فصل نائون
الله تعاليٰ جي معرفت جي شرح ڊگهي آهي ۽
هن ڪتاب ۾ پوري بيان ٿي نٿي سگهي. ان ڪري، جيڪي
ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، سو ڪافي آهي ته جيئن ماڻهو
واقف ٿي وڃن ۽ حتي المقدور، معرفت جي ڳولا ڪن،
ڇالاءِ جو ماڻهُءَ جي سعادت، الله تعاليٰ جي معرفت
بندگيءَ ۽ عبادت ۾ آهي ۽ اُن جو اهو سبب، ته
ماڻهوءَ جي سعادت، الله تعاليٰ جي معفرت ۾ آهي،
پهرين بيان ڪيو ويو آهي، پر بندگيءَ ۽ عبادت ۾ پڻ،
ماڻهوءَ جي سعادت جي هئڻ جو سبب هيءُ آهي ته جڏهن
ماڻهو مرندو، ته اُن جو واسطو، الله تعاليٰ سان
رهندو. ”و اليه امرجع اولمصر“ (۽ خدا ڏانهن موٽڻ
۽ ڦرڻ آهي). ۽ جنهن کي به ڪنهن سان رهڻو هجي، ته
اُن جي سعادت، انهيءَ ۾ آهي ته هو، اُن کي
پنهنجو دوست رکي ۽ جيتري قدر، هن سان محبت رکندو،
اوتري قدر هن جي لاءِ سعادت جو سبب بڻبو. ڇالاءِ
جو لذت ۽ راحت، محبوب جي شاهدي کان وڌيڪ ٿي ٿئي
۽ الله تعاليٰ جي دوستي ۽ محبت، ماڻهوءَ جي دل
تي، معرفت ۽ ذڪر سان غالب ٿئي ٿي، ۽ جيڪو ڪنهن
جو دوست ٿو ٿئي، اُهو، ان جو ذڪر، زياده ٿو ڪري.
انهيءَ ڪري، جيڪو الله تعاليٰ جو دوست ٿو ٿئي، سو
ان جو گهڻو ذڪر ڪري ٿو ۽ اهوئي سبب هو، جو الله
تعاليٰ،حضرت دائود عليه السلام تي وحي فرمائي ”انا
يدڪ اللازم فالزم يدڪ“ (يعني، آءٌ ئي تنهنجو چاره
ساز آهيان ۽ تنهنجو واسطو مون سان ئي آهي. هڪڙو
دم به منهنجي ذڪر کان غافل نه رهه) ۽ الله تعاليٰ
جو ذڪر، الله تعاليٰ جي دائمي عبادت سان ئي پيدا
ٿئي ٿي ۽ عبادت ۾ فراغت، خواهش کي ترڪ ڪرڻ سان ئي
پيدا ٿئي ٿي ۽ خواهشون، تڏهن ئي ترڪ ڪري سگهجن
ٿيون، جڏهن گنهان کان پرهيز ڪئي وڃي، تنهن ڪري
گنهان کان بچڻ ئي، دل جي فراغت جو سبب آهي، ۽ ان
جي اطاعت کان بچڻ ئي دل، جي فراغت جو سبب آهي، ۽
ان جي اطاعت جو بجا آڻڻ، ذڪر جي غالب هئڻ جو سبب
اهي ۽ اهي ٻئي، جمعيت جو سبب آهن، جو سعادت جو ٻج
آهي ۽ اُن جو مطلب، نجات حاصل ڪرڻ آهي. جيئن ته
الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”قد افلح المؤمنون“ (يعني، بيشڪ ايماندار،
ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا). ”قد افلح من تزڪيٰ و زڪر
اسم ربه فصليى“ (يعني، بيشڪ،نجات پاتي اُنهيءَ، جو
پاڪ ٿيو ۽ پنهنجي رب جو نالو ياد ڪيو).
۽ جيئن ته سڀ عمل، عبادت ٿي نٿا سگهن. ڪي عبادت ۾
داخل آهن ۽ ڪي نه آهن. اهڙيءَ ريت، سڀني خواهشن
کان پڻ علحدگي ٿي نٿي سگهي ۽ نه انهيءَ طريقي سان
جائز آهي، جيئن ته کاڌو نه کائيندو، ته مري ويندو.
جيڪهن مباشرت نه ڪندو، ته نسل ختم ٿي ويندي.
انهيءَ ڪري، ڪي خواهشون اهڙيون آهن، جن کي ڇڏي
ڏنو وڃي ۽ ڪي اهڙيون آهن جي ڇڏي نه ٿيون سگهجن.
