سيڪشن؛علميات

ڪتاب:تن ۽ تندرستي

باب: --

صفحو :5

۽ مٿائنس چمڙي چڙهيل. ڪن جي مقرر شڪل ڪچڙي ڪنڊي جي ڪري آهي، جنهن جو ڪم آهي آواز جي لهرين کي روڪي واٽ لائڻ. ڪن جي سوراخ مان آواز هڪ ناليءَ مان هليو وڃيو پردي تي لڳي، جتي ٻاهريون ڪن ختم ٿو ٿئي، اهو پردو نه رڳو دهل تي چڙهيل چم جو ڪم ڏئي ٿو، پر ڪن جي اندرين نازڪ ڀاڱن جو به وڏو بچاءُ آهي؛ نه ته جيڪر جيت، مٽي، ۽ ٻيون غلاظتون، آسانيءَ سان اندر هليون وڃن، ۽ ڪن کي نقصان رسائين.

        ڪن جي سوراخ ۾ سنهڙا گهاٽا وار ۽ ننڍڙا غدود آهن، جي ميڻ جهڙي رطوبت ٺاهيندا آهن، جا جيتن کي اندر وڃڻ کان روڪيندي آهي.ڪن جي سوراخ ۾ ڪڏهن به ڪا شي نه وجهجي، متان پردو ڦاٽي پوي، يا سوڄ ٿيڻ سبب سوراخ سوڙهو ٿي وڃي.

(2) وچيون ڪن Middle ear. هيءُ ڪن واري پردي جي اندر هڪ ننڍو خانو آهي، جو هوا سان ڀريل رهي ٿو. اها هوا منجهس ڪاڪڙي جي مٿئين ڀاڱي کان ويندڙ هڪ نليءَ جي وسيلي پهچي ٿي: ان لاءِ ته پردي جي اندرئين پاسي به هوا هجي؛ نه ته رڳو ٻاهرئين پاسي کان آواز جي داٻ ڪري، پردو اندر جهڪي پوندو، ۽ سنوت خراب ٿيڻ ڪري، نه پوريءَ طرح ڌوندو، نه برابر آواز ئي اندر پهچائي سگهندو.

وچئين ڪن جي خاني ۾ ٽي ننڍڙيون هڏڙيون آهن، جي هڪ ٻئي سان اٽڪيل آهن، ۽ آواز جي لهرين کي وچئين ڪن جي پردي کان اندر ئين ڪن تائين پهچائين ٿيون. پردي سان لڳل  هڏڙي ”مُترڪي“(Malleus)سڏبي آهي؛وچين”سنڌاڻ“(Ineus) ۽اندرين” رڪيب“(Stapes) ڇاڪاڻ ته سندن شڪليون اهڙيون آهن.”رڪب“ جو پير اندرئين ڪن جي بيضوي سوراخ  (Foramen ovale) تي ڦهڪيل هوندو آهي،جنهن جي وسيلي آواز اندرئين ڪن جي سوراخ ۾ پهچي ٿو. هي ٽي ئي هڏڙيون، گڏ جي، هڪ اهڙو چست هٿيو ٺاهين ٿيون، جو پردي جي تحرڪ هيٺ پاڻ به ” ٽڪ ٽڪ “ ڪريو تار بابوءَ جي اوزار وانگر، آواز اندرئين ڪن ٺوڪيندو وڃي،سمجهڻ گهرجي ته رڪيب جو پير ” فوريمن اوويليءَ“ تي کتل نه آهي، پر آواز جي تحرڪ ڪري تيزيءَ سان ان کان جدا ٿيندو، ۽ ان تي ٽڙڪ ٽڙڪ ڪري لڳندو رهي ٿو، جنهن جي ڪري آواز جي لهر به اندر ڌڪبي، هلندي رهي ٿي.

   (3) اندريون ڪن(Internal Ear) هيءُ، وچئين ڪن جي اندرئين پاسي آهي. هن جا ٻه حصا آهن- هڪڙو ٻڌڻ لاءِ، ۽ ٻيو بدن جي توازن(Balance) رکڻ لاءِ.

