سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: ڪيميائي سعادت-1

باب: --

صفحو :7

چوٿون رڪن، جو ”مُنجيات“ جي بيان ۾ آهي، اُنهيءَ ۾ به ڏهه اصل آهن: اصل پهريون، توبهه بابت؛ اصل ٻيون، شُڪر ۽ صبر بابت؛ اصل ٽيون، خوف  اُميد بابت، اصل چوٿون، درويشيءَ ۽ زهد بابت؛ اصل پنجون، نيت ۽ اخلاص ۽ سچائيءَ بابت؛ اصل ڇهون، مراقبه ۽ محاسبه بابت، اصل ستون، تفڪر بابت، اصل اٺون، توحيد ۽ توڪل بابت، اصل نائون، سچي محبت ۽ عشق الاهيءَ بابت ۽ اصل ڏهون، موت جي يادگيريءَ ۽ موت جي  حالت بابت.

        ”ڪيميائي سعادت“ جي ارڪان ۽ اصول جو تفصيل اهو آهي، جو مٿي ڏنو ويو. اسين، هن ڪتاب ۾، انهن چئن عنوانن ۽ چاليهن اصلن جو، چٽائيءَ سان بيان ڏينداسين، ۽ قلم کي مشڪل عبارت ۽ باريڪ مضمون کان روڪينداسين، انهيءَ لاءِ ته هيءُ ڪتاب، عام جي فهم   جهڙو ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي زياده تحقيق ۽ تدقيق جي خوشي هوندي، ته هن کان سواءِ، ٻيا عربي ڪتاب مطالع ڪري، جيئن ته احياء العلوم يا جواهر القرآن يا ٻيا ڪتاب، جي انهيءَ علم ۾ آهن. هن ڪتاب مان مطلب، فقط عام ماڻهن کي سمجهائڻ جو آهي ۽ هن ڪري، جو ماڻهن خواهش  ڪئي ته  اهو علم، فارسي عبارت ۾ لکيو وڃي ته  آسانيءَ سان اسان جي سمجهه ۾ اچي. شل خداوند ڪريم، انهن جي توڙي منهنجي نيت پاڪ ۽ صاف رکي ۽ ريا ۽ تڪلف کان پري رکي ۽ پنهنجيءَ رحمت جو خاص اميدوار ڪري ۽ ثواب  جو دروازو کولي ۽ سندس توفيق، مددگار رهي ۽ جيڪي زبان تي اچي، اُن تي عمل ڪجي، ڇالاءِ جو جنهن ڳالهه ۾ عمل ڪونهي، اُها اجائي آهي. چوڻ ۽ عمل نه ڪرڻ، قيامت ۾ وبال ۽ زيان جو سبب آهي. نعوذ با الله منها.

آغاز ڪتاب جو، مسلمانيءَ جي عنوان جي بيان ۾

فصل پهريون

        مسلمانيءَ جا چار عنوان آهن: پهرئين عنوان ۾، نفس جي معرفت يا پاڻ کي سڃاڻڻ جو بيان آهي.

        ڄاڻڻ گهرجي ۽ يقين سان مڃڻ گهرجي ته پاڻ کي سڃاڻڻ،  حق تعاليٰ جي معرفت يا سڃاڻپ جي ڪُنجي آهي. انهيءَ ڪري چيو اٿن ته:

”من  عرف نفسھ فقد عرف ربھ“

(يعني جنهن پنهنجي نفس کي سُڃاتو،  تنهن بيشڪ پنهنجي رب کي سڃاتو).

        ۽ انهيءَ ڪري، حق تعاليٰ فرمايو آهي:

”سنريهم اياتنا في الافاق و في انفسهم حتيٰ يتبين لهم انھ الحق“ (يعني، اسين سگهوئي ڏيکارينداسون   هنن کي پنهنجون نشانيون ملڪن ۾ ۽ خود سندن نفس يا ذات ۾، انهيءَ لاءِ ته هنن کي معلوم ٿئي ته تحقيق، هو حق آهي).،