تنهن ڪري ڪا حد مقرر ڪرڻ گهرجي، جا انهن ٻنهي کي
جدا ڪري ۽ انهيءَ حد جو مقرر ڪرڻ، ٻن حدن کان
خالي نه ٿيندو. يا ته ماڻهو عقل سان حد مقرر ڪري
۽ پنهنجي غور ۽ فڪر سان اُن کي اتخيار ڪري يا ڪنهن
ٻئي کان حد مقرر ڪرائي. ۽ اها ڳالهه ڏکي آهي ته
ماڻهوءَ کي، پنهنجي حد ٻڌڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو
وڃي، ڇو جو خواهش مٿس غالب ٿئي ٿي ۽ هميشه سڌي
راهه کي، هن کان لڪل ٿي رکي ۽ جنهن ۾ هن جو
پنهنجو مطلب ٿئي ٿو، اها شيءِ، هن کي چڱي نظر
اچي ٿي.انهيءَ ڪري ضروري آهي ته اختيار جي واڳ،
ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪجي ۽ هر شخص،مشابهت جي قابل نه
آهي، بلڪ نهايت دورانديش ماڻهوءَ جي ضرورت آهي، ۽
اُهي، انبياء عليهم السلام آهن. تنهن ڪري ضروري
آهي ته شريعت جي متابعت ڪجي ۽ اُن جي حڪمن ۽ حدن
کي لازم ڄاڻي، ڇالاءِ جو اهائي سعادت جي واٽ آهي ۽
بندگيءَ جي اهائي معنيٰ آهي ۽ جيڪو شريعت جون
حدون اورانگهيندو يا ٽپندو، پنهنجي مرضيءَ سان وڃي
موت جي منهن ۾ پوندو ۽ انهيءَ ڪري ئي، الله
تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”و من يتعد حدود الله فقد ظلم نفسه“ (يعني، جيڪو،
الله تعاليٰ جون حدون ٽپيو، ان پنهنجي نفس تي ظلم
ڪيو).
فصل ڏهون
جيڪي اهل اباحت منجهان آهن، يعني غير مباح
کي، مباح ڄاڻندڙ آهن، ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي
حڪمن کي اورانگهي ويا، انهن جي غلطي ۽ جهالت، ستن
سببن ڪري آهي – پهرين جهالت، انهيءَ گروهه جي
هيءَ آهي، جو اهي، الله تعاليٰ تي ايمان نٿا رکن ۽
ان کي وهم ۽ خيال جي خزاني مان ڳولين ٿا ۽ ان جي
چگونگيءَ کي تلاش ڪندڙ آهن ۽ جڏهن انهن ڳالهين جي
رستي، ان تائين نٿا پهچن ته انڪار ڪيو ڇڏين ۽ سڄي
ڪاروبار جو حصو، طبيعت ۽ نجوم تي کڻيو اچن ۽ اهو
خيال ٿا ڪن ته ماڻهو ۽ ٻيا حيوان هي سو عجيب ۽
غريب عالم، تربيت ۽ حڪمت سميت، پنهنجو پاڻ يا
ازخود پيدا ٿي ويا آهن يا پاڻ، هميشه يا اصل کان
هلندا پيا اچن يا اهو سڄو طبيعت جو فعل آهي؛ پر
طبعي خود، پنهنجو پاڻ کان بيخبر آهي، سو ٻين شين
کي ڇا ڄاڻي ياسمجهي سگهندو؟ ۽ ان جو مثال،
انهيءَ شخص جهڙو آهي، جو ڪجهه چڱو لکيل ڏسي ۽
خيال ڪري ته هيءَ لکيت، ڪاتب کان سواءِ ئي لکيل
آهي ۽ ڪاتب يا لکندڙ جي علم، طاقت ۽ ارادي جو
اُن ۾ ڪوبه دخل ڪونهي يا اُهي اکر هميشه کان لکيل
هئا، جنهن جي انڌائي، انهيءَ حد هوندي، اُهو
بدبختيءَ ۽ گمراهيءَ جي و اٽ کان ڪڏهن به پوئتي نه
موٽندو. نجوميءَ ۽ طبيعيءَ جي غلطي ته اڳيئي بيان
ٿي چڪي آهي. ٻيو سبب، انهيءَ جماعت جي جهل ۽
نادانيءَ جو هيءُ آهي، جو اهي، آخرت جا معتقد نه
ٿيا، ڇالاءِ جو هنن سمجهيو ته ماڻهو، اوڀڙن وانگي
يا حيوانن وانگي آهن. جڏهن مرندو ، تڏهن نيست ۽
نابود ٿي ويندو. نڪومٿس ڪو عتاب آهي، نڪو حساب، ۽
نڪو مٿس ڪو عذاب آهي ۽ نه ثواب آهي. پنهنجي نفس کي
نه ڄاڻڻ، انهيءَ جهل جو سبب آهي، جو هو پاڻ کي
گڏهه يا ڍڳو يا اوڀڙ ڄاڻي ٿو ۽ روح، جو آدميءَ جي
حقيقت آهي، سو نٿو سڃاڻي ته هميشه رهڻ وارو آهي ۽
ڪڏهن به ڪين مرندو، ليڪن هن جو قالب، سو کانئس وري
موٽائي وٺندا ۽ انهيءَ کي ’موت‘ ٿا چون. موت جي
حقيقت، چوٿين عنوان ۾ ڏني ويندي. ٽيون سبب، انهيءَ
گروهه جي جهل ۽ نادانيءَ جو آهي، جي حق تعاليٰ ۽
قيامت ۾ ايمان ته رکن ٿا مگر ضغيف ۽ شريعت جي
معنيٰ نٿا سڃاڻن ۽ چون ٿا ته حق تعاليٰ کي، اسان
جي عبادت جي ڪهڙي گهرج آهي ۽ اسان جي گناهن مان ان
کي، ڪهڙو رنج ۽ ايذاءُ ٿو پهچي، ڇا لاءِ جو هو
بادشاهه آهي ۽ اسان جي عبادت کان بيپرواهه آهي. هن
جي اڳيان، عبادت ۽ گناهه، سڀ برابر آهي. هنن
جاهلن، قرآن ۾ نه ڏٺو آهي ته حق تعاليٰ، هڪڙي
هنڌ فرمائي ٿو ته:
” ومن تزڪي فانما تيزڪي النفسا“ (يعني، جنهن
پاڪائي، ڪئي، تنهن پاڪ ڪيو پنهنجي نفس کي).
