فصل اُوڻيهون
هيءُ جيڪو بيان ٿيو، تنهن مان ماڻهوءَ
جي دل جي گوهر يا اصل جي بُزرگي، توکي معلوم ٿي.
هاڻي ڄاڻ، ته خدا، هيءُ گوهر، تمام عمدو توکي ڏنو
آهي ۽ توکان مخفي رکيو اٿس. جيڪڏهن تون انهيءَ کي
نه ڳوليندين، ۽ ان کي ضايع ڪندين، ۽ ان کان غافل
رهندين، ته وڏي نقصقان ۽ خساري ۾ پوندين. ڪوشش
ڪري، دل کي ڳول ۽ دنيا جي مشغوليءَ مان، اُن کي
ڪڍي، بزرگيءَ جي ڪمال درجي تي پهچاءِ، ته هن جهان
۾ بزرگي ۽ عزت ظاهر ٿئي. يعني، خوشي بي ملال ۽
بقاء بي زوال ۽ قدرت جي عجز ۽ معرفت بي شبه ۽ جمال
بي ڪدورت ڏسي، پر هن جهان ۾، دل جي بزرگي، انهيءَ
ڳالهه ۾ آهي، ته هُن جهان ۾، حقيقت عزت ۽ شرف
حاصل ڪرڻ جي لياقت رکجي، نه ته اڄ، انهيءَ کان
زياده عاجز ۽ ناقص ٻيو ڪوبه ڪونهي، ڇالاءِ جو
گرمي، ۽ سردي، بُک ۽ اُڃ، بيماري ۽ ڏک، درد ۽ غم
۾ ڦاٿل آهي، ۽ جنهن شيءِ مان اُن کي لذت ۽ راحت
اچي ٿي، انهيءَ مان ئي هن کي نقصان ۽ جوکو آهي ۽
جا شيءِ هن کي نفعو ٿي پهچائي، اُها رنج ۽
ڪڙائيءَ کان خالي ناهي. جيڪو ماڻهو، بزرگي ۽ عزت
وارو ٿئي ٿو، اُهو علم يا قدرت ۽ قوت يا ارادي يا
همت يا چڱي شڪل جي ڪري، مان لهي ٿو. ماڻهوءَ جي
علم ڏي، جي نگاهه ڪجي، ته هُن کان زياده، ڪوبه
جاهل ڪونهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن سندس دماغ ۾، رُڳي
هڪڙي رڳ ڏنگي ٿي پوي، ته هلاڪت ۽ جنون جو، هن کي
انديشو آهي ۽ هن کي، ڪابه خبر نه ٿي پوي، ته اُن
جو سبب يا علاج ڪهڙو آهي؟ ۽ اڪثر ائين ٿيندو آهي
ته سندس دوا، سندس اکين آڏو هوندي، ته به سڃاڻي
نه سگهندو هوندو، ته هيءَ منهنجي دوا آهي. جيڪڏهن
انسان جي قوت يا قدرت جو خيال ٿو ڪجي، ته هن کان
زياده عاجز ٻيو ڪوبه ڪونه آهي، جو هو هڪڙيءَ مک
کان به کٽي نٿو سگهي. جيڪڏهن هڪڙي مڇر کي، خدا مٿس
غالب ڪري، ته اُهو ماري وجهيس ۽ جيڪڏهن هڪڙو
ڏينڀو، ڏنگ هڻيس، ته به خراب ۽ بيقرار ٿي وڃي،
جيڪڏهن آدميءَ جي همت ڏي نهارجي ٿو، ته جي
چانديءَ جي هڪڙي دانگ يا ڇهن رتين جي وزن جيترو
نقصان ٿئيس ٿو هو اداس، ملول ۽ پريشان ٿئي ٿو.
جيڪڏهن بک مهل، هڪڙو گرهه، هن کي نٿو ملي ته
بدحواس ٿي وڃي ٿو، انهيءَ کان زياده ڪنجوس، ٻيو
ڪير هوندو؟ جيڪڏهن ماڻهوءَ جي سونهن ۽ صورت جو
خيال ڪبو، ته ڄڻ گند جي ڍير تي، هڪڙي چمڙي مڙهيل
آهي، جي ماڻهو، ٻه ڏينهن برابر، پنهنجو بت نه
ڌوئي، ته اُن مان ايتريون خرابيون ظاهر ٿين، جو
جيڪر هُو پاڻ کان پاڻهي بيزار ٿئي. هُن جي بت مان
باس اچڻ لڳي ۽ تمام خراب حالت ۾ اچي وڃي.، ماڻهوءَ
کان زياده گندي ٻي شيءِ ڪانهي، هن لاءِ“ جو هُن
منجهه سدائين نجاست ۽ گندگي ڀريل رهي ٿي ۽ اها،
هو پاڻ سان کنيو وتي ۽ ڏهاڙي ٻه ڀيرا، اُها نجاست
هو ڪڍي ٿو ۽ هٿن سان ڌوئي ٿو.
نقل آهي ته هڪڙي ڏينهن، شيخ ابو سعيد قدس
سره، پنهنجن صوفين سان گڏ، ڪنهن پاسي ٿي ويو.
