باب سورهون
ساهه کڻڻ جو سرشتو
(RespiratorySystem)
ساهه کڻڻ سان ٻاهرين تازي هوا اندر نئجي ٿي، ۽ اندرين
ڪم آيل هوا ٻاهر ڪڍجي ٿي. اها ضرورت ان ڪري ٿي
ٿئي، جو رت لاڳيتو ڦڦڙن ۾ آڪسيجن کڻڻ ۽ ڪاربانڪ
ائسڊ گئس ڇڏڻ لاءِ ايندو ٿو رهي. ڇاڪاڻ ته بدني
اوڄن ۾ گرمي ۽ طاقت پيدا ڪرڻ لاءِ آڪسيجن جي گهرج
ٿي ٿئي، آڪسيجن کان سواءِ ٽي منٽ جيئرورهڻ به
ناممڪن آهي. ساه کڻڻ ۾ ڪيترا عضوا ڪم ڪن ٿا - جئن
ته : (1) نڪ،(2) نڙي،(3) گلو،(4) نڙ گهٽ ۽ سندس
شاخون،(5) ڦڦڙ، ۽ (6) پيٽ ڇهه.
1. نڪnose.
جيتوڻيڪ ساهه نڪ توڙي وات مان کڻي سگهجي ٿو، پر نڪ
مان ساهه کڻڻ ڪري ڪيترائي فائدا آهن - جئن ته :
(1) ناسن جي وارن ۾ هوا ڇڻيَ،مٽيءَ وغيره ڪچري کان صاف
ٿي، پوءِ اندر ٿي وڃي.
(2) نڪ جي اندر ڪيترائي ور وراڪا آهن، جن مان لنگهندي
هوا گرم ٿيو وڃي، جنهن ڪري ڦڦڙ ٿڌيءَ هوا جي
ٺاريندڙ اثر کان بچيل ٿا رهن.
(3) ناسون سوڙهيون ۽ ڊگهيون آهن، جن مان هوا ڇڪجي اندر
وڃڻ ڪري، ڦڦڙن جي هر هڪ هوا جي ڳوٿري پوريءَ طرح
ڀرجي سگهي ٿي، ان ڪري ڪو به ڦڦڙ جو ڀاڱو بيڪار يا
هوا کان خالي نه ٿو رهي.
(4) نڪ ۾ سنگهڻ جي طاقت آهي، جا وقت بوقت خبردار ڪندي
ٿي رهي ته هوا سٺي آهي يا خراب.
(5) وات مان ساهه کڻڻ ڪري، ڪيتريون وات جون غلاظتون ۽
جيوڙا جي عام طرح وات ۾ موجود رهن ٿا، ڦڦڙن ۾ داخل
ٿي، کنگهه ۽ ٻيون بيماريون پيدا ڪري سگهن ٿا. وات
مان ساهه کڻندڙ ڪڏهن به سگهو نه هوندو. ڪَليون،
ڪاڪڙو، هميشه خراب هوندس. ٻار ته پوري هوا نه کڻي
سگهڻ ڪري ڏاڍا موڳا لڳندا آهن.
نڪ کي، ضرورت موجب، اندر به پاڻيءَ سان صاف ڪندو رهجي. نُهن سان
نڪ کوٽڻ چڱو نه آهي.
2.نڙي Pharynx.نڪ
۽ وات جي پٺين خال کي ”نِڙي“ چئجي ٿو، جنهن مان
وات کان کاڌو وڃيو لُڪي ۾ پوي، نڪ واري هوا گلي ۾.
بعضي، جي کاڌي جوذرو وڃي گلي ۾ پوندو آهي ته هڪدم
مونجهه ۽ کنگهه شروع ٿي ويندي آهي، ۽ چئبو آهي ته
کاڌو وڃي ٻيءَ نڙيءَ ۾ پيو. اها ” ٻي نڙي“ هوا جي
رستي کي ٿو چئجي، جنهن مان ساهه ڦڦڙن ۾ ٿو وڃي؛ ۽
جي ايترو کاڌو وڃي منجهس پوي جو ساهه نه کڻي
سگهجي، ته موت يقيني آهي.
3. گدوLarynx.
نرگهٽ جو مٿيون ويڪرو ڀاڱو،جو ڳچيءَ جي اڳ کان خاص
طرح مردن ۾ نڪتل نظر ايندو آهي، ان کي ”گلو“ چئجي
ٿو. گلي جي اندر آواز جو انتظام سٽيل آهي، منجهس
توتاڙيءَ وانگر هڪ چير آهي، جنهن جي پاسن کان ٻه
پردن جون تاڪيون(Vocal
Cords)
آهن. انهن تاڪين ۾ مُشڪون لڳل آهن، جي تاڪين کي
ڇڪي پري ڪري، منجهانئس ڦڦڙن مان ٻاهر نڪرندڙ هوا
سان، ٿلها يا سنها، نموني جا آوزا ڪڍي سگهن ٿيون.
جيڪڏهن گلي ۾ ريزش ٿي، ته چئبو ته ” نڙي ويهي ويئي
آهي“ البت، آواز کي سَرلي ڪرڻ لاءِ ٻيا هوا سان
ڀريل خال به مدد ڪن ٿا - جهڙوڪ وات ۽ نڪ. انهن جو
اسان ۾ ساڳيون ڪم آهي، جيڪو تُنبيءَ جو يڪتاري ۾
جنھن جي تار کي چوربو، ته سندس تحرڪ ڪري، تنبيءَ
واري هوا لرزش م اچي ٻُرائيندي ۽ آواز کي سَرلو
ڪندي. آزمودو هوندو ته ليس جي حالت ۾، نڪ يا نڙيءَ
۾ ريزش هئڻ سبب، آواز ڪيترو نه گهگهو ٿي بدلجي
ويندو آهي.
4. نڙگهٽTrachea.
گلي کان هيٺ ” نڙگهٽ“ شروع ٿو ٿئي. هيءُ پڙدن ۾
ويڙهيل لچڪيدار ڪچڙي ڪنڊي جي ڇَلن جو ٺهيل آهي،
جنهن ڪري ٻوٽجي نٿو وڃي ۽ منجھس سولائيءَ سان ھوا
اندر ٻاھر اچي وڃي سگھي ٿي. ٿي، ڦڦڙن ۾، جئن وڻ جي
ٿڙ مان ڏار، ڏارن مان لامون لامن مان ٽاريون ٿيون
نڪرن، تئن بيشمار شاخون ٿيو وڃنس، جي نيٺ وڃيو هوا
جي ڳوٿرين ۾ کٽن،”ٽريڪيا“ ۽ ”برانڪاءِ“ ۾ اندر
بلغمي پردي جو تهه آيل آهي، جنهن ۾ ضرورت آهر بلغم
جڙندو ٿو رهي. بلغم جي ڪري خُشڪي به نٿي ٿئي، ۽ جي
هوا ۾ مٽي يا ٻيو ڪچرو گهڻو آهي ته اهو به بلغم ۾
چنبڙيو پوي، جنهن کي ٻُئاري پردو ڪڍيو ڇڏي - (ڏسو
ٻُئاري پردو، صفحو 30). جڏهن غلاّظتون ٻئاري پردي
جي ڪڍڻ کان وڌي وينديون آهن. تڏهن کنگهه ٿيندي
آهي، جنهنڪري ڪيترو بلغم کرڙجي ويندو آهي.
5. ڦڦڙLungs.
ڦڦڙ ٻه آهن، جي پاسرين جي اندر، دل جي ٻنهي پاسن
کان، بيٺل آهن. شڪل ۾ ٽڪنڊا، سندن چوٽي مٿي ڳچيءَ
وٽ ۽ ترو پيٽ- ڇَهه سان لڳل آهي. هر هڪ ڦڦڙ کي دل
وانگر ٻه تهو غلاف چڙهيل آهي،جنهن کي ”پلوار“(Pleura)
چئبو آهي. ٻنهي تهن جي وچ ۾ ٿورو پاڻيٺ موجود
رهندو آهي، جنهنڪري ڦڦڙن کي ڦنڊڻ ۽ سُسڻ ۾ اٽڪاءُ
نٿو ٿئي. ڦڦڙ هوا جي نلين ۽ ڳوٿڙين جا ٺهيل آهن.
