سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: ڪيميائي سعادت-1

باب: --

صفحو :14

فصل اٺون

        قبر جي عذاب جي اصل حقيقت،  توکي، معلوم ٿي، ته انهيءَ جو سبب، دنيا جي دوستي آهي.  هاڻي ڄاڻ،ته انهيءَ عذاب ۾ به فرق رهي ٿو،  ڪنهن کي گهڻو ٿو ٿئي ته ڪنهن کي ٿورو. دنيا جي محبت آهر، گهٽ يا وڌ عذاب ۽ مصيبت  اچي ٿي. تنهن ڪري جنهن شخص کي، دنيا ۾ فقط هڪڙي شيءِ هوندي ۽ انهيءَ کي، دل سان عزيز رکندو هوندو، ته انهيءَ کي ايترو عذاب  نه ايندو، جيترو انهيءَ کي،  جنهن کي ٻانهيون، ٻانها، هاٿي، گهوڙا ۽ ٻي سڀ طرح جي دولت هوندي ۽ انهيءَ سان وابستگي ۽ محبت هونديس، بلڪ جيڪڏهن هن جهان ۾ ماڻهو، ڪنهن کي چون ته تنهنجو ڪهڙو گهوڙو،  چور ڪاهي ويا ته هن کي، ڏک ۽ ارمان ٿيندو ۽ جيڪڏهن چوندس ته تنهنجا ڏهه گهوڙا، چور ڪاهي ويا ته پهرئين ڏک جي بنسبت،  هن کي زياده ڏک ۽ ارمان ٿيندو. جيڪڏهن هُن جي اڌ ملڪيت،  ماڻهو کسي وٺندا ته هن کي رنج ٿيندو ۽ جي سڀ مان کانئس کسي وٺندا، ته تمام گهڻو رنج ٿيندس ۽ انهيءَ مال سان گڏ، سندس زال ۽ ٻار  ٻچا به لٽي ۽ کسي وٺندا ۽ حڪومت کان به موقوف ٿيندو ۽ مال توڙي اهل ۽ عيال ۽ جيڪي دنيا ۾ هوندس، سو سڀ غارت ٿي و يندو ۽ هو، بي يار ۽ بي مددگار ۽ اڪيلو رهجي ويندو، ته انهيءَ جو غم ۽  رنج، نهايت گهڻو ۽ سڀني کان وڌيڪ ٿيندو. حياتيءَ جي پڄاڻيءَ اهائي آهي ۽ انهيءَ جو نالو ”موت“  آهي. تنهن ڪري سڀڪنهن ماڻهوءَ کي، ايتري راحت يا تڪليف ٿيندي،  جيتري  هُن جي، دنيا سان عداوت يا محبت هوندي ۽ جنهن سان دنيا، هر طرح موافقت ڪئي ۽ جنهن پاڻ کي،د نيا جي حوالي ڪيو، جيئن حق تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي ته:

”ذالڪ بانهم استحبو الحيواة الدنيا علي الاخرة“ (يعني، اهو غصو، انهيءَ سببان آهي ته هُنن دنيا، جي حياتيءَ کي، آخرت کان زياده دوست رکيو)

انهيءَ تي وڏو عذاب  ايندو، انهيءَ عذاب جو تعبير، هن طرح ڪيل آهي، ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن،  اسحابن کان پڇيو، ته اوهين ڄاڻو ٿا، ته هيءَ آيت، ڪهڙيءَ معنيٰ سان نازل ٿي آهي ته:

”من اعررض  عن ذڪري فان له معيشة صنڪا“

(يعني، جنهن منهنجي ذڪر يا يادگيريءَ کان منهن ڦيرايو، تحقيق، اُن  کان گذران تنگ آهي).

اصحابن عرض ڪيوته انهيءَ  جو مطلب، خد ۽ خدا جو رسول، چڱو ٿو ڄاڻي. پاڻ فرمايائون ته قبر ۾، ڪافر تي عذاب،  هيئن ٿو ٿئي ته نوانوي ازدهائون، مٿس مقرر ٿيون ٿين ۽ هر هڪ کي، نو نو سسيون آهن. اهي، انهيءَ ڪافر کي، قيامت تائين پيون چٽين ۽ چڪ هڻن ۽ ڦوڪارين، جيڪي ماڻهو اهل، نظر آهن،تن مڪاشفي ۾،  انهن ازدهائن کي، دل جي اکين سان ڏٺو آهي ۽  نادان ۽ احمق ماڻهو، جي بي  نگاهه ۽ انڌا آهن، سي چون ٿا ته اسين، ڪافرن جي قبرن ۾ نهاريون ٿا ته اوتي ته ڪي به ڪين آهي! جيڪڏهن ازدهائون يا ٻيون بلائون هجن ها، ته  اسان جون اکيون، چڱيون ڀليون آهن، اسين به انهن کي ڏسون ها. انهن احمقن کي گهرجي ته ڄاڻن، ته  اهي ازدهائون،خود مردن جي روحن ۾ آهن،انهن کان ٻاهر ناهن،جو ٻيو ڪو ڏسي سگهي، بلڪه اهي بلائون ان جي مرڻ کان اڳي، ان ۾ پيون هيون، پر انهن جي خبر، ان کي نه ٿي پيئي. انهن احمقن کي ڄاڻڻ گهرجي ته اهي ازدهائون، انهيءَ ڪافر جي صفتن مان جڙيون آهن ۽ انهن جي سسين جو تعداد، هن جي خراب اخلاقن جي شاخن جي تعداد جي برابر آهي.، دنيا جي دوستي، انهن ازدهائن و اصل خمير آهي ۽ انهن ازدهائن کي ايتريون سسيون پيدا ٿين ٿيون،  جيتريون خراب عادتون، دنيا جي دوستيءَ مان، انهيءَ ڪافر ۾ پيدا ٿيون هونديون. مثلاً، حسد، ڪينو، ريا، تڪبر، حرص، مڪر، فريب ۽ دنيا جي وائي ۽ ڏيک سان محبت.  انهن سڀني ازدهائن جو اصل ۽ انهن جي  سرن جي گهڻائي،  بصرت جي نور سان، ماڻهو ڏسي سگهي ٿو، انهن جو تعداد، نبوت جي نور سان ڄاڻي سگهي ٿو، ته جيترا بداخلاق آهن، اوتريون ازدهائون آهن. اسان کي خبر نه ٿي پوي، ته بداخلاق ڪيترا آهن؟ اهي ازدهائون، ڪافر جي روح ۾، لڪيون پيون آهن. انهن  جو سبب اهو ناهي، ته اُهو ڪافر، خدا ۽ رسول کان واقف ناهي، پر اهو سبب آهي ته انهيءَ ڪافر، پاڻ کي سمورو، دنيا جي حوالي ڪري ڇڏيو هو،. جيئن  حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:

”ذالڪ بانهم استحبو الحيواة الدنيا علي الاخرة“ (يعني، اهو  عضوو، انهيءَ سببان آهي ته هُنن، دنيا جي حياتيءَ کي،  آخرت کان زياده دوست رکيو)

۽ ٻيو فرمايو آهي ته

”اذهبتم طيباتڪم في حيواة ڪم الدنيا و استمتعلم بها“ (يعني،  ڇا، پنهنجي دنياوي زندانيءَ ۾، پنهنجون  نعمتون،  اوهان ضايع ڪيون ۽ انهن مان اوهان بهره مند ٿيو.)

