سيڪشن؛علميات

ڪتاب:تن ۽ تندرستي

باب: --

صفحو :6

 (ڇت ۾ سنگهڻ جي تنت جن  باريڪ پڇڙيون پکڙل ڏسجن ٿيون)

        جئن سواد فقط انهن شين جو ٿو اچي، جيڪي پاڻيءَ۾  ڳريل هونديون آهن، تئن بُوءِ به فقط انهن شين جي معلوم ڪري سگهجي، جيڪي هوا سان ملي سگهنديون. بُوءِ کڻندڙ تنتي گهرڙن جي سنهڙين وارن جهڙين پڇڙين تي، ڪيمياوي اثر هيٺ، کڄيو وڃي مغز ڏانهن.

        بوءِ، ذائقي سان ايتري قدر لاڳاپيل آهي، جو ڪيترا ذائقا حقيقت ۾ بانسُون آهن: ان ڪري سُڳنڌ کي بعضي ”پري جو سواد“ به سڏيو ويو آهي. جڏهن ڪا لذيذ شي پئي رڌبي آهي، تڏهن پري کان ئي ان جي سڳنڌ، برابر ان شي جو ذائقو پئي پهچائيندي آهي. اها حقيقت آهي ته جي نڪ کي پوريءَ طرح بند ڪري، اکين کي ٻَڌي، ڪيتريون شيون کائبيون، ته انهن جو سواد ئي ڦريل پيو معلوم ٿيندو؛ بلڪ ڪيترين شين جي ته خبر ئي ڪانه پوندي ته گجر آهي يا گوگڙو! رڳو ليس جي ڪري نڪ ٻُٽبو آهي، ته به ذائقو بدلجي ويندو آهي.

سِنگهڻ جي طاقت ماڻهوءَ ۾ گهڻي قدر گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. گهڻا اهڙا لڀندا، جن کي ڪا خاص بوءِ بنهه نه ايندي هجي. ائين به آهي ته جڏهن ڪا شي لاڳيتو سونگهبي، ته ان جي بوءِ کڻڻ کان اهي تنتي تندون ٿڪجيو پون، ۽ پوءِ اها بوءِ ايندي ئي ڪانه جيتوڻيڪ ٻيون بانسون معلوم ڪري سگهبيون- ائين چئبو ڪينهي ته ” بانس مٿي ۾ ويهي وئي اٿس“؟ ڪن شين جي بوءِ اهڙي تيز ٿيندي آهي، جو خس جيترو ذرو به حوهُڳ مچائي ڏئي- ”مُشڪ“ تي حساب ڪيو اٿن، ته هڪ رتيءَ جي پنجاهه ڪروڙين پتيءَ جي بوءِ به انسان جو نڪ کڻي سگهي ٿو. ڪن جانورن ۾ ته هيءُ حواس ايترو تيز ٿو ٿئي، جو وسهڻ کان ٻاهر. اهڙن جانورن ۾، مغز جو وڏو حصو بوءِ جي بلي هوندو آهي؛ ان ڪري هو پنهنجن دشمن جانورن جي بوءِ پري کان معلوم ڪري سگهندو. ڏسجي ٿو ته ضرورت موجب قدرت هرڪا سهوليت پنهنجي جان جي بچاءَ لاءِ ڏئي ٿي. جانورن کي بوءِ کاڌي هٿ ڪرڻ ۾ به مدد ڪري ٿي. ڪيترن ڪُتن ۾ اها طاقت آهي، ته جنهن هنڌان چور گهر ۾ گهڙيو هجي، اهي جايون ان کي سنگهائي، وري جو کڻي ڇڏيوس، ته جنهن واٽ سان هو ويو هوندو، اها نُوسيندو، تکو تکو ڀڄندو ويندو!

        هتي به ساڳي ذائقي واري شڪايت موجود آهي، ته اسين ڪيترن قسمن جي بوءِ پرکي سگهون ٿا. پر انهيءَ کي ڪي خاص نالا ڏنا ويا آهن: شايد ان ڪري، جو نڪ به ڪيمياوي طور تي سواد وانگر ڪم ٿو ڪري، ۽ مختلف بانسن جا ڪيمياوي تفاوت معلوم ٿي نه سگهيا آهن. اوهان کي خبر آهي، ته ڪپڙي جي سڙڻ جي بوءِ بلڪل پڌري ٿيندي آهي: پر ته به ڪو خاص

نالو ڪونهن ڏنو ويو اٿس- اهڙيءَ طرح ڪيتريون ٻيون بانسون.

