سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :8

ڪارولنا، ٿڌو شوڪارو ڀري چيو، پنهنجي سوئر جي ياد ايندي ئي سندس دل کي ڪجهه خراب لڳي رهيو هئو.

- پوءِ ڇا ٿيو؟ - ماريان، اڻ تڻ وچان پڇيو. سوئر مري وڃڻ لاءِ هن کي به ڏک ٿي رهيو هئو.

- پيدرو غصي ۾ لال ٿي ويو ۽ گستاو کي مارڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو. گستاو جهڙو خؤفناڪ ماڻهو ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو آهي ڇا؟ هن سان دشمني ڪري، پڄي سگهبو ڇا؟ پر پيدروءَ کي اُن جي ڪهڙي پرواه؟ رشٽ پشٽ ڇوڪر آهي، کيس روڪڻ لاءِ ڪيتري نه ڪوشش ڪرڻي پيم.ٻه ڏينهن هن مٿان پهرو ڏيندي، گهر ۾ ئي رهيس - ڄڻ هڪ وڏيءَ مصيبت مان ڇٽي ويئي هجي، اِئين چهرو بڻائيندي، ڪارولنا چيو.

- سچ، ڪارولنا! تو ڏاڍو سٺو ڪيو. گستاو معنى ”مالد سانو“ جيان ڪريل اِنسان. هن سان ته جهڳڙو ڪرڻ به مها پاپ آهي. هو ڪرستان به ڪٿي آهي؟ کيس ’انگريزي مسيت‘ ۾ ويندي ڪنهن ڏٺو آهي؟ چون ٿا سندس گهر ۾ ’ميري‘ جون تصويرون ناهن ۽ سائينءَ جو ’ڪراس‘ ناهي. - ڄڻ گستاو جو نالو وٺڻ به پاپ آهي، اِئين سمجهي ماريان وات سان ڌرمي منتر گنگنائڻ لڳي.

- ڳوٺ ۾ رهڻ به ڊپ کان خالي نه رهيو آهي نه؟ هوُ ڪڏهين ڪنهنجو خون ڪندو، ڪڏهين ڌاڙو هڻندو، ڪهڙي ڪنواري ڪنيا جو ست لٽيندو، اِهو چئي نٿو سگهجي. سڄي ڳوٺ تي ’پئست‘ جي ڇايا پئجي ويئي آهي. ڳوٺ جي شانتي ئي ختم ٿي ويئي آهي.

- ڪرولنا پيڙا وچان چيو.

- اَڄوڪي خون جي توکي وڌيڪ خبر پئي ڇا؟

ماريان، ڄار اُڻڻ بند ڪري چيو، ڪم ڪري سندس هٿ مڙي ويا هئا، اُهي ٻه ٽي ڀيرا چڱيءَ طرح ڇنڊيائين.

- سڄي دنيا  کي خبر آهي، اِن حقيقت جي. اَنٿوني جهڙو سٺو ماڻهو ورلو هوندو، فرشتو هئو فرشتو!- ڪارولنا ڏک - ڀرئي لهجي ۾ چيو.

- پر چون ٿا، ڪنهن کيس ماري ڇڏيو آهي؟ ماريان آهستي شڪ ڀرئي لهجي ۾ پڇيو.

- ماڻهو جيڪي چون ٿا، اوتروئي اَسان ڄاڻون ٿا، گستاو ۽ اَنٿوني جي پاڻ ۾ ڪجهه اَڻبڻت ٿي پئي...

- مون ٻڌو هئو ته گستاو، اَنٿونيءَ کان ڪا اُڌاري رقم گهرڻ ويو هئو. هن اِنڪار ڪيو، ڇو ته گستاو اَڃا اَڳيون ڪجهه ڏنو ڪونه هئو. اَنٿوني شاهوڪار آهي، اِها کيس چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي. رات جو سندس گهر ۾ گهڙيو، ستل اَنٿونيءَ جي ڳچيءَ مان ٽجوڙيءَ جي چاٻي کڻي، کيس ماري ڇڏيائين ۽ پيسا کڻي ڀڄي ويو.

اِها حقيقت ٻڌڻ وقت، ٻنهي زالن جي شڪل ڏک سان ڀرجي ويئي. ٻنهي آڱرين سان ڪراس جو نشان ٺاهيو ۽ وات سان ڪجهه گنگنايو.

