دل ۾ پيدا ٿيل پريم جي پوتر جوت ڪڏهين به وسامي
ڪانه سگهندي، اِئين پريم ۾ اَنڌي ٿي مان چئي ڪانه
سگهنديس، پر گڏوگڏ اِهو به وساري ڪونه سگهبو ته
اُها جوت جنهن جڳائي، اُهو ئي اَگر ڦوڪ ڏيندو ته
وسامندي آهي يا پنهنجي من اَندر دونهين سبب جمع
ٿيل ڪارنهن وڌندي آهي، ته جوت وسامندي آهي، اَرڻ
منهنجي من ۾ جوت جڳائي. هو لاپرواهي، غصو، نفرت
ٿوروئي ڪري ها، ته اُها جوت وسامي وڃي ها يا
منهنجي من جي مخالف راءِ سبب اُها وسامي سگهي ها،
پر اَهڙو ڪجهه به ڪونه هئو. اهڙيءَ حالت ۾، اِها
جوت جنهن جي دل ۾ جلندي آهي، اُها خود هن لاءِ
وسائڻ مشڪل ئي نه، ناممڪن هوندي آهي، تيل، وَٽ ختم
ٿيڻ تي ڏيئو وسامندو آهي، جيون - رس سماپت ٿيڻ تي،
هيءَ جوت وسامندي آهي. ڏيئي جي جوت وسامڻ وقت، وڏي
هوندي آهي. جيئن جيئن جيون رس چوُسجندو ويندو آهي،
تيئن تيئن جوت وڌيڪ وڌيڪ ڀڙڪندي آهي، اُها وسامڻ
لڳندي آهي ته سموري سرير ۾ آگ ڦهلجي ويندي آهي،
اهڙي آهي هيءَ پريم جي جوت! وڏن وڏن ماڻهن کي به
اِن اَڳيان مٿو ٽيڪڻو پيو آهي، نيپولين جهڙي، سڄي
دنيا کي ٿر ٿر ڪنبائيندڙ تيجسوي پرش به اِن اڳيان
آڻ مڃي! هن تي اِهو ’ڪلنڪ‘ لڳي ئي ويو! پر اِهي
پريم جا گيت ڪنهن کي وڻندا؟ اهڙي پريم سبب ئي شادي
ڪريان ها، ته به دنيا اُن پريم جو مذاق ئي اڏائي
ها؛ اِن کي واسنائي سمجهن ها. ”پڙهيل ڳڙهيل
ڇوڪريءَ جي واسنا!“ اِئين ڍنڍورو گهمائن ها. جي
اِها واسنا آهي ته هر شادي هڪ واسنا آهي؛ ۽ جيسين
دنيا ۾ شادي ٿيندي رهندي، تيسين اُها واسنا پوري
ڪرڻ لاءِ ئي ٿيندي رهندي، پوءِ مون تي ئي ڇو ٿا
ٺڪر ڀڃن؟ پر ماڻهن جي منهن کي پٽي ڪير ٻڌندو؟
جڏهين هڪ گمراه عورت کي ماڻهو پٿر هڻي رهيا هئا،
تڏهين ڪرست چيو، ته جنهن کي پاپ ڇهيو به نه هجي،
اُهو ڀلي هن عورت کي ماري، ان وڏي شاهي ميڙ مان
ڪنهن کي به پٿر کڻي ان عورت کي مارڻ جي همٿ ڪانه
ٿي. يسوع مسيح جي زماني کان اَڄوڪي زماني ۾ اخلاقي
ترقي زياده ٿي آهي؛ ۽ اِنڪري زمانو هروڀرو ڪنهن تي
به ٺڪر ڀڃي، اِها حقيقت آهي ڇا؟ ۽ هيءُ پاپي زمانو
ته هميشه لاءِ قائم آهي. پوءِ ڇو مان زماني جي
پرواه ڪريان؟ ٿورين گهڻين اوڻاين سان ڀرپور زمانو،
پنهنجي پير هيٺان ڇا پيو جلي، اُهو نه ڏسي، ڏوهي
بي ڏوهي ماڻهن کي پنهنجي ٽيڪا ٽپڻيءَ جو شڪار
بڻائيندو وتي! اُن کي پڇڻ وارو ڪير آهي؟ اُن زماني
ئي پنهنجي اَجهل زبان سان منهنجيءَ زندگيءَ کي
خوفناڪ موڙ ڏنو! پر اِها منهنجي ئي اَحسان فراموشي
ناهي؟ جيترو لڳي ٿو، زمانو دراَصل ايترو بي رحم
آهي ڇا؟ نه. پاڻ اُهو ڏاڍو فراخ دل آهي، ڪنهن جي
حماقت تي سخت نڪته چيني ڪندو ته ڪنهن جي سياڻپ
لاءِ ساراهه جا گل به وَسائيندو آهي.
ماڻهن جي افواه تي لڳي، ههڙي حال تي پهچڻ واري مان
ئي مورک ۽ ڪمزور من واري آهيان، پر هتان پٺيان
ڪيئن ڦران؟ پٺيان ڦرڻ لاءِ ئي ته مان ۽ اَرڻ هڪٻئي
کان دور ٿياسين؟ پر من دور نٿا ٿين. دور ٿيڻ تي
اُهي پاڻ وڌيڪ نزديڪ ٿا اچن. جنهن ڀوُت ڀر ڊڄندي
هجان، اُن کي ئي خؤف وچان ڀاڪر پايان. اهڙي منهنجي
حالت ٿي چڪي هئي. منهنجي من جو خؤف، منهنجي
زندگيءَ جو خوف، سڌا جي زندگيءَ جو خؤف، آرڻ جي
زندگيءَ جو خؤف، زماني جو خؤف، هر طرف کان ڊنل،
مان جنهن کي گلي نه لڳائڻ کپي. يعني ته اَرڻ کي
ئي، گلي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هيس.
