سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :15

14

ي. گو. جوشي

سڱيون

پيءُ جون هاٺيون آلندي ۾ پهچائي، شري نواس اَڃا تازو واپس آيو هئو.

شري نواس جو پيءُ دامودر پنت هڪ شاهوڪار شخص هئو، کيس هزارن جي اسٽيٽ هئي، ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئر هيس، ڌيئرن مان هڪ جي شادي ٿي چڪي هئي ۽ ٻيءَ جي اَڃا ٿيڻي هئي. شري نواس جي ماءُ پنج ڇهه سال اَڳ ئي سرڳواس ٿي هئي، ۽ اُها هئي سندس ننڍيءَ ڌيءَ جي شادي.

سندس ننڍي ڌيءَ جو نالو هئو تارڪا.

دامودر پنت جي ٽنهي پٽن جي شادي ٿي چڪي هئي. دامودر پنت پنهنجو وصيت نامو ڪري ڪونه ويو هئو. اسٽيٽ وڏي شاهي هيس، دامودر پنت جي مؤت ڪري، سندس نهرن جا هوش حواس اُڏامي ويا. کين پنهنجي پنهنجي پيڪن مان ڪي چيزون نموني طور اينديون هيون، اِنڪري گهر جون ڪي شيون نهرن جي پيڪن ۾ وڃڻ لڳيون. ڪي زيور لڪڻ لڳا، لڙائيءَ کانپوءِ جيئن سوڀاري ڌر لٽ مار ڪندي آهي، تيئن گهر ۾ مونجهارو متو پيو هئو.

دامودر پنت جي پٽن جي نالا هئا. شري نواس، نارائڻ ۽ اَمرت. ٽنهي جي پاڻ ۾ پوندي ڪانه هئي. سڀيئي ڌار ٿيڻ لاءِ، پنهنجي پيءُ دامودر پنت جي مؤت جي اِنتظار ۾ هئا، ڇو جو دامودر پنت سموري اسٽيٽ پنهنجيءَ محنت سان ڪمائي هئي!

تارڪا سادي، سهڻي، صاف دل ڇوڪري هئي. عمر اٽڪل چوڏهن سال هيس. اَڃا اٺين سالين جي مس هئي ته ماءُ جو وڇوڙو مليس. تڏهين کان وٺي سندس ڳالهائڻ اَڌ گهٽجي ويو، جيڪي ماءُ سان اوري ٿي سگهي اهو هاڻ ڪنهن سان اوري. ماءُ سان اَندر اورڻ جا ويچار اَندر ئي رهجي ويندا هئس. اَهڙن ويچارن جو، سندس من ۾ گند گوڙ مچي ويو ۽ اِنڪري سندس سڀاءَ ۾ ڪجهه مايوسي اَچي ويئي.

تارڪا جي ماءُ جي گذرڻ کانپوءِ، پهريون سال، هن دامودر پنت کي ڪافي تڪليف ڏني. هميشه دامودرپنت وٽ هوندي هئي. هڪ ڏينهن پاڳل ڇوڪري، دامودر پنت وٽ ضد ڪري ويٺي، ”اَڄ منهنجي چوٽي توهان ئي ٺاهيو!“ دامودر پنت ٽارڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، پر ڇا ڪري؟ تارڪا جو اُهو ٻاراڻو ضد کيس پورو ڪرڻو ئي پيو!

۽ هاڻ ته دامودر پنت به ڪونه هئو! اِنڪري تارڪا جو ڳالهائڻ ڄڻ بند ٿي ويو هئو. اِئين کڻي چئجي ته بنهه گونگي ٿي ويئي هئي!

تارڪا جي ماءُ حيات هئي، تڏهن سندس رڳو هڪ ڀاءُ شري نواس جي شادي ٿي هئي. شري نواس جي شاديءَ کانپوءِ، هڪ سال اَندر ئي، تارڪا جي ماءُ هن لوڪ جي ياترا پوري ڪئي هئي. پوءِ آهستي آهستي تارڪا جي باقي ٻن ڀائرن جون شاديون ٿيون.

هر هڪ ڀاءُ جي شاديءَ ۾ رکي تارڪا خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نه ماپندي هئي، پر پوءِ پڇتائيندي هئي. ڪارڻ؟ شاديءَ وقت ڌاريائپ سبب شرمائيندڙ ۽ ڊپ - گاڏڙ آدر سان تارڪا ڏانهن ’نران‘ جي ناتي ڏسندڙ، سندس ڀاڄائي، گهر اَچڻ کانپوءِ گهر - ڌياڻيءَ جي ناتي، گهمنڊ وچان ورتاءُ ڪرڻ لڳندي هئي ۽ تارڪا...

گهر - ڌياڻي ٿيل سندس ڀاڄائي کيس چوندي هئي، ”اَڄ يا سڀان، توهان هن گهر مان وينديون. پوءِ اَسانجي ڳالهين ۾ ڌيان ڏيئي ڇا ڪنديون؟“

تارڪا اِن باري ۾ ڪڏهين ڪڏهين پنهنجن ڀائرن وٽ شڪايت کڻي ويندي هئي، پر سڀ ڀائر، زالن جو ئي پاسو کڻندا هئا.

سڀاڳين ڇوڪرين کي سکي گرهستيءَ جا سپنا اَچڻ لڳندا آهن، ته چاهينديون آهن ته سندن شادي جلد اَز جلد ٿئي، پر تارڪا کي ”لفظي ڇڪتاڻ“ سبب اِهو اِنتظار هئو ته ڪڏهين ٿي سندس شادي ٿئي ته هن گهر مان نڪري!

هلندڙ - چلندڙ پيءُ اوچتو ئي رمندو رهيو، ۽ سندس دامودر پنت جو - هڪ وڏو فوٽو ديوانخاني ۾ ٽنگيو ويو. جڏهين حالتون سهڻ کان ٻاهر ٿي وينديون هيون تڏهين تارڪا پاڳلن جيان، پيءُ جي تصوير گود ۾ کڻي، تصوير کي ڀاڪر پائيندي هئي، لڙڪ لاڙيندي هئي ۽ پوءِ تصوير واپس رکي، موٽندي هئي.

پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ستين ڏينهن ڪنهن مخصوص سبب ڪري، دامودر پنت جي پٽن فيصلو ڪيو، ”اَڄ جو اَڄ اسٽيٽ جا حصا ڪيا وڃن!“

شري نواس، نارايڻ ۽ اِمرت - دامودر پنت جا ٽي پٽ - پنهنجي ٻڍڙي، غريب ڪاڪي کي سڏي وٺي ويا. سڄي ورهاست بنا ڪنهن تڪرار جي ٿي.

پرتارڪا؟

جيسين تارڪا جي شادي ٿئي، تيسين هوءَ ڪنهن وٽ رهي؟ گهر وڏي ڀاءُ - شري نواس - جي حصي ۾ آيو هئو. نارايڻ ۽ اَمرت روڪڙا پيسا وٺي گهر کان ٻاهر وڃڻ وارا هئا.

ريت اَنوسار تارڪا وڏي ڀاءُ - شري نواس وٽ رهڻ کپندي هئي؛ پر شري نواس چيو، ”تارڪا، توکي مون وٽ رهڻو هجي، ته پوءِ، اَڄ کانپوءِ ڪڏهين به نارايڻ ۽ اَمرت جي گهر جي چائنٺ به نه چڙهڻي پوندءِ. واٽ ويندي ڪٿي ملي وڃن ته هنن سان هڪ اَکر به نه ڳالهائج، ۽ اَگر تون هنن وٽ ويئينءَ، هنن سان ڪڏهين ڳالهايهءِ ۽ اِنجي مون کي خبر پيئي ته مان توکي گهر مان هڪالي ڇڏيندس!“ ساڳيو منتر نارايڻ ۽ اَمرت به پيو. جنهن ماءُ کي ٽي پٽ هجن، ان کان اگر مؤت پڇي.

”اَمڙ! تنهنجيءَ مرضيءَ تي ٿو ڇڏيان.  مان تنهنجي هڪ پٽ کي مارڻ وارو آهيان، تون رڳو ايترو چؤته ڪنهن کي مارايان، ايتري سهوليت ڏيانءَ ٿو!“

اِن سوال جو اُها جيجل ڪهڙو جواب ڏئي؟

اَهڙيءَ قسم جو سوال تارڪا اَڳيان هئو! هوءَ ويچاري ڪهڙو جواب ڏئي؟

آخر تارڪا، وڏي ڀاءُ - شري نواس - وٽ رهڻ جو فيصلو ڪيو. ٻين ٻن ڀائرن وٽ نه وڃڻ ۽ ساڻن نه ڳالهائڻ جو شرط البت قائم هئو.

اِن ڳالهه کي ٻه مهينا کن ٿي ويا، گهر ۾ ڪو جهيڙو ٿيڻ تي، تارڪا مٿي ماڙيءَ تي، دريءَ وٽ وڃي بيٺي، خالي خالي من سان هوءَ رستي ڏانهن نهاري رهي هئي. اِئين پنج کن منٽ گذري ويا. ايتري ۾ سندس وچون ڀاءُ نارايڻ، ساڳئي رستي تان ايندو ڏٺائين.هن سڀاويڪ طور مٿي ماڙيءَ ڏانهن نهاريو. ڀاءُ - ڀيڻ جون نظرون مليون. تارڪا جي دل ڀرجي آئي. سڳي ڀاءُ سان به نه ڳالهائڻو! نارايڻ به پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن ۽ پنهنجي ڀيڻ ڏانهن اُداس نظر سان نهاريندو، ڪنڌ جهڪائي اَڳتي وڌي ويو.

کيس ڪو پڇندو ڪونه هئو، شايد انڪري تارڪا جو سڀاءُ بيحد جذباتي ٿي پيو هئو. دراَصل، سندس من ۾، هيٺ ڄاڻايل ويچار اچن ايتري هن جي عمر هئي ڇا؟ پر اَسان ڏسندا آهيون نه- ڄامڙي وڻ ۾ گل جلد ٿيندا آهن. تارڪا جي من ۾ ويچار ايندو هئو، ”مون کي جڏهين ڪو پڇي ئي نٿو ته مان جيئان ئي ڇا لاءِ؟ رڳو کائي - پي ديهه وڌايان؟ - ۽ پراوَن گهراڻن جون ڇوڪريون منهنجي گهر اچي مجاز ٿيون ڪن ۽ مان مجبور ٿي روٽيءَ ٽڪر پيئي ڳيهان. ۽ ڀائو؟... ڀيڻ جي مان - اَپمان جي کين ڪائي پرواه ڪانهي! مان پنهنجن ٻين ٻن ڀائرن وٽ ڇو نه وڃان ۽ ساڻن ڇونه ڳالهايان؟ ڇو نه؟“

تارڪا! دنيا ۾ اَهڙا ڪيترائي سوال آهن، جن جو جواب ڏيندي چڙ ايندي آهي! من جي سنتوش لاءِ پاڻ کي اِئين سمجهڻ کپي ته پنهنجو نصيب ئي ڪو اَهڙو آهي.