هڪڙي هنڌ آيا، جتي سندس جاءِ ضرور جي کڏ صاف ٿي
ڪيائون. رستي تي گند پيو هو. شيخ جا سڀ سنگتي، هڪ
پاسي هٽي، نڪ جهلي بيهي رهيا. شيخ، اُتي بيهي
رهيو ۽ چوڻ لڳو ته يارو! سمجهو ٿا ته هيءَ گندگي ۽
نجاست مون کي ڇا ٿي چوي؟ هنن چيو ته سائين! ڇا ٿي
چوي؟ چيائين ته هيءَ چوي ٿي ته ڪالهه آءٌ بازار ۾
هيس، يعني ميوي، مٺائيءَ، جنس وغيره جي دڪان ۾،
تڏهن ته ماڻهن منهنجي خريداريءَ لاءِ، رپين جون
ٿيلهيون مون تي لٽايون ٿي. آءٌ اوهان جي پيٽ ۾،
رُڳي هڪڙي رات رهي آهيان ته اهڙي نجس ۽ گندي ٿي
پئي آهيان! هاڻي اوهان کي، مون کان پري ڀڄڻ مناسب
آهي يا مون کي اوهان کان؟ حقيقت جي ڳالهه به ائين
آهي ته ماڻهو، هن جهان ۾، تمام ناقص، عاجز ۽ بيڪس
آهي. قيامت جي ڏينهن، هن جي گرم بازاري ٿيندي.
جيڪڏهن ڪيميائي سعادت جو ذرو، دل جي گوهر تي
وجهبو، ته جانورن جي درجي مان نڪري، ماڻهو، ملائڪن
جي مرتبي تي پهچندو ۽ جي دنيا ۽ دنيا جي خواهش ڏي
متوجه ٿيندو، ته قيامت جي ڏينهن، ڪتو ۽ سوئر به
انهيءَ کان بهتر هوندو، ڇالاءِ جو اُهي، خاڪ ٿي
ويندا ۽ رنج ۽ عذاب کان ڇٽل رهندا، پر ماڻهو، عذاب
۾ رهندو، تنهن ڪري ماڻهوءَ، جتي، پنهنجي بزرگي
ڄاتي آهي، اتي گهرجيس،ته پنهنجو نقصان ۽ پنهنجي
بيڪسي ۽ لاچاري به سڃاڻي ڇڏي، هن لاءِ ته پنهنجي
نفس کي اهڙيءَ طرح سڃاڻڻ به معرفت الاهيءَ، يعني
خدا تعاليٰ جي سڃاڻڻ جي هڪڙي ڪنجي آهي. پاڻ کي
سڃاڻڻ جو ايترو بياس بس آهي، ڇالاءِ جو هن ڪتاب
۾، انهيءَ کان زياده بيان ڏيڻ ممڪن ناهي.
ٻيو عنوان – خدا جي معرفت بابت
فصل پهريون
ڄاڻ، ته اڳوڻن پيغمبرن جي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل
آهي ته انهن کي خدا جو ارشاد آهي ته:
”اعرف نفسڪ تعرف ربڪ“ (يعني، پنهنجي نفس کي سڄاڻ،
ته جيئن، تون پنهنجي رب کي سڃاڻين).
۽ حديث ۽ اصحابن جي قولن ۾ مشهور آهي ته:
”من عرف نفسه فقد عرف ربه“ (يعني، جنهن پنهنجي نفس
کي يا پاڻ کي سڃاتو،تنهن، تحقيق، پنهنجي رب کي
سڃاتو).
انهن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته
ماڻهوءَ جي دل، آرسيءَ وانگي آهي، جيڪو ان ۾ ڌيان
سان نهاريندو، سو حق کي ڏسندو ۽ گهڻي خلق، رڳو پاڻ
کي ٿي ڏسي ۽ حق کي نٿي سڃاڻي، نتهنڪري، جنهن لحاظ
سان، دل کي ڄاڻڻ ضروري آهي، ۽ انهيءَ ڄاڻڻ جون ٻه
صورتون آهن. هڪڙي تمام مشڪل آهي، جنهن کي عام
ماڻهو ڄاڻي نه سگهندا ۽ انهن جي سمجهه ۾، اها
صورت اچي نٿي سگهي، ۽ جا شيءِ، عام مانحو سمجهي
نٿا سگهن، انهيءَ جو بيان ڏيڻ، مناسب ناهي، ليڪن
اُها صورت، بيان ڪرڻ گهرجي، جا سڀ سمجهي سگهن.
اُها صورت هيءَ آهي ته ماڻهو، پنهنجي هستيءَ مان،
خدا جي ذات جي هستي سڃاڻي ۽ پنهنجن صفتن مان، خدا
جون صفتون ڄاڻي ۽ پنهنجي بادشاهيءَ مان، يعني بدن
۽ عضون تي، جو ماڻهوءَ جو حڪم ۽ قبضو ۽ اختيار
آهي، تنهن مان، خدا جي بادشاهي يا اُن جو اختيار،
جو سڄي عالم تي رهي ٿو، سو سڃاڻي. انهيءَ جو
تفصيل هي:ءُ آهي ته جڏهين پهرين، ماڻهوءَ، پاڻ کي
هست ڄاتو ۽ ايتري خبر پيس، ته هاڻي آهيان، ليڪن
ڪي ورهيه اڳي، نيست هوس ۽ منهنجو ڪوبه نالو نشان
ڪونه هو، جيئن ڪه حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”“هل اتيٰ علي الانسان حين من الدهرلم يڪمن شيئا
مدڪورا (1) انا خلقنا الانسان من نطفة امشاج
نبتليه فجعلناه سميعا بصيرا“
(يعني، ڪڏهن ٿيو آهي ماڻهوءَ ڪڏهن ٿيو
آهي ماڻهوءَ تي هڪڙو وقت زماني ۾، جڏهن هو، ڪي به
ڪين هو، جنهن جو ذڪر ڪجي. اسان ماڻهوءَ کي جوڙيو
(ڪيترين شين مان) پاڻي جي قطري مان ۽ انهيءَ کي
آزمائيندا رهياسين، پوءِ انهيءَ کي ٻڌڻ وارو ۽
ڏسڻ وارو ڪيوسين).
