ماڻهو، دل ٿي يا روح، ناهي جسم،
ظاهري، باطني گناهه جا جسم.
پر ٻنهي لاءِ جوابدار ٿي دل،
ماڻهو، روح آهي، جسم، آب ۽ گل.
دل جو ٿيو جسم کان گناهه وڏو،
وڻ نه اُڀري، جي اصل ناهي ٿڏو.
ڏوهه آسان ٿيو ڪرڻ سان دل،
جسم سان آهي نت ڪرڻ مشڪل.
خيال سان پهرين دل گناهه ڪري،
جنسي عضون سان پوءِ ڪاهه ڪري.
شرع جي حد ٿي گرچه ظاهر تي،
باطني ڏوهه ٿيو اُنهيءَ کان مٿي.
جسم جي هن جهان ۾ ٿي سزا،
روح کائي سزا ٿو منجه عُقبيٰ.
هيءَ سزا، هُن سزا اڳيان ڪجهه ناهه،
چڻنگ هيءَ آهي ۽ هو آهي باهه.
چڻنگ ڪر تون قبول هت اي دل!
باهه هُت ٿي سقر جي نار مثل.
بهشت جي لذتن جو به اهو حال آهي ۽ اُهي
به فقط مثالي آهن نه جنسي. اُهي شيون واپرائڻ ۾
اينديون. بعضي ماڻهو، خراب خواب ٿا ڏسن، جن ۾ ڏک ۽
عذاب ٿا ڏسن. خواب ڏسندڙ جي لاءِ، اُهي سچا عذاب
آهن، پر ٻين جاڳندڙن کي، انهن عذابن جي ڪابه خبر
ڪانه ٿي پوي. انهيءَ طرح، روحاني بهشت ۽ روحاني
دوزخ جو، ٻين سان ڪوبه واسطو ڪونهي. روحاني دوزخ
جون باهيون، قسم قسم جون آهن. نفساني خواهش پوري
نه ٿيڻ جي باهه، حسد جي باهه، خواري ۽ بي پروائيءَ
جي باهه، گلا جي باهه، نااُميدي جي باهه وغيره.
انهن باهين جو، روح يا دل سان واسطو آهي نه بدن
سان. اهي روحاني باهيون، جسماني باهه کان زياده
تيز ۽ عذاب ڏيندڙ آهن. تنهنڪري مناسب آهي ته
جيڪي، انبيائن ۽ اوليائن ۽ ٻين ڪامل انسانن،
مناسب سمجهاڻيءَ سان سمجهايو آهي، تنهن تي وسهي،
اُنهيءَ تي عمل ڪجي ته اُنهيءَ ۾ سلامتي آهي، يعني
شريعت جي حڪمن تي مُنهن ڪوڙو ڪري به هلي، پوءِ ڀلي
عقل شاهدي نه به ڏئي، مثلن ڪو ماڻهو هڪ لذيذ کاڌو
کڻي، وات ۾ ٿو وجهي، ٻيو چويس ٿو متان کائين،
انهيءَ ۾ زهر آهي.هاڻي، هن زهر ڏٺو ڪين آهي؛ ڪوڙو
گمان هوندو، ته به عقل چوندو ته متان ڪا خرابي
پهچي، تنهن ڪري نه کائجي ته بهتر آهي. ساڳيءَ طرح،
ڪنهن بيمار ڪو ڪافر طبيب يا دشمن ڏس ڏئي يا علاج
ڏسي يا ڪو تعويذ ڏئي ٿو ۽ انهن جي تعريف ڪري ٿو.
بيمار کي اصل ويساهه نه هوندو، ته به چوندو ته من
فائدو پهچي به وڃي، تنهن ڪري اُهو ڪم آڻي ٿو.
انهيءَ ڪري انبيائن ۽ دانائن جو چيو، سچ ڄاڻي،
انهيءَ تي عمل ڪجي، خاص آخرت جي نسبت ۾، جنهن جي
اڳي ڪا به خبر ڪانهي ۽ جتي هميشگيءَ تائين رهڻو
آهي، ڇو ته اهڙي کٽ وقت جي خوشي يا عذاب جي نظر
تي، هتي جي ٿوري وقتي خوشي ۽ عذاب، صدقي ڪري ڇڏڻ
۾ زياده سلامتي آهي. پنهنجي عقل ۽ نفس کان،
بزرگن جي صلاح بهتر آهي.
وات جي لاءِ سونهو آهي ضرور،
ٿي نه جهنگل ڏي دوست! تون راهي.
هادي درڪار ٿيو هدايت لاءِ،
عقل پنهنجو فقط ٿي اونداهي.
قول آهي حديث جو پڻ هيئن،
آهي خود رائي، اصل گمراهي.
دين جي لاءِ نبي تڏهن آيا،
جو خدا پنهنجي سنت ايءَ چاهي.
