ماڻهن جي خواهشن ۽ ڪمن جا چار قسم آهن: هڪڙا، نفس
جي چئي پٺيان، جي حرام ۽ ناروا آهن؛ ٻيا شريعت يا
قاعدي جي پٺيان؛ اهي سڀ حلال ۽ ناروا آهن، ۽ ٽيا،
خاطر يا ضمير جي پٺيان، جي پڻ روا آهن. انهن سڀني
۾ ماڻهوءَ ارادو ڪري ٿو، پر چون ٿا ته الهامي
آهن. جنهن حالت ۾ ماڻهوءَ جو اريادو اصل ڪونهي،
خدا جو ارادو آهي. هو ڏسي، ٻُڌي، ڳالهائي خدا سان
ٿو، جو فنا في الله يا واصل بالله جو درجو آهي.
نفس جي لذت ۽ خوشيءَ جو حال،
چئن قسمن جو آهي، ٻُڌي ڏيئي خيال.
هڪ ٿيو حُڪم، ان جي طبع پٺيان،
ناهي واقف جو شرع جي حد کان.
آهي مطلق حرام ايءَ اي ادا!
نفس جي ايءَ خوشي، ٿي ساري خطا.
ٻيو ٿيو شرع سان خوشيءَ جو حال،
سو مباح آهي ۽ سمورو حلال.
ٽئي ۾ پهچي ٿو حڪم اندر جو،
نفس جو اُن ۾ واسطو نه رهيو.
پر ارادو ۽ خواهش آهي اڃان،
اوليائن جو حال ايءُ ٿيو عيان.
چوٿين ۾ حڪم رب جو آهي،
فضل اُن جو اچي مٿان ڪاهي.
وڃي خواهش، ارادو ٿئي سڀ گُم،
حق
جو فعل ۽ ارادو ٿئي محڪم ،
علم جي حالت آهي ايءَ، ته ڪمال،
ڪن ٿا حاصل سا انبيا، ابدال.
عنوان ٽيون
پاڻ کي ۽ خدا کي سڃاڻڻ سان، سعادت حاصل
ٿئي ٿي؛ پر سعادت، دنيا جي به گهرجي ۽ آخرت جي به.
انسان جي، يعني انساني روح جي رهڻ جون جايون به
اُهي ٻه آهن، دنيا ۾ ٿورو وقت ۽ آخرت ۾ گهڻو.
دنيا ڄڻ ته مسافر جي لاءِ مساف خانو آهي، انهيءَ
ڪري دنيا، دين جي رستي وارين منزلن مان، هڪڙي منزل
آهي. ڄڻ ته واٽ تي، هڪڙو عمدو شهر يا بازار آهي،
جنهن ۾ مسافر، سمر وٺي، ساڻ کڻي، اڳتي هلي ٿو.
سندس منزل مقصود، آخرت يا هو جهان آهي. ٻنهي منزلن
جي وچ ۾، هڪڙو وڏو در آهي، جنهن مان لنگهڻو ٿو
پوي. اهو آهي موت. دنيا آهي موت کان اڳي جي حالت
۽ آخرت، پوءِ جي. اسان، پاڻ کي ته سڃاتو ته ڪير
آهيون؟ پر سوال آهي ته هتي ڇو آيا آهيون يا ڇو
رکيا ويا آهيون؟ انهيءَ جو جواب اهو آهي ته دنيا ۾
رهڻ مان مراد آهي. آخرت جو سمر کڻڻ. حقيقت ڪري،
جسم ۽ روح يا دل، ٻنهي جي سنڀال، انهيءَ ڪم لاءِ
ضروري آهي. جسم جي غذا آهي کاڌو ۽ دل جي غذا آهي
خدا جي معرفت ۽ محبت، جنهن مان دل جي خوشي ۽ سعادت
حاصل ٿئي ٿي. بدن جي سنڀال به، دل جي ئي واسطي
ٿي گهرجي، ڇالاءِ جو بدن، فاني آهي ۽ دل، باقي
آهي. روح يا دل جي لاءِ بدن اهڙو آهي، جهڙو حج
ڪرڻ يا مسافري ڪرڻ واري لاءِ اُٺ يا ٻيو وهٽ. هاڻي
حاجيءَ جي مدعا آهي حج تي پهچڻ. پنڌ کان بچڻ ۽ جلد
پهچڻ لاءِ اُٺ گهرجي ته اُٺ کي کاڌو ۽ چارو ڏيڻ
ضروري آهي. بدن جي لاءِ کاڌو ۽ ڪپڙو يا گهر يا
پناهه جي جاءِ گهرجي. اهي پوري پني انداز ۾ گهرجن،
سارو وقت، بدن جي پرورش ڪرڻ ۽ دل کي وساري ڇڏڻ، بي
عقلي آهي. دل جي غذا آهي خدا جي معرفت، ۽ معرفت
جيتري گهڻي هجي اوتري چڱي، ڇاللاءِ جو آخرت جو
توشو يا سمر اهوئي آهي. انهيءَ جي ڳڻتي زياده رکڻ
گهرجي. دنيا ۾ جيڪي عالم آهن، يعني جمادات يا
معدنيات ۽ نباتات ۽ حيوانات، اهي سڀ، انهيءَ لاءِ
پيدا ٿيا ته انسان،يع ني انساني روح، انهيءَ جي
وسيلي ۽ مدد سان کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر موجود ڪن.