جيڪڏهن اهي ازدهائون ۽ بلائون، ڪافر جي روح کان ٻاهر هجن ها، جيئن ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪافر تي جيڪر، ڏاڍي آساني هجي ها،  ڇالاءِ جو تڏهن نيٺ اهي  ازدهائون، ڪا گهڙي ته بس به ڪن هاٰ جڏهن هُن جي روح جي اندر آهن، تڏهن هن جون ذاتي صفتون آهن. انهيءَ کان ڪافر، ڀلا ڪٿان ڀڄي ۽ ڇٽي سگهي ٿو، جهڙيءَ  طرح، ڪنهن ماڻهوءَ، ڪا ٻانهي وڪڻي ڇڏي هجي ۽ پاڻ، مٿس عاشق هجي، ته جيڪا بلا،  هن کي ڏنگي ٿي،  سا اُها محبت آهي، جا انهيءَ  ٻانهيءَ سان هيس ۽ سندس دل ۾ لڪي پئي  هئي. جيسين اها  بلا يا ازدها، کيس ڏنگن لاءِ تيار نه هئي، تيسين انهيءَ عاشق کي، انهيءَ جي ڪابه خبر ڪانه هئي. انهيءَ طرح، اهي نوانوي ازدهائون، انهيءَ ڪافر جي روح ۾، موت کان اڳي لڪيون پيون هيون ۽ انهيءَ ڪافر کي،انهن جي خبر ئي ڪانه هئي. هاڻي، جڏهن چڪ هڻڻ لڳيون اٿس، تڏهن خبر پئي اٿس. جيسين هو، پنهنجي محبوب سان گڏ هو، انهيءَ جي محبت  مان، جيتري لذت ۽ رياحت، هن کي ايندي هئي، اوتري هن جي جدائيءَ ۾، مصيبت ۽ رنج، انهيءَ مان ٿو رسيس. جيڪڏهن هُن جي محبت، نه هُجيس ها، ته جدائيءَ ۾، عذاب نه اچيس ها.  انهيءَ طرح، دنيا جي محبت، جا حياتيءَ ۾ راحت  جو سبب آهي،  اُهائي موت کان پوءِ، مصيبت ۽ عذاب جو سبب آهي. دنيا ۽ دولت جي محبت، ازدها وانگي آهي ۽  مال جي محبت، بلا وانگي آهي ۽ گهر ٻار جي محبت، وڇونءَ وانگي آهي. عليٰ هذاالياس. هن ٻانهيءَ جو عاشق، جيئن پنهنجيءَ محبوبه جي ساڙي يا ڀانئين ته مون کي،  بلا يا وڇون کائي، ته آءٌ مري وڃان ۽  جدائيءَ جي عذاب کان ڇُٽان. جنهن کي قبر جو عذاب  ٿو اچي، سو به ائين ٿو گهري ته جي مون کي، اندر جي ازدهائن جي بدران، دنيا وارا نانگ ۽  وڇون کائين ها ته چڱو هو، جو اُهي، بدن ۾ ٻاهران زخم ڪن ها ۽ هنن ازدهائن کي، ڪوبه ماڻهو، اکين سان ڏسي نٿو سگهي. تڏهن  حقيقت  ڪري، سڀڪو ماڻهو، پنهنجي عذاب جو ٻج يا سبب، هتان ئي پاڻ سان کنيو ٿو وڃي ۽ اهو عذاب جو سبب، ان جي اندر ۾ ئي آهي. انهيءَ ڪري، رسول الله صلي الله عليه واله وسلم جن فرمايو آهي ته:

”انما هي اعمال لڪم ترد اليڪم“ (يعني، اهي عذاب، اوهان جا  عمل ئي آهن،جيڪي (عذاب جي صورت ۾) (اوهان ڏانهن موٽايا ويندا).

۽ انهيءَ ڪري، حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:

”ڪلا لو تعلمون علم اليقين لترون الجحيم ثم لترونها عين اليقين“ (يعني، جيڪڏهن علم اليقين ڄاڻو ها ته چڱو هو، قسم آهي، ته دوزخ  کي  ضرور ڏسندو. پوءِ ان کي يقيني طرح ڏسندؤ)

هيءُ به فرمايل آهي ته:

”ان جهنم لمحيطة بالڪافرين (يعني، دوزخ، ڪافرن کي چوڌاري ڦريل آهي).

يعني دوزخ، ڪافرن ساڻ لڳو وتي. ائين چيل نه آهي ته ڦري ايندو.

