فصل ڏهون
هاڻي، شايد تون چوندين، ته ماڻهوءَ ۾،
چوپاين ۽ جهنگلي جانورن ۽ شيطانن جون صفتون آهن،
تڏهن اسان کي ڪيئن خبر پوي، ته ملائڪي يا ملائڪ
پڻ، اُن جي اصلي يا ذاتي صفت آهي ۽ ٻيون سڀ صفتون،
عارضي يا عاريتي آهن ۽ ڪهڙيءَ طرح معلوم ٿئي ته
ماڻهو، ملائڪن جي اخلاقن حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو
آهي، نه ٻين صفتن جي لاءِ؟ تنهن جو جواب ٻُڌ، ته
توکي خبر پوي، ته ماڻهو، چوپاين ۽ جهنگلي جانورن
کان زياده شريف ۽ ڪامل آهي. خدا، هر ڪنهن شيءِ کي
ڪماليت ڏني آهي ۽ اُهائي، اُن جو نهايت وڏو درجو
آهي ۽ انهيءَ لاءِ، ان کي پيدا ڪيو اٿس، انهيءَ جو
مثال هيءُ آهي ته گهوڙو، گڏهه کان زياده شريف يا
عزت وارو آهي، ڇالاءِ جو گڏهه، بار کڻڻ لاءِ پيدا
ٿيو اهي ۽ گهوڙو،. جنگ ۽ جهاد ۾ ڊوڙائڻ لاءِ،
انهيءَ لاءِ ته چڙهيءَ کان پوءِ، ان کي جيئن دل
چوي، تئين لائجي، پر اهو گڏهه، وانگي، بار کڻڻ جي
به طاقت رکي ٿو، تنهن ڪري انهيءَ کي، گڏهه کان
زياده شرف ۽ ڪمال ميلو آهي. جيڪڏهن هو، پنهنجي
ڪمال کان عاجز ٿيندو ته هن کي، گڏهه وانگي لڏيندا
۽ اهوئي درجو ملندس، جنهن ۾ هن جي خرابي ۽ نقصان
آهي.انهيءَ طرح، ڪي ماڻهو سمجهندا آهن ته آدمي
کائڻ ۽ پيئڻ ۽ سمهڻ ۽ جمع ڪرڻ جي لاءِ پيدا ٿيا
آهن ۽ پنهنجي عمر، انهن ڪمن ۾ وڃائيندا آهن، ۽ ڪي
ڄاڻندا آهن ته آدمي، ٻين شين جي جيتڻ ۽ زير ڪرڻ
لاءِ پيدا ٿيا آهن، جيئن ته عرب، ترڪ ۽ ڪرد. اهي
ٻئي خيال غلط آهن، ڇالاءِ جو کائڻ، پيئڻ ۽ جماع
ڪرڻ، شهوت يا خواهش کان ٿا ٿين ۽ اها خواهش،
جانورن کي به ٿئي ٿي، بلڪه اُٺ جو کاڌويا جهرڪيءَ
جو جماع، ماڻهوءَ جي کاڌي ۽ جماع کان زياده آهي،
تڏهن ماڻهو، اُنهن کان وو ۽ بهتر ڇو چئبو آهي؟ ۽
ٻئي کي جيتڻ ۽ ماري مڃائڻ، غصي ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿو
ٿئي ۽ غصو، ته جهنگلي جانورن ۾ به آهي. تنهن ڪري،
جيڪي جانورن کي مليو آهي، سو ماڻهوءَ کي به مليو
آهي، پران کان سواءِ، ماڻهوءَ کي ڪمال به عنايت
ٿيو آهي. اهو ڪمال، عقل آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو،
خدا کي سڃاڻي ٿو ۽ سندس عجيب غريب صفتون ڄاڻي ٿو.
انهيءَ عقل جي ڪري ماڻهو، شهوت ۽ غصي کان پاڻ کي
ڇڏائي ٿو. اهائي صفت، ملائڪن جي آهي ۽ انهيءَ جي
ڪري ماڻهو، سڀني جانورن تي غالب آهي ۽ اهو ئي سڀ
توڙي ٻيو، جيڪي روح زمين تي آهي، سو ماڻهوءَ جو
مطيع آهي، جهڙيءَ طرح خدا تعاليٰ فرمايو آهي:
”و سخر لڪم ما في الارض جميعا“ (يعني،ان مطيع ڪيو
اوهان لاءِ، جيڪي زمين ۾ آهي).
