انهيءَ ڳالهه کي حق ڄاڻ، ته بادشاهه کي، بادشاهن
کانسواءِ، ڪوئي نٿو ڄاڻي، جيڪڏهن خدا تعاليٰ، توي
پنهنجي بادشاهيءَ تي، بادشاهه نه ڪيو هجي، ۽
پنهنجي بادشاهيءَ جو مختصر نمونو يا نسخو، توکي نه
ڏيکاريو هجيس ته جيڪر، عالم جي خاوند کي، تون هرگز
نه سڃاڻي سگهين. تڏهن انهيءَ باشاهه جو شڪر ڪر،
جنهن توکي پيدا ڪيو، ۽ بادشاهيءَ جو شڪر ڪر، جنهن
توکي پيدا ڪيو، ۽ بادشاهيءَ جو رتبو ڏنو ۽ پنهنجي
بادشاهيءَ جي نموني تي، توکي بادشاهي ڏنائين. دل
مان، تنهنجو عرض ۽ حيواني روح، جنهن جي جاءِ دل
آهي، تنهن مان تنهنجو ارافيل جوڙيائين ۽ دماغ مان
تنهنجي ڪرسي، ۽ خيال جي خزاني مان تنهنجو لوح حفوظ
بنايائين. اک، ڪن ۽ ٻين حواسن مان، تنهنجا ملائڪ
۽ دماغ جو گنبذ، جو رڳن جو ميڙ آهي، تنهن مان
تنهنجو آسمان ۽ تارا جوڙيائين ۽ آڱر، قلم ۽ مس سان
طبيعتون، تُنهنجون تعبدار ڪيائين.تنهنجيءَ دل کي
بيچون ۽ بيچگون پيدا ڪري، سڀني عضون تي، اُن کي
بادشاهه ڪيائين. پوءِ، توکي چيائين ته پان کان ۽
پنهنجي بادشاهه کان، ڪڏهن به غافل متان رهين، نه
ته پنهنجي خالق کان غافل رهندين.
”فان الله خلق آدم عليٰ صورت، فاعرف نفسڪ يا انسان
تعرف ربڪ“ (يعني، پوءِ تحقيق! الله تعاليٰ پيدا
ڪيو آدم کي پنهنجيءَ صورت تي. پوءِ اي انسان! سڃاڻ
تون پنهنجي نفس کي، ته سڃاڻين تون پنهنجي رب کي).
فصل چوٿون
هيءُ جيڪو بيان ٿيو، ته ماڻهوءَ جي
بادشاهي، حضرت مالڪ الملڪ جي بادشاهيءَ جو نمونو
آهي، انهيءَ مان، ٻن وڏن وڏن علمن ڏي اشارو آهي.
هڪڙو آدميءَ جي نفس جو علم، اُن جي عضون جو، قوتن
۽ صفتن سان تعلق ۽ دل سان، قوتن ۽ صفتن جو تعلق
، جو سڄو ئي معلوم ٿيو. اُهو اهڙو ڊگهو علم آهي،
جنهن جو بيان، هن ڪتاب ۾ ڏيئي نٿو سگهجي. ٻيو هيءُ
احوال معلوم ٿيو، ته عالم جي بادشاهه جي
بادشاهيءَ جو، ملائڪن سان، ۽ ملائڪن جو پاڻ ۾ ۽
آسمان، عرش ۽ ڪرسيءَ، ملائڪن سان علائقو ۽ ربط
آهي. اهو به وڏو علم آهي. هيتري ساري مان، هيءُ
مطلب آهي، ته جيڪو ماڻهو، زيرڪ ۽ هوشيار هوندو،
سو انهن سڀني ڳالهين تي ويساهه آڻيندو ۽ حق
تعاليٰ جي عظمت ۽ وڏائي، انهن سڀني ڳالهين مان
ڄاڻندو، ۽ جيڪو، نادان ۽ احمق هوندو،انهيءَ کي
اها به خبر نه پوندي، ته آءُ پاڻ، ڇو غافل ۽
اڻڄاڻ رهيس ۽ ڇو نقصان ۾ پيس، جو اهڙي بادشاهه
ذوالجلال ۽ صاحب حُسن و جمال جي ديدار کان، محروم
۽ مجوب رهيس. خلق کي، خلق تعاليٰ جي جمال جي ڪهڙي
خبر هوندي؟ مگر هيترو جو بيان ڪيو ويو، سو فقط
