جنهن ماڻهوءَ ۾، اهي ٽئي خاصيتون هونديون، سو وڏن
پيغمبرن يا اوليائن مان هوندو ۽ انهن مان جنهن
۾ ڪا هڪڙي خاصيت هوندي،انهن کي به اهو درجو حاصل
آهي، مگر هڪ ٻين ۾ وڏو فرق آهي، هن ڪري ته ڪنهن
کي، ڪنهن خاصيت مان ٿورو مايو حاصل ٿو ٿئي ته
ڪنهن کي گهڻو ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله
وسلم کي،انهيءَ ڪري ڪمال جو، جو هن کي، انهن ٽنهي
خاصيتن ۾ ڪماليت حاصل هئي. جڏهن خدا تعاليٰ جي
مرضي ٿي،ته خلق کي، حضرت جي نبوت جو حال ظاهر ڪري،
انهيءَ لاءِ ته سڀ سندس پيروي ڪن ۽ پنهنجي سعادت
جو رستو معلوم ڪن، تڏهن انهن ٽنهي خاصيتن مان هر
هڪ جو حصو، هر ڪنهن ماڻهوءَ کي عنايت ڪيائين. هڪڙي
جي خواب ۾ ڏکيائي ڏنائين، ٻئي سان، خلق جي سمجهه،
سنئين ڪري ڏنائين ۽ ٽئين سان، ماڻهن جي دلين کي،
علم سان درست ڪري ڇڏيائين. اهو ممڪن ناهي ته
ماڻهو،اهڙيءَ شيءِ تي ايمان آڻي، جنهن جي جنس،
اُن جي دل ۾ موجود نه هجي، هن لاءِ ته جنهن شيءِ
جو اصل، ماڻهوءَ ۾ نه هوندو، انهيءَ جي صورت، هُن
کي بلڪل سمجهه ۾ ئي نه ايندي. تنهن ڪري خدائي
حقيقت ڪماحقھ ، ڪوئي سڃاڻي نه سگهندو، سواءِ خدا
جي. انهيءَ جو بيان ڊگهو آهي ۽ اهو، اسان دليلن
سان، پنهنجي ڪتاب ”معافي اسماء الله“ ۾ ڏنو آهي.
مطلب هيءُ آهي، ته اسين، هن ڳالهه کي روا رکون
ٿا، ته انبيائن ۽ اوليائن لاءِ“ انهن ٽنهي خاصيتن
کان سواءِ، ٻيون خاصيتون به آهن، جن جي ڪابه
نشاني، اسان ۾ ڪانهي، تنهن ڪري اسان کي، تنهن جي
خبر نٿي پوي. جهڙيءَ طرح، اسين چئون ٿا ته خدا کي
خدا کان سواءِ،ڪو به پوريءَ طرح نه ڄاڻندو، تهڙيءَ
طرح، اسين به چئون ٿا ته رسول کي به، رسول کان
سواءِ، ٻيو ڪوبه پوريءَ طرح نه سڃاڻندو، يا اُهو،
جو انهيءَ کان به مرتبي ۾ زياده هوندو. تنهن ڪري،
ماڻهن ۾، پيغمبر جو قدر، پيغمبر ئي ڄاڻي ٿو. اسان
کي، انهيءَ کان وڌيڪ ڪابه خبر ڪانهي، ڇالاءِ جو
جيڪڏهن ماڻهو، اسان کي چون ته هڪڙو شخص ڪري پوي
ٿو ۽ چرڻ ۽ ڇهڻ کان سواءِ پيو رهي ٿو، نڪي ڏسي
ٿو، نڪي ٻُڌي ٿو، نڪي اها خبر ٿي پويس ته سڀاڻي
ڇا ٿيندو ۽ جڏهن ڏسي ۽ ٻڌي سگهي ٿو، تڏهن انهيءَ
حال جي به خبر نٿي پويس ته جيڪڏهن اسان کي ننڊ نه
ايندي هجي، ته جيڪر ماڻهن جي انهيءَ چوڻ تي اسان
کي بلڪل باورنه اچي، ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهوءَ نه
ڏٺو آهي، تنهن تي ويساهه آڻي نٿو سگهي. انهيءَ
ڪري حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”بل ڪذبوا بمالم يحيطوا بعلمه و لما يا تهم
تاويله“ (يعني، جيڪڏهن نٿا سمجهن، تنهن کي ڪوڙ
ڄاڻن ٿا، هاڻي هنن کي، انهيءَ جي حقيقت، سمجهه ۾
نٿي اچي).
۽ فرمايو اٿس ته:
”وا اذ الم يهتهد و ابه فيسقولون افڪ قديم“
(يعني، جڏهن، اُن جي ڏيکارڻ سان، رستي تي نه
ايندا، تڏهن چوندا ته، هيءُ، اڳوڻي وقت جو ڪوڙ
آهي).