سڌا جي سک جو پيالو ڇڪي وٺان ڇا؟ پنهنجي ڪاڻ،
ماڻهن جي لفظن جا ٻاڻ، اَرڻ کي سهن ڪرايان ڇا؟
اَرڻ! توسان منهنجو ڪيترو نه پريم آهي! اِهو ماڻهن
جي اُفواه ئي ڀل ته پيدا ڪيو هجي، پر ان ۾ ساهه
مون ڦوڪيو آهي. منهنجي رت جو هر هڪ ڦڙو اَرڻ جي آس
۾ ئي سڄي سرير ۾ ڊوڙي پيو، اَرڻ! پنهنجي پاڳل من
ڪاڻ، توکي آهيءَ ۾ اڙايان ڇا؟ پنهنجي مورک من
لاءِ، توکي دنيا جي بدناموسيءَ جي سوليءَ تي
چڙهايان ڇا؟ ڇا اِهوئي آهي منهنجو پريم؟ اِهو
سوارٿ ته ڪونهي؟ ۽ سڌا؟ بانوري ڇوڪري! تون ته
منهنجي ڀيڻ آهين! تنهنجي اَلهڙ بانوري جيون مان
آتما ڪڍي، اُن تي ٽانڊا رکان ڇا؟
اَرڻ ! توسان مون کي پريم آهي، سڌا! توسان به مون
کي پيار آهي، توهان ٻنهي جو به مون سان آهي، پر،
سڌا! تون منهنجو رول اَدا ڪندينءَ؟ منهنجي من کي
ٽڪر ٽڪر ٿيل ڏسي، توکي مون تي ديا ايندي ڇا؟ جيڪي
مون کي نه ڪرڻ کپي، اَگر اُهو مون ڪيو، ته توکي
منهنجي دوستي ۽ پريم هڪ پاکنڊ لڳندو، نه؟ توکي
ويجهو ويهاري، پنهنجي دل چيري ڏيکارينديس، ته به
توکي منهنجي دل جي سچائي سمجهه ۾ ڪانه ايندي، جهڙي
نازڪ گل کي باهه جي ڀنڀٽ ۾ ڪانه اُڇلينديس! اَرڻ،
سڌا ۽ پنهنجي دنيوي جس لاءِ، مان تياڳ ئي ڪنديس.
سڀني تياڳن ۾ مون کي اِهو تياڳ ئي سريشٽ ٿو لڳي.
ڇو ته پريم، زندگيءَ جي ديپڪ جو تيل ۽ وٽ ئي آهي،
پنهنجي زندگيءَ جو ديپڪ وسائڻ ڪاڻ، مون اُن جو
تياڳ ڪيو ته؟ اُهو ايشور جي درٻار ۾ قبول ڪونه
پوندو ڇا؟
تياڳ! تياڳ جي ٻولي ٻولڻ ۾ ڪيتري نه سولي ۽ مٺي
آهي! پر من جي اِڇا جي برخلاف تياڳ ڪرڻ ڪيترو نه
مشڪل آهي، اِهو هرڪو ڄاڻي ڪونه سگهندو، اَکين
اَڳيان طعامن سان ڀريل ٿالهي رکيل هجي ۽ پيٽ ۾ اَن
جو داڻو به نه هجي، اُن وقت جيءُ ڪيئن وياڪل ٿيندو
آهي؟ اَهڙيءَ حالت ۾، اُنهن طعامن ڏانهن سرسري نظر
به نه اُڇلڻ تي جيڪا ويدنا ٿيندي آهي، اُن جي ڪل
جنهن کي لڳي هوندي، تنهن کي ئي پئي سگهندي، جنهن
پيٽ ڀري کاڌو هجي يا بدهاضمي ڪري جنهن جي کاڌي
لاءِ هڪ ئي ڀڄي پيئي هجي، اُهو ماڻهو، اَن تياڳڻ
جي ٻولي ٻولي ته سندس چوڻ ۾ ڪهڙو لطف ايندو؟
منهنجو من بکايل آهي. طعامن سان ڀريل ٿالهي، اُن
اَڳيان رکيل آهي، اَهڙيءَ حالت ۾، مان اُها پري
ڪري اَڳتي وڌي وڃان. اِهو چوندڙن کي منهنجي بيچين
پراڻن جي ڪهڙي ڄاڻ پئجي سگهندي؟ هي ڀڳوان! اَرڻ
کانسواءِ مون دل سان ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو وَر
ڪونه مڃيو آهي. منهنجي اِن وفاداريءَ لاءِ تون مون
کي ڪهڙو ڦل ڏيندين؟
مانسڪ پيڙا! پر اُها غائب ڪيئن ٿيندي؟ اَرڻ کي
پنهنجي ويجهو آڻينديس ته سڌا جي ڪري مانسڪ پيڙا
ٿينديم. اَرڻ کان دور وينديس ته به جيءُ پيو
تڙڦندو! سڌا وقت پئي مون کي سمجهي سگهندي ڇا؟ ۽
پوءِ اَسان ٻئي هڪ ئي پريم جا حصيدار ڪانه
ٿنديوسين ڇا؟ پر اَرڻ جو مون لاءِ پيار، ماڻهن جي
زهريلي ٽيڪا ٽپڻيءَ ۾ جلي خاڪ ته ڪونه ٿي ويو
هوندو نه؟ پريم جي پهرين سنجها جي مٺڙي آزمودي
پائڻ تي، اَهڙي زماني جي ڪوڙائڻ وشواس لوڏي ته نه
ڇڏيندي نه؟ نه. مون کي جواب ئي نٿو سجهي. خؤف ٿو
ٿئي. سنتوش جو ته خيال ئي نٿي آيو. ۽ وک اَڳيان
وڌي ئي نٿي. رهڻ ڏيو. تن ۽ من جا ڌاڳا ٽٽڻ تائين
مون کي سوچڻ ڏيو. ڇو ته شادي هڪ ڀيرو ڪرڻ بعد واپس
وَرڻ ممڪن نه ٿيندو. هڪ دفعو سکي زندگيءَ ۾ ملايل
زهر، اَلڳ ڪڍي ڪونه سگهبو آهي. اي زماني جا
اُفواه! منهنجي ڪمزور من کي ڪيترا نه عذاب ڏنا
اَٿيئي!