اهي ڳوٿريون تمام نازڪ پردي جون ٿين ٿيون، جن جي
مٿان دل جي ساڄي خاني مان ايندڙ ” پلمونري
آرٽريءَ“ جي وار- نلين جون ڄاريون ٺهيل آهن. انهن
وار - نلين ۾ ڪاربانڪ ائسڊ گئس
سان ڀريل رت پيو ڦري، جو ڳوٿرين ۾ پيل تازيءَ هوا
مان آڪسيجن کنيو وٺي، ۽ ڪاربان وڃيو ڳوٿرين ۾ پوي،
جا ساهه مان ٻاهر ڪڍيو ڇڏيون اهڙيءَ طرح رت صفا
ٿي، هر هڪ ڦڦڙ مان ٻن
شڪل 37. ڦڦڙن جون ڳوٿريون هوا سان ڀريل (کٻي پاسي واري ڇڳي تي
پلمونري آرٽريءِ جون وار - نليون ڏسو)
نسن
(Pulmonary Veins)جي
وسيليَ،وڃيو کٻيءَ ڪنوتيءَ ۾ پوي: جتان وري ساري
بدن کي خورش ۽ آڪسيجن پهچايو، ڪاربان ميڙيو، اچيو
ڦڦڙن ۾ تازيءَ هوا سان مٽاسٽا ڪري.
6.پيٽ ڇهه
Diaphragm)
) هيءُ هڪ ٿلهو ۽ مضبوط مشڪي
پردو آهي ،جو سيني جي عضون ، ڦڦڙن ۽ دل کي پيٽ
وارن عضون کان ڌار ٿو ڪري. شڪل ۾ گنبذ وانگر مٿي
اڀريل ٿيندو آهي ، جنهن تي دل ۽ ڦڦڙن جا ترا چهٽيل
آهن .هن جو مکيه ڪم آهي سيني جي خال کي سوڙهو-
ويڪرو ڪرڻ، جنهنڪري ساهه کڄي سگهي ٿو.
ساهه کڄڻRespir Ation
اسين ساهه کڻون ڪئَن ٿا - اهو خيال ڪيو اٿو؟ اوهين ڀائيندا
هوندا ته اسين هوا ڇڪي اندر ٿا نيوُن، جنهنڪري ڦڦڙ
ٿا ڦوڪجن - پر نه، ائين نه آهي. ڀلا جي ائين هجي،
ته ننڊ ۾ جيڪر ساهه ڪئن کڄندو رهي! ننڊ ته ڇا، پر
بيهوشيءَ جي حالت ۾ به ساهه کڄندو ئي رھندو آهي.
اوهان کي سڌ اهي ته ڦڦڙ سيني ۾ پيل آهن.سيني جو هيٺيون
ڪشادو پاسو پيٽ - ڇَهه سان بند ٿيل آهي: مٿائنس
ڳچي آهي، ۽ پاسن کان پاسريون ڦريو اچيو سيني جي
تاڪيءَ سان لڳن. هاڻي جي سينو ويڪرو ٿي نه سگهندو
هجي، ته نه ڦڦڙ ويڪرا ٿين، نڪي منجهن هوا ئي وڃي
سگهي. ڦڦڙن جو ڪم به ساڳيو لُهار جي ڌوڻيءَ وارو
آهي: اڃا ڌوڻي کوليو، ته منجهس هوا پاڻيهي لنگهيو
وڃي؛ وري زور اچيس، ته هوا باهه جي کوريءَ ۾ وڃيو
سوساٽ ڪري، اچو ته ڏسون ته قدرت ڪئَن ٿي ڦڦڙن کي
پَٽي ۽ پوري.
اهو ڪم آهي پيٽ- ڇَهه ۽ پاسرين جي مشڪن جو، جي سيني کي
واري سان ٻاهر ويڪرو ۽ وري سوڙهو ڪنديون ٿيون رهن،
جنهنڪري هوا پاڻيهي ڦڦڙن ۾ گهڙيو پوي، ۽ وري نڪريو
اچي. ساهه کڻڻ مهل، پاسرين واريون مشڪون(Intercostal muscles)
ٻنهي پاسن کان پاسرين کي مٿڀرو ڇڪي، اهڙيءَ طرح
سيني کان ٻاهري ٿيون ڪڍن، جئن ڪنهن باڙديءَ جو ڪڙو
سندس پاسي کڻي مٿڀرو ڪجي. اونهي ساهه کڻڻ وقت ته
ڳچي، ۽ ڇاتيءَ واريون مشڪون به سيني کي زيادھ
ويڪري ڪرڻ ۾ مدد ٿيون ڪن. ساڳئي وقت، پيٽ- ڇَهه
ڪوئجي هيٺ جهمي ٿو پوي؛ سندس مٿيون قبو هيٺ لهي،
سنئون ٿي ويندو آهي، جنهنڪري ڦڦڙن جا ترا به هيٺ
ڇڪجي ويندا آهن. انهيءَ طرح، پاسن توڙي تري مٿان
سيني جي خال ويڪري ٿيڻ ڪري، ڦڦڙ به ڇڪجي ويڪرا
ٿيووڃن، ۽ منجهن هوا جي داٻ گهٽجڻ ڪري، ٻاهرين هوا
پاڻيهي اندر هلي وڃي -ان کي ”هوا اندر کڻڻ“(Inspiration)
ٿو چئجي. وري ” هوا ٻاهر ڪڍڻ“(Expiration)
لاءِ.ابتڙ عمل ٿو ٿئي: يعني ته پاسرين وارين مشڪن
جي ڍري ٿيڻ ڪري، پاسريون هيٺ ٿيو، وٺيو سيني کي
پاسن سان ڀڪيڙين، ۽ پيٽ – ڇهَه جي ڍري ٿيڻ ڪري،
سندس قبو مٿي سيني ۾ اڀريو اچي، جنهنڪري سينو
سوڙهو ٿيو پوي، ۽ ڦڦڙن ۾ هوا جو داٻ ٻاهرينءَ هوا
کان زياده ٿيڻ ڪري، ڦڦڙن واري هوا پاڻيهي ڌڪجيو
ٻاهر نڪريو اچي. اهڙيءَ طرح، ساهه خود بخود پيو
کڄي، ۽ دستوري طرح منٽ ۾ ارڙهن ڀيرا کڄندو ٿو رهي.
شڪل 38. پاسرين واريون مشڪون سيني جي پاسن کان پاسريون ائين
ٿيون مٿي ڇڪين جئن باڙديءَ جو ڪڙو کڻجي ته سوڙهه
لهي پوي.
هڏڪي(Hiccough)
بعضي، ڪن سببن ڪري، پاسرين واريون مشڪون ۽ پيٽ –
ڇَهه برابر پوري وقت تي ملي ڪم نه ڪندا آهن،
جنهنڪري هوا اندر وڃڻ جي بدران، زور سان ٻاهر
ڌڪجي، آواز ڪري نڪري ايندي آهي، ڇا ٿيندو آهي ته
جنهن مهل پاسررين واريون مشڪون ڪوئجي، پاسرين کي
مٿي کڻي، سيني کي ڪشادو ڪنديون آهن، ۽ هوا اندر
وڃڻ جي ڪندي آهي، ته اوچتو پيٽ - ڇَهه جي ڍري ٿيڻ
سبب، سندس قَبِي مٿي ڀڙڪو کائي، هوا کي زور سان
ڌڪي ٻاهر ڪڍندي آهي- انهيءَ کي ” هڏڪي“ چئجي ٿو.
پوءِ، جڏهن پيٽ - ڇَهه پوري وقت تي پاسرين سان ملي
ڪم ڪندو آهي ته هڏڪي به لهي ويندي آهي.
