سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: ڪيميائي سعادت-1

باب: --

صفحو :13

فصل ٽيون

        ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪڏهن دنيا جي تفصيل ۾ تون غور ڪندين، ته توکي معلوم ٿيندو ته دنيا، ٽن شين کي ٿو  چئجي – هڪڙيون ذاتيون، جي زمين تي پيدا ٿيون آهن يعني، نباتات، معدنيات ۽ حيوانات، ڇالاءِ جو اصل  زمين،  رهڻ ۽ نفعي ۽ پوک جي لاءِ گهرجي ۽ معدنيات، يعني لوهه، ٽامو، پتل وغيره، اوزارن جي واسطي آهن ۽ حيوانات، سواريءَ ۽ کائڻ جي لاءِ آهن. ماڻهو، پنهنجيءَ دل ۽ بدن کي، انهن شين ۾ مشغول رکي ٿو. دل کي انهن شين جي خواهش ۽ محبت ۾، ۽ هٿن – پيرن کي، انهن جي  دُرستيءَ ۽ ڪارسازيءَ ۾ لڳائي ٿو ۽ دل کي، انهن شين سان اٽڪائڻ ڪري، دل ۾ اهڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون، جي هلاڪت جو سبب آهن، جيئن ته حرص، بُخل، عداوت وغيره، ۽ هٿن – پيرن کي، انهن شين ۾ لڪائڻ سان، دل به انهن ۾ اٽڪي وڃي ٿي ۽ ماڻهو، پاڻ کي وساري، دنيا جي ڪمن ۾ همت ٻڌي ٿو ۽ جهڙيءَ طرح، دنيا ۾  اصل ٽي شيون آهن – کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر، تهڙيءَ طرح،  جن هنرن ۽ شغلن جي ماڻهوءَ کي گهرج ٿئي ٿي، اُهي به ته آهن – سوناري جو هنر، ڪوريءَ جو  هنر ۽ رازي جو هنر، ليڪن انهن مان، هر هڪ جون شاخون آهن. ڪي ته سامان موجود ٿا ڪن، جيئن ته  پڃارو ۽ سُٽ ڪتڻ وارو، ڪوريءَ جو سامان موجود ٿو ڪري ۽ ڪي وري اُنهن جي ڪم کي پورو ٿا ڪن، جيئن ته درزي، جو ڪوريءَ جي ڪم کي پورو ڪري ٿو،  ۽ انهن سڀني کي، ڪاٺ ۽ لوهه ۽ چم وغيره جي اوزارن جي ضرورت ٿئي ٿي. تنهنڪري، لوهار، واڍو ۽ چم رڱڻ وارو پيدا ٿيا ۽ هر هڪ کي ٻئي، کان مدد وٺڻ جو احتياج ٿيو، ڇالاءِ جو سڀڪو ڪاسبي، پنهنجو ڪم، سمورو ئي پاڻ پورو ڪري نثو سگهي” تنهن ڪري انهي سڀني ۾ معاملو ۽ ڏيتي ليتي پيدا ٿي، تنهن مان وري تڪرار ۽ دشمني پيدا ٿي ۽ سڀڪو  ماڻهو، پنهنجو حق، ٻئي کي ڏيڻ تي راضي نه ٿيو ۽ هڪ ٻئي جي پٺيان پيو، ته انهيءَ مان وري، ٻين ٽن شين جي گهرج ٿي. هڪڙي سياست يا سلطنت، ٻي قضا يا حڪمراني ۽ ٽي فقه جو علم، جنهن  جي واهر سان، خلق ۾ سلطنت يا ملڪرانيءَ جا قاعدا معلوم ڪن. جيتوڻيڪ هُنن ٽن مان هر هڪ هنر، ڪاسبين وانگي، هٿن سان واسطو نٿو رکي، تنهن به آخر، هنر يا پيشو آهي. انهيءَ ڪري دنيا جا شغل يا ڌنڌا، گهڻا ٿي پيا ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي، منهنجي پيا ۽ خلق، پاڻ کي اُن ۾ گم ڪري ڇڏيو ۽ ايترو نه سمجهيو، ته انهن سڀني جوا صل، فقط اهي ٽي شيون آهن، يعني خوراڪ، پوشاڪ ۽ گهر. ساري دنيا جا ڌنڌا ۽ شغل، انهن ٽن شين جي لاءِ آهن ۽ اهي ٽيئي شيون، بدن جي لاءِ آهن ۽ بدن، دل جي لاءِ آهي، انهيءَ لاءِ ته دل، اُن تي سواري ڪري ۽ دل، حق تعاليٰ جي لاءِ آهي. پوءِ ماڻهوءَ، پاڻ کي ۽ خدا کي  وساري ڇڏيو، جهڙيءَ طرح حاجي، پاڻ کي ۽ ڪعبي  کي ۽ سفر کي وساري  ڇڏي ۽ اُٺ جي سنڀال ۾، پنهجو سڄو وقت وڃائي. دنيا ۽ دنيا جي حقيقت، اهائي هئي، جا بيان ٿي. جيڪو دنيا ۾ سفر جي لاءِ تيار نه رهندو ۽ آخرت تي هن جي سموري نظر نه هوندي ۽ جيڪو احتياط کان زياده، دنيا جو ڌنڌو اختيار ڪندو، تنهن ڄڻ  ته دنيا کي نه سڃاتو. انهيءَ جهل ۽ نادانيءَ جو سبب اهو آهي، جو رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته؛ دنيا، هاروت ۽ ماروت کان زياده جادوگر آهي، تنهن کان ڊڄو ۽ پاسو ڪريو. جڏهن دنيا جو  جادو، اهڙو  وڏو آهي، تڏهن ضرور ٿيو ته انهيءَ جا مڪر ۽ فريب ڄاڻجن ۽ مثال ڏيڻ سان، اُن جو ڪم،  ماڻهن کي ظاهر ڪري ٻڌائجي.  هاڻي، اُن جي مثال ٻڌڻ  جو وقت آهي.

فصل چوٿون

        پهريون مثال، هيءَ ڳالهه ڄاڻ ۽ هيءُ نڪتو سڃاڻ ته دنيا جو پهريون جادو هيءُ آهي ته هوءَ توکي، اهڙيءَ طرح پاڻ ڏيکاري ڏئي ٿي، جو تون سمجهي ٿو ته هوءَ،  توسان ٺهي وئي آهي، پر حقيقت ڪري، ائين ناهي. هوءَ ته هميشه توکان ڀڄندڙ آهي، ليڪن هوءَ، هوريان هوريان ۽ ٿورو ٿورو ڪري، هٽندي وڃي. هن جو حال، پاڇولي جهڙو آهي.جڏهن پاڇولي کي ڏسبو  آهي، تڏهن ڀانئبو آهي ته بيٺو، پر هميشه کسڪندو وڃي ۽ توکي خبر آهي ته تنهنجي عمر، هميشه گذرندي وڃي ۽ توکان موڪلائيندي وڃي ۽ توکي، انهيءَ جي ڪابه خبر نٿي پوي. ٻيو مثال، دنيا جو ٻيو جادو آهي، اهو هيءُ، ته هوءَ، پاڻ کي تو وٽ، تنهنجو اهڙو دوست ۽ سڄڻ بنائي ٿي، ڄڻ ته توسان وفا ڪندي ۽ ٻئي ڪنهن وٽ به نه ويندي، پر هوءَ، اوچتو توکي ڇڏي، تنهنجي دشمن ڏي هليو وڃي ٿي.، هن جو مثال، هڪڙيءَ خراب ڏائڻ رن جهڙو آهي، جا مڙس کي ٺڳاري، پنهنجو عاشق بنائي ٿي، پوءِ هُن کي، پنهنجي گهر وٺي وڃي  ٿي ۽ اُتي، انهيءَ کي ماري کپائي ڇڏي ٿي. حضرت عيسيٰ عليه السلام، ڪشف جي حالت ۾، دنيا کي، هڪڙي پوڙهيءَ زال جي صورت ۾ ڏٺو ۽ پڇيائينس ته تو ڪيترا مڙس ڪيا؟ هُن چيو  ته ڳڻڻ کان ٻاهر! پوءِ  پڇيائينس ته اُهي سڀ مري ويا يا انهن توکي طلاق ڏني؟ هُن چيو ته مون، سڀني کي ماري رکيو. حضرت عيسيٰ فرمايو ته عجب آهي انهن احمقن تي، جي ڏسن ٿا، ته ٻين سان تو ڇا ڪيو، پوءِ به توڏي رغبت ٿا ڪن ۽ عبرت نٿا وٺن!