انهيءَ طرح، دنيا جا ٻيا ڌنڌا ۽ ڪسب پيدا ٿيا ۽
انهن جو، هڪ ٻين سان واسطو رهيو. انهيءَ واسطي جي
ڪري، جدا جدا قسم جي ماڻهن ۾ تڪرار ٿين ٿا. انهن
جي فيصلي لاءِ، حڪومت ۽ سياست ۽ انصاف جو انتظام
ضروري ٿيو. اهو سڀ دنيائي بندوبست، انسان جي جسم
جي حفاظت ۽ سنڀال لاءِ آهي ۽ بدن، روح يا دل جي
لاءِ آهي ۽ دل، خدا تعاليٰ جي آهي، پر عام ماڻهو،
خدا کي وساري، بلڪ دل کي به وساري، فقط بدن جي
پرورش ۾ مشغول رهن ٿا ۽ دنيا.ئي عيش عشرت ۽ جسماني
۽ نفساني خواهشن ۽ خوشين ۽ عيش عشرتن تي موهجي
وڃن ٿا، جيئن جادوءَ جي اثر کان ٿيندو آهي. پر
دنيا جٽاءُ نٿي ڪري، نيٺ فنا ٿئي ٿي، تنهن کان
سواءِ بيوفا آهي، مٿس ڪوبه ڀروسو ڪونهي ۽ ظالم ۽
خون خوار به آهي. نادانن کي، ظاهري صورت تي، مڪرن
۽ فريبن سان ڀلائي ٿي، جيئن ڏائڻين جي نالي چوندا
آهن. عمر جو ٿورو عرصو، دنيا ۾ رهڻو ٿو پوي.
انهيءَ جي عيش عشرت ۽ لذت جي گهڻائيءَ ڪري، آخرت
جي خوشي ۽ سعادت جو نقصان آهي. اسان جي منزل
مقصود ته اُها اهي، جتي هميشه رهڻو اٿئون. هتي
دنيا جي عيشن جي شوق ڪري ماڻهو پڻ، زياده گرفتار
ٿيندو وڃي، جيئن مک، ماکيءَ تي ويهڻ ۽ چرڻ پرڻ
ڪري، زياده ڦاسندي ويندي آهي. دنيا ۾ ڄڻ ته ماڻهو،
مهمان ٿي رهي ٿو ۽ ميزبان جي مهماني کائي پي،
روانو ٿيڻ گهرجي؛پر حياتيءَ جا طعام ۽ ٿانو وغيره
کڻي، بوجو هلبو، ته هڪڙو ته ڄڻ ميزبان جي چوري ٿي
ڪجي، ٻيو ته رستي ۾ اجايو بوجو کڻڻو ٿو پوي.،
سون، رپو، جواهر وغيره، دنيا جا شيشا ۽ پهڻ آهن،
يعني جمادات، سي ميڙي رکڻ ۽کڻڻ، ڄڻ ته گڏهه جيترو
بار، ساڻ کڻڻو ٿيو. اڳڀرو هلي، پوءِ معلوم ٿئي ٿو
ته اهي سڀ، ٺڪر ڀتر آهن. سڀ ڪوڙ ۽ ڪچ آهي. ناحق
کنيوسين ۽ پاڻ کي تڪليف ڏني سين.نيٺ، وري به رستي
۾ اُڇلائي ڇڏينداسين. سچ آهي ته دنيا، سموري خراب
ناهي، چڱي به آهي. منجهس گهڻيون چڱيون شيون به
آهن، پر اهي، دنيا جون ناهن، آخرت جون آهن، جيئن
علم ۽ عمل، جي ساڻ، هن جهان ۾ هلن ٿا. اها خاصيت،
عبادت ۽ خدا جي يادگيريءَ ۾ آهي ۽ اهي ئي شيون، د
نيا ۾ ڪمائتيون آهن. آخرت جي هٿ ڪرڻ جي ڳڻتي رکو.