اتي، ڪيميائي سعادت جا عنوان پورا ٿيا ۽
رُڪن شروع ٿيا، يعني ڪتاب جو ديباچو پورو ٿيو ۽
خود ڪتاب شروع ٿيو، جو چئن ڀاڱن يا بابن ۾ ورهايل
آهي. پهريون عبادت بابت ۽ انهيءَ ۾، اسلامي اعتقاد
۽ وضو يا طهارت، نماز، روزه، زڪواة، حج، ظاهري
توڙي باطني ۽ تسبيح تهليل، دعائن وغيره جو بيان
ڏنو اٿس. ٻيون ڀاڱو، معاملات بابت، يعني کائڻ پيئڻ
يا ادب ۽ نڪاح ۽ مائٽن جا حق، ڪسب يا واپار، حلال،
حرام، حڪومت، دوستي، گوشه نشيني، صحبت، سفر، راڳ ۽
وجد، امر ۽ نهي جو بيان آهي. ٽيون ڀاڱو، عقبات
بابت آهي، يعني دين جي رستي ۾، جيڪي خوف جون جايون
۽ ٿاٻي کائڻ جا اسباب آهن، جيئن ته نفس جي رياضت،
خراب اخلاق ڇڏڻ ۽ چڱا وٺڻ، ٻارن جي تعليم،پيرن
مريدن جا شرط، شهوت يا نفساني آفتون، زبان جون
آفتون، سچ ۽ ڪوڙ، غيبت، حسد، ڪاوڙ، حرص، لالچ، سخا
۽ بخل، ريا، هٺ، وڏائي، غفلت، گمراهي. انهن جي
سمجهاڻي ۽ انهن جا قسم ۽ علاج، چوٿون ڀاڱو، منجيات
بابت آهي، يعني اُهي ڳالهيون جن سان نجات يا
ڇوٽڪارو يا مڪتي حاصل ٿي ٿئي. گناهن کان توبهه،
صبر، شڪر، خوف ۽ اميد، فقيري ۽ پرهيزگاري، نيت جي
سچائي ۽ اخلاص، محاسبه ۽ مراقبه ۽ مجاهده، فڪر ۽
ويچار ڪرڻ، توڪل، محبت، شوق ۽ رضا.انهن سڀني بابت،
مفصل سمجهاڻي ڏنل آهي ۽ اُنهيءَ جا رستا بتايا
وياآهن. ۽ سڀني لاءِ، قرآن ۽ حديث جا حڪم، توڙي
ٻين بزرگن جا قول، شاهديءَ طور آندا ويا آهن.
اُهو آهي ساري ”ڪيميائي سعادت“ جو مختصر
مضمون.
هن دنيا کي عالم اسباب جو ٿا چون. سبب،
عام لفظ آهي؛ پر معنيَ اٿس رسو، جنهن سان کوهه
مان، پاڻي ڪڍجي يا وڻ سان ٻڌي، مٿي چڙهجي وغيره.
پوءِ معنيٰ اٿس، ڪوبه اُپاءُ يا وسيلو يا ذريعو.
اسباب، جمع آهي سبب جو ۽ مسبب آهي سبب بڻائيندڙ.
مسبب الاسباب بابت،ا مام غزاليءَ، هڪڙو
مزي جهڙو مثال، آکاڻيءَ وانگر ڏنو آهي،جنهن جو
گهڻا ورهيه اڳي، مون سنڌي شعر ۾ ترجمو ڪيو آهي.
اُهو اگرچه وڏو آهي، ته به اوهان کي پڙهي ٻڌايان
ٿو.
هڪڙو هو عارف، وٺيو ٿي واٽ سو پنهنجي ويو،
هڪ ٽڪر ڪاغذ جو ڪٿ آيس نظر پٽ تي پيو.
سو کڻي ورتئين ۽ ڪيائين ڌيان سان تنهن ۾ نظر،
تا ڏٺائين اُن اڇي ڪاغذ تي ڪي ڪارا اکر.،
محو ٿي، آڻڻ لڳو دل ۾ حقيقت جو خيال،
فڪر ۽ ارمان کان بيحد پريشان ٿيس حال.
۽ لڳو ڪاغذ سان ڳالهائڻ زبان حال سان،
چيائين اي ڪاغذٰ! هي تو تي ظلم ٿيو ڪنهن جي هٿان؟
ڪنهن ڏنا تنهنجي اڇي دامن تي ڪارنهن جا ڇٽا،
چنڊ جهڙو تنهنجو منهن، ڪارو ڪيو ڪنهن اي ادا!ٰ
هڪ ته اڳهين ڪاغذيءَ توتي ڪيا بيحد ستم،
پرزا پرزا ڪيئين، سٽيائين ۽ ڪُٽيائين دمبدم.
پوءِ نئي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيئين توکي ۽ مُٽي ڪڍيئين،
۽ هڻي پٽ تي سُڪايئين، پوءِ وري ويهي وڍيئين.