”اللهم اعصمنا من سحرا“ (يعني،  يا الله! اسان کي پناهه ڏي، هنن جي  جادوگريءَ کان)

ٽيون مثال، دنيا جي جادوءَ جو هيءُ آهي ته هوءَ، پنهنجي ظاهري صورت سينگاري ٿي ۽ اُن ۾، جا  بلا ۽ تڪليف آهي، سا لڪايو ڇڏي،  انهيءَ لاءِ ته نادان، ڀلي ته سندس ظاهر ته ٺڳجن. جهڙيءَ طرح، ڪا ڪراڙي زال، پنهنجو منهن لڪائي ۽ ٻاهران چڱا ڪپڙا ۽  زيور ڍڪي، انهيءَ لاءِ ته جيڪو پري کان ڏسيس، سو مٿس عاشق ٿي پوي ۽ جڏهن سندس منهن تان برقعو لاهي، تڏهن شرمندو ۽ بيزار ٿي هٽي وڃي. حديث ۾ آيو آهي ته، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ، دنيا کي بدشڪل، پوڙهيءَ زال جي صورت ۾ وٺي ايندا. هن جون اکيون سايون، ۽ ڏند وڏا ۽ وات کان ٻاهر نڪتل هوندا. جڏهن خلق، اُن کي ڏسندي، تڏهن چوندي ته نعوذ بالله! هيءَ بدشڪل ڏائڻ ڪير آهي؟ ملائڪ چوندا ته اها، اُهائي دنيا آهي، جنهن جي لاءِ اوهين، پاڻ ۾ وڙهندا هئا ۽ جهيڙا ڪندا هئا ۽ عزيزي خويشي ڇڏي ڏيندا هئا ۽ انهيءَ تي عاشق ٿيندا هئا. پوءِ،م دنيا کي دوزخ ۾ کڻي  وجهندا. هوءَ چوندي، ته خدايا! جيڪي منهنجا دوست هوندا هئا، اُهي ڪٿي آهن” حق تعاليٰ فرمائيندو ته انهن کي به، هن  سان  گڏ دوزخ ۾ وجهو. نعوذ بالله منها! چوٿون مثال، جيڪڏهن ڪو ماڻهو حساب، ڪري ته ازل کان وٺي ڪيترو وقت گذريو آهي، جڏهن دنيا اصل ڪانه هئي ۽ ابد تائين ڪيترو وقت آهي، جڏهن دنيا ڪانه هوندي ته معلوم ٿيندو ته دنيا جو مثال اهڙو آهي، جهڙو مسافر جو، ڇالاءِ جو ان جو منڍ پينگهو آهي ۽ پڇاڙي قبر ۽ وچ ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيون منزلون آهن ۽ هر هڪ ڏينهن، هڪڙو ميل آهي ۽ هر هڪ دم، گويا هڪڙو قدم آهي، اهو هميشه پيو هلي.  ڪنهن جو پنڌ فرسنگ تائين آهي ۽ ڪنهن جو گهٽ ته ڪنهن جو وڌ، پر هو، هتي، اهڙو ساڪن ٿيو ويٺو آهي، جو ڄڻ، اُن کي هميشه اُتي ئي رهڻو آهي، ۽ دنيا جي ڪمن جي اهڙي رٿ ڪري ٿو، جو وري ڏهن ورهين تائين، انهن ڪمن جي گهرج نه رهيس، پر ڏهن ڏينهن جي اندر، پاڻ خاڪ ٿي ويندو. پنجون مثال، ڄاڻ  ۽ يقين ڪري مڃ ته دنيا جا ماڻهو، جي دنيا مان لذت حاصل ڪن ٿا ۽ اُن جي عيوض آخرت ۾، خواري ۽ مصيبت کڻن ٿا، تن جو مثال انهيءَ  لذت ۽ مصيبت حاصل ڪرڻ بابت اهڙو آهي، جهڙو ڪو ماڻهو، عمدو ۽ سڻڀو ۽ مٺو طعام کائي، جو سندس معدو خراب ٿي پوي ۽ ڪي ڪري، اهو ڪڍي  ڇڏي ۽ دست ٿينس ۽ شرمندو ۽ پشيمان ٿئي، جنهن مان لذت وڃي ۽ ذلت رهي، ۽ جهڙيءَ طرح،  طعام، جيترو وڌيڪ عمدو ۽ سڻڀ هوندو آهي، اوترو، اُن جو پيٽ مان نڪتل گند، وڏڌيڪ ڪنو ۽  غليظ ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح، دنيا جي  به جيتري زياده لذت هوندي آهي، اها ڳالهه، ساهه نڪرڻ مهل، پاڻهي ظاهر ٿيندي آهي. ڇالاءِ جو جنهن جي  دولت ۽ نعمت زياده هوندي آهي، يعني، جنهن جا باغ ۽ ٻانهيون ۽ غلام  ۽ سون رپو زياده هوندو آهي، اوترو ساهه نڪرڻ مهل، انهن جي جدائي، مفلس ماڻهوءَ جي بنسبت زياده ڳري ۽ ڏکي لڳندي آهي ۽ اُهو رنج ۽ عذاب، موت سان گم ٿي نٿو وڃي، پاڻ زياده ٿو ٿئي، ڇالاءِ جو  دنيا جي دوستي، دل جي صفت ٿيو ٿو وڃي ۽ موت کان پوءِ دل، برقرار رهي ٿي. ڇهون مثال، دنيا جو جيڪو گهٽ ڏسجي ٿو، سو ڏسڻ ۾ ٿورو آهي ۽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته هن ڪم جو شغل گهڻو نه ٿيندو، پر اڪثر ائين ٿيندو آهي ته اڪثر انهيءَ ڪم سان، سؤ ٻيا ڪم نڪري پوندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي سڄي عمر، انهيءَ ۾ گذري ويندي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو آهي ته دنيا جو طالب، اهڙو آهي، جهڙو سمنڊ جي پاڻيءَ پيئڻ وارو، جو جيترو وڌيڪ پيئندو، اوترو وڌيڪ اڃ لڳنديس ۽ اوترو پي ويندو، جو مري ويندو، ته به سندس اُڃ نه لهندي. رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته  ممڪن ناهي ته ڪو ماڻهو، پاڻيءَ ۾ وڃي ۽ ڀڄي نه.انهيءَ طرح  ممڪن ناهي ته ڪو ماڻهو، دنيا جي ڪمن ۾ مشغول ٿئي ۽ آلوده نه ٿئي. ستون مثال، جيڪو ماڻهو، دنيا ۾ اچي ٿو، سو اهڙو آهي، جهڙو ڪو مهمان، ڪنهن وٽ اچي ۽ انهيءَ ميزبان جي اها عادت هجي ۽ عود ۽ ٻي خوشبوءِ، چانديءَ جي ٿانو ۾ دُکائي، انهن جي  اڳيان رکي، انهيءَ لاءِ ته ماني کائي ۽ خوشبوءِ وٺي، ٿانو ڇڏي  هليا وڃن ته وري ٻيا اچن، جيڪو مهمان، انهيءَ ميزبان جي رسم مان واقف هوندو ۽ عقل وارو هوندو، سو اچي ماني کائي، خوشبوءِ وٺي، وري  ٿانو اتي ڇڏي هليو ويندو ۽ شڪر بجا آڻيندو، جيڪو مهمان احمق، هوندو سو ڀائيندو ته اهي سڀ ٿانو ۽ عود ۽ خوشبويون ميزبان، مون کي ڏيئي ڇڏيون آهن، سي آءٌ پاڻ سان کڻي وڃان. جڏهن هلڻ مهل ماڻهو، اُهي کانئس وري وٺن ٿا، تڏهن ڏاڍو شرمندو ۽ پشيمان ٿو ٿئي ۽ دانهون ٿو ڪري. دنيا به گويا هڪڙي مهمانسراءِ آهي ۽ مسافرن جي لاءِ، وقف جي جاءِ آهي، انهيءَ  لاءِ ته اُن مان هُو، پنهنجو سمر ۽ توشو کڻن ۽ جيڪي سراءِ ۾ رکيو آهي،  تنهنجي طمع ۽ لالچ نه ڪن. اٺون مثال، دنيا جي ڪمن ۾، ماڻهن جو مشغل رهڻ ۽ آخرت کي وساري ڇڏڻ اهڙو آهي، جهڙو ڪا ماڻهن جي جماعت، جهاز ۾ هُجي ۽ اهو جهاز، سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ ۾ اچي پهچي. ماڻهو،  ٽوري ڪرڻ ۽ وهنجڻ سهنجڻ لاءِ لهي پون ۽ جهاز وارن، منادي ڪري، سڀني کي خبر ڏني هجي ته ڪو به دير نه ڪري ۽ جلدي ڪم لاهي، وري اچي چڙهي ۽ ٻئي ڪنهن گهڻي ڪم ۾ مشغول نه ٿئي، جو جهاز وري جلد لنگر کڻندو. پوءِ اُهي ماڻهو لهي، ٻيٽ تي پکڙي ويا.هڪڙا، جي تمام ڏاها ۽ سمجهه وارا هئا، سي جلديءَ ۾، ضروري ڪم لاهي، وهنجي سهنجي، وري آهي ۽ جهاز خالي ڏسي، جيڪا جاءِ پسند آين، سا وٺي ويهي رهيا، ٻيا جيڪي، انهيءَ ٻيٽ جي عجائبات ڏسڻ لاءِ ويا هئا سي خوش رنگ گل ۽ خوش آواز پکي ۽ سهڻا نقشدار پهڻ ڏسي، ٿورو دير سان آيا ۽ جاءِ تنگ ڏسي، سوڙها سگهوڙا ٿي ويهي رهيا ۽ تڪليف ۾ پيا. ٻين وري انهيءَ عجائبات جي ڏسڻ تي ڪفايت نه ڪئي، پر سهڻا سهڻا پهڻ چونڊي، ڀريون ٻڌي کڻي آيا، پر دير سان اچڻ ڪري، هڪڙو ته جاءِ چڱي نه ملين، ٻيو وري انهن ڀرين جي رکڻ جي جاءِ نه ڏسي، اهي پنهنجن مٿن تي رکي ويهي رهيا. ٻن ڏينهن کان پوءِ، انهن پهڻن جو سهڻو رنگ بدلجي ڪارو ٿي پيو ۽ انهن مان، خراب  باس  اچڻ لڳي. پوءِ ته انهن بدرنگ ۽ بدبودار پهڻن جيل اهي رکڻ يا اڇلائڻ جي  جاءِ به نه ملين، تنهن ڪري ڏاڍا پشيمان ٿيا ۽ اهو بار ۽ رنج، گردن تي لاچار کڻڻو پين. ڪي وري انهيءَ ٻيٽ جا عجائبات ڏسي، اهڙا حيران ٿي ويا، جو اُتي، اُهي ڏسندي ئي رهجي ويا، جو اُتان جهاز هليو ويو.، جهاز وارن جي پهرين ڳالهه، هُنن خيال سان نه ٻڌي، تنهنڪري هو، پري وڃي نڪتا ۽ انهيءَ ٻيٽ ۾ رهجي ويا ۽ انهن مان ڪي ته بک وگهي مري ويا ۽ ڪن کي جنگلي جانورن، ڦاڙي وڌو. پهريان ماڻهو، جي عقلمند ۽ سياڻا هئا، سي پرهيزگار مسلمانن جي مثال آهن ۽ پويان ماڻهو، جي هلاڪ ٿيا، سي ڪافرن جي مثال آهن، جي پاڻ کي، توڙي خدا ۽ آخرت کي وساري ساروئي وقت، دنيا جي خيال ۾ رهيا.