انهيءَ ڳالهه جو تعجب نه ڪر، ته انبيائن ۽
اوليائن ۾، اهڙي ڪا صفت رهي ٿي،جنهن جي ٻئي ڪنهن
کي به خبر ڪانهي ۽ انهن کي، انهيءَ صفت جي
ڪري،تمام عمديون لذتون ۽ حالتون حاصل ٿين ٿيون،
ڇالاءِ جو تون ڏسين ٿو، ته جنهن کي شعر جون ذوق
ناهي، تنهن کي، راڳ مان به لذت نه ٿي اچي، جيڪو
انهيءَ بي ذوق ماڻهوءَ کي، شعر جي معنيٰ سمجهائي،
ته هو بلڪل سمجهي نه سگهندو، جو هن کي شعر جي ڪابه
خبر ڪانهي. ساڳيءَ طرح، انڌو رنگ، ۽ ديدار جي لذت
جي معنيٰ سمجهي نه سگهندو. خدا جي قدرت تي، توکي
ڪوبه تعجب نه لڳڻ کپي، جو نبوت جي درجي کان هو،
ڪنهن قسم جي سمجهه پيدا ڪري ۽ انهيءَ کان اڳي،
ڪنهن کي ان جي خبر ڪانه هجي.
فصل سورهون
مٿي، جيڪو بيان ٿيو، تنهن مان آدميءَ جي
بزرگيءَ جو اصل، توکي معلوم ٿيو ۽ هيءُ به معلوم
ٿيو ته صوفين جو ڪهڙو رستو آهي؟ هيءُ جو تو ٻڌو
هوندو ته صوفي چون ٿا ته علم،انهيءَ رستي ۾ اٽڪ
آهي ۽ تون اها ڳالهه نه مڃيندو هوندين، سو تون
انهيءَ کان انڪار نه ڪر. صوفين جو اهو چوڻ برحق
آهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن تون، محسوسات ۽ محسوسات جي
علم ۾ مشغول رهندين ته اُهو شغل، انهيءَ حال جو
حجاب يا پردو ٿيندو. دل، هڪڙي حوض جي مثال آهي ۽
حواس، گويا پنج نهرون آهن، جن مان، حوض ۾ پاڻي اچي
ٿو. جيڪڏهن تنهنجي مرضي هُجي ته حوض جي تري مان
صاف پاڻي نڪري، ته انهيءَ جي تجويز هيءَ آهي ته
ٻاهران آيل پاڻي، جو حوض ۾ آهي، سو ۽ جيڪا ڪني گپ،
انهيءَ پاڻيءَ جي تري ۾ گڏ ٿي آهي، سا اصل ڪڍي ڇڏ
۽ سڀئي نهرون، بند ڪري ڇڏ ته حوض ۾، ٻاهر جو پاڻي
نه اچي، پوءِ حوض جي تري کي کوٽ، ته صاف پاڻي، اُن
جي اندران نڪري. جيسين حوض، ٻاهران پاڻي، سان ڀريل
رهندو، تيسين ممڪن ناهي، ته اُن جي تري مان، پاڻي
نڪري سگهي. ساڳيءَ طرح، جيسين دل، ٻاهرئين علم کان
خالي نه ٿيندي، تيسين اهو علم، جو دل جي اندر
پيدا ٿئي ٿو، سو اتي نه ايندو. عالم، جيڪڏهن سکيل
علم کان پاڻ کي خالي ڪندو، ۽ ان سان مشغول نه
رهندو ته البته، جنهن علم کان پاڻ کي خالي ڪيو
اٿس، سو سندس حجاب يا پردو نه ٿيندو، ۽ امڪان آهي
ته انهيءَ عالم کي، ڪشف حاصل ٿئي. انهيءَ طرح، جي
ڪو شخص، محسوسات جي خيالن کان، پنهنجني دل خالي
ڪندو ته اُهي خيال، هُن جا حجاب نه ٿيندا. حجاب جو
سبب هيءُ آهي ته مثلن، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ، اهل سنت
جا اعتقاد سکي ۽ گفتگو ۽ مباحثي جي لاءِ، جيئن
وڻيس، تيئن اُن جا دليل به ياد ڪيائين، اهو
اعتقاد ڪري، ته هن علم کان سواءِ، ٻيو ڪوبه علم
ڪونهي، ته پوءِ جڏهن هُن جي دل ۾ ڪي ايندو، تڏهن
ائين ئي چوندو،ته جيڪي آءٌ سکيو آهيان، هيءُ اُن
جي برخلاف آهي، پر جيڪي ان جي برخلاف اهي، اهو
باطل آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي، ڪمن جي حقيقت معلوم
هئڻ ممڪن ناهي، هن لاءِ ته جو اعتقاد، ماڻهن کي
سيکارين ٿا، اهو حقيقت جو نمونو آهي. اصل حقيقت ۽
پوري معرفت اها آهي،ته حقيقتون، نموني مان، ائين
نڪري ظاهر ٿين ٿيون، جيئن هڏيءَ مان مک. ڄاڻڻ
گهرجي ته جو عالم، اعتقاد جي مدد جي لاءِ، وڙهڻ جو
طريقو سکي ٿو، انهيءَ تي ڪابه حقيقت نه کُلندي.