        حقيقت ڪري، پاڻ کان زياده ويجهي، توکي ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي. جي تون پاڻ کي نه سڃاڻندين، ته ٻئي کي ڪيئن سڃاڻندين؟ اڪثر تون چوندين، ته آءٌ  پاڻ کي ته سڃاڻان ٿو، پر اها، غلط ڳالهه ٿو ڪرين.ا هڙي سڃاڻپ، خدا جي معرفت جي ڪنجي ٿي نٿي سگهي، ڇالاءِ جو، ائين ته جانور  به پاڻ کي سڃاڻي ٿو، ڇالاءِ جو تون رڳو پنهنجي انهيءَ مٿي، وات، هٿ، پير، ظاهري گوشت ۽ کل کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿو سُڃاڻين؟ ۽ پنهنجي باطن يا اندر جو حال، رڳو ايترو ٿو ڄاڻين، ته جڏهن بُک لڳيئي ٿي، تڏهن ماني کائين ٿو، ۽ جڏهن چرچا ڪرين ٿو تڏهن ڪنهن سان وڙهين ٿو. جڏهين شهوت کڻيئي ٿي، تڏهن شادي ڪرين ٿو. انهيءَ ڳالهه ۾ ته سڀ جانور تو جهڙا آهن. توکي، پنهنجي باطني حقيقت ڳولڻ گهرجي ته تون ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين، وري ڪيڏانهن ويندين ۽ هتي ڇو آيو آهين ۽ خدا، توکي ڪهڙي ڪم لاءِ پيدا ڪيو آهي؟ تنهنجي سعادت يا نيڪ بختي، ڪهڙي ڪم ۾ آهي ۽ تنهنجي بدبختي،  ڪهڙي  ڪم ۾ آهي”؟ جيڪي صفتون، تو ۾ موجود آهن، تن مان ڪي چرند ۽ درند جانورن جون آهن؛ ڪي شيطانن جون آهن ۽ ڪي ملائڪن جون. اُنهن مان  تون، ڪهڙو آهين، تنهنجي اصل حقيت آهي ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون صفتون، تو ۾ اُڌاريون آهن؟ جيستائين توکي انهن ڳالهين جي خبر نه پوندي، تيستائين تون، پنهنجي سعادت ڳولي نه سگهندي. اُنهن مان هر هڪ جي  غذا يعني قوت الڳ آهي ۽ انهن جي سعادت الڳ آهي – کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، ٿلهو ۽ زور ڀريو ٿيڻ،  چوپاين جانورن جي غذا ۽ انهن جي سعادت آهي. جيڪڏهن تون به چوپايو جانور آهين ته بيشڪ،  رات ڏينهن ڪوشش ڪر ته تنهنجي پيٽ ۽ شهوت جو ڪم پورو ٿئي ۽ مارڻ ۽ ڪٽڻ ۽ ڪاوڙ ڏيکارڻ، ڦاڙيندڙ ۽ جهنگلي جانورن جي غذا ۽ سعادت آهي. شر ۽  فتنا ۽ فساد اُٿارڻ ۽  حيلا ۽ مڪر ڪرڻ، شيطانن جي عذا آهي. جي تون به اُنهن مان آهين، ته  انهن جي ڪمن ۾  مشغول رهه ته توکي آرام اچي ۽ پنهنجي سعادت، توکي هٿ اچي. ۽ خدا جو جمال ڏسڻ، ملائڪن جي غذا ۽ سعادت آهي ۽ غصي توڙي  چوپاين ۽ ڦاڙيندڙ جانورن جي صفتن جو اُن ۾ دخل ڪونهي. جي تون ملائڪن جي ذات مان آهين،ته پنهنجي اصل ۽ ذات موجب ڪوشش ڪر، ته جناب الهيءَ کي سڃاڻين ۽ سندس جمال جي ديدار جو رستو لهين ۽ پاڻ کي، شهوت ۽ غصي کان ڇڏائين ۽ انهيءَ ڳالهه جي ايستائين تلاش ڪرين، جيستائين توکي معلوم ٿي وڃي ته خدا، جانورن جون صفتون، تو ۾ ڇو پيدا ڪيون آهن؟” انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن، ته تون، انهن کي پنهنجو قيدي ڪرين ۽ جيڪو سر توکي پيش آهي تنهن ۾، هنن کي پنهنجو تابع ڪرين ۽  هڪڙي کي سواريءَ جي ڪم آڻين ۽ ٻئي کي پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿيار بنائين ۽ جيڪي ٿورا ڏينهن، تون، انهيءَ منزل تي رهيل  آهين، انهن کي تون پنهنجي ڪم ۾ آڻين ۽ اُنهن جي مدد سان، سعادت جو ٻج، تنهنجي هٿ لڳي ۽ تون اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ آڻين ۽ اُنهن تي چڙهي، پنهنجيءَ سعادت جي منزل ڏانهن روانو ٿين. انهيءَ منزل يا مڪان کي خاص ماڻهو، حضرت الاهيءَ يا خدا جو حضور سڏين ٿا. ۽ عام ماڻهو، انهن کي، جنت يا بهشت چون ٿا ۽ اهي سڀ ڳالهيون، توکي معلوم ڪرڻيون آهن،انهيءَ لاءِ ته توکي،  ڪجهه پنهنجيءَ معرفت يا سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. جنهن ايترو نه ڄاتو، سو نيٺ شرمندو ٿيندو ۽ دين  جي حقيقت کان راه بدر ٿيندو.

فصل ٻيو

        جيڪڏهن تون ڀانئين ته پاڻ کي سڃاڻين، ته هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ، توکي ضروري آهي، ته خدا تعاليٰ، توکي ٻن شين مان پيدا ڪيو آهي.  هڪڙو ظاهري قالب، جنهن کي بدن چون ٿا، ۽  جنهن کي ظاهري اک سان ڏسي سگهجي ٿو. اُن جي باطني معنيٰ، جنهن کي نفس يا دل يا جان چون ٿا، ۽ جنهن کي، باطني اک سان ڏسي ۽ سُڃاڻي سگهجي ٿو، ۽ ظاهري اک سان، ڏسي نٿو سگهجي؛ ۽ انهن جي حقيقت، باطن جي معنيٰ آهي ۽ اُنهيءَ معنيٰ کان سواءِ، ٻيون جيڪي شيون آهن، سي اُن جون تابع آهن، ۽ اُن جون خدمتگار يا لشڪر آهن.، اسين، انهيءَ حقيقت کي، دل سڏينداسين ۽ جڏهن  دل جو ذڪر ڪنداسين، تڏهن توکي سمجهڻ گهرجي ته دل مان اسان جو مطلب، اهائي انساني حقيقت آهي ۽ انهيءَ حقيقت کي ڪڏهن روح چوندا آهن ۽ ڪڏهن نفس. دل مان مراد، اُنهيءَ گوشت جي ٽُڪر يا عضوي جي نه آهي، جو سيني ۾، کٻي پاسي رکيل آهي. اُها ته ڪي به ڪين آهي، جو  جانورن ۽ مردن کي به اهڙي دل آهي. اُها دل، جا انساني حقيقت آهي، تنهن کي ظاهري اک سان ڏسي نٿو  سگهجي، جا شيءِ، ظاهري اک سان ڏسي ٿي سگهجي، سا هن عالم جي آهي، جنهن کي ”عالم شهادت“ چون ٿا. اُنهيءَ دل جي حقيقت، انهيءَ عالم مان نه آهي. برابر اهُا، هن عالم ۾، مسافر وانگي آئي آهي ۽ اُها ظاهري دل يا گوشت جو ٽڪر، انهي باطني دل جي سواري يا هٿيار آهي ۽ بدن جا سڀ عضوا، اُن جو لشڪر آهن ۽ اُها، ساري بدن جو بادشاهه يا افسر آهي. خداجي معرفت ۽ اُن جي جمال بي مثال جو شاهد پاسيدار، انهيءَ دل جي صفت آهي ۽ انهيءَ تي عبادت جي تاڪيد آهي، انهيءَ سان خطاب آهي ۽ اُنهيءَ تي ثواب ۽ عذاب آهي. اصلي سعادت ۽ شقاوت، يعني نيڪ بختي ۽ بدبختي، اُنهيءَ جي لاءِ آهي. انهن سڀني ڳالهين ۾ بدن، اُن جو  تابع آهي.، انهيءَ جي حقيقت ۽ صفتن کي سُڃاڻڻ، خدا تعاليٰ جي  معرفت جي ڪُنجي آهي. اهڙي ڪوشش ڪر، ته تون، ان کي سڃاڻين، جو اُهو هڪڙو عمدو گوهر آهي ۽ ملائڪن جي گوهر جي جنس مان آهي، جنهن جي اصلي کاڻ، درگاهه الوهيت جي آهي ۽ اُهو اتان آيو آهي ۽ وري اوڏاهين ويندو ۽ هتي رڳو پرديسيءَ يا مسافر وانگي آهي، جو واپار ۽ پوک جي لاءِ هتي آيو آهي. واپار ۽ پوک جي معنيَ، اڳتي بيان ڪرڻ ۾  ايندي ۽ اُتي، چڱيءَ طرح معلوم ٿيندي.