انهيءَ لاءِ، ته ماڻهو، ڪجهه سڃاڻي، ته پاڻ ڇا
آهي؟
فصل پنجون
جيڪي ماڻهو، علم طبعي ۽ علم نجوم مان واقف
آهن، اُهي ويچارا گمراهه آهن، جو سڀني ڪمن کي،
عناصرن ۽ ستارن تي تلق رکن ٿا. انهن جو مثال اهڙو
آهي، جهڙو ڪا ڪيولي، ڪاغذ تي هلي ۽ ڏسي، ته ڪارو
ٿيندو وڃي ۽ اُتي، نقش نڪرندو وڃي، ۽ پوءِ غفور
ڪري، قلم جي نوڪ کي ڏسي ۽ خوش ٿئي ته مون انهيءَ
ڪم جي حقيقت سڃاڻي ورتي ۽ هاڻي، واندي ٿيس ۽ ڪاغذ
تي هيءُ نقش، قلم ٿو بنائي. بس، علم طبعي جي عالم
جو اهو حال آهي ته آخر درجي جي چورڻ واري کان
سواءِ“ ٻيو ڪي به ڪين ٿو ڄاڻي. تنهن کان پوءِ،
اُنهيءَ ڪيوليءَ وٽ، هڪڙي ٻي ڪيولي اچي ٿي، جنهن
جون اکيون وڏيون هُجن ۽ نگاهه تيز هجي. اها، هن
پهرين ڪيوليءَ کي چوي ته تو، غلطي ڪئي آهي. آءٌ،
انهيءَ قلم کي ٻئي جي حڪم ۾ ٿي ڏسان ۽ قلم کان
سواءِ، ٻي هڪڙي شيءِ ڏسان ٿي، جا نقش ٿي ڪڍي ۽
پنهنجي انهيءَ سمجهه تي خوش ٿي چوي ته جيڪي مون
سمجهيو اهي، اهو حق اهي، يعني، آڱريون نقش ڪڍن
ٿيون، قلم نٿو ڪڍي. قلم، آڱرني جو تابع آهي. اهو
آهي نجوميءَ جو مثال، جنهن جي نظر، طبعي علم جي
عالم کان، پرڀرو وڃي ٿي. هن ڏٺو، ته طبيعتون،
تارن جي تابع آهن؛ ليڪن اهو نه سمجهايائين ته
ستارا، ملائڪن جي اختيار ۾ آهن ۽ جي درجا، هُن جي
سمجهه علم کان مٿي هئا، انهن تي نه پهچي سگهيو.
جهڙيءَ طرح نجوميءَ ۽ طبيعيءَ جي وچ ۾، جسمن جا
عالم ۾، اهو تغاوت ٿيو ۽ انهيءَ ڪري اختلاف پيو،
تهڙيءَ طرح، انهن ماڻهن جي وچ ۾ به اخلاف پيو، جي
ارواحن جي عالم ۾ ترقي نه ڪئي ۽ انهيءَ کان ٻاهر،
هُنن ڪابه شيءِ نه لڌي. اهي ماڻهو، اڳوڻي ئي درجي
تي رهجي ويا ۽ جيڪو، عالم ارواح ڏي چڙهڻ جو رستو
آهي، اُهو انهن تي بند ٿيو. عالم ارواح، يعني عالم
انوار ۾، به انهيءَ طرح، ڏاڍيون مشڪل واٽون ۽
اٽڪون آهن.انهن مان ڪن جا تارن وانگي ۽ ڪن جا چنڊ
وانگي ۽ ڪن جا سج وانگي درجا اهن ۽ اهي، انهن
ماڻهن جي معراج جا مرتبا آهن، جن کي حق تعاليٰ،
آسماني ملڪوت ڏيکاري ٿو. جيئن ڪه حق تعاليٰ، پاڻ
فرمايو آهي ته:
”و ڪذالڪ نري ابراهيم ملڪوت المسوات و الارض“
(يعني، انهيءَ طرح، اسان ابراهيم کي ڏيکاري
بادشاهي، آسمان ۽ زمين)
انهيءَ ڪري جو ابراهيم عليه السلام، چيو ته:
”انبي وجهت وجهي للذي فطر السموات و الارض“ (يعني،
تحقيق! مون پنهنجو منهن، انهيءَ ڏانهن ڦيرايو،
جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين).
