ٻه ورهيه برابر امام صاحب دمشق ۾ رهيو. هڪڙي ڏينهن
، ”امينيه“ واري مدرسي ۾ ويو. اُنهيءَ جو مدرس،
کيس نه سڃاڻندو هو. تنهن درس ڏيندي، تقرير ۾ چيو
ته ”غزاليءَ، هيئن لکيو آهي.“ اهو جملو ٻڌي، امام
صاحب کي غيرت آئي. ڄاتائين ته انهيءَ ڪري، مون ۾
غرور ۽ فخر پيدا ٿيو آهي، جو ترڪ ڪرڻ ضروري آهي.
انهيءَ ڪري، انهيءَ ڏينهن، دمشق ڇڏي نڪتو ۽ بيت
المقدس ويو ۽ اتي زيارتون ڪيائين. اتان وري حج
ڪرڻ ويو ۽ ڪي ڏينهن، مڪي ۾ رهيو. اتان وري مصر ۽
اسڪندريه ۾ آيو، جتي ڪي ڏينهن رهي پيو. ارادو
ڪيائين ته مراڪش ۾، يوسف بن تاشقين سان ملاقات وڃي
ڪري، پر انهيءَ وچ ۾، يوسف، وفات ڪئي ۽ هن جو اوڏي
وڃڻ نه ٿيو.
انهيءَ طرح، دمشق مان نڪرڻ کان پوءِ ڏهن
ورهين تائين امام صاحب، پاڪ جاين جون زيارتون ۽
مشهور بزرگن سان ملاقاتون ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن
ته جهنگلن ۽ ويرانن ۾ وڃي رهندو هو، جيئن تارڪ
درويش ۽ خانه بدوش ڪندا آهن.، گودڙي ڪلهن تي هوندي
هيس ۽ سانداري پاڻيءَ جي هٿ ۾. هڪڙي بيابان ۾،
هڪڙو شخص گڏيس، جنهن کي وڏي مدرسي ۾ درس ڏيندي ڏٺو
هو ۽ سڃاتائينس، ۽ پڇيائينس ته هيءَ حالت چڱي يا
هوءَ درس واري؟ پاڻ چيائين ته هيءَ چڱي اهي ۽ هوءَ
نفس کي مارڻ لاءِ، مون ڇڏي ڏني آهي ۽ هيءَ شعر
پڙهيائين:
ترکت هوي ليلي و سعدي بمنزل،
وعدت الي مصحوب اول منزل،
فنادت لي الاشواق مهلا فهذاه،
منازل من تهويٰ رويدک فانزل.
انهيءَ مٿئين وڏي سفر ۾، جڏهن هو، بيت
المقدس ۾ هو ۽ مقام ابراهيم جي زيارت تي ويو، تڏهن
اتي، ٽن ڳالهين جو انجام ڪيائين ته اڳتي، نه ڪنهن
بادشاهه جي دربار ۾ ويندس، نه ڪنهن بادشاهه جو
انعام يا عطيه وٺندس ۽ نه ڪنهن سان مناظره ۽
مباحثه ڪندس ءٌ پڇاڙي تائين انهيءَ انجام تي قائم
رهيو. حضرت عيسيٰ جي پينگهي وٽ، ابوالحسن بصريءَ
جي زيارت وقت به هن کي، وجد اچي ويو ۽ ڪيترن ٻين
بزرگن جي روبرو،بصريءَ جا شعر پڙهڻ لڳو.
چون ٿا ته هُن، ڪتاب ’احياء العلوم‘
عربيءَ ۾ لکيو ۽ دمشق ۾ ته ڪيترن شاگردن کي هن،
اُهو پڙهايو به. ڪتاب قواعدالعقائد به انهيءَ سفر
۾، هن بيت المقدس وارن جي فرمائش تي لکيو. دمشق
۾، سندس شاگردن مان گهڻا، مشهور ٿي گذريا آهن،
جيئن ته ابوالحسن علي بن مسلم، جنهن کي پوءِ جمال
الاسلام جو لقب مليو. مطلب ته انهيءَ سفر ۾ امام
صاحب، جدا جدا حالتن ۾ رهيو ۽ گهڻائي رنگ ورتائين.