۽ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
”و من جاهد فا نما يجاهد لنفسه“ (يعني، ۽ جنهن
مجاهدو ۽ سعيو ڪيو، تنهن تحقيق، مجاهدو ڪيو پنهجي
لاءِ).
۽ ٽئين هنڌ فرمائي ٿو ته:
”و من عمل صالحا فلنفسه“ (يعني، جنهن ڪا چڱائي
ڪئي،تنهن چڱائي ڪئي پنهنجي لاءِ).
هي بدبخت، شريعت کان غير واقف آهن ۽ نٿا
ڄاڻن ته شريعت اها آهي ته خدا جي واسطي ڪم ڪرڻ
گهرجي ۽ نه پنهنجي واسطي ۽ هيءَ به اهڙي ڳالهه
آهي، جيئن ڪو بيمار، پرهيز نه ڪري ۽ چوي ته طبيب
جو ان ۾ ڇا، ته آءٌ سندس حڪم مڃان يا نه مڃان؟ هن
جو اهو چوڻ برابر آهي، ليڪن هو پاڻ“ سومري ويندو.
هن جو مرڻ، طبيب جي گهرج جي ڪري نه ٿيندو، ليڪن
انهيءَ سبب ته هن،پرهيز نه ڪئي. طبيب ته هُن کي چڱ
ڀلائيءَ جو رستو ڏيکاريو ته پرهيز ڪر، پر هن ائين
نه ڪيو، تنهن ۾ رستي ڏيکارڻ واري جو ڪهڙو نقصان،
ليڪن هو پاڻ مري ويو. جهڙيءَ طرح بدن جي بيماري،
هن جهان ۾ هلاڪت جو سبب آهي، تيئن دل جي بيماري،
هن جهان ۾ بدبختيءَ جو سبب آهي. ۽ جيئن دوا ۽
پرهيز، بدبختيءَ، تندرستيءَ ۽ سلامتيءَ جو سبب
آهي، تيئن عبادت، معرفت ۽ گناهن کان پرهيز ڪرڻ“
دل جي سلامتيءَ جو سبب آهي:
”ولا ينجو الامن اتي الله بقلب سليم“ (يعني، ڪوبه
نجات نه پائيندو، مگر اهو شخص، خدا وٽ دل، گناهن
کان آجي يا بچيل آڻيندو).
چوٿون سبب، انهن ماڻهن جي جهل ۽ نادانيءَ
جو آهي، جي ٻين سببن ڪري، شريعت کان بيخبر رهي،
چون ٿا ته شرع جو حڪم آهي ته شهوت، غصي ۽ ريا کان
دل کي پاڪ ڪريو ۽ اها ڳالهه ممڪن ناهي، ڇالاءِ جو
خدا تعاليٰ ماڻهو، کي، انهن ئي شين مان پيدا ڪيو
آهي ۽ اُن جو مثال اهڙو آهي، جئن ڪو چاهي ته
ڪاري کي اڇو ڪيو وڃي، حالانڪه ائين ڪرڻ محال آهي ۽
اهي احمق ائين نٿا سمجهن ته شرع، اهو حڪم نه ڪيو
آهي ته غصي ۽ شهوت کي دور ڪريو، پر شريعت جو
حڪم،انهن کي اعتدال تي رکڻ آهي، جيئن اهي عقل ۽
شريعت تي غالب نه پئجي وڃن ۽ سرڪشي نه ڪن ۽ شريعت
جي حدن جو خيال رکن ۽ وڏن گناهن کان بچن ته جيئن
غفور الرحيم، سندن ننڍا گناهه بخشي ڇڏي ۽ انهيءَ
ئي ريت، غصي ۽ شهوت کي قبضي ۾ رکڻ ممڪن آهي ۽
گهڻن ماڻهن ائين ڪيو آهي ۽ ڇا، رسول الله صلي الله
عليه وآله وسلم جن نه فرمايو آهي ته غصي ۽ شهوت
جو مغلوب ٿيڻ نه جڳائي؟ جيتوڻيڪ کين، نو (9) اهليه
هيون، ۽ آنحضرت جن فرمايو آهي ته آءٌ، اوهان جهڙو
ماڻهو آهيان ۽
”اغضب ڪما يغضب البشر“ (يعني، ماڻهوءَ وانگي، مون
کي به ڪاوڙ اچي ٿي)
۽ حق تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”والڪاظمين الغيظ“- يعني، انهيءَ شخص جي تعريف
ڪرڻ فرمائي آهي، جو غصو کائي، ۽ انهيءَ شخص جي
تعريف ڪرڻ ته فرمائي آهي، جنهن کي اصل ڪاوڙ اچي ئي
ڪانه.