5.چمڙي ۽ ڇُهڻ

        چمڙي نه رڳو بدن لاءِ پوش جو ڪم ٿي ڏئي، پر اسان لاءِ هر وقت سجاڳ، هوشيار ۽ نهايت خبردار پهريدار پڻ آهي، جنهن جي وسيلي، ڪنهن به شي جي بدن سان لڳڻ جي خبر جهٽ پٽ پئجيو وڃي: ان ڪري اسين گرميءَ ، سرديءَ، ۽ ايذائيندڙ شين جي آزار کان هر وقت سلامت رهون ٿا. جي اها لياقت چمڙيءَ ۾ نه هجي، ته ٻيا خطرناڪ جيت ته ٺهيا، پر رڳو ڪوليون ۽ ماڪوڙيون به اسان کي پَٽي رات وچ ۾ ڏڏري ڇڏين!

شڪل 27. چمڙيءَ جي باريڪ بناوت

(پگهر جا ٽي ڳلڦڙا ڏسجن ٿا)

ڇُهڻ جي طاقت، ساري بدن جي چمڙيءَ کي، اسان جي بچاءُ لاءِ سونپيل آهي. ڪا شي ڪنهن هنڌ لڳي، ته انهيءَ هنڌ جي خابرو تنت، مغز کي ان شي بابت هيٺين حقيقتن جي سڌ ٿي ڏئي:

       1-   شڪل، نمونو، سختي، نرمي، کهراڻ، لساڻ، تکاڻ، وغيره. ڀلي کڻي ڪپهه جو هلڪو کُونڌو هجي، يا وار هجي – ڪٿي به لڳو، ته يڪدم معلوم ڪبو. جي انهيءَ حد کان مٿي بار پيو، ته زور لکائبو- جئن باڪس جي تيليءَ جو زور معلوم ڪجي. تکي شي ( جهڙوڪ ٽاچني، وغيره)  لڳڻ سان سُور معلوم ٿيندو، ۽ انهي هنڌ جون مشڪون پاڻ کي ڪوئي، ايذائيندڙ شي کان پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪنديون. ڇُهڻ جي طاقت ايتري ته تيز آهي، جو ان جي وسيلي انڌا به، ٿلهن اڀريلن اکرن تي رڳو آڱر ڦيرائڻ سان، اکر سمجهي ۽ پڙهي سگهندا آهن.

2- وزن. گهڻي يا ٿوري بار پوڻ موجب، ڪنهن شي جو وزن به معلوم ٿيندو.

   3- ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ، ڪوسي يا ٿڌي شي انهيءَ کي چئبوآهي، جيڪا بدني گرميءَ بنسبت ڪوسي يا ٿڌي لڳي: ڪابه شي بدني گرميءَ کان گهٽ گرم هوندي، ته ٿڌي، ۽ زياده گرميءَ واري ڪوسي معلوم ٿيندي، نه رڳو ايترو، پر جي هٿ پهرين گرم پاڻيءَ ۾ وجهي، وري ٿوري گهٽ گرم پاڻيءَ ۾ ويجهبو، ته ٿڌو لڳندو. گرمي، ٺونٺ ۽ هٿ جي پٺيءَ سان بهتر معلوم ٿي سگهندي؛ ڇاڪاڻ ته انهن جاين تي چمڙي سنهي ٿي ٿئي. هٿن ۽ پيرن جي ترين جو احساس البت گهٽ ٿو رهي، ڇاڪاڻ جو لاڳيتي ڪم اچڻ سبب چمڙي ٿلهي ٿيو وڃي.

هيءَ خاصيت به گرميءَ سرديءَ کان بچڻ جو اُپاءُ آهي؛ نه ته جيڪر ٻنهي جي خراب اثر ٿيڻ سبب، جان جوکي ۾ اچي وڃي.