سنڌ سنڌ تنهنجو جدا ڪيئين ۽ و ڪيائين جوفي لاءِ،
ظلم جي توتي ٿيا اُڻ جي هٿان، سي سڀ سٺاءِ.
ڪاغذيءَ کان پوءِ وري ڪيا ظلم توتي جلد بند،
ساڙ مان سوئا هڻي توکي ڪيائين درد مند.
پوءِ شڪنجي ۾ وجهي توکي چپيائين هاءِ هاءِ!
۽ سسي تلوار سان تنهنجي وچيائين هاءِ هاءِ!
تڏهن ڏنس ڪاغذ وراڻي، سچ چيئي اي نيڪ بخت!
جلد بند ۽ ڪاغذي مون تي اهي ڪيا ظلم سخت.
پر اهي تڪليفون ۽ سختيون سهان جي ڪين مان،
تا وڃي پهچان ها آءٌ دربار شاهيءَ ۾ ڪٿان؟
جڏهن تحمل سان سٺم سڀڪا مصيبت، ٿي غريب،
تڏهن مون کي ٿي بادشاهن جي مشيري مس نصيب.
ڏوهه ڪونهي ڪاغذيءَ جو ۽ مجلد جو به ناهه،
ايءَ ساهي ٿئي، ڪيو جنهن مون کي ههڙو رو سياهه.
پڇ وڃي مس کان اهي سڀ مسئلا عاليجناب!
تا اُها مائي ڏئي توکي سنڀالي سڀ جواب.
تڏهن بزرگ آيو ستت، مائي سياهيءَ وٽ هلي،
چيائين مائي مس! ڏئي جي ڌيءَ، تون پيدا ٿيئن ڀلي!
نور جو بنياد تون، ٿيو روشنائي تنهنجو نانءُ،
ڪيئن ڪيو ڪاغذ ويچاري کي تو جهڙو ڪارو ڪانءُ؟
چيو سياهيءَ، آءُ فقيرياڻي هيس گوشه نشين،
ٿي رهيس ڪپڙيءَ ۾ راتو ڏينهن با حال، حرين.
ٿي سه پوشيءَ ۾ صوفين جان گذاريم، صوف تي،
ٿي سيه روئيءَ ڪري، جڳ کان لڪايم پاڻ کي.
پر قلم، نيزا هڻي مون کي ڪڍي ٻاهر ڪيو،
بيگناهه پردي مان بي پردي ڪري مون کي وڌو.
مون کي ڪاغذ تي هنيو تنهن، ڏوهه هي سڀ اُن جو آهه،
تون وڃي سائين! قلم کان پڇ، آءٌ آهيان بيگناهه.
تنهن تي اُن عارف، قلم ڏي منهن ڪري چيو اي قلم!
تو سياهيءَ تي ۽ ڪاغذ تي ڪيا ڇو هي ستم؟
تون شريف آهين، تو صوفياڻي سيه پوشڻ کي ڇو؟
بي سبب، بي ڏوهه، تو حجري منجهان گهلي ڪڍيو؟
مس کي بي پردي ڪري، ڪيئي خلق ۾ خوار ۽ خراب،
ڪيئي ڪاغذ جو منهن ڪارو، ڏنئي تنهن کي عذاب.
چيو قلم استغفرالله! مون نماڻي با نياز،
هوڏي، دريا جي ڪناري تي پڙهي بيٺي نماز.
آيو هڪڙو هٿ، وجهي جهٽ، جنهن کڻي مون کي وڍيو،
۽ گهڙي چاقوءَ سان مون کي، ڪيائين نيزي جان تکو.
پوءِ وجهي مون کي سياهيءَ ۾، ڪڍيئين تنهن کان
اُتان،
ڏوهه منهنجو ناهي، ائين هٿ کان پُڇو، تا ٿئي عيان؟
تڏهن ڏئي ڏوراپو، هٿ کي ترت عارف هيئن چيو،
واهه ڙي هٿ واهه! هن عابد تي تو ڪيئن ظلم ڪيو؟
تو ڪيو ڪيئن هاءِ! هن صحرا نسينءَ سان هي ستم،
ڏس ته ناحق يڪقلم تو سر قلم جو ڪيو قلم.
هٿ ٻڌي، هٿ عرض ڪيو سائين! مُنکي ڪهڙي مجال؟
آئون هڏيِ ۽ ماس ۽ چَمُ، ڪيئن ڪريان اهڙا قتال؟
ڏوهه منهنجو ناهي، قوت جو آهيان اوزار آءٌ،
ائين پڇو قوت کان، جنهن جو آهيان تابعدار آءُ.