پنجون، سبب، انهن ماڻهن جي جهل ۽ نادانيءَ
جو آهي، جي حق تعاليٰ جي صفتن کان بيخبر رهي، چون
ٿا ته خدا، ڪريم ۽ رحيم آهي. جهڙي به حال ۾
هونداسين، تنهن ۾ هو، اسان تي رحم ڪندو ۽ ايترو
نٿا ڄاڻن ته جهڙيءَ طرح هو، ڪريم آهي، تهڙيءَ طرح“
هو شديد العقاب به آهي، يعني سخت سزا ڏيڻ وارو.
هو، ائين نٿا چون ته جيتوڻيڪ هو، رحيم ۽ ڪريم
آهي، تڏهن به هن جهان ۾ اڪثر، خلق کي بيماريءَ کان
سواءِ، بُک ۾ رکي ٿو ۽ ايترو نٿا ڏسن ته جيسين
ماڻهو، پوک يا واپار نه ڪندا، تيسين مال هٿ نه
ايندن ۽ جيسين محنت نه ڪندا، تيسين علم نه سکندا.
دنيا جي تلاش ۾ اُهي ماڻهو، بلڪل ڪوبه قصور نٿا
ڪن. هو، ائين نٿا چون ته خدا، ڪريم ۽ رحيم آهي. پو
ک ۽ واپار کان سواءِ، پاڻهي روزي ڏئي ٿو، جو خدا
تعاليٰ، رزق پهچائڻ جو ذمو کنيو آهي ۽ فرمايو اٿس
ته:
”ومامن دابة في الارض الا علي الله رزقها“
(يعني، زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ڪونهي، مگر خدا تي
ئي، اُن جي روزيءَ جو ذمو آهي).
۽ آخرت جو ڪم حق تعاليٰ، عمل تي تعلق ڪيو
آهي ۽ فرمايو آهي ته : ”و ان ليس للانسان الا
ماسعيٰ“ (يعني، انسان لاءِ ٻيو ڪي ڪينهي، سواءِ
اُنهيءَ جي، جيڪي هن ڪوشش ۽ محنت ڪئي).
جڏهن ماڻهو، انهيءَ جي ڪرم تي ايمان نٿا
رکن ۽ رزق ڳولڻ کان هٿ نٿا جهلين، تڏهن آخرت بابت،
جيڪي چون ٿا، سو فقط زبان سان ٿا چون ۽ اها،
شيطاني نصيحت آهي. انهيءَ جي ڪابه اصليت ڪانهي.