جن بيمارين ۾، تنتي سرشتي جي خراب ٿيڻ ڪري، حس جي طاقت نڪري ويندي آهي، تن ۾ ايذاءَ ۽ ٿڌيءَ ڪوسيءَ جي خبر ڪا نه پوندي آهي. اهڙي بيمارکي، پير ۾ سئيءَ جو ايذاءُ ته ڪو نه ايندو، پر سيڪ جي خبر به ڪا نه پوندي؛ ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ حالت ۾ خابرو سرشتو بيڪار ٿيو پوي.

باب يارهون

هاضمي جو سرشتو (Digestive System)

هاضمو ڇا آهي

کاڌي جو ڀڄي ڀُري، پيسجي پترو ٿي، اهڙي سادي صورت وٺڻ، جو آنڊي مان چوسجي رت سان ملي سگهي ان کي ”هاضمو“ ٿو چئجي.

        کاڌي جو رت سان ملي هڪ ٿيڻ لازمي آهي؛ ڇاڪاڻ ته بدن جي هر هڪ گهرڙي کي خورش پهچائڻ جو وسيلو رت ئي آهي. هاضمي جو مقصد به اهو ئي آهي ته کاڄرو شين کي (جي ڪيترو به وڏيون ۽ وزندار آهن!)ڳاري اهڙو سنهو ۽ نفيس ڪجي، جو باريڪ ۽ نفيس جيو-گهرڙن جو کاڄ بنجي سگهن. جي کاڌي جو اهو مقصد هاضمي جي خرابين ڪري پورو نه ٿيو، ته جهڙو کاڌو تهڙو نه کاڌو. کاڌو رڳو وات جي چشڪي لاءِ ته نه آهي! ” لذت“ ته فقط ان لاءِ آهي ته اها لالچ اسان کي کاڌي کائڻ تي هر کائي، قدرت جو مقصد پورو ڪري. جي جيو- گهرڙن کي خورش نه پهتي، ته ويندا نجهرندا: ۽ انهن جو ڳرڻ بدن لاءِ موت ئي آهي.

کاڄرو شيون ۽ سندن ڪيمياوي جزا. کاڌي جون شيون ته سَوين آهن، پر ڪيمياوي خيال کان، اسان کي فقط پنج شيون گهرجن- جي ڪي ڪنهن شي مان، ڪي ڪنهن مان، حاصل ڪندا ٿا رهون- اهي هي آهن:

1.پروٽينproteins. اها ” پروٽين“ آهي، جنهن جا اسين جڙيل آهيون. پروٽين گوشت، مڇيءَ، بيضن، چڻن، ڪڻڪ، ۽کير ۾ گهڻي ٿيندي آهي.

2. سڻڀHydrocarbons سڻڀ ملائيءَ مکڻ، گيهه، چرٻيءَ، ۽ کوپري يا ترن وغيره جي تيلن مان ملي سگهي ٿو. سڻڀ بدن ۾ جَلِي، گرمي ۽ طاقت پيدا ڪن ٿا.

3. مِٺاڻ Carbohydratesهي ٻن قسمن جا آهن: (1) ”سادا مٺاڻ جي چکڻ سان مٺا لڳن- جئن ته ڳڙ، کنڊ، ماکي، انگور، وغيره؛ ۽(2)”مرڪب مٺاڻ“ جي هاضم رسن جي اثر هيٺِ ڀڄي، سادي صورت وٺي، پوءِ مٺا ٿا لڳن- جئن ته ڪڻڪ، چانور، پٽاٽا، وغيره.

تجربو- مانيءَ جو سُڪل ٽڪر کڻي، چڱيءَ طرح چٻاڙيو، ته نيٺ مڍو لڳندو: ڇاڪاڻ ته اٽو- جو مرڪب مٺاڻ آهي، پِڪ جي ڪيمياوي اثر ڪري ”سان مٺاڻ“ ٿي مٺو ٿو لڳي.

4. معدني جزاminerals هنن ۾ پاڻي ۽ ڪيترن قسمن جي ڌاتن- ڪئلشيم، فاسفورس، فولاد وغيرھه – جا مرڪب اچي وچن ٿا: جن مان هڪڙو رواجي لوڻ به آهي.