جڏهن هُن سمجهو، ته سڀ علم آءٌ ٿو ڄاڻان، تڏهن
اُها سمجهه اُن جو حجاب ٿئي ٿي ۽ اها سمجهه،
انهيءَ تي پاڻ غالب ٿئي ٿي، جن ٿورو ئي عالم
سکيو هوندو، تنهن ڪري اهڙا ماڻهو،انهيءَ درجي کان
محرم ۽ محجوب رهندا ۽ جيڪو عالم، انهيءَ سمجهه کي
دور ڪندو، انهيءَ جو علم، حجاب يا اٽڪ نه ٿيندو،
بلڪه اُهو ڪشف، انهيءَ کي حاصل ٿيندو ۽ انهيءَ جو
درجو، ڪامل ٿيندو ۽ انهيءَ جو رستو، انهيءَ شخص جي
رستي کان زياده بيخوف ۽ سنئون ٿيندو، جنهن جو قدم،
علم ۾، شروع کان مضبوط نه هوندو ۽ شايد ڳچ مدت
تائين، باطل خيال ۾ ڦاٿل رهندو ۽ ٿورو شبهو به هن
جي لاءِ اٽڪ ٿي پوندو. عالم، اهڙي خطري کان، بي
دهشت ٿئي ٿو. جيڪڏهن تون ڪنهن صاحب ڪشف کان ٻڌين،
ته علم اٽڪ آهي، ته گهرجي ته انهيءَ جي معنيٰ
سمجهين ۽ انڪار نه ڪرين. ليڪن غير مباح کي مباح
ٺهرائڻ وارا نفس پروربي بهري ماڻهو، جي هن زماني ۾
نڪتا آهن، تن کي ته اهڙو حال، اصل حاصل ناهي.
صوفين جون بڻايل واهيات ڪي ڳالهيون سکيا آهن ۽
انهن ماڻهن جو اهو دستور ٿي رهيو آهي، ته سارو
ڏينهن، پاڻ کي پيا ڌوئين ۽ لونگ ۽ گودڙيءَ ۽
نماز سان پاڻ کي سينگاري، علم ۽ علمائن جي ندا ۽
شڪايت ڪندا وتن، اُهي ماڻهو، قتل ڪرڻ جي لائق
آهن، هن لاءِ جو اُهي ماڻهن جا شيطان، خُدا ۽
رسول جا دشمن آهن، ڇالاءِ جو خدا ۽ رسول، علم ۽
عالمن جي تعريف ڪئي آهي ۽ ساري عالم کي، علم ڏي
سڏيو آهي. هي بدبخت، جڏهن حالت جا صاحب به نه آهن
۽ علم به حاصل نه ڪيو اٿن، تڏهن اها ڳالهه، يعني
علم ۽ علمائن کي اجايو سجايو ڳالهائڻ ، هنن کي
ڪيئن واجب آهي؟ انهن بدبختن جو مثال، انهيءَ شخص
جهڙو آهي،جنهن ٻڌو هجي، ته ڪيميا، سون کان بهتر
اهي، ڇالاءِ جو انهيءَ جي وسيلي، بي حد سون هٿ اچي
ٿو ۽ جڏهن سون جو خزانو، سندس اڳيان رکجي، تڏهن
انهيءَ کي هٿ نه لائي ۽ چوي ته سون، ڪهڙي ڪم جو
آهي؟ ڪيميا گهرجي، جا سون جو بنياد آهي ۽ سون نه
وٺي ۽ ڪيميا، هن اصل ڏٺي به نه هجي ۽ نه ان کي
ڄاڻندو هجي. اهڙو شخص، هميشه بدبخت ۽ سڃو ۽ بکيو
رهي ٿو ۽ انهيءَ ڳالهه جي خوشيءَ ۾ ماپي نٿو ته
مون پاڻ،هيئن چيو ته ڪيميا، سون کان بهتر آهي ۽
وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري ٿو. انبيائن ۽ اوليائن جو
