قسم ٽيون – جناب الاهيءَ جي جمال بي مثال کان
نااُميد رهڻ جي باهه آهي. ماڻهو، هن جهان مان
جيڪا انڌائي ۽ ناداني ساڻ وٺي وڃي ٿو، اها، انهيءَ
باهه جو سبب ٿئي ٿي. يعني هن جهان ۾، جنهنڪري مرڻ
کان پوءِ، انهيءَ ۾ جناب الاهيءَ جو جمال، اهڙو
ڏسڻ ۾ اچي، جهڙو صاف آرسيءَ ۾ عڪس، بلڪه گناهه ۽
دنيا جي خواهشن جي ڪٽ، هن جي دل کي ڪارو ۽ انڌو
ڪري ڇڏيو هوندو، سو هتي به انڌو رهندو. انهيءَ
باهه جو مثال اهو آهي ته تون، فرض ڪري وٺ، ته ڪن
مانحن سان گڏ، تون اونداهيءَ رات جو، ڪٿي وڃي رهيو
آهين ۽ اتي، گهڻيون پهڻيون پيون آهن، پر رات جي
ڪري تون، هنن جو رنگ نٿو ڏسين. تنهنجا سنگتي، توکي
چون ٿا ته هنن پهڻين مان جيتريون کڻي سگهين،
اوتريون کڻ، جو اسان ٻڌو آهي ، ته اهي ڏاڍيون
فائدي واريون آهن. ٻيا سڀ، جيتريون پهڻيون کڻي
سگهن ٿا. اوتريون کڻن ٿا ۽ تون ڪابه ڪانه ٿو کڻين
۽ چوين ٿو ته اها بيوقوفي آهي، جو آءٌ پنهنجي هٿن،
پنهنجي سر تي بار کڻان. الاجي سڀاڻي، اهي ڪم اچن
يا نه؟ پوءِ تنهنجا سنگتي، پنهنجو بار ٻڌي کڻن ۽
اُتي هلن ۽ تون هٿ ٺوڪيندو، هنن سان گڏيو هلين ۽
هُنن تي کلندو هلين ۽ انهن کي احمق سمجهي، انهن تي
افسوس کائين ۽ چوين ته جنهن کي عقل ۽ سمجهه آهي،
سو مون وانگي آرام، ۽ فرحت سان هلي ٿو ۽ جيڪو
احمق آهي، سو پاڻ کي گڏهه بنائي ٿو ۽ ڪوڙي طمع تي،
بار کڻي ٿو. نيٺ جڏهن هو، سوجهري ۾ اچن ٿا ۽ ڏسن
ٿا ته اهي پهڻيون، سڀ ڳاڙها ياقوت ۽ ابدار موتي
آهن ۽ هڪ – هڪ داڻي جو ملهه لک – لک اشرفيون آهن،
تڏهن هو ٻيا ماڻهو، ته افسوس ڪندا ته اسان ناحق،
وڌيڪ پهڻيون نه کنيون ۽ تون،انهيءَ ٺڳيءَ دغا جي
ڪري، هلاڪ ٿيندين ۽ تنهنجيءَ جان ۾، انهيءَ
پشيمانيءَ جي باهه لڳندي ته ناحق، مون ڪي به ڪين
کنيو. پوءِ، آهي ماڻهو، اهي جواهر وڪڻي، دنيا جون
بادشاهيون وٺن ۽ جهڙيون نعمتون کين وڻن، اهڙيون
ڀوڳين ۽ جتي وڻين، اتي رهن ۽ توکي بُکيو ۽ اُگهاڙو
رکن ۽ پنهنجو غلام بنائين، ۽ پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ،
توکي حڪم ڏين، تون گهڻوئي چوين ته انهن نعمتن مان،
ڪي ته مون کي به ڏيو، جيئن حق تعاليٰ جو قول آهي
ته؛
”افيضوا علينا من الماءِ او مها رزقڪم الله قالوا
ان الله حر مهما علي الڪافرين“
(يعني، دوزخي، بهشتي جي خوشامد ڪندا ۽ ائين چوندا
ته وهايو اسان تي ٿورو پاڻي، يا جيڪي خدا، اوهان
جي روزي ڪئي آهي. هو جواب ڏيندا ته تحقيق، خدا
تعاليٰ هي ٻئي شيون، ڪافرن تي حرام ڪيون آهن).
هو چوندا ته ڪلهه، تون اسان تي کلئين ٿي، اڄ اسين
توتي ٿا کلون.
”ان تسخروا منافانا تسخر منڪم ڪما تسخرون“ (يعني،
جي اوهين، اسان تي ٺٺولي ڪندا ته اسين به اوهان تي
اهڙيءَ طرح ٺٺولي ڪنداسين، جهڙيءَ طرح اوهان ٺٺولي
ڪريو ٿا).