انشاء الله تعاليٰ.

فصل ٽيون

        ڄاڻ، ته جيستائين تون، دل جي هستي نه سڃاڻندين تيسين، اُن جي حقيقت ڪين سڃاڻندين؟ پهرين هستي سڃاڻ،پوءِ حقيقت ڄاڻ، ۽ پوءِ دل جو لشڪر معلوم ڪر ته ڇا آهي؟ پوءِ اها ڳالهه سمجهه ته دل جو،ا ُنهيءَ لشڪر سان ڪهڙو علائقو آهي. پوءِ اُنهيءَ جي صفت سڃاڻ، ته حق تعاليٰ جي معرفت، اُن مان ڪهڙيءَ طرح حاصل ٿئي ٿي،  ۽ انهيءَ معرفت مان ماڻهو، پنهنجيءَ سعادت کي ڪهڙيءَ طرح ٿو پهچي؟  انهن مان، هر هڪ جو بيان اڳتي  ايندو. هاڻي،  دل جي هستي ته ظاهر آهي، جو پنهنجي هستيءَ ۾ ته ماڻهوءَ کي، ڪوبه شڪ ڪونهي ۽ اُن جي هستي، سندس ظاهري قالب يا بدن تي منحصر نه آهي،  ڇالاءِ جو هيءُ بدن، مُردي جي  مثال آهي ۽ ان  ۾ جان نه آهي ۽ دل  مان، اسان جو مطلب، روح جي حقيقت آهي. جڏهن روح نه  رهيو، تڏهن بدن، مُردي جي مثال آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو، پنهنجون اکيون پوري ۽ پنهنجي جسم کي، ۽ زمين ۽ آسمان، جنهن کي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو، سو  وساريندو، ته به پنهنجي هستيءَ جي ضرور خبر پونديس ۽ جيتوڻيڪ پنهنجي جسم ۽ زمين آسمان کان بيخبر هوندو، تڏهن به پنهنجو پاڻ کي، ضرور ڄاڻندو هوندو ۽ جيڪو انهيءَ آمر ۾، چڱيءَ طرح غور ڪندو، ته آخرت جي حقيقت به ڪجهه معلوم ڪري سگهندو، ۽ ايتري خبر پونديس ته جڏهن سندس بدن کسي وٺندا، تڏهن سندس قائم رهڻ ۽ فنا نه هئڻ  روا آهي.

 

فصل چوٿون

        دل جي حقيقت، ڇا آهي، ۽ اُن جي خاص صفت ڪهڙي آهي، اُن جي بيان ڪرڻ جي شريعت،  موڪل  نه ڏني آهي. انهيءَ ڪري رسول صلي الله عليه وآله وسلم، اُنهيءَ جي شرح نه ڏني ۽ حق تعاليٰ وٽان، فقط  هيءَ  آيت آئي:

”و يسئلو نڪ عن الروح قل الروح من امر ربي“ (يعني، توکان پُڇن ٿا روح بابت، تون چئو ته روح، پنهنجي پروردگار جي حڪم سان آهي.)

        انهيءَ کان زياده چوڻ جي اجازت نه هئي:

”الا لھ الخلق و الامر“ (يعني، خبردار رهه! اُنهيءَ جو ڪم آهي جوڙڻ ۽ حُڪم ڪرڻ.)