هوا جا جزا
Composition.هوا
جا مکيه جزا ٽي آهن: (1) آڪسيجن گئس، فيصدي 21
ڀاڱا؛ (2) نائتروجن گئس جا 79 ڀاڱا؛ ۽ (3) ڪاربانڪ
ائسڊ گئس جا فقط 4ء ڀاڱا.
ساهه تڳائڻ لاءِ فقط آڪسيجن جي ضرورت آهي. نائٽروجن هڪ
بيضر گئس آهي، جنهن جو ڪم فقط آڪسيجن کي ڇڊي ڪرڻ
جو ٿو ڏسجي - نه ته جيڪر خالص آڪسيجن سڀ ڪجهه
جلائي پورو ڪري ڇڏي. ڪاربانڪ ائسڊ گئس ته وڻن ٽڻن
کي ڪم ايندي آهي، جي پنهنجي جسمي ڪاربان هوا ۾
کڻي، آڪسيجن موٽائي هوا ۾ اڇلي ڇڏيندا آهن.
ساهه کڻڻ ڪري، هواجي آڪسيجن ۽ ڪاربانڪ ائسڊ گئس جي
مقدارن ۾ گهڻو فرق ٿيو وڃي - جئن هيٺ ڏنل نقشي مان
معلوم ٿيندو.
گئس جو نالو تازيءَ هوا۾ ڦڦڙن مان نڪتل هوا ۾
آڪسيجن گئس 96ء20 40 ء 16
نائٽروجن گئس 00 ء 79 19 ء 79
ڪربانڪ ائسڊ گئس 4 ء 41ء 4
ساهه کڻڻ جو مرڪزRespiratory
Center. ساهه کڄڻ جو ڪم بلڪل خود مختيار آهي، جو بنا ڪنهن سوچ ويچار
جي ٿيندو ٿو رهي؛ البت ڪنهن حد تائين، اسان جي
خواهش جو به مٿس اثر آهي – ايتري قدر جو مرضيءَ
موجب ساهه روڪي يا ساهه کڻڻ جي رفتار گهٽائي وڌائي
سگهجي ٿي.(جئن کائڻ يا ڳائڻ وقت ٿيندو رهندو آهي
)؛ پر حقيقت ۾ ساهه کي ڳچ وقت روڪڻ، اسان جي وس
کان ٻاهر آهي. ساهه کي روڪي روڪي منٽ ٻه روڪبو،
پوءِ ازخود ساهه کڄي ويندو. اهو ڪم ساهه کڻڻ جي
مرڪز جي حوالي آهي، جو مستطيل معز ۾ واقع آهي. جي
انهيءَ مرڪز کي ضرب آئي، ته ساهه هميشھ لاِ بيهي
رهندو. مرڪز جا حڪم ٿورو ڏوريءَ تان هلي، وڃيو
ڳچيءَ وارين تنتن (3،4،5،) کي پهچن جن مان هڪڙي
خاص تنت ساهه کڻڻ جي ٺهي، پيٽ – ڇَهه ۾ پکڙجيو
وڃي. جنهن کي ” پيٽ - ڇَهي - تنت “(Phrenic
Nerve )
چئبو آهي. پٺيءَ وارين ريڙهن جي 3، 4، 5، ۽ 6
تنتن جي وسيلي، ساهه جو مرڪز پاسرين وارين شين کي
تحرڪ ڏيندو رهي ٿو.
باقي رهي ڳالهه ته خود ساهه کڻڻ واري مرڪز کي ڪئن ٿي
خبر پوي، ته هاڻي ساهه کڻڻ جسم لاءِ ضروري آهي، جو
پيٽ -ڇهه ۽ پاسرين جي مشڪن کي ڪوئجڻ جو حڪم ٿو
موڪلي. اها خبر ساهه کڻڻ جي مرڪز کي جيڪو رت منجهس
دوري لاءِ اچي ٿو، ان جي آڪسيجن جي مقدار مان پوي
ٿي. اڃا ڪاربانڪ ائسڊ گئس ڪنهن حد تائين چڙهيل
محسوس ڪيائين، ته هڪدم ڇيٽڪ اينديس۽ ساهه کڄي
ويندو. بعضي ڏٺو هوندو ته ڪنهن خيال يا مونجهاري
جي حالت ۾، جي ڪجهه وقت پوريءَ طرح ساهه نه کڻبو
آهي، ته اوچتو ڊگهو ساهه کڄي ويندو آهي - جنهن کي
” ٿڌو ساهه “ چئبو آهي - اهو ڪم مرڪز جو.
باب سترهون
نڪمين شين جو نيڪال
بدني ڀڃ -گهڙ جي سلسلي ۾ ڏٺوسين ته، حياتي قائم رکڻ لاءِ، جيو
-گهرڙن کي سندن ردي ۽ زهري شين کان ترت صاف ڪرڻ
بلڪل ضروري آهي: اها صفائي نيڪال جي عضون(Excretory
Organs)
ذريعي ٿيندي ٿي رهي، جي چار آهن-
1. آنڊو، و هاضمي کان پوءِ باقي رهيل کاڌي جو ڦوڳ نيڪال ڪري ٿو،
2. ڦڦڙ، جي رت جي ڪاربانڪ ائسڊ گئس ڪڍن ٿا؛
3. بُڪيون، جي رت کي چوسي ۽ ڇاڻي، منجهانئس زهري شيون - يوريا،
يورڪ ائسڊ، وغيره- پيشاب جي رستي ڪڍن ٿيون؛
4. چمڙي، جا پگهر ۾ ڪيترا معدني لوڻ، يوريا جا ذرا وغيرهڪڍي ٿي.
اسين آنڊي ۽ ڦڦرن جي ڪم کان ته اڳي ئي واقف ٿي آيا
آهيون - هاڻي اچو ته چمڙيءَ ۽ بڪين جي ڪم جي
ڪاريگري ڏسون.
بڪيون ۽ پيشاب
بڪيون ٻه آهن، جي پيٽ ۾ آنڊن جي پٺيان، پٺيءَ جي ڪنڊي جي ٻنهي
پاسن کان، ۽ چيلهه وٽ ڇڇڙن سان جڪڙيل آهن. سڄي بڪي
جيري جي هيٺيان، ۽ کٻي تِليءَ جي هيٺيان، بيٺل
آهي، شڪل ۾ چوُنري وانگر، هر هڪ جي ڊيگهه چار انچ
۽ ويڪر اڍائي انچ کن ٿيندي.
بُڪي هڪ قدرتي ڇاڻي آهي. سندس سارو ماس بيشمار باريڪ
نلين جو ٺهيل آهي، جن هر وقت ساري بدن جو رت داٻ
هيٺ پيو ڦري، ۽ ڇڻي صاف ٿئي. حقيقت ۾، نليون نه
رڳو ڪچرو ڪڍن ٿيون، پر سندن گهرڙا به رت مان
ڪيتريون نڪميون شيون چوسي ڪڍندا رهن ٿا.
شڪل 39. شاهي شريان جي شاخن مان، بڪيون رت ڇاڻيو، پيشاب
مثاني ۾ موڪوليو ڇڏين ۽ صاف ٿيل رت شاهي هيٺين نس
مان موٽيو وڃي دل ۾،
غلاّظتن صاف ڪرڻ کان سواءِ، بڪيون رت جا جزا به پوري حصي- رسيءَ
۾ رکنديون رهن ٿيون: جئن ته
(1) رت جا کارا کٽا جزا همورا رکڻ.(Acid
base Balance))
(2) رت جي گلوڪوز جو اندازو پورو رکڻ - گُردن کي جي
گلوڪوز زيادھ معلوم ٿي، ته ڪڍي ڇڏيندس.
(3) پلازما جي جزن ۾ ڪجهه به گهٽ - وڌ معلوم ٿين، ته ان
جو پورائو ڪنديون.