اها آهي بهشت جي نعمت ۽ حق تعاليٰ جي ديدار، فوت
ٿيڻ ۽ انهيءَ کان نااُميد ٿيڻ جي پشيمانيءَ جو
مثال، جن ماڻهن، عبادت جا جواهرات،، دنيا مان نه
کنيا ۽ چوڻ لڳا ته آئندي جي دلاسي تي، هتي جي
تڪليف، اسين ڇو کڻون؟ سي، قيامت جي ڏينهن، رڙيون
ڪري چوندا ته ”افيضوا علينا من الماءِ“ (يعني،
ڏيو اسان کي ان مان ٿورو پاڻي)، ڇو نه ڀلا هنن کي
افسوس ۽ پشيماني ٿيندي، جو قيامت ۾، عارفن ۽ عابدن
تي قسمين قسمين سعادتون، ايتري قدر نازل ٿينديون،
جو دنيا جي سڄيءَ عمر جون نعمتون انهن جي هڪڙي
گهڙيءَ جي مقبالي ۾، ڪي به ڪين هونديون، بلڪه سڀ
کان پوءِ، جنهن کي دوزخ مان ڪڍندا، انهيءَ کي به
دنيا کان ڏهوڻيون نعمتون زياده ڏيندا. انهن نعمتن
جي، دنيا سان ڪابه مشابهت يا ماپ يا اندازو
ڪونهي، بلڪه نعمت جي، روح ۾ مشابهت آهي، ۽ خوشي ۽
لذت، نعمت جو روح آهي. جيئن چوندا آهن ته قيمت ۾
هڪڙو موتي، ڏهن اشرفين جي برابر آهي ۽ روح، مال
آهي، نه ماپ يا پيمائش ۾.
فصل تيرهون
تو، روحاني باهه جا ٽيئي قسم معلوم ڪيا،
هاڻي، ڄاڻ، ته اها باهه، جسماني باهه کان گهڻو تيز
آهي، ڇالاءِ جو جيسين، تڪيلف۽ درد جو اثر، روح يا
جان کي نٿو پهچي، تيسين بدن جي حقيقت جي تڪيلف،
جان ۾ پهچڻ ڪري، زياده ٿي ٿئي، جا باهه ۽ تڪليف،
جان منجهان ٻاهر ٿي اچي، سا ضرور، جسماني ۽ باهه
کان تيز هوندي. هيءَ باهه، جان جي اندر ئي اندر
لڳي ٿي؛ ٻاهران، اندر نٿي وڃي.طبيعت جي خواهش جي
رخلات، اُن تي ڪنهن به شيءِ جو غالب ٿيڻ تڪليف جو
سبب ٿو ٿئي ۽ بدن جي طبيعي خاصيت اها آهي، ته
اُن جي ترڪيب، اُن سان رهي ۽ ان جا عضوا، سڀ گڏ
رهن، جڏهن زخم جي ڪري، هڪڙو عضوو، ٻئي کان ڌار
ٿيندو، تڏهن اها ڳالهه، بدن جي طبيعي خاصيت جي
برخلاف ٿيندي، تنهن ڪري بدن ۾ درد ٿيندو ۽ زخم،
هڪڙي عضوي، کي ٻئي کان جدا ڪري ٿو.انهيءَ طرح،
باهه به سڀني عضون ۾ گهڙي وڃي ٿي ۽ هڪڙي کي،ٻئي
کان ڌار ڪري ٿي،تنهن ڪري، هر هڪ عضوي ۾، ڌار ڌار
درد ٿو ٿئي. انهيءَ ڪري، باهه جو درد، تمام سخت
آهي. تنهن ڪري جا شيءِ دلجي طبيعي خاصيت آهي،
انهيءَ جو ضد، جڏهن جاءِ وٺندو، تڏهن روح کي، ڏاڍو
درد يا عذاب ٿيندو. خدا جو ديدار ۽ خدا جي معرفت،
دل جي طبيعت خاصيت آهي. انڌائي ۽ جهل، ان جو ضد
آهي. اهو جڏهن غالب ٿيندو، تڏهن دل کي،نهايت گهڻو
عذاب ۽ درد پهچندو. جيڪڏهن ماڻهن جي دل، هن جهان
۾ بيمار نه ٿئي ها،، ته موت کان پهرين، انڌائيءَ
جي تڪيلف کڻن ٿا. جڏهن هٿ پير، بيڪار ۽ نستا ٿي
پون ٿا. تڏهن انهن کي، باهه لڳڻ ڪري، ماڻهو کي
ڪابه خبر نٿي پوي. جڏهن اها ساڻائي، نڪري وڃي ٿي
۽ بدن ۾ باهه چٽي ٿي ۽ معلوم ٿئي ٿي، تڏهن هڪدم،
ماڻهوءَ کي ڏاڍو عذاب ٿو اچي، انهيءَ طرح، دنيا ۾
دل، بيڪار ۽ ساڻي ٿي پوي ٿي، ۽ موت جي ڪري، ان جي
ساڻائي نڪري وڃي ٿي. تنهن ڪري، هڪدم اها باهه، جان
مان نڪري، ظاهر ٿئي ٿي، ٻاهران ڪٿان به نٿي اچي،
ڇالاءِ جو اُها باهه، دل جي دل ۾ هئي، ماڻهو، اُها
پاڻ سان کنيو وتيو. هُن کي، علم اليقين نه هو،
تنهن ڪري، باهه نٿي ڏٺائين، هاڻي، جڏهن علم
اليقين حاصل ٿيس،تڏهن انهيءَ باهه جي خبر پيس.