ماڻهوءَ جي حقيقت اهائي صفت آهي، جنهن مان
هن کي، ڪمال حاصل ٿو ٿئي ۽ ٻيون صفتون، رڳيون
عارضي ۽ عاريتي آهن ۽ ماڻهوءَ جي ڪمال جي لاءِ
پيدا ٿيون آهن. تنهن ڪري جڏهن ماڻهو مري ٿو، تڏهن
نه شهوت يا ڪا خواهش رهي ٿي ۽ نه غصو يا ڪاوڙ، يا
هڪڙو جوهر رهي ٿو، جو ملائڪن وانگي، خدا جي معرفت
سان سينگاريل آهي ۽ جو ضرور، ماڻهن سان رفيق ٿي
رهي ٿو ۽ اهو ساڳيو جوهر، ملائڪن سان به رفيق ٿي
رهي ٿو ۽ پوءِ اُهي هميشه، خداجي درگاهه ۾ رهن
ٿا.:
”في مقعد، صدق، عند مليڪ مقتدر“
(يعني،سچائيءَ جي هنڌ ويهن ٿا، انهيءَ بادشاهه جي
اڳيان جنهن جو سڀ تي قبضو آهي).
يا ماڻهوءَ سان هڪڙي شيءِ آنڌي ۽ اُنڌي
رهي ٿي، انڌي يا ڪري هن ڪري آهي، ته گناهن جي سبب،
ان ۾ ڪٽ ۽ ڪارنهن لڳي وئي آهي ۽ اونڌي هن ڪري
آهي، ته ڪاوڙ جي ڪري، ان کي آرام ايندو هو. ڪاوڙ ۽
غصو ته هتي ئي رهيو، پر ان جي دل جو منهن، هن جهان
جي طرف رهندو، ڇالاءِ جو سندس خواهش ۽ مراد ئي هتي
آهي ۽ هيءَ جهان، هن جهان کان هيٺ آهي، تنهن ڪري
جڏهن هُن جهان ۾ هوندو، تڏهن سندس سر، هيٺ ۽
اُونڌو هوندو:
”و لو تريٰ اذا لمجر مون ناڪسو ارئو سهم عند ربهم“
(يعني، جڏهن تون ڏسندين، تڏهن گنهگار ۽ منڪر،
پنهنجي رب“ جي اڳيان، ڪنڌ اونڌا ڪريو پيا هوندا.)
انهيءَ آيت جي به اهائي معنيٰ آهي ۽ جيڪو
اهڙو هوندو، سو شيطانن سان گڏ، ’سجين‘ ۾ ويندو ۽
’سجين‘ جي معنيٰ سڀڪنهن کي معلوم آهي.انهيءَ ڪري
حق تعاليٰ فرمايو ته:
”وما اد راڪ ما سجين“ (يعني، توکي ڇا خبر ته سجين
ڇا آهي؟)
فصل يارهون
دل جي عالمن جي عجائبات جي انتها ئي ڪانهي
۽ دل جي بزرگي ۽ شرافت، انهيءَ ڪري آهي، ته اها
سڀني کان نرالي آهي. گهڻن ماڻهن کي،انهيءَ جي
خبر ڪانهي. دل جي بزرگي، ٻن شين جي ڪري آهي، هڪڙي
علم جي ڪري، ۽ ٻي، قدرت جي ڪري. علم جي ڪري،
بزرگيءَ جا ٻه قسم آهن – هڪڙي کي ساري خلق معلوم
ڪري سگهي ٿي ۽ ٻي، تمام مخفي ۽ عمدي آهي، جنهن
کي ڪوبه سڃاڻي نٿو سگهي. جا بزرگي ظاهر آهي، سا
سڀني علمن ۽ صنعتن جي سڃاڻپ جي قوت آهي ۽ انهيءَ
قوت جي ڪري دل، سڀني صنعتن کي سڃاڻي ٿي ۽ جيڪي
ڪتابن ۾ آهي، اهو پڙهي، معلوم ڪري ٿي، جيئن ته
هندسه، حساب، طب، نجوم، علم شريعت، جيتوڻيڪ دل،
اهڙي شيءِ آهي، جو ٽڪرا ٿي نٿي سگهي، تڏهن به سڀ
علم، منجهس سمائجي وڃن ٿا، بلڪه اُن ۾ سارو عالم
ائين آهي،جيئن ميدان ۾ هڪڙو ذرو. هڪڙي لحظي ۾ هو،
زمين کان آسمان تائين ۽ مشرق کان مغرب تائين،
پنهنجي خيال ۽ حرڪت سان اڏامي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ پاڻ
زمين تي آهي، تڏهن به آسمان ماپي ٿي ۽ سڀني تارن
جي ماپ وٺي، معلوم ڪري سگڀهي ٿي، ته هو، هيترن ڪي
هيترن گزن جي پنڌ تي آهن ۽ مڇيءَ کي، سمنڊ جي تري
مان، تجويز سان ٻاهر ڪڍي ٿي ۽ پکيءَ کي، هوا مان،
زمين تي ڪيرائي وجهي ٿي ۽ هاٿيءَ، اُٺ ۽ گهوڙي