انهيءَ سبب، رسول صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو
آهي ته:
”ان لله سبعين الف حجاب من نور لوڪشفها لا حرقت
سبحات وجهه ڪل من ادرڪ بصره“ (يعني، تحقيق! الله
جي لاءِ ستر هزار نور جا پردا اهن، جيڪڏهن انهن کي
کڻي، ته البت جلائين، تجلا انهيءَ جي منهن جا،
انهن سڀني کي، جن جي نظر انهن تي پوي).
ڪتاب مشڪوات الانوار ۽ مصباح الاسرار ۾،
انهيءَ مضمون جو تصفيل، شرح وار لکيل آهي، جو اُتي
ڏسڻ گهرجي. مطلب هيءُ آهي ته تون، اها ڳالهه
ڄاڻ،ته علم طبيعيءَ جي ويچاري عالم، جو ڪنهن شيءِ
کي، سرديءَ ۽ گرميءَ جي حوالي ڪيو اهي، سو برابر
آهي. جيڪڏهن گرمي ۽ سردي، الاهي اسباب، يعني سببن
جي وچ ۾، نه هجي ها ته علم طب، باطل ٿي وڃي ها،
ليڪن هُن، انهيءَ ڪري خطا ڪئي، جو سندس نگاهه گهٽ
۽ ڇوٽي هئي ۽ هُن کي، گهڻي مدد ڪري نه سگهي ۽ هو،
پهرينءَ منزل ۽ ۾ رهجي ويو ۽ گرميءَ ۽ سرديءَ کي
اصل ٺهرايائين ۽ تابعدار نه سمجهيائين، اُنهن کي
مالڪ ڄاتائين، نوڪر نه سمجهيائين، مگر حقيقت ڪري،
گرمي ۽ سردي، انهن خسيس نوڪرن وانگي، هن جي جتين
واريءَ صف ۾ بيهنديون آهن ۽ نجوميءَ، جو ستارن
کي، الاهي اسباب ۾ داخل ڪيو، تنهن سچ چيو، ڇا لاءِ
جو، جي اُهي الاهي اسباب نه هجن ها، ته ڏينهن ۽
رات، هڪجهڙا ٿي چون ها، هن ڪري، جو سج به ستارو
آهي. هن جهان ۾، روشنائي ۽ گرمي، انهيءَ جي سبب
کان آهي ۽ سيارو ۽ اونهارو به جيڪر برابر ٿي پوي،
ڇالاءِ جو، اونهاري ۾، گرمي انهيءَ ڪري ٿي ٿئي، جو
سج، آسمان جي وچ ڌاري ٿو اچي ۽ سياري ۾، پري ٿيو
وڃي ۽ جنهن خدا جي قدرت ۾ اهو آهي، ته اُن سج کي
گرم ۽ روشن بنايو، تنهنجيءَ نسبت ۾ ڪهڙو عجب ته
رُحل کي، سرد خشڪ، ۽ زهره کي گرم تر پيدا ڪيو. اها
سمجهه، ايمان ۾ ڪوبه خلل نٿي ڪري، ليڪن نجوميءَ،
هيءَ غلطي ڪئي، جو ستارن کي، اصل سمجهائين ۽ ڪمن
کي انهن تي تعلق ڄاتائين ۽ ستارن جو تابعدار هئڻ
نه ڏنائين.
”و الشمس و القمر و النجوم مسخراة با مره“
(يعني، سج ۽ چنڊ ۽ ترا، سندس حُڪم ۾ ٻڌل آهن.
انهيءَ آيت جي معنيٰ نه سمجهائين، مسخر يا
تابعدار اُهو آهي، جنهن کي ڪم ۾ لڳائجي. تنهن ڪري
تارا، ڪم ڪندڙ آهن، پر پنهنجي طرفان پاڻهي ڪم نٿا
ڪن. بلڪه جهڙيءَ طرح، رڳون، ۽ نسون، عضون کي چورڻ
۾، انهيءَ قوت جي زور سان ڪم ڪن ٿيون، جا دماغ ۾
آهي، انهيءَ طرح ستارا به، انهن ملائڪن جي اُپاءَ
سان، ڪم ڪن ٿا، جي انهن ڪمن ۾، مشغول رهن ٿا ۽
جيتوڻيڪ تارا به، نقيبن جي درجي وارا، خسيس نوڪر
آهن، تڏهنبه چار طبيعتون، جي ڪاتب جي قلم وانگي،
سڀ کان پوئين درجي جون فرمانبردار آهن، انهن
وانگي،ستارا به، سڀ کان پوئين درجي وارن، انهن
نوڪرن مان آهن، جي جُتين واري صف ۾ ويهن ٿا.