5. وٽئمنسvitamins وٽئمنس ڪيترن کاڄرو شين ۾ اڻ- لکي مقدار ۾ موجود آهن. صحت سالم رکڻ لاٰءِ،کاڌي ۾ انهن جو موجود هجڻ بلڪل ضروري آهي.

        مٿي چاڻايل پنجن شين مان پروٽين، وٽئمنس،۽ معدني جزا، ملي، اسان جي جسم جا گهرڙا جوڙين ٿا. سڻڀ ۽ مٺاڻ، جلائُوشين جو ڪم ٿا ڪن، جن مان بدني گرمي ۽ ڪم ڪرڻ جي طاقت ملي ٿي. هاضمو فقط پروٽين، سڻڀ ۽ مٺاڻ کي گهرجي؛ باقي معدني جزا ته گهڻو ڪري پاڻيءَ ۾ پيا، ته ڳريا. وٽئمنس ته ويتر نفيس آهن، جن کي هاضمي جي ضرورت خاص طرح ڪانه ٿئي.

هاضمو ڪئن ٿو ٿئي

هاڻي، اچو ته ڏسون ته کاڌي جي هاضمي جون ڪلون، اسان ڳورين ماسارين کاڄرو شين کي ڀڃي ڀروڙي، ايترو باريڪ ڪئن ٿيون ڪن، جو بدن جي سنهڙن جيو- گهرڙن جو کاڄ بنجيو پون.

        کاڌي کي هضم ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي نلي آهي، جا 26-27 فوٽ ٿيندي. اها نلي وات کان شروع ٿي ٿئي، ۽ ڪٿي سوڙهي ڪٿي ويڪري ٿيندي، وڃيو وهڪ جي جاءِ وٽ کُٽي. وات ۾ کاڌو پوي، هيٺيان ڪچرو نڪري - ٻنهي ۾ ڪيڏو نه فرق! ته انهيءَ نليءَ مان هلندي، کاڌي ۾ گهڻي ڦير ڦار ٿي ٿئي.

       اها ڦير ڦار مکيه ٻن عملن جو نتيجو آهي:

پهريون، مشڪن سان ڳوهڻ جو طبعي ڪم (Physical action)  جئن جيڪر ڏاڍي انب کي هٿن سان نپوڙي، نرم ڪري وجهجي؛

ٻيو، ڪن هاضم رسمن جوڪيمياوي اثر(Chemical action ) جئن مڇيءَ جا ڪنڊا سُرڪي وجهي رکجن،ته ڳري وڃن. پهرينءَ حالت ۾ شي جي فقط صورت بدلجي ٿي، پر سندس بناوت جي حقيقت نٿي مٽجي؛ ٻيءَ صورت نه رڳو شڪل ڦريو وڃي، پر سندس اصليت به تبديل ٿيو وڃي. پهرينءَ کي ”طبعي تبديل“ ٿو چئجي- جئن پاڻيءَ کي گرم ڪري ٻاڦ ڪجي، يا ٻاڦ کي ٿڌو ڪري برف ٺاهجي.” طبعي“، ان ڪري ٿو چئجي، جو اهو ڦير فقط سندس شڪل ۾ ٿو اچي، نه اصليت ۾ -وري به جي ٻاڦ کي ٿڌو ڪبو، يا برف کي گرم، ته ساڳيوپاڻيءَ جو پاڻي ٺهي پوندو: مگر ٻي تبديل فقط روپي نه آهي پر ذاتي، جنهن ۾ شي جا جزا ئي ڦريو وڃن. مثال طور، کير ۾ سنباهڻ وجهي رکبو، ته ڄمي ڏڌ ٿي پوندو؛ پر پوءِ ڪنهن به طرح وري ڏڌ مان کير جون وصفون پيدا ڪرڻ ناممڪن آهي. اهڙيءَ ڦير گهير کي  ”ڪيمياوي تبديل“ ٿو چئجي.( اڳتي هلي، اهي طبعي ۽ ڪيمياوي عمل، اسين کاڌي جي نليءَ جي مختلف ڀاڱن ۾، تفصيلوار بيان ڪنداسون.) کاڌي جي نليءَ جا مکيه ڀاڱا هي آهن.(1) وات، (2) نڙي، (3) لُڪي، (4) معدو،(5) ننڍو آنڊو، ۽ (6) وڏو آنڊو.