جهڙن زور وارن جانورن کي، پنهنجي تابع ڪري وجهي ٿي
۽ جهان ۾، جيڪي عجيب غريب علم آهن، اُهي سڀ سندس
شغل ۽ ڌنڌا آهن. اهي سڀ، دل کي، پنجن حواسن جي
وسيلي حاصل ٿين ٿا. انهيءَ مان ظاهر آهي، ته سڀني
حواسن جو، دل ڏي رستو آهي ِ۽ وڏي عجب جي ڳالهه
هيءَ آهي، ته جيئن عالم محسوسات يعني عالم
جسمانيءَ جي لاءِ پنج حواس، دل جا پنج دراوازا
آهن، تيئن عالم لڪوت يعني عالم روحانيءَ جي لاءِ،
دل ۾ هڪڙي دري کليل آهي. گهڻا ماڻهو، رڳو عالم
جسمانيءَ کي، حواسن سان معلوم ڪرڻ جوڳو سمجهندا
آهن ۽ رڳو ظاهري حواسن کي، علم جو رستو ڄاڻندا
آهن، مگر حقيقت ڪري، اهو ڪي ڪين آهي. دل جون
دريون، جي عملن جي پاسي کُليون رهن ٿيون، تن بابت
ٻه دليل آهن – هڪڙو خواب يا سپنو، جنهن ۾ سُمهڻ
ڪري، ظاهري حواس بند ٿي وڃن ٿا ۽ دل جي دري، کُليل
رهي ٿي ۽ عالم ارواح ۽ لوح محفوظ ۾، غيب جون
ڳالهيون نظر اچن ٿيون. جيڪي آئيندي ٿيڻو آهي،
اُهو ڏيکاري ڏئي ٿو. يا ته بلڪل صاف طرح ڏسجي ٿو
يا ته مثال ۾ معلوم ٿئي ٿو. جيڪي مثال ۾ نظر اچي
ٿو، تنهن جي تعبير جي ضرورت ٿئي ٿي. ظاهر آهي، ته
جيڪو جاڳندو رهي ٿو، ماڻهو، انهيءَ کي، معرفت جو
زياده مستحق ڄاڻندا آهن، جيتوڻيڪ ڏسن به ٿا ته
جاڳندي، حواسن سان، غيب جي خبر نٿي پوي ۽ خواب جي
حقيقت جو تفصيل، هن ڪتاب ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي،
ليڪن مختصر هيترو ڄاڻڻ گهرجي ته دل، آرسيءَ وانگر
آهي، ۽ لوح محفوظ، انهيءَ آرسيءَ وانگي آهي، جنهن
۾ سڀ موجودات جون تصويرون موجود آهن ۽ صاف آرسيءَ
کي، جڏهن ڪنهن تصوير واري آرسيءَ جي سامهون
جهليندا آهن، تڏهن انهيءَ ۾، اُهي سڀ تصويرون ڏسڻ
۾ اينديون آهن. ساڳيءَ طرح، جڏهن دل، آرسيءَ وانگي
صاف هوندي ۽ محسوسات کان مقابلو پيدا ڪري ٿي، تڏهن
لوح محفوظ ۾، جي سڀ موجودات جون تصويرون موجود
آهن، سي دل ۾ صاف نظر اينديون، پر جيسين دل، ظاهري
محسوسات سان مشغُل رهندي، تيسين عالم روحانيءَ
سان، سندس مناسبت نه ٿيندي. خواب ۾، جڏهن دل،
محسوسات کان بلڪل فارغ ٿئي ٿي، تڏهن خواه مخواه،
عالم روحانيءَ کي ڏسي ٿي، ليڪن خواب ۽ حواس، نڪما
ٿين ٿا، رڳو خيال، باقي رهي ٿو. تنهن ڪري، مثال ۾،
خيال نظر ٿو اچي ۽ صاف احوال نٿو کُلي. جڏهن
ماڻهو، مري وڃي ٿو،تڏهن نڪي حواس باقي رهن ٿا،
نڪي خيال، تنهن ڪري انهيءَ وقت، ڪابه اٽڪ ڪانه ٿي
رهي. سڀ صفائي ٿئي ٿي. اُنهيءَ مهل، ان کي چون ٿا
ته:
”فڪشفنا عنڪ غطائڪ قبصرڪ اليوم حديد“ (يعني، هاڻي
اسان کولي ڇڏي توتان تنهنجي انڌائي، اڄ تنهنجي
نظر تيز آهي)
۽ هو جواب ڏيندو ته:
”ربنا ابصرنا و سمعنا فار جعنا لعمل صالحا انا
موقنون“ (يعني، اي رب، اسان جا! اسان ڏٺو ۽ اسان
ٻڌو. هاڻي اسان کي موٽائي موڪل، ته اسين چڱا ڪم
ڪريون. هاڻي، اسان کي يقين آيو).