- ڪيترو نه نيچ؟ ايتري ڪاڻ اَنٿونيءَ جو خون ڪيائين؟

- نيچ ماڻهن کي ڪارڻ کپندا آهن ڇا؟ پيسن جو لوڀ ڇا ننڍو سبب آهي؟ گذريل سال، هن ئي ڏينهن تي، اَسان جي هڪ پاڙيسريءَ کي اوستائين مار ڏيندو رهيو، جيسين هو مئو ڪونه، اُهو ڇا لاءِ؟ گستاو هن کان مڇي گهري هئي ۽ هن کيس ناڪار ڪئي هئي. اِهوئي هئو سبب!

- ڪوئي کيس تنبيهه نٿو ڪري، اِهوئي وڌيڪ خراب آهي، ڪنهن به سرڪار جي پرواه نٿو ڪري.

- کيس تنبيهه ڪرڻ واري کي پهرين مرڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. پنهنجي دشمن تي ڪڏهين وار ڪندو، اِن جو ڪوئي نيم ڪونهي.

- سرڪار به ٿي کانئس ڊڄي، پوءِ ماڻهو ويچار ڇا ڪندا؟

- هتي، بمبئيءَ ۾ جهڙي خفيه پوليس آهي، اَهڙي پوليس ڪٿي آهي؟ منهنجو ’مانوَ‘ چئي رهيو هئو ته بمبئي ۾ ڪوبه ڪيتري به حشمت سان چوري ڪندو آهي ته خفيه پوليس کيس ڳولي ڪڍندي آهي، هتي اِئين آهي ڇا؟ هتي پوليس کي ٻيا ماڻهو چور ڳولي ڏيندا آهن، تڏهين به کيس چور ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيتري نه جفاڪشي ڪرڻي ٿي پوي!

- گستاو کي پوليس اَڃا پڪڙيو ڪونهي ڇا؟

- پوليس کيس ڪيئن پڪڙيندي؟ کيس خون ڪندي جنهن ڏٺو هجي، اَهڙو شاهد کپي نه؟ نه ته اَهڙي مضبوط ثابتي کپي، اُها ڪٿي آهي؟ مجال آهي، جو ڪوئي، گستاو خلاف شاهدي ڏئي! هو بيڏوهي ثابت ٿي پوليس جي هٿن مان ڇٽڻ تي، اَسانجو خون ڪڏهين ڪندو، سڀني شاهدن کي اِهوئي ڊپ! سڀ ڄڻا اَندر ۾، گستاو جا دشمن آهن، پر ٻاهران سندس دوست آهن، سڀ سندس مرضيءَ رکڻ لاءِ پيا پاڻ پتوڙين. اَهڙيءَ حالت ۾ کيس ڪير پڪڙيندو؟

’انگريزي مسيت‘ جو گهنڊ زور زور سان وڄڻ لڳو، ٻئي زالون ڀڳتي ڀاو وچان اُٿيون ۽ ’انگريزي مسيت‘ ڏانهن منهن ڪري، “Ave Maria” چوڻ شروع ڪيائون. اوسي پاسي گهرن ۾ بتيون ٻرڻ لڳيون. رستي جي پاسي ۾، وڏي پٿر جي ڪراس جي چؤگرد ميڻ بتيون ٻرڻ لڳيون.

گهنڊ وڄڻ بند ٿيندي ئي، ٻئي هيٺ ويٺيون. ڪارولنا چيو، ”هاڻ گهر ٿي وڃان. هوُ منهنجي واٽ نهاريندا هوندا.“

- اڃا به ٿوري دير ويهه، نه! پيدرو گهر آهي، نه؟ پاڻهي بتيون ٻاريندو. اَڃا به ٿوري دير ڳالهيون ته ڪريون، پوءِ اَلائي وري ڪڏهين اچين- کيس زور ڀريندي، ماريان چيو.

- ماريان جي ڌيءُ گهر ۾ بتيون ٻاريون. يسوع مسيح ۽ ميريءَ اَڳيان ميڻ بتيون ٻاريائين، ماريان ۽ ڪارولنا گهر اَندر ويون. ماريان هٿ واري ڄار ڪليءَ تي ٽنگيءَ، اَندرئين ڪمري ۾ ويئي ۽ ٿوريءَ دير ۾، هڪ بسيءَ ۾ ڪي شيون آڻي، اُهي ڪارولنا اَڳيان رکندي چيائين:

- هي کائي ته ڏس، اَڄ اَتوار آهي نه؟ اِنڪري اَڄ اَسانجي ”دمينگا“ جي پسنديءَ جا پڪوان ٺاهيا اَٿم.