(4) ڪنهن به ڌاريءَ شي کي رت ۾ مليل ڏٺائون، ته هڪدم ڪڍي
ڇڏيندس : رڳو جي تجربي خاطر ڪو بيضرررنگ جو ذرو
پسائي، سئيءَ جي رستي، نس ۾ هڻبو، ته ٿورن منٽن ۾
اهو رنگ پيشاب ۾ نڪرڻ شروع ٿي ويندو - جيسين سمورو
نڪري وڃي.
(5) بڪيون رت ۾ داخل ٿيل جيوڙا به ڪيترن قسمن جا نيڪال ڪري
سگهن ٿيون - آنڊي جي تپ ۾، ٽائفائڊ جرمس، جام
پيشاب ۾ نڪرندا رهندا آهن.
بڪيون بلڪل پوريءَ طرح ڪم ڪن، ان لاءِ ضروري آهي ته
(1) گڙدي جي سنهڙين شريانن ۾ رت جو داٻ پورو هجي؛
(2) رت جي وهڪري جي رفتار ڪافي هجي؛ ۽
(3) سندس ڇاڻيندڙ نلين جا گهرڙا سالم هجن.
پهريون ٻه ڳالهيون رت جي دوري - يعني دل۽ رت - نلين جي برابر
هئڻ - تي منحصر آهن؛ ۽ ٽي بڪين جي جسمي صحت تي. جي
بڪين جون شريانيون موڪريون هونديون، جن مان رت آل
جال ڦرندو رهي، ته پيشاب به زيادھ ڇڻندو، نه ته
ٿورو. ڏٺو ويو آهي (جئن اونهاري ۾ ٿيندو آهي)، ته
پيشاب به گهٽجي ويندو آهي ؛ وري سياري ۾ جو سيءَ
جي ڪري چمڙيءَ جون رت - نيلون سوڙهيون ٿي وينديون
آهن، ته بڪين جي رت ۾ واڌاري ٿيڻ ڪري، سندن نلين
جي داٻ وڌڻ سان پيشاب به گهڻو نڪرندو آهي.
دل جي ضعف جي حالتن ۾، جي رت جو داٻ چاليهن درجن کان هيٺ لٿو،
ته پيشاب جو ڇڻڻ بند ٿي ويندو؛ نه ته ٿورو گهڻو
پيو ايندو - پر معمول کان گهٽ.
گهڻي پاڻيءَ پيڻ ڪري به پيشاب گهڻو ٿيندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته رت جي
وزن سبب، سندس داٻ ضرور زيادھ ٿيندو، ۽ زيادھ داٻ
ڪري، بڪيون زيادھ ڪم ڪنديون رهنديون - جيسين
پلازما جو پاڻيٺ دستوري گهاٽائيءَ تي پهچي.
ٽي ڳالهه جنهن تي پيشاب جي نيڪال جو مدار آهي، سا آهي بڪين جي
نلين جو سالم هجڻ. بڪيون ڪيترين بيمارين ۾ جيوڙن
جو شڪار ٿي سُڄي پونديون آهن، ۽ پوءِ سندن ڪم ۾
خلل ضرور پوندو. ميلريا، آنڊي جي تپ، خناق، بلڪ
رواجي ڪَلين سڄڻ ڪري به، بڪيون وڍجي وينديون اهن.
گهڻي شراب پيڻ ڪري به بڪيون جلد بيڪار ٿي پونديون
آهن.
رت مان نڪتل زهري شيون، پيشاب جي صورت ۾، ڦُڙو ڦُڙو ٿي، پيشاب
وارين نيلن جي رستي، مثاني ۾ پيون گڏ ٿينديون آهن.
جڏهن مثانو(Bladder)
ڪنهن حد تائين پيشاب سان ڀربو، ته منجهانئس خابرو
تنتن جي وسيلي ڏوريءَ مان خبر ٺڪ وڃي مغز کي
پهچندي، ۽ هو اسان کي پيشاب ڪرڻ جو خيال ڏياريندو-
پوءِ اسان تي ڇڏيل آهي ته روڪيون يا ڪريون. اها
روڪ اسين هڪ ٻُنجڻيءَ(sphincter)
جي هئڻ سبب رکي سگهون ٿا، جا مثاني جي منهن وٽ
ٿيندي آهي. ڪن وڏڙن ٻارن ۾ اها ٻُنجڻي سندن مرضيءَ
موجب پيشاب روڪي نه سگهندي آهي، ۽ هُنڌ پسائي
اٿندا آهن.
مغز ۾ مونجهارو هوندو، يا ٻار سُکيو سمهيل نه هوندو ته پيشاب
ڪَري وجهندو - اوهان کي خبر آهي، ته انتظار جي
حالت ۾ ڪيترو نه جلد جلد پيشاب ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي
آهي.
جوانيءَ ۾ پيشاب جو سراسري انداز ڏيڍ سير کن ٿيندو- جنهن مان
اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته ڪيتري قدر نه ردي شيون
منجهس نڪرنديون هونديون. سچ ته بڪيون تمام ضروري
عضوا آهن، جي ٻئي خراب ٿي پون، ته ماڻهو ڏهاڪو
ڏينهن به مس ڪڍي سگهي، البت، ڪن بيمارين ۾، جي
هڪڙي بُڪي ڪوري ڪڍڻي پوندي آهي، ته فقط هڪڙي بڪي
به غلاظتون ڪڍي حياتي تڳائي سگهي ٿي.
(2) چمڙي ۽ پگهر
بدني خوبصورتي ساري چمڙيءَ جي رونق تي منحصر آهي؛ ۽ چمڙيءَ جي
رونق سندس صفائيءَ ۽ اندرين عضون جي پوريءَ طرح ڪم
ڪرڻ تي.چمڙي ٻن تهن جي جڙيل آهي – (1) ٻاهريون
تهه، ۽ (2) اندريون تهه.
ٻاهريون پوش. هيءُ سارو مرڪب - رکوالي – اوڄي جو ٺهيل آهي،
جنهن ۾ جيو- گهرڙن جا ڪيترائي تهه آهن. ان لاءِ،
ته بدني حفاطت پوري رهي. سندس مٿيان تهه، روزمرھھ
جي ڌوءَ پوءَ ڪري، هر وقت گسندا کسندا رهن ٿا، جن
جي جاءِ هيٺيان تهه وٺندا رهندا آهن، رکوالي پردن
جي گهرڙن ۾ رت - نليون ڪين ٿين. نڪي وري ڪي تنتون
ئي ٿين.
هن جو پوش جو ڪم آهي سڄيءَ چمڙيءَ ۽ اندرين عضون کي
گرميءَ سردي ۽ ايذاءَ کان سلامت رکڻ، ۽ ٻاهرين
جيوڙن کي اندر دخل ڪرڻ کان روڪڻ. جي رڳو رهڙ اچي
ويئي، ته به زخم کي ڍڪڻو پوندو؛ نه ته جيوڙن داخل
ٿيڻ ڪري – جنهن کي رواجي طرح ” پاڻي چورائڻ “
سمجهيو ويندو آهي- سوڄ ۽ سور ضرورو ٿيندو. لهس اچڻ
ڪري جيڪو ڦوڦينڊو ٿيندو آهي، اهو چمڙيءَ جي
ٻاهرئين پوش جو ٺهيل هوندو آهي. ڦوڦينڊي جي پاڻيءَ
هيٺان جيڪا نرم کُهنبي چمڙي ڏسبي آهي، اهو سندس
اندريون پوش آهي.
نَهن، وار، جانورن جا کُرَ، سنڱ ۽ ڇلر – سڀ ٻاهرئين پوش جي
رکوالي اوڄي جي زيادھ واڌ جو نتيجو آهن.