جنهن شيءِ مان ماڻهو، پنهنجي اصل خلقت سڃاڻي،ته
پنهنجي هستيءَ کان اڳي، آءُ ڇا هوس، سا نطفو يا
مني آهي ۽ اها ناپاڪ پاڻيءَ جو هڪڙو ڦڙو آهي، جنهن
۾ عقل، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه، مٿو، هٿ، پير، زبان،
اکيون، نسون، هڏيون، گوشت، چم، انهن مان، ڪابه
شيءِ ڪانه هئي. فقط لسو، سفيد پاڻي هو. پوءِ
انهيءَ ۾، اُهي عجائبات ظاهر ٿيا، يعني عقل، مٿو،
هٿ، پير وغيره. هُن، پاڻ کي پاڻهي پيدا نه ڪيو،
بلڪ ٻئي ڪنهن، اُن کي پيدا ڪيو، هن ڪري، جو
جيتوڻيڪ پاڻ، ڪمال جي درجي کي پهتو آهي، ته به پڪ
ڄاڻي ٿو، ته هڪڙي وار جوڙڻ کان به عاجز آهي. تڏهن
هي به ڄاڻندو، ته جڏهن آءٌ فقط پاڻيءَ جو ڦڙو هوس،
تڏهن ته پاڻ زياده عاجز ۽ ناقص هوندس. پاڻ کي
پاڻهي ڪين پيدا ڪري سگهندس. انهيءَ ڪري، خواه
مخواه، ماڻهوءَ کي پنهنجي پيدا هئڻ مان، خالق جي
ذات جي هستي معلوم ٿيندي ۽ جڏهن پنهنجي بدن جا
ظاهري ۽ باطني عجائبات ڏسندو ۽ ڄاڻندو، ته منهنجو
خالق، وڏو قادر آهي، جيڪي وڻيس سو ڪري ٿو ۽ جيئن
وڻيس ٿو تيئن پيدا ڪري ٿو. سمجهندو، ته انهيءَ کان
ٻي وڏي قدرت ڪهڙي هوندي، ته اهڙي خسيس ناچيز
پاڻيءَ جي ڦڙي مان، ڪمال ۽ جمال سان، ڪهڙي نه صورت
بنائي ٿو ۽ انهيءَ صورت ۾، ڪهڙا نه عجائب غرائب
ڏيکاري ٿو! ماڻهو، جڏهن پنهنجين عجيب صفتن ۽
پنهنجن عضون جي فائدن کي ڏسي ٿو، ته سڀڪو باطني
عضو، مثلن، جگر، تلي، پتو وغيره، خدا تعاليٰ ڪهڙي
حڪمت لاءِ پيدا ڪيو آهي، تڏهن پنهنجي خالق جي علم
کي سڃاڻي ٿو ته ڪهڙو نه عميق علم آهي ۽ ڪهڙو نه
اونهو هيءُ عالم آهي ۽ ماڻهوءَ کي، هيءَ به خبر
پوندي، ته اهڙي عالم کان، ڪابه شيءِ ڳجهي رهي نه
سگهندي، جيڪڏهن سڀني عقلمندن جو عقل ڪم ۾ لڳائين
۽ انهن کي ڊگهي عمر ڏين ۽ اُهي خيال پچائين، ته
انهن عضون مان، ڪنهن هڪڙي عضوي جي اهڙي صورت ڪڍن،
جا هاڻوڪي صورت کانبهتر هجي، ته ڪڍي نه سگهندا،
مثلن، ڏندن جي جيڪا صورت، هاڻي موجود آهي، يعني
کاڌي جي شيءِ کي وڍڻ لاءِ، اڳيان ڏند تيز آهن، ۽
کاڌي کي پيهي سنهي ڪرڻ لاءِ ٻيا ڏند چپترا ۽ موڪرا
آهن. ڏندن جي ويجهو زبان، پيهڻ واري جي پاهوڙيءَ
وانگي آهي ۽ جا ان، جنڊ ۾ وجهجي ٿي ۽ زبان جي
هيٺان، جا سگهه آهي، سا اٽي ڳوهڻ ۽ پاڻي وجهڻ واري
جهڙي آهي، جا جڏهن گهرج پوي ٿي ۽ جيتري گهرج ٿئي
ٿي، اوترو پاڻي وجهي ٿي، انهيءَ لاءِ ته طعام،
آلو ٿئي ۽ نڙيءَ کان هيٺ لهي ۽ ڦاسي نه پوي.