پاڻ ٿو چوي ته ”حج ڪرڻ کان پوءِ، ٻارن ٻچن جي سڪ
مون کي اهڙي اچي ٿي، جو موٽي وطن آيس، نه ته آءٌ،
وطن جي نالي کان پري ڀڄندو هوس. پر وطن ۾، مون
گوشه نشيني اختيار ڪئي، ليڪن زماني جي ضرورتن ۽
گذران جي ڳولا، البته منهنجي دل جي صفائيءَ ۾،
ڪدورت پيدا ڪئي ۽ خاطر تسليءَ ۽ دلجمعيءَ جو وقت،
ڪو ورلي هٿ ٿي آيو.“
امام غزاليءَ، گوشه نشيني انهيءَ لاءِ
اختيار ڪئي ته هن کي، حقيقت معلوم ٿئي. رياضتن ۽
مجاهدن مان، هن جا شڪ شبها گم ٿي ويا، ليڪن انهيءَ
زماني ۾“ فلسفه ۽ عقليات جو، ايتري قدر زور ظاهر
ٿيڻ لڳو، جو مذهب کي خطرو هو. اُهو حال ڏسي، هُن
پنهنجي راءِ ۽ حالت ڦيرائي ۽ مذهب جي مدد ڪرڻ جو
ارادو ڪيائين. اتفاق سان، وقت جي بادشاهه جو به هن
کي، حڪم اچي پهتو ته نيشاپور جي مدرسي ”نظاميه“ جو
مدرس ٿئي. امام صاحب، انهيءَ بابت خيال ڪرڻ لڳو ۽
صوفي دوستن سان صلاح ڪيائين. سڀني چيس ته شايد
خدا جي مرضي اها آهي ۽ هر صديءَ جي شروع ۾، دين جو
هڪڙو مجدد يا تازو ڪندڙ پيدا ٿيندو آهي. سو شايد
تون ٿيندين. سنه 499هه جو ذُالقعد وارو مهينو هو،
جو امام صاحب. اها جاءِ قبول ڪئي ۽ نيشاپور ۾ اچي،
درس تدريس ۾ مشغول ٿيو.
انهيءَ حاڪم جو نالو فخرالملڪ هو، جو نظام
الملڪ جو وڏو پٽ هو ۽ خراسان جي بادشاهه، ملڪ
شاهه سلجوقيءَ جي پٽ سنجر جو دوست هو ۽ اهوئي
پيءُ وانگي، هن جو دوست ۽ قدرشناس هو. اهو پاڻ،
سلطان سنجر جي طرفان، امام صاحب وٽ آيو هو ۽
انهيءَ جاءِ جي آڇ ڪئي هئائينس: تنهن ڪري هن اهو
عهدو قبول ڪيو. ٻئي سال جي شروع ئي ۾، فخرالملڪ
شهيد ٿيو ۽ امام صاحب ستت ئي اُتان نڪري، طوس ۾
اچي گوشه نشين ٿيو ۽ گهر جي پاسي ۾، مدرسو ۽
خانقاهه بنائي، ويهي رهيو ۽ ديني علم، توڙي تصوف
جي تعليم ڏيڻ لڳو. ماڻهن ۽ مريدن جي وٽس آمدرفت
ٿيڻ لڳي. ڪتاب ”احياء العلوم“ ۾، امام صاحٻ، اڳئين
وقت جي عالمن ۽ مشائخن جي رياڪاري ظاهر ڪئي
هئي،تنهن ڪري اُهي سندس برخلاف ٿيڻ لڳا ۽ مٿس حسد
ڪرڻ لڳا، هن پنهنجي جوانيءَ جي لکيل ڪتاب ’منخول‘
۾، امام ابو حنيفه تي گهڻي نڪته چيني ڪئي هئي ۽
اُنهيءَ جي نسبت ۾ ، گهٽ وڌ لفظ ڪم آندا هئائين.