”ڪَلاّلُو تَعلمون علمَ اليقَينِ لَتَروَن
الجَحيِم“ (يعني، جيڪڏهن، علم يقين ڄاڻوها ته بهتر
هو،جو دوزخ ته ڏسو ها! پوءِ اوهان کي، پورو يقين
ٿئي ها).
ان جي به اهائي معنيٰ آهي ۽ شرع ۾ اڪثر،
جسماني بهشت ۽ دوزخ جو بيان آهي. انهيءَ جو سبب
هيءُ آهي، ته اهي سڀ، ماڻهو معلوم ڪري سگهن ٿا. ۽
روحاني دوزخ جو، جنهن جي اڳيان تون بيان ڪرين ٿو،
اهو ان کي خسيس ڄاڻي ٿو ۽ ان جي سختيءَ ۽
گهڻائيءَ کي نٿو سڃاڻي. جهڙيءَ طرح، ڪنهن ڇوڪر کي
تون چوين، ته لکڻ پڙهڻ، سک، نه ته تنهنجي رياست ۽
تنهنجي پيءُ جي دولت، توکي نه ملندي، ۽ تون
انهيءَ سعادت کان نااُميد رهجي ويندين، پر ڇوڪر
اهو تنهنجو چوڻ نه سمجهندو ۽ انهيءَ ڳالهه جو، هن
جي دل تي ڪوبه اثر نه ٿيندو، ليڪن جيڪڏهن تون ان
ڇوڪري کي چوندين ته جي تون نه پڙهندين ته استاد
تنهنجا ڪن مروڙيندا، ته انهيءَ ڳالهه کان ڇوڪر
البته ڊڄندو، ڇالاءِ جو اها سزا، هو چڱي طرح سمجهي
ٿو.انهيءَ طرح، جسماني دوزخ، حق آهي ۽ خداوند ڪريم
جي درگاهه کان نااُميديءَ جي باهه به حق آهي.
جهڙيءَ طرح، گوشمالي، رياست ۽ دولت کان نااُميد
ٿيڻ جي مقابلي ۾ ڪي به ڪين آهي ۽ تمام خسيس سزا
آهي، تهڙيءَ طرح، جسماني دوزخ به، روحاني دوزخ جي
مقابلي ۾،تمام هلڪو عذاب آهي.
فصل چوڏهون
شايد تون چوندين، ته جيڪي عالمن چيو آهي،
۽ پنهنجي ڪتابن ۾ لکيو آهي، انهيءَ جي برخلاف،هيءُ
بيان آهي، ڇالاءِ جو، هنن چيو آهي، ته فقط تقليد ۽
ٻڌڻ ۽ وسهڻ سان ماڻهو، هي ڳالهيون معلوم ڪري سگهي
ٿو. عقل ۽ بصرت جو، انهيءَ ۾ ڪوبه دخل ڪونهي.
انهيءَ جو جواب هيءُ آهي، ته عالمن جو عذر، جيڪو
اسين اڳئي بيان ڪري چڪا آهيون ۽ هيءَ ڳالهه،
انهيءَ جي برخلاف ناهي، ڇالاءِ جو آخرت جي بيان ۾،
جيڪي عالمن چيو آهي، سو سچ آهي، ليڪن، هو،
محسوسات يا ظاهري اسباب ۾ رهيا آهن، روحانيات کي
هُنن، سڃاتو آهي، يا جي سڃاتو اٿن، ته انهن جو
بيان نه ڪيو اٿن، جو اڪثر ماڻهو، اُهو نه سمجهندا
آهن ۽ جيڪي جسماني حالتون آ هن، سي شرع وارن جي
تقليد ۽ انهن جي بيان ٻڌڻ کانسواءِ معلوم ٿي نه
سگهنديون، ليڪن هيءُ ٻيو قسم، روح جي حقيقت جي
معرفت جي شاخ، آهي. انهيءَ جو ڄاڻڻ به، بصرت ۽
باطني مشاهدي جي رستي ٿيندو آهي. انهيءَ جي مرتبي
کي، اهو سڃاڻي ٿو، جو پنهنجي وطن کان نڪري، پنهنجي
ڄمڻ جي جاءِ ۾ نه رهي ۽ دين جي واٽ جو سفر اختيار
ڪري. هتي، وطن ۽ ڄمڻ جي جاءِ مان، شهر ۽ گهر مراد
ناهي، ڇالاءِ جو اهو، بدن جو وطن آهي ۽ بدن جو
سفر، ڪي به ڪين آهي، ليڪن روح، جو آدميءَ جي حقيقت
آهي، تنهن جو به هڪڙو رهڻ جو هنڌ آهي، يعني جتان
هو آيو آهي. اهوئي ان جو وطن آهي. اتان روح، سفر
ڪري آيو آهي ۽ رستي ۾ اُن کي گهڻيون ئي منزلون
ڪرڻيون ٿيون پون. هر هڪ منزل، هڪڙو علحدو عالم
آهي. پهرين منزل، پهرين منزل، عالم محسوسات (يعني
حواسن جو) آهي؛ پوءِ عالم مخيلات (يعني، خيال جو
آهي، پوءِ عالم موهامات (يعني وهم جو) آهي، پوءِ
عالم معقولات (يعني عقل) جو آهي. انهيءَ چوٿينءَ
منزل يا عالم ۾، روح کي، پنهنجيءَ حقيقت جي خبر ٿي
پوي. تنهن کان اڳتي، هن کي، ٻي ڪابه خبر نٿي پوي.
