به اهائيءَ خواهش هئي
ته سندس ٻن ٻارن کي سندن چاچو ورهاڙ وٺي ويو. چون
ٿا، اُتي رام ڀائو ڪاليج ۾ پيو پڙهي ۽ سندس ڀيڻ
انگريزيءَ ڇهين آهي. اَڃا سندس شادي ڪانه ٿي آهي.
ٽي سال اَشوڪ ميسوُر ۾ هئو پر بدنصيبا جڏهين کيس
اِمتحان ڏيڻ لاءِ اِنگلينڊ روانو ٿيڻو هئو، عين
اُن وقت هوُ بيمار ٿي پيو. سک، ٻيا ڄڻا چونڊجي
آيا. سندس نمبر پهريون هوندي به، ٻه سال کيس ڪم
کان خارج ڪيو ويو. هُو منهنجي شاديءَ کان رڳو اٺ
ڏينهن اڳ آيو. آخر هن اِهو فيصلو ڪيو ته هن سال
پوني جي ڪاليج ۾ پڙهي، بمبئي جي ڪامرس ڪاليج ۾
پڙهي، پوءِ ئي انگلينڊ وڃڻ جو ويچار ڪجي.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، اَشوڪ جي ميسور مان
واپس اچڻ کان پوءِ، هن سان منهنجي پهرين ملاقات
اُن وقت ٿي جڏهين مان شنڪر پاروتيءَ جي پوڄا ڪري
رهي هيس. مامي ۽ ماستر ٻه ڏينهن اَڳ آيا هئا، پر
اَشوڪ ڪو بهانو ڳولي، ڊيڪن ڪاليج ۾ هڪ دوست وٽ وڃي
رهيو هئو. منهنجي شادي ڏاڍي ٺاٺ باٺ سان ٿي، ڇو ته
تازو آپا جو پگهار ٻن سئو مان سڌو ساڍا ٽي سئو ٿي
ويو هئو. شاديءَ ڏينهن صبح جو آيو ۽ سڌو مندر واري
ڪمري ۾، منهنجي ڀرسان اَچي بيٺو. منهنجي دل ۾
اَلائي ڇا ٿي رهيو هئو. مان نظرون جهڪائي ڀڳوان
مٿان چانور ڇٽڪاري رهي هيس. ڪيتري دير تائين اَشوڪ
مون ڏانهن يڪ ٽڪ نهاري رهيو هئو. گهر ۾ چؤڌاري ڊڪ
ڊوڙ لڳي پيئي هئي. منهنجي من ۾ ڇا گهٽ شور هئو؟
مون کي لڳندو هئو، ”اَشوڪ ننڍي هوندي جون سڀ
ڳالهيون ڀلجي چڪو هوندو، پر مان ڪجهه به ڀلائي نه
سگهي آهيان.“ نيٺ ننڍپڻ جي سرڳ مان، حقيقت جي
مرتيو لوڪ ۾ اَچان ٿي. ۽ اَشوڪ، اُن سوڳ جو فرشتو،
مون ڏانهن يڪ ٽڪ نهاري رهيو آهي، اِهوئي سچ آهي.
هاڻ هوُ مون کي ڇا چوندو؟
پر اَشوڪ ڪجهه به نه چيو. ’ڪيئن آهين‘ اَهڙو
دستوري سوال به پڇڻ کانسواءِ هلي ويو. وڃڻ لاءِ
جيئن ئي مڙيو، تيئن ئي موُن هن ڏانهن نهاريو، هو
هٿ ۾ جهليل رومال سان اَکين جون ڪنڊون اُگهندو
ٻاهر نڪري ويو، ڀرسان ڪوئي ڪونه هئو، انڪري دل
کولي شنڪر پاروتيءَ جو اَڀيشيڪ ڪيم. ۽ ماميءَ کي
ايندو ڏسي، هڪدم پنهنجيون اَکيون اُگهي ڇڏيم.
منهنجي من ۾ ڪوئي چئي رهيو هئو، ”سرڳ ۾ ۽ سرشٽيءَ
۾ اِهوئي فرق آهي.“
ننڍي هوندي جون آشائون ۽ اِڇائون بنهه چريائي
هونديون آهن، ڇو ته اُن وقت اَسان کي وهنوار، ۽
ممڪن - ناممڪن ڇا آهي، اِن جي ڄاڻ ڪانه هوندي آهي،
رڳو اِڇا ڪرڻ سان ڪابه ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ائين
ڪونهي، شايد اِن ريت، اَشوڪ پنهنجي من کي سمجهايو
هوندو. پر مون کي اُن وقت اِئين محسوس ٿي رهيو
هئو، اِهو سچ چوڻ پاپ هوندي به مان چئي رهي آهيان،
محسوس ٿي رهيو هئو، ”اَشوڪ جي هٿ ۾ منهنجو هٿ نه
ڏيئي ٻئي ڪنهنجي هٿ ۾ ڏيئي رهيا آهن. اِهو ٺيڪ
ناهي، مان ان ۾ ئي سکي رهان ها.“ پر ڇوڪريءَ کي
ائين پاڻ کي چوڻ به، نيتيءَ جي لحاظ کان غير واجب
ڪونهي ڇا؟
منهنجي شادي هڪ ڪافي شاهوڪار خاندان ۾ ٿي، منهنجي
گهوٽ جو چاچو ڊپٽي ڪليڪٽر آهي، سڳو سهرو، ستارا ۾
سرڪاري دواخاني ۾ اسسٽنٽ آهي. منهنجو ڏاڏ - سهرو
تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر هئو، جنهن سان منهنجي شادي
ٿي، اُهو ڊيڪن ڪاليج ۾ ’پريويس‘ ڪلاس ۾ هو. منهنجن
مائٽن ٻه هزار ڏيتي ليتي ڏني. شاديءَ جو نينڊ -
پتر به سٺو هئو، ٻيو ڇا کپي؟ ان هوندي به، مان ۽
اَشوڪ چرين وانگر ناخوش ٿيون، اهو پاڳلپڻو ڪونهي؟
۽ ان کان سواءِ شاهوڪار خاندان هئڻ سبب، ڳهه ڳٺا
به جهجها هئا. اشوڪ ته هڪ اسڪول ماستر جو پٽ آهي.