ڪارولنا، دريءَ مان هٿ ٻاهر ڪڍي، پاڻيءَ سان ڌوتا ۽ بسيءَ مان پڪوان کڻي کائيندي چيائين، ”هيءُ ڪاڪڙيون[1] تنهنجي باغ جون آهن ڇا؟“

- نه، ڙي! تو هن ڏينهن اَسان ڏانهن ڪاڪڙيون ڪانه موڪليون؟ اُنهن مان ئي هيءُ پڪوان ٺاهيا اَٿم. توهان جون ڪاڪڙيون باقي ڏاڍيون سٺيون آهن، تمام گهڻيون ڪاڪڙيون آهن ڇا تنهنجي باغ ۾؟

- هوُ گستاو جتي ٿو ملي اُتي تڪليف ٿو ڏئي، نه؟ هڪ ٻه نه،پنجويهه وليون لڳايون هئم، ڪاڪڙين جون، پر، هٿن ۽ وات ۾ آيل، ڏهه ٻارهن وليون ته کائي ڇڏيون گستاو جي سوئر، اُن لاءِ ڇا ڪجي، تون ئي ٻڌاءِ.

- سچ! ٻه سال اَڳ، اَسان هن ڳوٺ جا رهواسي ڪيترا نه سکي هئاسين. گذريل ڏهن سالن ۾ هتي هڪ چوريءَ به ڪانه ٿي هئي، پر هتي ڪلون شروع ٿيڻ سان، جڏهين کان گستاو هتي آيو آهي، تڏهين کان ڳوٺ جي شانتي ئي ختم ٿي ويئي آهي!

- پر ڪرستان هوندي به هو ههڙو نيچ ڪيئن ساماڻو آهي؟ منجهس ڪرستانن جو هڪ به گڻ ڪو آهي؟

- جهڙو پيءُ، تهڙو پٽ! توکي شايد سندس پيءُ ياد ڪونهي. ڪيترو نه مست هوندو هئو! ڄڻ ڪنهن پکيءَ جو رت! بنا ڪنهن سبب جي ماڻهن سان جهڳڙو کڙو ڪرڻ، ماڻهن جا ناريل جا وڻ ڪيرائڻ، دڪان لٽڻ، سڀ ڪجهه ڪندو هئو، رڳو ڪنهنجو خون ڪونه ڪيائين ۽ اُهو پٽس ڪيو.

- مزو وري ڪهڙو، جو ڳوٺ جو پوليس به گستاو جي رستي آڏو نٿي اَچي.

- پوليس به ته ماڻهو ئي آهن، نه؟ کين ڇا ڊپ ڪونه ٿئي؟ سڀ ڊڄڻا آهن. گستاو آهي، بيباڪ، اِنڪري سڄي دنيا ٿي هن کان ڊڄي، پوليس به ڪيترا ڀيرا هن سان شامل هوندي آهي. پوءِ دريافت ڪير ڪندو؟

اُن وقت ماريان جي جوان ڌيءَ اُتي اَچي ويٺي ۽ چيائين:

- ڳوٺ جي ڇوڪرين کي جيڪو گستاو ستايو آهي، اُهو ياد ڪرڻ سان ڄڻ ته بدن ۾ سياٽا پوندا آهن.

- سچ. گذريل سال جي هڪ ڳالهه ته مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. اَسانجي پاڙي ۾ رهندڙ ”لندا“، مٿي تي ڀت کڻي کيت ڏانهن وڃي رهي هئي. رستي تي گستاو مليس. هن سندس مٿي تي رکيل مٽڪي کڻي ورتي. کيس مضبوط پڪڙيائين ۽ زبردستيءَ کيس چمي ڏنائين. هوءَ ويچاري بيهوش ٿي ڪري پيئي! پوءِ ماڻهو کيس هوش ۾ آڻي، گهر وٺي ويا.

- ممي! مان سمجهان ٿي ڀڳوان شيطانن کان ڊڄي ٿو.

- دوزي! اِئين نه چئبو آهي، ڀڳوان کان معافي گهر.

- ته پوءِ ڀڳوان، گستاو کي ڪجهه به نقصان نٿو رسائي؟

- پٽ، گستاو کي سيکت ڏيڻ لاءِ، ڀڳوان کي وقت ٿوري ئي لڳندو؟ گستاو سڀني ججن کي بنائي سگهي ٿو، پر هن کي هڪ پل به بنائي ڪونه سگهندو، سمجهيهءِ؟ نه، ڪارولنا؟

- سندس پاپن جو گهڙو ڀرجي ويو ته پوءِ سندس خسيس ڪرتوت جي بهاني به ايشور کيس ناس ڪندو.