ڇهون سبب، انهن ماڻهن جي جهالت ۽ نادانيءَ جو آهي،
جي غرور، کان پنهنجي نالي چون ٿا ته اسين، اهڙي
درجي تي وڃي پهتا آهيون، جو گناهه ڪرڻ ڪري، اسان
کي ڪو به نقصان نه پهچي سگهندو، ۽ چون ٿا ته اسان
جو دين، مبين (عالي ظرف) آهي، جو گناهه جي نجاست
سبب، ناپاڪ ۽ پليد نٿو ٿئي. اڪثر آهي احمق، اهڙا
هلڪا ٿيندا آهن، جو جيڪڏهن ڪو شخص، ساڻن بي
ادبيءَ جهڙي ڪا ڳالهه کڻي ڪري ۽ هنن جو هٺ يا ريا
ڀڃي، ته سڄي عمر، جيڪر انهيءَ سان دشمني رکڻ ۽
جنهن هڪڙي گرهه جي لالچ، هُنن کي رهي ٿي، سو
جيڪڏهن هنن کي نه ملي ته جيڪر سارو جهان، انهن جي
اکين ۾ تنگ ۽ تاريڪ ٿي وڃي.، احمق، اڃا
انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ عالي ظرف نه ٿيا آهن، جو
اهڙيءَ شيءِ جي پرواهه نه رهين. انهن جي هيءَ
دعويٰ، ڪيئن مڃي سگهجي ٿي؟ ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙو
به هجي، جو دشمني، غصو، شهوت ۽ ريا، اُن جي ويجهو
نه اچي سگهن، پر هو، انهيءَ ڳالهه تي غرور ڪري، ته
ان جو درجو، انبياء عليهم السلام کان وڌي نه
ويندو، ڇالاءِ جو انبياء عليهم السلام، ته پنهنجن
گناهن تي روئندا هئا ۽ توبه ڪندا هئا. الله تعاليٰ
جي درٻار ۾ معذرت ڪندا هئا، ۽ وڏا وڏا جليل القدر
صحابي پڻ، ننڍن ننڍن گناهن کان حذر ڪندا هئا،
بلڪه ڪڏهن ڪڏهن، شڪ شبهي جي سبب، حلال شين کان به
پرهيز ڪندا هئا؛ ۽ هن احمق، ڪيئن سمجهيو آهي
ته هو، شيطان جي مڪر ۽ فريب جو شڪار نه بڻيو، ۽
هن جو درجو، انبياء عليهم اسلام جي درجي کان به
بلند ٿي ويو آهي؟ ۽ جيڪڏهن هيءُ احمق چوي ته
پيغمبر به اهڙائي هئا، جن تي گناهه، ڪو به اثر نه
ڪندو هو ۽ اُهي، جيڪا به توبه استغفار ڪندا هئا،
رڳو ماڻهن جي تعليم لاءِ ڪندا هئا، ته هيءُ احمق
به ڇو انهيءَ طرح، ماڻهن جي فائدي جي لاءِ نٿو
ڪري، جيتوڻيڪ هو ڏسي ٿو ته جيڪوبه هُن جي حالت کي
ڏسي ٿو، سو تباهه ٿي وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن هو ائين
چوي ته ماڻهن جي تباهي، منهنجي لاءِ نقصان جو ڪارڻ
نه آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو
ماڻهن جي تباهيءَ کان، ڪهڙو نقصان هو، جو حضور
جن، حد درجي جي تقويٰ لاءِ، پنهنجيءَ جان کي،
مصيبت ۾ وجهندا هئا، ۽ هڪ داڻو کجور جو، جيڪو صدقي
جو هو، تنهن کي پنهنجي وات مان ڪڍي، اڇلائي ڇڏيو؟
جيڪڏهن اُهو کائين ها ته ماڻهن جو، انهيءَ ۾ ڪهڙو
نقصان هو؟ بلڪه اُن جو کائڻ، سڀني جي لاءِ جائز ٿي
وڃي ها. ۽ جيڪڏهن کجور جي هڪ داڻي سبب، رسول الله
صلي الله عليه وسلم جي لاءِ نقصان هو ته ڇا، هنن
احمقن جي لاءِ، شراب جو پيالو، ڪوبه نقصان نٿو
رکي؟ آخر هن احمق جو مرتبو، رسول الله صلي الله
عليه وسلم کان وڌيڪ ته ناهي ۽ جيڪڏهن شراب جي سؤ
پيالن جو درجو، کجور جي هڪ داڻي کان وڌيڪ آهي،
ته ڇا، هيءُ احمق، پنهنجو پاڻ کي درياهه سمجهي
ٿو، جو شراب جا سؤ پيالا، هن کي نه بگاڙيندا
(نعوذ بالله) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن کي
هو، پاڻيءَ جو ننڍو پيالو ٿو سمجهي، جو کجور جو هڪ
داڻو، کين بگاڙي ها؟ انهيءَ احمق جي لاءِ اهڙو وقت
آهي ته شيطان، انهيءَ احمد جون مڇون مروٽي ۽ جهان
جا بيوقوف، هن کي مسخرو بنائين، ڇالاءِ جو عقل
وارن کي، هُن جي ڳالهه ڪرڻ ۾، افسوس ۽ انڪار آهي
۽ هن جي کل ٺٺولي ڪرڻ ۾ ننگ ۽ عار آهي. دين جا
بُزرگ، اُهي ماڻهو آهن، جي ڄاڻن ٿا ته جنهن، شهوت
کي پنهنجو باندي ۽ زيردست نه ڪيو، سو آدمي ناهي،
بلڪه جانور آهي. تڏهن ڄاڻڻ گهرجي ته ماڻهوءَ جو
نفس، مڪار ۽ دغاباز آهي ۽ ڪوڙي دعويٰ ڪري ٿو ۽
ٻٽاڪ هڻي چوي ٿو ته آءٌ نهايت زبردست آهيان. تنهن
ڪري جڳائي ته ماڻهو، پنهنجي نفس کان، سندس دعويٰ
جو دليل گهُري، ۽ هن جي سچائيءَ جو ٻيو ڪوبه دليل
ڪونهي، سواءِ انهيءَ جي ته هو، پنهنجي حڪم ۾ نه
هجي، پر شرع جي حڪم ۾ هجي. جيڪڏهن شرع جي
فرمانبرداريءَ ۾ هميشه، خوشيءَ سان ڪم ڪري ٿو ته
سچو آهي ۽ جي شرع جي حڪم ۾، حيلا ۽ بهانا ڳولي ٿو
ته هو، شيطان جو غلام آهي ۽ ولايت جي دعويَ ٿو
ڪري. آخرين دم تائين، نفس کان، اهو دليل گهرندو
رهجي، نه ته دنيا تي ٺڳجي ۽ مغرور ٿي هلاڪ ٿيندو.
