وملا جو ڌيان هڪدم اُن نؤجوان ڏانهن ويو. هن
اَکيون ڦاڙي ٻه چار پل هن نؤجوان ڏانهن نهاريو ۽
پوءِ ”هان! ڪير؟“ اِئين چئي غش کائي زمين تي ڪري
پيئي.
پورٽر جي مدد سان پاڻي آڻائي، هن نؤجوان وملا کي
هوش ۾ آڻڻ لاءِ بيحد ڪوشش ڪئي. ڪجهه دير بعد، هن
جي ڪوشش برصواب ٿي ۽ وملا هوش ۾ آئي. پوءِ پورٽر
جي هٿ ۾ ٻه رپيا ڏيئي، نؤجوان اُتان ئي کيس روانو
ڪيو ۽ ٿيل واقعي بنسبت ڪنهن کي به ڪجهه به نه
ٻڌائڻ لاءِ بار بار کيس تاڪيد ڪيائين.
شري نواس - هوُ شري نواس ئي هئو- وملا کان سوال
پڇي، کانئس سڀ ڪجهه معلوم ڪري ورتو. بلونتراوَ کي،
سيتا ٻائي سڀاڻي ”ها“ چوڻ واري هئي. ”خاموشي اَڌ
قبوليت آهي“ اِن حساب سان، وملا جي منظوري به هن
سمجهي هئي. اهڙيءَ حالت ۾، آتم هتيا کي ڇڏي ٻيو ڪو
ڇوٽڪاري جو رستو نظر نه اچڻ تي، ريل گاڏيءَ هيٺ
اَچي، سڀني دکن کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ، هوُءَ
سنسان اَڌ رات جو ريلوي لائين ڏانهن وڃي رهي هئي.!
”چري! اَڄ مون سان ڪيتري نه ويساهه گهاتي ڪرين ها!
هن پوني جي لغڙي اَخبار تي وشواس ڪري، ڪيترو نه
غضب ڪري ڇڏين ها؟ مون سان گڏ هڪ گوري جوان ڇوڪري
آئي ضرور هئي، پر اِنگلينڊ ۾ جنهن شخص جي گهر لٿو
هوس، اُنجي هوءَ ڌيءُ آهي. اَسان گذريل ٻن سالن
کان هڪ ٻئي کي ڀاءُ ڀيڻ پئي سمجهيو آهي. مون سان
گڏ هوءَ هندستان ۾، پنهنجي ڀاءُ کي ملڻ آئي آهي.
سندس ڀاءُ، احمد آباد ۾ سيشنس جج آهي. تون ته بنهه
چري آهين! مان پوني پهچي هڪدم بابا کي چيو ته مان
پنهنجو قؤل پاڙيندس ۽ هڪدم توسان ملڻ لاءِ نڪري
پيس. رستي ۾ حادثي ٿيڻ ڪري گاڏي چار ڪلاڪ ليٽ ٿي
ويئي ۽ ههڙي ڪمهل هتي اَچي پهتس، ويٽنگ روم ۾ ئي
رات ڪاٽڻ جو سوچيم ته سهي، پر توسان ملڻ لاءِ دل ۾
ڪافي آنڌ مانڌ هئي. انڪري هڪ پورٽر کي ساڻ ڪري،
توڏانهن اَچي رهيو هوس ته واٽ تي هيءُ واقعو ٿيو.
اَڄ پورڻماسيءَ تي، منهنجي سموري زندگيءَ کي گرهڻ
لڳڻ وارو هئو.“
وملا نظرون هيٺ کپائي چيو، ”مون کي پاڳلپڻي اَثر
ڪيو آهي، اِهو صحيح آهي. پر ائين ڇو ٿيو آهي، ان
جي خبر مون کي ئي آهي. سچ، هن چنڊ سبب ڪوبه چريو
ٿي سگهي ٿو.“
”سچ؟ هن چنڊ سبب!“ اِئين چئي شري نواس کليو ۽ هن
اُن چنڊ کي پنهنجن هٿن سان سپرش ڪيو.
3
دواڪر ڪرشڻ
مرڻالنيءَ جي سوُنهن
”اَيِي وديت پرمدا نام توَمپي چ دهکم نه جاناسي!“
اُهو واقعو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. منهنجي
ننڍڙيءَ جيون جون اَهڙيون اَنيڪ ڳالهيون مون کي
هوُبهوُ ياد آهن. برساتين جا ڏينهن هئا. اَڄ اُنهن
ڏينهن جي ياد ٿي اَچي ته اَکين ۾ برسات اَچيو وڃي!