2. اندريون پوش. هيءُ نرم، مائدار ۽ ڳردار، کُهنبيرڙي رنگ جو
ٺيهل آهي، جنهن ۾ اڪيچار وار- نليون ۽ تنتون
ٿينديون آهن. وار- نلين جي جهُڳٽن ۾ وراڪيل پگهر
ٺاهڻ جا ڳلڦڙا هوندا آهن، جي رت مان پگهر جي صورت
۾ ڪيتريون ئي غلاظتون ڪڍندا آهن. سندن نيڪال جون
نليون، سڌ يون هلي، ٻاهرئين تهه ۾ اسڪروءَ وانگر،
ڦيري تي، ٿينديون آهن:
انهن نلين جي مُنهن کي ”مسام“ چئبو آهي.
چمڙيءَ جا ڪم هي آهن:
(1) بدن کي بيهڪ ۽ سونهن بخشڻ، عام طرح اڇي چمڙي دلپسند هوندي
آهي؛ پر آفريڪا جي تيز اُس ۾ اڇي چمڙي بلڪل بيڪار
ٿيندي: ڇاڪاڻ ته سج جي ترورن ۾ هڪڙا اهڙا تيز ڪرڻا
ٿيندا آهن، جي چمڙيءَ مان اندر گهڙي، اندرين عضون
کي نقصان ڪري سگهن ٿا. ان ڪري، تيز سج وارن ملڪن ۾
ڪاري چمڙي ئي اهي نقصانڪار ڪرڻا جذب ڪري، بدن کي
بچائي سگهي ٿي، ٿڌن ملڪن جي ماڻهن جي چمڙي سفيد
هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اتي سج ايتريقدر شعاع ڪونه ٿو
ڪري، ۽ چمڙيءَ جي جيو - گهرڙن ۾ رنگ ڀرڻ جي ضرورت
پيدا نٿي ٿئي - پر جي ڪو سرد ملڪ جو ماڻهو حبش ۾
وڃي رهي، ته يقينا سندس اڇي چمڙيءَ تي ڪاري رنگ جا
چٽا چٽا نڪرڻ شروع ٿي ويندا.
(2) اندرين اوڄن کي جيوڙن جي جُلهه کان امان ڏيڻ.
(3) گرم، سرد ۽ ايذائيندڙ شين جي سڌ ڏيڻ.
(4) اُس جي اثر ڪري، چمڙي وٽئمن ”ڊي“ ٺاهي ٿي.
(5)پگهر ۾ ردي جزا خارج ڪرڻ، ۽ بدني گرمي پوري رکڻ.اسان
جي بدني حرارت 4ء98 درجا فيئرينائيٽ آهي، جا گهڻو
ڪري هڪ ڪَري رهي ٿي. ٻاهرين گرمي زيادھ ٿيڻ ڪري
پگهر نڪرندو آهي، ته بدن گرميءَ جي بااثر کان بچي.
(6)چمڙي به ، ڪنهن قدر، ڦڦڙن وانگر، رت جي ڪاربانڪ ائسڊ گئس
ڪڍي، آڪسيجن داخل ڪري سگهي ٿي: جنهنڪري ڦڦڙن جي
مددگار آهي، ۽ کيس صاف رکڻ جي ضرورت ظاهر آهي.
ڏيڏر جا جي ڦڦڙ ڪڍي ڇڏجن، ته به هو چمڙيءَ جي
وسيلي آڪسيجن کڻي جيئرو رهي سگهي ٿو، پر انسان ۾
چمڙي ڦڦرن جي پوري هڪ سوء پتي ڪم ٿي ڪري - ڦڦڙ
روزانو نوَ سَو (900) گرام ڪاربانڪ ائسڊ گئس جا
خارج ٿا ڪن، ۽ چمڙي فقط نو گرام!
(7) چمڙيءَ ۾ ڇُهڻ جي خاصيت به آهي. تيل يا ٻيون ڪيتريون
دوائون، چمڙيءَ تي مالش ڪرڻ سان، اندر جذب ٿي، اثر
ڪري سگهن ٿيون.
(8) وارن جي پاڙن ۾ سنهڙا سڻڀا غدودSebaceous
glands) ٿيندا آهن، جي هڪ تيل جهڙي سڻڀي رطوبت ٺاهيندا آهن، اها رطوبت
نه رڳو وارن لاءِ قدرتي تيل جو ڪم ٿي ڪري پر
چمڙيءَ کي به نرم ٿي رکي. جي چمڙيءَ کي صاف نه
رکبو، ته هن رطوبت جي ٻاهر نڪرڻ وارا سوراخ ڪچري
سان ڀرجي پوندا، ۽ سڻڀ جي ٻاهر نه نڪرڻ ڪري، اهي
غدود ڀرجي ڦرڙيون ڪري وجهندا.
باب ارڙهون
بنا نالين غدود(
Ductless Glands)
هيل تائين اسان اهڙن غدودن جو ذڪر پئي ڪيو آهي، جن جي رس، فقط
ڪن خاص جاين تي پهچي، ڪو خاص ڪم ڪندي ٿي رهي. اهڙن
غدودن کي ناليون(Ducts)
ٿينديون آهن، جن جي وسيلي سندن رس مقرر جاءِ تي
پهچي پنهنجو ڪم پورو ڪندي آهي. اهڙا غدود اوهان
هاضمي جي نليءَ ۾ ئي هنڌ هنڌ ڏٺا – جئن ته وات ۾
پڪ جا غدود، معدي ۾ معدي جا غدود، آنڊي ۾ آنڊي جا
غدود وغيرهمطلب ته جي معدي جي رس کڻي وات ۾ ڇڏجي،
ته بيڪار ٿيندي: ڇاڪاڻ ته ان کي کاڌي تي ڳچ وقت ڪم
ڪرڻو آهي، ۽ اهو وات ۾ ٿي نٿو سگهي. ساڳيءَ طرح،
جي پڪ وڃي جيري کان نڪري، ته ڪهڙي ڪم جي!
هاڻي،اسان کي اهڙن غدودن جو بيان ڪرڻو آهي، جن جون تيار ڪيل
رسُون بدن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هر هنڌ، بلڪ هر هڪ گهرڙي
کي گهرجن. هر هنڌ پهچڻ وارو ته فقط رت ئي آهي؛ ان
ڪري قدرت به اهڙن غدودن کي بيشمار نالين ڏيڻ
بدران، اها تجويز رٿي آهي، ته جيڪو رت کين خوراڪ
ڏيڻ وڃي، سو موٽندي سندن تيار ڪيل رسُون به ساڻ
کڻي اچي، ۽ صاف ٿيڻ بعد، هر هڪ گهرڙي کي پهچائيندو
رهي.
حقيقت ڪري نه رڳو اسان جي ظاهري بدني بيهڪ، قد- بت، سونهن -
سوڀيا، پراسان جي دماغي لياقت، ذهن - ذڪاءُ،
عادتون، اخلاق، - مطلب ته ساري طبيعت ۽ هلت -چلت،
ڪيتري قدر، هنن غدودن جي جوڙيل رسُن جي گڏيل اٿر
جو نتيجو آهن. اهي ئي رسون آهن، جي اسان جي جسمي
زندگي ۽ دماغي زندگيءَ جي رشتيداري قائم ڪن ٿيون.
ڪي ڪُند ڪي ذهين، ڪي شير ڪي گيدي، ڪي پهلوان ڪي
نٻل، ڪي اورچ ڪي ٿڪل، ڪي اڳواڻ ڪي پوئلڳ- سڀ انهن
ننڍڙن غدودن جي طلسمي ڪارواين جوڪرشمو آهن. مغز ۽
بُت ته سڀني کي آهي. واقعي اهي غدود آهن، جي اسان
جي قسمت جا تقسيم ڪرڻ وارا آهن. قدرت اسان جي
تقدير انهن جي ئي هٿان اسان کي سونپي ٿي، جنهن تي
نه اسان کي ڪا دسترس آهي، نه ڪو کيس تدبير سان ئي
گهڻي قدر ڦيرڻ سکيا آهيون. طبيعت جئن بڻجڻي هئي،
بنجي ويئي؛ گهاٽ گهڙجڻو، گهرجي ويو: البت انسان به
سانت ۾ ويهڻ وارو نه آهي - قدرت جي رازن کي سوچي
سمجهي هڻي هنڌ ڪندو!