کاڌي کي پھرين رڌي، يا ٻئي نموني، کائڻ جي لائق ڪبو آهي، جئن صاف ، سوادي ۽ هاضمي لاءِ سولو ٿئي.پوءِ پھرين منزل اٿس ”وات“

1. وات Mouth. اڃا گرههُ ڀرڻ جو خيال ڪبو، ته وات ۾ پِڪ (Saliva)ڀرجي ايندي. پِڪ جي ملڻ ڪري، نه رڳو کاڌو نرم ٿي چٻاڙڻ ڳھڻ لاءِ سولو ٿو ٿئي، پر سندس هاضم جزي”ٽائيلن“ (Ptyalin) جي ڪيمياوي اثر هيٺ،مرڪب مٺاڻ - يعني اناجي جزا - ڳري، سادي صورت ٿا وٺن، ۽ سندن ميٺاڄ ظاهر ٿو ٿئي. پِڪ جا روز اڍائي ٽي پائونڊ وات ۾ جڙڻ ٿا. ڪا به ڏاڍي شي (سوپاري، وغيرھ) چٻاڙبي، ته پڪ جام پيدا ٿي ويندي.

هر ڪا رطوبت يا بدني رس، ڪنھن نه ڪنھن ”غدود“  (Gland) جي ئي پيدائش آهي. پڪ جا غدود    (Salivary glands)وات ۾ هر هڪ پاسي ٽي آهن - هڪڙو ڪن جي پاڙ وٽ  Parotid gland؛ ٻيو ان کان هيٺ، ڄاڙيءَ جي ڪنڊ وٽ ۽ ٽيو کاڏيءَ جي اندر ، ڄڀ جي هيٺان Sublingual gland.

بعضي ، پئراٽڊ گلئنڊ عفونت ڪري سُڄي پوندو آهي – ان کي ”مَلِي“ (mumps) چئبو آهي. ”مَلي“ وچڙندڙ

شڪل 28. پڪ جا غدود پورين جاين تي ڏيکاريل

بيماري آهي، ان ڪري بيمار جا ٿانو ٿپا ڌار رکڻ گھرجن؛ نه ته ٻين کي به بيماري وچڙڻ جو امڪان آهي.

کاڌي ۾، طبعي تبديل گھڻي کان گھڻي وات ۾ واقع ٿي ٿئي؛ ۽ انهيءَ عمل جا عامل ڏند آهن، جي کاڌي کي ڪُترڻ ،ڇنڻ ۽ پيھڻ سان پڻي ڪيو ڇڏين. ڏند مڙئي ٻٽيھه ٿين، جي هر هڪ ڄاڙيءَ ۾ سورهن، ۽ وچ واريءَ ڏندن جي وٿيءَ کان پٺتي اٺ - اٺ ٿيندا. پھريان ٻه سامھان ڏند، سنھا ۽ تکا، کاڌي کي ڪُترڻ لاءِ آهن - انھن کي  Incisors(ڪتريندڙ) چئبو آهي.ٽيو نمبر ڏند سُئيءَ وانگر اُڀو، ڏاڍو مضبوط، ۽ ڪُتي جي ڏاٺ وانگر اونھو ٿيندو آهي، جنھن سان ڏاڍيون ۽ ماساريون شيون ٽُڪبيون آهن – ان کي Canine (چڀندڙ) چئبو آهي. چوٿون ۽ پنجون ڏند Premolars(پھريان جَنڊَ) سڏبا آهن، ۽ پويان ٽي   Molars(جنڊ) اهي پنج ئي هوڙون کاڌي کي پيھي سنھو ڪن ٿيون، جنھن ڪري Grinders (پيھندڙ) به چئبو اٿن. پڇاڙيءَ واريءَ هوڙ کي ”عقل – هوڙ“ (Wisdom tooth)چوندا آهن، جا ارڙهن ورهن جي عمر ڌاري نڪرندي آهي - شايد سمجھه اچڻ جو وقت به اهو آهي. هاڻي، اوهان کي خبر پئي ته وات ۾ ڏندن جو ڪم، هاضمي لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي. جي اتي کاڌو چڱيءَ طرح نه چٻاڙيو، ته اڳتي ڪا به اهڙي تجويز ڪا نه آهي، جا ڏندن جوڪم ڪري؛ ان ڪري ، هاضمو ضرور ڏکيرو ۽ ديرائتو ٿيندو. بھتر آهي، ته کائڻ وقت ڳھڻ جي ڪوشش اصل نه ڪجي. کاڌي کي فقط چٻاڙيندو رهجي، پوءِ جئن کاڌو ڳھڻ لائق ٿيندو رهندو، تئن پاڻيھي ڳسبو ويندو.