هيٺئين هڪڙي ئي مثال مان، ماڻهوءَ کي، انهن چئني
عالمن جي سمجهاڻي ملي سگهي ٿي.
مثال:
جيسين ماڻهو، عالم محسوسات ۾ آهي، تيسين پروانن يا
پتنگن جي درجي تي آهي، جي پاڻ کي، شمع تي
ڪيرائيندا آهن، ڇالاءِ جو، پرواني کي، ڏسڻ جي سگهه
آهي، ليڪن خيال، يا ياد رکڻ جي قوت نه اٿس، جو
اونداهيءَ کان ڀڄڻ جي ڳڙ کي ڳولي ٿو ۽ شمع يا
بتيءَ کي، ڳڙ کي يا دري سمجهي، ان تي ڪري ٿو. ان ۾
باهه ڏسي ٿو، پر اُها تڪليف، ان کي، ياد نٿي رهي ۽
اُن جو ڪوبه خيال نٿو رهيس، هن ڪري، جو هن کي خيال
۽ يادگيريءَ جي قوت ڪانهي ۽ انهيءَ بتيءَ تي، اهو
پهتو ئي نه آهي، تنهنڪري، بتيءَ تي، ذري ذري ڪري
ٿو يا مري پوي ٿو. جيڪڏهن ان کي، خيال ۽ يادگيريءَ
جي قوت هجي ها، ته هڪڙي ڀيري، جڏهن تڪليف پهتي
هيس، تڏهن وري، بتيءَ وٽ نه اچي ها، ڇالاءِ جو،
ٻيا جانور، جڏهن هڪ دفعي مار کائين ٿا، تڏهن هو
ياد رکن ٿا ۽ ٻيو ڀيرو، لڪڻ ڏسي، ڀڄي وڃن
ٿا.ماڻهوءَ جي پهرين منزل، عالم، محسوسات آهي.
ٻي منزل:
عالم مخيلات يا خيالات جو عالم آهي. جيستائين
ماڻهو،هن درجي تي رهي ٿو، تيسين مرن ۽ حيوانن جي
برابر آهي. جن شين مان ان کي ايذاءُ پهچي، تنهن جي
پهرين ته خبر ڪانه ٿي پويس ته انهيءَ کان ڀڄڻ
گهرجي، پر جڏهن هڪڙو ڀيرو ايذاءُ سهي ٿو، تڏهن
ٻيو ڀيرو انهيءَ کان ڀڄي ٿو.
ٽين منزل:
عالم موهامات آهي. جڏهن انهيءَ درجي تي ماڻهو اچي
ٿو، تڏهن، ٻڪريءَ ۽ گهوڙي جي برابر ٿئي ٿو، سواءِ
ايذاءَ سهڻ جي ڀڄي ٿو ۽ پرينديئي، پنهنجن دشمنن کي
سڃاڻي ٿو، هن ڪري، جو جنهن ٻڪريءَ يا رڍ، بگهڙ
کي ڪڏهن به نه ڏٺو آهي ۽ جنهن گهوڙي، ڪڏهن شينهن
نه ڏٺو آهي، سي جڏهن پريند پئي، بگهڙ ۽ شينهن ڏسن
ٿا، تڏهن انهن کان ڀڄن ٿا ۽ انهن کي، پنهنجو دشمن
سمجهن ٿا، ليڪن ڏاند، اُٺ ۽ هاٿي، جي بگهڙ ۽ شينهن
کان قد ۾ تمام وڏا آهن، سي انهن کان نٿا ڀڄن. اها
سمجهه، خدا، انهن کي باطن ۾ ڏني آهي،.انهيءَ
هوندي، به، جا شيءِ، سڀاڻي ٿيڻ واري آهي، تنهن کان
نٿا ڀڄن، جو اهو رتبو، چوٿينءَ منزل ۾ حاصل ٿو
ٿئي.