فصل نائون

        شايد تون چوندين، ته ظاهري شرع مان معلوم ٿو ٿئي، ته انهن ازدهائن کي، ظاهري  اکين سان ڏسندا آهن ۽  جي ازدهائون، جان ۾ آهن، سي ڏسڻ ۾ نٿيون اچن. انهيءَ جو جواب هي آهي ته انهن ازدهائن جو ڏسڻ، ممڪن آهي،  ليڪن مئل ماڻهو ئي، اهي ڏسي سگهندو، هن جهان جا ماڻهو، ڏسي ڪين سگهندا. ۽ اهي بلائون، مئي کي، اهڙيءَ شڪل ۾ ڏسڻ  ۾ اينديون، جهڙو ڄڻ ته هن، هن جهان ۾ ڏٺيون هيون، ليڪن تون ڏسي ڪين سگهندين. جهڙيءَ طرح، ماڻهو، ننڊ ۾  ڏسي ٿو ته مون کي نانگ ڏڌنگي ٿو ۽ جيڪو، سندس پاسي ۾ ويٺو آهي، سو نٿو ڏسي ۽ اهو نانگ، انهيءَ ستل ماڻهوءَ وٽ موجود آهي ۽  انيهءَ جي ڪري، هُن کي درد ۽ عذاب ٿئي ٿو ۽ جاڳندڙ جي لاءِ اهو نانگ، بنهه آهي ئي ڪونه، ليڪن انهيءَ جاڳندڙ جي نانگ نه ڏسڻڪ ڪري، ڪو انهيءَ ستل ماڻهوءَ جو درد ۽ عذاب گهٽ نٿو ٿئي. جيڪو ماڻهو، خواب ۾ ڏسي، ته مون کي لا کاڌو آهي، ته انهيءَ جو تعبير اهو آهي، ته دشمن، مٿس فتحياب ٿيندو ۽ زخم رسائيندو. خواب ۾ بلا کائڻ جو رنج، روحاني ٿو ٿئي، جو اُها  حالت،، دل تي ٿي گذري ۽ انهيءَ جو مثال، هن جهان ۾ جيڪڏهن گهرجي، ته نانگ يا بلا جو چڪ آهي. ائين ٿيندو آهي هت جڏهن دشمن،انهيءَ خواب ڏسڻ واري تي فتحياب ٿيندو آهي، تڏهن هو چوندو آهي ته مون، پنهنجي خواب جو تعبير لڌو،  پر جي نانگ ڏنگي ها، ته چڱو هو، پر هيءُ  دشمن مون تي فتحياب نه ٿئي ها، ڇالاءِ جو هيءُ رنج، جو دل ۾ آهي، سو انهيءَ رنج کان گهڻو  وڏو آهي، جو نانگ ڏنگڻ ڪري بدن تي ٿئي ٿو. جيڪڏهن چوندين ته اهو نانگ ته آهي ئي ڪو نه ۽ خواب ڏسڻ واري تي جيڪا حالت گُذري ٿي، سا رڳو خيالي آهي ته ڄاڻ، ته اِهو تنهنجو چوڻ غلط آهي. اهونانگ موجود آهي، ڇالاءِ جو موجود شيءِ معلوم ٿي سگهي ٿي ۽ جا معدوم يا  ناموجود آهي، اُها معلوم ٿي نٿي سگهي. جيڪا شيءَ تو خواب ۾ ڏٺي يا توکي معلوم ٿِي، سا تنهنجي لاءِ موجود يا ناموجود آهي، جيتوڻيڪ ٻي خلق، اُها ڏسي نه سگهي ۽ جيڪا تون ڏسي يا معلوم ڪري نه سگهندي، سا تنهنجي لاءِ موجود ياناموجود آهي. جڏهين عذاب ۽ عذاب جو سبب، ٻيئي، مئل ۽ سُتل ماڻهوءَ جي معلوم ڪرڻ جا آهن، تڏهين ٻين جي نه ڏسي سگهڻ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟ ليڪن ايترو آهي، ته ستل ماڻهو، سگهوئي جاڳي پوي ٿو ۽ انهيءَ رنج ۽ عذاب کان ڇٽي پوي ٿو، ۽  ماڻهو چون ٿا ته هن کي، خواب هو يا خيال هو، پر مئل ماڻهو، هميشه، رنج ۽ عذاب ۾ ڦاٿل ٿو رهي، ڇالاءِ جو، موت جي ڪا پڄاڻي ڪانهي. تنهن ڪري چئبو، ته عذاب، مئل ساڻ آهي ۽ هن جهان جي محسوسات وانگي، ڏسڻ يا معلوم ڪرڻ جو  ناهي.  شريعت ۾ ائين، ناهي ته جيڪي ازدهائون يا نانگ يا  وڇون، قبر ۾ آهن، سي عام ماڻهو ظاهري اکين سان ڏسي سگهن ٿا؛ ليڪن جيڪو،هن عالم کان پري نڪري ويندو، يعني سمهي پوندو ۽ انهيءَ مئل ماڻهوءَ جو حال، مٿن کڻي ظاهر ٿيندو ته هو، انهيءَ کي، نانگن ۽ وڇن سان ڏسندو.، انبياء ۽ اولياء، جاڳندي به ڏسي سگهن ٿا، ڇالاءِ جو عالم محسوسات، يعني هيءَ دنيا، هُن  جهان جي معاملن ڏسڻ لاءِ، هُنن جي واسطي، ڪا اٽڪ ناهي. هيترو ڊگهو بيان، رڳو انهيءَ ڪري ڪرڻ ۾ آيو، جو ڪي نادان ماڻهو، قبرن ۾ نهارين ٿا ۽ انهن کي، ظاهري اک سان، اُتي ڪي به ڏسڻ ۾ نٿو اچي، تنهن ڪري، قبر جي عذاب کان انڪار ڪن ٿا. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي، ته انهن کي، هُن جهان جي معاملن ڏسڻ جو رستو معلوم نه آهي.

فصل ڏهون

        شايد تون  چوندين ته جيڪڏهن قبر جو عذاب انهيءَ ڪري ٿو ٿئي،  جو دل، جو، هن جهان سان واسطو ۽ تعلق آهي، ته انهيءَ کان خالي ڪوبه ڪونه هوندو، جو عزت، مال ۽ اهل ۽ عيال سان محبت نه رکندو هوندو. تڏهن سڀني کي، قبر جي عذاب هوندو ۽ ڪوبه انهيءَ کان نه ڇٽندو. انهيءَ جو جواب هيءُ آهي، ته ائين نه آهي، ڇالاءِ جو گهڻا ئي ماڻهو اهڙا آهن، جي دنيا کان آسودا ٿي ويٺا آهن ۽ انهن کي، دنيا ۾ خوشي ۽ آسائش جي ڪابه جاءِ، باقي نه بچي آهي ۽ هو هميشه، موت جا خواهشمند رهن ٿا. گهڻا مسلمان،جي فقير ٿين ٿا، اهي اهڙا ٿا ٿين، ليڪن جيڪي دولتمند آهن، تن جا به  ٻه قسم آهن، هڪڙا اهي جي دنيا جي اسباب کي، دوست رکن ٿا، مگر ان سان گڏ، خدا کي به دوست رکن ٿا، پوءِ جي ائين  ٿيو، ته خدا کي، دنيا کان وڌيڪ دوست رکندا هوندا، ته انهن تي به قبر جو عذاب نه ٿيندو. انهيءَ جو مثال هيءُ آهي هت ڪنهن  شخص جو، ڪنهن شهر ۾ هڪڙو گهر  هُجي، جو هن کي تمام گهڻو پسند هجي، ليڪن رياست ۽ بادشاهي ۽ محلات ۽ باغ کي، انهيءَ گهر کان زياده دوست رکندو هجي. پوءِ  جڏهن ٻئي ڪنهن شهر جي حڪمت جو هن کي، بادشاهي جو حڪم  ايندو، تڏهن هن کي، وطن مان نڪرڻ ڪري، ڪو رنج نه ٿيندو، ڇالاءِ  جو حڪومت ۽ رياست جي محبت،  جا هن کي حد کان گهڻي آهي، ان جي مقابلي ۾، گهر ۽ شهر جي محبت، ناچيز ٿي وڃي ٿي، ۽ ان جي ڪابه نشاني نٿي بچي. تنهن ڪري، انبيائن، اوليائن ۽ پرهيزگار  مسلمانن  جي دل کي جيتوڻيڪ اولاد ۽ وطن سان ٿوري محبت آهي،  ۽ خزدا جي محبت جي مقابلي ۾، ٻيون محبتون، انهيءَ جي اڳيان ناچيز آهن ۽ گم ٿيو وڃن ۽ اها لذت، مرڻ يا موت اچڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي، تنهن ڪري اهي ماڻهو، قبر جي عذاب کان به خوف آهن، پر جي ماڻهو، دنيا جي خواهشن کي دوست رکن ٿا، اُهي، انهيءَ عذاب کان نه ڇٽندا، ۽ اهڙا ماڻهو گهڻا آهن،انهيءَ ڪري، حق تعاليٰ فرمايو آهي ته؛