عالم ملڪوت جي پاسي، دل جي دريءَ هئڻ جو
ٻيو دليل هيءُ آهي ته ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪونهي، جنهن
جي دل ۾، چڱا خيال ۽ نيڪ خطرا، الهام وانگي نه
ايندا هجن. اُهي، حواسن جي وسيلي نٿا اچن، بلڪه
خود دل جي اندر، پاڻهي پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻهوءَ کي
خبر نٿي پوي ته اهي خطرا، ڪٿان ٿا اچن. مٿئين
بيان مان هيترو معلوم ٿيو، ته سڀ علم، محسوسات جي
وسيلي نٿو حاصل ٿئي ۽ دل، هن ظاهري عالم مان
ناهي، پر عالم روحانيءَ مان آهي ۽ حواس، جي هن
عالم لاءِ پيدا ٿيا آهن، سي خوامخواه، هن علام جي
ڏسڻ ۾ اٽڪ پيدا ڪن ٿا ۽ جيسين، هن عالم مان فارغ
نه ٿيندا، تيسين هُن عالم جو رستو نه لهندا.
فصل ٻارهون
اهڙو گمان نه ڪرڻ گهري ته عالم روحانيءَ
۾، جا دل جي دري آهي، سا سمهڻ ۽ مرڻ کان سواءِ
نٿي کُلي. ائين ناهي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جاڳندي،
رياضت ۽ محنت ڪندو ۽ دل کي شهوت ۽ غصي جي هٿان
ڇڏائيندو ۽ خراب اخلاقن کان پاڪ رکندو ۽ اڪيلي
جاءِ ۾ ويهي، اکيون بند ۽ حواس بيڪار ڪندو ۽ دل کي
عالم روحانيءَ سان، انهيءَ حد تائين مناسبت
ڏيندو، جو هميشه دل سان، نه زبان سان ”الله الله“
چوندو رهندو، بلڪه پاڻ کان،توڙي ساري جهان کان بي
خبر ٿيندو ۽ خدا کان سواءِ، ٻئي ڪنهن جي خبر نه
رکندو ته جاڳندي به، هُن جي دل جي دري کليل رهندي
۽ جيڪي ماڻهو،خواب ۾ ڏسندا، سو هو جاڳندي ڏسندو.
ملائڪن جا ارواح، چڱين صورتن ۾، هن تي ظاهر ٿيندا.