انهيءَ صورت جي برخلاف، ٻي ڪا اهڙي شڪل، جا
انهيءَ کان بهتر هجي، سا ساري عالم جا عقلمند گڏ
ٿي، ڪڍي ڪين سگهندا. انهيءَ طرح، هٿ ۾ پنج آڱريون
آهن، جن مان چار، هڪڙيءَ طرح جون آهن ۽ هڪڙو
آڱوٺو، ٻين آڱرين جي بنسبت، پرڀرو ۽ قد ۾ ننڍو
آهي ۽ سڀڪنهن آڱر سان گڏ، ڪم ۾ اچي سگهي ٿو ۽
سڀني آڱرين تي ڦري سگهي ٿو ۽ سڀني آڱرين ۾، ٽي ٽي
ڏوڏا يا ڳنڍ آهن ۽ آڱوٺي ۾ فقط ٻه آهن. اُهي اهڙا
جڙيل آهن، جو جيڪڏهن ماڻهو گهري، ته اُن مان پيالو
بنائي، وڻيس ته لپ بنائي، وڻيس ته مٺ بند ڪري،
گهوسو يا مڪ بنائي ۽ ان کي هٿيار وانگي ڪم آڻي،
يعني دشمن کي ماري يا وڻيس ته مٺ پٽي، چنبي کي
طباق بنائي ۽ گهڻن ٻين نمونن سان ڪم ۾ آڻي. جيڪڏهن
ساري جهان جا عقلمند، آڱرين جي ٻي ڪا ترتيب جوڙين،
مثلن جي سڀ آڱريون هڪجهڙيون ۽ هڪجيڏيون هجن، يا ٽي
هڪڙي پاسي ۽ ٻه ٻئي پاسي هجن، يا پنجن جي بدران
ڇهه يا چار هجن، يا ٽن ڏوڏن جي بدران، هڪ هڪ آڱر ۾
ٻه يا چارهجن، انهن مان جيڪا به ڳالهه ڪن يا
سوچين، سا ناقص آهي ۽ جنهن انداز تي خداوند ڪريم،
اهي پيدا ڪيون آهيون، سي ئي تمام چڱيون آهن. هن
بيان مان معلوم ٿيندو ته خالق جو علم، انهيءَ شخص
کي گهيري اچي ٿو ۽ سڀني شين جي خالق کي خبر آهي ۽
آدميءَ جي سڀ ڪنهن عضوي ۾، اهڙيون حڪمتون آهن،
جوجيڪو انهن مان زياده واقف ٿيندو، سو خدا جي علم
جي گهڻائيءَ ۽ وڏائيءَ کان، زياده تعجب ۾ پوندو.
جڏهن ماڻهو، پنهنجن احتياجن ۽ ضرورتن کي ڏسڻ
لڳندو، تڏهن پهرين ڏسندو ته ان کي عضون جو احتياج
آهي، ۽ پوءِ ڄاڻندو ته کاڌي، ڪپڙي ۽ گهر جو به
احتياج اٿس ۽ ان جي کاڌي جي شين کي به، مينهن ۽
هوا ۽ گرميءَ ۽ سرديءَ جي ضرورت آهي ۽ جيڪي هنر،
انهن خوراڪن کائڻ جي لائق ڪن ٿا، انهن جي به ضرورت
آهي ۽ انهن هنرن جي لاءِ، وري اوزارن جي گهرج آهي،
يعني لوهه، ٽامي، پتل ۽ شيهي جي ۽ اوزار، ڪيئن ٺهن
ٿا،تنهن جي سمجهائڻ ۽ معلوم هئڻ جا، خود اوزار به
محتاج آهن. انهن سڀني شين جي گهرج ڏسي، ماڻهو
ڄاڻندو ته سڀ مخلوقات، تمام چڱي انداز ۾ ترتيب تي
جڙيل آهي ۽ سڀني مصنوعات جو تمام چڱي وضع تي
بُنياد پيل آهي ۽ سڀڪا شيءِ، جنهن جنهن قسم جي
خدا جوڙي آهي، سا جي نه جوڙي ها، ته انهن جي جوڙڻ
جو طرز يا انداز، ڪنهن کي به خيال ۾ نه اچي سگهي
ها. اوهان سمجهندؤ، ته سڀ مخلوقات ۽ مصنوعات، ري
مڱي مراد آهي ۽ رڳو خدا جي عنايت ۽ مهربانيءَ سان،
انهن سڀني جو بنياد پيل آهن. انهن ڳالهين منجهان،
ماڻهوءَ کي هيءَ صفت معلوم ٿيندي، ته ساري عالم
تي، خدا جي مهرباني ۽ عنايت آهي ۽ انهيءَ صفت جي
ڪري، سڀني اوليائن جي حياتي آهي. جيئن ڪه قدسي
حديث ۾ آيو اهي، يعني، رسول صلعم جي واتان،حق
تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”سبقت رحمتي عليٰ غضبي“ (يعني، منهنجي رحمت،
منهنجيءَ ڪاوڙ تي، اڳرائي ڪري وئي آهي).
۽ جيئن ڪه، رسول صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو
آهي: ته کير پياڪ ٻارن تي، ماءُ جي جيتري محبت ۽
شفقت آهي، تنهن کان زياده، بندن تي، حق تعاليٰ جي
رحمت آهي، جو هو الرحمن الراحمين آهي. مطلب ته
جڏهن ماڻهوءَ، پنهنجي پيدا ٿيڻ مان، خدا جي هستي
معلوم ڪئي ۽ پنهنجن عضون جي گهڻائيءَ مان حق
تعاليٰ جي ڪمال قدرت کي سڃاتو ۽ عجيب حڪمتن مان
۽ پنهنجن عضون جي فائدن مان، خدا جي ڪمال کي ڏٺو
۽ جن شين جي حاجت يا ضرورت، يا جن مان فقط زيب ۽
زينت آهي، تن کي پاڻ سان گڏ موجود ڏسڻ سان خد
ذوالجلال جي لطف ۽ رحمت کي معلوم ڪيو، تڏهن هُن
پنهنجي نفس کي سڃاتو. اهڙي نفس جي سڃاڻپ، حق
تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجي آهي.