2. نڙي Pharynx. وات جي پٺئين پاسي کي ”نڙي“ ٿو چئجي، جنھن مان وات وارو چٻاڙيل کاڌو لنگھي، لڪيءَ ۾ داخل ٿو ٿئي. هتي، گھڻين مشڪن جي ملي موافقت ۾ ڪم ڪرڻ جو عجيب مثال موجود آهي، جن جي پورن دمن تي ڪم ڪرڻ سان، گرهه پورو لُڪيءَ ۾ وڃيو پوي! بعضي، کائيندي پيئندي، جي تڪڙ ۾ ڳالھائڻ جي به ڪوشش ڪبي ته شي ٻيءَ نڙيءَ ۾ وڃي پوندي آهي. اهو ان ڪري، جو گهڻين مشڪن کان ساڳئي وقت ڪم وٺڻ سبب، سندن انتظام برابر نه بيھندو آهي، ۽ هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري ڪم پوري طرح نه ٿي سگھندو آهي.

 

ڳھڻ وقت ڪاڪڙو مٿي کڄي ، وڃي نڪ جا پٺيان سوراخ بند ڪندو آهي - جي ائين نه ٿئي ته جيڪر پاڻي پيئندي نڪ کان نڪري اچي.

3. لڪي Gullet. قانونن ، نڙي اهڙيءَ طرح تجويز سان گرهه کي پٺتي اڇل ٿي ڏئي، جو سڌو لڪي ۾ ۽ لڪيءَ جو مٿيون ڀاڱو ان وقت اهڙيءَ طرح کليو بيٺو هوندو آهي، جو گرهه کي اندر لنگھڻ ۾ ڪا اٽڪ ئي ڪا نه ٿئي. بعضي جڏهن لڪيءَ جون مشڪون پوريءَ طرح کليل نه هونديون آهن، ته گرهه به پوري جاءِ نه ملڻ سبب ٿورو لڪيءَ ۾ اٽڪي ، چڙهي بيھندو آهي... جيسين مشڪون ڪشاديون ٿين ۽ هو هيٺ لھي.

لڪي، ۽ آنڊي جي نلي، خالي هئڻ جي حالت ۾ پوريل رهنديون آهن. جڏهن کاڌو منجھن پوندو آهي، ته نلي اتي کاڌي کي جھلي، ڪوئجي، سوڙهي ٿيندي ۽ ان کان اڳتي ٽڪرو ڪشادو ٿيندو ، ۽ کاڌو سري ان ۾ ايندو..... وري اتي کاڌي کي نپوڙو ايندو، ۽ ان جي اڳ کان نلي ويڪري ٿيندي. اهڙيءَ طرح نلي سوڙهي ويڪري ٿيندي، کاڌي کي لھر وانگر اڳتي ڌڪيندي ايندي آهي،  ڪڏهن گھوڙي کي پاڻي پيئندي ڏسو، ته سندس لڪيءَ جي اها لھر پاڻيءَ کي مٿي چاڙهيندي چٽيءَ طرح ڏسي سگھبي.

معدو  Stomach. ”معدو“ ، هاضمي جي نليءَ جو سڀ کان ويڪرو، ڳوٿريءَ جھڙو حصوآهي، جو نه رڳو هاضمي لاءِ ضرور آهي، پر ان جي ڪري ڳچ وقت جي لاءِ ڪافي کاڌو به کڻي سگهجي ٿو؛ نه ته جيڪر هر هر ٿوري ٿوري کائڻ جي ضرورت ٿئي، معدي ۾ رواجي طرح پنج ڇهه پائونڊ پتريءَ شي جا پئجي ويندا.