”استحبوا الحيوة الدنيا علي الاخرة“ (يعني، هنن دنيا جي حياتيءَ کي، آخرت کان زياده پسند ڪيو ۽ دوست رکيو).

        وچ واريون ٻئي جماعتون، گنهگارن جو مثال آهن، جن پهريائين ايمان سنڀاليو، پر پوءِ، دنيا تان هٿ نه کنيائون. هڪڙيءَ جماعت، مفلسيءَ سان  دنيا جي سير مان لذت حاصل ڪئي ۽ ٻيءَ، سير ڪري، پهڻ مٿي تي کڻي، پاڻ کي رنج ۽ تڪليف ۾ وڌو.

فصل پنجون

        مٿي، جيڪا دنيا جي برائي ۽ خرابي بيان ڪئي وئي، تنهن مان اهو گمان  نه ڪرڻ گهرجي ته جيڪي دنيا ۾ آهي، سو سڀ خراب آهي. دنيا ۾ گهڻيون اهڙيون شيون آهن، جي دنيا جون نه آهن. مثلاً علم ۽ عمل، دنيا ۾ آهن، ليڪن دنيا جا ناهن، ڇالاءِ جو اُهي، ماڻهوءَ سان گڏ، آخرت تائين ويندا. علم، ته جيسين ماڻهوءَ سان رهي ٿو ۽ عمل، جيتوڻيڪ جنسي نٿو رهي، مگر اُن جو اثر رهي ٿو ۽ اُن جي اثر جا ٻه قسم آهن، هڪڙو، دل جي گوهر جي پاڪائي ۽ صفائي، جا گناهن ڇڏڻ ڪري حاصل ٿئي ٿي ۽ ٻيو، حق تعاليٰ جي محبت، جا هميشه عبادت ڪرڻ مان حاصل ٿئي ٿي. اهي سڀ باقيات صالحات آهن. جيئن ته حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:

”الباقيات الصالحاة خير عند ربڪ“ (يعني، نيڪ ڪمايون، جي باقي رهن ٿيون، سي تنهنجي رب جي اڳيان چڱيون آهن)

        علم ۽ مناجات جي لذت ۽ حق تعاليٰ جي ذڪر يا يادگيريءَ جي محبت، سڀني لذتن کان زياده آهي. اها دنيا ۾ آهي، دنيا جي  يا دنيا مان ناهي.تنهن ڪري چئبو ته دنيا جون سڀ لذتون خراب ناهن، بلڪه جي لذتون، فنا ٿي وڃن ٿيون ۽ باقي نٿيون رهن، سي به  سڀ خراب ناهن، بلڪه انهن  جا به ٻه قسم آهن – هڪڙي، اُها لذت، جا دنيا جي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ، فنا ٿي وڃي ٿي، ليڪن آخرت جي ڪمن ۽ علم ۽ عمل ۽ مسلمانن جي ترقيءَ ۾ مددگار رهي ٿي. جهڙيءَ طرح کائڻ، پيئڻ، ڪپڙو ڍڪڻ ۽ شادي ڪرڻ، جو ضرورت آهر هجي ۽ آخرت جي لاءِ گهربل هجي. جيڪو دنيا ۾ ايتري تي  قناعت ڪندو ۽ فراغت سان، دين جي ڪم ڪرڻ جي نيت ڪندو، اُهو شخص، دنيا جو ماڻهو ناهي. خراب اُها  دنيا آهي، جنهن مان دين  جو ڪم حاصل نه ٿئي، بلڪه اُهو، هن جهان ۾، غفلت ۽ وڏائيءَ ۽ دل لڳائڻ جو سبب ٿئي ٿو ۽ هن  جهان کان نفرت جو ڪارڻ ٿئي ٿو.انهيءَ ڪري رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته:

”الدنيا ملعونة و ملعون مافيها الا ذڪر الله و ماو الاه“ (يعني، دنيا پاڻ، لعنت ڪيل آهي ۽ جيڪي منجهس آهي، اُهو سڀ لعنت ڪيل آهي، سواءِ ذڪر الله جي ۽ جيڪي اُن کي مدد ڪري).

        دنيا جي حقيقت جو تفصيل ۽ دنيا مان جيڪو مقصود آهي، انهيءَ جو ايترو بيان، هتي ڪافي آهي. وڌيڪ بيان، معاملي  يا ڏيتي ليتيءَ جي رُڪنن جي ٽئين قسم  ۾ ڏنو ويندو، جنهن کي دين جي رستي جون اٽڪون يا عقبات چون ٿا.

انشاء الله تعاليٰ

چوٿون عنوان – آخرت جي معرفت بابت

فصل پهريون

        ڄاڻڻ گهرجي ته ڪوبه ماڻهو، آخرت جي حقيقت نه سڃاڻندو، جيسين موت جي حقيقت نه ڄاڻندو ۽ موت جي حقيقت، تيسين نه ڄاڻندو، جيسين حياتيءَ ۽ روح جي حقيقت نه سمجهندو، ۽ روح جي حقيقت سڃاڻڻ، پنهنجي نفس جي حقيقت سڃاڻڻ آهي ۽ جنهن جو ٿورو  بيان، مٿي ڏنو ويو آهي. اسان مٿي چيو آهي ته آدمي، ٻن شين مان جڙيل آهي – هڪڙو روح مان ۽ ٻيو قالب يا بدن مان، ۽ روح، سوار آهي ۽ بدن، گويا اُن  جو وهٽ آهي ۽ انهيءَ روح کي، بدن جي ڪري، آخرت ۾، هڪڙي حالت  حاصل ٿيندي، اها بهشت يا دوزخ جي هوندي ۽ سواءِ شراڪت ۽ دخل بدن جي به، روح کي،  فقط پنهنجيءَ ذات ڪري به، هڪڙي حالت هوندي ۽ اُها بهشت ۽ دوزخ ۽ سعادت يا شقاوت هوندي. دل جي انهن لذتن ۽ نعمتن کي،جي بدن جي  واسطي يا وسيلي سان ناهن. اسين ”بهشت روحاني“ سڏيون ٿا ۽  دل جي انهيءَ عذاب ۽ رنج کي، جو بدن جي وسيلي کان سواءِ آهي، اسين ”دوزخ روحاني،  ٿا سڏيون، ليڪن اهو بهشت ۽ دوزخ،   جنهن ۾ بدن جو واسطو رهي ٿو، اهو ته بلڪل ظاهر آهي ۽ سڀڪنهن کي معلوم آهي، باغ، نهرون، حورون، وڏيون وڏيون محلاتون، کاڌو پيتو وغيره، بهشت يا جنت مان حاصل آهن ۽ باهه ۽ نانگ، وڇون، ڪنڊن وارا وڻ وغيره،  دوزخ مان حاصل آهن ۽ انهيءَ بهشت ۽ دوزخ جو بيان، قرآن ۽  حديث ۾ مشهور آهي ۽ سڀني جي سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو ۽ ان جو  تفصيل، ڪتاب ”احياء العلوم“ جي باب ”ذڪرالموت“ ۾ لکيل آهي. هتي، اسين رڳو ايترو چونداسين، ته  روحاني بهشت ۽ دوزخ جو ذڪر، رڳو اشاري سان ڪنداسين ۽ موت جي حقيقت جو ذڪر، مفصل ڪنداسين، ڇالاءِ جو انهيءَ جي سڀڪنهن کي خبر ڪانهي ۽ جهڙو تهڙو ماڻهو، اهو سڃاڻي نه سگهندو ۽ هي، جو قدسي حديث ۾ آيو آهي، يعني حق تعاليٰ، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن  جي زباني فرمايو آهي ته:

”اعدت لعبادي الصالحين مالا عين رات و لا اُذن سمعت ولا خطر  عليٰ قلب بشرءِ“

(يعني، موجود ڪئي ويئي آهي، منهنجن نيڪ ٻانهن جي لاءِ اُها شيءِ، جانه ڪنهن اک ڏٺي آهي ۽ نه ڪنهن ڪن ٻڌي آهي ۽ نه ڪنهنجيءَ دل ۾ آئي)