آڪاس ۾ ڪڪرن جي ڪارونڀار هئي؛ وچ وچ ۾ ڪڏهين وڄ ٿي
چمڪي، ته ڪڏهين ڪڙڪاٽ ٿي ٿيو. مان ننڍو هوس، اَشوڪ
به ننڍو هئو. اُن وقت سندس عمر پندرهن سال هئي.
مون کان چار سال وڏو هئو.
رات جو اَٺ کن لڳا هئا. آپا ڪلب ۾ ويا هئا. منهنجا
ڀائر - ڀينر سڀ مون کان ننڍا هئا. کين اَمان اندر
وٺي آئي هئي. اَشوڪ به اندر هلي آيو هئو. اشوڪ کي
اَسان ماروٽ مڃيندا هئاسين. هميشه اسان جي گهر چار
چار ڏينهن اَچي رهندو هئو.
مون کي اَڱڻ ۾ وڃڻ ۾ ڊپ پئي ٿيو. اُڀ ۾ ڄڻ ته ڪا
ٻڍڙي چڻا پينهي رهي هئي. اَمان ۽ اَشوڪ ”مرڻالني
ڊڄڻي“ چئي مون کي خوب چيڙايو، پر ٻاهر اوندهه هئي
نه؟ اوندهه ۾ ڇاڇا هوندو، ان جو ڪو نيم ٿورو ئي
آهي؟ قسمت ۾ هن اوندهه جهڙي ئي آهي نه؟ اُن کان
ڪير ڪونه ڊڄي؟ پر منهنجي ننڍڙي من کي اُن وقت اِهو
سڀ ڪٿان سمجهه ۾ اَچي ها؟ آخر جڏهين اَشوڪ دروازي
تي بيٺو تڏهين مان ٻاهر اَڱڻ ۾ ويس.
هٿ ڌوئي، ديگڙو هيٺ رکيم مس ته وڏو ڪڙڪاٽ ٿيو ۽
مان ڊوڙي وڃي اَشوڪ کي چنبڙيس. اُن وقت مون کي ڇا
ٿيو، ڇا نه ٿيو، اِهو مان خود به چئي ڪانه
سگهنديس. اَمان جي نظرن ۾ مان ڪا ننڍڙي ڪانه هيس.
يارهن سالن جي ڇوڪري ڪا ننڍڙي ڪانه چوائبي، پر،
مان گهٻرائجي ويس. اَمان اَندر ڪجهه ڪري رهي هئي.
اَشوڪ مون کي بلڪل نزديڪ ڇڪيو. منهنجي چهري تي هٿ
گهمايائين، ڪنهن ڪجهه به نه چيو. ڪيتري دير اَسان
اُن حالت ۾ هئاسين.
۽ اَڄ، ڪاري ٻاٽ کان نه ڊڄندڙ وسنت سينا جو مٿي
ڏنل گفتو پڙهي، مان بار بار روئڻ ۾ اَچيو ڇٽڪان،
اُن واقعي جي ياد ايندي آهي ۽ منهنجو آنچل بلڪل
آلو ٿي ويندو آهي.
مون کي اِهو سڀ لکڻ وڻي ٿو ڇا؟ نه. منهنجي اندر جي
بلڪل اَندرين پردن تي اُڪريل اِها ڪهاڻي ڪنهن پڙهي
آهي، اِها سڌ آگر مون کي پوي ته جيڪر لڄ وچان مان
پاڻي پاڻي ٿي وڃان، پر ڪڏهين اَشوڪ هيءَ ڪهاڻي
پڙهي، منهنجي من کي سمجهي سگهندو، اِهوئي ويچار
پاڳل مڙنالنيءَ جي من ۾ تڙڦي رهيو آهي، هن مون
اڳيان پنهنجي دل کولي رکي. هو پرش آهي. ڌيرج ڌري
ويٺو، پر عورت ذات کي، خاص ڪري مون جهڙي ڊڄڻي
ڇوڪريءَ کي ڌيرج ڪيئن ٿئي ها؟
اَڄ ويهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي رام ڪهاڻي لکي رهي
آهيان، اِن ننڍڙي عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي گذريو، ان
سبب هاڻ جيئڻ لاءِ مون کي موهه رهيو ئي ڪونهي. ۽
مان گهڻا ڏينهن جيئنديس، ائين مون کي لڳي به نٿو.
مامي چوي ٿي، ”مرڻالني جي سونهن، اَشوڪ جي جيون جي
ستياناس ڪري ڇڏي آهي،“ ۽ ِهو ٻڌي منهنجي دل ۾
سوراخ ٿيو پون. پر، هوءَ اِئين ڇو نه چوي؟ اَشوڪ
سندس سڳو پٽ هئو ۽ منهنجو ڪجهه به ڪونه هئو. پر هن
ماءُ جي دل کي جيڪي محسوس ٿئي ٿو، اُهو چئي ڏيڻ
کانسواءِ رهيو نٿو ٿئي ۽ مان غصي ٿيڻ کانسواءِ رهي
ئي نٿي سگهان.