پيغمبرن کي ڏسڻ لڳندو ۽ انهن کان گهڻو فائدو ۽ مدد
حاصل ڪندو. زمين ۽ آسمان جي ملڪوت يا بادشاهي، هن
کي نظر ايندي. جنهن ماڻهوءَ تي اهو رستو کليو، سو
عجيب غريب تماشا ۽ وڏا وڏا ڪم ڏسندو، جن جي
تعريف، امڪان کان ٻاهر آهي. رسول الله صلي الله
عليه واله وسل فرمايو آهي ته:
”رويت ي الارض فاريت مشار قها و مغاربها“
(يعني،ز مين، مون کي ڏيکاري ويئي، پوءِمون ڏٺو،
اُن جي مشرقن ۽ مغربن کي)
۽ جيڪي حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”و ڪذالڪ نري ابراهيم، مدڪوة السمواة و الارض“
(يعني،انهيءَ، طرح، ڏيکاري اسان ابراهيم کي،
آسمان ۽ زمين جي بادشاهي)
سو سڀ انهيءَ حال ۾ آهي، سڀني نبين جو علم
به انهيءَ طرح جو هوندو هو، سو سکڻ سان تعلق نه
رکندو هو ۽ سڀ جو منڍ، رياضت ۽ مجاهدو هو، جيئن
حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”و تبتل اليه تبتيلا“ (يعني سڀ شيءِ کان
تعلق جو رشتو ٽوڙ ۽ پاڻ کي سڄوئي خدا جي وس ڇڏي ڏي
۽ دنيا جي تدبير ۾ مشغُل نه ٿي، ڇالاءِ جو خدا،
سڀ ڪم، پاڻهي پورو ٿو ڪري.)
”رب المشرق و امغرب لاالھ الا هو فاتخذه
وڪيلا“ (يعني، رب، مشرق ۽ مغرب جو،انهيءَ
کانسواءِ، ٻيو ڪو به معبود ڪونهي)
انهيءَ کي پنهنجو ڪارساز ڪري وٺ. جڏهن خدا
کي، تو پنهنجو وڪيل يا ڪارساز بنايو، تڏهن تون پاڻ
بي پرواهه، ۽ خلق کان جدا رهه.
”و اصبر اعليٰ مايقولون و اهجرهم هجرا
جميلا“
(يعني، جيڪي هو چون ٿا، تنهن تي صبر ڪر ۽ هُنن کي
ڇڏي ڏي، جيئن ڇڏڻ گهرجي.)
هيءَ سڀ، رياضت ۽ مشقت جي تعليم آهي،
انهيءَ لاءِ ته خلق جي دشمني ۽ دنيا جي خواهشن ۽
محسوسات جي مشغوليءَ کان، دل صاف رهي. پڙهڻ سان،
هيءَ حالت حاصل ڪرڻ، عالمن جو طريقو آهي. اهو به
وڏو ڪم آهي، ليڪن نبوت جو رستو، انبيائن ۽ اوليائن
جي علم جي بنسبت، جو بعضي ماڻهن کي، سيکارڻ کان
سواءِ، رب العزت جي درگاهه کان حاصل ٿئي ٿو، سو
ننڍو ۽ ويجهو آهي. گهڻن ماڻهن کي انهيءَ رستي جي
سنئين ۽ درست هجڻ جي خبر، آزمودي ۽ عقلي دليل سان
پوندي آهي.، جيڪڏهن توکي ذوق کان اهو حال حاصل نه
ٿئي ۽ سکڻ سان به معلوم نه ٿئي ۽ عقلي دليل سان به
هٿ نه اچي، ته من ايترو ٿئي ته انهن ڳالهين تي
ايمان آڻين، ۽ تصديق ڪرين ته ٽنهي درجن کان
نااُميد ته نه ٿين ۽ ڪافر ته نه بنجين. اهي
ڳالهيون، دل جي عالم جي عجائبات مان آهن ۽ انهن
مان، ماڻهوءَ جي دل جي بزرگي معلوم ٿئي ٿي.
فصل تيرهون
اهو گمان نه ڪرڻ گهرجي ته هي ڳالهيون، خاص
پيغمبرن جي لاءِ آهن، ڇالاءِ جو سڀني ماڻهن جي
ذات، اصل خلقت ۾ ان جي لائق آهي. جهڙيءَ طرح
ڪوبه لوهه اهڙو ڪونهي، جو اصل خلقت ۾، اهڙي لياقت
نه رکندو هجي، جنهن مان آرسي نه ٺهي سگهي ۽ اهيءَ
آرسيءَ ۾، عالم جي صورت نظر اچي، مگر جڏهن اُن کي
ڪٽ لڳي يا اُن جي اصل ۾ ڳنڍ پوي ته ان کي خراب ڪري
رکي، تڏهن سو اُها لياقت گم ٿي وڃي ٿي. دل جو به
اهڙوئي حال آهي. جيڪڏهن دنيا جو حرص ۽ شهوت ۽
گناهه اُن تي پکڙجي، ڄمي وڃي ٿو، ته دل ڪٽيل ٿيو
پوي ٿي ۽ اُها لياقت، اُن ۾ نٿي رهي، جيئن ڪه حديث
۾ آهي:
”و ڪل ولد يولد علي الفطرة فابواه يهود انه و
ينصرانه و بمتجانه“ (يعني، ۽ جيڪو ٻار ڄمي ٿو، سو
فطرت تي ڄمي ٿو، پوءِ، اُنهيءَ جا ماءُ پيءُ، اُن
کي يهودي ڪن ٿا يا نصراني ڪن يا مجوسي ڪن ٿا).