فصل ڇهون
ماڻهن ۾، اهڙا گهڻا اختلاف آهن، جي ڪنهن
سبب جي ڪري، سڀڪنهن جي ڳالهه، سچي ٿئي ٿي، ليڪن
ماڻهو، هڪڙي شيءِ کي، ڪجهه نه ٿا ڏسن ۽ سمجهن ٿا
ته اسان انهيءَ کي پوريءَ طرح ڏٺو. انهن ماڻهن جو،
اهڙو حال آهي، جهڙو انڌن جو، جن جڏهن ٻڌو ته شهر
۾ هاٿي آيو آهي، تڏهن اُن کي، سڃاڻڻ لاءِ وڃن ٿا ۽
ڀانئين ٿا ته اسين اُن کي هٿ لائي (ڇهي)، سڃاڻي
سگهنداسين. آخر، ان هاٿيءَ کي، هٿ لائين ٿا. ڪنهن
انڌي جو هٿ، هاٿيءَ جي ڪن تي پوي ٿو، ته ڪنهن جو
پير تي، ته ڪنهن جو ڏندن تي. اُهي انڌا، پوءِ جڏهن
ٻين انڌن وٽ وڃن ٿا ۽ اهي، هُنن کان هاٿيءَ جي
وصف پڇن ٿا، تڏهن انهن مان جنهن انڌي جو هٿ،
هاٿيءَ جي پير (ڄنگهه) تي پيو هو، سو چوي ٿو ته
هاٿي، ٿنڀي وانگر آهي، ۽ جنهن جو هٿ، ڏند تي
پيو، سو چوي ٿو ته لٺ وانگر آهي، ۽ جنهن جو هٿ، ان
جي ڪن تي لڳو، سو چوڻ لڳو ته (هاٿي) کٿي جهڙو آهي.
انهيءَ طرح، سڀ، هڪڙي رستي، سچ به چون ٿا ۽ انهيءَ
سبب جي ڪري، غلطي به ڪن ٿا، جو سمجهن ٿا ته اسان
(مان هر هڪ)، سڄي هاٿيءَ کي سڃاڻي ورتو. پر حقيقت
ڪري انهن، سڄي هاٿيءَ کي نه سڃاتو هو. ساڳيءَ طرح،
نجوميءَ ۽ طبيعيءَ مان، هر هڪ جي اک، حق تعاليٰ
جي هڪ هڪ نوڪر يا فرمانبردار تي پيئي، ۽ هن جي وڏي
سلطنت ۽ ڪامل قدرت کان، حيرت ۾ پئجي ويا ۽ چيائون
ته هيءُ بادشاهه آهي ”هذا ربي“ (يعني، هيءُ اسان
جو رب آهي). ۽ جنهن کي الله تعاليٰ هدايت ڏني ۽
انهيءَ، جنهن کي رب سمجهيو هو ۽ ان جي نقصن کي ڏٺو
هو ۽ انهيءَ جي بجاءِ، ڪنهن ٻئي کي ڏٺائين ته
چيائين، ته جنهن کي مون رب سمجهيو هو، سو ڪنهن ٻئي
جي حڪم جي تابع آهي، ۽ جيڪو، (ڪنهن) ٻئي ڪجي حڪم
جي تابع هوندو، اهو، خدائيءَ جي لائق نه آهي: ”لا
احب الافلين“ (يعني، هيٺ لهڻ وارن (زيردستن) کي،
اسان دوست نٿا رکون.)