پوءِ تارڪا، اُن دک جي ڇلڪي ۾، هيٺ اَڱڻ ۾ آئي. اَڱڻ ۾ ڪيترائي گلن جا وڻ هئا، اُتي هڪ وڏو شاهي سهانجڙي جو وڻ به هئو. اُن وڻ هيٺ هوءَ ويٺي. کيس پنهنجي ماضيءَ جو هڪ ڏينهن ياد آيو. تڏهين سندس ماءُ حيات هئي. هن ئي وڻ هيٺ.... پر هاڻ اُهو ياد ڪري ڇا ڪبو؟

سندس من ۾ هڪ خيال آيو، هوءَ اُٿي، گهر اَندر ويئي، لڪڻ کڻي ٻاهر آئي ۽ سهانجڙي جي وڻ مان سڱيون ڪيرڻ لڳي.

ايتري ۾ شري نواس جي زال - سندس ڀاڄائي - واڪا ڪندي ٻاهر آئي، ”سڱيون ڇا لاءِ ٿي ڪيرين؟ نه ڪير سڱيون! مون ڄاڻ واڻي اِهي رکي ڇڏيون هيون.

آرتوار ڏينهن اِهي مان پنهنجي پيڪن ۾ کڻي وڃڻي آهيان!“

تارڪا هن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو، دل ئي دل ۾ ڀڻ ڀڻ ڪيائين، ”واه! خاصو اِنصاف آهي! منهنجي پيڪن ۾ ئي تو ساهرو گهر بڻائي ڇڏيو آهي!“ ڀاڄائيءَ ڏانهن بنا ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي، هوءَ سڱيون ڪيريندي ئي رهي. سندس ڀاڄائيءَ خار کائيندي چيو، ”ٻڌڻ ۾ نٿو اَچيوَ ڇا؟ - ترسو، هنن کي گهر اَچڻ ته ڏيو. پاڻهي اَچي توهانجي خبر وٺندا!“

تارڪا ڪريل پندرهن ويهه سڱيون کڻي گهر کان ٻاهر ڊوڙندي ويئي. ويندي ويندي پنهنجي ڀاڄائيءَ کي چوندي ويئي، ”مان ڪاڪيءَ جي گهر ٿي وڃان!“

دامودر پنت جي سڀني ٻارن کي پنهنجيءَ چاچيءَ سان اَتي سنيهه هئو - هوُ کيس پنهنجي ماءُ ڪري مڃيندا هئا! ۽ هوءَ به کين ماءُ جهڙو پيار ڪندي هئي. هاڻ جيتوڻيڪ شري نواس، نارايڻ ۽ اَمرت اَلڳ اَلڳ رهندا هئا، ته به هوُ پنهنجي چاچيءَ جي گهر چئين - اَٺي ڏينهن ضرور البت تارڪا، پنهنجي پيءُ جي مرڻ کانپوءِ اَڄ پهريون ڀيرو پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪتي هئي ۽ پنهنجي چاچيءَ وٽ به اَڄ ئي پهريون ڀيرو آئي هئي!

تارڪا پنهنجي چاچيءَ وٽ آئي.

چاچيءَ چيس، ”ڇو پٽ؟ ٻاهر ئي بيٺي آهين؟ اَندر اَچ نه!“

”ها، ڪاڪي! تنهنجي لاءِ سڱيون آنديون اَٿم.“ ائين چئي هن سڱيون هيٺ رکيون ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. گانءِ جي ٿڻن کي آلن هٿن سان چچلائڻ سان، جيئن کير ٽمڻ شروع ٿي ويندو آهي، ساڳئي طرح چاچيءَ جي سنيهه ڀريل همدردي حاصل ڪري، تارڪا جا لڙڪ لڙڻ لڳا!

ايتري ۾ تارڪا جو وچون ڀاءُ آيو. هن ٻاهران ئي چيو، ”مان آيو آهيان، ڪاڪي!“

اِهو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي، تارڪا کي ايتري خوشي ٿي، جيتري آڪاش - واڻي ٻڌي جيڪر ٿئي. راجاپور وٽ گنگا[1] هڪدم بيهي ويئي هجي، اِئين سندس روئڻ هڪدم بند ٿي ويو. جيئن سرديءَ سبب آواز گهگهو ٿي ويندو آهي، اَهڙي آواز ۾، سڱيون هٿ ۾ کڻي، پنهنجيءَ چاچيءَ کي چيائين، ”ڪاڪي! مان توکي سڱيون وري ٻئي ڪنهن دفعي ڏيندس. هيءُ مان ’نانو‘ کي - نارايڻ کي ٿي ڏيان.“ اَهڙو دلي پيار ڏسي ڪنهن جي دل ڀرجي نه ايندي؟ ڪاڪيءَ جي دل به ڀرجي آئي ۽ چيائينس، ”ڀلي ڏينس، مون کي ٻئي دفعي آڻي نه ڏنهءِ ته به هلندو، پر چوي! هن کي ڪهڙي ڪمي آهي؟ بازار مان آڻيندو ڪونه هوندو ڇا؟“

تارڪا چيو، ”پرڪاڪي! بازار جون نيٺ به بازار جون! پنهنجي پيءُ جي گهر جون حقي سڱيون وري ٿوري ئي ملنديون؟“

چوندا آهن، ”وقت تي پٿر به پگهرجي پوندو آهي!“ پر نارايڻ ڪو سراسر پٿر ڪونه هئو. سندس اَکين ۾.... ڇا چئجي؟ پاڻي ئي نه؟

هن چپ چاپ هٿ اَڳتي وڌايا ۽ سڱيون ورتائين، ايتري ۾، اِتفاق سان ٻيون حصيدار به اَچي حاضر ٿيو! تارڪا جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ اَمرت آيو هئو. سڱين جي ورهاست شروع ٿي ويئي. تارڪا چيو، ”’نانو‘! اَڌ سڱيون تون کڻ ۽ باقي اَڌ  ’اَڻا‘ کي - اَمرت کي ڏي!“

زال جي چغلي هڻن تي، شري نواس، تارڪا جي لاک لاهڻ لاءِ ڪاڪيءَ جي گهر آيو هئو، پر اَندر ٿيندڙ گفتگو ٻڌي، هو ٻاهر ئي بيهي رهيو، پر اُها گفتگو ٻڌي، تارڪا مٿان سندس غصو ختم ٿي چڪو هئو. ڀريل دل سان ئي هو اَندر ويو.

تارڪا کيس ڏٺو ۽ هوءَ - مبالغو ئي ٿيندو، پر پوءِ به ’واڪا ڪندي چيائين‘ چوان ٿو - چوڻ لڳي، ”دادا، دادا! مون تي غصي نه ٿيءَ مان ڪاڪيءَ وٽ سهج سڀاويڪ ئي آئي هيس. مون کي خبر ڪانه هئي ته نارايڻ ۽ اَمرت به ڪو هتي اَچڻا آهن، ۽ هتي کين ڏسي، دل رهي ڪانه ٿي، اِنڪري مون هنن سان ڳالهايو به. مون تي غصي نه ٿيءُ ۽ ڪاوڙ جي مون کي گهر کان ٻاهر نه ڪڍج. دادا، هاڻ ته مان اَناٿ ڇوري آهيان... مان توکي پيرين ٿي پوانءِ.“

۽ هوءَ سچ پچ.....

پر.... پر اِنسان جي دل، دل آهي، ڪو پٿر ٿوري ئي آهي؟ شري نواس به اِنسان ئي هئو. هن چيو، ”تارا! .... تارڪا! روئڻ بند ڪر! ڪير ٿو توکي گهر کان ٻاهر ڪڍي؟  اِجايو پاڻ کي نه ڳار، اُٿ، روئڻ بند ڪر!“

”دادا!“

”ڇاهي؟“

”منهنجو روئڻ بند ئي نٿو ٿئي. مان ڇا ڪريان؟“

شري نواس خاموش رهيو. نديءَ جي اوسام لاءِ رستو ڪري ڏيڻ ئي کپي. ٿوري دير کان پوءِ تارڪا جو روئڻ بند ٿيو، چيٽ - گؤري ۾ جيئن تصويرون سجائي رکبيون آهن، تيئن تارڪا جا ٽيئي ڀائر سندس سامهون ويٺا هئا.

شري نواس چيو، ”تارڪا! توکي ڇا کپي؟ تون روئي ڇو رهي هئينءَ؟

تارڪا چيو، ”مون کي منهنجو هڪڙو ئي ڀاءُ ٿو ملي! مون کي پنهنجا ٽيئي ڀائر کپن. مون کي جيئن کپندو تيئن سڀني وٽ - ٽنهي ڀائرن وٽ وينديس ۽ رهنديس.“

پنهنجي ڪپار تي ڌڪ هڻندي، شري نواس چيو، ”تارا! تارڪا! اُن وقت مان اِئين چئي ويٺو هوندس، تون ڀلي ڪنهن وٽ به ويندي ڪر ۽ ڪنهن وٽ به وڃي رهه.“

يمراج جڏهين ستيه وان جا پراڻ واپس ڪيا هئا، تڏهين جيتري خوشي ساوتريءَ کي ٿي هوندي، ايتري خوشيءَ وچان تارڪا چيو، ”سچ؟“

شري نواس چيو، ”ها، ها، سچ!“

”تون مذاق ٿو ڪرين، مون کي سچ نٿو لڳي، ۽ جي اِهو تون سچيءَ دل سان ٿو چوين، ته توهين ٽيئي هينئر جو هينئر گهر هلو. مان پنهنجن هٿن سان چانور ۽ سڱين جي ڀاڄي ٿي رڌيان ۽ توهان کي کارايان. توهان کائڻ لاءِ، هڪ ئي قطار ۾ ويهو. ته پوءِ ئي مان سچ سمجهنديس.

پوءِئي منهنجي من کي سنتوش ملندو. نارايڻ - ’نانو‘! اَمرت - ’اَڻا‘! وچ وچ ۾ ايندا ڪريو، مون سان ملڻ! دادا، منهنجي شادي ٿيڻ تائين ته سلوُڪ سان هڪٻئي وٽ ايندا ويندا ڪريو. شادي ڪري پنهنجي ساهري - حقي گهر - وڃان پوءِ مان ڪجهه ڪانه ڪڇنديس. پوءِ مان سڀني جي گهر حق سمجهي اَچي سگهنديس. ۽ اِئين ڪندؤ تڏهين ئي پيڪو گهر - جيڪو هاڻ مون لاءِ ڄڻ ته ساهرو گهر ٿي پيو آهي. سچ پچ پيڪو گهر ئي ٿي پوندو!“ تارڪا چيو.

ڪاڪيءَ وچ ۾ ئي چيو، ”ته پوءِ هتي ئي کڻي رڌ نه!“ تارڪا چيو، ”نه، اِهو اَسان جي گهر ئي ٿيڻ کپي ڪاڪي! تون به هل!“ پاڳل ڇوڪريءَ جو چيو ڪنهن به ڪونه موٽايو.