13
چن. و جوشي
خوشامند ڪرڻ ۾ ناني
”ناني! ڪالهه بارامتيءَ ۾ کنڊ جو سؤدو ڪرڻ ويو
هوس، اُتي جي هڪ ويسيءَ ۾ ماني کاڌم، پر چانور
اَهڙا ته سخت ۽ سڪل ۽ کٽي دال اَهڙي ته گرم هئي جو
اَکين مان پاڻيءَ جون ڌارائون وهڻ لڳيون، تڏهين
سوچيم ته نانيءَ جي هٿ جي کٽي دال کائڻ لاءِ ملي
ته سڄي ڄمار ويسيءَ جي روٽي جيڪر هلي!“ چني ڀائي
کٽي دال جي سرڪي ڀريندي چيو.
”واه! منهنجي کٽي دال ايتري ٿي وَڻيوَ ڇا، سيٺ
جي؟“ عجب وچان ’نانيءَ‘ چيو.
”بلڪل! مون کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ وٺي وڃن ۽ اِهو پڇن
ته منهنجي آخرين خواهش ڪهڙي آهي، ته ”ڀيما نانيءَ
جي هٿ جي کٽي دال جي وَٽي پهرين پي ٿو وٺان، پوءِ
ڀل مون کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو“ اِئين مان چوندوسان!“
سيٺ چني لال، ڀيما - نانيءَ کي خوش ڪندي چيو.
”نانيءَ هيءُ ته تنهنجي اَجائي خوشامد ڪري، توکي
ريجهائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هيءُ گجراتي ماڻهو مٺو
مٺو ڳالهائي، ٻئي کي خوش ڪرڻ ۾ اَصل اُستاد هوندا
آهن، توهان کي خوش ڪري، گيهه وڌيڪ ڇڏائڻ ٿو چاهي،
شايد!“ ششي ڪانت گپتي چيو.
سيٺ چني لال جي اَٽڪلبازي ڪامياب ٿي. نانيءَ کيس
چمچو کن گيهه وڌيڪ ڏنو، پر هن جهڙي ڇوڪري جي
ساراهه کن لاءِ چت چريو ڪري ڇڏيو، اِهو ڪجهه خراب
لڳس. اِنڪري پنهنجي حمايت پاڻ ڪندي چيائين،
”خوشامد تي ڪير نٿو ڀنڀلجي؟ ساکيات ايشور به،
پنهنجي چوڌاري، ڏيئن جي آرتي ڪرائڻ لاءِ بيچين
هوندو آهي ۽ ويچاري کي اِهو به سمجهه ۾ ڪونه ايندو
آهي ته ساراهه ڪهڙي آهي ۽ نندا ڪهڙي! تنهنجي گلي ۾
”مڪتا ڦلن“ جو هار آهي، تنهنجي پاسي ۾ تنهنجي زال
بيٺي آهي، تنهنجو هڪ ڏند ڀڳل آهي، اِئين چئبو ته
به کيس اِئين لڳندو ته سندس ساراهه پيئي ٿئي، ڄڻ
ته ’مرچڇڪٽڪ!‘ناٽڪ جو شڪار
آهي!“
”نانيءَ جي ڳالهه تان مون کي ياد ٿي اچي اها آرتي
جيڪا مهنجي ٻارن منهنجي لاءِ ڳائي هئي.“ ناڊ ڪرڻي
چيو.
”ٻارن پيءُ جي آرتي اُتاري؟“ مون عجب وچان پڇيو.
”اِن ۾ ڪهڙو هرج آهي، ايشور - پتا جا اَسين سڀ ڄڻا
ٻار ئي ته آهيون؛ پوءِ جي اَسان ايشور جي آرتي
اُتاريون ٿا ته اُها هلي ٿي سگهي ته ناڊ ڪرڻي دادا
جي ٻارن جي پنهنجي پيءُ لاءِ ٺاهيل آرتي ڇو نه
هلي؟“ دٻ ڪڍندي نانيءَ چيو ۽ اُها آرتي چئي ٻڌائڻ
لاءِ ناڊ ڪرڻي کي زور ڀريائين. هن، آرتي ياد
ڪانهي، آرتي بلڪل ٻاراڻي آهي وغيره سبب ڏنا؛ پر
نيٺ سڀني جي زور ڀرڻ تي آڻ مڃي اُها آرتي چئي
ٻڌايائين.