فصل ٻيون
جهڙيءَ طرح ماڻهوءَ، حق تعاليٰ جي صفتن
کي، پنهنجين صفتن مان سُڃاتو، ۽ حق تعاليٰ جي ذات
کي، پنهنجي ذات مان ڄاتو،تهڙيءَ طرح، حق تعاليٰ
جي تنزيه ۽ تقديس، يعني پاڪائي به، پنهنجي
پاڪائيءَ مان ڄاڻي سگهي ٿو. حق تعاليٰ جي تنزيه ۽
تقديس جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جيڪي وهم ۽ خيال ۾
اچي، تنهن کان هو پاڪ آهي ۽ جيتوڻيڪ، ڪابه جاءِ،
حق تعاليٰ جي موجودگيءَ کان خالي ناهي، تڏهن به
ڪنهن جاءِ سان منسوب ٿي سگهڻ يا ڪنهن هڪڙي هنڌ هئڻ
کان، هو پاڪ آهي ۽ ماڻهو، هن قسم جون نمونو پاڻ ۾
ڏسي ٿو، هن لاءِ جو ساهه جي حقيقت، جنهن کي اسين
دل چئون ٿا، سا به انهن ڳالهين کان پاڪ آهي، جي
وهم ۽ خيال ۾ اچي سگهن ٿيون، هن ڪري، جو انهن جي
لاءِ نه انداز آهي ۽ نه مقدار آهي ۽ نه وراهڻ يا
ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جوڳو آهي. جڏهن دل، انداز ۽ وراهڻ کان
پري ٿي، تڏهن هن جو بي رنگ هئڻ به ضروري آهي ۽
جنهن شيءِ جو، نه انداز آهي ۽ نه رنگ، سا ڪڏهن به
خيال ۾ نه اچي سگهندي، ڇالاءِ جو خيال ۾ اُها شيءِ
اچي ٿي، جنهن کي، يا جنهن جي جنس کي، اک ڏسي سگهي
ٿي ۽ رنگ ۽ شڪل کان سواءِ، ٻيو ڪي به خيال ۽ نظر
۾ نٿو اچي. ماڻهوءَ جي طبيعت، جا هميشه گهرندي
آهي ته معلوم ٿئي، ته فلاڻي شيءِ ڪهڙي آهي،
اُنهيءَ جي به اهائي معنيٰ آهي، ته انهيءَ شيءِ جي
ڪهڙي شڪل آهي، ننڍي آهي يا وڏي، ۽ جيڪا شيءِ، انهن
صفتن کان پاڪ آهي، يعني صورت، رنگ، قد انداز کان
ٻاهر آهي، اُن بابت پڇڻ اجايو اهي ته اُها ڪهڙي
شيءِ آهي؟ جنهن شيءِ ۾ چگونگي يا ڪهڙائيءَ کي دخل
ڪونهي، سا جي تون معلوم ڪرڻ گهرين، ته خود
پنهنجيءَ حقيقت ۾ ور ڪري ڏس! نتهنجي حقيقت، جا خدا
جي معرفت جي جاءِ آهي ۽ تقسيم يا ورهاڱي جوڳي نه
آهي، نڪي ڪيفيت ۽ ڪميت اٿس، يعني انداز ۽ مقدار به
ڪونه اٿس. جيڪڏهن ڪو پڇي، ته روح ڪهڙي شيءِ آهي؟
ته انهيءَ جو جواب هيءُ ٿيندو، ته ڪهڙائيءَ جو،
انهيءَ ۾ ڪوبه دخل ڪونهي. جڏهن توکي پاڻ بابت
معلوم ٿيو، ته چگونگيءَ يا ڪهڙائيءَ کان پاڪ آهي،
تڏهن هيءُ به ڄاڻ، ته حق تعاليٰ، چگونگيءَ کان پاڪ
آهي ۽ پاڪ هئڻ ۾، سڀ کان مٿي آهي. ماڻهو، عجب ۾
پون ٿا ته بيچون ۽ بيچگون شيءِ، ڪيئن موجود رهي
سگهندي ۽ پنهنجيءَ حقيقت کي نٿا سڃاڻن، ته خود
پاڻ به، بيچون ۽ بيچگون موجود آهن. بلڪه ماڻهو، جي
پاڻ ۾ ڳولي، ته هزار شيون، بيچون ۽ بيچگون ڏسي.
جيئن ته پاڻ ۾ درد ڏسي، غصو ڏسي، عشق ڏسي، لذت
ڏسي، ۽ جي ڀانئين ته انهن شين جي چوني ۽ چگونگي
دريافت ڪري، ته ائين ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو
انهن شين کي، نه رنگ آهي نه صورت. تنهن ڪري انهن
سوالن کي، ته ڪيئن آهي ۽ ڪهڙو آهي، درد، غصي وغيره
۾، دخل ئي ڪونهي، تنهن ڪري معلوم ٿيو، ته بيچون ۽
بيچگون شيون، موجود آهن. بلڪه ڪو ماڻهو، آواز يا
لذت يا بوءِ جي حقيقت دريافت ڪرڻ گهرندو، ته اهي
شيون ڪهڙيون آهن، ته ائين ڪري ڪين سگهندو. آدمي،
انهن جي دريافت ڪرڻ ۾ عاجز آهي ۽ عاجزيءَ جو سبب
هيءُ آهي، ته ڪيئن ۽ ڪهڙي خيال جي لاءِ گهربل ۽
ضروري آهن ۽ خيال، ڏسڻ جي حواسن سان حاصل ٿو ٿئي.