15

گ . گ. ٺوڪل

رسيل اَمڙي

 

ائين ڏسجي ته من - پسند جوءِ ملڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. وڏو خاندان، جام پيسو، اوچ تعليم، سٺي نؤڪري ۽ دلڪش چهرو - اِهي ڳالهيون هجن، ته اَهڙي اُميد رکڻ لاءِ ٿوري گهڻي گنجائش هوندي آهي، جيسين منهنجو واسطو هئو، اهي سڀ ڳالهيون عدم موجود هيون. رهڻ لاءِ، ’ٽاڪلي‘ جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ هڪ ڇپرو، پيءُ غريب هاري، تعليم وَ. ف (ورنيڪيولر فائينل) تائين ورتل، ۽ نؤڪريءَ جو ته نالو ئي نه وٺو. اهڙيءَ حالت ۾، مون جهڙو جوان، من - پسند زال ملڻ جي ڪيئن اُميد ڪري؟ اِئين چوڻ کي ته ننڍي هوندي کان محنت ڪرڻ سبب لچڪيدار، سٻنڌ ۽ قداور سرير هئم، جوئي منهنجي موُڙي هئو، پر دنيا ۾ پهلوان ڪي ٿورا آهن؟ من - پسند ته پري رهي، پر زال ملڻ به هنن لاءِ مشڪل ٿي پوندي آهي.

توهان ضرور پڇندا ته من پسند زال معنى ڇا؟ سوال ڪو خسيس ناهي، ڇو ته ڪن کي رڳو زال ملندي آهي ته اُها من - پسند ئي هوندي اَٿن، ته ڪن کي اِندر جي اَپسرا ملندي آهي ته به اُن ۾ سندن اَک ڪانه ٻڏندي آهي، اِهو هر ڪنهن جي پسنديءَ جو سوال آهي، ڪنهن ڪاليجي نوجوان کان پڇندؤ، ته هو چوندو، ”جنهن سان پيار ٿي وڃي، اُها.“ پر مذڪور جوان، هر گليءَ جي ڇيڙي تان مڙندي پيار ۾ ڦاسندو آهي، اِنڪري پيار ٻيار سڀ ڪوڙ آهي. من - پسند معنى جيڪا هڪ دفعو من کي پسند اَچي وڃي ته هڪدم دل ۾ گهر ڪري ويهي ۽ پوءِ اتان ڪڏهين به نه هٽي - مون کي صرف ايترو ئي چوڻو آهي.

منهنجيءَ دل ۾ هڪ ئي ڇوڪريءَ گهر ڪيو هئو؛ ۽ اُها هئي اَسان جي ڳوٺ جي سردار ’ٽاڪلي ڪر‘ جي سڪليڌي ڌيءَ ’س‘  ڪري سڏيندڙ رڳو اَسان ٻه ڄڻا هئائين. هڪ سندس پيءُ، سردار ’ٽاڪلي ڪر‘ - اَسان کيس ”تاتيا“ ڪري سڏيندا هئاسين  ۽ ٻيو مان، ڇو ته مان سندس لنگوٽيو دوست، نه، نه. پيشگير دوست، هوس، توهان ضرور پڇندا ته مون جهڙو هڪ غريب هاريءَ جو ڇوڪرو، سردار جي ڇوڪريءَ سان راند ڪيئن ڪندو هوندو؟ اِن جو سبب هيءُ آهي ته ’تاتيا‘ کي شڪار جو ڏاڍو شؤق هئو. منهنجو پيءُ ڪجهه سال لشڪر ۾ هئو. اِنڪري کيس بندوق جهلڻ ايندي هئي. ’ٽاڪلي‘ جهڙي ڳوٺ ۾ هوُ (منهنجو پيءُ) ئي بندوق وارو هئو. اِنڪري مون کي به ’تاتيا‘ جي گهر اَچڻ وڃڻ تي منع ڪانه هئي.

’س‘ ۽ مان خوب کيڏندا هئاسين. مون کي ’س‘ کانسواءِ چين ئي ڪونه ايندو هئو، پر ٻيو ڪجهه اُن وقت منهنجي من ۾ ڪونه هئو. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو، جو شڪار تان موٽي بابا اَچي بستري داخل ٿيا. ’تاتيا‘ مٿان جڏهين شينهن حملو پئي ڪيو، تڏهين ’تاتيا‘ کي هٽائي، شينهن کي حملو، بابا پاڻ تي ڪرڻ ڏنو. بابا جو بدن بنهه پرڻ ٿي پيو هئو. ’تاتيا‘ هر روز اَسانجي گهر اَچي بابا وٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهندو هئو. هڪ ڏينهن ته بابا صبر وڃائي ويٺو. پاسي واري ڳوٺ مان هڪدم ڊاڪٽر گهرايو ويو. اُن ڏينهن ’تاتيا‘، بابا کي چيو، ”ساباجي! (ساباجي منهنجي پيءُ جو نالو هئو) تون ڪوبه فڪر نه ڪر، ’نانا‘ کي (يعني ته مون کي) مان پنهنجي سڳي پٽ وانگر پاليندس؛ ۽ اَڃا به توکي شڪ هجي ته مان وچن ٿو ڏيان ته پنهنجي ’س‘ تنهنجي ’نانا‘ کي ڏيندس ۽ کيس گهر - جمائي ڪري پاڻ وٽ رهائيندوسانس. پوءِ ته بس؟“

بابا جو چهرو خوشيءَ وچان ٽڙي پيو، ڇو ته ’تاتيا‘ پنهنجي وچن کي پاڻي ڏيندڙ نيڪ ۽ اَصلي ’مراٺو‘ آهي. ان جي کيس خاطري هئي. مان ٻاهر لڪي لڪي اِها سموري گفتگو ٻڌي رهيو هوس. اُن وقت مان ڇا محسوس ڪيو ۽ ڇا نه، اِهو مان هينئر ٻڌائي ڪونه سگهندس. بابا کي ٿوريءَ دير کانپوءِ نند اَچي ويئي ۽ مهيني کن ۾ اُٿي هلڻ چلڻ لڳا.

’تاتيا‘ جا اُهي لفظ بار بار منهنجن ڪنن ۾ گونجي رهيا هئا. هڪ ڏينهن ’س‘ سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي، مون اِها ڳالهه ’س‘ جي ڪن تي آندي. مون کان رهيو ڪونه ٿيو، اِهو ٻڌي، پيشانيءَ تي گهڻائي گهنج چاڙهي مون کي چيائين، ”هٽ!“ ۽ پوءِ ’تاتيا‘ وٽ وڃي روئڻ لڳي. تڏهين کان وٺي ’س‘ مون سان تيسي وچان ڳالهائيندي هئي. اَسان جي راند روند بند ٿي ويئي، پر اُن وقت ’س‘ ۽ ’جوءِ‘. اِنهن ٻن لفظن وچ ۾ جيڪا ڳنڍ ٻڌجي ويئي اُها دائم قائم رهي.

’تاتيا‘ وري شڪار جو نالو به ڪونه ورتو. بابا ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ وري کيتيءَ جو ڪم ۾ جنبي ويو. مان اسڪول ۾ پڙهڻ لڳس. ’س‘ مون سان ڪٽي ڪئي هئي. اِنڪري مون سندس گهر وڃڻ ڇڏي ڏنو، ماستر ’س‘ جي گهر وڃي کيس پاڙهيندو هئو. اِئين ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد، اوچتو ’تاتيا‘ ٽاڪلي ڇڏي پوني ۾ وڃي رهڻ لڳو. وڃڻ کان اَڳ، هو بابا سان مليو، پر مون کي ’س‘ جو ديدار نصيب نه ٿيو.

اِئين ڪيئي ورهيه لنگهي ويا، جيئن تيئن ڪري وَ. ف جو لوڙهو لتاڙي، مان آزاد ٿيو هوس. هيترن سالن ۾ ’تاتيا‘ ۽ ’س‘ جي خبر به ٽاڪليءَ ۾ ڪانه آئي، اِمتحان ٿيڻ تائين مون کي ڪجهه به محسوس ڪونه ٿيو، پر اِمتحان پورا ڪري، گهر ۾ واندو ويهڻ تي، ’س‘ جي ياد اَچڻ سبب، من بيچين ٿيڻ لڳو. مون کي مڇين جي ريهه نڪري آئي هئي. ماڻهن جي نظر ۾ منهنجو ننڍپڻ ختم ٿي چڪو هئو ۽ مان هاڻ وڏو ٿي چڪو هوس. ’س‘ هاڻ ڪيڏي ٿي ويئي هوندي؟ ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندي هئي؟ کيس هن ’نانا‘ جي ياد به ايندي هوندي اَلائي نه!

منهنجي اَڳيان وڏي ۾ وڏو سوال اِهو هئو ته مان هر کڻي پيءُ کي کيتي ڪرڻ ۾ مدد ڪريان يا بورڊ جي اسڪول ۾ وڃي ماستر ٿيان. اوڙي پاڙي وارا چئي رهيا هئا ته ”نؤڪري ڪر.“ بابا چپ هئو. منهنجي ڏاڍي  خواهش هئي ته هڪ دفعو ’س‘ ۽ ’تاتا‘ سان پوني وڃي ملي اَچان، پر اِها ڳالهه بابا کي ڪيئن پڇان؟ هڪ ڏينهن بابا ئي اِها ڳالهه ڪڍي، چيائين، ”نانا! تون هڪ ڀيرو پوني مان ٿي اَچ. مان نٿو چاهيان ته تون ماستري ڪرين ۽ سڄي ڄمار هر هٿ ۾ کڻي، مون ڇا ڪمايو آهي، جو توکي کيتي ڪرڻ لاءِ چوان. اَڳتي ڇاڪرڻ کپيئيءَ اِن جو تون ’تاتيا‘ جي صلاح سان فيصلو ڪر.“

مان خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيس. هڪ ٽين جي پيتيءَ ۾ پنهنجو سامان سڙو ڀري، مان پوني روانو ٿيس. اَسان جي ڳوٺ کان اسٽيشن پنج ڇهه ميل پري هئي، اَمان روٽي ٻڌي ڏني هئي. اسٽيشن تي پهچي، ٽڪيت ڪٽائي، گاڏيءَ ۾ ويٺس، جيئن جيئن پونو ويجهو پوندو ويو تيئن تيئن ناني ياد اَچڻ لڳي. بابا، تاتيا جو پورو پتو ۽ پورا پنا پيسا ڏنا هئا. ٽانگي مان لهي، مان سردار ’ٽاڪلي ڪر‘ جي گهر سامهون اَچي بيٺس. مٿي تي وڏي شاهي پڳڙي، بدن تي ململ جو ڪرتو، هيٺ، ٻنهي پاسن کان وَرايل شولاپوري ڌوتي ۽ پيرن ۾ مضبوط ڪولهاپوري چمپل، اِئين، اُن وقت مان نج ڳوٺاڻو لڳي رهيو هوس. دالان ۾ سامان رکي، مان مٿي ويس. ’تاتيا‘ ڪرسيءَ تي ويهي اَخبار پڙهي رهيا هئا. مون اَڳيان وڌي کيس نمسڪار ڪيو. تاتيا مون کي سڃاتو ۽ ڀاڪر ۾ ڀري منهنجو سواگت ڪيائين. هن بابا جي باري ۾ خوش خيرعافيت پڇي. هتان هتان جون ڳالهيون ٿيڻ کانپوءِ، هو مون کي ’س‘ جي ڪمري ڏانهن وٺي ويو.