ڇوڪريءَ کي سکي ڪرڻ لاءِ، پيڪن جي حيثيت جيترو ته
گهر هجي نه! اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه منهنجي گهر ۾
ٿيندي هئي ۽ مون کي ڏاڍو عجب لڳندو هئو. هر ڳالهه
۾ حساب ! دل کي ڪٿي اهميت ئي ڪانهي. مون جهڙي
ننڍڙي نينگر کي لڳندو هئو ته سنسار هڪ وڏو ڪارخانو
ته ناهي؟ البت هڪ ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ آئي. اشوڪ ۽ هنن
وچ ۾ ڪافي سنيهه هئو.
منهنجيءَ شاديءَ کي ٽي سال ٿي ويا. ان عرصي ۾
سڀاويڪ طور گهڻيون ئي ڳالهيون ٿيون. ساهري گهر جي
سڀني ڀاتين جو سڀاءُ ڄاڻي ويس، هنن کي به سڃاڻي
ويس. شادي ٿيڻ تي، ”ڪيئن ٿيندو؟ ڇا ٿيندو؟“ ائين
محسوس پئي ڪيم. ۽ هاڻ ”ڪئين ٿيو؟ ڇا ٿيو؟“ ائين
پئي محسوس ڪريان. امان چوندي آهي ته مان ڪابه
ڳالهه دل ۾ ڪرڻ واري نينگر آهيان. شايد سچ به هجي،
پر مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ پئجي چڪي هئي ته سنسار ۾
سچي سک جي آشا نه ڪرڻ کپي.
اَلبت اشوڪ ان عرصي ۾ ڪجهه آزاديءَ سان هلڻ لڳو.
هو بمبئيءَ ۾ ڪامرس ڪاليج ۾ هئو. موڪلن ۾ پوني
ايندو هئو. ان وقت اگر مان پيڪن ۾ هوندي هيس ته
اَٺ اَٺ ڏينهن اتي اچي رهندو هئو. ساهري گهر به،
’هنن‘ سان سنيهه هئڻ ڪري، هڪ اڌ دفعو ايندو هئو.
ملندو هئو ته سک - دک بابت پڇندو هئو.البت مان هن
سان کليءَ طرح ڳالهائي ڪانه سگهندي هيس. هڪ دفعو
وري سندس کلمک سڀاءَ چوڌاري سڀني کي موهي ڇڏيو. پر
پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه ڪڍڻ ڪونه ڏيندو هو، مون کي
ذرا دک محسوس ٿيو. اشوڪ اگر ماضيءَ جون ڳالهيون
وساري چڪو آهي، ته سٺو ئي ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ هو ته
سکي ٿيندو. هو ملندو هئو ته مون کي ڏاڍو سٺو
لڳندوهئو. مامي ۽ ماستر به منهنجي ساهري ڪافي
ايندا ويندا پيا هئا. پوءِ به غريب - شاهوڪار جو
فرق هئوئي. مون اڪيليءَ کي ئي شايد سک چئن ڪونهي.
باقي سڀ سکي آهن، ائين مون کي لڳندو هئو. البت،
مون کي جيڪي کپندو هئو، اهو مون کي ساهري گهر ڪونه
مليو، اهو سچ آهي.