چوٿين منزل:
عالم، معقولات جي منزل آهي. هيستائين ماڻهو،
جانورن جي قطار ۾ آهي. جڏهن هن منزل تي پهچي ٿو،
تڏهن جانورن جي حد کان لنگهي وڃي ٿو. حقيقت ڪري
ماڻهو هتي، عالم، انسانيت جي شروعات ۾ پهچي ٿو، ۽
اهڙيون شيون ڏسي ٿو، جن ۾ خيال ۽ وهم جو ڪوبه دخل
ڪونهي ۽ جيڪي آئيندي ٿيڻو آهي، انهيءَ کان گوشو
ڪري ٿو ۽ ڪمن جي حقيقت کي،انهن جي صورت کان ڌاري
ڪري ٿو ۽ سڀ شيءِ جي حقيقت، جا سڀني صورتن سان
شامل رهي ٿي، تنهن کي پهچي ٿو. ۽ جيڪي شيون، هن
عالم ۾ ڏيکائي ڏين ٿيون، سي گهڻيون نه آهن،
ڇالا:ءِ جو جيڪا شيءِ، محسوس آهي يا حواسن سان
معلوم ٿي سگهي ٿي، سا جسم کان ٻاهر ناهي ۽ جسمن
کي،نهايت يا پڄاڻي آهي، عالم محسوسات ۾، ماڻهوءَ
جو موٽڻ ۽ هلڻ، اهڙو آهي، جهڙو زمين تي هلڻ،
ڇالاءِ جو سڀڪو، ائين ڪري سگهي ٿو ۽ گهمي ڦري سگهي
ٿو ۽ چوٿين عالم ۾“ يعني معقولات جي عالم ۾،
ماڻهوءَ جي هلڻ، شين جي حقيقتن ۽ روحن جي تلاش جي
لاءِ ٿو ٿئي، ۽ اُهو، اهڙو آهي، جهڙو ٻيڙيءَ ۾
ويهڻ، جو پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ۾ ان جو درجو آهي،
معقولات جي درجي جي پريان، ٻيو هڪڙو درجو يا منزل
آهي، جتي انبياء ۽ اولياء ۽ صوفي رهن ٿا. انهيءَ
جو مثال اهڙو آهي، جهڙو هوا ۾ پرواز ڪرڻ ۽ سير
ڪرڻ. اهوئي مضمون هو، جنهن بابت، رسول الله صلي
الله عليه وآله وسلم جن کي ماڻهن، عرض ڪيو ته
عيسيٰ عليه السلام، پاڻيءَ تي هلندو هو ڇا؟ پاڻ
فرمايائون ته هائو! ”ولو ازداد يقينا لمشيٰ في
الهواءِ“ (يعني، جيڪڏهن هُن جو يقين، اڃا به
زياده هجي ها ته جيڪر هو، هوا تي به هلي ها). تنهن
ڪري، ماڻهوءَ جي سفر جون منزلون، عالم، ادراڪ ۾
آهن. جڏهن آخرين منزلن تي پهچي ٿو، تڏهن، ملائڪن
جي مرتبي تي رسي ٿو. تنهن ڪري، چوپاين جانورن جو،
جيڪو آخري يا هيٺيون درجو آهي، انهيءَ کان وٺي،
ملائڪن جي اعليٰ درجي تائين، ماڻهوءَ جي معراج يا
چڙهڻ جون منزلون آهن ۽ هيٺ مٿي، اچڻ وڃڻ، سڀ هن جو
ڪم آهي ۽ هو، انهيءَ خطري ۾ آهي، ته اسفل السافلين
۾ ڪري ٿو يا اعليٰ عليين تي چڙهي ٿو. انهيءَ خطري
جو، قرآن شريف ۾، حق تعاليٰ طرح ارشاد فرمايو آهي
ته:
”انا ع رضنا الا امانة علي السموات و الارض و
الجبال فابين ان يحملنها و اشفقن منها و حملها
الانسان انه ڪان ظلوما جهولا“ (يعني، اسان ڏيکاري
امانت آسمان ۽ زمين ۽ جبلن کي، ته، سڀني ان جي
کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا، ۽ انسان،
اُها کڻي ويو. تحقيق! هو نهايت ظالم ۽ جاهل آهي).
هن ڪري، جو جيڪي جمادات آهن، انهن جو درجو،نٿو
بدلجي، جو اهي بيخبر آهن. تنهنڪري، جمادات کي خطرو
نه آهي ۽ ملائڪ، اعليٰ عليين ۾ آهن. انهن جو،
انهيءَ درجي کان لهڻ، ممڪن ناهي، بلڪه سڀڪنهن جو
درجو، انهيءَ تي تعلق آهي. جيئن قرآن ۾ آيو آهي،
جو حق تعاليٰ، ملائڪن جو قول نقل ڪيو آهي ته:
”و مامنا الااله مقام معلوم“ (يعني، نه آهي اسان
مان ڪو، مگر ان جي لاءِ مقام مقرر آهي).
۽ چوپايا جانور، اسفل السافلين ۾ آهن ۽ انهن جو
چڙهڻ ممڪن ناهي ۽ انسان، ٻنهي درجن جي وچ ۾ آهي ۽
خطري جي جاءِ ۾ آهي، ڇالاءِ جو هن کي، ملائڪن جي
درجي تي چڙهڻو آهي ۽ جانور جي درجي تي لهڻو آهي.