ڪشف، ڪيميا وانگي آهي ۽ عالمن جو علم، سون جي
مثال آهي ۽ ڪيميا جي مالڪ کي، سون جي مالڪ تي هر
طرح جي فوقيت آهي. ليڪن هتي هڪڙو ٻيو نڪتو آهي ته
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ، رُڳي ايتري ڪيميا هجي،
جنهن سان سون جي سو دينارن کان زياده، هو حاصل ڪري
نه سگهي، ته اهڙي شخص کي،انهيءَ شخص تي فضيلت
ڪانهي، جنهن وٽ سون جا هزار دينار موجود هجن ۽
جهڙيءَ طرح، ڪيميا جا ڪتاب ۽ اُن جي ڳالهه ٻولهه
۽ اُن جي ڳولا گهڻي اهي ۽ هن زماني ۾، اُن جي
حقيقت ڪامياب آهي ۽ گهڻا ڳولڻ وارا ٺڳجن ٿا،
تهڙيءَ طرح، صوفين جو به حال آهي. اصل صوفي پڻو،
انهن ماڻهن ۾ ڪونهي، جي آهي، ته به ٿورو ۽ انهن
جو، ڪمال کي پهچڻ مشڪل آهي. تنهن ڪري ڄاڻڻ گهرجي
ته جنهن کي، صوفين جو ٿورو ئي حال نمودار هوندو،
تنهن کي سڀ ڪنهن عالم تي فضيلت ناهي، ڇالاءِ جو
انهن مان گهڻن کي شروع ۾، ٿورو ڪشف ٿئي ٿو. پوءِ
انهيءَ درجي کان ڪري ٿا پون ۽ ڪماليت کي نٿا پهچن،
۽ ڪي اهڙا ٿا ٿين، جو انهن تي سودا ۽ خام خيال،
غالب ٿو ٿئي، پر اصل بنياد ڪونه اٿن ۽ هو انهيءَ
کي حق ۾ پڪو ڪم سمجهن ٿا، پر حقيقت ائين نه اهي
۽ جهڙي طرح،خواب ۾، اصل ۽ واهيات خيال ٻئي ڏسجن
ٿا، تهڙيءَ طرح هن حال ۾ به ٿئي ٿو، بلڪه عالمن،
تي انهيءَ صوفيءَ کي فضيلت آهي، جو انهيءَ حال ۾،
اهڙو ڪمال ٿيو هجي، جو جيڪو علم، دين سان علائقو
رکي ٿو ۽ ٻين کي سکڻ سان حاصل ٿو ٿئي، سو اهو
صوفي، سواءِ سکڻ جي ڄاڻي ٿو.، اهڙي حالت، تمام
ڪمياب ۽ نادر آهي، تنهن ڪري مناسب آهي ته تصوف جي
اصل واٽ تي ۽ صوفين جي بزرگي تي، تون ايمان آڻين ۽
هن زماني جي صوفين ڪري،انهن سچن پچن اصلي صوفين
کان بداعتقاد نه ٿين.انهن مان جيڪو، علم ۽ عالمن
جي گلا ڪري ٿو، انهيءَ کي تون ڄاڻ ته تون نادانيءَ
کان ئي ائين ڪرين ٿو.
فصل سترهون
شايد تون چوندين، ته ڪهڙيءَ طرح معلوم
ٿئي، ته ماڻهوءَ جي سعادت، خدا تعاليٰ جي معرفت ۾
آهي؟ سڀ شيءِ جي سعادت، اُنهيءَ ڪم ۾ ٿئي ٿي، جنهن
۾ انهيءَ کي لذت ۽ آرام اچي ٿو. سڀڪنهن شيءِ کي
لذت، اونهيءَ ڪم ۾ اچي ٿي، جنهن کي اُن جي
دل،گهڻو گهري ٿي ۽ دل، گهڻو انهيءَ ڪم کي گهري ٿي،
جنهن جي واسطي، اُها شيءِ، پاڻ پيدا ٿي آهي.