ماڻهو ايترو نٿو ڄاڻي ته شرع جي تابعداريءَ ۾، نفس
جو محو ٿي وڃڻ، مسلمانيءَ جو پهريون درجو آهي.
ستون سبب، غفلت ۽ شهوت جي ڪري پيدا ٿئي ٿو، جهالت
۽ نادانيءَ جي ڪري پيدا نٿو ٿئي ۽ هي، غير مباح کي
مباح ٺهرائڻ وارو اُهو فرقو آهي، جنهن مٿي ذڪر
ڪيل سببن بابت ڪي به نه ٻڌو هجي، ليڪن ڪن ماڻهن
کي ڏٺو هجين، ته آباحت جو رستو هلن ٿا ۽ فساد
وجهن ٿا ۽ سهڻيون سهڻيون ڳالهيون بڻائين ٿا ۽
صوفين جو لباس پهري، تصوف ۽ ولايت جي دعويٰ ڪن
ٿا، ته اهڙي گروهه کي اهڙيون ڳالهيون پسند ٿيون
اچن، ڇالاءِ جو انهن جي دلين ۾ شهوت ۽ بيهودگي
غالب ٿي ٿئي ۽ اُها هنن کي، فساد ڪرڻ جي اجازت ٿي
ڏئي ۽ هُن کي اها خبر نٿي پوي، ته انهيءَ فساد جي
ڪري، هن تي عذاب ايندو، جنهنڪري فساد ڪرڻ، هن جي
طبيعت کي ناگوار لڳندو، بلڪه چوي ٿو ته هيءُ فساد
نه آهي، اُن کي فساد چوڻ، اجائي تهمت ۽ ٺاهيل
ڳالهه آهي ۽ هُو، تهمت جي معنيٰ ئي نٿو ڄاڻي. اهڙو
ماڻهو، غافل ۽ شهوت پرست ٿئي ٿو ۽ شيطان، اُنهيءَ
جي غالب رهي ٿو. اهڙو ماڻهو، سمجهائڻ سان سُڌري
نٿو، ڇالاءِ جو هُن کي، پنهنجن فعلن ۾ ڪوبه شڪ
شبهو نٿو ٿئي، ۽ اڪثر هيءُ گروهه، انهن مان آهي،
جن لاءِ حق تعاليٰ فرمايو آهي:
”انا جعلنا عليٰ قلبهم اڪنة، ان يفقهوه و في
اذانهم و قرا و ان تدعهم الي الهديٰ فلن يهتدوا
اذا ابدا“ (يعني، ۽ بيشڪ، اهڙن ماڻهن جي دلين تي
اسان پردا وڌا آهن ته اُهي، هن کي نه سمجهن ۽ اهڙن
ماڻهن جي ڪنن ۾ بار آهي ۽ جيڪڏهن اي محمد! تون
اُنهن کي هدايت جي طرف سڏيندين ته اُهي، ڪڏهن به
هدايت نه وٺندا).
اهڙن ماڻهن سان، ترار جي زبان سان ڳالهائڻ گهرجي ۽
نه حجت ۽ تقرير سان.هن عنوان ۾، هر شيءِ کي مباح
سمجهڻ وارن جي غلطيءَ بابت ۽ گمراهيءَ جو سبب، يا
هيءُ آهي، ته هن، پنهنجي نفس کي نه سڃاتو آهي، يا
هيءُ آهي، ته شريعت کي نه سمجهيو اٿس. جڏهن
ماڻهوءَ کي انهيءَ ڪم جي اڻڄاڻائي هوندي، جو هُن
جي طبيعت موافق هوندو، ته انهيءَ گمراهيءَ جو
برطرف ٿيڻ مشڪل آهي، انهيءَ ڪري ماڻهو، ڪو شڪ
شبهونٿا ڪن ۽ ڪنهن تڪلف کان سواءِ، اباحت جو رستو
هلن ٿا، يعني هر شيءِ کي مباح سمجهن ٿا ۽ چون ٿا
ته اسان کي حيرت آهي! جيڪڏهن انهن کان پڇبو ته
اوهان کي ڇاجي حيرت آهي؟ ته جواب ڏيئي نه سگهندا،
ڇالاءِ جو هُنن کي، نه طلب آهي ۽ نه شبهو. انهن
ماڻهن جو اهڙو مثال آهي، جهڙو ڪو شخص، طبيب کي
چوي، ته مون کي بيماريءَ جو خلل آهي، پر اُها
بيماري نه ٻڌائي، تنهنڪري جيسين طبيب، اُن جي
بيماري معلوم نه ڪندو، تيسين اُن جو علاج ڪري نه
سگهندو. اهڙي ماڻهوءَ جو اهوئي جواب آهي، ته جنهن
شيءِ جي توکي دل چوي، تنهن جي حيرت ۾ پو، ليڪن
انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ نه ڪر ته تون بندو آهين ۽
تنهنجو خالق، قادر ۽ عالم آهي، جيڪي وڻيس ٿو، سو
ڪري سگهي ٿو. ۽ اها ڳالهه، هُن کي دليلن سان سمجهڻ
گهرجي، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي.