اهو روحاني بهشت  ۾ هوندو، دل ۾، هڪڙي دري آهي، جا عالم ملڪوت ڏي کلي ٿي. انهيءَ مان ئي اهو  اسرار معلوم ٿئي ٿو ۽ جنهن ۾ ڪوبه شڪ شبهو نٿو رهي. جنهن جي دل جي دري، عالم،ملڪوت ڏانهن کُليل آهي،انهيءَ کي  آخرت جي سعادت ۽ شقاوت جو ڪامل يقين ٿئي ٿو، نه رڳو  ٻڌي مڃڻ سان، پر مشاهدي ۽ ڏسڻ سان ويساه ڄمي ٿو، جهڙيءَ طرح طبيب، اها ڳالهه معلوم ڪري ٿو ته هن جهان ۾، بدن جي واسطي، سعادت ۽ شقاوت، يعني سُک ۽ ڏک آهي، جنهن کي تندرستي ۽ بيماري چون ٿا ۽ اُن جا گهڻائي سبب ٿين ٿا،  جيئن ته دوا پيئڻ ۽ پرهيز ڪرڻ، بدن جي سعادت جو سبب آهي ۽ گهڻو کائڻ ۽ پرهيز نه ڪرڻ، بدن جي شقاوت جوسبب آهي، تهڙيءَ طرح،انهيءَ شخص کي به، مشاهدي مان معلوم ٿئي ٿو، ته دل جي لاءِ يعني، آدميءَ جي روح جي لاءِ پڻ، سعادت ۽ شقاوت آهي ۽ انهيءَ سعادت جي دوا، يعني، جنهن شيءِ مان سعادت حاصل ٿي ٿئي، سا معرفت ۽ عبادت آهي ۽  ان جو زهر، يعني جنهن شيءِ ڪري،  سعادت زائل ٿي ٿئي، سا جهل ۽ گنهگاري آهي. ايترو ڄاڻڻ، وڏو شريف علم آهي. گهڻا ماڻهو، جي عُلماء سڏائين ٿا، سي انهيءَ علم کان غافل آهن، بلڪه منڪر آهن. اُهي رڳو بدن، بهشت ۽ دوزخ کي مڃين ٿا ۽ آخرت  تي رڳو ٻڌڻ ۽ تقليد سان ويساهه آڻين ٿا ۽ اسان دليلن سان، انهيءَ مضمون جي تحقيق ۽ تشريح ۾، عربي ڪتاب لکيا آهن. هن ڪتاب ۾، فقط هيترو چئجي ٿو ته جو شخص، سياڻو ۽ چالاڪ آهي ۽ جنهن جو اندر، تعصب ۽ تقليد جي آلائش کان پاڪ آهي، اُهو، اهو رستو لهندو ۽ آخرت جو  حال به انهيءَ جي دل ۾ ثابت ۽ محڪم ٿي ويندو،  جو آخرت جي نسبت ۾، اڪثر ماڻهن جو ايمان،  ضعيف ۽ ڪچو آهي.

فصل ٻيو

        جيڪڏهن تون ڀانئني ته توکي موت جي ڪجهه حقيقت معلوم ٿئي ۽ اُن جي معنيٰ سمجهڻ ۾ اچي، ته هيءَ ڳالهه ڄاڻ ۽ مڃ، ته هر هڪ آدميءَ کي، ٻه روح ٿيند آهن. هڪڙو، حيوان جي جنس جو آهي،  جنهن جو نالو ”حيواني روح“ آهي ۽ ٻيو، ملائڪن جي جنس جو، جنهن جو نالو ”انساني روح“ آهي. حيواني روح جي جاءِ، دل  آهي يعني، اُهو گوشت جو ٽڪر، جو سيني ۾، کٻي پاسي لڙڪيل اهي. اُهو، روح حيوانيءَ جي باطني خلطن  جو، هڪڙو لطيف بخار آهي. اُن جو مزاج، معتدل آهي. دل مان، رڳن جي وسيلي نڪري،  دماغ ۾، توڙي ٻين سڀني عضون ۾ وڃي ٿو. اهو روح، حس ۽ حرڪت، يعني ڇهڻ ۽ چرڻ جي قوت، پاڻ سان کنيو وتي. سو جڏهن دماغ ۾  اچي ٿو، تڏهن اُڻ جي گرمي، گهٽ ٿيو وڃي ۽ نهايت درجي جو اعتدال وٺي ٿو. اکين کي، انهيءَ مان ڏسڻ جي سگهه ملي ٿي ۽  ڪن کي اُن مان، ٻڌڻ جي طاقت حاصل ٿئي ٿي. انهيءَ طرح، سڀ حواس حاصل ٿا ٿين. اهو روح، ڏيئي يا بتيءَ جي مثال آهي، جو جڏهن گهر ۾ اچي ٿو، تڏهن جيڏانهن وڃي ٿو، اوڏانهن ڀتين تي سوجهرو پوي ٿو. جهڙيءَ طرح ڏيئي جي ڪري، ڀتين تي سوجهرو پيدا ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح، خدا جي قدرت سان،ر وح جي ڪري، اکين ۾ نور  ۽ ڪنن ۾ ٻڌڻ جي سگهه ۽ ٻيا سڀ حواس پيدا ٿين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن رڳ ۾ ڳنڍ پئجي وڃي ٿي، ته جيڪو غضوو، انهيءَ ڳنڍ کان هيٺ آهي، سو نڪمو ۽ بي طاقت ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ڪابه حس ۽ حرڪت جي قوت نه رهندي آهي، جيئن  فالج ۾  ٿيندو آهي. طبيب، اهڙيءَ حالت ۾، ڪوشش ڪندو آهي ته اها ڳنڍ ڪڍي. روح، گويا ڏيئي جي لاٽ آهي ۽ دل، ڏيئو يا  بتي آهي ۽ غذا يا کاڌو، تيل آهي. جي تيل نه پوندو، ته ڏيئو اجهامي ويندو. تهڙيءَ طرح، جي کاڌو نه ڏبو، ته روح جي معتدل مزاجي ويندي رهندي ۽ حيوان مري ويندو. جيڪڏهن تيل هوندو ۽ بتي زياده تيل ڇڪيندي ته گهٽجي پوندي ۽ وري  تيل نه پيئندي. انهيءَ طرح،گهڻي وقت گذرڻ کان پوءِ، دل به اهڙي ٿي وڃي ٿي، جو غذا قبول نٿي ڪري ۽ جيئن ڏيئي تي ڪا شيءِ هڻجي ٿي، ته وٽ ۽ تيل هوندي به، ڏيئو اجهامي وڃي ٿو. جڏهن ڪنهن حيوان کي سخت  زخم رسي ٿو، تڏهن مري پوي ٿو ۽ انهيءَ روح جو مزاج، جهڙو معتدل هئڻ کپي، اهڙو جيسين رهي ٿو، تيسين خدا جي حڪم سان، آسمان جي ملائڪن جي نور مان،حس ۽ حرڪت جي قوت جهڙي لطيف اثر کي قبول ڪري ٿو. جڏهن اُن جو مزاج، گرميءَ يا سرديءَ جي گهڻائيءَ کان يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري بگڙي وڃي ٿو، تڏهن روح، انهن اثرن جي قبول ڪرڻ جي لائق نٿو رهي. جهڙيءَ طرح،  آرسي، جنهن جو ٻاهريون پاسو، جيسين برابر صاف آهي، تيسين اها، صورت وارين شين جي شڪل قبول ڪري ٿي، يعني اُن ۾، صورتون نظر اچن ٿيون ۽ جڏهن خراب ٿي، ڪٽجي پوي ٿي، تڏهن صورت قبول نٿي ڪري، يعني اُن ۾ عڪس نظر  نٿو اچي. اُها حالت، انهيءَ ڪري نٿي ٿئي، ته صورتون، گم يا غائب ٿي وڃن ٿيون، پر هن ڪري، ته آرسي،  صورتن قبول ڪرڻ جي لائق نه آهي. انهيءَ طرح، انهيءَ معتدل، لطيف بخار، يعني حيواني روح ۾، حس ۽ حرڪت وغيره قبول ڪرڻ جي لياقت، اُن جي مزاج جي اعتدال تي تعلق آهي. جڏهن اُهو اعتدال، زائل ٿئي ٿو، تڏهن روح به  حس ۽ حرڪت وغيره جي قوت قبول نٿو ڪري. جڏهن قبول نٿو ڪري، تڏهن عضوا، اُن جي  نور کان محروم رهن ٿا ۽ بي حس ۽ بي حرڪت ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو چون ٿا  ته هيءُ حيوان، مري ويو. حيواني موت جي، اهائي معنيٰ آهي. جو شخص،  حيواني روح جي اعتدال گم ڪرڻ  جو اسباب  جمع ڪرڻ وارو آهي، اُهو، خدا جي بندن مان هڪڙو بندو آهي ۽ انهيءَ کي، “ملڪ الموت“ چون ٿا. ماڻهن کي انهيءَ جي نالي جي خبر آهي. ليڪن انهيءَ جي حقيقت جي خبر ڪانهي. اُنهيءَ جو سڃاڻڻ، ڏاڍو مشڪل آهي.  حيوانن جي موت جو اهوئي مطلب آهي.  آدميءَ جو موت، ٻي:ءَ طرح جو ٿو ٿئي، ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ حيواني روح، جو حيوانات ۾ رهي ٿو، سو ته آهي، پر انهيءَ کان سواءِ، ٻيو به روح آهي، جنهن جو نالو ”انساني روح“ آهي ۽ ”دل“ به آهي. مٿي، ڪن فصلن ۾ انهيءَ جو ذڪر ٿي چڪو آهي. اهو روح، هن حيواني روح جي جنس مان ناهي، جو جسم آهي ۽ لطيف هوا وانگر، پخته (پڪل) ۽ صاف ٿيو ۽ واضح بڻيو. هيءُ انساني روح، جسم نه آهي، ڇالاءِ جو  تقسيم ٿيڻ جوڳو نه آهي. تهڙيءَ طرح، اُن جي معرفت به هڪ آهي ۽ تقسيم ٿيڻ جوڳي ناهي. تنهنڪري معرفت، ڪنهن قسمت پذير جسم ۾ نٿي سمائجي، پر انهيءَ شيءِ ۾ ٿي سمائجي، جا هڪڙي  آهي ۽ قسمت پذير ناهي. انسان ۾ به ڏيئو ۽ لات ۽ روشني، ٽيئي شيون، فرض ڪري وٺ، ڏيئو، گويا قالب يا بدن آهي ۽ لاٽ يا شعلو،  حيواني روح آهي ۽ سوجهرو يا روشني، انساني روح آهي.  جهڙيءَ طرح، ڏيئي جي روشني، ڏيئي کان لطيف ٿي ٿئي ۽ روشنيءَ ڏي ڄڻ ته ڪوبه اشارو نٿو ڪجي، تهڙيءَ طرح، انساني روح به، حيواني روح جي بنسبت، گويا لطيف آهي ۽ انهيءَ  ڏي به اشارو ڪري نٿو سگهجي. جيڪڏهن لطافت جي نظر تي خيال ڪبو ته اهو مثال، بالڪل پورو آهي، ليڪن  ٻيءَ تي تعلق آهي ۽ انيهءَ جي تابع آهي، سا جڏهن اجهامي ٿي،ت ڏهن ان جي روشني به بالڪل گم ٿي وڃي ٿي ۽ انساني روح، حيواني روح جي تابع نه آهي، بلڪه انساني روح، اصل آهي ۽ حيواني روح جي زائل  ٿيڻ ڪري، اُهو زائل نٿو ٿئي. جيڪڏهن توکي انهيءَ جو مثال گهرجي ته هڪڙو نور يا سوجهرو، فرض ڪري وٺ، جو ڏيئي يا بتيءَ کان گهڻو لطيف آهي ۽ بتيءَ جي بيهڪ، انهيءَ کان آهي ۽ انهيءَ جي بيهڪ، بتيءَ جي ڪري ناهي، جنهنڪري هيءُ مثال،   لاڳو ٿي اچي ۽ حيواني روح، هڪڙي رستي سان، انساني روح جي گويا سواري آهي، يعني سواريءَ جي لاءِ وهٽ آهي ۽ ٻئي رستي سان، گويا  اُن جو هٿيار آهي. جڏهن حيواني روح جو مزاج،  زائل ٿي وڃي ٿو، تڏهن قالب يا بدن، مردو ٿي پوي ٿو ۽ انساني روح، اهڙي جو اهڙو برقرار رهي ٿو، رڳو سندس وهٽ يا هٿيار، کانئس  کسجي وڃي ٿو. سواريءَ يا وهٽ جي تباهه ٿيڻ ڪري، سوار ڪو نيست يا نابود نٿو ٿئي، پر ري هٿيار ٿو ٿئي، ۽ اهو هٿيار، هن کي انهيءَ لاءِ عطا ٿيو آهي ته معرفت الاهيءَ جي عنقا ۽ محبت جي هما کي شڪار ڪري. جيڪڏهن هُن اهو شڪار  ڪري ورتو آهي، ته پوءِ ته هٿيار جو گم ٿيڻ، پاڻ هُن جي لاءِ   بهتر آهي، جو انهيءَ ڪري، بار هلڪو ٿيس ۽ رسل ڪريم صلي الله عليه وسلم جن، فرمايو آهي ته  موت، مومن جو تحفو يا هديو آهي، سو انهيءَ ڪري ئي آهي. جنهن ماڻهوءَ، شڪار ڪرڻ لاءِ دام کنيو آهي، ۽ بارُ، پاڻ تي گوارا ڪيو آهي، تنهنجي لاءِ، شڪار هٿ اچڻ کان پوءِ، دام جو گم يا ضايع ٿيڻ، پان غنيمت آهي، پر جي معاذ الله! شڪار هٿ اچڻ کان اڳي، دام  ضايع ٿي وڃي  ٿو ته شڪاري، گهڻو پشيمان ٿئي ٿو ۽ گهڻي مصيبت سهي ٿو ۽ اها پشيماني ۽ مصيبت، پهريائين ڦري، قبر جو عذاب بنجي ٿو.