   1- ٻڌڻ وارو ڀاڱو(Cochlea). هيءُ ڪوڏ وانگر وريل، هڪ هڏائين ناليءَ جو جڙيل ٿئي ٿو - جئن نه ڪا ڦير واري گول ڏاڪڻ هجي: پر ڦيرا ڪل اڍائي! سندس تري وارو چڪر سڀني کان ويڪرو، وچيون تنهن کان سوڙهو، ۽ چوٽيءَ وارو بنهه ڪنڊيارو آهي. انهيءَ هڏائينءَ ناليءَ ۾ پاڻياٺي رطوبت رهندي آهي، جنهن جي اندر ساڳئي نموني تي گهڙيل، هڪ پردي جي نالي پڻ پيل آهي، جنهن جي پاڻياٺي رطوبت ۾، ٻُڌڻ واري تنت جون باريڪ وارن جهڙيون پڇڙيون پيون ترن، جي پاڻيٺ ۾ پهتل آواز جو تحرڪ کڻيو، تنت جي وسيلي، وڃيو مغز کي پهچائين.

  (2) توازن وارو ڀاڱو( Semicircular Canals). هيءُ حصو، ٽن اڌ گول نلين ۽ سندن هيٺين موڪرين ڳوٿرين جو ٺهيل آهي. اهي نليون پردي جون ٺهيل آهن. ۽ هڏانئن کانچن ۾ پيل آهن؛منجهن پاڻياٺي رطوبت ڀريل آهي، ننڍي مغز ۽ مستطيل مغز سان ڳنڍيل آهن. جڏهن به اسين پاڻ کي هيڏي هوڏي چوريون ٿا، ته انهن نلين واري پاڻيٺ به اهڙيءَ طرح هيٺ مٿي ٿئي ٿي، ۽ توازن رکندڙ مرڪزن کي اسان جي بدني صورت جي خبر ملي ٿي. اهي ناليون ٽي ان ڪري آهن، جو اسان کي چرڻ پرڻ جا به ٽي طرف( Three Ddimensions) آهن- (1) سامهون، يعني اڳتي پوئتي؛ (2) پاسيرو، يعني کٻي سڄي؛ ۽ (3) اڀو، يعني هيٺ مٿي.البت انهن طرفن تي ڪنڊيارو تحرڪ به ٿي سگهي ٿو. پر طرف اهي ئي رهندا. اهي ناليون به ساڳيءَ تجويز تي رٿيل آهن، ۽ ساڳيءَ طرح، اسان جي بدن جو ڪو به تحرڪ نهايت نفاست سان مغز کي ٻڌائي سگهن ٿيون.

ٻڌجي ڪئن ٿو. يڪتاري جي تار تي آڱر سان ڦنڊڪ هڻو، يا ڪنهن تسريءَ کي ڪني کان جهلي وچ تي ٺونگو هڻو، ته تيزيءَ سان هيڏي هوڏي ڌوندي. اها تنوار وري هوا کي تحرڪ ۾ وجهي، منجهس آواز موافق، گهٽ وڌ تيزيءَ ۽ زور واريون لهريون پيدا ڪندي - بلڪل ائين، جئن تلاءَ ۾ ڀتر اڇلڻ سان لهر پکڙي. فرق رڳو اهو ٿو رهي، جو پاڻيءَ جون لهرون سندس سطح تي ٿيون پکڙن، ۽ هوا جون، چوڌاري گولائيءَ ۾ پکڙجيو جيو وڃن.

        هوا جي لهرن جي لرزش، ڪن جي سوراخ مان لنگهيو، اچيو ڪن جي پردي کي ٻُرائي، ته اهو به وٺيو تنوارڻ شروع ڪري. انهيءَ جي اثر هيٺ ٽن هڏڙين جو ڳنڍيل گهوڙو، هيڏي هوڏي ٿيو. وٺيو اندرئين ڪن جي پاڻيٺ کي ڇوليءَ ۾ وجهي، اتان وري ٻڌڻ جي تنت جون پڇڙيون اهو تحرڪ کنيو وڃيو وڏي مغز ۾ ٻڌڻ واري مرڪز کي پهچائين، ۽ اسان کي آواز جي پروڙ پوي.

     ٻڌڻ جون حدون. انسان جي هرڪا طاقت محدود آهي: ساڳيءَ طرح آهي، ”ٻُڌڻ “. اسين فقط اهي آواز ٿا ٻڌون، جن جي لرزش جي سراسري رفتار، سيڪنڊ ۾، 40 کان 2000 تنوارون (vibrations)ھوندي- ڪن خاص حالتن ۾ ٿورو گھٽ وڌ ٿي سگھي ٿو. جانورن ۾ به ھر ھڪ  قسم جي ٻُڌڻ جي طاقت نرالي ٿي ٿئي.ڪُئو ايترو آواز ڪندو آهي، جو اسان جي ٻڌڻ جي حد کان مٿي آهي، ۽ اسين ٻُڌي ڪين سگهندا آهيون: پر ٻلي ان کي ٻُڌي پئي ڪنائيندي آهي؛ اسين ڀائيندا آهيون ته “ ڪجهه ڏٺو اٿس!“ چمڙي جي تکي ڪيڪ به اسان کي ٻڌڻ ۾ ڪانه اچي؛ پر سندس ذات- ڀائي ۽ ٻيا جانور ته ضرور ٻڌندا هوندا ! ڌرتيءَ جي ايتريءَ تيزيءَ سان ڦرڻ جو آواز جي اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي، ته چريو ڪري وجهي!