سڀ چون ٿا، ”مرڻالني سهڻي آهي، نازڪ آهي.“ ۽ سچ ڇو
لڪايان؟ مون کي ڪيتري نه خوشي ٿيندي آهي، پر هاڻ
منهنجي سندرتا جي ڳالهه ڪو ڪڍندو آهي ته منهنجيءَ
دل ۾ اَلائي ڇا ٿيندو آهي، اَمان پڇندي آهي، ”ڇو؟
اِئين گم سم ڇو ٿي ويئي آهين؟“ پر مان کيس ڇا
چوان؟ پنهنجا آنسو لڪائڻ لاءِ، مان اُتان اُٿي
ويندي آهيان.
ڊاڪٽر چون ٿا، مون کي سلهه ٿي آهي، اوڙي پاڙي وارا
چون ٿا، ”هوُءَ ڏاڍي سکي آهي.“ منهنجيون ساهيڙيون
پڇنديون آهن، ”توکي ڇا ٿو ٿئي؟“ منهنجو من مون کي
چوندو آهي، ”چري! ڇو مفت ۾ پاڻ کي جهوري رهي
آهين؟“
جوان ڇوڪريءَ کي دل ٿيندي آهي، اِهو توهين مڃو ٿا
نه؟ اُن دل کي نزاڪت آهي، ته کيس ڇو ٿا ڏوهه ڏيو؟
ڀريل دل کي اَگر ڌڪو لڳندو، ته اُن ۾ لهرون ته
اُٿنديون ئي ۽ اُنجو پاڻي اَکين ذريعي ڇلڪندوئي.
جوان ڇوڪريون بر ٿي روئڻ لڳنديون آهن ته توهين کلڻ
لڳندا آهيو، آخر هو روئن نه، ته ڇا ڪن؟
پر بي رحم، خالي دلين تي اَجايو وار ڇو ڪريان؟
خالي برتڻ کي ڌڪ لڳندو آهي ته کڙڪڻ لڳندو آهي ۽
اُهو کڙڪڻ جو آواز اَسان زالون ئي بند ڪنديون
آهيون، استري جو هرديه اهو آواز ٻڌي ڪونه سگهندو
آهي. ته پوءِ خالي خشڪ دلين جو پڙاڏو ڪيئن ٻڌي
سگهنديون؟
اَشوڪ جو پيءُ پوني ۾ ڪنهن خانگي اسڪول ۾ ماستر
آهي. سڀ کيس ماستر ئي چوندا آهن، اَشوڪ به ننڍي
هوندي کان، پنهنجي پيءُ کي ماستر ئي چوڻ لڳو هئو.
منهنجو پيءُ ريلوي جي ڪنهن آفيس ۾ ملازم هئو. مان
جڏهين ڄائي هيس تڏهين منهنجي پيءُ جو پگهار پندرهن
روپيا هئو، پر منهنجي ڀائرن ڀينرن جي ڀاڳ سان اُهو
وڌندو وڌندو هاڻ چار سئو تائين پهتو آهي. ۽ ماستر
آخر ماستر ئي آهي. چاليهن تي لڳو ۽ اَڄ کيس پنجاسي
روپيا ملندا آهن. ٻنهي کي شطرنج جو بيحد شؤق آهي.
هڪ هنڌ مليا ته ويهندا مٿو هڻڻ. مونکي ته شطرنج تي
ڏاڍي چڙ ايندي آهي. کين مانيءَ لاءِ سڏ لاءِ سترهن
ڀيرا ڏاڪڻ چڙهي وڃڻُ پوندو هئم. ماستر کي پڙهڻ جو
به ڏاڍو شؤق آهي. اَسانجي آپا کي اَهڙي فرصت بنهه
ملندي ئي ڪانهي، چون ٿا، آپا ۽ ماستر هڪ ئي ڪلاس ۾
پڙهندا هئا. اسان جو آپا، مئٽرڪ ۾ ناپاس ٿيڻ تي،
اسڪول ڇڏي، نوڪريءَ تي وڃي لڳو. ۽ ماستر ڪاليج ۾
ويو. پر گهروُ حالتون ڪجهه اهڙيون هئس، جو بي . اي
ڪري ڪونه سگهيو. منهنجي ماءُ ۽ ماميءَ جو هڪٻئيءَ
لاءِ ڪافي سنيهه هئو؛ ۽ اِنجو ڪارڻ هئو، ماستر ۽
اَسانجي ماءُ جي پيڪن ۾ گهڻي گهرائپ هئي. جڏهين
ماستر ڪاليج ۾ هئو، تڏهين مامي، اَسانجي ماءُ جي
پيڪن ۾ ئي ساهرو گهر سمجهي رهندي هئي، ڇو ته سندس
ساهري گهر ۾ ٻيو ڪوبه ڪونه هئو. نرانون هيس، پر
اُهي پنهنجن ساهرن ۾ هيون. اُتي ئي اَمان جي،
ماميءَ سان ساهيڙپ گهري ٿي، اَڃا تائين ماستر کي
”ڀائو ٻيج“ جي ڏينهن، گهرائڻ کانسواءِ اَمان رهي
ڪانه سگهندي آهي.