۽ سڀني ۾انهيءَ لياقت موجود هئڻ جي خبر، خدا به
ڏني آهي:
”“الست بربڪم قالوا بليٰ“ (يعني،نه آهيان ڇا آءٌ
رب اوهان جو؟ هُنن چيو ”هائو“)
جهڙيءَ طرح ڪو چوي، ته جنهن عقلمند کان
پڇي ته، ٻه هڪ کان زياده ناهن ڇا؟ ته جواب ڏيندا
ته هائو، زياده آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن به عقلمند
ماڻهوءَ، نه ڪنن سان ٻڌو هجي ۽ نه زبان سان چيو
هجي، پر انهيءَ جواب جي سچائي، سڀني جي دل ۾ معلوم
هوندي. جهڙيءَ طرح ڪه سڀني ماڻهن جي خلقت آهي،
تهڙيءَ طرح، خدا جي معرفت به، سڀني ماڻهن جي خلقت
آهي. جيئن ته حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”“و لئن سالتهم من خلقهم ليقولن الله“ (يعني،
جيڪڏهن تون انهن کان پُڇندين ته ڪنهن هُنن کي پيدا
ڪيو هو؟ هو بيشڪ چوندا ته ”الله).
۽ فرمايو اٿس ته:
”فطرة الله التي فطر الناس عليها) يعني، خدا جي
جوڙ اهائي آهي، جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس.)
۽ دليل، عقل ۽ تجربي مان معلوم ٿيو ته
هي، پيغمبرن لاءِ مخصوص نه آهي، ڇالاءِ جو پيغمبر
پڻ ماڻهو آهي.”قل انما انا بشر مثلڪم“ (يعني، چئو،
تون، ته آءٌ به اوهان جهڙو ماڻهو آهيان).
پر جنهن شخص تي اهو رستو کُليو آهي،
جيڪڏهن خلق جي جمله چڱائي ان کي ڏيکارين ۽ جيڪي
اُن کي ڏيکاريو اٿن، تنهن تي هلڻ جي هن کي ڪوٺ
(دعوت) ڏين، تنهن کي شريعت چون ٿا ۽ سڀني ماڻهن
۾ نبيءَ کي، پيغمبر چون ٿا ۽ سندس ڪمن کي معجزو يا
ڪرامت چون ٿا، ۽ جيڪو، خلق جي دعوت ۾ مشغول نه
ٿئي، ان کي ولي ٿا چون، ۽ ان جي ڪمن کي ڪرامتون ٿا
چون ۽ واجب نه آهي ته جنهن به شخص جي اهڙي حالت
(ظاهر) ٿئي ٿي، سو خلق جي سڌاري ۾ مشغول ٿئي، بلڪ
حق تعاليٰ جي قدرت ۾ آهي ته هن کي (خلق جي) سڌاري
۾ مشغول نه ڪري (رکي)، ڇالاءِ جو هيءُ اهو وقت هو،
جنهن وقت شريعت تازي هوندي ۽ خلق کي هدايت ڪرڻ جي
حاجت (ضرورت) نه هوندي، يا انهيءَ سبب ڪري، جو
خلق جي هدايت جا شرط ٻيا هوندا، جي انهيءَ وليءَ
۾ موجود نه لڀندا هوندا. تنهن ڪري توکي جُڳائي،
ته پنهنجو ايمان، اوليائن جي ولايت ۽ ڪرامت تي
درست رکين ۽ ايترو يقين سان ڄاڻين، ته پهرين هيءُ
ڪم، مجاهدي (محنت) سان تعلق رکي ٿو ۽ اُن ۾،
اجتهاد (محنت ڪرڻ) جو دخل رهي ٿو، ليڪن ائين نه
آهي ته جو پوکي ٿو، سو لُڻي ٿو، جو هلي ٿو، سو
منزل تي پهچي ٿو ۽ جو ڳولي ٿو، سو لهي ٿو. ليڪن،
هر اُهو ڪم، جو نهايت پيارو (عزت وارو) هوندو،
انهيءَ جا شرط به گهڻا هوندا ۽ انهيءَ جو حاصل
ڪرڻ به نهايت مشڪل هوندو ۽ معرفت جي مقام ۾،
ماڻهوءَ جي درجن مان تمام وڏو (شريف) درجو آهي، ۽
سواءِ مجاهدي (ڪوشش) ۽ مرشد ڪامل جي، اُنهيءَ جي
ڳولا ڪرڻ به نٿي اچي ۽ جي اهي ٻئي موجود به ٿين،
ته به جيسين، خدا جي مدد ۽ توفيق نه هوندي، ۽ ازل
۾، انهيءَ شخص جي لاءِ، اها سعادت، حڪم ٿيل نه
هوندي، تيسين انهيءَ مراد کي نه پهچندو. ظاهري علم
۾، امامت يا مهنداريءَ جي لاءِ درجو حاصل ڪرڻ،
توڙي ٻيا ڪم به اهڙائي آهن.