فصل ٽيون

         تڏهن ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا هٿ ۽ پير نستا ٿي پون، ته هو پاڻ سلامت  رهي ٿو، ڇالاءِ جو هو پاڻ،نه هٿ آهي ۽ نه  پير، بلڪه هٿ ۽ پير، هُن جا هٿيار آهن ۽ هو،انهن کي، پنهنجي ڪم ۾ آڻي ٿو. جهڙيءَ طرح، هٿ ۽ پير، تنهنجي حقيقت نه آهن، تهڙيءَ طرح، پٺ، پيٽ، مٿو بلڪه تنهنجو سڄو بدن، تنهنجي اصل ماهيت نه آهي. جيڪڏهن اهي سڀ  تنهنجا عضوا، شل ۽ بي طاقت ٿي پون، ته به تنهنجو قائم ۽ برقرار رهڻ ممڪن آهي ۽ موت جي به اهائي معنيٰ آهي ته سارو بدن، شل ۽ بي طاقت ۽ ساڻو ٿي پوي. ۽ هٿ جي ساڻي ٿي پوڻ جي اهائي معنيٰ آهي، ته هو، تنهنجي اطاعت نه ڪري، ۽ هٿ جو اطاعت ڪرڻ، هڪ صفت جي سبب آهي، ۽ انهيءَ کي، قدرت يا  طاقت  چون ٿا ۽ اها صفت نور آهي، جيڪو نور حيوانيءَ جي ڏيئي کان هٿ کي پهچي ٿو ۽ جڏهن رڳن ۾، حيواني روح جي رستي ۾، ڪا ڳنڍ يا رڪاوٽ پئجو وڃي، تڏهن ‎ حيواني روح جي روشني، اُتي نٿي پهچي، انڪري، اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جي طاقت، مُتاثر ٿئي ٿي. انهيءَ  طرح سڄو جسم، جيڪو تنهنجي اطاعت ڪري ٿو، سو رڳو حيواني روح جي سبب ڪري ٿو. ۽   جڏهن حيواني روح جو مزاج، تباهه ٿي وڃي ٿو، تڏهن بدن اطاعت نٿو ڪري، انهيءَ کي موت  چئجي ٿو، حالانڪه تون، زنده هوندو آهين،ته پوءِ،تنهنجي حقيقت، هيءُ تنهنجو بدن، ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ جيڪڏهن تون غور ۽ فڪر کان ڪم وٺين، ته هڪدم سمجهين وڃين،ته تنهنجا  عضوا، اُهي عضوا نه آهن، جيڪي ننڍپڻ ۾ هئا. ڇو ته اهي سڀ، بخارات کان، ڳري ويا آهن ۽ غذا مان، انهن  جي جاءِ تي، ٻيا پيدا ٿي ويا آهن، ته پوءِ تنهنجو بدن، اُهو نه آهي، پر تون اهوئي آهين ۽ تنهنجي هستي، هن جسم  کان نه آهي. جيڪڏهن بدن، تباهه ٿي وڃي، ته ٿي وڃي، تون هن طرح زنده آهين. پر تنهنجون صفتون، ٻن قسمن جون آهن – هڪ ۾ جسم شريڪ آهي، جيئن ته بک، اڃ ۽ ننڊ،  ۽ اُهي، بنا ڪنهن مادي ۽ جسم جي ظاهر نٿا ٿين ۽ موت کان، فنا ٿي وڃن ٿا ۽ هڪڙا اُهي، جن ۾ جسم ۽ شريڪ نه آهي، جيئن ته معرفت حق تعاليٰ جي ۽ اُن جي جمال جو نظارو ۽ اُن جي خوشي. هيءَ تنهنجي  ذات صفت آهي ۽ توسان گڏ  رهندي ۽ باقيات الصالحات جي اهائي معنيٰ آهي، ۽ جيڪڏهن اُن جا بجاءِ، يعني حق تعاليٰ جي معرفت وغيره، جي جهالت آهي، ته اها به تنهنجي ذاتي صفت آهي، جيڪا توسان گڏ رهندي. ۽ اها جهالت، تنهنجي روح لاءِ اوندهه ۽ بدبختيءَ جو ٻج ٿيندي. ”من ڪان في هذه،  اعميٰ فهو في الاحرة اغمي و اصل سبيلا“ (۽ جيڪو هن دنيا ۾ انڌو آهي (راه صواب کان) اُهو آخرت ۾ به انڌو آهي ۽ رستي هلڻ ۾ گمراهه آهي)، ته پوءِ ڪڏهن به موت جي حقيقت کي نه سمجهندين، جيستائين، انهن  ٻن روحن کي نه سمجهندين ۽ ٻنهي جي فرق ۽ پاڻ ۾ تعلق کي نه سڃاڻندين. 