هنن جو سڀاءُ ڏاڍو وڻندڙ آهي، سندن رنگ - هندو
زالون پنهنجي پتيءَ جي روپ جو ڪڏهين به ڇيد ڪانه
ڪن، پر - مينهوڳي مند جي ڪڪر جهڙو آهي. ڪافي خوش
مزاج آهن، جيئن سڀني ڇوڪرين جو گهر سنسار هلندو
آهي، تيئن منهنجو به هلي رهيو هئو. ماڻهو چوندا
هئا، ”ڪيترو نه سنيهي جوڙو آهي!“ هيءُ چوندا، ”تون
ڪيتري نه سهڻي آهين!“ مان پاڻ کي چوندي آهيان،”مان
سهڻي آهيان، انڪري ئي مون سان پيار اَٿؤ؟“ مون کي
يمو چوندي هئي، ”جيئن گهر سنسار لاءِ چوندا آهن،
تيئن پيار لاءِ به ٺيڪ آهي، اهي راز ڪنهن کي
ٻڌائبا ڪونهن.“ پر سچ پچ اَگر من جو راز ٻڌايان،
ته ايترو قبول ڪرڻو پوندو ته اسان جا من ملي ڪونه
سگهيا. هونئن به گهڻن جوڙن جا من سچ پچ ملندا
آهن؟“
ماستر جي گهڻي چوڻ تي، آپا مون کي سنسڪرت ۽
انگريزي پاڙهڻ لاءِ هڪ ماستر رکي ڏنو، انڪري ٿوري
گهڻي سنسڪرت ۽ انگريزي سکي سگهيس، پوءِ به سڀ مون
کي پڙهيل ڳڙهيل سمجهندا هئا. يموُ ته هاءِ اسڪول ۾
ويندي هئي. منهنجي ساهري گهر جي ڀاتين، منهنجي
چونڊ، خاص ڪري منهنجيءَ سوُنهن ڪري ئي ڪئي هئي، پر
ڪٽنب جا گهڻا ڀاتي ڪجهه پڙهيل ڪونه هئا، انڪري
منهنجي پڙهيل هئڻ سبب گهڻيون ئي رڪاوٽون درپيش
اينديون هيون. سس ته کليو کلايو الزام مڙهيندي هئي
ته مان پڙهيل ڳڙهيل آهيان انڪري هنن جو من مٺ ۾
ڪري ويٺي آهيان.
مون کي ماتا نڪتي، پر اُن وقت گهر ۾ هوندي به هنن
منهنجي ڪمري ۾ قدم به ڪونه رکيو. موقعو ئي ڪونه
ملين، ائين به ناهي، پر دل ڪانه هين! ماتا نڪرڻ
تي، ماڻهو بد زيبو ٿي ويندو آهي نه؟ ۽ پوءِ به چون
ٿا، هنن جو من منهنجيءَ مٺ ۾ آهي. خوشقسمتيءَ سان
- سچ پڇو ته بدقسمتيءَ سان - ماتا لٿي ۽ مان ٺيڪ
ٿي ويس نه فقط ايترو، ماتا جو ڪوبه نشان منهنجي
روپ تي باقي نه رهيو. اِئين ڏسجي ته کاٻي ڳل ته هڪ
تمام ننڍڙو نشان هئو، پر سڀ چوڻ لڳا ته اِن سان
پاڻ منهنجيءَ سونهن ۾ اِضافو اَچي ويو آهي.
۽ اَڄوڪي حالت جو اِهوئي ڪارڻ هئو ته ماتا سان
منهنجي حسن ۾ اِضافو ٿيو هئو. اَڳتي هلي ڇا ٿيڻو
هئو، اُنجي اَڳ۾ ئي سڌ هجي ها ته....
اُن بعد، هنن جي چاچي جي پوني مان بدلي ٿي. انڪري
هو اُتي ڪاليج جي بورڊنگ ۾ ئي رهڻ لڳا. مان ستارا
۾ سڳي سهري وٽ، يعنى ته پنهنجن ساهرن ۾ ئي ڪجهه
ڏينهن رهڻ ويس، مون اڀاڳيءَ جي قسمت ۾ ئي ايندڙ
واقعو ٿيڻو هئو ڇا؟ اِنڪري ئي ته چوان ٿي ته
منهنجي روپ ڪري ئي ستياناس ٿي ويئي! مڻالني سندر
هئي، اِنڪري ئي ته ڪيتريون ئي لڄائيندڙ ڳالهيون
ٿيون. جيڪي ڪجهه ٿيو، اُهو ڪنهن کي به سچ ڪونه
لڳندو ۽ اُها ٻڌائي ڪنهنجي ننڊ ڦٽائڻ نٿي چاهيان،
پر اُنڪري، اَشوڪ جهڙو گڻوان ماڻهو گهر ڇڏي هلي
ويو. ڪلين سڌي سادي خاندان کي وڏو ٽڪو لڳائيندڙ
ڳالهه هئي اِها! پر جيڪي ٿيڻو هئو سو ٿي ئي چڪو.
گهر ۾ اِئين چوندا هئا ته اَمان جي سئوٽ جيترو سٺا
سڄڻ آهن، ايتري سٺي ماما جي ناهي، اِن جي ساکيات
ثابتي مون کي - سندن نهن کي- ملي. منهنجيءَ سس کي
اِن جي خبر ناهي، اِئين ڪونهي. لڳي ٿو منهنجي
ڀلمانسئءَ جي واهه واهه کيس ڪانه وڻندي هئي.