ٽيون عنوان – دنيا جي معرفت بابت
فصل پهريون
ڄاڻڻ گهرجي ته دنيا، دين جي رستي وارين
منزلن مان هڪڙي منزل آهي ۽ الله جي درگاهه جي
مسافرن جو رستو آهي، ۽ مسافرن جي سمر کڻڻ واسطي،
معرفت جي بيابان جي ڪناري تي، هڪڙي سينگاريل
بازار آهي. دنيا ۽ آخرت ۾، ٻه حالتون آهن. جيڪا
حالت، موت کان اڳي ۽ ماڻهوءَ کي تمام ويجهي آهي،
اُنهيءَ کي ”دنيا“ ٿا چون ۽ جا حالت، موت کان پوءِ
اچي ٿي، انهيءَ کي ”آخرت“ چون ٿا ۽ دنيا مان مراد
آهي آخرت جو سمر يا توشو، ڇالاءِ جو خالق، ماڻهوءَ
کي، خلقت جي شروع ۾، سادو ۽ ناقص پيدا ڪيو آهي،
ليڪن هن کي اها لياقت ڏني آهي ته اهڙو ڪمال حاصل
ڪري ۽ ملڪن جي صورت کي، اهڙو پنهنجي دل جو نقش
ڪري، جو درگاهه الاهيءَ جو لائق ٿي وڃي، يعني،
وڃي انهيءَ درگاهه ۾ داخل ٿئي ۽ حضرت رب الا رباب
جي نظاري ۾ مشغول ٿئي. اهائي ڳالهه، هُن جو بهشت
آهي ۽ هُن جي سعادت جي انتها آهي ۽ خالق به هن
کي، انهيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي. سو جيسين، هُن جي
اک نه کلندي ۽ انهيءَ جمال لازوال کي نه سڃاڻندو،
تيسين انهيءَ نظاري مان ڇا ٿيندو؟ اها سڃاڻپ،
معرفت مان حاصل ٿي ٿئي ۽ خدا جي عجيب غريب صنعتن
جي سڃاڻپ، حضرت الاهيءَ جي جمال جي سڃاڻپ يامعرفت
جي ڪُنجي آهي. هي قالب يا بوتو، جو پاڻيءَ ۽ مٽيءَ
مان جڙيو آهي، انهيءَ کان سواءِ، حواس ممڪن نه
هئا، تنهنڪري ته ماڻهو، هن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جي
عالم ۾ اچي پيو ته انهيءَ مان، پنهنجو سمر يا توشو
هٿ ڪري ۽ پنهنجي نفس جي معرفت جي ڪُنجي، توڙي سارو
جهان، حواسن سان ٿو معلوم ٿئي. انهيءَ معرفت جي
ڪُنجيءَ سان، حق تعاليٰ جي معرفت حاصل ڪري. جيسين
هي حواس، ماڻهوءَ سان رهن ٿا ۽ هُن جي جاسوسي ۽
مُخبري ڪن ٿا، تيسين ماڻهو چون ٿا ته آدمي، دنيا ۾
آهي ۽ جڏهن اهي حواس بند ٿين ٿا ۽ آدمي پاڻ ۽ فقط
سندس ذاتي صفتون رهجي وڃن ٿيون، تڏهن چون ٿا ته
هو، آخرت ڏي روانو ٿيو. تڏهن دنيا ۾، ماڻهوءَ جي
رهڻ جو سبب اهوئي آهي، جنهن جو بيان ٿيو.