تنهن ڪري، سڀ شيءِ ۾ خيال، اک جو حصو ٿو ڳولي ۽
جيڪا شيءِ، ڪنن جي حصي جي اهي، جيئن ته آواز،
انهيءَ ۾ اک جو ڪوبه حصو ڪونهي، تنهن ڪري آواز جي
چوني ۽ چگونگي، دريافت ڪرڻ محال آهي، ڇالاءِ جو
جهڙيءَ طرح، رنگ ۽ صورت جو، ٻڌڻ جي حُاسن سان ڪو
واسطو ڪونهي ۽ نٿو رکي ۽ اُنهن کان پاڪ آهي،
تهڙيءَ طرح آواز به، ڏسڻ جي حواسن کان پاڪ ۽ بي
تعلق آهي. ساڳيءَ طرح، جا شيءِ، دل جي حصي ۾ اچي
ٿي ۽ عقل سان معلوم ڪري سگهجي ٿي، اها ٻين سڀني
حواسن سان واسطو نٿي رکي ۽ انهن کان پاڪ آهي ۽
انهيءَ ۾ ڪنهن به ٻئي حواس جو حصو ڪونهي. چوني ۽
چگونگي، محسوسات سان لاڳو آهي. يعني، انهن شين
سان، جي واسن جي وسيلي معلوم ٿيڻ جوڳيون آهن، اها
ڳالهه، تحقيقات ۽ غور ڪرڻ جهڙي آهي ۽ انهن جو
تفصيل، علم معقولات جي ڪتابن ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب
۾، جيترو بيان ڏنو ويو آهي، سو بس آهي ۽ انهيءَ
بيان مان غرض هيءُ آهي، ته اسين، پنهنجي بيچوني ۽
بيچگونگي معلوم ڪريون. ڄاڻ، ته ساهه موجود آهي ۽
بدن جي بادشاهي ۽ بدن ۾، جن شين کي، چوني ۽ چگونگي
حاصل آهي، سي انهيءَ بادشاهه، يعني جان يا ساهه
جي قبضي ۾ آهن ۽ ساهه پاڻ، بيچون ۽ بيچگون آهي.
ساڳيءَ طرح، عالم جي بادشاهه، يعني حق تعاليٰ جي
تنزيه يا پاڪائيءَ جو، ٻيءَ طرح هيءُ بيان آهي ته
حق تعاليٰ کي، ڪنهن به جاءِ سان، منسوب ڪري نٿو
سگهجي، يعني ائين چئي نٿو سگهجي، ته خدا، هن هنڌ
آهي. ساهه کي به ڪنهن عضوي سان منسوب ڪري نٿو
سگهجي، يعني چئي نٿو سگهجي، ته ساهه هٿن ۾ آهي يا
پيرن ۾ آهي، يا مٿي ۾ آهي يا ڪنهن ٻئي عضوي ۾
آهي،بلڪه بُت جا سڀ عضوا، تقسيم جوڳا آهن، يعني
وراهي، وڍي ۽ ٽڪر ٽڪر ڪري ٿا سگهجن، پر ساهه،
تقسيم جوڳو ناهي، يعني ٽڪر ٿي ڪين سگهندو، ۽ جا
شيءِ پاڻ تقسيم جوڳي ناهي،ڪ سا تقسيم جوڳي ٻيءَ به
شيءِ ۾ سمائجي ڪين سگهندي، ڇالاءِ جو، جي اُها،
اُن ۾ سمائجي وڃي، ته تقسيم جوڳي ٿي پوي ۽ جيتوڻيڪ
ساهه، ڪنهن عضوي سان نسبت نٿو رکي، ته به ڪوبه
عضوو، ساهه جي اثر ۽ تصرف کان خالي ناهي، بلڪه سڀ
عضوا ساهه جي قبضي ۽ حڪم ۾ آهن ۽ ساهه، سڀني عضون
جي بادشاهه آهي. ساڳيءَ طرح، سڄو عالم، جهان جي
بادشاهه، يعني حق تعاليٰ جي تصرف ۽ حڪم ۾ آهي. حق
تعاليٰ انهيءَ ڳالهه کان پاڪ آهي، ته ڪنهن خاص
جاءِ سان، کيس منسوب ڪجي. تقديس ۽ تنزيه جو سارو
حال، تڏهن ظاهر ٿئي، جڏهن روح جي خاصيت ۽ اُن جو
جڳهه، بيان ڪرڻ ۾ اچي، پر اُڻ جي بيان ڪرڻ جي
اجازت ڪانهي ۽
”ان الله خلق آدم اعليٰ صورته“ (يعني، تحقيق!
الله پيدا ڪيو آهي آدم کي، پنهنجيءَ صورت تي)،
انهيءَ جو سارو حال، اُن مان ظاهر ٿيندو.