تڏهن پڇيو قوت کان اُن عارف، اي قوت! ڪر بيان،
ڇو هلائي هٿ، ڪرين ٿي تون ضعيفن جو زيان؟
چيو کلي قوت، نفعو نقصان منهنجي وس نه آهه،
خود بخود مون ۾ چرڻ چورڻ جي ڪهڙي دستگاهه؟
ٿيو ارادو مون تي غالب، مون کي تنهن مجبور ڪيو،
عزم انسانيءَ جي آءٌ تابع، اوهين اُن کان پڇو؟
تڏهن ڇڏي قوت، ارادي کان پُڇڻ ويو نيڪ مرد،
ڇو قلم کي تو رسايو هٿ ۽ قوت ساڻ درد؟
چيو ارادي، آهي نت منهنجي لهڻ جي جاءِ دل،
آهي نت منهنجي اُپائڻ ۽ هلائڻ لاءِ دل.
جيڪي ٿي گذري ٿو، تنهن ۾ ڪونهي ڪو منهنجو قصور،
ائين پڇو دل کان، پوي ٿو جنهن کي نت پل پل ۾ پور.
تڏهن اچي عارف، چيو دل کي، ته اي قلب، بشر!
تون رئيس العضو، عاليجاهه ۽ والا گهر!
ڪيئن هٿان تنهنجي ٿين هي پاپ ۽ ظلم ۽ ستم؟
علم، عقل، انصاف ٿو توکي جڳائي دم بدم.
ڇو پکيڙين ظالم جا اسباب دنيا ۾ تمام،
ظلم جو باني ٿي، هر صورت ستائين خاص عام.
تڏهن چيو دل بيدليءَ مان، اي سليم القلب! سُڻ،
مون ۾ موجود آهي بيشڪ صالحن جو سڀڪو گُڻ.
قلب آهيان، پر قلوبن جو مقلب ڪو ٻيو،
هي سڀئي اسباب آهن، پر مسبب ڪو ٻيو.
ڳالهه دل جي آهي هي، دل ۾ رهڻ ڏيو تنهن کي ائين،
هي آهي اسرار سبحاني، لڪڻ ڏيو تنهن کي ائين.
پاڻ پردي ۾ لڪل، پتليون نچن سنسار ۾،
آڻي بازيگر وڌي بازي آهي بازار ۾.
رمز اُنهيءَ آهي هيءَ، ڪا جاءِ قيل و قال جي؟
گهرج هن جي لاءِ ”قليچ“ ! آهي زبان حال جي.
امام محمد غزالي
امام محمد غزالي، جنهن کي ’حجة الاسلام‘
جو لقب مليل آهي، سو ساري دنيا ۾ مشهور علامو ٿي
گذريو آهي، نه فقط مشرقي ملڪن ۾ پر مغربي ملڪن ۾
به، ۽ سندس ڪي ڪتاب، يورپي ٻولين ۾ به ترجمو ٿيل
آهن. گهڻن علمن ۾ هن جي راءِ، سند سمجهيل آهي.
انهيءَ جي حياتيءَ جو احوال، خود انگريزي ڪتابن ۾
به موجود آهي. انهيءَ بابت عربي ڪتاب، ٻه مشهور
آهن: هڪڙو ’مبين ڪذب المفتري‘ ۽ ٻيو ’طبقات
الشافعيه‘. پهريون علامه ابن عساڪر دمشقيءَ جو
لکيل اهي، جو مشهور محدث آهي، ٻيو علامه ابن
السڪيءَ جو، جو پڻ مشهور محدث آهي. مولانا شبلي
نعمانيءَ به سندس سوانح عمري، اردوءَ ۾ لکي آهي.
پروفيسر گوسٿيءَ جو، جرمن ٻوليءَ ۾ ۽ پروفيسر منڪ
جو، فرينچ ٻوليءَ ۾، امام صاحب جو بيان ڏنل آهي.
انگريزيءَ ۾، انسائيڪلوپيڊيا ۾ چڱو احوال ڏنل آهي.
هتي مون، فقط ڪي ضروري ڳالهيون ڏنيون آهن. اُميد
آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي، انهن جي پڙهڻ مان خوشي ۽
فائدو حاصل ٿيندو.
امام غزاليءَ جونالو محمد هو ۽ سندس پيءُ
جو نالو محمد بن احمد هو. سندس لقب ’حجة الاسلام‘
آهي، جنهن سان علمي دنيا ۾ مشهور آهي. هو، سنه
450هه ۾ طابران شهر ۾ ڄائو هو، جو خراسان جي ضلعي
طوس ۾ آهي. غزالي، هن ڪري چوندا اٿس، جو هن جي
ڪٽنب جو ڌنڌو، سُٽ ڪتڻ جو هو. ڪن جو چوڻ آهي ته
غزالي، رهڻ جي جاءِ ڪري نالو پيو آهي، پر ائين
ناهي، ڇالاءِ جو اهڙو شهر، طوس ڪونهي. اڳي، سُٽ
ڪتڻ يا ٻيو ڪو اهڙو ڌنڌو ڪرڻ، عيب نه سمجهبو هو.
ڪيترائي مشهور اولياءَ ۽ علامه ۽ بزرگ ڪوري، موچي،
حجام ۽ ٻين ڪسبن وارا ٿي گذريا آهن.