(1) ٿائرائڊ گلئنڊThyroid
Gland
”ٿائرائڊ گلئنڊ“ ڳچيءَ جي اڳيان، گلي جي ٻنهي پاسن، چهٽيل آهي.
سندس رس گھاٽي ٿيندي آهي، جنھن کي ”ٿائراڪسين“
Thyroxinچئبو
آهي. ”ٿائراڪسين“ بدن لاءِ ائين آهي، جئن باهه
لاءِ وڃڻو. ياد رکڻ گهرجي ته بدن جي واڌ ۽ طاقت ،
آڪسيجن جي پوريءَ طرح ڪم ڪرڻ سان ٻڌل آهي. جيسين
بدن مان ڪچرو پوريءَ طرح نه نڪتو آهي، تيسين نوان
گھرڙا ڪين جڙندا. اها قدرت هن رس جي آهي، ته بدن
جي گھرڙن ۾ پھچي، انھن کي آڪسيجن جي عمل ۽ اثر
لاءِ تيار ڪري. اسين ڪين گاسليٽ ذرو ڪاٺين تي
وجھندا آهيون، ته جلد دکن! هيءَ رس وري گھرڙن جي
جسمي فاسفورس کي تيز ٿي ڪري. فاسفورس ته اهڙي شي
آهي، جنھن کي هوا ۾ رکو ته ٻري پوي.جنهن به عمر ۾
هيءُ غدود بيڪار ٿيو، ته جسمي توڙي دماغي ترقي اتي
ئي روڪجي ويندي، ۽ انهيءَ منزل کن ماڻهو مٿي نه
اُسرندو، جي ٻن ورهين کان پوءِ اها کوٽ اُٿي، ته
ڀل ويهه ورهيه لنگهي وڃن، پر هوندو گُڏي جو گُڏو -
گگ پئي واڇن کان وينديس، منهن ۾ ٻار جو ٻار؛ سمجهه
جو ته نالو ئي ڪو نه ماڻهوءَ جي شڪل جو ميدي جو
جڙيل بوتو آهي، جو فقط تڳي پيو ...۽ بس!
شڪل04، اوهان کي اعتبار ايندو ته هي جوان ويهن ورهين جو آهي!
اُهي به پورن ويهن ورهين جو - پر سندس هر هڪ عضوو
ٻاراڻو پيو لڳي!
انهيءَ حالت کيCretinism
چئبو آهي. جي ماڻهو جوانيءَ کي رسي ويو، ۽ سندس
قد- بت ڪڙيءَ کي پهچي ويا، ۽ پوءِ ” ٿائرائڊ“ گوهي
ڪئي، ته قد- بت اوترو ئي رهندس، پر بدن جو ڊول ۽
چمڙيءَ جي خوبي اها نه رهنديس: وار اڇا ٿي ويندس؛
بت ائين ڀانئبو ڄڻ ڪو گَنب سان ڀريل آهي؛ چمڙي
کهري ۽ ٿهلي، چپ ٿلها، هٿ ويڪرا، نڪ منو - مطلب ته
بدن ايترو ڦيرو کائي ويندو.جو کيس به پنهنجو ڪين
لڳندو! مغز موڳو، خيال ختم- جهڙو اڻ - گهڙيو ڪاٺ!
جي ڏهاڪي ورهين ۾ اها حالت ٿي، ته ڏاڙهي مُڇ به
خبر جا نڪرندي- ڄڻڪ اتي ئي بيٺو، سو بيٺو!
شڪل 41.وڏيءَ عمر ۾ ٿائراڪسين گهٽجڻ ڪري بدن جو ڦيڦو
ٿيڻ ۽ ٿوٿرجڻ.
ڪن حالتن ۾ وري ” ٿائرائڊ“ اٿل به کائيندو آهي، ۽ ايترو
وڌي پوندو جو ڳچيءَ جي اڳيان ڳوڙهو پيو ڏسبو.
اهڙيءَ حالت ۾، اثر بنهه ابتڙ ڏيکاربو، ڇاڪاڻ ته
آڪسيجن معمول کان زيادھ اثر ڪرڻ ڪري ايترو کائيندي
ويندي، جيترو ٺهڻ مشڪل. ماڻهو سنهو ٿيندو ويندو،
بدن هميشه گرم هوندس-ڀلا بدن جي کوري جو زور سان
ٻرندي!دل جي رفتار تکي؛ نبض تکي؛سنهي منهن ۾ ٻه
وڏيون اکيون ائين پيون لڳنديون، ڄڻ ته دوڏا نڪري
آيا اٿس ؛ چُستيءَ جي حد ئي ڪانه بدن ائين پيو
ورندو جئن وڃڻو ڦري: مطلب ته هن جي لاهي به گهوري،
چاڙهي به گهوري- شل رحم ڪري!
شڪل 42
ٿائرائڊ جي وڌڻ سبب ڳچيءَ اڳيان ڳوڙهو؛ بدن جو سنھو ٿيڻ ۽ اکيون
ڀرجي اچڻ.
(2) پٽيوئٽري گلئنڊ
Pituitary Gland
”پٽيوئٽري“ ڪيپراٽيءَ جي اندر مغز جي تري کان لٽڪيل هوندو آهي.
سندس ٻه ڀاڱا ٿيندا آهن - اڳيون ۽ پٺيون. قطر ۾ ٻه
انچ ؛ قدرت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ
:ڊڪليس گلئنڊس جو سردار هيءُ ئي آهي؛ سمجھه ۽ هوش هن جي
حوالي، جنهن کي وڻيس تنھن کي ذهن جون ڀريون ڀري
ڏئي؛ قوت ايجاد هن جي حوالي؛ حساب جو ملڪو هيءُ
ڏئي، ته سُر تال، راڳ ناچ ، ۽ هر فن لطيف جو باني
هيءُ ؛ مطلب ته زندگيءَ جو راز به هيءُ، ته ساز
به هيءُ !
اڳئين ڀاڱي جا ڪم:
(1) قد - بت وڏو ننڍو ڪرڻ، ۽ هڏن ، مشڪن ۽ اندرين
عضون جو مقدار مقرر ڪرڻ؛(2) ”ٿائرائڊ گلئنڊ“،
”ائڊرينل گلئنڊ“، آنورن، ٻيجڻين ۽ ارهه جي بناوت ،
اوڌ، مقدار ۽ ڪم تي ضابطو رکڻ؛ ۽ (3) بدن ۾
پروٽين، مٺاڻ ، ۽ سڻڀ جي جزن جي ڀڃ – گھڙ ۽ ورڇ
ڪرڻ. چئي ته وياسون، پر ويچار -بلڪ گھري ويچار -
کان پوءِ ذهن نشين ٿيندو، ته انھن اختيارين جو
نتيجو ڇا. ننڍيءَ عمر ۾ جي هن جي ڪمي ٿي، ته
ڄامڙو؛ جي زيادتي، ته راڪاس - وڻيس ته ڪنھن کي ٽه
– فُوٽو ڪري، وڻيس ته نو - فُوٽو!
شڪل 34. آئرلنڊ جو مشھور ڄامڙو - قد 2 فٽ 9 انچ (پٽيوئٽريءَ جي
گھٽتائيءَ جو نتيجو)
عجب ڪونھي ته گذريل زماني ۾ ذڪر ڪيل راڪاس هئا، جن ۾ هيءُ گلئنڊ
وڏڙو هو، ۽ جئن پوءِ تئن گھٽبو ٿو وڃي، ۽ اسين قد
۾ گھٽيا آهيون.