فصل چوڏهون
ماڻهو، اصل ۾،جنهن کي ”دل“ چون ٿا، سا
معرفت جي راهه ۾ تو سُڃاتي (توکي، مٿئين باب مان
معلوم ٿي). هاڻي، توکي ڄاڻڻ گهرجي، ته قادر يا
طاقت مند هئڻ ڪري به، هُن جي عظمت ۽ بزرگي آهي.
اها، ملائڪن جي خاصيت آهي ۽ ٻين حيوانن کي،اها
بزرگي، حاصل مليل نه آهي، دل جي قدرت هيءَ آهي،ته
جيئن جسمن جو عالم، ملائڪن جو تابعدار آهي، جڏهن
اُهي مناسب ڄاڻن ٿا ۽ خلق کي احتياج وارو سمجهن
ٿا، تڏهن خدا جي حڪم سان، مينهن وسائين ٿا، ۽ بهار
جي موسم ۾، هوا لڳائين ٿا، ۽ رحم يا پيٽ ۾،
جاندارن جي صورت، ۽ زمين ۾، وڻ ٻوٽي جي شڪل بنائين
ٿا ۽ سنوارين ٿا. سڀڪنهن ڪم تي، ملائڪن جي جنس مان
مقرر آهي. ماڻهوءَ جي دل پڻ، ملائڪن جي جوهر جي
جنس منجهان آهي ۽ پڻ، اُن کي قدرت ڏني ويئي آهي،
ته عالم جي جسمن مان ڪي، اُن جا تابعدار آهن ۽ اُن
جو بدن، سڀ ڪنهن جو خاص عالم آهي، ڇالاءِ جو اسان
کي معلوم آهي ته دل، آڱر ۾ نه آهي ۽ نڪي، علم
توڙي ارادو اڱر ۾ آهي. جڏهن دل، حڪم ڪري ٿي، تڏهن
آڱر، دل جي حڪم تي، چري پري ٿي، ۽ جڏهن دل ۾،
ڪاوڙ جي صورت ظاهر ٿئي ٿي، تڌهن ساري جسم مان،
پگهر نڪري ٿو، ۽ اهو مينهن آهي. ۽ دل ۾، جڏهن شهوت
جي صورت پيدا ٿئي ٿي، تڏهن (اندر ۾)، هوا پيدا ٿئي
ٿي ۽ اُها (هوا)، شهوت جي الت (هٿيار) ڏانهن هليو
ٿي وڃي، ۽ جڏهن دل ۾، کائڻ جو خيال اچي ٿو، تڏهن
زبان جي هيٺان، جا قوت رکيل آهي، سا جاڳي ٿي ۽
پاڻي نڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته کاڌي کي اهڙو آلو ۽
نرم ڪري، جو ڳهي وڃي. اها ڳالهه ته ظاهر آهي ته دل
جو حڪم، بدن ۾ جاري آهي ۽ بدن،دل جو تابعدار آهي.
ليڪن هيترو ڄاڻڻ گهرجي ته اهو ممڪن آهي ته ڪي ڪي
دليون، جي زياده بزرگ ۽ طاقت واريون آهن ۽ ملائڪن
جي اصل سان زياده مشابهت ٿيون رکن، سي بدن کان
سواءِ، ٻين جسمن تي به قابض آهن. مثلن، اهڙي دل
جي هيبت، جيڪڏهن شينهن تي پوندي ته هو، عاجز ۽
مطيع ٿي پوندو. جيڪڏهن اُها، ڪنهن بيمار ڏانهن
خيال رکندي ۽ همت ٻڌندي، ته هو چڱو ڀلو ٿي پوندو.