        معدي جي ڳوٿڙيءَ کي ٻنهي پُڇرين وٽ- يعني لُڪيءَ جي ڇيڙي وٽ ۽ هيٺان آنڊي جي شروعات وٽ- گول ڇلي جهڙي مشڪ جون ٻُنجڻيون sphincters)) آهن، جي کاڌي کائڻ کان پوءِ کيس ٻنجيل ٿيون رکن – اهڙيءَ طرح جئن ڪنهن ڳوٿڙيءَ جا ڌاڳا ڇڪي سندس منهن کي سوڙهو ڪري ڇڏجي. اهو بندوبست ان لاءِ آهي ته هڪ واريءَ کاڌو معدي ۾ وڃي، ته نه لڪيءَ ڏي موٽي ۽ نه هضم ٿيڻ کان اڳي آنڊي ۾ وڃي سگهي. آنڊي جي پاسي واري ٻنجڻي، بنهه بند ڪا ورلي رهندي آهي؛ کاڌي کائڻ کان پوءِ به ٿوري کليل هوندي آهي، ۽ جئن هاضمو ٿيندو ويندو، تئن زياده کُلندي رهندي آهي.

        معدي جي ديوار، خود مختيار مشڪي اوڄي جي ٽن دُهرن پترن جي جڙيل آهي، جي کاڌي کي نپوڙي ڇولي پٽڙو ڪن ٿا.ٻي وري نڪري سندس غدودن مان هاضم رس، جنهن کي ”معدي جي رس“( Gastric Juice) چئبو آهي. اها رس روز سراسري ٽي چار پائونڊ نڪري ٿي - معدي جا نلين جهڙا باريڪ غدود به ته ٽي ساڍا ٽي ڪروڙ ٿيندا!

        معدي جي رس ۾ هاضمو ڪندڙ چارشيون ٿينديون آهن -(1) هئڊرو ڪلورڪ ائسڊ“، (2) ”پيپسن“، (3) ” رينن“، ۽ (4)” لائپيس “.

(1) هئڊرو ڪلورڪ ائسڊ (.(Hydrochloric Acid

نج هئڊور ڪلورڪ ائسڊ ته هڪ سخت تيزاب آهي، جو گوشت ته ڇا پر پٿر به ڳاري وجهي. معدي جي ائسڊ فقط اڌ سيڪڙي جي طاقت واري هوندي آهي: يعني ته 100 ڀاڱن پاڻيءَ ۾ اڌ حصو ائسڊ جو - بلڪل ڇٽڙي. سندس سواد کٽڙو ٿيندو آهي. بعضي جي دير هضم يا گهڻو کاڌو کائي وڃبو آهي،  ته ڇار اوگرائيءَ ڪري، ڪا کٽيءَ شي ڪين مٿي چڙهي اچي نڙيءَ کي لڳندي آهي!- اها کٽاڻ انهيءَ هئڊرو ڪلورڪ ائسڊ جي هوندي آهي.

        انهيءَ ائسڊ جو اثر پروٽين تي آهي، جنهن کي ڪنهن قدر هضم ڪري منجهانئس ”ائسڊ ميٽا پروٽينس“ ٺاهي ٿي – ان کي زياده هضم ڪرڻ جو ڪم” پيپسن“ جي حوالي آهي. 

 (2( پيپسن(pepsin). ائسڊ کان سواءِ پيپسن بيڪار آهي: سندس پروٽين کي هضم ڪرڻ جو اثر فقط تڏهن ٿيندو، جڏهن ڪافي ائسڊ معدي ۾ موجود هوندي. پيپسن، “ائسڊ ميٽا پروٽينس“ کي ڀڃي، ” پروٽيئوسز“   (proteoses) ۽   ”پيپٽونس“ ٺاهي ٿو.