جهڙيءَ طرح، شهوت جي لذت، انهيءَ ۾ آهي، ته
آدميءَجي خواهش پوري ٿئي، ۽ غصي جي لذت، انهيءَ ۾
آهي ته دشمن کان وير وٺجي، ۽ اک جي لذت، انهيءَ ۾
اهي، ته چڱيون شڪليون ڏسجن، ڪن جي لذت، چڱن آوازن
ٻڌڻ ۾ آهي ۽ دل جي لذت، انهيءَ شيءِ ۾ آهي، جا ان
جي خاصيت آهي ۽ جنهن جي لاءِ خدا، اُن کي خلقيو
آهي. اها شيءِ آهي ڪمن جي حقيقت سُڃاڻڻ، جو هميشه
دل جي اها خاصيت آهي؛ ليڪن شهوت ۽ غصي ۽ پنجن
حواسن سان محسوسات جي سڃاڻپ، چوپائي کي به حاصل
آهي ۽ ڪن جي اصل حقيقت جي معرفت يا سڃاڻپ، دل جي
خاصيت آهي. تنهنڪري، ماڻهو، جا شيءِ نٿو ڄاڻي،
تنهن جي معلوم ڪرڻ لاءِ هُن کي، خواهش رهي ٿي ۽
انهيءَ کي گهڻو گهري ٿو، ۽ جيڪا شيءِ ڄاڻي ٿو،
تنهن تي خوش ٿئي ٿو ۽ فخر ڪري ٿو. جيڪڏهن اُها
شيءِ خراب آهي، مثلن، جي شطرنج سکڻ جو فڪر آهي، ۽
جيڪو اُها راند ڄاڻي ٿو،تنهن کي جي چئجي، ته تون،
هن کي نه سيکار، ته هن کي صبر اچڻ مشڪل آهي ۽
انهيءَ خوشيءَ کان، ته آءٌ هڪڙي عجيب راند ڄاڻان
ٿو، جي دل گهري ٿي، ته پنهنجو فخر ظاهر ڪري. هاڻي
جڏهن توکي اها ڳالهه معلوم ٿي ته دل جي لذت، ڪمن
جي ڄاڻڻ ۾ آهي، تڏهن هيءَ به ڄاڻ، ته جيتري گهڻي،
ڪنهن چڱي ۽ عمدي شيءِ جي معرفت هوندي، اوتري خوشي
گهڻي ٿيندي. انهيءَ طرح معلوم شيءِ، جيتري گهڻي
چڱي هوندي، اوترو انهيءَ جو علم يا ڄاڻڻ به چڱو
هوندو ۽ انيهءَ ۾ لذت به اوتري گهڻي هوندي. خدا
تعاليٰ، سڀني شين کان اشرف آهي، ڇالاءِ جو سڀني
شين کي، انهيءَ جي ڪري شرف حاصل آهي. هُو، ساري
عالم جو بادشاهه آهي ۽ ساري عالم جا عجائبات،
انهيءَ جي صنعت جون نشانيون آهن، تنهن ڪري، ٻي
ڪابه معرفت، انهيءَ جي معرفت کان زياده شريف ۽ لذت
واري نه هوندي، ۽ حضرت ربوبيت جي ديدار کان بهتر،
ٻيو ڪوبه ديدار نه آهي، ۽ دل جي طبيعت، هميشه اُن
جي ديدار کي گهري ٿي، هن ڪري، جو سڀ شيءِ جي
طبيعت، انهيءَ خاصيت، کي گهري ٿي، جنهن جي لاءِ،
ان کي خدا خلقيو آهي. جيڪڏهن ڪا دل اهڙي هُجي،
جنهن مان انهيءَ معرفت جي خواهش نڪري، گم ٿي وڃي
ته اها دل، انهيءَ بيمار جي مثال آهي، جنهن جي
اشتها يا کائڻ جي خواهش، گم ٿي وڃي ۽ مانيءَ کان،
هن کي مٽي زياده وڻي. جيڪڏهن انهيءَ بيمار جو علاج
نه ڪبو ۽ اشتها وري پيدا نه ٿينديس ۽ مٽي کائڻ جو
شوق نه ويندس، ته اهو بيمار، دنيا ۾ تمام ڪم نصيب
ٿيندو ۽ مري ويندو، جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾، خدا
جي معرفت کان زياده، ٻين شين جو شوق آهي، سو به
بيمار آهي ۽ هُن جهان ۾، بدبخت ۽ تباهه ٿيندو. سڀ
خواهشون ۽ محسوسات جون لذتون، ماڻهوءَ جي بدن سان
علاقو رکن ٿيون. مرڻ ڪري، اُهي سڀ گم ٿي وڃن ٿيون
۽ انهن خواهشن جي ڪري، جا محنت هُن کنئين آهي،
اُها به ضايع ٿيندي ۽ خدا جي معرفت جي لذت جو،
دل سان واسطو آهي. اُها مرڻ ڪري، پاڻ گهڻي
ٿيندي، ڇالاءِ جو دل، مرڻ جي ناهي، ۽ معرفت، ائين
ئي قائم برقرار رهندي، بلڪه دل، زياده روشن ٿيندي
۽ ٻين شين جي خواهش مان، جيتري تڪليف ٿئي ٿي،
اوتري زياده لذت، انهيءَ مان ٿيندي. انهيءَ جو
مفصل بيان، اسين، محبت جي اصل ۾ ڏينداسين، جو هن
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو.