فصل ستون
تارا ۽ طبعتون ۽ برج ۽ تارن جو آسمان،
جيڪو ٻارهن بُرجن ۾ وراهيل آهي ۽ انهن کان سواءِ،
جو عرش عظيم آهي، اهي سڀئي، هڪڙي رستي سان، انهيءَ
بادشاهه جو مثال آهن، جنهن کي هڪڙو خاص حجرو هجي
۽ سندس وزير، انهيءَ حجري ۾ ويٺو هجي ۽ انهيءَ
حجري جي چوڌاري، ٻارهن درن وارو بالاخانو هجي ۽
هر هڪ دروازي ۾ انهيءَ وزير جو هڪڙو هڪڙو نائب
ويٺو هجي ۽ ست نقيب سوار ٻاهر کان، انهن دروازن
جي چوگرد ڦرندا هجن ۽ انهن نائبن کي وزير جا حڪم
ايندا هجن، اهي هو ٻڌندا هجن ۽ انهن ستن سوارن کان
پري، چار پيادا بيٺا هجن ۽ انهن سوارن کي ڏسندا
هجن،ته حضور مان، انهن کي ڪهڙو حڪم ٿو ملي ۽ انهن
چئن پيادن جي هٿ ۾، چار ڪمند هجن، جي ڪن ماڻهن کي
وجهي، گهلي، حڪم موجب حضور ۾ حاضر ڪندا هجن ۽ ڪن
کي هٽائي پري ڪن ۽ ڪن کي، انعام ڏين ۽ ڪن کي سزا ۽
ايذاءُ ڏين. عرش، اهو خاص حجرو آهي، جنهن ۾
بادشاهه جو وزير ويهي ٿو ۽ اُهو وزير، هڪڙو وڏو
مقرب ملائڪ آهي ۽ تارن وارو آسمان، بالاخانو آهي ۽
ٻارهن بُرج، ٻارهن دروازا آهن ۽ انهيءَ وزير جا
نائب، ٻيا ملائڪ آهن، ۽ جن جو درجو اُنهي مقرب
ملائڪ جي درجي کان گهٽ آهي ۽ هر هڪ ملائڪ کي، هڪڙو
ڪم سپرد ٿيل آهي ۽ ست ستارا ۽ ست سوار آهن، جي
نقيبن وانگي، انهن دروازن جي چوڌاري پيا ڦرن، ۽
هر هڪ دروازي مان، هڪ هڪ قسم جو حڪم، انهن کي پيو
پهچي ۽ چار عناصر، يعني باهه، پاڻي، مٽي ۽ هوا،
چئن پيادن جي مثال آهن، جي پنهنجي وطن کان ٻاهر
نٿا وڃن ۽ چار طبيعتون، يعني گرمي، سردي، خشڪي ۽
تري، چار ڪمند آهن، جي انهن چئن پيادن جي هٿ ۾
آهن. مثلن جڏهن ڪنهن جو حال بدل ٿئي ٿو، يعني دنيا
کان هو، پنهنجو منهن ڦيرائي ٿو ۽ رنج ۽ درد، اُن
تي غالب ٿئي ۽ دنيا جون نعمتون، اُن جي دل کي خراب
لڳن ۽ آخرڪار، فڪر ۽ ڳڻتي اچي ورائيس، تڏهن طبيب
چوندو ته هيءُ بيمار آهي ۽ انهيءَ بيماريءَ کي،
ماليخوليا چون ٿا ۽ افتيمون جو ڪاڙهو، انهيءَ جو
علاج آهي. علم طبيعي جو عام چوندو ته خُشڪي،
دماغ ۾ ٿي ٿئي، تڏهن اها بيماري پيدا ٿيئ ٿي ۽
سياري جي هوا، انهيءَ خشڪيءَ جو سبب آهي. جيسين،
بهاريءَ جي موسم نه ايندي ۽ هوا ۾ رطوبت نه ايندي،
تيسين هيءُ بيمار، چڱو ڀلو نه ٿيندو ۽ نجومي چوندو
ته هن شخص کي، سودا آهي ۽ سودا، عطارد مان اُٿندو
آهي، جڏهن اُن جي مريخ سان نحس مشاڪلت ٿئي ٿي ۽
جيسين عطارد، سعدين جي مقباله يا تثليث جي ويجهو
نه ايندو، تيسين هن ماڻهوءَ جو حال بهتر نه ٿيندو.
هاڻي، طبيب، طبيعي ۽ نجومي، سڀ سچ ٿا چون:
”و لڪن ذالڪ مبلغهم من العلم“ (يعني، اهو، هنن جو
وڏو رُتبو آهي علم جي ڪري).