اُها هٿ آئي، ته دنيا، پاڻ ئي هٿ ايندي؛ پر جي فقط
دنيا هٿ آئي ته ڇا ٿيو؟ آخرت ته هٿان وئي! انهيءَ
لاءِ هڪڙو مزي جهڙو، فارسي شعر جو ترجمو ٻڌو:
آخرت کي جي يار ڳوليندين،
آخرت ملندي توکي، پڻ دنيا.،
پر جي ڳولين فقط تون دنيا کي،
ملئي دنيا فقط، نه پر عُقبيٰ.
آخرت آهي هڪڙي ڄڻ سائڻ،
دُنيا ٻانهي اُنهيءَ جي سمجهه ادا!
کڻي سائڻ ٿئي جي تُنهنجو نڪاح،
ٻانهي پاڻهئي ملي ٿي منجهه ڏاجا.
پر جي ٻانهي، نڪاح ۾ آڻين،
ان جي سائڻ سان آهي تنهنجو ڇا؟
چيو حديثن ته ٻئي آهن ڀيڻون،
پوءِ نهارڻ به ٻيءَ ڏي آهي خطا.
آخرت سمجهه پنهنجي تون موڙي،
لاڀُ اُن جو تون سمجهه دنيا تا.
پر جي دنيا کي پنهنجي موڙي ڪندين،
فائدو ڪونه پائيندين اصلا.
هن سان ٿين حق کان دور، کائين عذاب،
هن سان آخر ڏسين تون حق جو لقا.
ٻيو سڀ ڪجهه مليئي اُن سان گڏ،
فله الڪُل مَن له الموليٰ.
اختيار آهي هاڻي توکي قليچ!
آڻ هٿ هيءَ، يا هوءَ، وڻئي جيڪا.
عنوان چوٿون
اسان جو مسافر حاجي، جو پهرئين عنوان يا
باب ۾ پاڻ کي سُڃاڻي، پنهنجي م نزل مقصود يعني حج
يا بيت الله جي زيارت لاءِ، هن دنيا ۾ سمر گڏ ڪري
نڪتو هو، ۽ معلوم ڪيو هئائين ته پاڻ، خدا جو جزو
آهي، جو خاڪي بدن ۾، دنيا جي گندگين کان پاڻ کي
پاڪ ۽ صاف ڪري، وري هن جهان ۾ وڃي، پنهنجي اصل يا
ڪل ساڻ واصل ٿيندو، جين قطرو قُلزم ۾، يا ڦڙو
درياهه ۾ پوي، سو هاڻي، موت جي در مان لنگهي، هُن
پاسي ٿو پوي ۽ اُتي جي، يعني آخرت جي معرفت حاصل
ڪرڻ ٿو گهري. اها آخرت، موت کان پوءِ جي منزل آهي؛
تنهن ڪري جيسين ڪو موت جي حقيقت نه سمجهندو، تيسين
آخرت جي نه سمجهندو ۽ موت جي خبر تڏهن پونديس،
جڏهن حياتيءَ جي چونديس. ۽ حياتيءَ جي حقيقت تڏهن
پونديس، جڏهن روح جي پونديس ۽ روح جي تڏهن پونديس،
جڏهن خود پنهنجي نفس جي پونديس. جيئن مٿي چيو ويو
ته روح، سوار آهي ۽ بدن سندس وهٽ آهي؛ روح بادشاهه
آهي، ته بدن سندس ملڪ آهي. روح کي، خوشيءَ جي حالت
اچي ٿي ۽ رنج ۽ عذاب جي به – پهرينءَ حالت کي بهشت
جو نالو ڏنو اٿن ۽ پوئينءَ کي دوزخ جي. عام خلق
کي، سندن رواجي ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ لاءِ، جسماني
بهشت ۽ جسماني دوزخ بيان ڪيو اٿن، ته هڪڙي ۾ باغ ۽
بستان، کير ۽ ماکيءَ جون نهرون، محل ماڙيون،
حورون وغيره عيش عشرت آهن، ته ٻئيءَ ۾ نانگ
بلائون، وڇون ۽ باهيون ۽ ٻيا عذاب آهن، جيئن قرآن
۽ حديث ۾ آهي، انهيءَ لاءِ ته عام کي سمجهه ۾
اچي سگهي، جيئن ٻارن کي، مٺائي راند جي تماشن جو
ٻڌائجي. پر اهو بهشت ۽ دوزخ، جسماني آهي ۽ جسم
سان لاڳو آهي. روحاني بهشت ۽ دوزخ، ٻيءَ طرح جو
آهي. انهن ٻنهي جو فرق اهڙو آهي، جهڙو جسم ۽ روح
جو آهي، جنهن جو مٿي بيان ڏنو ويو. انهيءَ ڳالهه
تي علمائن جو بحث آهي، پر اسين ڇڏي ڏيون ٿا. موت
ڇا آهي، تنهن بابت معلوم هجي ته جيئن مٿي به چيو