امام غزاليءَ جو پيءُ، لکي پڙهي نه ڄاڻندو
هو. مرڻ مهل، ٻه پٽ ڇڏيائين، هڪڙو هي محمد (پاڻ) ۽
ٻيو احمد، ۽ انهن جي نسبت ۾، هڪڙي دوست کي وصيت
ڪيائين ته اُنهن کي چڱي تعليم ڏياري. اُن موجب،
هُن، انهن ٻنهي ڇوڪرن کي، هڪڙي خانگي مدرسي ۾
ويهاريو. جيڪا رقم، هنن جي تعليم لاءِ مليل هئي سا
سگهوئي کپي وئي.، پوءِ خيراتي مدد سان هنن کي
پڙهڻو پيو، جيئن انهن ڏينهن ۾، اڪثر سکر ماڻهو
خانگي مدرسن کي مدد ڪندا هئا. هن جي استاد جو نالو
احمد بن محمد راذڪاني هو. تعليم وٺڻ کان پوءِ هو،
جرجان ۾، امام ابونصر اسماعيل وٽ زياده علم جي
تحصيل ڪرڻ لڳو. اتي جيڪي پڙهندو هو، تنهن جا نوٽ،
پاڻ وٽ رکندو ويو. اهڙن نوٽبڪن کي ”تعلقات“ چوندا
هئا. ڪنهن مدت کان پوءِ امام صاحب، پنهنجي وطن ڏي
ٿي آيو ته اتفاق سان، رستي تي اچي چورن ورايس.
جيڪي ٽپڙ هئس، سي سڀ ڦري ويس، بلڪه سندس نوٽبڪ به
نه ڇڏيائون. هن کي، پنهنجي ٻئي مال جو ايترو ارمان
نه ٿيو، جيترو انهن نوٽبڪن جو ٿيو. ويچارو ڊوڙي
انهن چورن جي جمعدار يا سردار وٽ ويو ۽ کانئن
نوٽبڪن لاءِ عرض ڪيائينس. آخر اُهي موٽي مليس ۽ هو
ڳوٺ آيو. انهيءَ چوريءَ جي اتفاق مان، اهو سبق
سکيوته جيڪي اڳي يادگيريءَ لاءِ نوٽبڪ ۾ لکندو هو،
سو بر زبان ياد ڪري ڇڏيندو هو. انهن مسئلن جي ياد
ڪرڻ ۾، هن کي ٽي ورهيه لڳي ويا. پوءِ زياده علم جي
تحصيل لاءِ، وري ڪنهن پاسي وڃڻ جو ارادو ڪيائين.
اُنهن ڏينهن ۾، ٻه وڏا دارالعلوم هئا-
هڪڙو نيشاپور ۽ ٻيو بغداد ۾. نيشاپور ويجهو هو،
تنهن ڪري امام صاحب انهيءَ ۾ وڃي ويٺو ۽ اُتي جو
مدرس عبدالملڪ، امام الحرمين هو . نيشاپور واري
مدرسي جو نالو ”بيهقيه“ هو ۽ مدرسي ۾ علم جي
تحصيل ڪئي هئي،.ا گرچه ٻيا به اهڙا مدرسا اتي
موجود هوندا هئا. انهيءَ زماني ۾، الپ ارسلان
سلجوقي، بادشاهه هو ۽ اهو اشعري طريقي وارن جي
برخلاف هو، تنهن ڪري هن حڪم ڪڍيو ته اڳتي مسجدن
۾، خطبي پڙهڻ وقت، اشعري مذهب جي باني ابوالحسن تي
لعنت پڙهڻ ۾ اچي. عبدالملڪ، پاڻ اشعري هو، تنهن کي
اها ڳاهه ڏکي لڳي. لاچار ٿي، حرمين ڏي هليو ويو ۽
اتي وڃي مدرس ۽ مفتي ٿيو ۽ نالو ڪڍيائين، جنهن ڪري
امام الحرمين جو لقب مليس، پر سگهوئي، سلجوقي
سلطان جو وزير، نظام الملڪ ٿيو، جو بلڪل بي تعصب ۽
منصف مزاج ماڻهو هو، تنهن اها لعنت بند ڪرائي ۽
نيشاپور ۾ هڪڙو وڏو مدرسو کوليائين، جنهن تي سندس
نالي جي پٺيان، ’نظاميه‘ نالو پيو، جهڙو بغداد ۾
اڳي هو. وزير جي بي تعصبيءَ جو ٻُڌي، امام
الحرمين، موٽي نيشاپور جي اُنهيءَ مدرسي ۾ آيو.
اتي علميت ۽ فضيلت جي ڪري نالو ڪڍيائين خود
بادشاهه به عزت ڏيندو هوس، اگرچه هڪڙي ڀيري فتويٰ
ڏئي، عام اشتهار سان، بادشاهه جو حڪم به رد ڪري
ڇڏيائين.