فصل چوٿون

        هاڻي سمجهه ته حيواني روح، عالم سفليءَ مان آهي ۽ خلطن جي بخارات جي هلڪائيءَ (لطافت) جو مجوعو آهي.  خلطن جا چار قسم آهن – رت، بلغم، سودا ۽ صفرا. ۽ انهن چئن جا، چار بنياد آهن – پاڻي،  باهه، مٽي ۽ هوا؛ ۽ انهن جي مزاج جو اختلاف ۽ اعتدال گرمي، سردي، خشڪي ۽ تريءَ جي گهٽ – وڌائي تي آهي. ۽ علم  طب جو رڳو اهو مقصد آهي ته  انهن چئن طبيعتن ۽ روح جي اعتدال جي حفاظّت ڪري، جيسين حيواني روح،انساني روح جي سواريءَ ۽ هٿيار بنجڻ جي قابل ٿي وڃي، اهو انساني روح، هن عالم مان نه آهي، بلڪه عالم علوي:ءَ مان آهي ۽ ملائڪن جي جوهر مان آهي. ۽ اُن جو، هن جهان ۾ اچڻ، فقط مسافراڻو طريقو آهي ۽ اهو، پنهنجيءَ ذاتي خواهش سان نه آيو آهي، بلڪه ان جو هيءُ سفر،  فقط ان لاءِ آهي، ته هو، هدايت سان، پنهنجو زاد، راه، يعني واٽ لاءِ توشو وٺي، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:

”قلنا اهبطوا منها جميعا فاما ياتينڪم مني هدي فمن تبيع هد اي فلا خوف عليهم و لاهم يحزنون“  (يعني، اسان فرمايو ته هيٺ لهو اتان، اوهان مان سڀئي، جيڪڏهن مون کان، اوهان کي ڪا هدايت اچي ته (پوءِ، جنهن منهنجي هدايت جي پيروي ڪئي، ڪوبه ترس ڪونهي ان جماعت تي ۽ نه اُهي، ڪو ڏک ڪندا).

۽ فرمايو حق تعاليٰ ته:

”اني خالق بشرا من طين فاذا سويته و نفخت فيه من روحي“ (يعني،  آءُ، انسان کي، مٽيءَ مان پيدا ڪندڙ آهيان. جڏهن اُڻ کي جوڙي راس ڪيم، تڏهن پنهنجي روح مان،  اُنجي  اندر ڦوڪيم).

هن آيت ۾، ٻن روحڻ جي مختلف هئڻ جي طرف اشارو آهي.هڪ کي مٽيءَ جي حوالي ڪيو ۽  اُن جي مزاج جي اعتدال کي، هن سان تعبير ڪيو.، فرمايو ”سويته“ يعني، مون هن کي تيار ڪيو ۽ مهيا ڪيو ۽ اهوئي اعتديال هو. وري ارشاد فرامايو  ”نفخت فيه من روحي“ ۽ انهيءَ کي، پاڻ سان نسبت  ڏني ۽ ان جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪو اڇي چولي کي ساڙي، جيئن اهو، باهه کي قبول ڪرڻ جي قبال ٿي وڃي، تڏهن هو، باهه جي ويجهو وڃي ۽ ان کي ڦوڪ ڏئي، جئن باهه لڳي وڃي، ۽ جهڙيءَ طرح، روح حيواني، سلفيءَ جي لاءِ اعتدال آهي ۽ علم طب، ان جي اعتدال کي ڄاڻي ٿو، جيئن بيماري انهيءَ کي دفع ڪري ۽ هلاڪت کان بچائي. هن طرح، روح انساني علوي، جيڪو دل جي حقيقت آهي، اُن جي لاءِ به اعتدال آهي  ۽ علم اخلاق ۽ رياضت، جيڪو شريعت جي مطابق آهي، ان کي اعتدال تي رکي ٿو ۽ ان جي صحت جو سبب آهي. تنهن ڪري،  مسلمانيءَ جي ارڪان جي بيان ۾، اُن جو ذڪر ڪيو يندو. معلوم ٿيو ته ماڻهوءَ جي  ارواح جي حقيقت کي ڄاڻڻ کان سواءِ، آخرت کي سڃاڻي نٿو سگهجي، جيئن پنهنجيءَ حقيقت کي ڄاڻڻ جي بغير، الله تعاليٰ جي حقيقت، سمجهه ۾ اچي نٿي سگهي.  تنهن ڪري، پنهنجي نفس کي ڄاڻڻ، الله تعاليٰ جي معرفت (ڄاڻ) جي ڪُنجي آهي ۽ ارواح جي حقيقت کي ڄاڻڻ، آخرت کي ڄاڻڻ جي ڪنجي آهي ۽ اصل دين، الله تعاليٰ ۽ آخرت  تي ايمان آڻڻو آهي، انهيءَ ڪري ئي  اسان، اُن جي  ڄاڻڻ کي مقدم رکيو. ليڪن الله تعاليٰ جي اوصافن جي رازن مان هڪ راز، اسان بيان نه ڪيو، ڇوجو ان جي بيان ڪرڻ جي اجازت نه آهي، ۽ هر  ڪو ماڻهو، ان کي سمجهي نه سگهندو.  ۽ الله تعاليٰ ۽ آخرت جي سڄي معرفت، انهيءَ تي موقوف آهي. تون، ان جي ڪوشش ڪر ته جيئن رياضت ۽ عبادت سان، ان کي ڄاڻي  سگهين. ۽ جيڪڏهن تون، ڪنهن کان ٻڌندين، ته ٻڌڻ جي طاقت نه رکندين، ڇو جو گهڻن ماڻهن، الله تعاليٰ جي انهيءَ صفت کي ٻڌو، پر يقين نه ڪيو ۽ ان جي ٻڌڻ جي  طاقت حاصل نه ڪئي، انڪري، انڪار ڪري  ڇڏيائون ۽ چيائون ته خود ممڪن نه آهي ۽ اها تنزيه ۽ پاڪائي  نه آهي، بلڪه تعطيل ۽ بيڪاري آهي. تنهن ڪري تون، ماڻهوءَ جي حق ۾، ائين ٻڌڻ جي طاقت، ڪيئن ٿو رکي سگهين، جڏهن  ته اُها صفت، الله تعاليٰ جي شان ۾،  نه قرآن شريف ۾، صاف طريقي تي آهي ۽ نه حديث ۾؟ اهوئي سبب آهي جو ماڻهو ٻڌڻ کان انڪار ڪريو ڇڏين. انهيءَ ڪري، انبياء عليهم السلام کي ارشاد ٿيو ته ”تڪلموا الناس عليٰق قدر  عقولهم“ (يعني،  ماڻهن سان، انهن جي عقل مطابق، گفتگو ڪريو) ۽ ڪن انبياء عليهم  السلام تي، وحي  ٿي آهي ۽ اسان جن، انهن صفتن  جو بيان نه ڪن، جن کي ماڻهو، سمجهي نه سگهن، ڇو جو  جيڪڏهن هو نه سمجهندا، ته انڪار ڪري ڇڏيندا ۽ انڪار، انهن لاءِ  نقصانڪار آهي.