”و ان منڪم الا واردها ڪان عليٰ ربڪ حتما مقضيا ثم نجي الزين اتقوا“  (يعني،  ۽ اوهان مان ڪوبه ڪونهي، جنهن ۾ اهو امر پهچڻ وارو ناهي. اهو تنهنجي رب تي ضرور مقرر ٿيو آهي. پوءِ نجات ڏينداسين  انهن کي، جي ڊڄندا رهيا يا جن پرهيزگاري ڪئي).

اهي ماڻهو،  ڪنهن مدت تائين، عذاب ۾ رهندا. پوءِ جڏهن انهن کي، دنيا مان وئي گهڻو عرصو گذرندو ۽ دنيا جي لذت وساري ڇڏيندا، تڏهن خدا جي اصل محبت، جا انهن جي دل ۾ لڪل هئي، سا وري ظاهر ٿيندي. انهن ماڻهن جو مثال، انهيءَ شخص جهڙو آهي، جو هڪڙي گهر کي، ٻئي گهر جي بنسبت، يا هڪڙي شهر کي ٻئي شهر جي بنسبت يا هڪڙي زال کي،ٻيءَ زال جي بنسبت، زياده دوست رکي، ليڪن هن ٻئي گهر يا شهر يا زال کي به ٿورو گهڻو پسند ڪندو هجي ۽ جڏهن  هُن کي، انهيءَ گهر يا شهر يا زال کان جُدا ڪن،  جنهن کي، انهيءَ گهر يا شهر يا زال کان جدا ڪن، جنهن کي هو دوست  ٿو رکي ۽ انهيءَ وٽ آڻين،جنهن کي ٿورو گهڻو دوست ٿو رکي، تڏهن هُن پهرئين جي فراق ۾،  ڪجهه مدت تائين رنج ۾ رهي، پوءِ جڏهن انهيءَ کي  وساري ڇڏي ۽ هُن ٻئي سان هري وڃي،  تڏهن اصل محبت، جا هُن ٻئي  محبوب سان هيس، سا وري هن جي دل ۾ جاڳي ۽ زور وٺي، ليڪن جي ماڻهو، حق تعاليٰ کي اصل دوست نٿا رکن، سي هميشه، انهيءَ عذاب ۾ رهندا، ڇالاءِ جو انهن کي، رڳو انهيءَ شيءِ سان محبت هئي، جا هنن کان کسي وئي، يعني دنيا. تنهن ڪهڙيءَ طرح آهي، انهيءَ عذاب کان ڇٽندا؟ ڪافر، جيڪي هميشه عذاب ۾ رهندا، انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو  به آهي، جنهن جو بيان ٿي چڪو. ڄاڻ ته جيڪو اها دعويَ ڪري ٿو ته آءٌ، رڳو خدا سان محبت رکان ٿو، يا خدا کي دنيا کان زياده دوست  ٿو رکان ۽ ساري جهان جو، اهوئي زباني مذهب آهي، ته انهيءَ جي آزمائش لاءِ، هڪڙي ڳالهه ڪسوٽي آهي اها هيءَ، ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو نفس، حڪم ڪري ۽ سندس ڪا خواهش ٿئي ۽ خدا جو حڪم انهيءَ جي  برخلاف هجي، تڏهن جي هو، پنهنجيءَ دل کي، خدا جي حڪم ڏي زياده مائل ڏسي، ته ڄاڻبو، ته هو، خدا تعاليٰ کي زياده دوست رکي ٿو، جهڙيءَ طرح،  ڪو شخص، ٻن ماڻهن کي دوست رکندو هجي، هڪڙي کي وڌيڪ ۽ ٻئي کي گهٽ. پوءِ جڏهن انهن ٻنهي ۾ ڪو جهيڙو ٿي پوي، ته هو، پاڻ کي،انهيءَ ڏي مائل ٿو ڏسي، جنهن سان گهڻو پيار اٿس. انهيءَ مان معلوم ڪري ٿو ته جنهن ڏانهن دل جو ميل اٿس، اهو وڌيڪ  پيارو اٿس، جي ائين نه هجي ته فقط زبان سان چوڻ، ته آءٌ، هن کي گهڻو دوست رکان ٿو، تنهن مان ڪهڙو فائدو آهي، جوا ئين چوڻ في الحقيقت ڪوڙ آهي. انهيءَ ڪري، رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته ”لا اله الله چوڻ وارا جيڪڏهن دنيا جي معاملي کي، دين جي معاملن کان زياده پسند نه ڪن، ته هو پاڻ کي، خدا جي عذاب کان بچائين ٿا. جي ائين ڪيائون، يعني دنيا جي ڪم ڪار کي، دين جي ڪمار کان وڌيڪ پسند ڪيائون، ته حق تعاليٰ، انهن کي چوي ٿو، توهاني ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ڇالاءِ جو دنيا جي معاملن ساڻ،  الا اله الا الله چوڻ، ڪوڙ آهي. اهي سڀ ڳالهيون، جي توکي معلوم ٿيون، تنهن مان تو ڄاتو، ته بصيرت ۽ نظر وارا، باطني مشاهدي سان ڏسن ٿا، ته ڪهڙو ماڻهو، قبر جي عذاب کان ڇٽندو، ۽ ڄاڻن ٿا، ته گهڻي خلقت، نه ڇٽندي، پر جهڙيءَ طرح، دنيا جي تعلق ۾ گهڻو تفاوت آهي، ڪنهن کي گهٽ آهي ته ڪنهن کي وڌ، تهڙي طرح، عذاب جي مدت ۽ شدت ۾به تفاوت آهي.