جيڪڏهن ڪنهن تندرست ڏانهن همٿ ٻڌندي، ته بيمار ٿي
پوندو، جيڪڏهن گهرندين ته ڪو ماڻهو مون وٽ اچي،
ته هن ماڻهوءَ جي دل به انهيءَ دم، هُن ڏانهن وڃن
جو خيال ڪندي. جڏهن همت ٻڌندين، ته مينهن وسي، ته
وسڻ لڳندو. هي سڀ ڳالهيون، عقلي دليلن سان ثابت
آهن ۽ تجربي سان معلوم آهن. جنهن کي نظر لڳڻ ۽
جادو چون ٿا، سي هن ئي قسم مان آهن. سڀني شين ۾،
ماڻهوءَ جي نفس جو دخل آهي. مثلن، جو نفس، حسد ڪري
ٿو، سو جيڪڏهن ڪنهن وهٽ کي ڏسي، ريس ۽ حسد کان،
ان جي مرڻ جو خيال ڪندو، ته اُهو وهٽ، هڪدم مري
پوندو. جيئن حديث شريف ۾ آيو آهي:
”العين تدخل الرجل القبر و اجمل القدر“ (يعني، بد
يا بڇڙي نظر، ماڻهوءَ کي قبر ۾ پهچائي ٿي ۽ اُٺ کي
ديڳ ۾ وجهي ٿي).
دل۾ جيڪي قدرتون ۽ طاقتون آهن، انهن مان هيءَ هڪڙي
عجيب قدرت آهي. اهڙي خاصيت، جيڪڏهن پيغمبرن کان
ظاهر ٿئي، ته اُهو معجزو آهي، ۽ جيڪڏهن اهڙي
خاصيت وارو ماڻهو، نيڪ ڪمن ۾ رهي ٿو، ته انهيءَ کي
جادوگر چون ٿا. جادو، توڙي ڪرامت، سڀ، آدميءَ جي
قدرت جي خاصيت آهي ۽ انهن ۾ وڏو فرق آهي. هن ڪتاب
۾، انهيءَ فرق جي بيان جي جاءِ ڪانهي.
فصل پندرهون
هيءُ جيڪي بيان ٿيو، سو جيسين ڪونه
ڄاڻندو، تيسين نبوت جي حقيقت، پوريءَ طرح معلوم
ڪري نه سگهندو. مگر چوڻ ۽ ٻُڌڻ سان، ٿوري گهڻي خبر
پونديس، ڇالاءِ جو نبوت ۽ ولايت، ماڻهوءَ جي دل جي
وڏن درجن مان، هڪڙو درجو آهي ۽ انهيءَ درجي مان،
ٽي خاصيتون حاصل ٿين ٿيون. هڪڙي هيءَ، ته عام
ماڻهن تي جو حال، خواب ۾ کُلي ٿو، سو انهيءَ درجي
واري تي، جاڳندي کُلي ٿو. ٻيو هيءُ، ته عام جو
نفس، فقط سندس بدن تي اثر ڪري ٿو ۽ انهيءَ درجي
واري ماڻهوءَ جو نفس، بدن کان ٻاهر وارين شين تي
به اهڙو اثر ڪري ٿو، جنهن مان خلق کي فائدو رسي
ٿو، نقصان نٿو رسي. ٽيون هيءُ، ته عام ماڻهن کي جو
علم، سکڻ يا پڙهڻ سان اچي ٿو،سو انهيءَ درجي
واري کي، سواءِ سکڻ جي، پاڻهي پنهنجيءَ دل مان
اچي ٿو.اها ڳالهه ممڪن آهي، ته جو شخص موچارو تيز
عقل ۽ صاف دل ٿئي ٿو، تنهن کي سواءِ سکڻ جي، ڪي
علم، دل ۾ اچي ويندا آهن. تنهن ڪري هيءَ ڳالهه به
جائز ۽ ممڪن آهي ته جو شخص، تمام تيز عقل ۽ نهايت
صاف دل هوندو، تنهن کي سڀ يا گهڻا علم پاڻهي اچي
ويندا. اهڙي علم کي ”علم لدني“ چوندا آهن. جيئن
ڪه حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”علمناه من لدنا علما“ (يعني، ۽ اسان پاڻ هن کي،
هڪڙو علم سيکاريو). |