فصل ٽيون
هاڻي تو، حق تعاليٰ جي ذات معلوم ڪئي ۽
سندس صفتن کي ۽ چوني ۽ چگونگيءَ کان، سندس
پاڪائيءَ کي سڃاتو ۽ ڪنهن جاءِ سان منسوب هئڻ کان
هو پاڪ آهي، تنهن جي به توکي خبر پئي ۽ ويساهه
ڄميو ته ماڻهوءَ جو نفس، سڀ معرفت جي ڪنجي آهي، سو
به مقرر ٿيو. هاڻي معرفت جي بابن مان، باقي هڪڙو
بابا هيءُ آهي، ته حق تعاليٰ جي بادشاهي، ڪهڙيءَ
طرح جي آهي ۽ ملائڪن کي حڪم ڪرڻ ۽ ملائڪن جو حڪم،
بجا آڻڻ ۽ ملائڪن جي هٿان ڪم وٺڻ ۽ آسمان مان،
زمين تي حڪم موڪلڻ ۽ آسمان ۽ تارن کي هلائڻ ۽ زمين
جي رهاڪن جو ڪم، آسمان تي تعلق رکڻ ۽ رزق جي
ڪُنجي آسمان، جي حوالي ڪرڻ، اهي سڀ ڳالهيون، ڪهڙي
ڪم لاءِ آهن؟ حق تعاليٰ جي معرفت، بابت اهو وڏو
باب آهي. جهڙيءَ طرح اڳين معرفتن کي، ذات ۽ صفات
جي معرفت چون ٿا، تهڙيءَ طرح، هن معرفت کي،
افعالن جي معرفت چون ٿا، نفس جي معرفت، هن معرفت
جي ڪُنجي آهي. جي تون اها ڳالهه نه ڄاڻندين، ته
پنهنجي بدن جي بادشاهيءَ ۾ تون، ڪيئن حڪومت هلائين
ٿو ۽ ڪيئن حڪم جاري ڪرين ٿو، ته هيءُ به نه
ڄاڻندين، ته عالم جو بادشاهه، ڪهڙيءَ طرح بادشاهي
ڪري ٿو؟ تنهن ڪري گهرجي، ته پهرين تون پاڻ کي
سڃاڻين ۽ پنهنجي هڪ هڪ ڪم کي ڄاڻين. مثلن، جڏهن
تون ڪاغذ تي بسم الله لکڻ گهرين ٿو، تڏهن پهرين،
لکڻ جي خواهش ۽ ارادو تو ۾ پيد اٿئي ٿو. پوءِ دل
۾ حرڪت ۽ جنبش پيدا ٿئي ٿي. اها ڳالهه ظاهر آهي،
ته دل، گوشت آهي ۽ کٻي پاسي ٽنگيل آهي،انهيءَ ۾،
ڪا حرڪت پيدا نه ٿي ٿئي، پر دل مان، هڪڙي لطيف
شيءِ، جنبش ڪري، دماغ ۾ وڃي ٿي ۽ انهيءَ لطيف
شيءِ يا جسم کي طبيب، ”روح“ چون ٿا، جو حس ۽ حرڪت
جي قوتن کي، کنيو بيٺو آهي. اهو روح، ٻئي قسم جو
آهي، جو جانورن کي به ٿئي ٿو ۽ موت جو منجهس دخل
آهي. جنهن کي اسين دل چئون ٿا، اُهو، ٻئي قسم جو
آهي. اُهو، جانورن کي نٿو ٿئي ۽ اُهو مرڻ جو
ناهي، ڇالاءِ جو حق تعاليٰ هجي معرفت جي جاءِ،
اُهوئي روح آهي، جو جنبش ڪري ٿو ۽ جڏهن دماغ ۾ وڃي
ٿو، تڏهن دماغ جي پهرين ڪوٺي، جا خيال جي قوت جي
جاءِ آهي، تنهن ۾ بسم الله جي صورت پيدا ٿئي ٿي ۽
دماغ جي رڳن ۾، هڪڙو اثر پهچي ٿو. نسون، دماغ
مان نڪري، بدن ۾ چوڌاري وڃن ٿيون، ۽ آڱرين ۾ به،
ڌاڳن وانگي ٻڌل آهن. جيڪو ماڻهو، ڏ ٻرو هوندو
آهي،انهيءَ جي ٻانهن ۾ اُهي نسون، دماغ مان نڪري،
بدن ۾ اچن ٿيون ۽ اُهي نسون، ظاهر ڏسڻ ۾ اينديون
آهن. مطلب ته انهيءَ اثر کان، اُهي نسون، چرن ٿيون
۽ آڱرين جون ڇوٽيون، جنبش وٺن ٿيون ۽ آڱرين جون
چوٽيون وري قلم کي چورين ٿيون، تڏهن بسم الله جي
صورت، اُنهيءَ صورت موافق، جا خيال جي خزاني يا
ڪوٺيءَ ۾ آهي، حواسن جي مدد سان، خاص اک جي واهر
سان پيدا ٿئي ٿي، هن ڪري جو اک جي زياده گهرج ٿئي
ٿي. جهڙيءَ طرح هن ڪم، يعني لکڻ جي شروعات، رغبت
يا مرضي آهي، جا پهرين، تو ۾ ظاهرٿئي ٿي، تهڙيءَ
طرح، حق تعاليٰ جي سڀني ڪمن جي شروعات، سندس صفتن
مان هڪڙي صفت آهي، جنهن کي ”ارادو“ چئجي ٿو. جيئن
ارادي جو اثر پهرين تنهنجيءَ دل ۾ پيد اٿئي ٿو،
پوءِ دل جي وسيلي، ٻين ٻين جاين تي پهچي ٿو، ۽
جيئن بخارن وانگي، لطيف جسم، دل جي رڳن جي رستي،
انهيءَ اثر کي، تنهنجي دماغ ۾ پهچائي ٿو، ۽ انهيءَ
لطيف جسم کي ”روح“ چون ٿا، تيئن حق تعاليِٰ کي به،
هڪڙو جوهر آهي، جو سندس ارادي کي، عرش تائين،
ڪرسيءَ تي پهچائي ٿو ۽ انهيءَ جوهر کي ”ملائڪ“ يا
”روح القدس“ چون ٿا ۽ جهڙيءَ طرح، دل مان دماغ کي
اثر پهچي ٿو ۽ دماغ، دل جي حڪومت ۽ تصرف ۾، دل جي
هيٺان آهي، تهڙيءَ طرح حق تعاليٰ جي ارادي جو اثر،
عرش مان پهرين، ڪرسيءَ کي پهچي ٿو ۽ ڪرسي، عرش جي
هيٺان آهي ۽ جهڙيءَ طرح بسم الله، جو تنهنجو مطلب
آهي ۽ تنهنجو فعل ٿيندو، تنهنجي صورت، ۾ دماغ جي
پهرئين خزاني يا ڪوٺيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ۽ اُن
موافق، فعل ظاهر ٿئي ٿو، تهڙيءَ طرح، جنهن شيءِ جي
صورت، عالم ۾ ظاهر ٿيڻي آهي، تنهنجو نقش، پهرين
لوح محفوظ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ جيئن تنهنجي دماغ ۾
لطيف قوت آهي، جا رڳن کي چوري ٿي، انهيءَ لاءِ ته
رڳون، هٿن ۽ آڱرين کي جنبش ڏين ۽ آڱريون قلم کي
ڇورين، تيئن لطيف جواهر، يعني ملائڪ به آهن، جي
عرش ۽ ڪرسيءَ تي مقرر آهن، ۽ آسمانن ۽ تارن کي
جنبش ڏين ٿا، ۽ جيئن دماغ جي قوت، رڳن ۽ نسن جي
واهر سان، آڱرين کي چوري ٿي، تيئن اهي جواهر
لطيفي، جن کي ’ملائڪ‘ اچن ٿا، سي تارن ۽ شعاعي
تارن جي وسيلي سان، هن عالم سفليءَ، يعني هيٺئين
جهان ۾، امهات يا اصلن جي طبعيتن کي، جنبش ڏين ٿا.