هڪ ڀيري منجهند جو، مهڙ واري دروازي ڀرسان، نل جي
پاڻيءَ ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئيس، منهنجو مامو، ورانڊي
۾ پيل پينگهه تي ويهي، اَخبار هٿ ۾ کڻي، سگريٽ ڇڪي
رهيا هئا، ٻه کن لڳا هوندا، منهنجي سس پاڙي ۾ ويئي
هئي. گهر ۾ ٻيو ڪوئي ڪونه هئو. صبح جو مٿو ڌوتو
هئم، اِنڪري منهنجا آلا وار، منهنجي پٺ تي لهرائي
رهيا هئا. سياري جا ڏينهن هئا، اُس ته به تکي هئي،
چؤڌاري سانت هئي. اَهڙي وقت، ماڻهوءَ جي من ۾ ڪو
ويچار اَچڻ کان سواءِ رهي ئي ڪونه. مون کي اَشوڪ
جي ياد آئي. هو اُن وقت ڇا ڪندو هوندو، ان تصوير ۾
منهنجو من محو هئو. اِئين ڪافي وقت گذري ويو. ماما
اَخبار ئي پئي پڙهي،ائين مون کي لڳي رهيو هئو،
ڪپڙا ڌوئي مان اَندر ويس، ته هن جو سڏ ٻڌم. سندس
آواز ۾ ڏڪڻي هئي. مون کي اَلائي ڇا ٿيڻ لڳو، ڪڏهين
اِئين محسوس ڪونه ٿيو هئم، پر اُن وقت ضرور ٿيو
هئم. ”ذرا پاڻي ته کڻي اَچ،“ اهي سندس لفظ ٻڌڻ ۾
آيا. مون اَندران پاڻي جو لوٽو ۽ وٽي آڻي پينگهه
جي ڀرسان رکي ته هن هڪدم منهنجو هٿ پڪڙيو. مان
گهٻرائجي ويس، عورت جي دل کي، اِن کانپوءِ ڇا ٿيڻو
آهي، اِن جي هڪدم خبر پئجي ويندي آهي. هن مون کان
ڪجهه آَمنگل گهريو. مان روئڻ ۾ اچي ڇٽيس. مون کي
چڱيءَ طرح ياد آهي، اُن وقت، ”آئي اَمان!“ چئي زور
سان رڙيون ڪيون هئم، پر سانت هوا مان رڳو پڙاڏو ئي
آيو. ماما هٿ ڇڏيو. مان مهڙ واري دروازي ذريعي ذوم
سان ڀڄي ٻاهر ويس. لڳاتار روئي رهي هيس. پاڙي ۾
ويس. سس هئي اُتي. چيومانس، مان ڊڄي ويئي آهيان،
ڪنهن کان ڊني هيس، اِهو ٻڌائي ڪانه سگهيس، گهر ۾
ٻيو ڪونه هوندو آهي، ته ڊپ لڳندو آهي، رات جو
اونده ۾ ڊپ لڳندو آهي، ڏينهن جو ڪيئن ڊنيس؟ ههڙن
ماڻهن جي روپ ۾ راڪاسن کانسواءِ، عورتن کي ٻيو ڊپ
ڪنهن کان ٿيندو؟ اَهڙو هزارن ۾ - ڏهن هزارن ۾ هڪڙو
پاپي هوندو، اُهوئي ٻين جي زندگي زهر بڻائي ٿو.
منهنجي سس، پاڙي واريءَ سان گڏ گهر آئي. اُن وقت
ماما گهر ۾ ڪونه هئو. گهر بلڪل کليو پيو هئو. مون
کي ٿورو ڌيرج آيو. سنجها جو، ماما هڪ پاکنڊيءَ
جيان گهر آيو. مون اَمان کي لکيو، ”مونکي هتان
هڪدم وٺي نه ويندينءَ، ته مان آتم هتيا ڪنديس.“ ۽
مان آپگهات ڪريان به ها. ٽئين ڏينهن آپا خود آيا ۽
اَمان جي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ جو سبب ڏيئي، مون کي
اُتان وٺي ويا. اِها ڳالهه مون رڳو پنهنجي ماءُ
سان ۽ ’هنن‘ سان ڪئي. ٻين ايتري ڀڻ ڀڻ ضرور ڪئي ته
ڪا مڙيئيءَ خاص ڳالهه آهي.
اُن کانپوءِ مان ستارا ويس ئي ڪانه. ”کيس ستارا
موڪليندؤ ته مان سندس منهن به ڪونه ڏسندس“ اِئين
آپا کي خط آيو هئو. ڪڏهين ڪڏهين هنن جي چاچي جي
گهر ٿاڻي ۾ ويندي هيس، پر گهڻو تڻو پيڪن ۾ ئي
رهندي هيس. اِن وقت پوني ۾ اِنٽر جو اِمتحان شروع
ٿيڻو هئو، اِنڪري ڏهه مهينا پيڪن ۾ ئي رهي هيس، هن
ڀيريءَ ’هو‘ اِمتحان ڏيڻ وارا هئا، سندرو ٻڌي
اَڀياس ڪرڻ وارا هئا.
اَشوڪ موڪلن ۾، کڙڪي ۾ اَچي رهندو هئو. هن جي صحبت
۾ وقت سک سان گذري ويندو هئو. هُو هاڻ بمبئي جي
ڪامرس ڪاليج جو آخرين اِمتحان ڏيڻ وارو هئو. هن
ڀيري هوءَ ويهه ڏينهن رهيو. اُهو وقت ڪيترو نه مزي
سان گذري ويو. اُن کان پوءِ جيڪي ٿي گذريو، اُن هڪ
ئي ڌڪ سان اَسانجي دلسوز اَفساني جو اَنت آندو.
هاڻ فقط مان بچي آهيان ۽ مان، ڄڻ وساميل ڏيئي جي
وَٽ آهيان. وري جلڻ ممڪن ڪونهي، ڇو ته اَشوڪ جي دک
جو ڪارڻ مرڻالني ئي آهي، کڙڪيءَ ۾ اسان جو پراڻو
مڪان ڪافي وڏو هئو، پر نئين جڳهه ذرا سوڙهي هئي.
مٿان وري ماسي ۽ ڪاڪو - ڪاڪي - مهمان آيا هئا.