بابا جي آرتي
جئه بابا جئه بابا جئه جنم داتا
آرتي، اُتاري ٻالڪ تنهنجو ’شانتيا‘!
پڳڙي آباشاهي
جرڪي مٿي
تي،
يا ٽوپلو فيلٽ جو پيو ٿيو سوُنهي،
سلڪ جي رنگين ٽاءِ گلي ۾،
پيرن ۾ نئين بوٽ جي جوڙي سوُنهي، جئه بابا.....
اَک ڏائي ڪاڻي ڍڪي چشمو ڪارو
وري وري ٺاهيو ڪالر پيارو،
وات مان نرڪي ٿو دونهين جو بادل
هلندي، پيٽ ڪري ٿو هلچل! جئه بابا.....
ديا، کميا اُن پيٽ ۾ وسي ٿي،
پليٽ ڀڳل اَڄ هڻو نه ڪائي،
’ڪئرم‘ جي آڻي ڏيو سهڻي راند،
چرڻن ۾ ’شانتيا‘ پائي ٿو پاند! جئه بابا.....
اِن آرتيءَ سان ’شانتيا‘ ناڊ ڪرڻيءَ جي منو ڪامنا
ته پوري ڪانه ٿي، پر پڻهس اهڙي مار ڏنس، جهڙي اُٺ
کائي پتڻ تي، گڻپتي - اتسو ۾، اِڇائون - ڪامنائون
پوريون ڪرائڻ ڪاڻ، ڀڳت جنهن ريت لفظ جا گل چاڙهي،
پرارٿنا ڪندا آهن، ساڳي زمين ، لفظن جا گل پيءُ
مٿان چاڙهڻ سان، پيءُ کي پرسن ٿيڻ ئي کپندو هئو.
پر اُٽلندو کيس مار ملي، اِهو ڏسي ويچارو ’شانتيا‘
وڏن ماڻهن جي اَڻ - ڪٿ من تي اَچرج کائيندي، شانت
ٿي ويو. مٿي تي مڪٽ، گلي ۾ مالها، بدن ۾ وڏ، زال
جو مڄوُ وغيره ورڻن ڪري گڻپتي يا ٻين ديوتائن جي
آراڌنا ڪرڻ سان اُهي پرسن نه ٿين ته ٿي سگهي ٿو
سنڊ سان، بابا جيان مار ڏين. اِن ڊپ وچان ’شانتيا‘
گهٻرائجي ويو ۽ آرتي ڳائڻ وقت، ”گڻيش سوامي! مان
اِئين نٿو چوان، مان توکي ’وڪرتنڊ‘
نٿو سڏيان.“ اِئين ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو، ڇا اَسان جا
ديوتائون، ايترا چريا آهن، جو آرتيءَ ۾ ڪيل بي
معنى بيانن تي ڀنڀلجي ويندا؟
مٿئين نموني اَسان گپ شپ هڻي رهيا هئاسين ته ايتري
۾ شريمان گوکلي ماستر جي سواري، گهر ۾ ڪا تڪليف
هئڻ سبب، ويسيءَ جو سهارو وٺڻ لاءِ، پڌاري ۽ ڪوٽ -
ٽوپي لاهي رکي، پٽيءَ تي پراجمان ٿي.
ناني، ماستر کي ڏيڻ لاءِ چانور کڻي آئي، تڏهن هن
ڏانهن ڏسندي ماستر چيو، ”ڪاڪي!...“ نانيءَ کيس
تاڪيد ڪندي چيو ته هوُ کيس ’ڪاڪي‘ بدران ’ناني‘
ڪري سڏي.
”واه! توهان کي ناني ڪيئن سڏيان؟ عمر جي لحاظ کان
ڪو توهان ايتريون وڏيون نٿيون لڳو.... چهري مان ته
....“ گوکلي ماستر جو جملو، نانيءَ جي ڦٽي ڪيل
ويلڻ جي ڌڪ لڳڻ سان، اَڌ ۾ ئي رهجي ويو ۽ نانيءَ
گرجندي چيو، ”ماستر! ڳالهايو ڪنهن سان ٿا؟ هيءُ
ڀيما نانيءَ جي ويسي آهي، ڪا اَگني هوتري جي
پاٺشالا يا شواجي - مندر ڪونهي، جتي جيئن وڻيو
تيئن بڪ بڪ ڪري سگهو ٿا! چوي ڇا ٿو، توهان عمر جي
لحاظ کان ايڏيون وڏيون نٿيون لڳو! مان عمر ۾
تنهنجي ماءُ جيتري آهيان ۽ منهنجيءَ عمر تي بحث ٿو
ڪرين، مئا!“
”ويسيءَ جي زالن ڏانهن ڏسندي گهڻا ئي ماڻهو هڪ ئي
نڪته نظر کان ڏسندا آهن، ۽ اُهو هوندو
آهي،نيچپائيءَ جو، ۽ ٻيا ڄڻا، ويسيءَ وارين ماين
جا نالا وٺڻ لڳندا آهن ته هنن گڏهن کي اِئين لڳندو
آهي ته هنن جي نظر به سندن نظر وانگر بدگمان آهي.“
ششي ڪانت گپتي، گوکلي ماستر ڏانهن ڏسندي، رائزني
ڪندي چيو.