فصل ارڙهون
ماڻهوءَ جي گوهر يا اصل جو حال، جيڪو ڏنو
ويو آهي، اوترو ئي هن ڪتاب ۾ ڪفايت ڪري ٿو. جيڪو
ڀانئين، ته زياده تفصيل معلوم ڪري، سو ڪتاب ”عجائب
القلوب“ ڏسي، جنهن ۾ اسان اهو لکيو آهي، پر انهن
ٻنهي ڪتابن مان به ماڻهن کي، پوري خود شناسي يا
پنهنجي نفس جي سڃاڻپ، حاصل نٿي ٿي سگهي، ڇالاءِ جو
دل، ماڻهوءَ جو هڪڙو رُڪن آهي ۽ دل جي سڀني صفتن
مان، ڪن صفتن جو اهو بيان آهي. ماڻهوءَ جو ٻيو
رُڪن بدن آهي ۽ اُن جي پيدا ڪرڻ ۾ به گهڻائي
عجائبات آهن. آدميءَ جي ڪنهن ظاهري، توڙي سڀ ڪنهن
باطني عضوي ۾، عجيب ڳالهيون ۽ عمديون حڪمتون آهن
۽ آدميءَ جي بدن ۾، ڪئين هزار رڳون ۽ نسون ۽
هڏيون آهن، جن مان هر هڪ جي صورت ۽ صفت، علحده
آهي ۽ هر هڪ، جدا مطلب لاءِ آهي. تون، انهن سڀني
کان بيخبر آهين. رڳو ايتري خبر اٿئي، ته هٿ وٺڻ
لاءِ پير هلڻ لاءِ، زبان ڳالهائڻ لاءِ آهي ۽ هر
هڪ، جدا مطلب لاءِ آهي. ليڪن تون هيءَ ڳالهه ته
ڄاڻ، ته خدا، اک کي، ڏهن پردن مان جوڙيو آهي. اهي
ڏهه ئي پردا، هڪٻئي کان مختلف آهن. انهن مان
جيڪڏهن، هڪڙو ئي گهٽ هجي ته جيڪر ماڻهوءَ جي ڏسڻ ۾
خلل پئجي وڃي ۽ توکي، هيتري به خبر ناهي ته هڪڙو
هڪڙو پردو، ڪهڙي ڪهڙي ڪم لاءِ آهي ۽ ڏسڻ ۾ ماڻهو،
انهن جو محتاج آهي. ۽ اک جو مقدار، جيترو آهي،
اوترو ظاهر آهي ۽ ان جو تفصيل، گهڻن ڪتابن ۾ ماڻهن
لکيو آهي. جي توکي اک جي پردن جي ڪفيت معلوم نه
آهي، ته انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب آهي؟ ڇالاءِ جو توکي،
اها خبر ڪانهي، ته اندر جا عضوا، جهڙو جگر يا جيرو
۽ تلي ۽ پتو ۽ گردو وغيره ڇو جوڙيا ويا آهن؟ جگر،
انهيءَ لاءِ آهي ته معدي مان، طرح طرح جون
غذائون،م جي منجهس اچن، تن سڀني کي هڪجهڙو، رت جي
رنگ جهڙو ڪري ڇڏي، ته هو، ساري بدن جي غذا يا قوت
ٿيڻ جو لائق ٿئي. جڏهن رت، جگر ۾ پهچي وڃي ٿو،
تڏهن اُن جي هيٺان، تهه رهجي وڃي ٿو، ته اهو سودا
ٿي پوي ٿو. تلي انهيءَ لاءِ آهي ته اُن کي، جگر
مان ڪڍي وٺي ۽ اُن جي مٿان، جيڪا پيلي پيلي ڦيڻ
يا گجي پيدا ٿئي ٿي، سا صفرا آهي. پتو، ، انهيءَ
لاءِ آهي ته انهيءَ کي رت منجهان ڪڍي وٺي ۽ رت
جڏهن جگر کان ٻاهر نڪري ٿو، تڏهن پتلو ۽ چٽو ٿئي
ٿو. گردو، انهيءَ لاءِ آهي، ته رت مان پاڻيءَ کي
ڇڪي وٺي ته سوداء ۽ صفرا کان سواءِ قوام ٿي، رت،
رڳن ۾ وڃي، جيڪڏهن پتي کي ڪا حرڪت پهچندي، ته رت
۾، صفرا رهجي ويندو، جنهن ڪري صفراوي بيماريون
پيدا ٿينديون. جيڪڏهن تليءَ کي ڪو صدمو پهچندو،
ته رت ۾، سودا، مليل رهجي ويندو، جنهجن ڪري سوداوي
بيماريون پيدا ٿينديون. جيڪڏهن گردي کي ڪا آفت
رسندي، ته رت ۾ پاڻي رهجي ويندو، جنهن ڪري،
استيسقا يا گهڻي اُڃ جي بيماري پيدا ٿيندي. انهيءَ
طرح، ماڻهوءَ جي ظاهري ۽ باطني عضون مان، هر عضوي
کي خدا، هڪڙي ڪم لاءِ پيدا ڪيو آهي، جنهن
کانسواءِ، بدن ۾ خلل پيدا ٿي پوي ٿو، بلڪه ماڻهوءَ
جو بدن، جيتوڻيڪ تمام ننڍو آهي، ته به سٺي عالم
جي مثال آهي، ڇالاءِ جو جيڪي جهان ۾ خدا، پيدا ڪيو
آهي، تنهن سڀ جو نمونو، آدميءَ جي بدن ۾ موجود
آهي. هڏيون، جبل آهن؛ پگهر، مينهن آهي، وار، وڻ
آهن، دماغ، آسمان، حواس، گويا تارا آهن ۽ انهن جو
تفصيل تمام وڏو آهي. بلڪه جهان ۾، قسم قسم جا
مخلوق آهن. مثلن سوئر، ڪتو، بگهڙ، وهٽ يا چوپايو
مال،ديو، پري، ملائڪ. انهن سڀني جا مثال، آدميءَ
جي بدن ۾ موجود آهن، جيئن ته اُن جو بيان مٿي اچي
ويو آهي، بلڪه جي ڪاسبي ۽ ڌنڌي وارا، جهان ۾ آهن،
انهن سڀني جا نمونا، انسان جي جسم ۾ موجود آهن.