اِنڪري وڏي ديوانخاني جي هڪ ڪنڊ ۾ مان ۽ منهنجو
ننڍو ڀاءُ ۽ ٻيءَ ڪنڊ ۾ اَشوڪ سمهندا هئاسين.
بستري تي ليٽي ليٽي، گپ شپ هڻندي، اَسان کي ننڊا
اَچي ويندي هئي، اِئين ڪيترا ئي ڏينهن گذري ويا.
هڪڙي ڏينهن، منهنجي ڀاءُ اشوڪ جي پاسي ۾ سمهڻ جو
ضد ڪيو. اُن لحاظ کان، هن نوڪر کي گديلن جي جڳهه
بدلائڻ لاءِ به چئي ڇڏيو. اُن رات ڳالهائيندي
ڳالهائيندي، منهنجي ڀاءُ جي اَک لڳي ويئي. ”منهنجي
دماغ ۾ ويچارن جو طوفان اُٿيو آهي، اِنڪري مان ذرا
ٻاهر اَڱڻ ۾ چانڊوڪيءَ ۾ وڃي ٿو ويهان،“ اِئين
اَشوڪ چيو. مان به ڏيئي جي روشني جهڪي ڪري، بستري
تي ليٽي پيس. منهنجي من ۾ به ڪيترا ئي خيال پئي
آيا، آخر مون کي ننڊ اَچي ويئي. ڏيئو ڪڏهن اُجهامي
ويو، اِنجي مون کي سڌ ئي ڪانه پيئي.
اَڌ رات جو مان جاڳي پيس، اَشوڪ جي هٿ جي ڇهاءُ
سان، موئي منهنجي سرير تي هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي،
اِئين مون کي محسوس ٿيو. منهنجو سرير ڪنبڻ لڳو.
مان پگهر ۾ شل ٿي ويس. اَشوڪ جو عجيب آواز مون کي
ٻڌڻ ۾ آيو. ”ڪير آهي؟“ عورتن کي جيڪو ڊپ سڀاويڪ
ٿيندو آهي، اُن ڊپ وچان، مون رڙ ڪئي. ماما وارو
واقعو هڪ پل لاءِ اَکين آڏو آيو. ”اَشوڪ ايترو نيچ
آهي ڇا؟“ کن لاءِ اهڙو خيال من ۾ آيو. کير سان وات
جليل، ماڻهو لسي به ڦوڪي ڦوڪي پيئندو آهي. ماما
وارو واقعو نه ٿئي ها ته مان شايد اَشوڪ ۾ اهڙو شڪ
آڻيان ئي نه ها. سڀ ڇوڪريون جنهن ڳالهه کان
ڊڄنديون آهن، مان اُن ڳالهه کان ڊنيس ۽ رڙ ڪيم.
سڄو گهر جاڳي پيو. بتيون کڻي سڀ ديوانخاني ۾ آيا.
اَشوڪ گونگو ٿي منهنجي بستري تي ويٺو هئو. مان
اُٿي ويٺيس ۽ اَچي روئڻ ۾ ڇٽڪيس، جيڪي سمجهڻ گهربو
هئو، اُهو ئي سڀ سمجهي ويا. ”اَشوڪ‘ سڀاڻي صبح جي
گاڏيءَ مان هتان هلي وڃ،“ اِئين آپا کيس چيو.
اَشوڪ ڇا محسوس ڪيو، چئي نٿي سگهان. هن ڏانهن مان
ڏسي ئي ڪانه سگهيس. اَمان مون کي پاڻ سان گڏ وٺي
ويئي. اُن رات مون کي ننڊ ڪانه آئي. اَمان جي
بستري تي مان تڙڦي رهي هيس، اَشوڪ صبح ٿيڻ کان
پهرين ئي پنهنجي گهر روانو ٿي ويو!
اِها ڳالهه ڳجهي رکڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي، پر ڳالهه
آخر ظاهر ٿي پيئي، ماميءَ کي ۽ ماستر کي اِن ڳالهه
جو پتو پيو، اُن کان هڪ ڏينهن پهرين ئي اَشوڪ گهر
مان گم ٿي ويو هئو. ماستر پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ آپا
وٽ آيو. هوُ صحيح حقيقت کان واقف ٿيو. ”آڙي، ڙي!
ڇوري ته ڪارنهن جو ٽڪو لائي ڇڏيو!“ ايتروَ چئي هن
جي اَکين ۾ آنسو تري آيا. کيس ڪيترو نه ڌڌڪو رسيو
هوندو، پوءِ به آپا کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
اُن بعد اَشوڪ واپس ڪونه آيو. سڀني کي خاطري ٿي
ويئي ته هوُ ڏوهاري آهي. چوٻول مچي ويو. بدناموسي
ٿي ويئي. منهنجي صحت ڊهي پيئي. ۽ اُن بعد مون کي
ساهري وٺي وڃڻ جو نالو ڪنهن ڪونه ورتو. مان پيڪن ۾
ئي آهيان ۽ جلد ئي اَصلي پيڪن ڏانهن راهي ٿينديس،
جيئن هن جيون کان ڇوٽڪارو پائي سگهان.