فصل پنجون

        هنن سڀني ڳالهين مان تو ڄاتو،ته ماڻهوءَ جي جان جي حقيقت، ان جي پنهنجيءَ ذات سان قائم آهي ۽ هو، پنهنجي خاص صفتن ۽ ذات جي قيام جي لحاظ  کان مستغني آهي. ۽  موت جي معنيٰ هُن جو يعني ماڻهوءَ جو فنا ٿي وڃڻ نه آهي، پر ان جي معني ، اُن جي تصرف جو، ان جي جسم کان جدا ٿي وڃڻ آهي. ۽ حشر ۽ بعث ۽ اعدات جي معنيٰ  هيءَ نه آهي ته اُن جي فنا ٿي وڃڻ کان پوءِ، اُن کي وجود ۾ آڻين، پر ان جي معنيٰ هيءَ آهي، ته انهن کي،  قالب  ڏنو ويندو، اهڙيءَ طرح، جو هڪ ڀيرو وري، قالب،ان جي تصرفات کي قبول ڪري، جيئن پهريون ڪيو  ويو هو. ۽ اهو نهايت  آسان ٿيندو،  ڇو جو پهريون  ڀيرو ته روح ۽ جسم،  ٻنهي کي پيدا ڪرڻو هو ۽ هاڻي روح موجود آهي، پر انساني روح ۽ ان جي جسم جا جزا  به موجود آهن ۽ انهن جو گڏ ڪرڻ  آسان ٿيندو، بنسبت پيدا ڪرڻ جي. پر جنهن هنڌ حقيقت آهي، اتي آسانيءَ  کي، الاهي فضل سان، ڪوبه تعلق نه آهي، ڇو جو جنهن هن دشواري نه آهي، انهيءَ هنڌ آساني به نه آهي،  ۽ ماڻهوءَ کي، ٻئي  ڀيري زنده ڪرڻ  جي اها معنيٰ نه آهي، ته اُهوئي جسم، هن کي ٻيو گهمرو پڻ ڏنو وڃي، ڇو جو جسم، هڪ سواري آهي. جيتوڻيڪ گهوڙو، تبديل ڪيو وڃي، تڏهن به سواري ته ساڳي آهي!  ۽ ننڍپڻ کان ٻڍاپي تائين، ماڻهوءَ جا جزا، ٻيءَ غذا جي جزن سان بدلبا رهن ٿا، ليڪن اُهو خود، ساڳيو ئي ٿو رهي. جن ماڻهن ائين سمجهيو، ته قيامت ۾، اهوئي وجود ڏنو ويندو، انهن تي اهڙا اعتراض ٿيا، جو اُهي، انهن جا ڪمزور  جواب ڏيئي سگهيا، ۽  حالانڪه اُهي هن تڪلف کان، مستغني هئا. انهن کان پڇيو ويو ،ته جيڪڏهن هڪ  ماڻهو، ٻئي  ماڻهوءَ کي کائي وڃي ۽ انهن ٻنهي جا جزا، هڪ ٿي وڃن ته وري  شهر ۾، ٻيو ڀيرو، جزا (عضوا) ڪيئن گڏبا؟ ۽  جيڪڏهن، ڪنهن ماڻهوءَ  جو هڪ عضوو، ڪپي ڇڏجي، ۽ پوءِ اهو ماڻهو، الله تعاليٰ جي عبادت ڪري ۽ جڏهن هن کي ثواب ملندو، ته اُن جو اهو ڪپيل عضوو، ان سان گڏ هوندو يا نه هوندو؟ ۽ جيڪڏهن  اهو عضوو، ان سان گڏ نه هوندو ته پوءِ هو، بهشت ۾ هٿن، پيرن ۽ اک کان سواءِ ڪيئن هوندو؟ ۽ جيڪڏهن اهو عضوو، هن سان گڏ هوندو، ته اهو، هن  نيڪيءَ ۽ ثواب ۾، ٻين عضون سان ڪهڙيءَ ريت شريڪ ٿيندو، جڏهن ته اهو (عضوو) عبادت ۾، انهن (عضون) سان عمل ۾ شريڪ نه هو.  ماڻهو  هُن قسم جا  واهيات اعتراض ڪن ٿا ۽ ٻيا، يعني طرف ثاني، جي  قيامت ۾، انهيءَ ئي و جود جو هئڻ بيان ڪن ٿا، سي نهايت  تڪلف سان اُن جو جواب ڏين ٿا،  جڏهن تو، ٻيو ڀيرو زنده ٿيڻ جي حقيقتي  کي سمجهي ورتو، ته توکي، اهڙين ڳالهين سان ڪو سروڪار يا واسطو نه آهي، ڇالاءِ جو تون، هن قالب (بوتي) جو محتاج نه آهين ۽ اهي اعتراض، فقط انهيءَ ڪري پيدا ٿيا، جو ماڻهن سمجهو ته نور ۽ تنهنجي حقيقت، اهوئي قالب آهي. ۽ جڏهن اُهو نس پس،  انهيءَ شڪل تي نه هوندو، ته تون به نه هوندين.  ۽ انهيءَ ڪري ئي آهي، بحث ۾ اچي پيا ۽ جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جي اصليت (بنياد) ۾ خلل آهي، يعني ڪمزور  آهي.

 

فصل ڇهون

        جيڪڏهن تون ائين چوين ته فقيهن ۽ متڪلمين جو مشهور مذهب هيءُ آهي، ته ماڻهن جو روح، موت جي ڪري، فنا ٿي وڃي ٿو ۽ وري ان کي وجود ۾ آڻين ٿا ۽ هيءُ جو ڪجهه بيان ٿيو آهي، ان جي خلاف آهي، ته پوءِ سمجهه ته جيڪو ٻين جي ڳالهين تي لڳي ٿو، اهو  انڌو ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪو هيئن چوي  ته نه، اهو مقلد آهي ۽ نه اهل بصرت. جيڪڏهن هو، اهل، بصرت مان هجي ها ته سمجهي وڃي ها ته جسم جو موت، ماڻهوءَ جي حقيقت کي فنا نٿو ڪري. ۽ جيڪڏهن هو مقلد هجي ها، ته قرآن شريف ۽ احاديث نبي ڪريم صلعم مان سمجهي وڃي ها ته ماڻهوءَ جو روح، مرڻ کان پوءِ به سلامت يا باقي رهي ٿو، ۽ مرڻ کان پوءِ، روحن جا ٻه طبقا آهن -  هڪڙا شقين يا بدبختن جا ۽ ٻيا نيڪ بختن يا سعيدن جا. سعيدن جي روح متعلق، الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته:

”و لا تحسبن الذين قتلوا في سبيل الله امواتا بل احياء عند ربهم يرزقون، فرحين بما اتاهم الله من فضله“ (يعني، اهي ماڻهو، جيڪي الله تعاليٰ جي و اٽ ۾ ماريا ويا اهن، تن کي  مردو نه چئو، بلڪه اهي زنده آهن ۽ الله تعاليٰ جي درگاهه مان، هنن کي، روزي ملي ٿي، جنهن جي ڪري هو خوش آهن، سندس  فضل سان)