ملڪ جا گهڻا عالم ۽ عام ماڻهو، اڪثر حنفي هئا. خود
سلطان سنجر به حنفي هو ۽ امام ابو حنيفه جو مقبرو
ٺهرايو هئائين. ڪي مخالف عالم، اهو ڪتاب کڻي،
سلطان وٽ آيا ۽ سندس ٻين ڪتابن جا به ڪي ڀاڱا،
اُبتا سبتا ڪري بيان ڪيائون ۽ امام غزاليءَ تي
زنديق يا مُلحد هئڻ جي تهمت آندائون. سلطان سنجر،
هڪدم، امام صاحب کي پاڻ وٽ گهرايو. هو طوس مان
نڪري روانو ٿيو هو. مشهد مقدس تائين آيو. پوءِ
پنهنجي ڪيل انجام ياد پيس ته ڪنهين به سلطان جي
دربار ۾ نه ويندس، تنهن ڪري اُتان، انهيءَ عذر جو
خط، فارسيءَ ۾ لکي موڪليائين ۽ اچڻ کان معافي
گهريائين. سلطان، اهو عذر قبول ڪيو، بلڪ ڀانئيائين
ته امام صاحب کي، پاڻ اچي طوس ۾ ڏسي. انهيءَ ڪري،
حاسد عالمن کي، زياده ڊپ ٿيڻ لڳو. سلطان وٽ، هن جي
نافرمانيءَ ۽ مغروريءَ جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ۽ گذارش
ڪيائون ته هو، دربار ۾ کڻي نه اچي، پر لشڪر گاهه
يا شهر تائين ته ضرور اچي، جتي مناظره، ۽ مباحثه
جي مجلس قائم ڪرڻ ۾ اچي. تنهن تي سلطان، پنهنجي
وزير معين الملڪ کي موڪليو ته امام غزاليءَ کي وڃي
وٺي اچي. معين الملڪ، امام صاحب کي پهرين لشڪر
گاهه تائين آندو، پوءِ هن کي ٺڳاري، سلطان جي
دربار ۾ به آندائين.سلطان، سندس اڳيان اُٿي بيٺو ۽
گهڻي تعظيم سان تخت تي وهاريائينس. جڏهن اعتراض جي
ڳالهه چُري، تڏهن امام صاحٻ، سلطان کي مخاطب ٿي،
هڪڙي عمدي تقرير ڏني، جا جنسي سندس مڪاتبات ۾
موجود آهي. انهيءَ تقرير جي پڇاڙيءَ ۾ هيئن چيائين
ته ”مون کي هاڻي، ٻه ڳالهيون عرض ڪرڻيون آهن، هڪڙي
هيءَ ته طوس جي ماڻهن تي، حاڪمن جي ظلم ۽ ڏڪار ۽
سرديءَ جي ڪري، ڏاڍي سختي گذري آهي، انهن تي تون
رحم ڪر ته خدا توتي به رحم ڪري. افسوس آهي ته
مسلمانن جون گردنون، تڪليف ۽ مصيبت کان پيون ڀڃن ۽
تنهنجن گهوڙن جون گردنون، سونين هسلين جي بار کان
پيون ڀڄن. ٻي هيءَ، ته ٻارهن مهينن کان آءٌ، گوشه
نشين ٿي رهندو اچان. وزير جي زور ڪرڻ تي هتي آيو
آهيان، جو هن چيو، ته وقت جو بادشاهه عادل آهي سچ
جي ڳالهه، خوشيءَ سان ٻڌندو. منهنجي نسبت ۾، جو
چوڻ ۾ اچي ٿو ته امام ابو حنيفه تي، مون ٽوڪون
ڪيون آهن. سو غلط آهي. انهيءَ جي نسبت ۾، منهنجو
اهوئي اعتقاد آهي، جو مون پنهنجي ڪتاب ”احياء
العلوم“ ۾ لکيو آهي. فقه جي علم ۾ “ آءٌ هن کي، هن
زماني جو چونڊيل شخص ٿو ڄاڻان.“
امام صاحب جي تقرير ٻُڌي، سلطان ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”هيءَ تقرير، جي عراق ۽ خراسان
جا عالم ٻُڌن ها ته گهڻو فائدو حاصل ڪن ٿا. هاڻي،
آءٌ حڪم ٿو ڪريان ته ”اُهي، سال ۾ هڪڙو ڀيرو
ضرور، اوهان وٽ حاضر ٿي، فيض حاصل ڪن.“ پوءِ امام
صاحب موڪلائي، پنهنجي وطن ۾ آيو. اتي به مخالفن،
جند نه ڇڏيس. ۽وٽس اچي پڇڻ لڳا ته ”اوهين، مذهب ۾
ڪنهن جا مقلد آهيو يا نه؟“ هن جواب ڏنو ته ”هائو،
عقليات ۾ عقل جو ۽ منقولات ۾ قرآن جو مقلد آهيان.