جيڪا طاقت، معدي ۾، کاڌو هضم ڪري ٿي، سا گويا
بورچي آهي ۽ جيڪا قوت، خالص کاڌي کي، جگر ۾ ڦوڳ
کي، آنڊي ۾ پهچائي ٿي، سا گويا چاڪي يا تيلي آهي.
جيڪا قوت، کاڌي کي جگر ۾، رت جهڙو ڳاڙهو ڪري ٿي،
سا گويا رنگريز آهي ۽ جا طاقت، رت کي، زال جي
ڇاتين (ٿڻن) ۾ پهچي، کير ڪري ٿي ۽ مڙس جي خصيتن
۾، مني پيدا ڪري ٿي، سا گويا ڌوٻي آهي ۽ جا طاقت
کاڌي کي، سڀڪنهن عضوي ۾ ڇڪي پهچائي ٿي، سا گويا
جربي (چوپاين کي وڪڻڻ لاءِ، هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ
تي پهچائيندڙ شخص) آهي ۽ جا قوت، پاڻيءَ کي جگر
مان ڇڪي گردي ۾، مثاني ۾ هاري وجهي ٿي، سا گويا
پخالي آهي ۽ جا قوت، ڦوڳ کي، پيٽ کان ٻاهر ڪڍي ٿي،
سا گويا ڀنگي يا شڪاري آهي ۽ جا قوت، سودا ۽ صفرا
کي اندر، انهيءَ لاءِ پيدا ڪري ٿي، ته بدن تباهه ۽
خراب نه ٿئي، سا گويا مڪار يا فسادي آهي ۽ جا قوت،
صفرا وغيره بيمارين کي دور ڪري ٿي، سا گويا منصف
رئيس آهي، اُن جو تفصيل به ڊگهو آهي. اصل مطلب
هيءُ آهي ته توکي، اها ڳالهه معلوم ٿئي ته، تو
منجهه، ڪيتريون قوتون، پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن ۽
تون غلفت جي ننڊ ۾ پيو آهين. انهن قوتن مان ڪابه
تنهنجي ڪم کان غافل ۽ فارغ نه ٿي رهي. تون، نه
انهن کي ڄاڻين ٿو ۽ نه جنهن اُنهن کي، تنهنجي ڪم
لاءِ پيدا ڪيو آهي، تنهنجو احسان مڃين ٿو، جيڪڏهن
ڪو ماڻهو، پنهنجي غلام کي، هڪڙي ڏينهن جي لاءِ
تنهنجيءَ خدمت ڪرڻ واسطي موڪلي ته حيڪر تون، ساري
عمر، هُنن جو شڪريه ادا پيو ڪرين، ۽ جنهن تو
منجهه، هيترا هزار ڪاسبي، تنهنجيءَ خدمت لاءِ مقرر
ڪيا آهن، جي سڄيءَ عمر ۾ هڪڙو پل به تنهنجي خدمت ۽
چاڪريءَ کان فارغ نه ٿا ٿين، تنهن کي تون ياد نه
ٿو ڪرين. بدن جي ترڪيب ۽ عضون جي فائدن ڄاڻڻ کي
’علم تشريح‘ چون ٿا ۽ اهو وڏو علم آهي ۽ خلق،
انهيءَ کان غافل آهي ۽ اهو نٿي پڙهي. جنهن پڙهيو
آهي، تنهن انهيءَ لاءِ پڙهيو آهي، ته طب جي علم ۾
قابل ٿئي. طب جو علم، خود مختصر ۽ بي حقيقت آهي،
جيتوڻيڪ اُن کي گهرج ٿئي ٿي، تڏهن به دين جي رستي
سان اُن جو واسطو ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو، خدا جي
عجيب صنعتن ڏسڻ جي نيت سان اهو علم پڙهندو، ته
اُن کي خدا جي صفتن مان ٽي صفتون، ضرور معلوم ٿي
وينديون. هڪڙي هيءَ ته هن قالب جي جوڙڻ وارو ۽
هن جي جسم پيدا ڪرڻ وارو، اهڙو وڏو قادر آهي،
جو اُن جي ڪامل قدرت ۾، نقصان يا عاجزيءَ کي،
بلڪل دخل ڪونهي. جيڪي وڻيس، سو ڪري سگهي ٿو،
ڇالاءِ جو دنيا ۾، ڪوبه ڪم، انهيءَ کان عجيب
ڪونهي ته هڪڙي قطري پاڻي جي مان، اهڙو جسم پيدا
ڪري سگهي ٿو، جو اهڙا عجيب ڪم ڪري سگهي، تنهن کي
مرڻ کان پوءِ، وري جيئرو ڪرڻ، ته تمام آسان ٿيندو!