ويو ته انسان کي ٻه روح آهن، هڪڙو حيواني، جو ٻين
جانورن کي به آهي ۽ ٻيو انساني يا ملڪي، جو خاص
انسان لاءِ آهن. حيواني روح، بدن جي خلطن مان هڪڙو
نڪتل بخار آهي، جو بدن کي چوري هلائي ٿو، جيئن
ٻاڦ، انجن کي هلائي ٿي. اُها سڀ حواس چوري، تيز
ڪري ٿي ۽ بدن کي جُدا جُدا طاقتون ڏئي ٿي. اُهو
حيواني روح، ڏيئي يا بتيءَ وانگر آهي، جا ڪنهن
جاءِ ۾ رکيل هجي. جيئن ٻاڦ، ڪاٺين ۽ آڱرن جي سڙڻ
مان ٿي نڪري، تيئن انهيءَ بتيءَ جو تيل آهي غذا
کاڌو. جي اُهو نه هوندو ته بتي اجهامي ويندي. يا
ته وري ڌڪ هڻڻ يا ڦوڪي ڏيڻ ڪري اُجهامندي، جيئن
ماڻهو، ڌڪ لڳڻ سان مري وڃي ٿو.، بتيءَ جي روشنائي
يا نور، روح يا دل ۾ رهي ٿو، پر جڏهن دل تي ڪس يا
ڪارنهن چڙهي ٿي، تڏهن انهيءَ ۾ ڪوبه اثر پيدا نٿو
ٿئي ۽ جسم مري وڃي ٿو. اهو آهي حيواني موت يا
حيواني روح جو موت. ٻين جانورن لاءِ، اهوئي هڪڙو
موت آهي، پر انسان جي ٻن روحن مان به جيڪو حيواني
اهي، سو ائين ٿو مري. پر جيڪو اصلي ملڪي روح يا
انساني روح آهي ۽ جنهن کي دل يا من ٿا چون، سو
هڪڙي غير جسماني، نهايت لطيف شيءِ آهي. سمجهو ته
ڏيو يا بتي، جسم يا بدن آهي ته اُن جو شعلو،
حيواني روح آهي، پر ان جي روشنائي يا سوجهرو
انساني روح آهي، جا ڏيئي ۽ شعلي ٻنهي کان زياده
لطيف شيءِ آهي. پر اها روشنائي، جا هڪڙو قدرتي
الهي نور آهي، سو اهڙي عجيب قسم جو آهي، جو جسم جي
ڏيئي جي اُجهائڻ تي گم نٿو ٿئي. بدن، ڄڻ ته
شمعدان آهي يا روح جي پوشاڪ آهي، جا پراڻي ۽ نڪمي
ٿي پوي ٿي، يا سوار جو وهٽ آهي، جو ٿڪجي، نستو ٿيو
پوي، يا هٿيار آهي، جو مڏو ۽ نڪمو ٿيو پوي، تنهن
ڪري ٻي نئين پوشاڪ يا وهٽ يا هٿيار جي ضرورت ٿئي
ٿي. اهڙيءَ شيءِ جو نه هئڻ يا گم ٿيڻ، پاڻ بهتر
آهي. اهو گم ٿيڻ آهي بدن جو موت. انهيءَ ڪري ڪو
سوار کي جوکو نٿو رسي، اهو صحيح سالم آهي. مرض جي
ڪري عضوا، ساڻا ۽ نستا ٿي پون ٿا، حواس گم ٿي وڃن
ٿا ته به بدن سالم ٿو رهي ۽ برجاءِ آهي. اهو حال
آهي انساني روح جو؛ ۽ انسان، اهو روح آهي نه
سندس بُت، جنهن تي هڪڙو نه ٻيو نالو، سُڃاڻپ لاءِ
کنيو رکن. اهو آهي مثال موت جو. جي ڌيان ڪري ڏسبو
ته معلوم ٿيندو ته جيڪو بدن يا اُن جا عضوا ننڍپڻ
۾ هئا،ا ُهي وڏي هوندي ناهن: اُهي ساڳيا، ڳري،
گسي، گم ٿي وڃن ٿا ۽ ٻيا پيدا ٿين ٿا. جنهن ڪري
چئبو ته اهو پهريون بُت، گم ٿي ويو، ٻيو نئون پيدا
ٿيو آهي. حيواني روح، عالم سفليءَ مان آهي؛ پر
اصل انساني روح، عالم علويءَ جو رهاڪو آهي. ۽
ملائڪن جي جنس مان آهي. هن جسماني عالم ۾، فقط
آزمودن حاصل ڪرڻ ۽ آخرت جي سمر کڻڻ لاءِ آيل آهي ۽
قرآن موجب، انسان، خدا جو جزو آهي، جيئن زرو يا
ترورو، سج مان نڪتل اهي يا ڦڙو، سمنڊ يا دريا مان
نڪتل. قران ۾ آهي ته انا الله و انا اليه راجعون ۽
حديث ۾ به آهي ته ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصله.