ننڍيءَ عمر ۾ ڪمي اچڻ ڪري جيڪي ڄامڙا ٿيندا آهن، سي
”ٿائرائڊ“ جي گھٽتائيءَ وارن کان گھڻو ٻيءَ طرح جا
ٿين. سندن چمڙي نرم ۽ لسي، لکڻ ڊولائتا، مغز جا
چڱا ، ماڻھو ماڻھن جھڙا پر قد ڪو نه، وار ڪين -
ائين پيو ڀانئبو ته اڃا عمر جا ننڍا آهن. جيڪڏهن
هن جي ڪميءَ سان گڏ ”ٿائرائڊ“ جي به ٿوري ڪمي شامل
ٿي، ته ٻئي نموني جو ڄامڙو ٿيندو. هيءُ وري ٿورو
ٿلھڙو، پيٽ نڪتل، موڳو، نسلي عضوا ٻاراڻا، مٺاڻ جو
شوقين، ڏسڻ ۾ ننڊا کرو پيو لڳندو ، ۽ پيشاب جام
ڪندو.
سندس
زيادتي، جي ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ ٿي، ته قد گھڻو وڏو
ٿي ويندس؛ پر جي جوانيءَ کان پوءِ زيادتي ٿي -
جڏهن هڏا وڌي حد ڪري چڪا - ته اهڙيءَ حالت ۾ قد
جو وڌڻ يعني سڀني هڏن جو پوري حصي - رسيءَ ۾ وڏو
ٿيڻ، ناممڪن آهي؛ باقي منھن ۾ ڳلن جا هڏا، هيٺين
ڄاڙي، مٿين ڄاڙي ، ٻئي وڌي پونديون. ان ڪري، منھن
جو ڊول به ڦري ويندو ۽ ڏندو ٿيرڪا ٿي پوندا. ۽
پٺيءَ جو ڪنڊو ريڙهن جي ٿلھي ٿيڻ ڪري گڪو ٿي پوندو: ڇاتي اڳتي وڌي نڪري ايندي مطلب ته هيٺين ڄاڙي وڌيل ، ڳل
نڪتل، پٺيءَ ۾ خم، هٿ ڊگھا گوڏن تائين، پير ڊگھا.
شڪل 44. پٽيوئٽريءَ جي جوش سبب قد ۾ واڌ (هن ڇوڪريءَ جي عمر
پورا ساڍا ٽي ورهيه آهي!)
اهڃاڻ ته سڀ ڪنھن وڏي باندر جا ٿا لڳن! پنھنجا ڳجھه پاڻ ٿو
ڄاڻي!
پٺئين ڀاڱي جا ڪم:
(1) سنھين شريانن کي ڪوئي، سندن قطر گھٽائڻ - ان
ڪري رت جو داٻ ڪٿي به وڌائي سگھي ٿو؛ چمڙيءَ جي رت
- نلين جي سوڙهي ٿيڻ ڪري پگھر گھٽ جڙندو؛ ۽ (2)
خودمختيار مشڪن کي ڪوئڻ ان ڪري آنڊو پنهنجون
غلاظتون جدل نيڪال ڪندو.
(3) سپرارينل گئلنڊس
Suprarenal Glands
”سپراينل گلئنڊس“ ٻه آهن، جي بڪين جي چوٽين تي ڪنڊياري ڪُلي
وانگر چڙهيل هوندا آهن؛ ڊيگهه ۾ ڏيڍ انچ کن ٿين،
سندن ٻاهرين اندرئين ڀاڱي کي ”ڇُل“ ۽ اندرئين کي
”ڳڀ“ چئبوآهي.
(1) ڇُل
(Cortex)هيءُ پنهنجي مالڪ کي همت ۽ هشمت وارو ڪري ٿو. دليري ۽ بھادري هن
سان آهي؛ ڏاکڙا ڪري، مشڪل کي منھن ڏئي، مقصد کي
پهچائڻ هن جو ڪم؛ اسپين فتح ڪرڻ ۽ نئين دنيا لھڻ
هن جا ڪرشما، اهي ماڻھو وڙهڻ جا ڪوڏيا، پر آزارڻ
کان بلڪل پري: مطلب ته مرد کي حقيقي مرد بنائڻ وارو هيءُ، ظاهر –
بطاطن مڙسيءَ جو راز هن ۾ آهي.
مرد کي مرد ڪرڻ ته ڇا، پر جي قانون کان زيادتي ڪري ، ته زال کي
مرد جو روپ ڏئي ڇڏي:
منھن ڀرجي ماسارو ٿي پويس؛ نه رڳو ڏاڙهي مڇون ۽
سيني تي وار نڪرنس، پر بت جو ڊول ئي مردانو ٿي
وڃي! زالن ۾ ته نه جوش ڏيکاري - پوءِ نه هيڏي نه
هوڏي! بعضي ، اوهان ٻڌو هوندو، ته ڪا زال مرد ٿي
پئي - اهو هن ”مداري“ جي کيڏ سان ٿيندو آهي. بعضي
جي ٻاراڻي وهيءَ ۾ وٺي زور لکائي، ته ڇوڪر هجي يا
ڇوڪري -ٻار مان ٻُور ٻھاڻ! سندن نسلي عضوا ته واڌ
کائڻ ۾ ويرم ئي نه ڪن.
ساڳي زال جو فوٽو 1934ع ۾ 32 ورهين جي عمر وقت
شڪل 46 سپرارينل جي زديادتيءَ ڪري هن ساڍن 13 مهينن جي ٻار جي
تور ٽيھه سير آهي؛ نھائينءَ تي وار اٿس.
پر ساري بدن جو ٺاٺ ۽ گوشت به ائين ڀرجي وڃي، جو وسھڻ کان ٻاهر.
زالن ۾ زور نه پئي، ته شل مردن ۾ موٽ به نه کائي؛ نه ته ڪيڏي
وڃي حشمت ته ڪيڏي همت ، باقي ڀاڙ جي ڀاڙ. هن حصي
جي مرضن ۾ ڏٺو ويو آهي ته بک موڪلايو وڃي؛ دل
ڪمزور؛ بلڊپريشر پوري سوري، گوشت پيو لٽڪي ، جئن
سياري جو درياهه؛ ڪيڏي وئي موج، ته ڪاڏي ويا ڪڙڪا
! تجربي ظاهر ڪيو آهي ته جي هيءُ حصو بلڪل بيڪار
ٿي پوي، ته حياتي به ڪي ڏهه پند رهن ڏينهن جٽاءُ
مس ڪندي.
(2)ڳڀ
(Medulla).هن
جوڪم آهي. ”سمپئٿيٽڪ“ تنتن کي چست ڪرڻ - جنھن ڪري
انهيءَ ايراضيءَ ۾ شريانيون سوڙهيون ٿي، بلڊ پريشر
وڌائينديون؛ (2) آنڊن جي چرپر کي روڪڻ؛ ۽ (3) آنڊي
۽ مثاني جي ٻنجڻين کي قابو رکڻ:
ڪم مختصر، پر منجھن راز وڏو!
ڀلا جي اوچتو ڪنھن شينھن کي ايندو ڏسجي، ته ڇا ٿئي؟ رنگ هارجي
ويندو، ڇاڪاڻ ته اوچتي ڌڪاءَ جي ڪري، اندرين عضون
جون ننڍيون شريانيون، نست ٿي کُلي پونديون، جي
سارو رت سمائي وينديون، ۽ چمڙي رت کان ذري گھٽ
خالي ٿي پوندي؛ ان ڪري منھن زرد ٿي ويندو. ٻيو اچي
پوندا پيٽ ۾ وٽ، ۽ پيشاب اچي منھن تي بيھندو. هاڻي
خيال ڪريو ته ڳڀ جا ڪم انھن سڀني حالتن کي منھن
ڏيڻ لاءِ هڪ ٽڪ آهن نه!