هاڻ ’س‘ جو ديدار ٿيندو، ڇا چوان ۽ ڪيئن هلان، اِهو سوچي سوچي مان منجهي پيو هوس. سر تريءَ تي رکي هلي رهيو هوس. تاتيا سڏ ڪيو، ”س!“ اَندران جواب آيو، ”ڇاهي ’تاتيا’؟“ هاڻ آوز ٻڌي منهنجي سڄي سرير کي ڄڻ ته ماڪوڙيون وڪوڙي ويون، ’س‘ در کوليو، منهنجين اَکين اَڳيان گويا روشنيءَ جو چلڪاٽ اَچي ويو. ڇا هيءُ ئي هئي ’س‘؟ هوءَ ڪيئن لڳي رهي هئي، اِهو ڪيئن بيان ڪريان؟ پوشاڪ جي باري ۾ ڏسجي ته پوني جي ڇوڪرين جي بلڪل ماڊرن پوشاڪ ٿي سگهي ٿي. صرف ايترو ئي چئي سگهندس، پر سندس پوشاڪ ڏانهن ڌيان - ايترو هوش ئي ڪٿي هئم. سچ پڇو ته اُن وقت هن ڇاڇا ڳالهايو، ۽ هڪ ٻئي سان ڪيئن هلياسين، اِهو ڪجهه به منهنجي ڌيان ۾ ڪونهي، باقي ايترو سو ياد آهي، ته جيتري پنهنجائپ ’تاتيا‘ ڏيکاري هئي، اوتري پنهنجائپ ’س‘ ۾ اَصل ڪانه هئي.

اُنهيءَ ڏينهن ’تاتيا‘ مون کي بازار وٺي ويو ۽ منهنجي لاءِ سٺا سٺا ڪپڙا سبڻ لاءِ ڏنائين. ٿورن ئي ڏينهن ۾ منهنجو سنڪوچ گهٽجي ويو ۽ مان اُتي گهر جي ڀاتيءَ جيان رهڻ لڳس.

ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرڻ لڳا. ٻه ويلا کائڻ، موٽر ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ، ’تاتيا‘ سان گپ شپ هڻڻ، ۽ جيترو وقت ملندو هئو، اُهو ’س‘ جي صحبت ۾ گهارڻ، اِها ئي هئي منهنجي روزاني ڪرت. پوشاڪ ۽ هلٿ چلت جي باري ۾ ’س‘ ڏاڍو سخت ضابطو رکندي هئي. جيئن کيس وڻي تيئن هلڻ جي نيتي اختيار ڪئي هئم. مون کي ٽاڪليءَ جي ياد به ڪانه ايندي هئي، پر هڪ ڀيري شرمائيندي شرمائيندي، مون ٽاڪلي وڃڻ جي ڳالهه ’تاتيا‘ سان ڪڍي ۽ اَڳتي ڇا ڪريان، اِهو به سوال اُٿاريم. اُهو سوال اُهين ئي لٽڪائي، ’تاتيا‘ مون کي چيو، ”وري ٽاڪلي وڃڻ جو نالو به نه وٺجانءِ.“ مون کي انگريزي سيکارڻ لاءِ گهر ۾ ئي هڪ ماستر رکيو ويو. ’س‘ اسڪول ۾ ويندي هئي، اُن عرصي ۾، مان اَڀياس ڪري، اُن وشيه ۾ اُنتي ڪرڻ لڳس.

اِئين ڪافي ڏينهن گذري ويا. مان صحيح معنى ۾ ”پوني وارو“ ٿيڻ لڳس، منهنجو ’ٻهراڙي - پڻو‘ اَلائي ڪٿي غائب ٿي ويو هئو. ذرا ڪپڙن جي استري خراب ٿيندي هئي ته منهنجيءَ پيشانيءَ تي گهنج پوڻ لڳا، بسيءَ ۾ چانءِ پيئڻ ۾ ڪميءَ جو اَحساس ٿيڻ لڳم. سئنڊوچ ڪيئن کائڻ کپي، اِهو مان ماڻهن کي سيکارڻ لڳس. ميز تي ڪانٽن - چمچن سان کائڻ، مون لاءِ ڏائي هٿ جو کيل ٿي پيو. موٽر جو ’ويل‘ هڪ هٿ سان جهلي، ماڻهن سان سٿيل رستي تان موٽر هلائڻ اَچي ويئي. ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾، مان ’گٽ مٽ‘ ڪرڻ لڳس. صبح جو اُٿڻ شرط، ’ٽائيمس‘ اخبار منهن سامهون جهلڻ، منهنجي روزاني ڪرت ٿي پيئي. مطلب ته ٿوري ئي عرصي ۾، سوٻٽ مان ڦري پوپٽ ٿيو هوس.

’س‘ ۽ منهنجي باري ۾ ’تاتيا‘ اَک ٻوٽ ڪندا هئا. اَسان کي مڪمل آزادي هئي، پر ’س‘ سڀني سان هڪ جهڙي هلت هلندي هئي. هوءَ گهڻو کلندي ڪانه هئي، کلندي به هئي ته چپن ئي چپن ۾. هوءَ گهڻو ڳالهائيندي به ڪانه هئي. بلڪل معمولي ڳالهه ٻولهه ئي ڪندي هئي. مان هيترو وچ ۾ ڍيڪ اُڇليندو هوس، پر هوءَ آب و هوا، اَڀياس ۽ روزاني وهنوار جي ڳالهين کي ڇڏي، ٻي ڪا به ڳالهه ڪانه ڪندي هئي. هن جي دل جا اَندريان تهه مون کي ’نندا ديوي‘ چوٽيءَ جيان اَڻ ڄاتل لڳندا هئا. ۽ هاڻ جڏهين ’نندا ديوي‘ جو نالو نڪتو ئي آهي ته توهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان. ’س‘ منهنجي ديوي هئي ۽ منهنجي وَرتاءِ جي باري ۾ هوءَ نندا ديويءَ جي چوٽيءَ جي برف جهڙي هئي. “To break the ice” - اِهو انگريزي اصطلاح مون اَڃا تازو سکيو هئو. ۽ هيءُ ’برف‘ ڪيئن ’ڀڃان‘ اِهو مسئلو مان ڪڏهين به حل ڪري ڪونه سگهيس.

مان کيس پسند ڪونه هوس ڇا؟ نه، اِئين چئي ڪونه سگهبو، ڀلا، مان کيس پسند هوس ڇا؟ ڇي! اِهو به چئي ڪونه سگهبو. ٻاجهريءَ جو فصل پچي راس ٿيو هجي ۽ ٻنيءَ تي هزارين سنگ جهومندا هجن، اِئين منهنجي من ۾ سندس خيال جهومي رهيا هئا، پر سندس من؟ گهري پاڻيءَ واري، سوڙهي کوهه جو ترو جهڙيءَ طرح ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي، تيئن هو سندس من، سج جو ڪو ڪرڻو اِئين موٽ کائي جو مونکي ترو ڏسڻ ۾ اَچي، اِن لاءِ مون ڪيتري نه ڪوشش ڪئي! پر سڀ پاڻي ولوڙڻ جي برابر هئو. هن کي خوش رکڻ لاءِ ڏاڍي خبرداري ڪندو هوس. هڪ ڏينهن هڪ نؤڪر سان گپ شپ هڻندي ڏٺائين ته هڪدم ڀرون تاڻيائين. ’س‘ جي خواهش مون لاءِ بين هئي. اُها بين جيئن وڄندي هئي، تيئن مان جهومندو هوس. پر اِهو سڀ ڪيستائين هلندو؟

ڏسندي ڏسندي چار سال لنگهي ويا. ڪڏهين ڪڏهين سوچيندو هوس، ته شينهن جي اُن حملي، مون تي ڪيترو نه احسان ڪيو آهي! نه ته مان ههڙي گلستان ۾ ڪيئن اَچان ها؟ پر مان اُن ڳالهه جو غير واجب فائدو وٺي رهيو آهيان، اُن وقت ’تاتيا‘ بابا کي چئي ويٺا، اِن جو مطلب اِهو آهي ڇا ته مان ’س‘ جو هن ريت پيڇو ڪريان ۽ فرض ڪريو ته سندس من ۾ منهنجي لاءِ اهڙو ڪجهه نه هجي ته؟ ڇو ته اَڃا به هوءَ بنا تڪ تور ڪرڻ جي مون سان ڳالهائيندي يا کلندي ڪانهي، ڀلا، ’تاتيا‘ کي اِها ڳالهه پسند آهي ڇا؟ اِن کان ته بهتر آهي، سڌو ٽاڪلي وڃي، هر کيڙيان، پر ’س‘ جي صحبت جي جادوءَ سان ايترو ته منڊجي ويو هوس، جو اَهڙا خيال ايندا هئا ته اونهاري جي ڪڪرن جيان هڪدم ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا هئا.

هڪ ڏينهن اوچتو بابا جو خط آيو. سندس طبيعت اَچانڪ بگڙجڻ سبب، هن هڪ دفعو ملي وڃڻ لاءِ سڀني کي سڏايو هئو. چار سال پنهنجي پيءَ ڏانهن لاپرواهه هئڻ ڪري، منهجو من مون کي کائڻ لڳو. ’تاتيا‘ به هاڻ ڄڻ ته ٿڪجي پيو هئو، اِهو خط پڙهي، تاتيا مون کي ۽ ’س‘ کي ٽاڪلي وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ چيو. سنڌن ۾ وائي سوُر هئڻ سبب، هو مسافريءَ جي تڪليف برداشت نه ڪري سگهي ها. هيترن سالن بعد ٽاڪلي وڃڻ جو وَجهه ملڻ سبب منهنجو من اُتاولي آنند سان ڀرجي ويو. مان مسافريءَ لا تڙ تڪڙ ۾ تياري ڪرڻ لڳس. ’س‘ جي چهري تي ڪوبه فرق نظر ڪونه آيو. هوءَ هوريان هوريان، هلڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳي. اَسان ٻئي اَچي رهيا آهيون، اِهو خط ۾ تاتيا، بابا کي لکي موڪليو.