فصل ٻيو
ماڻهوءَ کي دنيا ۾ ٻن شين جي ضرورت آهي،
هڪڙي هيءَ، ته دل کي هلاڪت جي سببن کان بچائي ۽ دل
جي غذا حاصل ڪري. ٻي هيءَ ته بدن کي، هلاڪ ڪرڻ
وارين شين کان بچائي ۽ اُن جي غذا حاصل ڪري. دل جي
غذا ته خدا جي معرفت ۽ محبت آهي، ڇالاءِ جو سڀ
ڪنهن شيءِ جي غذا، اُهائي آهي، جا اُن جي طبيعت جي
خواهش موافق آهي ۽ اُن جي خاصيت آهي. آدميءَ جي
خاصيت جو بيان، اڳي ٿي گذريو آهي ۽ حق تعاليٰ کان
سواءِ، ٻي ڪنهن به شيءِ جي محبت ۾ غرق رهڻ، آدميءَ
جي دل جي هلاڪت جو سبب آهي ۽ بدن جي سنڀال، دل جي
ئي واسطي گهرجي، ڇالاءِ جو بدن، فنا ٿي ويندو ۽
دل، باقي رهندي. دل جي واسطي بدن، ائين آهي، جيئن
ڪعبي جي واٽ ۾، حاجيءَ جي لاءِ اُٺ. اُٺ، حاجيءَ
لاءِ آهي ۽ نه، اُٺ لاءِ حاجي! جيسين حاجي، ڪعبي ۾
نه پهچي ۽ اُٺ کان بي فڪر ۽ بيپرواهه نه ٿئي،
تيسين حاجيءَ کي، اُٺ جي چاري ۽ ڍڪ جي سنڀال ڪرڻ
ضروري آهي؛ ليڪن سنڀال، گهرج آهر ڪرڻ گهرجي. جي
حاجي، رات- ڏينهن، اُٺ کي چاري ڏيڻ ۽ سينگارڻ ۾
مشغول رهندو ۽ ترسي پوندو ته قافلو هليو ويندو ۽
هُو، پُٺتي رهجي ويندو ۽ هلاڪ ٿيندو. انهيءَ طرح،
جيڪڏهن ماڻهو، رات – ڏينهن، بدن جي سنڀال ڪندو
رهندو، يعني اُن کي، غذا ڏيندو رهندو ۽ اُن کي
هلاڪت جي سببن کان بچائيدو رهندو ته پنهنجيءَ
سعادت کان محروم رهندو. بدن کي، دنيا ۾ فقط ٽن شين
جي گهرج آهي – کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر.، کاڌو، غذا آهي ۽
ڪپڙو ڍڪ آهي ۽ گهرج، گرميءَ ۽ سرديءَ جي هلاڪت جي
سببن کان، اُن کي بچائي ٿو. انهن کان سواءِ، دنيا
۾، بدن جي لاءِ ماڻهوءَ کي، ٻيو ڪي به ڪين گهرجي،
بلڪه اهي ٽي شيون، خود دنيا جو اصل اصول آهن. دل
جي غذا، معرفت آهي، اُها جيتري زياده هوندي، اوتري
بهتر آهي ۽ بدن جي غذا، کاڌو آهي. اُهو، جي حد کان
زياده هوندو ته هلاڪت جو سبب ٿيندو، ليڪن حق
تعاليٰ شهوت کي، ماڻهوءَ تي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو
آهي ته جيئن هو کاڌي، ڪپڙي ۽ گهرجي ڪشش ڪري،
انهيءَ لاءِ ته بدن، جو سندس سواريءَ جو وهٽ آهي،
سو هلاڪ نه ٿئي. اُنهيءَ شهوت يا خواهش جي اهڙي
خلقت آهي، جو هڪڙيءَ حد تي ٺهڻ جي ناهي، هميشه
زيادتي پئي گهرندي آهي. خدا تعاليٰ، عقل کي انهيءَ
واسطي پيدا ڪيو ته شهوت کي، پوريءَ حد تي رکي، ۽
پيغمبرن جي واتان شريعت، انهيءَ ڪري مقرر
فرمايائين ته شهوت جي لاءِ، حد ظاهري ڪري، ليڪن
شهوت جي گهرج هئي، تنهن ڪري خدا، اُها ننڍي هوندي
کان، ماڻهوءَ ۾ پيدا ڪئي. تنهن کان پوءِ عقل پيدا
ڪيائين، پر شهوت ته اڳئي جاءِ وٺي ويهي رهي ۽ غالب
ٿي وئي. عقل ۽ شرع، جي پوءِ پيدا ٿيا آهن، تن سان
شهوت سرڪشي ٿي ڪري، انهيءَ لاءِ ته ماڻهوءَ کي
کاڌي، پيتي ۽ ڪپڙي ۽ رهڻ جي جاءِ جي تلاش ۾ مشغول
رکي. انهيءَ ڪري ماڻهو اڪثر، پاڻ کي وساريو ٿو ڇڏي
۽ ايترو نٿو ڄاڻي، ته اهو کاڌو پيتو، ڪپڙو ۽ گهر،
ڇالاءِ آهي ۽ خود پاڻ دنيا ۾ ڇو آيو آهي؟ ۽ دل جي
غذا، جا آخرت جو توشو آهي، اُنهيءَ کي اصل وساريو
ٿو ڇڏي. انهن سڀني ڳالهين مان، دنيا جي ساري حقيقت
۽ دنيا جي آفت ۽ دنيا جو غرض، تو معلوم ڪيو. هاڻي
گهرجي ته تون، دنيا جي شاخن کي سڃاڻين ۽ دنيا ۾،
جو شغل ڪرڻ گهرجي، سو معلوم ڪرين. |