اُنهيءَ مدرسي جي چئن سئو شاگردن مان امام
غزالي، اول نمبر ثابت ٿيو ۽ اُنهيءَ کان پوءِ ٻئي
درجي ۾، ڪياهراسي ۽ احمد بن محمد خوافي هئا. اهڙي
قابليت جي ڪري،امام غزالي، اتي جو نائب مقرر ڪيو
يو، جنهن کي ”معيد“ سڏيندا هئا. سن 478هه ۾، امام
الحرمين وفات ڪئي.ا ُنهي ڏينهن، مدرسي جي سڀني
شاگردن، قلم ۽ مسون ڀڃي ۽ هاري ڇڏيون ۽ مسجد جو
منبر به ڀڃي ڇڏيائون ۽ هڪ سال ماتم ڪيائون.
امام الحرمين جي مرڻ کانپوءِ امام غزالي،
مدرسو ڇڏي، نظام الملڪ جي درٻار ڏي رخ رکيو. اهو
وزير، پاڻ صاحب فضل ۽ ڪمال جو هو ۽ ٻين عالمن ۽
فاضلن جي قدرداني ڪندو هو. امام غزالي به وڏي
علميت ۽ فضيلت وارو هو ۽ مدرسي ۾ رهئي، گهڻيون
تصنيفون به ڪيون هئائين ۽ عالمن جي عزت آبرو ڏسي،
علم تي فخر ڪرڻ لڳو هو. خود سندس اُستاد، سندس
تعريف ڪندو هو ۽ کيس عزت ڏيندو هو.، سو جڏهن نظام
الملڪ وٽ ويو، تڏهن هن، سندس استقبال ڪيو ۽ گهڻو
مانُ ڏنائينس. انهن ڏينهن ۾، نظام الملڪ جي درٻار
۾، گهڻائي عالم ۽ فاضل ايندا هئا ۽ علمي بحث
مباحثا ۽ ديني مناظره هلندا هئا . انهن سڀني ۾
امام صاحب، فتحياب ۽ نامور ثابت ٿيو ۽ سندس ناموس
پکڙڻ لڳو. نظام الملڪ، کيس بغداد جي نظاميه مدرسي
جو مدرس مقرر ڪري رکيو. اُنهيءَ وقت، هن جي عمر 34
ورهين جي هئي ۽ اهڙو درجو، اهڙي جوان جي لاءِ عجيب
۽ واجب الفخر هو، ڇا لاءِ جو اُنهيءَ عهدي جي
لاءِ، مشهور مشهور علاما، ڪوشش ڪندڙ هئا ۽ نااُميد
رهجي ويا هئا.
مطلب ته امام صاحب، سنه 484هه ۾ نظاميه
جو مدرس ٿيو، سگهوئي نالو ڪڍڻ لڳو، نه فقط ملڪي
ماڻهن ۾، پر وقت جي حاڪمن وٽ، جي اُنهيءَ زماني ۾
ٻه خاندان هئا، هڪڙا سلجوقي ۽ ٻيا عباسي. ٻنهي جي
درٻارين ۾، امام صاحب کي ڏاڍي عزت ملندي هئي.
سنه 475هه ۾، جڏهن ملڪ شاهه سلجوقي وفات
ڪئي، تڏهن راڻي ترڪان خاتون، اميرن ۽ وزيرن سان
صلاح ڪري، سندس پٽ محمود کي تخت تي ويهاريو، جو
چئن ورهين جو مس هو. هن، بغداد جي خليفي مقتدر
بالله کان، هيءَ به منظوري گهري، ته خطبو به
انهيءَ جي نالي پڙهيو وڃي. ڪم ڪار، ترڪان خاتون ٿي
هلايو، تنهن ڪري اُنهيءَ جو زور ڏسي، خليفي اها
منظوري ڏني ته حڪومت ڀلي هوءَ هلائي، پر خطبو ۽
سڪو، سندس يعني خليفي جي نالي هجي. راڻي، انهيءَ
ڳالهه تي راضي نٿي ٿي، خطبو ۽ سڪو به پنهنجو
ضروري ٿي سمجهايائين. اهڙيءَ مشڪلات ۾ راڻيءَ،
امام غزاليءَ کي، سفير ڪري خليفي ڏي موڪليو، جنهن
ڏاڍيءَ تجويز سان، خليفي کان اها به اجازت ورتي.
انهيءَ ڪري راڻي به راضي ٿي ۽ ملڪ ۾ جنگ ۽ فساد
به ٽري ويو، جنهن جو گهڻو امڪان هو.