اَٽڪل هڪ مهيني کانپوءِ، شام جو ستين بجي جو وقت
هئو. آپا ٻاهر ويو هئو، اَمان پاڙي ۾ ڪنهن ڪم سان
ويئي هئي. ڀاءُ کي پاڻ وٽ ويهاريو هئم، پر هوءَ
”ڄاڻ آيس“ چئي، راند ڪرڻ هلي ويو. مان اَڪيلي
ويچار ڪري رهي هيس، دروازي تي هڪ بکاري آيو. هن
”مرڻال“ پڪاريو، ليڙون ٿيل ڪپڙا، سندس سرير تي
لٽڪي رهيا هئا. مون اَشوڪ جو آواز سڃاتو. پهرين
ٿورو ڊپ لڳم. هو اَندر آيو ۽ چيائين، ”مرڻالني!
توسان ملڻ لاءِ گذريل اَٺن ڏينهن کان ڪوشش ڪري
رهيو هوس. مان اُٿي بيٺيس، هو ورانڊي جي اڪڻ تي
ويهي روئڻ لڳو. ”مرڻالني! تون مون کي هڪ دفعو
شيطان سمجهي، مون کان ڊڄي رهي آهين، نه؟ مان سچ پچ
ڏوهاري آهيان، اِئين توکي لڳي ٿو نه؟ دنيا سڄي مون
کي نيچ ٿي سڏي، تون به اِئين ئي سڏين ٿي ڇا،
مرڻال؟ جنهن اَشوڪ جي چرتر کي هڪ ڪوڙي قؤل جو به
ڪلنڪ ڪونه لڳو آهي...“
”اَشوڪ! روءُ نه. مان ئي اَڀاڳي آهيان.“ مان
پنهنجي جذبات کي روڪي ڪانه سگهيس.
”اُن رات، منهنجي دماغ ۾ طوفان متو هئو، ڏيئو
وسامي چڪو هئو. ۽ پنهنجا بسترا بدلجي چڪا آهن،
اِهو مان ڀلجي چڪو هوس، اِهائي سچي حقيقت آهي،
اِها توکي ٻڌايان، اِهوئي منهنجو مقصد هئو، مان من
سان به اَپراڌي ناهيان. اَڄ مان دنيا ۾ نيچ ٿو
سڏيو وڃان.
ڪير مون تي وشواس ڪندو؟ مرڻال! تون ديوي آهين، مون
تي ايترو ته وشواس ڪر. اَصل ننڍي هوندي کان مان
تنهنجي بيحد ڀڳتي ڪندو پئي رهيو آهيان. تنهنجي
تمنا ڪيم، پر توکي حاصل ڪري ڪونه سگهيس. ڪوئي ڇا
به چوي، پر تون مون کي پاپي نه سمجهه. قسمت ۾
ايتري ئي صحبت لکيل هئي ۽ اُن جو هن ريت اَنت
اَچڻو هئو! جي مان اَپراڌي هجان ها ته آتم هتيا
ڪري ڇڏيان ها. هاڻ ته منهنجو جيئڻ موت برابر آهي.
۽ مرڻالني! توکان هڪ ئي بکيا ٿو گهران. اَشوڪ کي
وساري ڇڏ.“ هن پنهنجو مٿو ٽيڪيو، هڪ دفعو نيڻ مٿي
کڻي نهاريائين ۽ پوءِ هلي ويو! مون چيو، ”ترس
اَشوڪ!“ پر...
پر هو ويو ئي هلي. ايتري ۾ گهاٽا ڪڪر مڙي آيا هئا،
وڄيون چمڪي رهيون هيون ۽ ڪڪر پاڻي پاڻي ٿي رهيا
هئا. مرڻالنيءَ جي دل ۾ پرلئه متل هئي. اَشوڪ ويو
ته هوُ اُن پرلئه ۾ گم ٿي ويو. اَڳي وڄيون چمڪيون
هيون تڏهين اَسان گڏ ٿيا هئاسين. اَڄ وڄيون چمڪي
رهيون هيون تڏهين هڪٻئيءَ کان دور، ڪافي دور ٿي
ويا هئاسين. وڄيون چمڪي ئي رهيون هيون. مرڻالنيءَ
جي دک جي کين ڪهڙي پيئيءَ آهي.؟
هاڻ رهيو ئي ڇا هي؟ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. جيڪي ڪجهه
نه ٿيڻ گهربو هئو، اُهو به ٿي چڪو هئو. اَشوڪ
چوندو هوندو، ”مرڻالني ڪيتري نه ڪٺور آهي!“ هو
منهنجي دل کي ڪڏهين سمجهي سگهندو ڇا؟ اَشوڪ هاڻ
ڪٿي هوندو؟ ڇا ڪندو هوندو؟ مامي روز ڪيترو نه
روئندي آهي؟ چوندي آهي، ”مرڻالنيءَ جي سونهن،
اَشوڪ جي ستياناس ڪئي.“ چئو، چئو، جيڪي وڻيوَ سئو
چئو! هاڻ مرڻالني ڪٺور ٿيڻ واري آهي، ۽ پوءِ
چوندؤ، ”ڪيتري نه ڪٺور آهي مرڻالني!“ پوءِ چوندؤ،
”ڪيتري نه اَڀاڳي آهي، مرڻالني!“
هيءَ اَشوڪ لاءِ لکيو اَٿم. هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه
نه پڙهي، کيس، سندس پياري ۾ پياري شخص جو قسم آهي.