اَشوڪ ماستر جو سڪيلڌو پٽ آهي. هن جي پٺ وارا،
ماميءَ جا ٻار جيئرا رهي ڪونه سگهيا، اِنڪري سندس
سموري آشا اَشوڪ ۾ ئي هئي، پر اَڄ، هميشه بيحد
سنيهي، ڪڏهين به ڪاوڙ نه ڪندڙ، سانتيڪي ماستر جي
نراس ۽ غمگين چهري ڏانهن مان نهاري به ڪانه
سگهنديس. ماميءَ جي اَکين مان ته لڙڪ لڙڻ کانسواءِ
ڪو ڏينهن ئي ڪونه گذرندو هئو، ڇو ته اَشوڪ جي تيز
ٻڌيءَ جي ڪاميابين سبب سندس اَکين مان بيسمار ڀيرا
خوشيءَ جا لڙڪ لڙيا اهن. هڪ دفعي، ننڍي هوندي
ڏياريءَ کان ٿورو اَڳ، مان سندن گهر رهڻ ويئي هيس،
تڏهين اُتي، هڪ ڏينهن تقرير بازيءَ جي چٽاڀيٽيءَ ۾
کيس پهريون اِنعام مليو هئو. اِهو ٻڌي هن جي
خوشيءِ جو ڪو اَنت نه رهيو هئو. اُن وقت کيس ائين
لڳو هوندو، ته هيءُ ڇوڪر پنهنجو نالو روشن ڪندو.
سندس تيز ٻڌيءَ لاءِ هوُ ڪيترو نه اَڀمان ڪري رهي
هئي! ۽ اَڄ اَشوڪ، هن نيتي واريءَ دنيا ۾
اَنيتيءَ وارو ليکجڻ ۾ ٿو اَچي، هن جي عزت ڪوڏيءَ
جيتري به ڪانهي، جو هو فرار ٿي ويو آهي. ۽ اُن
لاءِ ڪارڻ آهي هيءُ اَڀاڳي مرڻالني!
اَسانجو آپا چوندو آهي ته ماستر، ننڍي هوندي
غريبيءَ ڪري ڪافي ڪشٽ ڏٺا آهن. بيحد سچي ۽ نشڪام
هلت چلت ڪري سڄي ڳوٺ ۾ مشهور هئو ۽ ڪوڪو چوندو
هئو، اِهوئي ڪارڻ هئو، جو هو پيسي جي لحاظ کان
مٿي چڙهي ڪونه سگهيو. جهونا ماڻهو، ”سڌارڪ“ سڏي
سندس نندا ڪندا هئا ۽ سڌارڪ وري کيس”جهونو“ سڏي
سندس مذاق اڏائيندا هئا. چون ٿا، هن هر هڪ وشيه تي
گهرائيءَ سان سوچيو آهي. اَشوڪ کي هر طرح جي تعليم
ڏيڻ لاءِ، هن پنهنجي ٻڌي جو پوريءَ ريت اِستعمال
ڪيو هئو. ٻڌي ۽ سشيلتا لاءِ ماڻهو اَشوڪ جو ئي
مثال ڏيندا هئا ۽ اِنڪري سڀني کي هن سان ڏاڍو
پيار ٿي ويو هئو، پر اَڄ، ڪنهن به واقف ماڻهوءَ کي
منهن ڏيکارڻ جي قابل به نه هئڻ ڪري، ماءُ پيءُ کي
ڏکوئي، الائي ڪٿي گم ٿي ويو آهي.
۽ اَشوڪ ڪيئن هئو، اِهو مان چونديس ته اَلائي ڪيئن
لڳندو. جنهن مڙڻالنيءَ جي ڪري، هن کي ”نيچ“ سڏيو
ويو ۽ ڳوٺ ڇڏي ڀڄي وڃڻو پيو، ان جي هيتري ڀڳتي، ٻي
ڪير ڪندي هوندي ڇا؟
|