        خلق  جو عالم جدا آهي ۽ آمر جو عالم جدا آهي، جنهن شيءِ ۾ ماپ ۽ مقدار ۽  انداز جي جاءِ آهي، اُنهيءَ کي، خلق جو عالم چون ٿا، ڇا لاءِ جو لغت ۾، ”خلق“ جي معنيٰ آهي اندازو ڪرڻ ۽ ماڻهوءَ جي  لاءِ اندازو ڪونهي، تنهن ڪري، اُها تقسيم جوڳي ناهي. جيڪڏهن تقسيم جوڳي هجي ها ته اُنهيءَ، ۾، ڪنهن شيءِ جو جهل يا اڻ ڄاڻائي ۽ ڪنهن شيءِ  جو علم يا واقفيت هئڻ درست هجي ها ۽ ساڳئي وقت اُها، انهيءَ جي عالم به هجي ها ۽ اهي ٻئي ڳالهيون محال آهن، ۽ روح، جيتوڻيڪ تقسيم جوڳو نه آهي، ۽ مقدار يا انداز جو  اُن ۾ دخل ڪونهي، تڏهن به مخلوق آهي ۽ پيدا ٿيل آهي، ۽ ٻيءَ معنيٰ جي لحاظ  تي، عالم آمر مان آهي، عالم خلق مان نه آهي،  ڇا لاءِ جو عالم آمر مان انهن شين جي مراد آهي، جنهن مان ماپ ۽ انداز کي دخل نه  هجي.  جي ماڻهو، روح کي قديم سمجهن ٿا، سي غلط  سمجهن ۽ جن، روح کي  عرض سمجهيو آهي، تن به غلط سمجهيو آهي. ڇا لاءِ جو عرض، اُها خاصيت آهي، جا پاڻ قائم ناهي، ٻئي تي تعلق آهي ۽ ٻئي جي تابع آهي ‎ ۽  ساهه، ماڻهوءَ جو اصل آهي، بدن انهيءَ جو تابع آهي. تڏهن روح کي، عرض ڪيئن چئي سگهبو؟ ۽ جن، روح کي جسم چيو  آهي. اُنهن به برابر نه سمجهيو آهي،  ڇالاءِ جو جسم، تقسيم جوڳو آهي، يعني ٽڪر ٽڪر ٿي سگهي ٿو ۽ روح، ٽڪرا ٿي نٿو سگهي. هڪڙي ٻي به شيءِ آهي، جنهن کي روح چوندا آهن ۽ اُها، ٽڪرا به ٿي سگهندي آهي ۽ جانورن ۾ به هوندي آهي، يعني دل، پر جنهن کي اسين روح چئون ٿا، سو خدا تعاليَ جي معرفت جي جاءِ آهي. جانورن کي، اُهو روح نه ٿيندو آهي. اهو نه جسم  آهي نه عرض، بلڪه ملائڪن جي  جوهر جي جنس مان، هڪڙو جوهر آهي. انهيءَ جي حقيقت ڄاڻڻ مشڪل آهي ۽ اُنهيءَ جي مفصل بيان ڏيڻ جي موڪل ڪانهي ۽ دين جي رستي تي  هلڻ لاءِ پهريائين، اُنهيءَ جي سڃاڻڻ جو ضرور  ڪونهي، هن ڪري، جو پهرين، دين جي رستي ۾ محنت ۽ رياضت گهرجي. جڏهن ڪو ماڻهو، سچي پچي رياضت ڪندو،  تڏهن اُها سڃاڻپ، هن کي خود بخود حاصل ٿي ويندي. اُها سڃاڻپ يا معرفت، انهيءَ هدايت منجهان آهي، جنهن بابت حق تعاليٰ هن آيت ۾ فرمايو آهي:

”والّــذين جاهد و افينا لنهدينهم سبلنا“

(يعني، جن محنت ڪئي اسان لاءِ، اسين انهن کي، پنهنجون واٽون ڏيکارينداسين).

        جنهن پوري رياضت نه ڪئي هوندي، تنهن سان، روح  جي حقيقت ڪرڻ درست  ناهي پر مجاهدي ۽ رياضت کان اڳي، دل جو لشڪر، معلوم ڪرڻ گهرجي. جنهن کي لشڪر جي خبر نه هوندي، سو جهاد ڪيئن ڪندو؟

فصل پنجون

        ڄاڻڻ گهرجي ته بدن، دل جي بادشاهي آهي، ۽ انهيءَ بادشاهيءَ ۾، دل جو مختلف لشڪر رکيل آهي:

”وما يعلم جنود ربڪ الاهو“ (يعني، تنهنجي پروردگار جي لشڪرن جي، ڪنهن کي به خبر ڪانهي، سواءِ هُن جي).