- سچ، تو ڪيتري نه سٺي ڳالهه چئي آهي! هاڻ، ذرا پرارٿنا ڪري وٺون؟

ٽيئي اُٿي يسوع مسيح ۽ ميريءَ جي تصويرن اَڳيان اَچي بيٺيون. پنهنجن مکن سان ڪي سلوڪ چوندي، هنن ڪرست کي پرارٿنا ڪئي، ڄڻ گستاو جو نالو اُچارڻ سان ٿيل پاپ، ڌوئي ڇڏيو هئائون.

صبح جا ڏهه ٿيا هئا. ڪولي واڙا جي گهرن جي اڱڻن ۾، تازيون مڇيون اُس ۾سڪائڻ لاءِ رکيل هيون. سوئر پنهنجن ٻچن سان گڏ پٽن تي ليٿڙيون پائي رهيا هئا. سڪائڻ لاءِ رکيل مڇيون، مالڪ جي نظر بچائي، چهنبن سان کائڻ جي ڪوشش، مرغيون ڪري رهيون هيون. مڇيءَ جي اَگري، لُوڻاٺيل ڌپ چوڌاري ڦهلجي رهي هئي.

- ڀائو!... گستاو جي ڀيڻ کيس چيو- اَڄ ڪائي مڇي ٻڇي ڪانهي، پاسي وارن به مشڪل سان ٿوري مڇي آندي آهي، پر اها به ڪنڊن واري آهي.

- ڏسان ٿو، اَڄ ’شيوٽا‘[2] ملي ٿي ڇا، منهنجي ڄار سبي اَٿيئي؟ - گستاو پڇيو.

سندس ڀيڻ، اَندران ڄار کڻي آڻي، سندس هٿن ۾ ڏيندي چيو، ”اَڄ سٺي مڇي آڻج، مان ٻي سڀ تياري ڪري ٿي رکان.“

ڪن پٺيان وڏي ٻيڙي اَٽڪائي، گستاو گهر کان ٻاهر نڪتو، سندس ڪمر تي چڱي خاصي چانديءَ جي ’چيلهڪي‘ ٻڌل هئي ۽ مٿي تي ڳاڙهو رومال ٻڌل هئس.

ڪلهي تي ڄار رکي، ڪناري جي ريتيءَ ۾ پنڌ ڪندو، پاڻيءَ جي نزديڪ آيو، ڪناري جي آسپاس ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ٽڪريون پکڙيل هيون ۽ ڪن ٽڪرين جي وچ ۾ گهرو پاڻي گڏ ٿيل هئو.

ڪناري تي بيهي، هن گهري پاڻي ۾ ڏاڍي هوشياريءَ سان ڄار ڦٽي ڪئي. پندرهن ويهن هٿن جي مفاصلي تي اُها پاڻيءَ ۾ ڪري ۽ اُن جون ڪناريون ڌيري ڌيري ويجهيون آيون، پوءِ گستاو، اُها مٿي کڻي، اُن ۾ ڦاٿل مڇي ڪڍي ورتي.

اِن طرح مڇيون ماريندي، ڦرندي، هڪ ٽڪريءَ جي پولار ۾ کيس ڪا چيز ڏسڻ ۾ آئي. چيز ڏسي هن ڇرڪ ڀريو. ڄار ريتيءَ تي رکي، هوُ ويجهو ويو ۽ اَندر ڏٺائين ته هڪ مئل ٻار کيس نظر آيو.

هن جهڪي، پولار مان اُهو ٻار پنهنجن هٿن سان ٻاهر ڪڍيو. اِهو ٻار ڪنهنجو هوندو؟ ڇو ماريو هوندائين؟ وغيره سوال سندس من ۾ هڪدم اُٿيا. اُن وقت، ڪناري جي ڀرسان، پيچري تان ٻه پوليس وارا ۽ هڪ يورپين سارجنٽ ويا پئي. گستاو جي هٿن ۾ مئل ٻار تي نظر پوندي ئي، هو سندس ويجهو آيا ۽ کانئس پڇيائون، ”ڪنهن ماريو هيءُ ٻار؟“

گستاو مست ته هئوئي، سڌا سنواٽا جواب ڏيڻ ته ايندا ئي ڪونه هئس. هن بي بيپرواهيءَ سان چيو، ”اهو مون  کان ڇو ٿا پڇو؟ جنهن ماريو آهي، اُن کان پڇو، نه.“

ايترو چئي، هن ٻار، ٽڪريءَ جي پولار ۾ وري رکي ڇڏيو. هن جو من بلڪل بي ڊپو هئو. مٿس ٻال - هتيا جو ڪوڙو اِلزام مڙهجي سگهي ٿو، اِهو به هو سوچي ڪونه سگهيو. اُهو سارجنٽ، اُن ڳوٺ ۾ اَڃا نئون نئون آيو هئو. هن رعب سان پڇيو، ”ته ڇا، تو هيءُ ٻار ڪونه ماريو آهي؟“

- مون ماريو ڪونهي ۽ ڪنهن ماريو آهي، اِها مون کي خبر ڪانهي، مون کان ٿا سوال پڇو، اِها توهان جي آڪڙ آهي- گستاو نفرت وچان چيو.