مرڻالني جڏهين بيمار ٿي، تڏهين هن جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ
جو سئو ڀاڳيه مون کي مليو. اَڳي لکندي هئي، اِنجي
مون کي خبر هئي. سندس پيتيءَ ۾ مون کي اِهو مليو.
مون پڙهيو ڇو ته اُهو قسم مون سان نٿي لڳو. منهنجي
پياري هاڻ منهنجي نه رهي آهي. پاٺڪن جو پاپ مان
پنهنجي سر تي ٿو کڻان، ڇو ته مون کي ڪيترائي دک
ڀوڳڻا آهن. اُنهن ۾ هڪ هيءُ شامل ٿي ويندو. اِن
کانسواءِ مان هيءُ ڇپائي اِنڪري رهيو آهيان، جيئن
ڪڏهين اَشوڪ به پڙهي سگهي، اَشوڪ منهنجو دوست هئو.
هو سچ پچ هڪ فرشتو هئو، ڪهاڻيءَ تي سرو ڪونه هئو،
اِنڪري ڪجهه هئڻ ئي کپي اِن لحاظ کان ”مرڻالني جي
سونهن“ لکي ڇڏيم.
مون کي لڳي ٿو، مرڻالني جي ياد جيتري مون کي بار
بار اَچي ٿي ايتري ٻئي ڪنهن کي ڪانه ايندي هوندي،
ڇو ته مان به بدنصيب ئي آهيان.
4
و. س. کانڊيڪر
جهٻلو
دڪان جا ڏاڪا چڙهي، مون سامهون نهاريو، منهنجي
نظر، شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل اُن جهٻلي تي اَٽڪي پيئي.
پاسي واري پوسٽ ماستر جي بيهودي زال ساڻ ڪانه هئي،
اِهو سٺو ئي ٿيو، نه ته هوءَ هڪدم چوي ها، ”خبر
پئجي ويئي، مالو ٻائي، خبر پئجي ويئي. چوي ٿي
ڏينهن ڪونهن، ته پوءِ جهٻلي ڏانهن ڇو ڏسي بيٺي؟“
پوسٽ ماستر جي زال جي زبان ڄڻ ته وڄ آهي. مان اُن
جهٻلي ڏانهن ڇو پيئي نهاريان، اُهو هوءَ ڪڏهين ٻڌي
ئي نه ها، اُن شيشي جي ڪٻٽ جا ٻيا مڙيئي ڪپڙا صاف
ڪري اِئين ٺاهي رکيا ويا هئا، جو بلڪل نوان پئي
لڳا. ۽ هيءَ جهٻلو! گلاب جي ٽوڪريءَ ۾ وچ ۾
’جاسوندي‘ جو گل هجي، بلڪل اِئين لڳي رهيو هئو.
ٻين ڪپڙن جا رنگ ڦڪا ڦڪا پئي لڳا، پر اُن جهٻلي جو
رنگ؟ ڪٿي ڪنڪو جو ٽڪو ۽ ڪٿي سڄي پيشانيءَ تي لڳل
ڪنڪو! برهمڻ جي زال، سلائيءَ جو دڪان ڪڍيو هئو،
اُهو ڏسڻ لاءِ اُهين ئي اَڄ آئي هيس، پر اُهو
جهٻلو ڏسي...
مان اَڃا اُن جهٻلي ڏانهن ڏسي ئي رهي هيس، ته دڪان
جي مالڪڻ اَندرئين ڪمري مان ٻاهر آئي. مون ڏانهن
ڌيان ويندي ئي چيائين، ”اَچو نه اَندر!“ صرف ٻه ٽي
لفظ! پر ڳالهائيندي سندس چپن تي هلڪي مٺڙي مرڪ
چمڪي اُٿي! ڇا ته اُن ڪاري سانوري زال جي مرڪ هئي!
هن ڪرسي وڌائي منهنجي اَڳيان ڪئي. اُن تي ويهندي
ويهندي، منهنجي نظر تلاءَ تي پيئي. سانت نيري پاڻي
تي هڪ ڪنول لڏي رهيو هئو.
”ڪلهه ئي دڪان کوليو اَٿم.“
”گهڻيون زالون اَچي ويون؟“
”هڪ به نه، توهان سان ئي ٻهڻي ٿيندي،“
هن کلندي کلندي چيو.
”ڀلا مرد؟“
”مردن لاءِ ته هيءَ اسٽيشن ٿي پيئي آهي، ڪلهه کان،
سادي اسٽيشن نه، جنڪشن! جيڪو تيڪو دڪان اَڳيان
بيهي ٿو، بورڊ پڙهي ٿو.
”هنن مردن کي لڳندو هوندو، اَسان جي ڳوٺ ۾ جهانسي
جي لڪشمي ٻائيءَ اَوتار ورتو آهي ڇا؟“ اِهي لفظ
چوندي ئي پنهنجي ڄڀ کي چڪ پاتم، شاديءَ کان اَڳ،
بمبئيءَ ۾ رهندي هيس، منهنجو مذاق هيءَ عورت سمجهي
ته جيڪر سٺو، نه ته...