پنهنجي پاڳلپڻي جي طرفداري ڪندي، ماستر چيو،
”ولائت جي زالن کي، اَگر ڪوئي چوندو آهي ته توهان
عمر جي لحاظ کان ڪافي ننڍا پيا لڳو، ته اِهو
خوشامد جو هڪ هوشيار نمونو ليکيو ويندو آهي. هڪ
چاليهن سالن جي عورت، پنهنجي ڏهن سالن جي ننڍڙي
ڌيءُ سان گڏ، دروازي تي بيٺل ڏسي، هڪ پينوءَ چيو،
”مائي روٽي ڏي. گذريل ڏهن سالن کان، جڏهين توهان
پنهنجيءَ هن پٽ جي ڀيڻ جيتريون هئا، تڏهين کان هن
گهر مان روٽي ملندي پيئي اَٿم.“ مائي ڏاڍو خوش ٿي
ويئي! هن کي لڳو ته هوءَ بلڪل نوجوان پيئي ڏسڻ ۾
اَچي، اِئين اُهو پينو چئي رهيو آهي!“
نانيءَ چيو، ”اَڇا! ولائت ۾ زالن کي سندن عمرگهٽ
ٻڌائي، خوش ڪيو ويندو هوندو، پر اِها اٽڪل بازي
هندستان ۾ ڪانه هلندي، باقي مالڪڻ کي خوش ڪري، اَن
کسڻ جي اٽڪل بازي، هتي به گهڻائي فقير آزمائيندا
آهن! منهنجي ٽين نهن کي چڱيءَ طرح رڌڻ پچائڻ ڪونه
ايندو هئو. چانور جهڙا ميڻ ۽ ماني بنهه ڪوئلو ڪري
ڇڏيندي هئي. ڀڳونت راوَکي...“
”ڀگونت راو ڪير؟“ اَڄ پهريون دفعو ويسي ۾ آيل
ماستر پڇيو.
”ڀڳونتراوَ منهنجو پٽ هئو. هو ’معاملا تدار‘ هئو.
اَڳتي هلي، نؤڪريءَ کي لت هنيائين. سندس ٽينءَ زال
کي رڌڻ پچائڻ اَصل ڪونه ايندو هئو. جڏهين هوُ هڪ
ڳوٺ ۾ ٿورن ڏينهن لاءِ اچي لٿا هئا، تڏهين هڪ
فقير، ساندهه اَٺ ڏينهن ”مائي! تنهنجي هٿ جي ماني
ڏاڍي مٺي ٿي لڳي“ اِئين چئي، کانئس ماني گهري
وٺندو هئو. جڏهين ’معاملاتدار‘ صاحب جو اُتي ڪم
پورو ٿيو ۽ اُتان هلڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو، تڏهين
اُهو فقير، منهنجي اُن نهن ٻائيءَ کان ڪا ڦاٽل
قميص گهرڻ لڳو، کيس نهن ٻائيءَ چيو، ”مئا اَٺ
ڏينهن، هر روز سڄي سڄي ماني ڏيندي هئي مانءِ،
اِنڪري هاڻ ڏاٺ هري ويئي اَٿيئي ڇا؟“ تڏهين مئو
فقير چوڻ لڳس، ”مائي! قميص جي آس رکي، ئي سڙيل
ماني اَٺ ڏينهن چٻاڙيندو رهيس، نه ته ته، ههڙي
ماني منهنجو ڪتو به نه چکي ها!“
”پاڻ ڪنهنجي خوشامد ڪرڻ وڃجي ۽ نتيجو اُلٽو ئي
نڪري، اَهڙي ڪار، هڪ دفعي مون سان ٿي،“ ششي ڪانت
گپتي چوڻ لڳو، ”هڪ شاهوڪار سيٺياڻيءَ جي پٽ جو
فوٽو ڪڍيو هئم. اُن فوٽي ڏانهن نهاريندي هن چيو،
”منهنجو پٽ اَصل هوبهوُ مون جهڙو پيو لڳي؛ نه گپتي
صاحب؟“ اُن سيٺياڻيءَ جهڙو ڏسڻ ۾ اَچڻ، ڪا
خوبصورتيءَ جي سفارش ڪانه هئي، اِنڪري مون سهج
سڀاويڪ جواب ڏنو، ”ڪائي حرڪت ناهي، سيٺياڻي صاحبه!
هينئر کڻي هوُ تو جهڙو ڏسڻ ۾ ٿو اَچي، ته به اَڳتي
هلي منجهس ڪافي ڦيرو ايندو. توهان اَصل نه
گهٻرايو!“
”واه، گپتي، واه، پوءِ ته اُها مائي خوب غصي ٿي
هوندي؟“ مون چيو.
”غصي به ايتري ٿي، جو پنهنجو هڪ دائمي گراهڪ وائي
ويٺس!“ گپتي چيو.
”اِها ڪار گهڻا ئي ڀيرا، منهنجي ڀڳونت راو سان ٿي
آهي.“ دروازي وٽ بيهي، ناني گنڀيرتا سان چوڻ لڳي.
”هڪ ڀيري ڊپٽي ڪليڪٽر سهسربڌي پنڍرپور ۾ ڊاٻو ڪيو.
اُن وقت ڀڳونت راوَ اُتي جو معاملاتدار هئو.