تنهنڪري انسان آيو به خدا وٽان آهي ۽ وري به
انهيءَ وٽ وڃڻو آهي، جو واصل بالله جو درجو آهي ۽
اهوئي روح جو اصل مقصد آهي. هاڻي معلوم ه جي ته
دنيا جي حياتي گذارڻ جي نظر تي روح، ڪي سعيد ٿيا
ٿين يعني نيڪبخت يا سعادت وارا ۽ شڪي نيڪ بدبخت.
جيڪي سعيد ان، سي قرآن جي حڪم موجب مرن نٿا؛ اُهي
جيئرا آهن، جيئن ڪ انبيا، اوليا، شهيد ۽ ٻيا صالح
بندا. ۽ قرآن جي حڪم موجب ماڻهو، جهڙيءَ حالت ۾
دنيا ۾ رهيو هوندو، اهڙيءَ حالت ۾ هُن جهان ۾ به
هوندو. عالم ته عالم، جاهل ته جاهل، سڄو ته سڄو،
انڌو ته انڌو. اهي سعيد روح، هن دنيا ۾ رهي به،
عالم روحاني يا غيب جي خبر رکي سگهن ٿا، جيئن مٿي
چيو ويو. اُهي ڄڻ ته مرڻ کان اڳ مرن ٿا ۽
انهيءَ ڪري، اهڙي طاقت حاصل ڪن ٿا. جيڪي روح سعيد
ناهن، شقي آهن، يعني بدبخت، سي هن جهان ۾، يعني
قبر کان پوءِ عذاب ڏسن ٿا. اهي عذاب به، ٻن قسمن
جا آهن – هڪڙا جسماني ٻيا روحاني. جسماني عذاب،
روحاني عذابن جي بنسبت، خسيس ۽ سولا آهن، پر
روحاني عذاب، نهايت سخت آهن. جي هن دنيا ۾ نفساني
شهوت تي هريل هوندا، جنهن جو واسطو فقط جسم سان
آهي، سي هن جهان ۾، جسم نه هئڻ جي حالت ۾، ڏاڍا
عذاب کائيندا، جيئن سخت اُڃ هجي ۽ پاڻي به چپن تي
رکيل هجي، پر پيئڻ جي طاقت نه هجي. دنيا جي محبت
وارن جو، اجهو اهو حال آهي! جيئن زياده محبت،
تيئن زياده عذاب. دنيا جا تارڪ يا موليٰ جي محبت
رکڻ وارا، اهڙن عذابن کان آزاد هوندا. حقيقت ڪري،
انهن عذابن جو ٻج، هتي دنيا ۾، روح منجهه رچي
وڃي ٿو ۽ لڪل ٿو رهي، جو پوءِ روحاني عالم ۾، ظاهر
ٿو ٿئي ۽ بلائن ۽ وڇن ۽ ٻين عذبان جي صورت ٿا وٺن،
يعني تيزيءَ ۾، انهن جهڙا ٿا ٿين، جيئن هتي دنيا
۾، خراب ڪمن ڪرڻ ڪري، اندر جا چڪ يا عذاب، ٻاهر جي
چهبڪن ۽ ڌڪن کان زياده سخت ٿا ٿين.
|