رات جو گاڏيءَ ۾ نڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هئو. موٽر ۾ ويهي، اَسان ٻئي اسٽيشن تي وياسين، ٽاڪلي وڃي ڇاڇا ڪرڻ کپي، ان باري ۾ مان لڳاتار بڪ بڪ ڪري رهيو هوس. ’س‘ جو چهرو هميشه جيان سنگمرمر ئي بنيو رهيو. فرسٽ ڪلاس جون ٽڪيٽون ڪٽائي، اَسان گاڏيءَ ۾ گهڙياسين، گاڏيءَ ۾ گهڻي گردي ڪانه هئي. مون ’برٿ‘ ئي ’هولڊآل‘ کولي ڇڏيا. ’س‘ مٿان رضائي وجهي ليٽي پيئي. کيس ترت ننڊ اَچي ويئي. مون کي ڀلا - برا خيال ستائي رهيا هئا. اِنڪري مان پنهنجي گاڏي اَندر ئي ڦيرا پائي رهيو هوس. ڪافي دير کانپوءِ وڃي ليٽيس ته منهنجي به اَک لڳي ويئي.

صبح جي پهر ۾ اَسان اسٽيشن تي لٿاسين، حمال جي مٿي تي سامان رکائي، اَسان ٻاهر نڪتاسين، اسٽيشن جي ٻاهر، حاطي ۾، اَسان جو جهونو يار ڀڪا جي پنهنجي ڍڳي گاڏيءَ ۾ ويهي، اسٽيشن مان ٻاهر ايندڙ مسافرن جا چهرا ڏسي رهيو هئو. مون کيس سڏ ڪيو. هو اَڳيان وڌي آيو. اَسان کي صاحب - منڊم جي پوشاڪ ۾ ڏسي، کيس پنهنجي اَکين تي اعتبار نٿي آيو. مون اَڳيان وڌي سندس پٺ تي ڌڪ هنيو. تڏهين کيس خاطري ٿي ته هيءَ ئي اَسانجو ’نانا‘ آهي. حمال سامان ڍڳي گاڏيءَ ۾ رکيو. پوءِ اَسان به گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. ”بابا جي طبيعت ڪيئن آهي؟“ اِئين کانئس پڇيم. ”ڊڄڻ جهڙي ڪائي ڳالهه ڪانهي.“ اِئين ڀڪا جيءَ چيو ۽ منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو. جيئن ئي هن گاڏي هڪلڻ شروع ڪئي، تيئن ئي مون هن مٿان سوالن جو وسڪارو وڌو. - ڳوٺ جي ٻين ڳالهين بنسبت، اَڃان به سندس من مٿان جيڪو اخلاقي دٻاءُ هئو، اُهو گهٽيو ڪونه هئو، اِنڪري رڪي رڪي پئي جواب ڏنائين. چؤڌاري سرشٽيءَ جي سنرتا ڏسندي، ’س‘ سانت ويٺي هئي.

اِئين اَڌ رستو لتاڙڻ بعد، بلڪل هيٺ ’ٽاڪلي‘ ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا پري کان ڪنهن تصوير ۾ چٽيل ڳوٺ جيان لڳي رهي هئي. ڪنارا ٽپندڙ ٻوڏ جي پاڻيءَ جيان منهنجي من ۾ جذبا اُٿلي پيا. ڀڪا جيءَ کي ٿورو پٺيان سرڪڻ لاءِ چئي، سندس هٿ مان واڳ ورتم ۽ ڍڳن جا پڇ مروٽيم. ڏاند چوکرا ڊڪڻ لڳا. مان زور زور سان ’جهيا جهيا‘ چئي رهيو هوس. گاڏي کڙ کڙ ڪندي، هوا جيان اُڏامڻ لڳي. وچ ۾ هڪ دفعو مون مڙي پٺيان نهاريو. ’س‘ عجب وچان مون ڏانهن ڏسي رهي هئي، کيس ڏاڍا لوڏا اَچي رهيا هئا. پر ڏاندن کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. ڳوٺ جو دروازو ۽ هنومان جو مندر نظر اچڻ لڳا. مون چهبوڪ هڻي ڏاندن کي تيز ڊوڙايو ۽ وري پٺيان مڙي ڪونه ڏٺم.

ڳوٺ جي حد جي لڳو لڳ ئي اَسان جو گهر ۽ کيت هئا. مون گاڏي سڌو گهر جي دروازي وٽ ئي بيهاري، گهر جا ڀاتي ۽ اوڙي پاڙي وارا دروازي کان ٻاهر بيهي اَسان جو اِنتظار ڪري رهيا هئا. بابا به بستري تان اُٿي، ٻاهر اَچي ويٺو هئو. گاڏيءَ مان بي ڊپو ٿي ٽپ ڏنم ۽ وڃي پيءُ سان گلي لڳي مليس. پوءِ ماءُ سان مليس ۽ باقي اوڙي پاڙي وارن سان به ڳالهائيندي بيٺو رهيس. ’س‘ ڏانهن منهنجو ڌيان ئي ڪونه ويو. هوءَ گاڏي ۾ ئي ويٺي هئي. اَمان اَڳيان وڌي کيس سڏيو ۽ پوءِ گهر وٺي وڃڻ لڳيس. اُن وقت منهنجو ڌيان سندس چهري ڏانهن ويو. سندس چهرو لال لال ۽ پگهر سا آلو ٿي ويو هئو.

امان چلهه تي چانهه جو پاڻي رکيو. مون پنهنجا صاحبن جهڙا ڪپڙا لاٿا ۽ سادا ڪپڙا پاتم. ’س‘ اُهين ئي ويٺي هئي. مان دل کولي ڳالهائي رهيو هوس. اَکيري ۾ موٽي آيل پکيءَ جي ’چين چي‘ هئي اِها. چانهه تيار ٿي، گهر ۾ ڪپ - بسي هڪ ئي هئي. اُن ۾ چانهه اوتي، اُهو ’س‘ اَڳيان رکيو ويو. منهنجي اَڳيان چانهه جو تراکڙو پيالو آيو. پيالو چپن سان لڳائي، مان چانهه مان سرڪيو ڀرڻ لڳس. اِن طرح چانهه پيئندي، مون ’س‘ ڏانهن نهاريو. هوءَ وات ڏنگو ڦڏو ڪري، ڪپ مان چکي چکي چانهه پيئڻ لڳي.

پوءِ ڳوٺ ۾ اَسان جي اَچڻ جي خبر ڦهلجڻ ڪري، آهستي آهستي ڳوٺ جا ماڻهو اَچڻ لڳا. ڪافي دير گپ شپ هڻندا رهنداسين. منهنجي زبان تي چئن سالن جو ضابطو، تمام ٿوري عرصي ۾ غائب ٿي ويو ۽ مان هر لفظ کي ڇڪي ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ساڻن ڳالهائڻ لڳس. گهر ۾ ’س’ به ويٺي آهي، اِهو مان مڪمل ريت ڀلجي چڪو هوس. ٿوري دير کانپوءِ مانيءَ جي تياري ٿي، آيل ماڻهو هليا ويا هئا، پٽين بدران ڳوڻيون وڇائي ماني کائڻ ويٺاسين. سردار ’ٽاڪلي ڪر‘ جي ڌيءُ مهمان بڻجي آئي هئي ۽ مان به هيترن سالن کانپوءِ گهر آيو هوس. اِنڪري دال - چانور، ماني ۽ موريءَ جي ڀاڄي ٺاهڻ جو خيال آيو هئن. ’س‘ ڏاڍي مشڪل سان ويهي، هڪ هڪ گرهه جيئن تيئن ڪري گلي ۾ ٺونسي رهي هئي. مان ماني ڀوري، اُن مٿان دال اوتي، چڱيءَ طرح ملائي گيٿو ڪري، سرڪيون ڀري کائڻ لڳس. نه رڳو ايترو، پر مون ماءُ کان ڍوڍو به گهري ورتو ۽ مرچن جي چٽڻي ۽ تيل کڻي، اُنهن سان، ڏاڍي چاهه وچان ڍوڍي مان وارا ڪيم. ’س‘ ته مون ڏانهن نهارڻ ئي ڇڏي ڏنو هئو. اَسان جي اَچڻ کان وٺي، اَمان ’س‘ جي ڏاڍي واکاڻ پئي ڪئي، پر ’س‘ ڪنڌ لوڏڻ کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونه ڪيو هئو.

روٽي کائڻ کانپوءِ ’س‘ هولڊ ال پکيڙي، سمهي پيئي ۽ مان بابا سان گپ شپ هڻندو رهيس. ’تاتيا‘ چئي ڇڏيو هئو ته بابا جي طبيعت ٺيڪ هجي ته سگهو رات جي گاڏيءَ ۾ واپس اَچجو. مون رات جو وڃڻ جي ڳالهه ڪڍي. بابا موڪل ڏني. اِئين سگهو واپس وڃڻ تي منهنجي دل اَصل ڪانه هئي، پر، ’تاتيا اِنتظار ڪندا. سندن دل ٽوڙڻ واجب ناهي.“ اِئين بابا چيو ۽ اَسانجو رات جو واپس وڃڻ جو فيصلو ٿي ويو.

منجهند ٿي وئي هئي. ’س‘ جاڳي. بابا ٿوري دير هن سان ڳالهايو ۽ .رات جو وڃڻ چاهين ته ڀلي وڃ“ ائين چيائينس. ۽ ها. چڱو ياد آيو! مون صبح کان ’س‘ سان اَکر به ڪونه ڳالهايو هئو. منهنجو من مون کي کائڻ لڳو، مون هن وٽ وڃي، کيس چيو. هل ته ذرا کيت مان گهمي اَچون. ٽنگون به وائکيون ٿي وينديون... هلين ٿي؟“

”ها!“

اَسان ٻئي ٻاهر نڪتاسين، سڀني کيتن ۾ اَسان ڪافي دير ڀٽڪياسين، وچ وچ ۾ مان ڳالهائي رهيو هوس. ’س‘ چپ چاپ هلي رهي هئي. سندس پيشانيءَ تي گهنج پکڙيل هئا، هيترن سالن کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ واپس اَچڻ جو نشو اڃا لٿو ڪونه هئم. اِن کانسواءِ سريرڪ طور هڪ هاري هئڻ ڪري، پنهنجيءَ زمين تي گهمڻ سان اَنوکي خوشي محسوس ڪري رهيو هوس. هوءَ ڇو ناراض آهي، اِها پڇا ڪرڻ جي لاءِ من ۾ ڪو پور به ڪونه آيو. سون - چانديءَ جهڙن فصلن سان ڀريل ۽ شام جي سيتل هوا سان جهومندڙ کيت ڏسي، منهنجو من اُتساهه ۽ آنند ۾ ڀرجي ويو هئو. وات سان هڪ ڳوٺاڻو گيت گنگنائيندو، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، اَڳيان وڌي رهيو هوس. ’س‘ هلڪيون هلڪيون رهڙون کائيندي، رڪندي رڪندي، پٺيان اَچي رهي هئي.