باقي امامن مان، ڪنهن جو به مقلد ناهيان.“ هي ٻڌي،
اُهي مخالف عالم، اُٿي کڙا ٿيا ۽ هليا ويا. پوءِ
به امام صاحب جي ڪتابن ”ڪيميائي سعادت“ ۽ ”مشڪواة
الانوار“ تي اعتراض لکي، ڏانهس موڪليائون، جن جا
هن، نهايت عمدا جواب ڏنا.، جي سندس ”مڪاتبات“ ۾
موجود آهن.
سنه 500هه ۾ سلطان محمد بن ملڪ شاهه
صدرالدين محمد بن فخرالملڪ کي پنهنجو وڏو وزير
ڪيو. انهيءَ کي، بغداد جي مشهور مدرسي ”نظاميه“ جي
سڌارڻ جو خيال ٿيو، جو امام غزاليءَ جي اُتان وڃڻ
کان پوءِ، چڱي حال ۾ نه هو. تنهن ڪري هن امام
غزاليءَ کي ، انهيءَ مدرسي جي وري مدرس ٿيڻ لاءِ
خط لکيو ۽ سلطان جي طرفان،توڙي ٻين عالمن جي طرفان
به ڪي خط ڏانهس ويا. طوس، خراسان ۾ هو ۽ سلطان جي
هٿ هيٺ هو. انهيءَ هوندي به امام صاحب، بغداد
ڏانهن نه اچڻ جو عذرلکيو، جو چيائين ته ”هتي به
مون وٽ ڏيڍ سو کن طالبعلم آهن، انهن کي تڪليف
ٿيندي. ٻيو ته اڳي، آءٌ جڏهن بغداد ۾ هوس، تڏهن
ڇڙهو هوس، هاڻي ٻار ٻچا اٿم، جي وطن نه ڇڏي
سگهندا. ٽيون ته مون، مقام ابراهيم ۾ عهد ڪيو
آهي ته عالمن سان بحث مباحثو نه ڪندس ۽ بغداد ۾،
مباحثو ضرور ٿيندو ۽ مون کي، سلطان جي دربار ۾
ضرور وڃڻو ٿيندو، جنهن جو پڻ مون قسم کنيو آهي،
ته نه ويندس، ۽ نه آءُ سرڪاري پگهار وٺي سگهندس ۽
غير وطن ۾، منهنجي ٻي ڪابه جاگير ڪانه آهي.“ آخر
بغداد ڏي نه ويو.
اُنهيءَ کان پوءِ، اڳي وانگي، گوشه نشين
ٿي، مجاهده ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو. ساڳئي وقت ۾،
حديثن جي تحصيل ۽ تڪميل ڪرڻ لڳو، جو اتفاق سان،
حافظ عمر ابن ابوالحسن، طوس ۾ اچي، وٽس مهمان ٿيو،
۽ اُهو، علم حديث ۾ يگانو هو. انهيءَ عرصي ۾ ڪي
ڪتاب به تصنيف ڪيائين، خاص ڪري فقه ۾، جيڪو سندس
ڪتاب ”مستصفي“ آهي، سو سنه 504هه ۾ لکيائين، ۽ ٻيئ
سال ۾ پاڻ وفات ڪيائين.
امام صاحب جي وفات 14 جمادي الثاني سنه
505هه ۾، طابران جي شهر ۾ ٿي، جتي اصل تولد ٿيو
هو، ۽ دفن به اُتي ئي ٿيو. سندس ڀاءُ احمد غزالي
لکي ٿو ته ”سومر جي ڏينهن، امام صاحب، صبح جو ننڊ
مان اُٿيو ۽ وضو ڪري، نماز پڙهيائين، پوءِ ڪفن
گهرائي، اکين تي رکي، چوڻ لڳو ته ”آغا جو حڪم، مٿي
۽ اکين تي آهي.“ ائين چئي، سنئون ٿي سمهي پيو ۽ دم
ڏنائين. امام صاحب جي وفات جو ٻُڌي، اسلامي دنيا
کي، ڏاڍو غم ٿيو. ڪيترن شاعرن مرثيا لکيا.