پنڍرپور ۾ ڪوبه ’آفيسر‘ ايندو هئو، ته هو پنهنجي
ڪٽنب سميت اَچي سهڙندو هئو. هونهن ’سهسربڌي‘
پنهنجي زال ۽ ٻارن سميت آيو هئو. ڀڳونت راوَ هڪ
واڻئيکي چئي، سندس بنگلو خالي ڪرائي، ’سهسربڌي‘ جي
رهڻ لاءِ بندوبست ڪيو. ’سهسربڌي‘ جي سفارش سان
ڀڳونت راوَ کي ’پروموشن‘ ملڻو هئو، اِنڪري
ڀڳوانتراوَ هر ممڪن خوشامد پئي ڪئي. صبح جي پهر ۾،
پيڙن - برفيءَ جي ٽوڪري کڻي، ڀڳونت راو ويو ڊپٽي
ڪليڪٽر وٽ بنگلي تي ملڻ. اُتي جڏهين خبر پيس ته
صاحب پوڄا پيو ڪري، تڏهين ورانڊي ۾ پيل پينگهي تي
ويهي، صاحب جو اِنتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ٽي
ٺاهوڪا، موهيندڙ ٻار اَندران ڊوڙندا آيا ۽ هن جي
ڀرسان اَچي ويٺا. ڀڳونت راو سندن نالا پڇيا، جيڪي
هنن ٻڌايا. مطلب ته ٻار ڏاڍا ڦڙت هئا. ڀڳونت راو
ٽوڪريءَ مان پيڙا ڪڍي، هر هڪ کي هڪ هڪ پيڙو ڏنو،
اِهو سڀ، ورانڊي ۾ ويٺل هڪ مون جهڙي مائيءَ، جنهن
دال - چانور پئي سوئيا، ڏٺو پئي. ۽ ٻارن جون
کيچلون ڏسي مرڪي به پئي.
”سهسربڌي پوڄا پوري ڪري ٻاهر آيو ۽ ورانڊي ۾ پيل
آرام ڪرسيءَ تي ويهي، ڀڳونت راو سان ڳالهائڻ لڳو،
اُهي شرير ٻار، ڀڳونت راو کان ٻيا به پيڙا گهرڻ
لڳا، ته سهسربڌي کين ڇڙٻڻ لڳو، پر چوندا آهن،
’ڏاڍي‘ جي گهر جي ڪتي کي به سڀ مان ڏيندا آهن‘.
سو، ڀڳونتراو چيو. ”وٺو، وٺو، صاحب! ننڍا ٻار آهن،
اِهو سڀ هلي، بار ڏاڍا وڻندڙ ۽ هوشيار آهن.“ اُنهن
ٽن ٻارن مان سڀني کان ننڍي ڀڳونت راو جي لڪڻ کي
بئٽ سمجهي ڦيرائڻ لڳو ۽ ننڍڙي ٻار کي چوڻ لڳو،
ٻانوُ! اِن پڳڙيءَ کي بال جيان ڦٽي ڪر، پاڻ ايم.
سي. سي جي مئچ ٿا ڪريون.“ ننڍڙي ’اِندي‘، ”سڪ سڪ
ڀولڙا، شرت! سڪ سڪ ڀولڙا. مان کان پيڙا ۽ تون کاءُ
جوتا،“ اِئين شرت کي چيڙائيندي اَندر ويئي. ٿوري
دير کانپوءِ اُهو گدلو، ڪارو، خارس وارو ٻار -
شرت، ’اِندي‘ جي پٺيان پٺيان، ”مون کي پيڙو“ ڪندو،
ڀڳونت راو ڏانهن ڊوڙندو ويو. ڀڳونت راو سندس هٿ ۾
پيڙي جو ننڍڙو ٽڪرو رکي، ”ش! وڃ هتان!“ چيو. کيس
لڳو هوندو ته اُهو رڌڻ پچائڻ واري مائيءَ جو ڇوڪرو
هوندو. شرت اُهو پيڙي جو ٽڪرو کائيندي، سهسربڌي جي
لڳو لڳ بيهي رهيو.
”اِنديءَ، ڀڳونت راو جي چوٽيءَ کي پنهنجي چوٽيءَ
جيان ٺاهڻ لڳي، تڏهين سهسربڌي زور سان رڙ ڪندي
چيو، ”اِندي! هيءُ ڪهڙي بيهودگي آهي؟ وڃ. هلندي
ٿيءُ هتان! چندو، بالوُ! وڃو هتان، گڏهه ڪنهن جاءِ
جا. مهمان جي پڳڙي ڪو بال آهي ڇا؟“ ڀڳونت راو چيو،
”صاحب! ٻار آهن، جيئن وڻين تيئن راند ڪن. ”گرهه -
رتناني بالڪا“
اِئين ڪاليداس چيو آهي. پڳڙي ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي،
صاحب؟ سر سلامت ته پڳڙيون پنجاسي! ههڙا ٺاهوڪا ٻار
ڪنهن کي ڪونه وڻندا؟ نه ته هيءُ جيڪو توهان جي
ڀرسان روڳي ۽ ڪرڪٽ ٻار بيٺو آهي...
”هوُ شايد ڪجهه غلط چئي رهيو آهي، اِهو ڀڳونت راو
جي ڌيان تي آيو، اُن روڳي شرت کي پنهنجي ويجهو
آڻيندي سهسربڌي چيو، ”ڀڳونت راو، معاف ڪجو، هيءُ
روڳي ٻار ئي منهنجو پٽ آهي ۽ هو ٽي شرير ڇورا
اَسانجي رڌڻ پچائڻ واري مائيءَ جا ڏوهٽيا - ڏوهٽي
آهن.“
”پوءِ ته ڀڳونت راو جي چڱي پت وائکي ٿي هوندي، ڪرڻ
ويو خوشامد ۽ ڪري آيو صاحب کي ناخوش!“ ناڊڪرڻيءَ
چيو.