پير الله جي درگاهه مان، اُن مريض جي
سعادت جو حڪم ٿئي ٿو ۽ ٻين آزمودگار نقيبن، يعني
عطارد ۽ مريخ کي، انهيءَ لاءِ موڪليو ويو ته
درگاهه الاهيءَ جي پيادن مان هڪڙو، يعني هوا،
خشڪيءَ جو ڪمند هڻي ۽ انهيءَ ماڻهوءَ جي دماغ ۾
خشڪي وجهي ۽ دنيا جي لذتن، کان، ان جو منهن ڦيري
۽ رنج جو چابڪ هڻي، قصد ۽ طلب جي مهار ڦيرائي،
درگاهه الاهي ۾ سڏي وٺي. اها ڳالهه، نه علم طب ۾
آهي، نه علم طبيعيءَ ۽ نجوم ۾، هيءُ آبدار گوهر،
ته رڳو علم نبوت جي عالم کان معلوم ٿئي ٿو، جو
بادشاهيءَ جي چوڌاري ۽ جناب احديت جي سڀني عالمن
۽ نقيبن ۽ نوڪرن کي چوگرد ڦري آيو آهي ۽ اهو سڃاڻي
ٿو ته سڀ عامل وغيره، ڪهڙي شغل لاءِ آهن ۽ ڪنهن جي
حڪم سان، حرڪت ڪن ٿا ۽ خلق کي ڪيڏي ٿا سڏين ۽ ڪٿان
ٿا منع ڪن؟ تنهن ڪري، جيڪي هر هڪ عالم چيو، سو سچ
چيو، ليڪن بادشاهه ۽ سپهه سالارن جي ڳجهه جي، انهن
کي خبر نه پئي. انهيءَ طرح، حق تعاليٰ بيماري،
سودا ۽ محنت کان سواءِ، خلق کي پنهنجي حضور ۾ سڏي
ٿو ۽ فرمائي ٿو ته هيءَ بيماري ناهي، هي، اسان جي
مهربانيءَ جو ڪمند آهي، جنهن جي وسيلي اسين پنهنجن
دوستن کي، پاڻ ڏانهن سڏيندا آهيون.
”ان البلاءَ موڪل با النبياءِ ثم الا اولياءِ ثم
الامثل فالا مثل“ (يعني، تحقيق! بلا، مقرر ڪئي
ويئي آهي نبين تي، پوءِ اوليائن تي، پوءِ ناهن کان
درجي وار بزرگن تي، پوءِ انهن بزرگن تي، جيڪي خاص
بندا آهن).
انهن کي بيمار نه سمجهه، جو اُهي منهنجا خاص ٻانها
آهن.
”مرضت قلم تعدني“ (يعني، آءٌ بيمار ٿيس، تو
منهنجي عيادت نه ڪئي، يعني مون کي نه پُڇئي).
انهن جي شان ۾ آيو آهي. ماڻهوءَ جي
بادشاهي، جا سندس بدن جي اندر آهي، اُن جو حال،
پهرئين مثال مان معلوم ٿيو. ۽ ماڻهوءَ جي
بادشاهي، جا سندس بدن کان ٻاهر آهي، اُن جو حال،
ٻئي مثال مان ظاهر ٿيو ۽ انهيءَ ڪري، بدن کان ٻاهر
واري بادشاهيءَ جي سڃاڻپ به، پاڻ کي سڃاڻڻ مان
حاصل ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري، نفس جي معرفت کي، اسان
پهريون عنوان ڪيو ۽ ان جو بيان، پهريائين ڪيوسين.
فصل اٺون
هاڻي، سبحان الله ۽ الحمد الله ۽ الا له
۽ الله اڪبر جي معنيٰ، توکي معلوم ڪرڻ گهرجي، جو
اهي ننڍا چار ڪلما، معرفت الاهيءَ جا جامع آهن.
جڏهن پنهنجني تنزيه ۽ پاڪائيءَ مان، حق تعاليٰ
جي پاڪائي تو سڃاتي، تڏهن سبحان الله جي معنيٰ تو
سڃاتي ۽ جڏهن پنهنجي بادشاهيءَ مان، خدا تعاليٰ جي
بادشاهي، تو مفصل معلوم ڪئي ۽ ڄاتئي ته سڀ
درمياني اسباب، انهيءَ جي تابع آهن، جهڙيءَ طرح
ڪاتب جي هٿ ۾ قلم، ته تو الحمد جي معنيٰ کي سڃاتو
ته جيئن اُن کان سواءِ ڪوبه نعمت ڏيڻ وارو ڪونهي،
۽ حمد ۽ شڪر، ٻئي ڪنهن جي لاءِ به ٺهي نٿو سگهي. ۽
جڏهن توکي هي معلوم ٿي ويو ته سواءِ اُن جي، ڪو به
نعمت ڏيڻ وارو ڪونهي ته حمد ۽ شڪر، ٻئي ڪنهن جي
لاءِ به زيب ٿي نٿو سگهي. ۽ جڏهن توکي هي معلوم
ٿي ويو ته سواءِ ان جي، ڪو به خودمختيار حاڪم
ڪونهي ته تو لا الله الا الله جي مطلب کي سمجهيو.