امام صاحب، پُٽ ڪونه ڇڏيو، ڪي ڌيون هيس،
جن مان پيڙهي رهيس. ڇهين پيڙهي شيخ مجدد الدين،
سندس اولاد مان چوڻ ۾ ٿو اچي. باقي، سندس شاگرد
ته تمام گهڻا هئا ۽ منجهانئن ڪي، ته تمام مشهور ۽
نامور ٿي گذريا آهن، جيئن ته محمد بن تومرت ۽
ابوبڪر عربي، جي اندلس جي مشهور علمائن مان آهن.
انهن کان سواءِ قاضي نصر احمد، ابوالفتح احمد، ابو
طاهر، ابوطالب راضي ۽ ٻيا ڪيترائي آهن.
امام غزاليءَ جي عمر 54 ورهيه هئي ويهن
ورهين جي عمر کان وٺي، هن ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. ڏهه
يارهن ورهيه، سير ۽ سفر ۾ گذاريائين. درس ۽ تدريس
جو شغل، هميشه رهيس. ڪڏهن به ڏيڍ سو کان گهٽ شاگرد
نه هئس. پري پري کان جيڪي مسئلا ايندا هئس، تن جون
فتوائون ۽ جواب به لکندو هو. فقر ۽ تصوف جي
مشغولي انهيءَ کانسواءِ. اُنهيءَ هوندي به، سوين
ڪتاب ۽ رسالا لکيائين، جن مان ڪن جا ته گهڻائي
جُلد آهن ۽ جدا جدا مضمونن تي آهن. اُنهن جو تفصيل
طبقات سبڪي، شرح ۽احيا ۽ ڪشف الظنون ۾ ڏنل آهي.
هيٺ اسين، مضمون وار سندس ڪتاب ڏينداسين.
فقه بابت –
وسيط، بسيط، وجيز، بيان القولين شافعي، تعليفة في
فروع المذهب، خلاصة الرسايل، غاية الغور، مجموعة
فتاوي.
اصول فقه بابت –
تحصين الماخذ، شفاء العليل، منتحل في علم الجدل،
منخول، مستصفيٰ، ماخذ في الخلافيات، مصفل الخلاف
في اصول القياس.
منطق بابت –
معيار العلم، محڪ النظر، ميزان العمل (سڀني يوروپي
ٻولين ۾ ترجمو ٿيل).
فلسفه بابت –
مقاصد الفلاسفة (يورپ ۾ موجود).
علم ڪلام بابت –
تحافة الفلاسفة، منقذ، الجام العوام، اقتصاد،
مستظهري، فضائيح الاباحية، حقيقة الروح، قسطاس
المستقيم، القول الجميل في الرد عليٰ غير
الانجيل، مواهم الباطنية، تفرقه بين الاسلام
والزندقه، رسالة القدسية.
تصوف ۽ اخلاق بابت-
احياء العلوم، ڪيميائي سعادت (پارسي)، المقصد
الاقصيٰ، اخلاق الابرار، جواهر القرآن، جواهر
القدس في تحقيق نفس، مشڪواة الانوار، منهاج
العابدين، معراج السالڪين، نصيحة الملوڪ (فارسي)،
ايها الولد، بداية الهداية، مشڪواة الانوار في
لطائف الاخيار.