سنه 487هه ۾، خليفي مقتدر بالله جي مرڻ
تي، مستظهر باالله خليفو ٿيو. انهيءَ وٽ به امام
غزاليءَ جو گهڻو مانُ هو. باطنيه فرقي جي زور وٺڻ
ڪري امام صاحٻ، خليفي جي فرمائش موجب، انهن جي رد
۾ هڪڙو ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو خليفي جي نالي
پٺيان ’مستظهري‘ رکيائين. سندس درس هيٺ، ٽي سو
مدرس ۽ سو کن امير ۽ وڏا ماڻهو هوندا هئا، ۽ سندس
وعظ ٻڌڻ لاءِ، هزارين ماڻهو ايندا هئا. اهي سڀ
وعظ، ڪتاب ’مجالس غزاليه‘ ۾ داخل آهن ۽ مڙئي 183
وعظ آهن.،
امام غزالي، اوائل ۾ پنهنجي مذهب جو سخت
پابند هوندو هو ۽ ٻين مذهبن ڏي ڪوبه خيال ڪونه
ڏيندو هو. پر پوءِ، سندس طبيعت جو ميل ڦري ٻيو ٿيو
۽ سڀني ٻين مذهبن، عقيدن ۽ فرقن ڏي خيال ڪرڻ لڳو.
سلجوقي بادشاهن جي زماني ۾، ٻين مذهبن جو نالو به
نيشاپور ۾ ٻڌبو هو، پر بغداد ۾، د نيا جي سڀني
مذهبن جا ماڻهو موجود هئا، ۽ انهن جا پاڻ ۾ بحث
هلندا هئا. اُتي مذهب جي بلڪل آزادي هئي. شيعا،
سني، معتزلي، عيسائي، زنديق، مُلحد، سڀ موجود
هئا. انهن جي وچ ۾، خوب مذهبي ۽ علمي لڙايون
ٿينديون هيون. تنهن ڪري بغداد ۾ اچڻ کانپوءِ،
امام صاحب جي انهن سڀني سان صحبت ٿيڻ لڳي ۽ انهيءَ
ڪري، سندس اصلوڪا خيال بدلجڻ لڳا. پاڻ پنهنجي
ڪتاب ’منقذ من الضلال‘ ۾ ٿو لکي ته ”آءٌ هڪڙي هڪڙي
باطني، ظاهري، فلسفي، متڪلم ۽ زنديق سان گڏبو هوس
۽ انهن جا خيال معلوم ڪندو هوس. شروع کان وٺي،
منهنجي طبيعت جو لاڙو تحقيقات ڪرڻ ڏي هوندو هو،
نتهن ڪري درجي بدرجي، مون مان تقليد جي بندش نڪري
وئي ۽ ننڍي هوندي جا ٻُڌل ۽ ياد ڪيل اعتقاد، بي
اثر ٿي ويا، جيئن عيسائي، يهودي ۽ ٻين مذهبن وارا
به اهڙا موروثي عقيدا رکندا آهن. مون ڄاتو ته
حقيقي علم اُهو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ
شبهه نه هجي. مثلن اها يقيني ڳالهه آهي ته ڏهه، ٽن
کان زياده آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو کڻي چوي ته ٽي،
ڏهن کان زياده آهن، ۽ دعويٰ ڪري ته جيڪي آءٌ چوان
ٿو، سو حق آهي، ڇا لاءِ جو آءٌ، حضرت موسيٰ وانگر،
لٺ مان نانگ بنائڻ جو معجزو ڪري ٿو سگهان ۽ ڪري ٿو
ڏيکاري، ته به آءٌ رڳو ايترو چوندس ته اهو، حيرت
جهڙو ڪم آهي؛ ليڪن ائين ڪڏهن ڪين ڄاڻندس ته ڏهن
کان ٽي زياده آهن. پوءِ آءٌ ويچار ڪرڻ لڳس ته مون
۾، يقيني علم ڪيتريقدر آهي؟ معلوم ڪيم ته فقط
”حسيات“ يعني حواسن جي رستي معلوم ڪرڻ جو علم ۽
”بديهيات“ يعني بديهي رستي معلوم ٿيڻ وارو علم
آهي؛ پر انهن ۾ به مون کي، شڪ پوڻ لڳا. ٻن مهينن
تائين ته اهي خيال پچايم، پوءِ فقط ٻين مذهبن جا
شڪ رهجي ويا. انهيءَ وقت، چار مکيه فرقا، اُتي
هوندا هئا. متڪلمين، باطنيه، فلاسفه ۽ صوفيه. انهن
مان هر هڪ جي علمن ۽ عقيدن جي تحقيقات مون شروع
ڪئي. علم ڪلام سان لاڳو، سڀئي ڪتاب پڙهيم، ليڪن
انهن مان مون کي ڪابه تسلي نه ٿي، ڇا لاءِ جو انهن
۾، سڀني مسئلن جو بنياد، تقليد يا قرآن ۽ حديث
اجماع تي رکيل آهي ۽ اُهي، انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان
حجت وانگي پيش ڪري نٿا سگهجن، جو بديهيات کان
سواءِ، ٻيءَ ڪنهن شيءِ جو قائل نه آهي. فلسفه جو
به يقيني ڀاڱو، مذحب سان واسطو نٿو رکي. مذهب سان
واسطو، فقط الهٰيات وغيره جو آهي، جو يقيني ناهي.