        هن آيت ۾،انهيءَ لشڪر ڏي اشارو آهي، دل کي آخرت جي لاءِ پيدا ڪيو اٿس ۽ انهيءَ  جو ڪم آهي سعادت ڳولڻ. اُها سعادت، خدا تعاليٰ جي معرفت سا سڃاڻپ تي تعلق آهي ۽ صانع جي معرفت، سندس صنعت گري يا مصنوعات مان حاصل ٿئي ٿي ۽ سڄو عالم، مصنوعات سان ڀريو پيو آهي ۽ عالم جي عجائبات جي معرفت، ظاهري ۽ باطني حواسن جي وسيلي، دل کي حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ حواسن جو قائم رهڻ، بدن تي منحصر آهي. معرفت، دل جو شڪار آهي ۽ حواس، اُنهيءَ شڪار ڦاسائڻ  جا ڦندا آهن ۽ بدن، سندس چڙهيءَ جو وهٽ آهي، جنهن تي دل، اُهي ُڦندا به کنيو  وتي، تنهن ڪري دل کي، بدن يا جسم جو ضرور آهي. ۽ بدن، پاڻي ۽ مٽي ۽ گرمي ۽ آلاڻ ملائڻ سان جڙيو آهي، تنهن ڪري ڪم طاقت آهي ۽ باطن ۾ بُک ۽ ظاهر ۾ باهه ۽ پاڻي، ان جا دشمن آهن ۽ ڦاڙيندڙ جانورن مان، اُن کي وڏو خوف آهي، تنهن ڪري کائڻ پيئڻ جي اُن کي گهرج ٿي ۽ ٻن لشڪرن جي اُن کي ضرورت ٿي، هڪڙو ظاهري لشڪر، جيئن ته هٿ، پير، وات، ڏند، معدويا پيٽ، ۽ ٻيو باطني لشڪر، جيئن ته بُک ۽ اُڃ. ظاهري دشمن کان بچڻ لاءِ به دل کي ٻه لشڪر ضرور  آهن. هٿ، پير ۽ هٿيار ته ظاهري لشڪر آهي غصو يا ڪاوڙ ۽ شهوت يا خواهش، باطني لشڪر آهي ۽ سواءِ ڏسڻ جي، ڪا شيءِ گهرڻ، يا ڪم دشمن ٽارڻ، ممڪن نه هو، تنهن ڪري ظاهري حواسن جي ضرورت ٿي. ڏسڻ، ٻُڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇُهڻ جون قوتون، ظاهري پنج حواس آهن ۽ خيال، تفڪر، حفظ، توهم ۽ تفڪر جون قوتون، دماغ ۾ آهن ۽ اُهي باطني پنج حواس آهن. هر هڪ قوت جا خاص ڪم مقرر آهن. هڪڙيءَ قوت ۾ خلل پوڻ سان، ماڻهوءَ جي دين ۽ دُنيا جي ڪم ۾ خلل پوي ٿو. اهي سڀ ظاهري توڙي باطني لشڪر، دل جي هٿ ۾ آهن ۽ دل، سڀني جي بادشاهه آهي. زبان، هٿ، پير، اک، خيال ۽ يا فڪر ڪرڻ جي قوت، سڀ دل جي حڪم سان ڪم ڪن ٿا ۽ سڀني کي خدا، خوشيءَ سان دل جو تابع ڪيو اهي، انهيءَ لاءِ ته بدن جي حفاظت ڪن ته دل، پنهنجو سمر سنڀالي کڻي ۽ پنهنجو شڪار پڪڙي ۽ آخرت جي سوداگري پوري ڪري ۽ پنهنجي ۽ پنهنجيءَ سعادت جو ٻج ڇٽي ۽  اهو لشڪر، دل جي اهڙي فرمانبرداري ڪري ٿو. جهڙي ملائڪ خدا تعاليٰ جي فرمانبرداري، خوشيءَ سان ڪن ٿا ۽ اُن جو حُڪم جي برخلاف، ڪوبه ڪم نٿا ڪن.

فصل ڇهون

        دل جي لشڪر جو تفصيل ڊگهو آهي. اصل مطلب، توکي هڪڙي مثال مان معلوم ٿي ويندو. اهو مثال هيءُ آهي ته بدن، گويا هڪڙو شهر آهي ۽ هٿ ۽ پير، ڪاسي آهن ۽ شهوت يا خواهش، انهيءَ شهر جو عملدار يا عامل آهي.  غصو، ڪوٽوال آهي. دل، بادشاهه آهي ۽ عقل، وزير آهي. بادشاهه کي، حڪومت جي انتظام لاءِ، اُنهن سڀني جو احتياط آهي، ليڪن شهوت، جا عمل آهي، سا ڪوڙي ۽ زيادتي ڪرڻ واري آهي. جيڪي وزير عقل ٿو چوي، اُنهيءَ جي برخلاف، هو ڳالهائي ٿي ۽ هميشه اهائي مرضي اٿس، ته بادشاهيءَ ۾ جيترو  به مال آهي، اُهو سڀ، دل جي بهاني وٺي، هٿ ڪري ۽ غصو، جو ڪوٽوال  آهي، سو نهايت شرير، سوخ ۽ تيز آهي. ماري وجهڻ، ڦٽي ڇڏڻ، اُن کي پسند ٿو اچي، جهڙيءَ طرح شهر جو بادشاهه، سڀني ڳالهين بابت، پنهنجي وزير سان صلاح مشورو ڪري ٿو ۽ ڪوڙي طمعي عملدار کي گوشمالي ڏئي ٿو. وزير جي چوڻ جي برخلاف، اُنهيءَ جي ڳالهه نٿو مڃي ۽ ڪوٽوال کي، اُنهيءَ جي مٿان مقرر ڪري ٿو  ته انهيءَ کي، زيادتي ڪرڻ کان روڪي ۽ خود ڪوٽوال کي، ڊپ ۾ رکي ٿو. ته جيئن، سلطنت  ۾ انتظام پورو  رهي. انهيءَ طرح، دل جو  بادشاهه  به جيڪڏهن، عقل جي وزير جي مشورت سان ڪم ڪندو ۽ شهوت ۽ غصي کي روڪي، ٺاهي، عقل جو مطيع ڪيو ايندو  ۽ عقل کي، اُنهن جو فرمانبردار  نه بڻائيندو، ته بدن جي سلطنت جو انتظام پورو رهندو ۽ پاڻ،سعادت جي واٽ وٺي، ڪنهن به روڪ کان سواءِ، وڃي  الاهي حضور ۾ پهچندو، پر جي عقل کي غصو ۽ شهوت قيد ڪندو، ته بدن جو ملڪ،م خراب ٿيندو ۽ دل جو  بادشاهه، بدبخت ٿي، خوار، خراب ۽  هلاڪ ٿيندو.