ٻئي، هن جي لاءِ ممڪن آهن، ۽ امانت کڻڻ جي اهائي
معنيٰ آهي ته خطري وارو ڪم، هن پنهنجي ذمي ڪيو
آهي. تنهن ڪري ممڪن ناهي ته ماڻهوءَ کان سواءِ،
انهيءَ امانت جو بار، ٻيو ڪو کڻي سگهي. هن بيان
مان، مطلب هيءُ آهي ته هو، جو تو چيو ٿي ته اڪثر
ماڻهو، ائين نٿا چون، تنهنجو حال، توکي معلوم ٿئي
ته هنن جو ائين چوڻ، ڪا عجب جي ڳالهه ناهي،
ڇالاءِ جو مسافر هميشه، مقيم جو ضد آهي. مقيم گهڻا
آهن؛ ليڪن مسافر ٿورا آهن. محسوسات ۽ مخيلات، جي
پهريون منزلون آهن، سي جو شخص، پنهنجو وطن
بنائيندو ۽ اتي ئي جاءِ ڪري ويهي رهندو ته انهيءَ
کي، ڪمن جي حقيقت بالڪل معلوم نه ٿيندي ۽ اهو شخص،
ڪڏهن به روحاني نه ٿيندو ۽ ڪمن جي روحن ۽ روحانيات
کي، ڪڏهن به نه ڄاڻندو. انهيءَ ڪري، انهيءَ جو
بيان، ڪتابن ۾ تمام گهٽ آيل آهي. آخرت جي معرفت
بابت، ايتري بيان تي، اسين ڪفايت ڪريون ٿا. انهيءَ
کان وڌيڪ، ماڻهن کي، انهيءَ جي سمجهه به نه پوندي.
فصل پندرهون
گهڻا احمق ماڻهو، جن کي نه اها قوت آهي،
ته ڪمن کي، پنهنجي بصيرت ساڻس سڃاڻن ۽ نه اها
توفيق آهي ته شريعت سان اهي مڃن. اُهي، آخرت جي
ڪمن ۾“ موڙهل آهن ۽ مٿن، سڪ غالب آهي ۽ ٿئي ائين
ٿو، ته جڏهن خواهش، مٿن غالب ٿئي ٿي ۽ آخرت کان
انڪار ڪرڻ، انهن کي پسند اچي ٿو، تڏهن هُنن جي دل
۾، اهو انڪار پيدا ٿئي ٿو ۽ انهيءَ کي شيطان پيو
وڌائي ۽ هو سمجهن ٿا ته دوزخ بابت جيڪي چيل آهي،
سو فقط ڊيڄارڻ لاءِ آهي ۽ بهشت جي لاءِ، شريعت ۾
جيڪي چيل آهي، سو فقط ٺڳارڻ لاءِ آهي. انهيءَ ڪري،
خواهشن جي پيروي ڪرڻ مشغول ٿا رهن ۽ شريعت کان
انڪار ٿا ڪن، ۽ شرع وارن کي، حقارت جي نظر سان ٿا
ڏسن، هي احمق سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ته اُهي ماڻهو اڻ
ڄاڻ ۽ مست آهن. اهڙن نادانن کي، اها طاقت ڪٿي
آهي، ته اهڙين ڳجهين ڳالهين کي، حجت ۽ دليل سان
سمجهي سگهن؟ اهڙي هڪڙي احمق کي، هڪڙيءَ ظاهريءَ
ڳالهه بابت ويچار ڪرڻ لاءِ سڏڻ گهرجي ۽ چوڻ گهرجي
ته جيتوڻيڪ توکي، اهو پڪو شڪ آهي، ته هڪ لک چوويهه
هزار پيغمبر ۽ سڀ حڪيم ۽ علماء ۽ اولياء غلط آهن
۽ سڀ ٺڳجي ويا آهن ۽ تون ايتري نادانيءَ ۽ هٺ
هوندي، اهو راز سمجهين ٿو، تڏهن به امڪان آهي، ته
تون ئي غلط هجين ۽ ٺڳيو هجين ۽ آخرت جي حقيقت
کي، تو نه ڄاتو هجي ۽ روحاني عذاب کي، نه سمجهيو
هجئي ۽ عالم، محسوسات مان، روحانيت جي مثال جو
طرز، تو معلوم نه ڪيو هجي. جيڪڏهن هو، اهڙو نادان
آهي، جو ڪنهن به طرح، پنهنجي غلطي نه قبولي ۽ چوي
ته جهڙيءَ طرح، آءٌ، ٻن کي، هڪڙي کان زياده ٿو
ڄاڻان، تهڙيءَ طرح، هيءُ به ٿو ڄاڻان، ته روح، ڪي
به ڪين آهي ۽ انهيءَ کي، ڪوبه بقا ناهي ۽ روحاني
توڙي جسماني رنج ۽ راحت جو امڪان ڪونهي. ته اهڙي
شخص جي طبيعت، بگڙي وئي آهي ۽ انهيءَ کان،
نااُميد ٿيڻ گهرجي. اهو، انهن ماڻهن مان آهي، جن
بابت، حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”و ان تدعهم الي الهديٰ قلنم يهتدوا اذا ابتدا“
(يعني، جيڪڏهن تون هنن کي، هدايت ۽ سنئين رستي
ڏانهن سڏين ته هو، ڪڏهن به ڪين ايندا).