۽ هاڻي موقعو آهي ته تون الله اڪبر جي معنيٰ کي
سمجهين ۽ ڄاڻين، ته جيڪي ڪجهه تو سمجهيو يا سڃاتو
آهي، الله تبارڪ و تعاليٰ جي متعلق تو ڪجهه به نه
سمجهيو، ڇو جو الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات، وڏي
بزرگ آهي ۽ هو اهڙو آهي جو ماڻهو، اُن کي قياس به
سڃاڻي نٿا سگهن ۽ هن جي معنيٰ اها ڪانهي ته هو،
ٻين کان بزرگ آهي، بلڪه ان سان گڏ ٻي ڪابه اهڙي
شيءِ موجود ئي ناهي، جو هو، ان کان بزرگ هجي،
ڇالاءِ جو سڀئي موجودات، انهيءَ جي ئي وجود جو نور
آهن ۽ سج جو نور، سج کان جدا، ڪابه شيءِ نه آهي،
جو چئي سگهجي ته سج، پنهنجي نور کان خود بزرگ آهي،
بلڪه الله اڪبر جي هيءَ معنيٰ آهي ته هو، هر ڪنهن
شيءِکان بزرگ آهي، جو عقل جي قياس سان اُن کي
سڃاڻي سگهجي. معاذ الله!ٰ ڇا، حق تعاليٰ جي
پاڪائي ۽ تنزيه، ماڻهوءَ جي پاڪائيءَ ۽ تنزيه
وانگي آهي؟ماڻهو ڪهڙي شيءِ آهي؟ هو ساري منخلوقات
جي مشابهت کان پاڪ آهي. معاذ الله! ڇا، هن جي
بادشاهي، ماڻهوءَ جي بادشاهيءَ وانگر آهي، جا
ماڻهوءَ کي پنهنجي بدن جي متعلق حاصل آهي؟ ۽ ڇا،
هن جو علم ۽ قدرت، ماڻهوءَ جي صفتن وانگر آهي؟
نعوذ بالله! هرگز نه، هرگز نه! بلڪه هي سڀڪجهه، هڪ
شائبي وانگر آهي، تاڪه توکي انساني عجز جي
باوجود،حضرت الاهيءَ جيج مال مان ڪجهه حاصل ٿي
وڃي، ۽ انهيءَ نموني شائبي جو مثال هن ريت آهي،
جيئن ڪو ڇوڪرو، اسان کان پڇي ته رياست ۽ بادشاهيءَ
۾ ڪهڙي لذت آهي؟ ۽ اسان، هن کي چئون جيئن بيٽ ۽
بال کيڏڻ ۾ لذت آهي، ڇالاءِ جو هو، ان کان سواءِ،
ٻي ڪنهن به شيءِ جو مزو ڄاڻي نٿو سگهي ۽ جنهن مزي
جي بنسبت، هن کي ڪجهه معلوم ئي ڪونهي، اُنهيءَ
متعلق هو، ڪجهه قياس به ڪري نٿو سگهي. البت، اُهو
مزو هو ڄاڻي سگهندو، جنهن جو هن کي ڪجهه شائبو يا
نمونو حاصل هوندو. ۽ هي ظاهر آهي ته سلطنت جي لزت
کي، کيڏبازيءَ سان ڪابه نسبت ڪانهي. فقط لذت ۽
شاديءَ جي نالي جو اطلاق، ٻنهي تي ٿئي ٿو ۽ فقط
نالي جي سبب برابر آهن. ۽ انهيءَ سبب ڪري، هيءُ
معرفت جو شائبو ڇوڪرن کي جڳائي. اهڙيءَ ريت، جيڪو
بيان، معرفت الاهيءَ جي متعلق بيان ڪيو ويو آهي،
ان کي به اهڙوئي سمجهه، ڇالاءِ جو الله تعاليٰ کان
سواءِ، الله پاڪ جي حقيقت ۽ ڪمال کي، ٻيو ڪوبه
ڪونه ٿو ڄاڻي. |