فصل ستون

        هيءَ،  جيڪي مٿي بيان ٿيو، تنهن مان توکي معلوم ٿيو هوندو، ته شهوت ۽ غصي کي، کائڻ، پيئڻ ۽ بدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ خدا پيدا ڪيو آهي، تنهن ڪري اهي ٻئي،  بدن جا خدمتگار آهن، کاڌو ۽ پاڻي، بدن جو  چارو آهي ۽  بدن، وهٽ وانگي، بار کڻڻ لاءِ پيدا ڪيو اٿس   ته انهن جي مدد سان، خدا جون عجيب عجيب صفتون سڃاڻي. تنهن ڪري حواس، عقل جا خادم چئبا ۽ عقل کي وري دل جي لاءِ پيدا ڪيو اٿس ته دل، ڏيئو يا بتي بڻجي ۽ انهيءَ جي سوجهري ۾، درگاهه الاهي، دل کي نظر اچي،  ڇالاءِ جو اُهوئي نظارو، دل جو بهشت آهي، تنهن ڪري عقل، دل جو خادم آهي ۽ دل کي جمال الاهيءَ جي نظاري لاءِ پيدا ڪيو اٿس. جڏهن دل، انهيءَ ديدار ۾ مشغول  ٿي، تڏهن چئبو ته بندو، خدا جي درگاهه جو پورو خادم بنيو ۽ حق تعاليٰ، جو فرمايو آهي:

”وما خاتفت الجن و الانس الا ليعبدون“

(يعني، مون جو پيدا ڪيو اهي جن ۽ انسان“ سو رڳو پنهنجيءَ عبادت لاءِ).

        اُن جي اهائي معنيٰ آهي ۽ دل کي پيدا ڪري، اُنهيءَ کي ملڪ ۽  لشڪر ۽ بدن جي سواري، انهيءَ لاءِ ڏني اٿس، ته  عالم خاڪيءَ  مان اعليٰ عليين، يعني  عالم بالا جو سير ڪري. جيڪڏهن ڪو انهيءَ نعمت جو حق ادا ڪرڻ ۽ انهيءَ بندگيءَ جو شرط بجا آڻڻ گهرندو، ته انهيءَ کي گهرجي، ته بادشاهن وانگي، سلطنت جي مسند تي ويهي ۽ خدا جي درگاهه کي پنهنجو مقصود ۽ قبلو بنائي ۽  آخرت کي پنهنجو وطن  ۽ رهڻ جي جاءِ ٺهرائي ۽ دنيا کي سفر جي منزل، ۽ بندن کي سواريءَ جو وهٽ ۽ هٿن، پيرن کي خدمتگار ۽  عقل کي وزير ۽ شهوت کي مال جو نگهبان ۽ غصي کي ڪوٽوال ۽ حواسن کي جاسوس بنائي، هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي ڪم تي مقرر ڪري،ته انهيءَ پاسي جي خبر آڻيندا رهن ۽ خيال جي قوت، جا دماغ ۾ اڳئين پاسي آهي، اُنهيءَ کي اخبار جي هر ڪارن جو افسر  بنائي، انهيءَ لاءِ ته سڀ جاسوس، اخبار جا پرچا وٽس آڻين ۽ حافظي جي قوت،  جا دماغ جي هيٺئين پاسي رکيل آهي، انهيءَ کي، اخبار جي دفتر جو محافظ يا نگهبان ڪري، سا اخبار جا پرچا، انهيءَ   افسر کان وٺي، سنڀالي رکي ۽ وقت تي، عقل جي وزير وٽ گذارش  ڪري ۽ وزير، انهن سڀني شين موافق،  جيترو ٿي سگهيس اوترو ملڪ جو انتظام پورو رکي ۽ بادشاهه جي سفر جي تدبير ڪندو رهي ۽ عقل جو وزير به جيڪڏهن ڏسي ته شڪر مان ڪو، مثلن شهوت يا غصو وغيره، بادشاهه کان ڦري وڃي ٿو يا تابعداريءَ کان ٻاهرنڪري وڃي ٿو ۽ ڦرمار ڪرڻ گهري ٿو، ته انهيءَ جو بندوبست ڪري ۽ انهيءَ  سان جهاد ڪري ته هو، وري سنئين رستي تي اچي، پر انهن جي اصل ماري وجهڻ جو ارادو نه ڪري، ڇالاءِ جو انهن کان سواءِ، بادشاهي پوريءَ طرح هلي نه سگهندي، بلڪه اهڙي تجويز ڪري، ته انهن کي، پنهنجي حڪم ۾ آڻي، انهيءَ لاءِ ته  جو سفر، اچڻ وارو آهي، انهيءَ ۾ هو، سندس يار ۽ مددگار رهن ۽ دشمن نه ٿي پون، سنگتي ٿين ۽ چور يا ڌاڙيوال نه ٿين. جڏهن ائين ڪيائين، تڏهن نيڪ بخت ٿيو ۽ نعمت جو  حق ادا ڪيائين ۽ اُنهيءَ خدمت جي عيوض ۾ سرفرازيءَ جي  خلعت، وقت تي حاصل ڪندو، پر  جي اُن جي برخلاف هلت ڪيائين ته باغي ۽ ڌاڙيوال ٿي، دشمنن سان وڃي گڏيو، ته  نمڪ حرام ۽ بدبخت ٿيو ۽ انهيءَ بداعماليءَ جي سخت سزا پائيندو.