انهن کي ’اربعه عناصر‘ يا ’چار طبعون‘ چون ٿا.
يعني، گرمي، سردي،خشڪي ۽ تري يا آلائي، ۽ جهڙيءَ
طرح، قلم، سياهيءَ کي جنبش ڏئي ٿو ۽ ان کي پکيڙي ۽
گڏ ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته بسم الله جي صورت پيدا
ٿئي، تهڙيءَ طرح، اها گرمي ۽ سردي به، مٽيءَ،
پاڻيءَ ۽ انهن مرڪبن جي اصلن کي، يعني چئن عناصرن
کي، جنبش ڏئي ٿي ۽ جهڙيءَ طرح، ڪاغذ تي سياهيءَ کي
قلم، جڏهن پکيڙي ۽ گڏ ڪري ٿو، تڏهن ڪاغذ، ان کي
قبول ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح الائي، انهن مرڪبن کي،
شڪل وٺڻ جوڳي ڪري ٿي ۽ خشڪي، انهيءَ شڪل جي
نگهباني ڪري ٿي، انهيءَ لاءِ ته اهي مرڪب، انهيءَ
شڪل کي قائم رکن ۽ ڇڏي نه ڏين، ڇالاءِ جو جيڪڏهن
تري يا آلائي نه هوندي، ته مرڪب ڪابه شڪل قبول نه
ڪندا ۽ جيڪڏهن خشڪي نه هوندي، ته شڪل جي حفاظت نه
ٿي سگهندي ۽ جهڙيءَ طرح قلم،جڏهن پنهنجو ڪم پورو
ڪري ٿو، ۽ پنهنجيءَ حرڪت کي تمام ڪري ٿو، تڏهن بسم
الله جي صورت، اک جي مدد سان، انهيءَ نقش موجب، جو
خيال جي خزاني ۾ هو، پيدا ٿئي ٿي، تهڙيءَ طرح،
جڏهن گرمي ۽ سردي، انهن مرڪبن جي اصلن کي، حرڪت
ڏئي ٿي، تڏهن ملائڪن جي مدد سان، حيوانات ۽ نباتات
جي صورت، هن عالم ۾، لوح محفوظ واري صورت موافق
پيدا ٿئي ٿي ۽ جهڙيءَ طرح تنهنجن سڀني ڪمن جو
اثر، تنهنجيءَ دل ۾ پيدا ٿي، سڀني عضوون ۾ پکڙي
وڃي ٿو، تهڙيءَ طرح، جسمن جي عالم جي شروعات، عرض
۾ ٿئي ٿي ۽ جيئن اُنهيءَ خاصيت کي، پهريائين دل
قبول ڪري ٿي، پوءِ عضوا اُن کي قبول ڪن ٿا ۽
ماڻهو، دل کي، توسان نسبت ڏين ٿا ۽ ڄاڻن ٿا ته
تون، دل ۾ رهڻ وارو آهين، تيئن جڏهن سڀني شين تي
تصرف، عرش جي وسيلي آهي، تڏهن ماڻهو ڄاڻن ٿا ته
حق تعاليٰ، عرض اعليٰ ۾ ساڪن آهي ۽ جهڙيءَ طرح،
جڏهن دل تي تون غالب ٿين ٿو ۽ دل جو ڪم درست ٿئي
ٿو، تڏهن بدن جي بادشاهيءَ جي تدبير، تون ڪري
سگهين ٿو. تهڙيءَ طرح، جڏهن حق سبحانه تعاليٰ، عرش
پيدا ڪرڻ سان، عرش تي غالب ٿيو ۽ عرش سنئون ٿي
بيٺو ۽ مغلوب ٿي رهيو، تڏهن عالم جي ساري بادشاهي
بنجي ويئي.
”ثم استويٰ علي العرش يدبر الامر“ (يعني، پوءِ حق
تعاليٰ، عرش تي سنئون ٿي بيٺو ۽ ڪمن جي تدبير
ڪري ٿو).
انهيءَ آيت مان به، اهوئي مطلب نڪري ٿو ته
اي عزيز! تون ڄاڻ، ته اهو سڀ، حق آهي، ۽ جي ماڻهو،
صاحب بصرت جا آهن، انهن کي ڪشف سان، صاف معلوم ٿيو
آهي ۽ في الحقيقت، هو ڄاڻن ٿا، ته:
”ان الله خلق آدم عليٰ صورته“ (يعني، تحقيق! خدا
پيدا ڪيو آدم کي پنهنجيءَ صورت تي) |