ٻوڙاڻ. ٻوڙاڻ انهيءَ حالت کي ٿو چئجي، جڏهن اسين ڪنهن جو ڳالھائڻ  رواجي طرح ٻڌي نه سگهيون. ظاهر آهي، ته جي ڪن جي سوراخ ۾ ڳچ ميڻ يا ٻيو ڪچرو گهڻي قدر گڏ ٿي ويو، ته آواز جي لهرين کي پردي تائين پهچڻ ۾ ضرور اٽڪ ٿيندي، ۽ آواز جهڪو ٻڌبو- پر جي اندرئين ڪن جي ڪا ڪل يا تنت خراب ٿي، ته پوءِ ته بنهه ٺُٺ ٻورو ٿي پئبو!

         عام طرح، ڪن جون خرابيون وچئين ڪن کان شروع ٿينديون آهن، جي نڙيءَ واريءَ هوا جي نليءَ رستي، ڪاڪڙي کان اينديون آهن. پهرين، سوڄ ٿيڻ ڪري ڪن ۾ سور ٿيندو آهي: پوءِ جي گند ٿي پيو، ته ٻاهريون پردو کائي، ٻاهر نڪرڻ شروع ڪندو آهي؛ پوءِ ته وهندي وهندي، بعضي وچئين ڪن جون هڏڙيون به ڳري نڪري وينديون آهن. فقط هوا جي نليءَ جي سوڄ ڪري به، ٻڌڻ ڏکيو ٿي پوندو؛ ڇاڪاڻ ته منجهانئس هوا پوريءَ طرح لنگهي نه سگهندي – بعضي زڪام جي حالت ۾ ڪين ڪن تي ٻُٽ چڙهي ويندو آهي؟

    ڪن جون بيماريون سڀ اندران نڙيءَ کان نسرنديون آهن؛ نه ٻاهرين ڪن کان.

ڄڀ ۽ چکڻ

ڄڀ. کاڌي کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائڻ سان چٻاڙڻ، ۽ چٻاڙيل کاڌي کي ڳهڻ، ۾ ڪم ٿي اچي. ڳالهائڻ به ڄڀ کان سواءِ بلڪل ڏکيو آهي، پر جنهن ڪم لاءِ کيس حواسن ۾ شمار ٿو ڪجي، اهو آهي ” سواد معلوم ڪرڻ“.

        ڄڀ تابعدار مشڪن جي جڙيل آهي، جنهن ڪري کيس هيڏي هوڏي، مرضي موجب، ورائي ڦيرائي سگهجي ٿو. سندس گوشت- يعني مشڪن- جي مٿان  هڪ ٿلهي رکوالي پردي جو پوش چڙهيل آهي، جنهن تي آڱر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو، ته سندس مٿڇرو لسو نه آهي، پر ڦوڏا ريل ؛ ڪاڪڙي جي هيٺ، پٺئين ڀاڱي ۾ ته اصل ڇهه ست اُڀريل ڳوڙهيون ڏسڻ ۾ اينديون. انهن ڦوڏرن ۽ گول ڳوڙهين ۾ ئي ”چشڪي جون چڌيون(taste buds) سمايل آهن، جن جون

 فقط شڪل 25. زبان جي پوش ۾ بيٺل سنهڙيون وارن جهڙيون چشڪي جي چڌي (الف سندس پاڙ، پڇڙيون ٻاهر نڪتل هونديون ب- سندس چوٽيءَ جون وارن جھڙيون پڇڙيون)آهن.

سنھڙيون وارن جھڙيون پڇڙيون ٻاھر نڪتل ھونديون  باقي سندن سارو جسمي جهڙيون پڇڙيون) 

ٺاٺ رکوالي پردي جي تهن ۾ سمايل هوندو آهي.