فصل اٺون

        ڄاڻڻ گهرجي ته ماڻهوءَ جي اندر ۾ جيڪي لشڪر آهن، تن سڀني سان هن جو هڪڙو علائقو آهي ۽ سڀ ڪنهن لشڪر جي ڪري، ماڻهوءَ ۾ هڪڙي صفت يا عادت پيدا ٿئي ٿي. اُنهن اخلاقن مان ڪي خراب آهن، جي ماڻهوءَ کي تباهه ٿا ڪن ۽ ڪي چڱا آهن، جي هن کي سعادت جي درجي تي پهچائين ٿا ۽ هن کي وڏي مرتبي وارو ڪن ٿا. اهي اخلاق، اگرچه گهڻا آهن، ليڪن سڀ چئن قسمن جا آهن، چوپاين جا  اخلاق، ڦاڙيندڙ جهنگلي جانورن جا اخلا،ق شيطانن جا اخلاق ۽ ملائڪن جا اخلاق. ماڻهوءَ ۾ لالچ ۽ شهوت رهي ٿي، تنهنڪري، هو، چوپاين وارا ڪم ڪري ٿو. مثلن کائڻ ۽ جمع ڪرڻ لاءِ مري ٿو. هن ۾ ڪاوڙ ۽ غصو آهي، تنهن ڪري هو ڪتي ۽ شينهن ۽ بگهڙ وارا ڪم ڪري ٿو. مثلن مارڻ يا ماري وجهڻ يا گارگند وارا ڪم ڪري ٿو. مثلن مارڻ يا ماري وجهڻ يا گارگند ڪرڻ يا جهيڙي ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿو ۽ ماڻهوءَ ۾  حيلي ۽ مفڪر ڪرڻ ۽ خلق ۾ فساد وجهڻ جو ميل رهي ٿو.

هو، ملائڪن جا ڪم ڪري ٿو. جيئن ته علم کي پسند ڪرڻ، خراب ڪمن کان پاسو ڪرڻ، خلق جو خير گهرڻ ۽ ذليل ڪمن کان بچڻ ۽ عزت وارو رهڻ، سڀ ڪم ۾ حق سڃاڻي، خوش ٿيڻ ۽ جهل ۽  نادانيءَ کي عصب ڄاڻڻ. حقيت ڪري، ماڻهوءَ جي سرشت ۾، چار شيون موجود آهن، ڇت ڪُتائي، سوئر پڻو، شيطاني ۽ ملائڪي، ڇالاءِ جو ڪُتو، پنهنجي شڪل يا هٿن پيرن ۽ کل جي ڪري، ڪو خراب ناهي، پر عادتن جي ڪري خراب آهي، جو ماڻهن سان وڙهي ٿو، ۽ سوئر به پنهنجي صورت جي ڪري، ڪو خراب ناهي، پر هن ڪري، ته هو خراب ۽ پليد شيون پسند ڪري ٿو. ڪُتي  ۽ سوئر جي روح جي به اهائي حقيقت آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ به اهي ڳالهيون موجود آهن.ساڳئي طرح، شيطانيءَ ۽ ملائڪيءَ جي به معنيٰ آهي ۽ ماڻهوءَ کي حڪم ٿيل آهي ۽ عقل جو نور، جو ملائڪن جي نور ۽ اثرمان آهي، تنهنجي اُپاءُ سان، شيطان جا مڪر ۽  حيلا معلوم ڪري، ته جئن خوار ۽ خراب نه ٿئي ۽ شيطان، ساڻس مڪرنه ڪري سگهي، جهڙيءَ طرح، رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  فرمايو آهي: ”ليڪن، خدا مون کي، اُنهيءَ تي فتح ڏني آهي ۽ اُهو منهنجو مغلوب آهي ۽  مون کي بڇڙائيءَ جو حڪم نٿو ڏئي سگهي.“ ماڻهوءَ کي، هيءُ به حڪم  ٿيل اهي، ته لالچ ۽ شهوت جي سوئر، ۽ ڪاوڙجي ڪُتي کي، ادب ۾ رکي ۽ عقل جو زبردست ڪري، ته اُنهيءَ جي حڪم سان هو، اُٿن ۽ ويهن. جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، تنهن کي چڱا اخلاق حاصل ٿيندا، جي سعادت جو ٻج آهن، ۽ جي ان جي برخلاف ڪندو ۽ پاڻ، انهن جو خدمتگار ۽ زيردست بڻبو، ته خراب اخلاق، منجهس جاڳندي يا خواب ۾، سندس حال جو مثال کيس ڏيکاريندا، ته هو، پان کي ڏسندو ته هڪڙي سوئر يا ڪُتي يا شيطان جي اڳيان، هٿ ٻڌيو بيٺو آهي. جيڪو ماڻهو ڪنهن مسلمان کي، ڪنهن ڪافر جي قبضي ۾ آڻي، ته اهو ڪافر، انهيءَ مسلمان، جو جيڪو  حال ڪندو، سو معلم آهي. ۽ جيڪڏهن ملائڪ کي، ڪُتي يا سوئر يا شيطان جي حوالي  کڻي ڪجي، ته انهيءَ ملائڪ جو حال، هُن مسلمان کان به خراب ٿيندو،  جيڪڏهن ماڻهو، انصاف ڪن  سوچين، ته رات ڏينهن هو، نفس جي خواهش جا فرمانبردار آهن ۽ حقيقت ۾ هنن جو  حال اهو آهي ته جيتوڻيڪ، ظاهر ۾ هو، ماڻهن جهڙا آهن، ليڪن قيامت ۾، اهو راز کُلندو ۽ سندن ظاهربه باطن جي صورت  جهڙو ٿيندو. جن تي شهوت ۽ لالچ غالب اهي، اُهي سوئر جي صورت ۾ ڏسبا ۽ جن تي ڪاوڙ  غالب آهي، اُهي بگهڙ جي صورت وٺندا، هيءُ، انهيءَ ڪري آهي، جو جيڪڏهن ڪو  ماڻهو ، بگهڙ کي خواب ۾ ڏسندو آهي، ته انهيءَ جو تعبير، نجس ۽ پليد آدمي ڪبو آهي، ڇالاءِ جو ننڊ، موت جو نمونو اهي. ننڊ جي ڪري، هن عالم کان،  جو ماڻهو، پري وڃو ٿو پوي، سو انهيءَ جي صورت، سندس سيرت جي تابع ٿيو پوي ۽ سڀ ڪجهه ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جهڙو سندس باطن آهي. هيءُ  هڪڙو وڏو اسرار آهي، جنهن  جو بيان، هن ڪتاب ۾ ڏئي نٿو سگهجي.