فصل يارهون

        شايد تون چوندين، ته ڪي احمق  چون ٿا ته جيڪڏهن اهوئي قبر جو عذاب آهي، ته اسان کي، انهيءَ جو ڪو خوف خطرو ڪونهي، ڇالاءِ جو اسان جو، دنيا سان ڪوبه علائقو ڪونهي. اسان جي اڳيان، دنيا جو هئڻ ۽ نه هئڻ، هڪ جهڙو آهي. انهن احمقن جي اها دعويٰ محال  آهي. جيسين هو، پاڻ کي نٿا آزمائين، تيسين  نادان آهن. جيڪڏهن اهو شخص اهڙو آهي، جو جيڪي وٽس آهي، سو سڀ چور کڻي وڃن ۽ جيڪو مان ۽ شان اٿس، سو سندس ڪنهن همسر کي ملي ۽ سندس جيڪي مريد آهن، سي کانئس ڦري وڃن ۽ سندس گلا ڪرڻ لڳن ۽ انهيءَ هوندي به سندس دل ۾، ڪو  ارمان  يا رنج نه هجي ۽ هو، اهڙو رهي، جهڙو  ڄڻ ته ڪنهن ٻئي  ماڻهوءَ  جو مال چوري ٿي ويو آهي يا ڪنهن ٻئي جو مانءُ ۽ شان، گم  ٿيو آهي ۽ سندس ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي، ته پوءِ، انهيءَ جي اها دعويٰ  سچي آهي ته آءٌ، اهڙيءَ صفت جو ماڻهو آهين، جو دنيا جو هئڻ ۽ نه هئڻ، منهنجي اڳيان برابر آهي. جيسين هن جو مال چور نه چورائين، ۽  هن جا مريد ڦري نه وڃن، تيسين هو، معذور ۽ نادان آهي. هن کي گهرجي ته پنهنجو مال، پاڻان پري ڪري، ۽ پنهنجي عزت آبروءَ کان پري ڀڄي، پنهنجو امتحان وٺي. پوءِ انهيءَ صفت تي  ويساهه رکي،  ڇالاءِ جو گهڻا ماڻهو، ڄاڻن ٿا، ته اسان جو، زال ۽ ٻانهيءَ سان ڪوبه علاقو ڪونهي، مگر جڏهن زال کي طلاق ڏين ٿا يا ٻانهيءَ کي وڪڻي ڇڏين  ٿا، تڏهن عشق جي باهه، جا هُنن جي دل ۾ دٻي، لڪي پئي هئي، سا ڀڙڪي اٿي ٿي ۽ هو، چريا ٿيو پون تنهنڪري، جيڪو ڀانئين ته قبر جي عذاب کان آزاد رهي، ته انهيءَ کي گهرجي، ته دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان علاقو نه رکي، مگر جيتري ضرورت هجي، جيئن ڪه پائخاني جي ضرورت ٿئي ٿي ۽  ماڻهوءَ  کي، وڌيڪ ويهڻ نٿو وڻي، ۽ ڀانئين، ته اتان جلد نڪري وڃان. تنهن ڪري گهرجي، ته جيئن ماڻهو، خوشيءَ  کان سواءِ، فقط پيٽ  خالي ڪرڻ جي لاچار کان،  پائخاني ٿو وڃي، تيئن کاڌي جي لالچ به، فقط پيٽ ڀرڻ جي نيت سان ڪري، جو اهي ٻئي ڪم، ضرورت ۽  لاچاريءَ کان ٿا ڪجن. دنيا جي سڀني ڪمن جو، ساڳيو اهو حال آهي.جيڪڏهن، دنيا جي انهن تعلقن کان ماڻهو، دل واندي نه ڪري سگهي، ته گهرجي ته عبادت ۽ خداجي يادگيريءَ سان، محبت ۽ وندر رکي ۽ انهيءَ جي عبادت ڪري ۽ پنهنجيءَ دل تي، خدا جي يادگيري، ايتري غالب ڪري، جو اُها، دنيا جي محبت تي، غالب پئجي وڃي ۽ انهيءَ بابت، پاڻ کان اهڙو دليل طلب ڪندو رهي، جو سڀڪنهن امر ۾، شرع جي تابعداري ڪري ۽ نفس جي  حڪم تي، حق جو حڪم مقدم رکي. جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه ۾ نفس، سندس فرمانبرداري نه ڪري، ته پوءِ، هو پنهنجو بدن، قبر جي عذاب کي سونپي ڇڏي، سواءِ انهيءَ جي، ته ارحم الراحمين جي رحمت، جيڪڏهن  شامل، حال رهي، ته پوءِ، البته، ڇوٽڪارو حاصل ٿيندس.

فصل ٻارهون

        هاڻي، اسين روحاني دوزخ جو بيان ڏينداسين. روحانيءَ مان اسان جو مطلب آهي ته اُهو دوزخ، جو خاص روح جي لاءِ آهي. بدن جو، انهيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونهي.

”نار الله الموقدة التي تطلع علي الافدة“ (يعني، الله جي ٻاريل باه آهي، جا دلين تي ظاهر ٿي ٿئي).

        اهو  روحاني دوزخ آهي،جنهن جي باهه، دل  کي گهيريو بيٺي آهي. جيڪا باهه، بدن کي لڳي ٿي، تنهن کي جسماني دوزخ چون ٿا،  ڄاڻ ته روحاني دوزخ ۾، ٽن قسمن جي باهه ٿي  ٿئي، هڪڙي دنيا جي  خواهشن جي باهه، ٻي، خوارين ۽ رسوائين کان شرمندگيءَ جي باهه ۽ ٽي، حق تعاليٰ   جي جمال لازوال کان نااُميدي  جي باهه ۽ انهن ٽنهي باهين جو، روح ۽ دل سان ڪم آهي،  بدن سان، انهن جو ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن ٽنهي باهين جي اسباب جو، هن جهان مان هڪڙو مثال وٺي، انهيءَ، اُن جي معنيٰ، اسين سمجهايون ٿا، انهيءَ لاءِ ته اُها چڱي طرح معلوم ٿئي.