        ”ٽيسٽ بڊ“ خوردبين جي هيٺان هوبهو ٿوم جي ڳنڍ جهڙي معلوم ٿيندي ( جئن شڪل ۾ ڏسجي ٿي). سندس گهڙا به، ٿوم جي ڌار ڌار سرين وانگر، ٿورو وريل ڏيکارجن ٿا، جي مڙئي پنج آهن، مٿاڇري تي، سندس ٻاهر نڪتل پنج وار آهن، جن کي ” سواد جا وارڙا“(taste hairlets) چئبو آهي؛ ۽ تري ۾، سندن تنتي تاند ورا نڪرندا ڏسجن ٿا، جي ٻين سان گڏجي، نيٺ وڃيو سواد جي تنت ٺاهين، جا ”فيشل نرو“ سان مليو وڃي.

        اهي سواد جا وارڙا ئي آهن، جي زائقو کڻيو، تنتي تاندورن جي هٿان، مغز کي پهچائين ٿا. البت ايترو ضرور آهي، ته چکڻ واري شي ڳريل صورت ۾ هجي؛ نه ته سواد جي سڌ ڪانه پوندي. جي شي به خشڪ، ۽ وات به خشڪ، ته سواد ڪونه ايندو. جي ڪا اهڙي شي ڄڀ تي رکبي، جا وات جي پڪ ۾ ڳري نه سگهي، (جهڙوڪ چاڪ “ وغيره)، ته ڪو ذائقو ڪونه ايندو. هنن حقيقتن مان ظاهر آهي، ته چکڻ جو ڪم ڪيمياوي، طرز جو آهي؛ نه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وانگر طبعي نموني جو- جي، فقط جسم کان ٻاهران ايندڙ لهرين جو نتيجو آهن.

        سواد مکيه چار آهن‎-ڪوڙو، مٺو کارو ، ۽ کٽو، پر، جئن مول رنگ فقط ٽي آهن، ۽ انهن جي ملائڻ ڪري ڪئين رنگ ٺهيو پون، تئن سواد به مک سوادن جي ميل ڪري ڪيترا ٿيون پون؛ ايتري قدر جو هر هڪ شي جو ذائقو پنهنجو ؛ ميوا به سڀ مختلف سوادن جا. حيرت آهي ته اڃا تائين سوادن جا نالا بلڪل ٿوارا ڇو آهن!

        ڄڀ جا ڪي خاص ڀاڱا، ڪن خاص سوادن کي بهتر معلوم ڪري سگهن ٿا؛ مٺاڻ چُهنب سان بهتر معلوم ٿيندو، کٽاڻ پاسن سان، ۽ پٺئين ڀاڱي سان ڪوڙائڻ. چئبو ڪينهي ته ” ڪوئين “ ته ڪاڪڙو ئي ڪوڙو ڪيو ڇڏي !“ اهو سچ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوڙان کي زبان جو پهريون ڀاڱو زياده معلوم ٿو ڪري.

        سواد جي معلوم ڪرڻ ۾، نه رڳو ذائقي واريون تنتون، پر وات جون رواجي خابرو تنتون ۽ نڪ جون سنگهڻ واريون تنتون به، گهڻي قدر ملي ڪم ٿيون ڪن. جڏهن ڪابه تکي شي- ڦود ني جي ٽڪيءَ جهڙي – کائبي آهي، ته سندس تکاڻ خابرو تنتون کڻنديون آهن، بوءِ سنگهڻ واريون تنتون، ۽ ذائقو ”ٽيسٽ بڊس“

4. نڪ ۽ سنگهڻ

نڪ، وچئين پردي جي وسيلي، ٻن ناسُن ۾ وراهيل آهي. هر هڪ ناس ۾ ڪيترائي ور وراڪڙا آهن، جن مان هوا لگنهندي گرم ٿي ڦڦرن ۾ وڃي ٿي. نڪ جي ڇت هڪ هڏائين تاڪيءَ سان ڍڪيل آهي، جنهن ۾ ڪيترائي سوراخ آهن. انهن سوراخن مان سنگهڻ جي تنت جون باريڪ پڇڙيون، مغز مان هيٺ لهي، نڪ جي پردي ۽ پاسن جي مٿئين ٽئين حصي ۾ آهن- هيٺيان ٻه حصا رڳو ساهه کڻڻ لاءِ آهن. اوهان کي آزمودو هوندو، ته جڏهن ڪابه شي چڱيءَ طرح سنگهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، تڏهن ان کي نڪ جي ويجهو جهلي، اُڀو ساهه کڻبو آهي- ته سندس بوءِ نڪ جي مٿئين حصي ۾ پهچي، ۽ ڦڦرن ڏانهن ويندڙ هيٺين هوا سان ملي، ڇٽڙي ٿيڻ کان بچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com