فصل نائون

        جڏهين معلوم ٿيو ته باطن ۾، هي هي حڪم ڏيڻ وارا آهن، تڏهين پنهنجو ڪم ڪار، چرڻ پرڻ، ڏسن ته انهن چئن مان، ڪنهن جي زيردستيءَ ۾ آهي ۽ يقين ڄاڻ ته جيڪي به تون ڪندين،تنهن مان دل ۾ هڪڙي صفت پيدا ٿي، قائم رهندي ۽ هُن جهان ۾، توسان گڏ هلندي. اُنهن صفتن کي اخلاق سڏين ٿا ۽ سڀ اخلاق، انهن چئن حڪم ڪرڻ وارن مان پيدا ٿين ٿا. يعني جيڪڏهن ماڻهو ، شهوت جي سوئر جو مطيع ٿيندو ته پليدي، بيحيائي، لالچ، خوشامد، حسد ۽ ٻين جي برائيءَ تي خوش ٿيڻ، اهي صفتون پيدا ٿين ٿيون. پر جي انهيءَ سوئر تي غالب اچبو ۽ ان کي پنهنجي وس رکبو ته قناعت، حيا، شرم،  دانائي، پارسائي، بي طمعي ۽  غريبيءَ جي صفت ظاهر ٿيندي. جيڪڏهن تون ڪاوڙ جي ڪُتي جي اطاعت ڪندين، ته بي ڊپو هجڻ، ناپاڪي،ٻٽاڪ، هٺ، وڏائي، پنهنجي عزت  گهرڻ، افسوس ڪرڻ ۽ ٻئي کي گهٽ ڄاڻڻ، ماڻهن سان وڙهڻ، اهي عادتون تو ۾ پونديون ۽ جي ناهيءَ ڪتي کي ادب ۾ رکندين، ته صبر،بُردباري ۽ معافي ڏيڻ، قائم مزاجي،بهادري، تحمل،  عزت، بزرگيءَ جون  وصفون، تو ۾ ظاهر ٿينديون. جيڪڏهن تون اُنهيءَ شيطان جو مطيع ٿيندين، جنهن جو ڪم آهي، انهيءَ سوئر ۽ ڪتي کي ٺڳاري، دلير ڪرڻ ۽ مڪر سيکارڻ،  ته ٺڳي، دغابازي، خيانت، جعلسازي ۽ مڪر جون  عادتون تو ۾ ظاهر ٿينديون. پر ج ي تون ان کي مغلوب ڪري، هن جي  فريب  ۾ نه ايندين ۽ عقل جي لشڪر جي مدد ڪندين ته دانائي، معرفت، علم، حڪمت، صلاحيت، خوش خلقي ۽ بزرگيءَ جون صفتون، تو ۾ پيدا ٿينديون. اهي وصفون، جي توساڻ  رهنديون، سي تنهنجون، نيڪيءَ جون نشانيون ٿينديون ۽ تنهنجي سعادت يا نيڪبختيءَ جو ٻج ٿينديون.،  جن ڪمن مان بُرا اخلاق پيدا ٿين ٿا، انهن کي گناهه چوندا آهن ۽ جن مان چڱا اخلاق نڪرن ٿا، انهن کي گناهه چوندا آهن،جيڪي ڪري ٿو، سو مٿي ڏيکارين ٻن حالتن کان خالي ناهي. دل، گويا هڪڙي صاف آرسي آهي ۽ خراب اخلاق، دونهون يا ڪارنهن اهي، جا (ڪارنهن)، جڏهن دل تائين پهچي ٿي، تڏهن ان کي ڪارو ڪري ٿي وجهي، جنهن ڪري قيامت جي ڏينهن، جناب الاهيءَ جي ديدار کان محروم رهي ٿي ۽ نيڪ اخلاق، گويا نور آهن،جي  جڏهن دل ۾ اچن ٿا، تڏهن ان کي، ڪارنهن ۽ گناهه کان صاف ڪن ٿا. انهيءَ ڪري رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  فرمايو آهي:

”“اتبع السيئة الحسنة تمحها“ (يعني، سڀ ڪنهن بديءَ جي پٺيان نيڪي ڪر، جو نيڪي، بديءَ کي ڊاهي ٿي ڇڏي).

        قيامت جي ڏينهن، ماڻهوءَ جي دل هوندي، جا قيامت جي ميدان (بيابان) ۾، يا روشن هوندي يا ڪاري.

        ”فلاينجو الا من اتي الله يقلب سليم“

(يعني، ڪوبه  نجات نه پائيندو، سواءِ انهيءَ شخص جي، جو خدا جي اڳيان،اهڙي دل آڻيندو، جا گناهه کان بچيل هوندي.)

        ماڻهوءَ جي دل، خلقت جي شروعات کان، لوهه جهڙي آهي، جنهن مان روشن آرسي جڙندي آهي ۽ سارو جهان، انهيءَ ۾ پيو ڏسبو آهي، بشرطيڪه انهيءَ جي پوري سنڀال ٿيندي ايندي، نه ته ان کي ڪٽ لڳي ويندي ۽ انهيءَ مان آرسي جڙي نه سگهندي. حق تعاليٰ فرمايو آهي:

”ڪلا بل ران  عليٰ قلوبهم ما ڪانو يلبسون“

(يعني، هرگز نه، پر انهن جي دلين تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، جيڪي ڪمايو اٿن تنهن کان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org