پهرئين قسم جي باهه – دُنيا جي  خواهشن کان جدائيءَ جي باهه آهي. انهيءَ  جو سبب،  قبر جي عذاب جي  بيان ۾ ڏنو ويو آهي ته جيسين ماڻهو،  پنهنجي محبوب ساڻ آهي، تيسين محبت ۽ دل جي رغبت، بهشت آهي، ۽ جڏهن محبوب کان ڌار ٿو ٿئي، تڏهن دوزخ آهي. تنهن ڪري جيسين، دنيا جو عاشق،  دنيا ۾ آهي، تيسين هو بهشت ۾ آهي. ”الدنيا جنة الکافر“ (يعني، دنيا، ڪافر جي لاءِ بهشت آهي). ۽ جڏهن هو، آخرت ۾ وڃي ٿو، تنهن ڪري هڪڙي شي، ٻن مختلف حالتن ۾“ راحت جو به سبب آهي ۽ مصيبت جو به سبب آهي. انهيءَ باهه جومثال، دنيا ۾ هيءُ آهي ته ڪو بادشاهه هجي، جنهن جي فرمان ۽ حڪم ۾، ساري دنيا هجي ۽ هميشه خوبصورت  ٻانهن ۽ ٻانهين سان گذاريندو هجي ‎ ۽ عاليشان عمارتن ۽ عمدن باغن جو سير ڪندو هجي. اوچتو ڪو دشمن ڪاهي اچي ۽ هن کي گرفتار ڪري ۽ غلام بنائي ۽ سندس  رعيت جي روبرو، هن کان، پنهنجن ڪتن جي  خدمت ڪرائي ۽ سندس اڳيان، سندس زالن ۽ ٻانهين کي، پنهنجي ڪم ۾ آڻي ۽ غلامن کي چوي ته اوهين به انهن زالن کي، پنهنجي هٿ آڻيو ۽  سندس  خزاني ۾،  جي قيمتي شيون هجن، سي سندس دشمنن  کي ڏئي، ڇڏي اهڙيءَ اوچتي آفت ۽ مصيبت مان انهيءَ باشاهه کي ڪهڙو نه  رنج پهچندو ۽ ڪيترو نه  عذاب رسندو؟ اتي، بادشاهي ۽  زال ۽ اولاد ۽ خزاني ۽ غلامن ۽ ٻانهين ۽ ٻين نعمتن کان جدائيءَ جي باهه، هن جي جان ۾ لڳي ٿي ۽ هن کي، اهڙو جلائي ٿي،  جو هو پاڻهي چوي ٿو ته مون کي ماڻهو، هڪدم ماري ڇڏين، ته چڱو، يا منهنجي بدن کي، اهڙو سخت عذاب ڏين،  جنهن ۾ آءٌ، هن عذاب کان ڇٽي پوان. اهو، هڪڙيءَ باهه جو مثال آهي ۽  نعمت، جيترو زياد هوندي ۽ بادشاهي، جيترو چڱي ۽ زرخيز هوندي، اوترو انهيءَ جي جدائيءَ ۾، هيءَِ باهه، روح  ۾ زياده تيز ٻرندڙ  ٿيندي. تنهن ڪري جنهن کي، دنيا ۾ فائدو ۽ ڪاميابي زياده هوندي، ۽ جنهن سان دنيا،  زياده موافقت ڪندي هوندي، اوتري دنيا جي محبت به، ان کي زياده هوندي. ۽ اوتروئي هن جي جدائيءَ جي باهه، هُن جي جان ۾، زياده ٻرندي. انهيءَ باهه جو مثال، هن جهان  ۾ محال آهي، ڇالاءِ جو هن جهان ۾،  دل کي رنج ٿو ٿئي، ليڪن سڄوئي دل ۾ قائم نٿو رهي. انهيءَ ڪري، ائين ٿيندو آهي، ته  بيمار جڏهن پنهنجي اک ۽ ڪن، ڪنهن شيءِ ۾ مشغول رکندو آهي، تڏهن، سندس درد گهٽ ٿو ٿئي. ۽  جڏهن هو، مشغُلي ڇڏي ٿو، تڏهن وري، درد زياده ٿئيس ٿو ۽ هي به انهيءَ ڪريٿو ٿئي، جو جڏهن ڪو مصيبت زده ماڻهو، سمهي اُٿي ٿو، تڏهن سندس مصيت جو رنج، سندس دل تي گهڻو ٿو ٿئي، ڇالاءِ جو سندس روح، سمهڻ جي ڪري، شغل ۽ حواس جي ڪدورت کان صاف ٿو ٿئي. محسوسات جي اثر کان، دل جو صاف ۽ خالي رهڻ، اُن جي زياده اثر هئڻ  جو باعث آحي، ۽ هن جهان ۾ اهڙي صفائي، ڪامل نٿي ٿئي؛ ليڪن ماڻهو، جڏهن مري ٿو،  تڏهن محسوسات جو اثر، بالڪل گم ٿيو وڃي ۽ روح، صاف ٿيو پوي. انهيءَ مهل،ان جي دل ۾، گهڻي راحت يا عذاب قائم ٿئي ٿو. اهو خيال نه ڪر، ته اها باهه، دنيا جي باهه جهڙي آهي؛ بلڪه انهيءَ باهه کي، ستر پاڻين مان ڌوئي، پوءِ دنيا ۾ موڪليو اٿن.