۽ جيڪڏهن هو چوي، ته جي ڪمن جي محال هئڻ جو مون کي
يقين ڪونهي، اگرچه ممڪن آهي، ته به عقل کان بعيد
آهي ۽ جڏهن انهيءَ ڳالهه جي مون کي پڪ ڪانهي ته
اُن جو پڪ شڪ آهي، تڏهن پنهنجي سڄي عمر، پاڻ کي
پرهيزگاريءَ جي ڪوٺيءَ ۾، ڇو بند ڪريان ۽ دنيا جي
لذتن کان ڇو پاڻ کي روڪيان؟ ته انهيءَ کي، اسين
هيءُ جواب ڏينداسين ته هاڻي، تو ايترو قبول
ڪيو،تنهن ڪري توتي عقل جي رستي واجب ٿيو، ته شريعت
جي واٽ وٺين، ڇالاءِ جو جڏهن گهڻي خوف خطري جو
گمان ضعيف هجي، ته به ماڻهو، انهيءَ کان پري ڀڄندا
آهن. مثلاً جيڪڏهن تون ڪو طعام کائڻ گهرين ۽ ڪو
چوي ته انهيءَ ۾ نانگ وات وڌو آهي، ته هڪدم تون هٿ
روڪي وٺندين. جيتوڻيڪ اهو گمان گذري ٿو، ته انهيءَ
ماڻهوءَ، ڪوڙ ڳالهايو هوندو، انهيءَ لاءِ، ته جي
تون نه کائين، ته پوءِ، هو پاڻ کائي. تڏهن به اها
ڳالهه ممڪن آهي، ته هن سچ چيو هجي. تنهڪري تون،
پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪرين ٿو، ته اهو طعام نه
کان، انهيءَ کان، بک ۾ رهڻ جي تڪليف کڻڻ آسان آهي،
جو متان آءٌ کان ۽ سچ هجي ۽ آءٌ مري پوان. ساڳيءَ
طرح، جي تون بيمار هجين ۽ مري وڃڻ جو خطرو هجي، ۽
تعويذ لکڻ وارو چوي، ته هڪڙي رپئي جيتري چاندي
ڏي، ته تنهنجي چڱي ڀلي ٿيڻ لاءِ، ڪاغذ تي، توکي
هڪڙو تعويذ لکي ڏيان ۽ نقش ڪڍي ڏيان، هاڻي،
جيتوڻيڪ، توکي پڪو گمان به هجي ته نقش جو،
تندرستيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي، تڌهن به تون، دل ۾
چوندين، ته شايد، هيءُ سچ به چوندو هجي ۽ هڪڙو
رُپيو ڏيڻ سولو آهي. يا جيڪڏهن نجومي چوي، ته
جڏهن فلاڻيءَ جاءِ تي ڍنڊ آهي، يا جيڪڏهن نجومي
چوي، ته جڏهن فلاڻيءَ جاءِ تي چنڊ اچي، تڏهن فلاڻي
دوا کاءُ، ته چڱو ڀلو ٿين. هن جي چوڻ تي، انهيءَ
دوا پيئڻ جي تڪليف، تون کڻندين. دل ۾ چوندين ته
شايد هيءُ سچ چوندو هوندو ۽ جيڪڏهن ڪوڙ به کڻي
چوندو هجي، ته به دوا پيئڻ جي تڪليف آسان آهي.