مان موتي تلاءَ ڏانهن ڏسڻ لڳيس. سج جي ڪرڻن سان
اُنجو پاڻي ڪيئن نه چمڪي رهيو هئو. هن عورت جون
اَکيون به مون کي ائين لڳيون، چيائين، ”مون کي
ڏاڍو ڊپ پيو لڳي.“
”ڇا جو ڊپ؟“
”اِهوئي، ته منهنجو دڪان هتي هلندو يا نه، ائين ته
هيءُ ڳوٺ وڏو آهي، پر درزڪو ڌنڌو آهي. چوڻي ناهي؟
”سوناري، درزي ۽ ڳوٺ جي ليکاريءَ جي سنگت متان
ڪريو، اَبا!“
”اِهو اُپديش، ڀاين لاءِ آهي، ۽ نه ماين لاءِ. چون
ڇا ٿا، سونارن جو بهشڪار ڪريو، ته پوءِ اَسان زالن
کي نوان زيور ڪير گهڙي ڏيندو؟ درزيءَ جي سنگت نه
ڪريو، نه ڪريون ته ڇا ڪريون؟ جهونين اَڳڙين ٿڳڙين
جو جلوس ڪڍون؟ درزي آهي، تڏهين ته ههڙي ويران ڳوٺ
کي زالون پياري بمبئيءَ بڻائي سگهن ٿيون، چؤ سچ
ناهي؟
هن کلندي کلندي چيو، ”سونارن - درزين جي چڱي وڪالت
ڪئي اَٿؤ پر ڳوٺ جو ليکاري رهجي ويو.“
مان کل روڪي ڪانه سگهيس. مان ڇوٿي کلان، اِهو هوءَ
سمجهي ڪانه سگهي. کيس مونجهاري ۾ نٿي رکڻ چاهيم،
اِنڪري چيومانس، ”ليکاريءَ جي سنگت نه ڪري، ڪيئن
هلي سگهنديس، منهنجو نالو ئي آهي، مالتي ٻائي
ڪلڪرڻي!“
هاڻ هوءَ کل روڪي ڪانه سگهي. اَسان ٻنهي ايترو ته
دل کولي کليو جو ڄڻ اِن کل ئي اَسان جا من ملائي
هڪ ڪري ڇڏيا. جڏهين کل جو زور گهٽيو تڏهين
پڇيومانس، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”منهنجو نالو؟“ ڪنهن زخم کي ڌڪ لڳڻ سان، جيئن چهري
جو رنگ بدلجي ويندو آهي، ٺيڪ اُن ريت اِهي لفظ
چوندي هن جي چهري جي مدرا بڻجي ويئي، پر ترت مرڪ
چپن تي آڻيندي چيائين، ”منهنجو نالو آهي سمتي.
اَڙي ها. توهان کان ته اَڃا پڇيو به ڪونه اَٿم ته
توهان کي ڇا کپي. پولڪو سبائڻو اَٿوَ يا بلائوز؟
ڪين ٺهيل ٺڪيل ئي ڪجهه وٺڻو اَٿوَ؟“
اِئين ڏسجي ته مون کي ڪجهه به وٺڻو ڪونه هئو، پر
ديوتا ۽ دڪاندار جو خالي هٿين درشن ڪرڻ ٺيڪ نه
لڳندو آهي، ڇا وٺان، اِن جو ويچار ڪريان ئي ڪريان،
ته اُهو جهوني قسم جو، ڀڙڪندڙ رنگن وارو جهٻلو
منهنجي نظر تي چڙهيو. خبر ناهي ڇو“ ٿي سگهي ٿو ورو
ڌيءَ سڀاءُ سبب ئي هجي. مون اُن جهٻلي طرف ڏسندي
چيو، ”مون کي هوُ کپي.“
سمتي ٻائيءَ جون اَکيون ڪجهه آليون ٿي ويون آهن،
اِئين مون کي محسوس ٿيو. ويچاريءَ پنهنجي سڪيلڌي
پٽ جي ياد طور ته اِهو جهٻلو اِتي ڪونه رکيو هئو
نه؟ مان ڪجهه چوان ئي چوان، اُن کان اَڳ هن چيو،
”اِهو وڪڻڻو ڪونهي، اَکين اَڳيان سدائين هجي، اِن
لاءِ اِتي رکيو اَٿم.“
سمتي ۽ مان ڪافي گهائل مائل ٿي ويوسين. ڪيتري نه
مرجات واري ۽ سيلوان هئي! ڪير ڄاڻي ڇو، بدنصيبي،
گڻوان ماڻهن جي پٺيان هٿ ڌوئي پوندي آهي. ويچاريءَ
کي مڙس ڇڏي ڏنو هئو. ٻار ٿيڻ جو ته اَڃا موقعو ئي
ڪونه ملو هئس. ڀاڄائيءَ جي ڏنڀن کان تنگ اچي، نيٺ
سلائيءَ جو ڪم سکي ۽....
اِن جي سموري سڌ پوڻ تي ته ان جهٻلو ياد طور ڪوئي
ڇو رکندو؟ سياري جي ڏينهن ۾، هڪ بکارڻ سندس دڪان
جي در وٽ آئي. هوُءَ آزي نيزاري ڪندي ڪجهه گهرڻ
لڳي. سمتيءَ هڪ سٺو جهٻلو کيس ڏنو، پر اُهو ڀڙڪندڙ
جهٻلو اُن شيشي جي ڪٻٽ ۾ جيئڻ جو تيئن ئي رهيو.
|