هڪ کيت ۾ اَسان جي نوڪر جي ڌيءُ ڀيما، کانڀاڻي ڦيرائي، پکين کي ڊيڄاري رهي هئي، مون وڃي سندس هٿ مان کانڀاڻي ورتي ۽ ٻه چار ڀيرا کانڀاڻي ڦيرايم. ’سوُن سوُن‘ جو آواز ڪندي، منهنجي کانڀاڻيءَ مان ڇٽندڙ پهڻ، ۽ هرر هرر هوُ هوُ“ اَهڙا اوچي آواز ۾ ڪيل پڪارڻ سان کيت تي آيل سڀ پکي، ڏسندي ڏسندي اُڏري ويا. ’س‘ چپ چاپ بيهي ڏسندي رهي. کانڀاڻي واپس ڀيما جي هٿ ۾ ڏيئي، مان گنگنائيندو کوهه طرف مڙيس. کوهه جي چؤڌاري چڱي وڏي ديوار هئي، آسپاس ڪوبه ڪونه هئو. ’س‘ آرام سان هلندي، کوهه ڀرسان آمڙيءَ جي وڻ هيٺان رکيل هڪ پٿر تي اَچي ويٺي.

اُن ويڪري کوهه ۾، گهري سائي رنگ جو شفاف پاڻي ڏسي، مون کي ترڻ لاءِ سخت تمنا ٿي. وري ’س‘ ڳالهايو ئي نٿي، اِن کانسواءِ چار سال ترڻ جو وجهه ئي ڪونه مليو هئو؛ پوءِ ڇا ڪريان؟ بدن تان ڪپڙا لاهي، هڪ پاسي ڦٽا ڪري، مون کوهه ۾ ٽپو ڏنو. ڌوتيءَ هيٺان لنگوٽ ته ٻڌل ئي هئو. منهنجي ماريل ڇلانگ سبب پاڻي ايترو ته مٿي اُڏاميو، جو مون کي پلانگ ماريندو ڏسڻ لاءِ کوهه نزديڪ بيٺل ’س‘ جي سرير تي پاڻيءَ جون ڦينگون لڳيون ۽ سندس جارجيٽ جي ساڙهي بلڪل آلي ٿي ويئي.

پندرهن ويهه منٽ کوهه ۾ تڙڳڻ کانپوءِ، کوهه جي ديوار ۾ اَندر لڳل پٿرن کي پڪڙي مٿي چڙهي ٻاهر آيس. ’س‘ مون ڏانهن پٺ ڏيئي، آمڙيءَ جي وڻ ڏانهن ڏسي رهي هئي. سندس آلا ڪپڙا، سندس سرير کي چهٽيل هئا. سچ پڇو ته گهٽ ۾ گهٽ هاڻ پڇائيندي، ليلائڻ کپندو هئو نه؟ پر نه. منهنجي اندر ۾ ساکيات جهنگلي پڻو جاڳي اُٿيو هو. اِنڪري چپ چاپ مان به اُن آمڙيءَ جي وڻ ڏانهن ڏسڻ لڳس.

وڏن وڏن آمڙيءَ جي ڇڳن سان اُهو وڻ جهنجهيل هئو، آميڙيءَ ڪيرڻ لاءِ اِردگرد ڏٺم ته پٿر جو نالو نشان به ڪونه هئو. رڳو مٽيءَ جا کڙا ئي کڙا! جن ٽارين تائين هٿ پهتو ٿي، اُهي ڪڏهوڪو خالي ٿي چڪيون هيون. ڪپڙن پائڻ کانسواءِ ئي، مان امريءَ جي وڻ تي سرسر چڙهڻ لڳس، هڪ مٿين لام تي ويهي، مان آمڙي کائڻ لڳس. ’س‘ ڪنڌ مٿي ڪري، ڪافي دير تائين مون ڏانهن ڏسندي رهي، آخر کانئس رهيو نه ٿيو، چيائين،  ”نانا!“

”ڇاهي؟“

”ٿوري آمڙي مون ڏانهن به اُڇل نه!“

”اون هون!“

”اِئين ڇو پيو ڪرين؟“

هڪ رسيل آمڙي ڇلي، چوسيندي چوسيندي، ”ٽڪ ٽڪ ڀولڙا“ چوندي کيس سڪائڻ لڳس.

”نانا! توکي منهنجو قسم! گهٽ ۾ گهٽ هڪ آمڙي ته ڦٽي ڪر!“

”مون کي ڇا ڏيندينءَ؟“

”جيڪي گهرندين، اُهو ڏيندي سانءِ.“

”ڏس، هان!“

”ها، ها، ڏٺم، جيڪي گهرندين، اُهو ڏينديس.“

آمڙيءَ جو هڪ ڇڳو ڇني، مان سرسر ڪري هيٺ لٿس ۽ هن جي سامهون وڃي بيٺس، سندس نڪ آڏو اُهو ڇڳو آڻي چيومانس، ”آمڙي کائڻ چڱي ناهه، س! اِن سان طبيعت بگڙندي آهي، اِن کانسواءِ تون آهين نازڪ! نه، نه!“

اُن ڇڳي مان هڪ رسيل آمڙي ڇني، اُها ڇلي وات پاڻي پاڻي ٿي ويو هجي، اِئين کائڻ لڳس. اُهو ڇڳو کسڻ لاءِ، هن هڪدم هٿ وڌايو. ترت ڇڳو پٺيان لڪائيندي، چيم، ”آمڙي کائڻ سان ڏند کٽاکٽا ٿي ويندا آهن. منهنجا ڏند ايترا ته کٽا ٿي ويا آهن، جو اَصل پڇ ئي نه!“

”ڀلي کٽا ٿين منهنجا ڏند، مون کي هلندو.“

آسپاس ڪو پکي به ڪونه هئو. مان بنا ڪپڙن پائڻ جي آمڙي کائي رهيو هوس، س آسائتين اَکين سان، آمڙيءَ ڏسي رهي هئي. منهنجي جهنگلي پڻي چڱو ئي ڀڙڪو کاڌو. چيومانس، ”س! ڏس. آمڙي کائڻ سان ڏند کٽا کٽا ٿيندا آهن نه، اُن لاءِ هڪ دوا آهي، توکي خبر آهي؟“

”اون هون!“

ڏند تمام گهڻا کٽا ٿين ته...“

جملو اَڌ ۾ ئي ڇڏي، مان اَڳيان سرڪي ويس. ڏائو هٿ، س جي ڪمر ۾ وجهي، کيس ويجهو آندم ۽ ساڄي هٿ سان سندس کاڏي مٿي کڻي، سندس کاٻي ڳل کي زور سان چڪ پاتم.

اُهو جملو پورو ڪرڻ ٿي چاهيم، پر هيترو ڪجهه ٿيڻ تي، منهنجو تال مول گم ٿي ويو. آمڙي جو ڇڳو اُتي ئي ڇڏي، مون پنهنجا ڪپڙا کنيا ۽ وٺي ڀڳس. اوندهه ٿيڻ لڳي هئي. آسپاس ڪوئي ڪونه هئو. کيت جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي، ڌوتي ٻڌم، قميص پاتم ۽ سڌو گهر جو رستو پڪڙيم. وچ رستي تي، ’س‘ پري کان ايندي ڏٺم ته ماٽ گهر جي ٿلهي تي ويهي رهيس. س آئي ته بنا مون ڏانهن نظر اُڇلڻ جي، گهر اَندر گهڙي ويئي. ماني کائڻ وقت، هن جي چهري ڏانهن ڏسڻ جي مون کي همٿ ڪانه ٿي.

پوني لاءِ گاڏي رات جو ٻارهين بجي نڪرندي هئي، پنجن ڇهن ميلن جو مفاصلو ڍڳي گاڏيءَ ۾ طئه ڪرڻو هئو، جيترو ٿي سگهي اوترو جلدي نڪرڻ بهتر. اسٽيشن تي هڪ ماڻهوءَ کي، بابا گاڏي ڀريل ڪڙٻ ڏيڻ قبوليو هئو. ڪڙٻ گاڏيءَ ۾ ڀري، اُن ئي گاڏيءَ ۾ ويهي اسٽيشن وڃڻ جو فيصلو ڪيو هئوسين. بابا ڍڳا، گاڏي ۾ جوٽڻ لاءِ چيا. گاڏي اَچي دروازي وٽ بيٺي. گاڏيءَ تي اَڌ - مڙس جيترو ڪڙٻ ڀريل هئو. اُن مٿان ٻه ڳوڻيون پکيڙي، اُن مٿان اَسان جا هولڊ آل کولي رکيا ويا هئا. نڪرڻ جو وقت ٿيو ته مون پيرين پئي، بابا ۽ اَمان کان موڪلايو. ’س‘ کي هٿ ڏيئي، بابا گاڏيءَ تي چاڙهيو. بابا مون سان گڏ، پيرين پنڌ، ڳوٺ جي دروازي تائين آيا. پوءِ بابا واپس ويا. بابا جي واپس وڃڻ کانپوءِ به ڪيتري دير مان پيرين پنڌ هلندو رهيس. ڀڪا جي مون کي مٿي ويهڻ لاءِ چئي رهيو هئو، پر مون هن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو. ’س‘ هولڊ آل تي سمهي پيئي هئي.

چڪا چونڌ ڪندڙ اوجل چنڊ کڙيو هئو. ٿڌڙي ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي، رستي جي ٻنهي پاسي قطارن ۾ لڳل وڻن جي پن سرسر وَڄي رهيا هئا. ڏاندن جي گلن ۾ پيل گهنگهرن جي مالها ڪنن کي وڻندڙ آواز ڪري رهي هئي. رستي جي ڪناري سان لڳ کيتن ۾ ٺهيل ڇپرن مان ڪتا وچ وچ ۾ ڀؤنڪي رهيا هئا. ڀڪا جي آهستي آهستي گهيرٽ کائڻ لڳو. مٿي چڙهي ’س‘ ڀرسان ويهڻ لاءِ دل بيچين ٿي ويئي هئي. پر ڪهڙو منهن کڻي، مٿي وڃي ويهان؟ اَڄ مون ڇا ڪيو؟ پڇتاءُ وچان منهنجو مٿو ڀان ڀان ڪرڻ لڳو. چئن سالن جي تپسيا مٿان هڪ ڏينهن ۾ پاڻي ڦيري ڇڏيم. ههڙي سخت ضابطي واري ’س‘ ۽ مون صبح کان وٺي ڪنهن نج ڳوٺاڻي وانگر هر ڳالهه ڪئي هئي. ۽ هوُ کوه وارو واقعو! منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ جي ’س‘ منهنجو بهشڪار ڪيو ته ڪهڙي منهن سان ’تاتيا‘ جي گهر رهندس؟ پوني وڃي، ڪارو منهن ڪري واپس اَچڻ کان، هينئر ئي واپس وڃان ته ڪهڙو خراب آهي؟... پر، باباڇا چوندو؟ ڇي ڇي! حد گڏهپائي ڪيم!