باطنيه فرقي وارن جي عقيدن جو مدار، وقت جي امام
جي تقليد تي منحصر آهي. پر انهيءَ امام جي حق تي
هئڻ يا نه هئڻ بابت، يقين ڪري نٿو سگهجي. باقي
رهيو صوفين جو فرقو تصوف وارو. اُنهيءَ لاءِ مون
شيخ جنيد، شبلي، با يزيد بسطامي ۽ ابو طالب مڪيءَ
جا ڪتاب پڙهيا، پر حقيقت ڪري، اهو هڪڙو علمي فن
آهي، نه علم، ۽ عمل جي لاءِ، زهد ۽ رياضت جو ضرور
آهي. پنهنجن عملن ۽ مشغولين تي غور ڪيم ته ڏٺم،
ته اُنهن ۾ سچائي ڪابه ڪانهي، فقط دنيا پرستي
آهي. عزت آبرو، وڏو درجو، نالو ناموس، انهن جي نيت
دل ۾ رهندڙ هئي. تنهن ڪري منهنجيءَ دل ۾ آيو ته
دنيا جا سڀ واسطا ٽوڙي، بغداد مان ڪنهن پاسي هليو
وڃان. انهن خيالن ڪندي به ڇهه مهينا لنگهي ويا ته
نفس، انهن تان دستبردار ٿيڻ قبول نه پئي ڪيو. انهن
ڳڻتين ۾، منهنجي زبان بند ٿي وئي، درس ڏيڻ جي طاقت
نه رهي، هاضمو خراب ٿي ويو ۽ آءٌ بيمار ٿي پيس،
طبيبن به علاج ڪرڻ کان هٿ جهليو. آخر لاچار ٿي،
سفر ڪرڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪيم. جڏهن اها خبر، اتي جي
ڪامورن ۽ عالمن کي پئي، تڏهن اهي، مون کي زور ڪري
رهائڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسلام کي نقصان پهچائڻ،
شرعي رستي جائز ناهي. مطلب ته نيٺ مون، هنن جي
ڪابه ڳالهه نه مڃي ۽ شام ڏي اُٿي هليس.“
488هه ذوالقعد مهيني ۾ امام غزالي، بغداد
مان روانو ٿيو. اڳوڻو تجمل، سڀ پٺ تي ڇڏيائين.
سادا ڪپڙا ۽ کٿي ڪُلهي تي هيس. رُکي يا ساڳ سان
ماني، سندس کاڌو هو. اهڙي حال ۾ هو شام ڏي هليو.
دمشق پهچڻ تي هو، رياضت ۽ مجاهدي ۾ مشغول ٿيڻ لڳو.
جامع مسجد جي هڪڙي مناري تي چڙهي، ڪوٺڙيءَ جو در
بند ڪري، رات ڏينهن مراقبه ۽ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول
رهڻ لڳو. ٻه ورهيه برابر دمشق ۾ رهيو، رياضت سان
گڏ، علمي مشغولي به رکندو آيو.مسجد سان لاڳو، جيڪو
مدرسو هو، تنهن ۾ ويهي درس به ڏيندو هو. اگرچه پاڻ
چيو اٿس ته اهو عبادت ۽ رياضت جو رستو، تصوف جي
ڪتابن پڙهڻ سان سکيس، تڏهن به ڪي مصنف لکن ٿا ته
هو، شيخ ابو علي فارمديءَ جو مريد ٿيو، جو وڏو
صوفي بزرگ هو، ۽ جنهن کي نظام الملڪ، نهايت گهڻي
عزت ڏيندو هو ۽ دربار ۾ به، سندس اڳيان، ادب سان
ويهي رهندو هو، ۽ امام الحرمين ۽ ابوالقاسم قشيري،
جن جو مٿي اشارو آيو آهي، تن جي اڳيان فقط اُٿي
بيهندو هو، تن جو عذر نظام الملڪ هيئن ڏيندو هو ته
”هو، منهنجي اڳيان، منهنجي تعريف ٿا ڪن، جنهن ڪري
آءٌ پاڻ زياده مغرور ٿو ٿيان ۽ شيخ، مون کي منهنجا
عيب ٻڌائي ٿو ۽ سڌاري ٿو.“ امڪان آهي ته امام
غزالي، طالب العلميءَ جي زماني ۾، انهيءَ شيخ جي
بيعت حاصل ڪئي هجي. شيخ ابو علي فارمنديءَ، 477هه
۾ طوس ۾ وفات ڪئي، تنهن ڪري ضرور امام غزاليءَ،
انهيءَ کان پوءِ،ساڻس بيعت نه ڪئي هوندي ۽ انهيءَ
وقت، هو ستاويهن ورهين جو هو. |