”ٻيو نه ته؟“ ناني اَڳتي چوڻ لڳي، ”سهسربڌي جي
سفارش سان کيس پروموشن ملڻو هئو، اُهو ته پري
رهيو، اُٽلندو غير واجب رپورٽ سرڪار ڏانهن لکجي
ويس. اَهڙو هئو بانورو! ٻئي ڀيري ڇا ٿيو، جو هڪ
’فرنانڊيس‘ نالي ’هاپ ڪاسٽ‘ ڪليڪٽر ’ييولا‘ ۾ آيو.
ڀڳونت راو، اُن وقت اُتي ’معاملاتدار‘ هئو. ڪليڪٽر
جي چڱيءَ طرح خاطرداري ڪري، کيس خوش ڪرڻ جو هنر
ڀڳونت راو کي چڱو ايندو هئو. ڪافي کير، سوڊا واٽر،
بيضا، برانڊي، مرغيون ۽ ساڳ ڪليڪٽر جي رهڻ جي جاءِ
تي ڏياري موڪليائين ۽ اُهو مال برابر پهتو آهي يا
نه، اِهو پڇڻ لاءِ ڪليڪٽر جي بٽلر ڏانهن ويو، بٽلر
صاحب تنبوءَ جي آسپاس ڦير پائي رهيو هئو. وَٽس
وڃي، سندس ڪلهي تي هٿ رکي، ڀڳونت راو پڇيو، ”ڪيئن
آهيو بٽلر صاحب؟ مال مصالحو سڀ پهچي ويو نه؟ مرغي،
بيضا، سوڊا، سڀ ٺيڪ آهن نه؟ نه ته پوءِ توهانجي هن
’هاپ ڪاسٽ‘ صاحب جو مجاز گرم ٿي ويندو!“ بٽلر
صاحب، ڀڳونت راو جو هٿ پنهنجي ڪلهي تان هٽائي،
پنهنجي پٽيوالي کي سڏي چيو، ”چپراسي! هڪال دو سالي
ڪو!“ تڏهين ڀڳونت راو کي ڌيان ۾ آيو ته....“
”جنهن کي مان ’بٽلر‘ سمجهي رهيو هوس، اُهو ڪليڪٽر
هئو، برابر نه؟“ گوکلي ماستر اَڀمان ۾ ڀرجي، جملو
پورو ڪيو.
”سرڪاري عملدار جيئن پنهنجن بالا عملدارن جي
خوشامد پيا ڪندا آهن، تيئن پنهنجن زير دستن طرفان
خوشامد ٿيڻ لاءِ آتا هوندا آهن. ڀڳونت راو جون
ٿڪون به سندس منشي جهٽيندا هوندا.“ ناڊ ڪرڻي ڍيڪ
اُڇليو.
”ها، ها،“ نانيءَ چيو، ”پر ڀڳونت راو ذرا هوشيار
هئو، اِن ڪري ظاهر ظهور ڪو خوشامد ڪندو هئو ته خوش
ڪونه ٿيندو هئو. سندس خوشامد ذرا خوبيءَ سان ڪرڻي
پوندي هئي. بالا عملدار جا ويچار ئي سندن ويچار
آهن، بالا عملدارن جا گروُ - پير ئي سندن گروُ -
پير آهن، بالا عملدارن جهڙيون عادتون ئي کين آهن،
اِئين جتائيندڙ ماڻهن جي سر ۾ سر ملائڻ سان،
هوشيار ۾ هوشيار عملدار به وَس ۾ ٿي ويندا آهن. وچ
۾، منهنجي ڀڳونت راو کي هنن ’ٻارهن دوائن‘ جي ڪڏ
کنيو. چڱو نالو آهي، اُنهن دوائن جو... ڪهڙو نالو
آهي” رميڊي...“
”ٽيشوُ ريميڊيز،“ ماستر چيو.
”هوندو، بس جنهن کي تنهن کي پنهنجي ’اِشوُ ريميڊي‘
جي باڪس مان دوا ڏيندو هو. ڪو ٺيڪ ٿيندو هئو، ته
ڪو ڪڪ ٿي ڇڏي ڏيندو هوس، پر سندس زبردست جمعدار
حسين جو، البت اِشو ريميڊي‘ تي ڏاڍو وشواس ڄمي
ويو. ويچارو پهرين رڳو پنهنجي لاءِ ئي دوا وٺندو
هئو، پر ڀروسو ڄمڻ تي، گهر جي ٻين ڀاتين لاءِ به
دوائون ڀڳونت راو وٽان وٺي ويندو هئو- اَڄ چوندو
ته پيءُ کي دم چڙهي ويو آهي، ڏاڍو ٿڪجي ٿو پوي، ته
سڀان چوندو ته وڏي پٽ کي دست ٿي پيا آهن! پوءِ وري
جوڻس کي سلهه ٿي پيئي آهي، اِئين چئي دوا وٺي وڃڻ
لڳو ۽ چڱن چڱن ڊاڪٽرن جي دوائن سان جيڪو مرض نه
لٿو، اُهوڀڳونت راو جي پڙين سان، ويهن ڏينهن ۾ لهي
ويو ۽ هوءَ هلڻ چلڻ لڳي! هڪ ڀيري سندس نهن جي
ڇوٽڪاري لاءِ، سنڌن جي سور ۽ وائي بادي گهٽائڻ
لاءِ به دوا ورتائين. اڳتي هلي سندس ناٺي، نهر،
ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ سڀ مٽ مائٽ سندس گهر ۾ اچي بيمار
ٿيندا هئا، ۽ ڀڳونت راو جي هٿ جي شفا سان ٺيڪ ٿي
ويندا هئا، اِئين کڻي چئجي ته سندس گهر هڪ فئملي
اسپتال ٿي پيو هئو.