ٻي هيءَ صفت، ته اُهو خالق، اهڙو عالم آهي، جو
اُن جو علم، سڀني ڪمن کي گهيريو اچي، هن ڪري، جو
اهي سڀ عجائبات، اهڙين عمدين حڪمتن سان، سواءِ
ڪمال علم جي ناممڪن آهن. ٽي هيءَ صفت، ته خالق جي
مهرباني ۽ رحمت، بندن تي، بي نهايت آهي، جو انسان
کي، جيئن ٿيڻ گهربو هو، تيئن پيدا ڪيائين، بلڪه
جنهن شيءِ جي ضرورت هيس، سا کيس موجود ڪري
ڏنائين. مثلن جگر، دل ۽ دماغ، جي حيوان جو اصل
آهن، سي سڀ به ڏنائينس ۽ جنهن شيءِ جي ضرورت به
هيس، پر رُڳو احتياط هوس، مثلن هٿ، پير، زبان ۽
اک وغيره، سو به عطا ڪيائينس ۽ جن شين جي نه
ضرورت هيس ۽ نه حاجت، مگر جن مان زياده زينت ۽
سونهن هُيس، مثلن وارن جي ڪاراڻ ۽ چپن جي لالاڻ،
ڀرن جي ڏنگائي، اکين ۽ پنبڻين جي سنوت ۽ همواري،
سي به عنايت ڪيائينس. اهي شيون، انهيءَ لاءِ
جوڙيائين، ته ماڻهو، چڱو ڏسڻ ۾ اچي ۽ اها
مهرباني، فقط ماڻهوءَ سان، پر سڀ مخلوقات سان
ڪيائين، حتيٰ ڪه مڇر، ڏينبوءَ ۽ مک کي به، جا شيءِ
گهربي هئي، سا ڏنائين، انهيءَ هوندي به انهن جي
ظاهري صورت، چڱن نقشن ۽ عمدن رنگن سان
سينگاريائين. تڏهن ماڻهوءَ جي خلقت کي، خيال ۽ غور
سان ڏسڻ، خدا جي صفتن سڃاڻڻ جي ڪُنجي آهي. انهيءَ
ڪري، انهيءَ علم، يعني علم تشريح جو مانُ آهي، ته
انهيءَ ڪري، اُن جي بزرگي آهي ته طبيب کي اُن جي
ضرورت آهي. جهڙي طرح شعر۽ تصنيف ۽ صنعت جا
عجائبات، جيترو زياده تون ڄاڻين ٿو، اوتري زياده
اُنهيءَ شاعر ۽ مصنف ۽ صانع جي وڏائي به توکي
معلوم ٿئي ٿي. انهيءَ طرح، خدا جون به عجيب و غريب
صنعتون به، انهيءَ صانع باڪمال جي وڏائيءَ ۽ عظمت
معلوم ڪرڻ جي ڪُنجي آهي ۽ هيءَ علم به، نفس جي
معرفت، يعني پاڻ کي سڃاڻڻ جو رستو آهي، ليڪن دل جي
علم جي به نسبت، تنگ ۽ ننڍو آهي، ڇالاءِ جو هيءُ،
بدن جو علم آهي ۽ بدن، وهٽ وانگي آهي ۽ دل،
سواريءَ جي واسطي وهٽ آهي ۽ نه وهٽ جي لاءِ سوار.
هيءُ جيڪو به بيان ڏنو ويو، سو انهيءَ لاءِ آهي ته
توکي خبر پوي، ته باوجوديڪه تنهنجي نفس يا ذات کان
سواءِ، يعني پنهنجو پاڻ کان زياده نزديڪ، توکي ٻي
ڪابه شيءِ ڪانهي، مگر اُنهيءَ هوندي به تون، پاڻ
کي نٿو سڃاڻين ۽ ٻين کي سڃاڻڻ جي دعويٰ ٿو ڪرين،
سو انهيءَ مفلس ڪنگال جهڙو آهي، جو پاڻ کي کاڌو
ڏيئي نٿو سگهي ۽ دعويٰ اها ٿو ڪري ته سڄي شهر جا
محتاج، منهنجي ماني ٿا کائين. هُن جو ائين چوڻ ۽
دعويٰ ڪرڻ، محض واهيات ۽ عجب جي ڳالهه آهي! |