متفرقه -املاءَ
علي مشڪل الاحياء، اربعين، الاسماء الحسنيٰ، اسرار
معاملات الدين، اسرار الانوار الالهيه، بالايات
المتلوة، النجاة من الاشرار، اسراراتباع السنته،
اسرار الحروف و الڪلمات، بدايع الصنع، تنبيه،
الغافلين، تلبيس ابليس، تحصين الماخذ، تحصين
الادلة، حجة الحق، السر المصون، رتب فيه آيات،
آيات القرآن عليٰ اسلوب غريب، شرح دائره علي ابن
ابي طالب، عقيدة المصباح، عجائن صنع الله، عنقود
المختصر، مسئلة الطلاق، غور الدور، الفڪرة و
العبرة، فواتح السور، الفرق بين الصالح القانون
الڪلي، قانون الرسول، القربة الي الله، قواعد
العقايد، ڪشف علوم الاخرة، المجالس الغزالية،
ياقوت التاويل في التفسير (چاليهه جلد)
مڙئي قريب اٺهتر مشهور ڪتاب آهن. اُنهن
مان چئن ڪتابن جي نسبت ۾ گمان آهي ته سندن ناهن.
اُهي هي آهن: منخول، مصنون، النفخ والتسويه ۽ سر
العالمين. علامه نودي، حساب ڪري لکيو آهي ته عمر
جي ڏينهن جي نظر تي ڄڻ ته هر روز سورهن صفحا
لکيائين. انهن ڪتابن مان گهڻا، امام صاحب جي
حياتيءَ ۾ مشهور ۽ مقبول عام ٿي چڪا هئا. احياء
العلوم ته خاص طرح لاثاني ڪتاب شمار ڪيل آهي ۽
قرآن کانپوءِ، ٻئي درجي جي عزت حاصل اٿس. سندس
تصوف ۽ سلوڪ جي ڪتابن کي ماڻهو، الهامي ڪتاب
ڄاڻندا آهن. هن جي ڪتابن جون ڪيترن عالمن، شرحون
لکيون آهن، جيئن امام فخرالدين رازيءَ، فخرالدين
جيوشانيءَ (جنهن امام غزاليءَ جي هڪ ڪتاب جي سورهن
جلدن ۾ شرح لکي آهي ۽ شيخ نجم الدين، سندس هڪ ڪتاب
جي شرح سٺ جلدن ۾ لکي آهي ۽ ڪنهن ٻئي عالم به گهڻن
جلدن ۾ شرح لکي آهي، جنهن جو نالو ’بحرالمحيط‘
آهي.
امام غزاليءَ جا جيڪي ڪتاب عقليات ۽ فلسفي
بابت آهن، تن جي قدرداني، اسلام جي عالمن وٽ گهڻي
ڪانهي، بلڪه ڪن جي نسبت ۾ علمائن، ڪفر ۽ زندقه
جهڙي فتويٰ ڏني آهي، جيئن منخول ۽ مصنون ۽ المنقذ،
بلڪه، احياء العلوم ۾ به ڪي اشارا اهڙا آهن، جن تي
هنن کي اعتراض آهي. مگر انهن جي برخلاف، وري انهن
ئي ڪتابن جي، يورپ جي ماڻهن قدرداني ڪئي ۽ انهن
جا ترجما ڪيا ۽ انهن جون شرحون لکيون. مقاصد
الفلاسفة، المنقذمن الضلال، تهافت الفلاسفة، ميزان
العمل (جو منطق ۾ آهي) ۽ احياء العلوم. اهي سڀ
ڪتاب، يورپ جي جدا جدا ملڪن ۾ مستعمل ٿيا.
امام صاحب جا سڀ ڪتاب ، عربيءَ ۾ آهن.
فارسيءَ ۾ فقط ڪيميائي سعادت ۽ نصيحة الملوڪ آهن.
تنهن کان سواءِ، سندس چيل، گهڻو شعر به آهي. جو
سلجوقين جي حڪومت ۾، فارسيءَ ۾ ڇپيل هو، ۽ شاعريءَ
جو مذاق هو ۽ سندس ڪي رباعيون آهن، جي ابوسعيد
ابوالخير ۽ عمر خيام جي رباعين جي تتبعي تي آهن.
عمر خيام ته سندس همعصر هو، بلڪه سلجوقين جي دربار
۾، ٻئي گڏ هوندا هئا. هن جون ڪي رباعيون هي آهن:
اي کان بقا! در چه بقائي که نهء؟
در جائي نهء کدام جائي که نهء!