چوڌاري سانت هئي. مان گاڏيءَ جي پاسي کان هلي رهيو هوس. وڻن جي پنن جيان، منهنجي دماغ ۾ خيال سر سر ڪري رهيا هئا. ايتري ۾ ٽئين ميل جو پٿر نظر آيو. مان ترسي، اُن پٿر کي ٽيڪ ڏيئي، مٿو هٿن ۾ مضبوط پڪڙي، ويهي رهيس. گاڏي اَڳيان اَڳيان وڃي رهي هئي. گاڏي ڪافي اَڳتي نڪري ويئي. ڀڪاجي چڱا گهيرٽ کائي رهيو هئو. ’س‘ جي به اَک لڳي چڪي هئي. دور دراز موڙ وٽ جيئن ئي گاڏي مڙندي، تيئن ئي مان قدم واپس ٽاڪلي طرف وڌايان - اِهو ئي بهتر ٿيندو. پوني وڃي اَجايو شرمسار ڇالاءِ ٿيان؟

چنڊ جي اوجل روشنيءَ ۾، مونکي، گاڏيءَ تي ستل ’س‘ جو چهرو صاف نظر اَچي رهيو هئو. هن ڏانهن ڏسندي مان آرام سان ويٺو رهيس. گاڏي رستي جي موٽ وٽ پهتي. اِجهو گاڏي مڙندي ۽ ’س‘ منهنجين اَکين کان اوجهل ٿي ويندي. وري منهنجي ’س‘ مون کي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي، ڪڪڙ موتي لڌو هئو - اِئين ئي وڻ مناسب ٿيندو. ايتري ۾ ڇا ڏسان ته ’س‘ اُٿي ويٺي آهي. گاڏي رڪجي ويئي. شايد ’س‘ ڀڪاجيءَ کي ڪجهه چيو آهي. ڇا مان ٽاڪلي طرف ڊڪندو وڃان؟ ايتري ۾ ڀڪاجيءَ وڏي واڪي سان سڏ ڪيو، ”نانا صاحب! او نانا صاحب!“

مون سڏ جو جواب ڏنو ۽ گاڏيءَ طرف وڃڻ لڳس، ’س‘ اُٿي ويٺي هئي. ڀڪاجيءَ اَکيون مهٽيندي چيو، ”ڇو مالڪ! پٺيان ڪيئن رهجي ويا؟ پنڌ ڇو پيا هلو؟ ويهي وڃو نه!“

ڪجهه به چوڻ کانسواءِ مان مٿي چڙهي ويٺس. گاڏي هلڻ لڳي. ’س‘ چنڊ ڏانهن ڏسي رهي هئي. سندس اَکين تي ننڊ جو تر جيترو به نشان ڪونه هئو. مان منهن ٻئي پاسي ڦيري ويهي رهيس. ڀڪاجيءَ کي وري ننڊ اَچي ويئي. هاڻ جوالا مکي ڦاٽندو - اِن جو انتظار ڪرڻ لڳس، پر جنهن پينوءَ کي اِها اُميد هجي ته هاڻ لت لڳي ڪ لڳي، اُن کي مال مليدو ملي، اَهڙي حالت منهنجي ٿي. هڪ ڀيرو ٿڌ کان ڏاند ٽڙڪائي، ’س’ مڌر آواز ۾ چوڻ لڳي، ”نانا! ڏاڍي ٿڌ ٿي پوي!“

مون کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار ئي نه اَچي، ترت پنهنجي هولڊ ال مان رضائي ڪڍڻ لڳس. ايتري ۾ هوءَ چوڻ لڳي، ”نه. مٿان ويڙهڻ لاءِ ڪجهه به نه کپي.“

”ته پوءِ؟“

”ڪجهه به نه!“

چنڊ ڏانهن نهاريندي وري خاموش ويٺي رهي، سموري اونهاري ۾ سخت اُس ۾ تتل زمين تي برسات جو پهريون وسڪارو پوي- اِئين منهنجي من جي حالت هئي. آسائتين اَکين سان مان هن ڏانهن نهاريندو رهيس. هن جي چپن تي مسڪراهٽ کڏي رهي هئي. اَڌوگابرا ٻاهر نظر ايندڙ، سندس بلڪل سفيد ڏندن تي چنڊ جا ڪرڻا پوڻ سان، اُهي جرڪي رهيا هئا، هوا جي جهوٽي سان سندس وار، سندس پيشانيءَ تي راند رمي رهيا هئا. ٿوري دير کانپوءِ هوءَ وري چوڻ لڳي، ”نانا! اڳهڻو جيڪا آمڙي کاڌم نه، اُن سان ڏند ڏاڍا کٽا کٽا ٿي ويا آهن.“

ڇيڳڙائيءَ سان وري چيومانس، ”پوءِ؟“

۽ هن وري چيو، ”ڪجهه به نه.“

ڪل ملائي، خاص ڪجهه به بگڙيو ڪونهي، اِهو محسوس ڪري، دل تان بار هلڪو ٿي ويو، مان به هن وانگر چنڊ کي تڪڻ لڳس، هڪ چڱو وڏو ڪڪر، چنڊ جي ويجهو، اَڃا به ويجهو اَچي رهيو هئو. هوريان هوريان سرڪندي، اُن چنڊ کي ڍڪي ڇڏيو. ’س“ منهنجي ويجهو سرڪي آئي ۽ چيائين، ”نانا، آمڙي کائڻ سان ڏند کٽا ٿيندا آهن، اُن لاءِ هڪ دوا جي توکي خبر آهي نه؟ اَڳهڻو تون مون کي ٻڌائڻ وارو هئين، پر ڳالهه اَڌ ۾ ئي رهجي ويئي.“

مان توهان سان ڪوڙ نٿو ڳالهايان. مان شرم وچان ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيس. اَک ڇنڀ ۾ ”نانا“ ’س“ بڻجي ويو ۽ ’س‘ ’نانا‘ بڻجي ويئي! منهنجي بلڪل ويجهو اَچي، منهنجي ڳل کي زور سان چڪ پاتائين. هاڻ اَڳتي ڇا ٻڌايانوَ؟

 

 

 

 

 

 

 

 

چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

 

ضميمو

 

1_ هري نارايڻ آپٽي

جنم:  1864؛ مؤت؛ 1919؛ ڌنڌو: لکڻ؛ رهڻ جو هنڌ: پونو.

ڪهاڻيون: ”اسڦٽ گوشٽي“ ڀاڱو 1 کان 4؛ 1915 (اِن ڪهاڻين جي ڳٽڪي ۾ درج ڪيل، 1896 جي ڏڪار جي پس منظر تي لکيل طويل ڪهاڻي ”ڪال ترموٺا ڪٺيڻ آلا“ جو انگريزي ترجمو ”رامجي“ نالي سان، اِنگلينڊ جي پرڪاشڪ سنسٿا ”اَئلن اَئنڊ اَنون“ شايع ڪيو.)

سمپادڪ: ڪرمڻُڪ

تنقيد : ”ودگڌ واڱميه“ 1911؛ “Wilson Philological Lectures on Marathi, its Sources and Development 1915”

ناول: چندر گپت، مئسوُر چا واگهه، اُشا ڪال، سوريوديه، سوريه گرهڻ، گڊ آلا پڻ سنهه گيلا، وغيره يارهن اتهاسڪ ناول؛ پڻ لڪشانت ڪوڻ گهيتو[2]، مي، يشونتراو کري، گڻپتراو، مايي چا بازار، وغيره ڏهه سماجڪ ناول.

 

2_ وٺل سيتارام گرجر

جنم: 1887؛ مؤت: 1962: ڌنڌو: لکڻ، رهڻ جو هنڌ: ڪشيلي (ضلع رتناگري)

ڪهاڻيون: ”منورنجن“، ”نويگ“، ”وهار“ وغيره.

مخزنن ۾ 700 کان مٿي ڪهاڻيون.

ڪهاڻين جو مجموعو: ”دراڪشانچي ڌَوس“ 1936 (11 ڪهاڻيون)

موُل بنگاليءَ مان ترجمو ڪيل ناول، ناٽڪ وغيره.

 

3_ دواڪر ڪرشڻ

سڄو نالو: دواڪر ڪرشڻ ڪياڪر، ايم. اي، ايل ايل بي؛ جنم: 1902؛ ڌنڌو: وڪالت، رهڻ جو هنڌ: حيدرآباد، ڇپيل ڪتاب : ڪهاڻين جا مجموعا (1) سماڌي ۽ ٻيون ڇهه ڪهاڻيون، 1927؛ (2) روُپ گَروِتا 1941؛ (3) مهاراڻي 1956؛ ٻه ناول ۽ هڪ ناٽڪ.

ساهت لاءِ سنمان: پرڌان، مراٺي ساهتيه سميلن، بمبئي 1952؛ پرڌان، مراٺواڙا ساهتيه سميلن، لاتوُر.

 

4_ وشڻو سکارام کانڊيڪر

جنم: 1898؛ ڌنڌو؛ لکڻ، رهڻ جو هنڌ؛ ڪولهاپور. ڪهاڻين جا مجموعا: (1) اوُن پائوس 1934 (2) جيون ڪلا 1934 (3) دٿڪ ۽ ٻيون ڪهاڻيون ‎ 1934 (4) دنويندو 1937 (5) نو چندرڪا 1937 (6) نوملڪا 1929 (7) وديت پرڪاش 1937 (8) وَن ڀوجن 1937 (9) اَبولي 1938 (10) اَشروُ آڻي هاسيه (11) اج چين سوپنين 1944 (12) ڪلچرڊ موتين 1942 (13) ڪال چين سوپنين (14) گهٽيا باهير 1941 (15) چنديري سوپنين 1947 (16) نوا پراتهه ڪال 1939 (17) پهلي لاٽ 1944 (18) پهليا وَهليا 1944 (19) پوُجن 1938 (20) ڦلين آڻي دگڙ 1938 (21) سماڌي وَرلي ڦلين 1939 (22) سوريه ڪملين 1941 (23) سانج وات 1948 (24) سونيري سانوليا 1946 (25) استري آڻي پرش 1944 (26) هستاچا پائوس 1949 (27) پاڪليا 1939 (28) ڪلڪا 1943 (29) مرگ جلانتيل ڪليا 1944 (30) وينچليلين ڦلين 1948 (31) سوَرڻ ڪڻ 1944.

ناول: ڪانچن مرگ، دون ڌرو، اُلڪا، ڪرؤنچ وڌ، يياتي[3]وغيره (يياتي ناول تي 1960 ۾ ساهت اَڪاڊميءَ جو انعام)

انيڪ ڪهاڻين جي مجموعن جا ڇيد - ڀريل مهاڳ ۽ تنقيدي ڪتاب.

پرڌان، مراٺي ساهتيه سميلن 1941.

سندس اَنيڪ ڪتاب بينگالي، هندي، گجراتي، ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن.

 

5_ نارايڻ سيتارام ڦڙڪي

تعليم: ايم. اي؛ جنم: 1894؛ ڌنڌو: پروفيسر ۽ ليکڪ؛ رهڻ جو هنڌ : پونو.