        جنگ بدر جي شقين ۽ ڪافرن کي، جڏهن پيغمبر، خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن ماريو ۽ قتل ڪيو، تڏهن هڪ هڪ جو نالو وٺي، کين سڌيو ته اي فلاڻا! پٽ فلاڻي جا، حق تعاليٰ، جيڪي واعدا، دشمنن جي عذاب متعلق ڪيا هئا، مون انهن کي سچو پاتو ۽ ڇا، توهان  به انهن کي سچو پاتو، جيڪي مرڻ کان پوءِ، عذاب متعلق،  توهان سان ڪيا ويا هئا؟  ماڻهن چيو، يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم! اهي ته مردا آهن!  اوهين، انهن سان ڪيئن ٿا ڳالهايو؟ پاڻ جواب ڏنائون ته  اُنهيءَ خدا جو  قسم، جنهن جي قدرت  جي قبضي ۾ محمد (صه) جو ساهه آهي، ته هي ماڻهو، منهنجي ڳالهه، اوهان کان زياده ٿا ٻڌن، مگر جواب ڏيئي نٿا سگهن. جيڪو ماڻهو قرآن تي ۽ انهن حديثن تي  غور ۽ ويچار ڪندو، جي مردن جي حق ۾ وارد ٿيون آهن ۽ جن جو مضمون اهو آهي ته مردا، ماتم ڪندڙن، توڙي سندن قبرن جي زيارت ڪرڻ وارن کان، بلڪه جيڪي هن عالم ۾ آهي، تنهن کان واقف آهن، سو ضرور ڄاڻندو ۽ يقين سان مڃندو ته مردن جو بالڪل فنا ۽ نيست ٿي وڃڻ، شرع ۾ ڪٿي به ڪين آيو آهي، بلڪه هيئن آيو آهي ته صفت، بدل ٿي وڃي ٿي ۽ گهر، بدل  ٿي وڃي ٿو.، قبر، دوزخ جي غارن مان هڪڙو غار آهي يا بهشت جي باغن ۽ گلزارن مان هڪڙو گلزار آهي. تڏهن يقين ڄاڻ، ته مرڻ ڪري، تنهنجي ذات  ۽ تنهنجون خاص يا ذاتي صفتون، زائل ٿي نه  وينديون، پر رڳو تنهجا حواس ۽ حرڪت ۽ خيالات، جي دماغ ۽ عضون جي واسطي سان آهن، سي زائل ٿي ويندا ۽ تون، جهڙو هتان ويو آهين، اهڙو  ڇڙهو ۽ اڪيلو رهندين. ڄاڻ، ته جيڪڏهن گهوڙو مري ويندو ته سوار، جيڪڏهن ڪوري يا ڄٽ هوندو، ته عالم نه ٿي پوندو ۽ جي انڌو هوندو ته سڄو نه ٿيندو،  پر پيادو سو  ضرور ٿي پوندو.  قالب يا بدن، گهوڙو آهي ۽ تون، سوار آهين. اهو. انهيءَ ڪري ٿئي ٿو ته جي ماڻهو، پاڻ کان ۽ محسوسات کان غائب ٿي وڃن  ٿا ۽ پنهنجي اندر ۾ گهڙي وڃن ٿا ۽ تصوف جي اصولن مطابق، خداجي يادگيريءَ ۾ غرق ٿين ٿا، يعني مراقبو ڪن ٿا، تن کي قيامت جو حال نظر اچي ٿو، هن ڪري، جوانهن جو حيواني روح. جيتوڻيڪ اعتدال کان نڪري نٿو  وڃي، تڏهن به سست ٿي وڃي ٿو. تنهن ڪري جڏهن خدا جو خوف ۽  آخرت جو انديشو، انهن ۾ پيدا ٿئي ٿو، تڏهن حيواني روح، انهن جي ذات کي، پاڻ  ڏي بالڪل مشغول نٿو رکي، تڏهن انهن ماڻهن جو حال،  مردي جي حال جهڙو ٿو ٿئي ۽ جيڪي ٻين ماڻهن کي، مرڻ کان  پوءِ معلوم ٿو ٿئي، سو انهن کي، هتي ئي معلوم ٿو ٿئي ۽ جڏهن وري هو پاڻ  سنڀالين ٿا ۽ عالم محسوسات ۾ پون ٿا، تڏهن گهڻن کي، ان مان ڪي به ياد نٿو رهي، ليڪن ان جو ٿورو اثر باقي  رهي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ حالت ۾ هن کي، بهشت جي حقيقت ڏيکاري  وئي آهي ته ان جي خستگي ۽ ڳڻتي، هن سان رهجي ٿي وڃي. جيڪڏهن انهيءَ مان ڪي ڪجهه ياد رهيس ٿو ته هو، ان جي خبر ڏئي ٿو ۽ جي خيال جي خزاني، هن کي، ڪنهن مثال سان، حقيقت جو تعبير ڪيو آهي ته  امڪان آهي ته اهو مثال، هن کي چڱيءَ طرح ياد رهي ۽ هو، انهيءَ جي پوري خبر ڏئي. جهڙي طرح هڪڙي ڀيري رسول الله صلي الله عليه وآشله وسلم جن، نماز ۾ هٿ ڊگهو ڪيو ۽ چيائون ته بهشت جي انگور جو هڪڙو ڇڳو، مون کي ڏيکاريائون ۽ مون ڀانئيو ته اهو آءٌ، هن جهان ۾ آڻيان.، اهو گمان متان ڪرين ته انگور جو ڇڳو، جنهن حقيقت جو مثال هو، اهو هن جهان ۾ اڻي سگهيا ٿي! اهو بالڪل محال آهي،  ڇالاءِ جو جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ها، ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن اُن کي،  هن جهان ۾ آڻين ها. انهيءَ ڳالهه جي محال هئڻ جو سمجهڻ مشڪل آهي ۽ انهيءَ مشڪلات جي تلاش ڪرڻ  جي توکي ضرورت ڪانهي ۽ عالمن جي درجن جو به اهڙو فرق آهي، جو ڪنهن کي  ته بالڪل اهائي سمجهه اچي ٿي،  ته بهشت جي انگور جو  ڇڳو ڇا آهي ۽ ڪهڙو هو، جو حضرت جن ڏٺو ۽ ٻين نه ڏٺو ۽ ڪنهن کي انهيءَ ڳالهه بابت هيترو چوڻ مناسب  ٿئي ٿو ته حضرت جن، هٿ چوريو، ته ”الفعل القليل لايبطل الصلوات“ (يعني، ٿورو ڪم،   نماز کي، باطل نٿو ڪري) انهيءَ ڳالهه جي تفصيل بابت اهو ماڻهو پورو، غور ٿو ڪري، جو سمجهي ٿو ته اولين ۽ آخرين علم، اهوئي ظاهري علم آهي. جنهن ايترو ڄاتو ۽ انهيءَ ظاهري علم تي  قناعت ڪئي ۽ هن ٻئي  باطني علم، يعني علم تصوف ۾ مشغل نه ٿيو، ته اهو بيڪار آهي ۽ انهيءَ کي، شرع جي علم کان انڪار آهي. هن بيان مان مطلب اهو آهي ته اهڙو گمان نه ڪر، ته رسول صلعم جن، جيڪو بهشت جو حال ٻڌايو، جبرائيل عليه السلام جي تقليد ۽ ان  کان ٻڌل  ڳالهه آهي، جهڙيءَ طرح، جبرائيل عليه السلام کان ٻڌڻ جي معنيٰ تون سمجهين ٿو، جو انهيءَ ڪم کي به، ٻين ڪمن وانگي ڄاڻين ٿو، پر  رسول  الله صلي الله عليه وآله وسلم جن، خود بهشت کي ڏٺو ۽ بهشت جي حقيقت، هن جهان ۾ ڪوبه ڪونه ٿو ڏسي سگهي، بلڪه روسل صلعم جن،  هن جهان ۾ ويا ۽ هن جهان کان غائب  ٿي ويا، ۽ هيءُ غائب ٿيڻ به  سندن معراج جو هڪڙو قسم هو. غائب ٿيڻ،  ٻن طرحن جو آهي، هڪڙو، حيواني روح جي مرڻ سان ۽ ٻيو،  ان جي ور طاقت ٿيڻ سان. پر هن جهان ۾ بهشت، ڏسي نٿو سگهجي ۽  جنهن نموني سان ست آسمان ۽ ست زمينون پستي جي کل ۾ سمائجي نه ٿيون سگهن، تنهن نموني سان، بهشت جو هڪ ذرو پڻ، هن جهان ۾ سمائجي نٿو سگهي. ۽ جنهن ريت ٻڌڻ  جي سگهه، هن آمر کان مجبور آهي ته آسمان ۽ زمين جي شڪل، انهيءَ ۾ ظاهر ٿئي، جهڙيءَ ريت اک ۾ ظاهر ٿئي ٿي، انهيءَ طرح، هن جهان جون سڀئي حياتيون يعني حواس،  بهشت جي سڀني  ذرن کان ردي ۽ نڪما آهن ۽ هن جهان جا بجاءِ خود ٻيا آهن (جو، هن جهان جا حواس، اصل ٻئي قسم جا آهن).

فصل ستون

        هاڻي، وقت آهي ته قبر جي عذاب جي معنيٰ کي سمجهين. قبر جي عذاب جا به ٻه قسم آهن – هڪڙو روحاني ۽ ٻيو جسماني. جسماني عذاب جي ته سڀڪنهن کي خبر آهي؛ ليڪن روحاني عذاب جي، ڪنهن کي به خبر ڪانهي، مگر انهيءَ شخص کي،  جنهن پاڻ کي پاڻهي سڃاتو هوندو ۽ پنهنجي روح جي حقيقت ڄاتي هوندي ته هو پاڻ، پنهنجيءَ ذات جي ڪري قائم آهي ۽ پنهنجي قائم هئڻ ۾، قالب يا بدن کان، بالڪل بي پرواهه آهي، يعني روح، هن کان پوءِ به باقي رهندو ۽ موت جي ڪري، نيست نابود ٿي نه ويندو، ليڪن هٿ، پير، اکيون، ڪن ۽ ٻيا سڀ حواس، هن کان وٺندا ۽ جڏهن حواس اُن کان وري وٺڻ ۾ آيا، تڏهن زال، ٻار ٻچا، مال، ٻني، ٻانهيون، غلام، ڳئون، ڏاند، گهرٻار، عزيز خويش، بلڪه زمين آسمان ۽ جيڪي شيون، انهن حواسن سان معلوم ٿين ٿيون، سي سڀ، هن کان وري کسي وٺندا.  جيڪڏهن انهن شين سان هن جي محبت هوندي ۽ پاڻ کي سڄوئي انهن جي حوالي ڪيو هوندائين ته ضرور، موت کان پوءِ، به انهن شين جي جودائيءَ جي ڏک ۽ عذاب ۾ رهندو، ۽  جي انهن سڀني کان آزاد ۽  فارغ البال هوندو ۽ جهان ۾ ڪنهن به شيءِ سان دل،نه ٻڌي هوندائين ۽ محبت نه رکي هوندائين، ب لڪه موت جو خواهشمند رهيو هوندو، ته راحت ۽ آرام ۾ ر هندو ۽ جيڪڏهن خدا جي دوستي، هن حاصل ڪئي هوندي ۽ الله جي يادگيريءَ  سان محبت ۽ اُن جو درجو پاتو هوندائين ۽ پاڻ کي سڄو ئي ان ۾ محو رکيو  هوندائين ۽ دنيا جي  اسباب کان بزار رهيو هوندو ته جڏهن مرندو، تڏهن پنهنجي محبوب وٽ، پهچندو. روڪ ڪرڻ ۽ انتظار ۽ ارمان ڏيڻ واري شيءِ، يعني دنيا جو اسباب، وچ مان، ڄڻ ته نڪري ويو، هو پنهنجيءَ سعادت کي وڃي پهچندو. هاڻي غور ڪر ته  جنهن کي پڪ هوندي ته مرڻ کان پوءِ  به  آءٌ باقي رهندس ۽ جن شين سان منهنجي رغبت ۽ محبت هوندي هئي، سي ائين دنيا  ۾ رهجي وينديون،تڏهن ضرور، ان کي يقين ٿيندو ته جڏهن آءٌ، دنيا مان ويندس، تڏهن اُنهن وڻندڙ شين جي  جُدائيءَ جو رنج ۽ عذاب سهندس، جيئن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته:

”احبب ما احببت فانڪ مفارقه“ (يعني، دوست رک، جنهن کي تون دوست رکين ٿو. پوءِ بيشڪ تون، انهيءَ کي ڇڏي وڃڻ وارو آهين).

جڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻندو ته منهنجو محبوب، حق تعاليٰ آهي ۽ پنهنجي سمر يا توشي جيترو، دنيا مان کڻندو، ۽ باقي دنيا ۽ مافيها  سان دشمني رکندو، تنهن کي ضرور خاطري هوندي ته جڏهن آءٌ دنيا مان ويندس، تڏهن رنج ۽ عذاب کان ڇٽل هوندس ۽ راحت ۽ آرام پائيندس. جيڪو اها ڳالهه سمجهندو، تنهن کي قبر جي عذاب بابت، ڪوبه شڪ شبهو ڪونه رهندو. انهيءَ کي يقين ٿيندو ته قبر جو عذاب، حق آهي ۽ اهو،  پرهيزگارن جي لاءِ ناهي، پر دنيا وارن جي لاءِ آهي.  ٻيو انهن لاءِ آهي، جن پاڻ کي سمورو،دنيا جي حوالي ڪيو آهي. هيءُ به معلوم ٿيندو ته هيءَ حديث،انهيءَ مضمون بابت آهي:

”الدنيا سجن المومنين وجنة الکافرين“ (يعني، دنيا مومنن جي لاءِ قيدخانو آهي ۽ ڪافرن جي لاءِ بهشت آهي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org