-  ته پوءِ تنهنجن هٿن ۾ هيءُ ٻار ڪٿان آيو.؟

- مان مڇيون ماري رهيو هئس ته مون کي هيءُ ٻار نظر آيو، وڌيڪ سوالن جا جواب مان ڪونه ڏيندس. گستاو غصي وچان چيو.

- ته پوءِ مان چوان ٿو، اِهو ٻار توئي ماريو آهي، اَسان توکي هتان وڃڻ ڪونه ڏينداسين، گستاو جي ويجهو وڃي، سارجنٽ چيو.

- ڪونه وڃڻ ڏيندا يعنى؟ توهان جهڙا سوين سارجنٽ ڏٺا اٿم، مون کي سڃاڻو نٿا ڇا؟. مقابلو ڪرڻ جي تياري ڪندي، گستاو وَراڻيو.

سارجنٽ چڙي ويو، ٻار ماري به هو ايتريءَ گرميءَ سان ٿو پيش اَچي، اِها ڳالهه کيس ڪانه آئڙي، هن پوليس وارن کي چيو، ”هن کي ڇڏڻ ۾ فائدو ڪونهي، پڪڙيوس.“

ٻنهي پوليس وارن، گستاو کي زبردستيءَ سان پڪڙيو، گستاو ڪافي مضبوط هئو. پنهنجيون ٻانهون ڇڏائي، سارجنٽ کي زور سان ڌڪو ڏيئي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪيائين، ٻنهي پوليس وارن وري اَچي سندس هٿ پڪڙيا. هوڏانهن سارجنٽ ڪرندي ڪرندي، پاڻ سنڀالي ورتو ۽ پنهنجيءَ ڪمر مان ’بايونيٽ‘ ڪڍي، گستاو جي پيٽ ۾ کپائيندي چيائين:

- وڌيڪ مستي ڪئي اَٿيئي ته هيءَ بايونيت تنهنجي پيٽ ۾ لنگهائي ڇڏيندوسانءِ.

- گستاو وڌيڪ جفاڪشي ڪانه ڪئي. سارجنٽ اُهو مئل ٻار کنيو ۽ گستاو جي ٻنهي ٻانهن کي پڪڙي، پوليس وارا هلڻ لڳا. ٻار مارڻ جي ڏوهه هيٺ، سرڪار طرفان گستاو تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻار جي چڪاس ڪئي ويئي، ڊاڪٽر چيو ته ٻار کي ڄمئي چويهه ڪلاڪ ٿيا آهن ۽ سندس گلو دٻائي، کيس ماريو ويو آهي.

- شاهد خود پوليس ئي هئي. هنن سموري حقيقت ٻڌائي ۽ گستاو جي خراب هلت چلت بنسبت ثابتيون گڏ ڪري، عدالت ۾ پيش ڪيائون.

پوليس جي تيار ڪيل ثابتين جي آڌار تي عدالت کي اِها خاطري ٿي ويئي ته گستاو جو ڪنهن ڪنواري ڪنيا سان خراب رشتا هوندا ۽ اُن خراب رشتي مان کيس ٻار ٿيو هوندو، ۽ اُهو ٻار گستاو ماري سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو هوندو.

جج ڏاڍو اِنصاف پسند پر ڪڙڪ هئو. هن فيصلو ڪندي چيو، ”ملزم گستاو تي ٻال هتيا جو اِلزام آهي، ٻار ماري، جڏهين سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري رهيو هئو، تڏهين پوليس وارن پنهنجين اَکين سان کيس ڏٺو هئو، اِن باري ۾ ڪوبه شڪ شبهه باقي ڪونهي. گستاو جي اَڳئين خراب ورتاءُ جي باري ۾ جيڪي ثابتيون پيش ڪيون ويون آهن، اُنهن مان اِئين ٿو ڏسجي ته هن ڪيترائي ڏوهه ڪيا آهن.


[1]  ڪاڪڙي = هڪ قسم جي ڀاڄي جيڪا ونگي جهڙي هوندي آهي پر ڪافي لنبي هوندي آهي.

[2]  هڪ قسم جي مڇي، جيڪا گوئا پاسي جام ٿيندي آهي.  اَنوادڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com