هاڻي، هڪ لک چوويهن هزارن پيغمبرن جو قول ۽ دنيا
جي هيترن بزرگن، يعني حڪيمن ۽ عالمن ۽ اوليائن جو،
انهيءَ قول تي اعتبار وارو ٿيڻ“ ڪنهن عقل واري جي
اڳيان، نجوم يا تعويذ لکڻ واري يا هڪڙي آتش پرست
طبيب جي قول کان گهٽ نه هوندو! هن جي چوڻ تي، تون
ٿوري تڪليف، پاڻ تي هموار ڪرين ٿو، انهيءَ لاءِ
جيڪا به وڏي تڪليف آهي،تنهن کان ڇٽين ۽ ٿورو رنج
۽ نقصان، گهڻي رنج ۽ نقصان جي بنسبت، گهڻو گهٽ
معلوم ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو حساب ڪري، ته دنيا جي عمر
ڪيتري آهي، ته معلوم ٿيندس، ته دنيا ۾، شريعت تي
هلڻ جي ٿوري تڪليف ڪڍڻ، انهيءَ وڏي خطري کان گهڻو
گهٽ آهي،جنهن جي خيال کان تون، پنهنجيءَ دل ۾ چوين
ٿو ته نبي (صلعم) ۽ ٻيا بزرگ ماڻهو، سچ چوندا هجن
۽ آءٌ، اهڙي ئي سخت عذاب ۾، جهڙو هو چون ٿا، هميشه
لاءِ گرفتار ٿي پوان، ته پوءِ ڪيئن ڪندس؟ ۽ دنيا
جي ٿوري وقت جي راحت مان، مون کي ڪهڙو فائدو
پهچندو؟ ۽ امڪان آهي ته اهي بزرگ، سچ چوندا هجن،
”ابد“ جي هيءَ معنيٰ آهي، ته جيڪڏهن ساري جهان کي،
ٻاجهريءَ (چيڻي) جي داڻن سان کڻي ڀرجي ۽ هڪڙيءَ
جهرڪيءَ کي چئجي ته، هزار هزار ورهيه ۾، هڪڙو
هڪڙُو چڳندي وڃي، ته اُهي سڀ داڻا کٽي ويندا، پر
ابد مان، ڪجهه به گهٽ نه ٿيندو. جيڪڏهن ايتري مدت،
خواه روحاني، خواه جسماني، خواه خيالي عذاب هجي،
ته ڪهڙيءَ طرح برداشت ڪري سگهجي ٿو ۽ دنيا، ان جي
مقابلي ۾ ڪهڙي شيءِ آهي؟ ڪوبه عقلمند، اهڙو نه
هوندو، جو هن بابت غور ڪري ۽ ايترو نه سمجهندو
هجي ته هيءَ ڳالهه، کڻي وهم ئي هجي، انهيءَ کان
بچڻ ۾ بالفعل، تڪليف جي پڪ آهي، تڏهن به اهڙي وڏي
خطري کان بچڻ يا احتياط ڪرڻ واجب آهي. هن ڪري،
جيڪي ماڻهو، واپار جي لاءِ، جهاز ۾ ويهن ٿا ۽ وڏا
وڏا سفر ڪن ٿا ۽ گهڻيون تڪليفون ڪڍن ٿا، ايتري
محنت ۽ ميصبت، فقط نفعي جي گمان ۽ اميد تي ٿا
ڪڍن. تڏهن جيتوڻيڪ، انهيءَ احمق کي، آخرت جي عذاب
جي پڪ نه آهي، ته به تمام ضعيف گمان ته اٿس! ته
پوءِ، جيڪڏهن پنهنجي حال تي، ذرو زياده مهرباني
ڪندو، ته پرهيزگاريءَ جو بار کڻي ويندو. انهيءَ
ڪري، حضرت علي عليه السلام، هڪڙي ڏينهن، هڪ ملحد،
يعني خدا جي منڪر سان بحث ڪيو ۽ فرمايو ته جي
ائين ئي آهي، جيئن تون ٿو چوين، يعني (نعوذ
بالله) خدا، آهي ئي ڪونه، ته پوءِ، تون به بچي
وئين ۽ آءٌ به بچي ويس. پر جي ائين ئي آهي، جيئن
آءٌ ٿو چوان، يعني ذاتي باريءَ جو وجود بيشڪ آهي،
ته پوءِ، آءٌ يقينا بچي ويس ۽ تون ڦاسجي وئين ۽
هميشه جي عذاب ۾ رهئين. هيءَ ڳالهه، جيڪا
اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جن فرمائي، سا
هن ڪري نه هئي، ته کين، جناب باريءَ جي ذات ۾ ڪو
شڪ هو، بلڪه ائين چوڻ، ان ملحد جي عقل مطابق هو،
ڇو جو پاڻ سمجهي ويا هئا، ته يقين جي راه، هن
ملحد جي سمجهه ۾ نٿي اچي، سگهي. انهيءَ بيان مان،
ايترو معلوم ٿيو، ته جو شخص، دنيا ۾، آخرت جي سمر
کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن سان مشغول آهي ته هو، وڏو
احمق آهي. غفلت ڪرڻ ۽ آخرت جي ڪمن ۾ فڪر نه ڪرڻ،
انهيءَ احمقائيءَ جو سبب آهي، ڇالاءِ جو، دنيا جي
خواهش، هن کي ايتري مهلت ئي نٿي ڏئي ته هو، آخرت
جي ڪمن بابت، ڪو فڪر ڪري، نه ته جنهن کي، آخرت جي
عذاب جو يقين آهي ۽ جنهن کي، پڪو گمان آهي ۽ جنهن
جو ايمان ضعيف آهي. انهن سڀني تي، عقل جي ڪري واجب
آهي، ته هن وڏي خطري کان ڊڄن ۽ احتياط جو رستو
وٺن. ”والسلام عليٰ من اتبع الهديٰ“ (يعني، جيڪو
پيروي ڪندو هدايت جي، انهيءَ تي سلامتي ۽ سلام
آهي).
مسلمانيءَ جي عنوان جو بيان پورو ٿيو ۽
نفس جي معرفت، حق جي معرفت، دنيا جي معرفت ۽ آخرت
جي معرفت جو زڪر، هاڻي انشاء الله تعاليٰ، اسين،
مسلمانيءَ جي معاملات جي ارڪانن جو بيان، هن ڪتاب
جي ٻئي ڀاڱي ۾ شروع ڪنداسين. |