مطلب ته هيءُ حصو اسان لاءِ اهنج، ڏک، ڊپ ۽ اوکيءَ ويل ۾ بچائڻ
جا اسباب ٿو پيدا ڪري . جي هن کي هٿي نه ملي، ته
سٽ سان چٽ! البت ائين به آهي، ته رڳو ڳڻتيون پيون
ڳولبيون ته هن رس جي هميشه رت ۾ هارجڻ ڪري،
شريانيون، دائمي طرح سُسي، مقرر بلڊ پريشر پيدا
ڪري وجھنديون - پر ان ۾ قصور ڪنھن جو؟ اسان جو، نه
هن گگدام جو! ”ائڊرينل ميڊيولا“ ته هميشه اسان جو
بچاءُ - بند آهي؛ ڪم به همدم سرشتي سان ڪري، ۽ آهي
به اسان جي ساهه سان همراز، اوکيءَ ۾ اونائڻ وارو.
(4) آنورا
Testes
آنورا ٻه ٿيندا آهن، جي پھرين بڪين جي هيٺان پيٽ ۾ اندر نسرندا
۽ وڌندا رهندا آهن، پوءِ ٻار جي ڄمڻ کان ٿورو اڳي،
پنھنجي اصلوڪي جاءِ ڇڏي، گسڪندا، نرن کان هيٺ لھي،
اچي پنھنجي ڳوٿريءَ
(Scrotum)۾
پوندا آهن. بعضي هڪ لھي اچي، يا ٻئي اندر به رهجي
وڃن. ڪڏهن ته اها سندن لھڻ واري واٽ پورجڻ کان
رهجي ويندي آهي، جنھن مان پوءِ آنڊو به لھي اچي
آنوري جي مٿان نري وٽ بيھندو آهي - انھيءَ حالت کي
”ڇِن“
(Hernia)
چئبو آهي.
آنورو سارو نلين جو ٺھيل ٿيندو آهي ، جنھن ۾ ”نر ٻج“
(Spermatozoa)
جڙندا آهن. اهي ٻج ٻين رطوبتن سان گڏجي، پيشاب جي
جاءِ کان ٻاهر نڪرندا آهن. باقي جيڪي نلين جي
ٻاهران وچ وارا گھرڙا
(Interstitial Cells)
ٿيندا آهن، سي هڪڙي ڳجھي رس ٺاهيندا آهن، جنھن جي
ڪري آنورن کي ”ڊڪٽليس گلئنڊس“ ۾ شمار ڪري سگھجي
ٿو. اها رس جوانيءَ جي پوهه ڌاري گھڻو وڌي ويندي
آهي، ۽ پيريءَ ۾ گھٽجي ويندي آهي؛ وچينءَ عمر ۾ به
پوريءَ خورش نه هئڻ جي حالت ۾ ، خاص طرح وٽئمن
”بي“ جي اوڻائيءَ ڪري، گھڻو گھٽ ٿي ويندي آهي.
بلوغت جي وقت ۾ آنورا تڪڙا وڌي ويندا آهن. ٻج به ڪروڙن جي تعداد
۾ جڙندا رهندا آهن، ۽ وچ وارا گھرڙا به پنهنجي رس
(Testosterone)جام
جوڙيندا آهن. جا رت سان ملي، بدن ۾ پکڙجي، جوانيءَ
جا ٻاهريان اطوار ظاهر ڪندي آهي - جئن ته نسلي
عضون جو وڌڻ؛ مُنھن، سيني، ڪَڇُن ۽ نھائينءَ تي
وار ڄمڻ؛ گلي جو ٿڙڻ ۽ آواز مٽجڻ؛ حياءُ اچڻ؛
وغيرھ.
ڏٺو ويو آهي ته جي ننڍيءَ عمر ۾ آنورا ڪڍي ڇڏجن، ته نه ٻج
جڙندا، نه ظاهري مردانين نشانين مان ئي ڪا ڏسڻ ۾
ايندي – بلڪ زالن وانگر وهڪ جي جاين، ڪُکين ۽
نهائينءَ تي چرٻي چڙهي ويندي، ۽ بُبيون به ڀرجي
وڏيون ٿي پونديون.
(5) ٻيجڻيون
Ovaries
ٻيجڻيون زالن ۾ اهو ئي ڪم ڪن ٿيون، جيڪو مردن ۾ آنورا. هي
باداميءَ جيڏيون ٻه گِلٽيون ٿينديون آهن، جي
نھائينءَ جي اندر، ڳھڻ
(Uterus)جي
ٻنھي پاسن کان بيٺل آهن.
ٻيجڻين جا ڪم آهن:
(1) ”مادري ٻج “
(Ova)
ٺاهڻ. اهي ٻج ٻاراڻيءَ عمر ۾ ته هزارين ٿيندا آهن،
جن مان ٻار ٿيڻ واري عرصي ۾ (يعني جوانيءَ کان
ٽيھه چاليھه ورهه اڳتي) فقط ڪي سو تيار ٿي، راس
ٿيندا، نڪرندا رهندا آهن. هر مهيني ھڪڙو نڪري
پنهنجي پاسي واريءَ ٻيجڻي – نليءَ
(Fallopian Tube)
۾ اچي بيھندو آهي، جتي، جي پيءُ جو ٻج اچي مليس ته
ٻار جڙڻ شروع ٿيندو، نه ته وري ٻئي مهيني
ماهواريءَ جي شروع ٿيڻ واري ڏينھن کان وٺي تيرهن
کان سترهن ڏينھن تائين، زنانو ٻج راس ٿي ٻيجڻي
ڇڏيندو آهي – انهيءَ مدي کان پوءِ ٻار ڪو اتفاقي
ٿئي.
(2) ٻيجڻيءَ جي وچ وارن گھرڙن جي رس جو ڪم آهي نسلي عضون جي
پرداخت، ماهواري تبدليون پيدا ڪرڻ، ۽ حمل جي حالت
۾ ٻچي جي پوئواري ڪرڻ ويندي اُرهه جي تبديلين ۽
کير پوڻ سميت. جوانيءَ جي نروار ٿيڻ وقت، ظاهري
اطوار پيدا ڪرڻ به هنن جوئي ڪم آهي؛ جئن ته نسلي
عضون کي واڌ ڏيڻ، اُرهه کي ڀرڻ ۽ کير ٺاهڻ جو
سامان پيدا ڪرڻ . ڪڇُن ۽ نھائينءَ تي وار ڄمڻ ،
بدن جي ڪن خاص هنڌن تي چرٻي گڏ ڪري گولائيون ٺاهڻ،
نزاڪت سان گڏ شرميلي طبيعت ۽ حياءُ شامل ڪرڻ،
وغيرھ.
(6) لبلبي جون ٻيٽاريون
Islets of Langerhans
آنورن ۽ ٻيجڻين ۾ اوهان ڏٺو ته ڪئن نه هو ٻنھي قسمن جي غدودن -
ظاهري توڙي باطني - جو ڪم ٿا ڪن. ظاهري طرح پنھنجي
جنسن جا ٻج ٺاهين، جي ناليءَ مان هليو، ڪنھن خاص
جڳھه تي پھچي، پنھنجا ڪم ڪن؛ ٻي وري جوڙين ڳُجھي
رس، جا رت ۾ ڦري، مرد کي مرداني شڪل ڏئي ۽ زال کي
زال جي . لبلبي به اهڙي قسم جو ٻٽو غدود آهي، جو
پنهنجي ظاهري رس هاضمي لاءِ ننڍي آنڊي ۾ موڪلي، ۽
ڳُجھي رس
(Insulin)رت سان ملائي بدن ڏانهن رواني ڪري.
”انسيولن“ جو ڪم آهي مشڪن ۾ پھچي ، گلوڪوز کي ڪتب
آڻي، مشڪن لاءِ طاقت موجود ڪرڻ. بعضي انسيولن جو
جڙڻ گھڻو گھٽجي ويندو آهي؛ ان ڪري رت ۾ آيل گلوڪوز
پوريءَ طرح ڪم نه ايندي آهي ۽ جڏهن سندس انداز رت
۾ ايترو ٿيندو آهي، جنھن کي بُڪيون اجايو سمجھن ،
ته ان کي پيشاب ۾ ڪڍي ڇڏينديون آهن؛ انهيءَ حالت
کي ”ذيابيطس“
(Diabetes)چئبو
آهي. |