ڪهاڻيون: پروفيسر ڦڙڪي يانچيا گوشٽي - ڀاڱو پهريون 1934 (2) پروفيسر ڦڙڪي يانچيا گوشٽي - ڀاڱو ٻيون 1937 (3) لولا آڻي اِتر گوشٽي (4) اُلهاس ڪٿا (5) وَتسلا آڻي اِتر گوشٽي (6) چندرا آڻي اِتر گوشٽي (8) لوڊڪي لڪشمي اَڻي اِتر گوشٽي (8) مهاجها ديش آڻي اِتر گوشٽي (9) جوا چين مئتر (10) پريتي - پش (11) اِڀينگ سنان (12) ڪشور ڪٿا (13) سوبت (14) اُنهه آڻي سونوَليا (15) اُسني مٺائي (16) مٺي (17) عطر آڻي گلاب (18) بهار(19) ڪوڻا چي هه شيجار (20) راهلين تين گنگا جل (21) لوينڊر (22) بوگن ويلي چين ڦلين (23) پريم پهاوين ڪروُن.

ٻاويهه تنقيدي، اَدب جي باري ۾ مقالا، ڪهاڻيءَ جي فن جي باري ۾ لکيل ڪتاب - ’پرتڀا ساڌن‘ ’لگهوُ ڪٿا منتر آڻي تنتر‘، اَٺ ناٽڪ، يارهن اَدب لطيف جا ڪتاب، ست جيون ساکيون، پنج تقريرن جا مجموعا، هڪ شعرن جو ڪتاب ۽ پندرهن انگريزي ڪتاب.

پرڌان، مراٺي ساهتيه سميلن 1934، 1960 ۾ پدم ڀوشڻ پدوي.

مکيه ناول: ’دؤلت‘، ’اَٽڪي پار‘، ’ڪلنڪ سوڀا‘، ’آشا‘، ’شاڪنتل‘، ’اَکير چين بنڊ‘ وغيره چوونجاهه ناول. ناتڪ: ’يگانتر‘، ’سنجيون‘.

سوانح عمري: ’دادا ڀائي نؤروجي‘، ’ٽيرينس مئڪسوني‘ ’لوڪمانيه تلڪ’، ’مهاتما گانڌي‘.

 

6_ کنڊيراو ساولارام دؤنڊڪر

جنم 1904؛ مؤت: 1960؛ تعليم : ايم. اي. ايل ايل بي، ڌنڌو: وڪالت، بمبئي.

ڪهاڻين جا ڳٽڪا: ’موتيان چين ڪڙين‘ 1934، ’موتيان چين ڪڙين‘ ڇاپو ٻيون 1961. (شري و. س. کانڊيڪر جي مهاڳ سميت)

7_ لڪشمڻراو سرديسائي

جنم: 1904؛ ڌنڌو: نؤڪري، آڪاشواڻي، نئين دهلي ڪهاڻي سنگرهه: ”ڪلپ ورڪشانچيا ڇاڀينت“ 1934، ”وادلانتيل نؤڪا“ 1936، ”ساگراچيا لاٽا“ 1935، ”موهور“ 1952، ”لڪشمڻ ريسا“ 1957، ”ڍاسلليلي برُج“ 1950، ”سنسارانتيل اَمرت“ 1951.

”موهور“ڪهاڻيءَ تي انتراشٽري اِنعام.

 

8_ ڪمار رگهوير

سڄو نالو: رگهناٿ جناردن سامنت؛ تعليم: بي. اي، بي. ٽي، جنم : 1909؛ ڌنڌو: پرنسپال ۽ پرڪاشڪ. رهڻ جو هنڌ: بمبئي.

ڇپيل ڪتاب: ڪهاڻيون ۽ خاڪا- ”هرديه“ ”والوُنتيل پائلين“، ”تانڊا“، ”رجهه ڪڻ“، ”جوَنت جهري“، ماسلي وائيڪ پراڻي“، ”مرگ جلانتيل وادل“.

ٽي ڪهاڻين جا مجموعا، چار ناول، ٻال - ساهت، ٽي ڪوٽا - سنگرهه، ناٽڪ جي فن، تنقيدي ۽ منووگيان تي ليکن جا ترجما، وغيره مختلف موضوعن تي ڪتاب.

سمپادڪ : ’پاري جات‘، ’جيوتي‘  ٻارن لاءِ ’گيان ڪوش‘

 

9_ ڪرشڻابائي

سڄو نالو: شريمتي مڪتابائي دڪشت: تعليم: ايم اي. بي. ٽي؛ جنم : 1901، ڌنڌو پاڙهڻ.

ڇپيل ڪتاب : ڪهاڻيون - ”مانس لهري“ 1933، ”اَني رڌ پرواهه“ 1939، ٻه ناٽڪ، هڪ سوانح عمري، 1939 سال لاءِ بهترين ڪتاب لاءِ ’ترکنڊڪر‘ اِنعام.

10_ ڀارگورام وٺل وريرڪر (ماما ورڪر)

جنم: 1883؛ ڌنڌو: ناٽڪ نويس ۽ ليکڪ، ايم. پي. ڪهاڻي جا ڳٽڪا: ”شوڊشي“ 1936، ”سوَئر سنچار“ 1932، ”ايڪادشي“ 1944، ”وَئمانڪ حلا“ 1938، ”ستيچا غلام“، ”هاچ مُلا چا باپ“، ”سونيا چا ڪلس“، ”گودوُ گوکلي“، ”ويڻوُ ويلڻڪر“، ”مي - رام جوشي“، ”ڦاٽڪي واڪل“ وغيره ناٽڪ، شرت چندر چئٽرجي جي ناولن جا ترجما.

ڪل ڪتاب هڪ سئو سٺ کان به وڌيڪ سڀاپتي، مهاراشٽر ساهتيه سميلن، 1944.

سڀاپتي، مراٺي ناٽيه - سميلن، 1938.

ميمبر، ساهتيه اَڪادمي، ناٽيه اَڪادمي.

’پدم و ڀوُشڻ‘ پدوي.

سندس ڪتاب گجراتي، هندي، مليالم ۾ ترجمو ٿيا آهن.

 

11_ وشڻوُ ونايڪ بوڪيل

تعليم: بي. اي، بي . ٽي؛ ڌنڌو: ماستري: جنم: 1907، رهڻ جو هنڌ : پونو.

ڇپيل ڪتاب: ڪهاڻين جا مجموعا: ”گاران چا وَرشاو“ 1930، ”وَلوا چا پائوُس“ 1931، ”اُلڪا پات“ 1932، ”بوڪيلانچيا گوشٽي“ 1932، ”عطراچي دِوي“ 1942، ”جل ڌارا“ 1940، ”والوُچين گهڙيال“ 1945، ”مانڊوا وآريل ويلي“ 1945، ”وَسنت“ 1947، ”ڀائوُ - ڀائوُ“ 1948، ”ڪنتي چا گهاس“ 1950، ”آئي ملا دُوڌ هوينيه“ 1951، ”لاکين چي گهر“ 1951، ”مينا“ 1952، ”موٺي مينا“ 1955، ”ديوالسڻ“ 1956،  ”اَمرت ڪڻ“ 1941، ”گارا آڻي وارا“ 1945، ”بالوُچي پريا“ 1949، ”نوَڊڪ وَسنت“ 1955، ”سئو چيا پادڪا“ 1956، ”رسوي آڻي ڦگوي“ 1957، ”ايڪ هوتا نورا“ 1958، ”تر هيوائيڪ بائڪو“ 1961، ”آمچين آيڌين آمچين راجيه“ 1957، ”شهنشاهه“ 1961، ”اَوگهاچي سنسار“ 1959، ”نوا زمانا“ 1959، ”ٿور تجهي اُپڪار“ 1960؛

ازانسواءِ ئي ڪتاب زير - اِشاعت آهن. ڪل 42 ناول 6 ناٽڪ، 9 چتر ڪٿائون.

12_ وڀاوري شروُرڪر

اَصل نالو: مالتي بائي بيڊيڪر. پي. اي؛ پرنسپال ۽ سماج - سيڪا؛ جنم : 1905، رهڻ جو هنڌ پونو، ڇپيل ڪتاب: (1) ”ڪليان چي نهشواس“ 1933، (2) ”دوگهانچي سَوپن“ 1957.

پنج ناول، ٽي ليک - سنگرهه، پنج اَنواد ڪيل ڪتاب، ٽي ناول. ’بلي‘ ناول تي مهاراشٽر سرڪار جو اِنعام ’پارڌ‘ ناٽڪ تي، راجيه - ناٽيه - مهااُتسو ۾ اِنعام.

13_ چنتامڻ ونايڪ جوشي

تعليم: ايم. اي، ڌنڌو: پروفيسر؛ جنم 1892؛ رهڻ جو هنڌ پونو.

ڪهاڻين جا مجموعا: ”سنشيا چين جالين“ 1923، ”ايرنڊا چين گرهال“ 1929، ”چمڻ راوا چين چرهاٽ“ 1935، ”وايڦلا چا ملا“ 1938، ”آڻکي چمڻ راو“ 1940، ”لنڪا وَئڀو 1945، ”سولا آڻي“ 1942، ”هاپوُس پايري“ 1950، ”آمچا پڻ گانو“ 1952، ”رهاٽ گاڊگين“ 1954، ”چار دوَس سني چي“ 1955، ”آرسا“ 1961، ”چؤٿي چمڻ راو ”1957، ”ميش پاترين“ 1961، ”وَڊا چي شال پنپلا لا ”1955، ايش پوُرڻ 1962.

14_ يشونت گوپال جوشي

جنم: 1901؛ ڌنڌو: ليکڪ ۽ پرڪاشڪ؛ رهڻ جو هنڌ : پونو.

ڪهاڻي جا مجموعا: (1) ”تلسي پتر آڻي اِتر ڪٿا“ 1931 کان 1937 (2) ”پنر ڀيٽ“ ڀاڱو 1 کان 7 (9) ”شيو گيا چيا شينگا“ 1953، (10) وَهني چيا بانگڙيا 1953، (11) ”شپاري“ (12) ”دڌا چي گهاگر“ 1955.

اَزانسواءِ ناٽڪ، غير دستوُري ملاقاتون وغيره.

15_ گجانن لڪشمڻ ٺوڪل

تعليم: بي. اي، بي ٽي، جنم ؛ 1909؛ ڌنڌو پرڪاشڪ؛ رهڻ جو هنڌ پونو.

ڪهاڻين جا مجموعا: ”ڪڊوُ ساکر“ 1941، ”پهلين چنبن“ 1947، ”سڳنڌ“ 1944، ”موتيان چا چارا“ 1948، ”ٺوڪل گوشٽي“ ڀاڱو 1، 1959، ”ٺوڪل گوشٽي“ ڀاڱو 2، 1960. اَزانسواءِ هڪ ناٽڪ، ٻه ناول، هڪ ڪوتا - سنگرهه، لوڪ گيتن جو سمپادن.


[1]  مرهٽي ۾ هڪ چوڻي آهي ته راجا پور وٽ گنگا ڪڏهين به کٽندي ڪانه آهي، سدائين پيئي وهندي آهي. - اَنوادڪ

[2]  ساهت اَڪاڊمي طرفان ”پر ڌيان ڪير ٿو ڏئي“ نالي سنڌيءَ ۾ ڇپيل. - اَنوادڪ

[3]  ’يياتي‘ ناول تي ’گيان پيٺ‘ اِنعام به مليو هئس، اَنوادڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com