        ٻيون قسم -  هيءَ، خوارين ۽ رسوائين کان شرمندگيءَ ۽ پشيمانيءَ جي باهه آهي. انهيءَ جو هيءُ مثال آهي ته، بادشاهه، ڪنهن  ڪميني ماڻهو کي عزت ڏئي ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي نائبي  ئي ۽ پنهنجي حرمسرا ۾ وڃڻ جي موڪل ڏئي، جنهن ڪري، ڪوبه ان کي پردو نه ڪري، ۽ پنهنجو  خزانو، هن جي حوالي ڪري، ۽ سڀني ڪمن ۾، هن تي ويساهه رکي، جڏهن اهو نائب يا وزير آهي نعمتون ۽ راحتون حاصل ڪري، تڏهن دل ۾ سرڪش ۽ باغي ٿي پوي ۽ بادشاهي خزانو، پنهنجي قبضي ۾  آڻي، ۽ حرمخاني ۽ محلات ۾ خيانت ۽ فساد ڪري ۽ ظاهر وري، بادشاهه کي، پننجي ايمانداري ۽ امانت ڏيکاري. آخر، هڪڙي ڏينهن بادشاهه، پنهنجي حرم ۾، انهيءَ نائب کي، خيانت ۽ فساد ڪندي ڏسي ٿو وٺي، جو محلات جي دريءَ مان ويٺو ڏسندو هجيس  ۽  ائين ڄاڻي ته شايد  ڏهاڙي، انهيءَ طرح،بادشاهه، هن کي پي ڏٺو آهي ۽ انهيءَ ڪري، پي صبر ڪيو اٿس ته ڀلي، منهنجي خيانت وڌي ته، جيئن اوچتو مون کي عزاب ڏيئي مارائي. اي عزيز! هاڻي خيال ڪر ته انهيءَ مهل، انهيءَ وزير جي جان ‎ ۽ دل ۾، انهيءَ خواريءَ ۽ ذلت جي ڪري، ڪهڙي نه ٻاهه لڳندي! پر سندس  بدن سلامت، رهندو. انهيءَ مهل، اهو وزير ڀائيندو ته مون کي  زمين ڳهي وڃي ته چڱو، جئن انهيءَ خواريءَ ۽ فضيحت جي باهه کان ته ڇُٽان! انهيءَ طرح، تون به هن جهان ۾“ عادت جي موافق، اهڙا ڪم ڪرين ٿو، جن جو ظاهر، چڱو معلوم ٿو ٿئي،  پر انهن جو باطن، خراب آهي، يعني، حقيقت ۾، اُهي ڪم، خواريءَ جهڙا آهن. جنهن  قيمت ۾ انهن ڪمن جي حقيقت،  توتي  کُلندي،  تڏهن تننجي خواري ۽ ر سوائي ظاهر ٿيندي، انهيءَ حد تائين، جو  پشيمانيءَ جي باهه ۾، تون سڙي ويندين. تون اهڙو ڏسندين، جهڙو هن جهان ۾، ڪو پنهنجي ڀاءُ جو ماس کائي ۽ سمجهي، ته ڪو ڀڳل پکي آهي، پر جڏهن ڏسندو، ته مئل ڀاءُ جو گوشت ٿو کان، تڏهن هو، ڪهڙو نه پشيمان ٿيندو؟ ۽ ڪهڙي نه سندس دل ۾ باهه لڳندي؟ غيبت يا گلا جو روح ۽ حقيقت، اها آهي. اها توکان هتي لڪل آهي، پر قيامت جي ڏينهن، اها ظاهر ٿيندي. انهيءَ ڪري ئي جيڪو ماڻهو، خواب ۾ ڏسي، ته مردي جو ماس ٿو کان، ته انهيءَ جو تعبير هيءُ آهي، ته گلا ڪئي اٿس. جيڪڏهن اڄ تون، ڪنهن ڀت تي پهڻ هڻين ۽ ڪو توکي اچي ٻڌائي، ته اهي پهڻ، تنهنجي گهر ۾ پيا ڪرن ۽ تنهنجن ٻارن جون اکيون پيا ڪڍن ۽ تون، پنهنجي گهر وڃي ڏسين ته برابر، تنهنجن پيارن ٻارن جون اکيون، تنهنجن پهڻن ڪڍي وڌيون آهن، ته توکي خبر آهي ته ڪهڙي نه باهه، تنهنجيءَ دل ۾ لڳندي ۽ تون ڪهڙو نه رسوا ٿيندين؟ هن جهان ۾، جيڪو ماڻهو، ڪنهن مسلمان سان حسد ڪندو، سو  قيامت جي ڏينهن، پاڻ کي، اهڙيءَ حالت ۾ ڏسندو. حسد جو روح، يعني حقيقت اهائي، آهي ته تون، دشمن جي نقصان جو قصد ٿو ڪرين، پر هن جو نقصان، ڪوبه ڪونه ٿو ٿئي. اُٽلندو، توکي نقصان  پيو پهچي ۽ تنهنجو دين، زيان پيو ٿئي ۽ تنهنجي عبادت، جا هن جهان ۾ تنهنجين اکين جو نور  ٿيندي، سا جنهن تي تون حسد ڪرين ٿو،  ان جي   اعمال نامي ۾ ملائڪ، نقل ڪري، لکي ڇڏيندا ۽ تون،بي عبادت رهجي ويندين. ۽ اڄ، ٻارن جون اکيون، جيترو  تنهنجي ڪم ٿيون اچن،تنهن کان زياده، تنهنجي عبادت ، توکي ڪم ايندي، ڇالاءِ جو عبادت، تنهنجي سعادت جو سبب آهي ۽ اولاد، تنهنجي سعادت جو  سبب  نه آهي.  قيامت جي ڏينهن صورتون، روحن ۽ حقيقتن جي تابع ٿينديون ۽ ماڻهو، جيڪا شيءِ ڏسندو، سا انهيءَ صورت تي  ڏسندو، جنهن جي معنيَ يا حقيقت ان ۾ هوندي.  فضيحت ۽ رسوائي درپيش  ٿيندي، ان ڪري جوننڊ، انهيءَ جهان کي نزديڪ  آهي. تنهنڪري خواب ۾ شيون، انهيءَ صورت ۾ ڏيکائي ڏين ٿيون، جا معنيٰ يا حقيقت، ان ۾هوندي، فضيحت ۽ رسوائي درپيش ٿيندي، انڪري جو ننڊ، انهيءَ جهان کي نزديڪ آهي. تنهنڪري خواب ۾ شيون، انهيءَ صورت ۾ ڏيکائي ڏين ٿيون، جا معنيٰ يا حقيقت جي موافق  ٿئي ٿي. هڪڙو شخص، ابن سيرين وٽ ويو ۽ چيائينس ته مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته هڪڙي منڊي، منهنجي هٿ ۾  آهي ۽ انهيءَ سال آءٌ، مڙسن جي وات تي ۽ زالن جي اوگهڙ تي، مهر ٿو ڪريان. فرمايائون ته تون، موذن يا ٻانگو آهين، ۽ رمضان جي مهيني ۾ صبح کان اڳي، ٻانگ  ڏيندو آهين. هن چيو، ته برابر، ائين ئي آهي. هاڻي ڏس! ته خواب ۾، هُن جي معاملي جي حقيقت، هن ڪهڙيءَ طرح بيان ڪئي؟ اذان، رمضان  ، آواز يا ذڪر جي صورت تي آهي. کاڌي ۽ جماع جي روڪ، انهيءَ جي حقيقت آهي. عجب  جي ڳالهه اها آهي ته قيامت جو اهو سڀ نمونو، خواب ۾ توکي ڏيکائي ٿو ڏئي ۽ توکي، ڪنهن به ڳالهه جي خبر ڪانهي ۽ اهوئي مضمون آهي، جو حديث ۾ آيو آهي، ته قيامت جي ڏينهن، دنيا کي اهڙيءَ بدشڪل ڪراڙيءَ زال جي صورت ۾ آڻيندا، جو ماڻهو، انهيءَ کي ڏسي، چوندا ته ”نعوذ بالله منڪ“ (يعني، خدا کان پناهه ٿا گهرون اسين توکان) ملائڪ  چوندا ته هيءَ اُهائي  دنيا آهي، جنهن جي پٺيان  اوهين، جان ڏيندا هئا. تڏهن انهيءَ مهل ماڻهو، اهڙو پشيمان ٿيندا، جو ڀانئيندا، ته جي اسان کي باهه ۾ وڃي وجهن ته چڱو، ته من، انهيءَ شرم کان اسين، ڇوٽڪارو لهون ۽ انهيءَ خواريءَ جو مثال اهڙو آهي، جهڙو هيٺينءَ ڳالهه مان معلوم ٿو ٿئي:

ڳالهه – هڪڙي بادشاهه، پنهنجي پٽ جي شادي ڪئي. جنهن رات شاهزادي ڀانيو ته پنهنجيءَ ڪنوار وٽ وڃان،انهيءَ رات، گهڻو شراب پيتائين، جڏهن خوب نشو  چڙهيس، تڏهن ڪنوار جي تلاش ۾ نڪتو، خلوتخاني  ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائين، پر رستو  ڀلجي، گهر کان ٻاهر نڪري ويو ۽  هليو ويو، تان جو وڃي هڪڙي هنڌ نڪتو. هڪڙو گهر ڏٺائين،جنهن ۾ هڪڙو ڏيئو ٻرندو نظر آيس. ڀانيائين ته ڪنوار جي جاءِ اها آهي. جڏهن اندر ويو، تڏهن ڪي ماڻهو اتي ستل ڏٺائين.گهڻوئي سڏيائين، پر ڪنهن جواب ڪونه ڏنس.  ڀانيائين ته سڀ گهريءَ ننڊ ۾ ستا پيا آهن. هڪڙو  ماڻهو ڏسڻ ۾ آيس، جو مٿان، اڇو نئون ڪپڙو تاڻيو، ستو پيو آهي. دل ۾ چيائين ته ڪنوار اها آهي. وڃي پاسي ۾ ستس ۽ مٿانئس چادر لاٿائين، ته ڏاڍي خوشبوءِ دماغ ۾ آيس. پڪ ٿيس ته ڪنوار برابر اها آهي، جنهن کي خوشبوءِ لڳل آهي. انهيءَ سان محبت ڪرڻ  لڳو  ۽ پيار کان، پنهنجي زبان، هن جي وات ۾ وجهڻ لڳو. هن  جي وات جو پاڻي لڳس، سو ڀانيائين ته هوءَ پاڻ“ مون کي پيار ٿي ڪري ۽ گلاب ٿي هڻي. پوءِ ته سمهي پيو. صبح جو  جڏهن شاهزادو جاڳيو ۽ هوش ۾ آيو، تڏهن ڏسي ته اُها جاءِ، ڪين آتش پرستن جو قبرستان آهي. جي ماڻهو نشي ۾ ستل سمجهيا هئائين، سي حقيقت ڪري، مردا هئا ۽ جنهن جي مٿان، نئين چادر پيئي هئي ۽  جنهن کي پنهنجي ڪنوار سمجهو هوائين، سا هڪڙي ڪراڙي، هيبتناڪ زال جي لاش هئي، جا  ٻن ٽن ڏينهن کان مئي هئي ۽ اها خوشبوءِ ڪافور وغيره جي هئي ۽ جيڪا رطوبت، شاهزادي کي رسي هئي، سا انهيءَ زال جي نجاست يا پليدي نڪتل هئي. شاهزادي به پاڻ کي،انهيءَ نجاست ۾ ڀريل ڏٺو ۽ ان جي وات جي پاڻيءَ کان، سندس وات، ڪوڙو ٿي پيو هو. ڀانئيان، ته انهيءَ خواريءَ ۽ پشيمانيءَ ۽ پليتيءَ کان، مري وڃان ته چڱو، اهو به ڊپ ٿيس، ته متان، منهنجي پيءُ بادشاهه کي خبر پوي ۽ انهيءَ حالت ۾ لشڪر سميت، اچي منهنجي مٿان  بيهي، هو، اڃا انهيءَ ڳڻتي ۾ هو، ته سچ پچ بادشاهه، اميرن ۽ وزيرن ۽ لشڪر سوڌو، سندس تلاش ۾ اچي نڪتو ۽ هن کي، انهيءَ خراب حالت ۾ ڏٺائون، شاهزادو، پشيمان ٿيو ۽ ڀانئيائين  ته زمين ڦاٽي، ته اندر گهڙي وڃان ته جيئن انهيءَ خواريءَ کان  ته ڇُٽان!

        اي عزيز! قيامت جي ڏينهن، سئي دنيادار، دنيا جي لذتن ۽ خواهشن کي، ساڳيءَ اهڙيءَ صورت ۾ ڏسندا، دنيائي خواهشن سان گڏ رهڻ ڪري انهن جي دل ۾  جو اثر رهيو هوندو، سو به انهيءَ نجاست ۽ ڪوڙائيءَ جهڙو هوندو، جو انهيءَ  شاهزادي جي بدن ۽ وات ۾ لڳي ويئي هئي. دنيادار، انهيءَ کان به زياده خوار ۽ رسوا ٿيندا ۽ سخت عذاب ۾ گرفتار  ٿيندا، ڇالاءِ جو، هن جهان ۾ ڪمن جي ڪمال سختيءَ جو مثال، هن جهان جي شين سان ڏيئي نٿو سگهجي.  هيءُ جيڪو ذڪر ڪيو ويو، سو فقط هڪڙي قسم جي باهه جو مثال يا نمونو هو، جنهن جو قالب يا  بدن سان، ڪوبه واسطو ڪونهي، رڳو دل ۽  جان سان يا روح سان آهي. انهيءَ جو نالو، ذلت يا پشيمانيءَ جي ڪري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org