اي ذات، تو از ذات، جهت مستغني
آخر تو کجائي و کجائي که نهء؟
ايضاً
کس را پس، پرده قضا راه نشد
و از سر قدر، هيچ کس اگاه نشد
هر کس ز سر، قياس چيزي گفته
معلوم نگشت و قصه کوتاه نشد
انهيءَ مضمون تي، فارابيءَ هيئن چيو آهي:
اسرار، وجود، خام و نا پخته بماند
و آن گوهر بس شريف نا سُفته بماند
هر کس ز سر، قياس چيزي گفته
و آن نکته که اصل ب ود، ناگفته بماند
۽ انهيءَ مضمون تي، شيخ بو علي سينا، هيءَ
رباعي چئي؛
دل گرچه درين باديهج بسيار شتافت
يک موئي ندانست وبسي موي شگافت
اندر دل، او هزار خورشيد بتافت
آخر بکمال ذره راه نيافت.
غزاليءَ جي ٻي رباعي:
با جامه نمازي بسر خم کرديم
و از آب، خرابات تيمم کرديم
شايد که درين ميکدها در يابيم
آن يار که در صومعه ها گم کرديم
قطعه
گفتم دلا تو چندين بر خويشتن چه پيچي؟
با يک طبيب، محرم اين راز درميان نه،
گفتا که هم طبيبي فرموده ست با من
گر مهر، يار داري، صد مُهر بر زبان نه
هاڻي اسين، امام غزاليءَ جي ڪتابن ۾
فلسفه، اخلاق وغيره علمن بابت جيڪا سندس راءِ آهي
۽ اڳوڻن حڪيمن جي مقابلي ۾، جيڪا ڦير گهير ڪيائين
يا نئين طرز وڌائين، تنهن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.
اخلاقي فلسفه
جي نسبت ۾، اڳئي يوناني حڪيمن ارسطو، جالينوس،
سقراط ۽ ٻين جي ڪتابن جا ترجما ٿيل هئا ۽ انهن تي
شرحون لکيل هيون، ۽ اسلامي حڪيمن، ابونصر فارابي ۽
بو علي سينا ۽ ابن مڪويه به پنهنجا ڪتاب لکيا. پر
عام ماڻهن جو ميل، انهيءَ نج فلسفه ڏي نه ٿيو.
ماڻهن جو عام ميل، اڪثر مذهبي ڳالهين ڏي هو. امام
غزالي، تنهن ڪري فلسفه ۽ مذهب ملائڻ جي ڪوشش ڪئي
۽ اها راءِ ڪتاب احياء العلوم ۾ ظاهر ڪيائين، جو
اخلاقي فلسفه سان ڀريل آهي، ۽ جو پڙهندڙن جي دل
۾، جلد اثر ڪري ٿو. انهيءَ جو سبب، هڪڙو هيءُ هو
ته امام صاحب خود، فاضل ۽ زاهد هو، ۽ سندس رياضتن
۽ مجاهدن جي، ماڻهن کي خبر هئي. ٻيو ته سندس
عبارت، وعظ ۽ نصيحت سان ڀرپور هئي، ۽ اها سليس ۽
عام فهم هئي. اڳوڻي فلسفه جي عبارت، اڪثر مشڪل
هوندي هئي. حجت ۽ دليل به آسان ۽ رواجي آندا
اٿس. ٽيون، جدا جدا خيالن ۽ مذاجن وارن ماڻهن جي
نظر تي، حقيقت سمجهائي اٿس. چوٿون، سڀڪنهن مضمون
جي نسبت ۾، قرآن، حديث ۽ عالماڻا قول، شاهد آندا
اٿس. پنجون، اخلاق کي اهڙو رنگ ڏنو اٿس، جو
پڙهندڙن کي همت اچي ٿي ۽ ٻين کي ڪمائتا ٿي سگهن
ٿا. اهڙين نصيحتن، ڪندي، مزي جا مثال ۽ ڳالهيون
آنديون اٿس. امام صاحب جو نئون طرز اهو آهي ته
اخلاق ۾، فلسفه ملائي ڇڏيو اٿس. اخلاقي مرض بيان
ڪري، وري انهن جا سبب ۽ علاج ڏنا اٿس. انهن جون
ٻئي حدون، يعني افراط ۽ تفريط ڏيکاري، اعتدال جو
درجو ٻڌايو اٿس. |