”’اَمان! تو چيو هئو نه، ته اِنهن اِشوريميڊيز کي
ڪا معنى ڪانهي؟ اَسانجي هن حسين جمعدار کي ته ڏس،
ڪيڏو وشواس ڄمي ويو اَٿس!‘ اِئين هو مون کي چوندو
هئو اَڳتي هلي، حسين ڪاليرا جي وگهي اوچتو مري
ويو. اِها خبر رامو پٽيوالي مان پيئي. تڏهين ڀڳونت
راو کي ڏاڍو ڏک ٿيو. چيائين، اَڙي اَڙي! هاڻ
ويچاري جي هيڏي ڪٽنب جي ڪير سار لهندو؟ ۽ مٿان وري
سندس زال کي اَٺون مهينو آهي، سندس هڪ وڌوا ڌيءَ
گهر اچي ويٺي اَٿس ۽ هڪ نهن کي سلهه اَٿس!“ اِهو
ٻڌي رامو پٽيوالي چيو، ”راءِ صاحب! ڇا جي زال ۽ ڇا
جي نهن! هو ته بي پرواهه بادشاهه هئو، جنهن کي گهر
نه تڙ، تنهنجو ’مسيت‘ ۾ گهر! ميان جي مڏي ٻه ڏندڻ
ٽين ٿڏي! هڪ ٿڏي ۽ هڪ پالتوُ طوطي کي ڇڏي ٻيو ڪوئي
پٺيان روئڻ وارو ه ڪونهيس!“
”اِنڪري خوشامد اهڙيءَ ته خوبيءَ سان ڪرڻ کپي، جو
ڪو ڀل ته ڪيترو به خبردار ڇو نه هجي، اُن جو شڪار
ٿيڻ ئي کپي. هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڀڳونت راو کي
شاديءَ جي نينڊ ڏيڻ لاءِ ’پينڊسي‘ نالي ڪو ماڻهو
آيو ۽ سڀ ڄڻا ماني اچي کائن ۽ ڄڃ ۾ شريڪ ٿين، اِن
لاءِ ڏاڍو زور ڀريائين. پينڊسي جي زال، ڀڳونت راو
جي زال کي - اِها وچين نهن جي وقت جي ڳالهه آهي.
ساڳئي نموني ڏاڍو زور ڀريو. ڀڳونت راو پڇيو، ‘پر
توهان کي ته مان سڃاڻان ئي نٿو، پوءِ به هيءَ
نينڊ؟‘ تڏهين پينڊسي جواب ڏنو، ‘منهنجو پيءُ،
توهان جي پيءُ - يعني هنن - جي هٿ هيٺ پڙهيو هئو.!
ڀڳونت راو سوچيو، ته اَڄڪلهه جا ڇوڪرا ته ڀريءَ
سڀا ۾ پنهنجي ماستر جي پڳ ۾ هٿ پيا وجهن! اُتي
پنهنجي پيءُ جي گروءَ جي پٽ کي اُتساهه وچان نينڊ
ڏيندڙ هيءُ ’پينڊسي‘ ته عاليشان ماڻهو آهي،
عاليشان!
”نينڍ قبول ڪئي، ڀڳونت راو کي اڃا ٻه ڪلاڪ به ڪونه
ٿيا هئا، جو پينڊسي جو پٽ فراس ۽ وهاڻا وٺڻ آيو.
منڊپ ۾ پوڄا وقت پهريون ڀيرو ڀڳونت راو کي پان -
سوپاريءَ جو مان مليو. ان وقت ته ڀڳونت راو ڏاڍو
ٽانءِ ۾ ڀرجي ويو هئو، پر پان - سوپاريءَ جي
ٿالهي، عطرداني، گلاب داني، سندس ئي گهرجون آهن،
اِهو سندس ڌيان ۾ اچڻ ۾ دير ڪانه لڳي. اِهي چيزون
پينڊسي جي زال، پرٻاهرو، منهنجيءَ نهن ٻائيءَ کان
وٺي ويئي هئي. رات جو ڀڳونت راو گهر آيو ته سندس
ٽيبل لئمپ غائب هئو ۽ روٽي کائڻ لاءِ، ويهڻ لاءِ
پٽي به ڪانه بچي هئي! گويا سڄو گهر، پينڊسي جي
شاديءَ جي سوڀيا وڌائڻ ويو هئو! تڏهين البت سندس
ڌيان ۾ آيو ته پينڊسي عاليشان ماڻهو آهي، يا ٻين
ماڻهن وانگر ئي مطلبي آهي!“ پڇاڙيءَ جا چانور
ڏيندي، نانيءَ چيو.
”مون کي به اِن جو آزمودو گهڻائي ڀيرا مليو آهي.
پهرين ڪٿي وياکياڻ ڏيڻ لاءِ ٿيندڙ ميڙ جو سڀاپتي
ٿيڻ لاءِ نينڍ ايندي آهي ۽ پوءِ اسڪول جي هال لاءِ
چندي جي گهر ٿيندي آهي، تڏهين سمجهه ۾ ايندو آهي!“
گوکلي ماستر ماني کائي ختم ڪرڻ کان اَڳ چيو.
|