(3)رينن (Rennin). رينن جو اثر فقط کير تي آهي،جنهن جي پروٽين واري ڀاڱي ”ڪئسينوجن“ (Caseinogen) کي ڄمائي، دڳ ڪري وجهندو آهي. بعضي ڏٺو هوندو ته ننڍڙا ٻار الٽي ڪري ڄميل کير ڦٽيون ڪڍندا آهن،. عام طرح خيال اهو هوندو آهي،  ته کير ڦٽي پيو، ان ڪري ٻار ڪڍيو، پر ائين نه آهي، کير، هضم ٿيڻ کان اڳي، رينن جي اثر ڪري، ضرور دڳ دڳ ٿيندو - اهو قانون آهي. اُلٽي ٿيڻ جو سبب اهو هوندو آهي، جو کير جو انداز گهڻو هوندو آهي، يا ٻار کي بخار هوندو.

(4) لائپيس (lipase) جوان ماڻهوءَ ۾ هن جو اثر بلڪل هلڪو ۽فقط نفيس سڻڀ وارين شين تي هوندو آهي- جئن ته مکڻ، ملائي، ۽ بيضي جي زرديءَ وارو سڻڀ. چرٻي، گيهه ۽ تيل، آنڊي ۾ وڃي هضم ٿيندا آهن. ننڍڙي ٻار جو لائپيس وڏي کان زياده هاضم ٿيندو آهي، ان ڪري ٿورو تازو مکڻ هضم ڪري ويندو، پر ڌاريو کير ڏکيرو.

بک - معدي جي رس، روزي جي حالت ۾ به، سراسري ٻه پائونڊ ته جُڙي ٿي؛ جڏهن به واجبي انداز ۾ معدي ۾ گڏ ٿي، ته بُک لڳندي آهي، مناسب آهي ته بک لڳڻ کان اڳ نه کائجي؛ نه ته هاضمو سٺو نه ٿيندو. معدي ۾ ٽي چار ڪلاڪ کاڌو رهي ٿو، ان ڪري چار پنج ڪلاڪ وري کاڌو نه کائجي؛ نه ته هاضمو بلڪل بگڙي پوندو. معدي جي هاضمي کان پوءِ، کاڌو پٽڙو ٿيو پوي- ۽ پوءِ آنڊي ۾ وڃي ٿو. انهيءَ اڌ هضم ٿيل کاڌي کي ” ڪئموس“(chyme) چئبو آهي.

        معدي مان فقط پاڻي، گلوڪوز ۽ معدني جزا، جذب ٿي رت ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. سڻڀيون شيون سڀني کان دير سان معدو ڇڏين ٿيون، ان ڪري هاضمي لاءِ ڳوريون آهن - البت، جي وقت تي ماني ملڻ جو آسرو نه هجي، ته سڻڀ کائڻ ڪري جلدي بک نه لڳندي. اجايو سڻڀ هر حالت ۾ خراب آهي.

(5) ننڍو آنڊو(Small Intestines). هي ايڪيهه فوٽ ڊگهو ۽ انچ کن ويڪرو ٿيندو. سندس ٽي ڀاڱا آهن:

(1)  ”ڊيوئوڊينم“ (Duodenum):(2)”جيجونم“(Jejunum) :۽ (3)”اليئم“ (Ilium).

        معدي مان اڌو گابرو هضم ٿيل کاڌو- ڪئموس- نڪري ”ڊيوئوڊينم“ ۾ ايندو آهي، جتي نهايت طاقت واريون هاضم رسون ان کي بنهه ڳاريو کير جهڙو پٽڙو ڪريو ڇڏين – جنهن کي ” ڪئلوس“ (chyle) چئبو آهي. اهي رسون هڪڙي نليءَ جي وسيلي ڊيوئوڊنيم جي مُهڙ وٽ داخل ٿين ٿيون، جي ٻه شاهه ڪاريگر، ڪيميا گر عضوا، ٺاهي پيا موڪلين - اهي آهين جيئرو ۽ لُبلبي.

        جيري جي هاضم رس. هن کي ” پت “ (bile)چئجي ٿو. پت،بيڪار ٿيل رت جي ڳاڙهن گهرڙن مان، جيرو، جوڙي موڪليندو آهي – قدرت جي ڪفايت شعاري به ڪمال جي آهي! رت جي ڳاڙهن گهرڙن جو اوائلي ڪم آهي آڪسيجن بدني گهرڙن کي پهچائڻ، ۽ ڪاربانڪ ائسڊ گئس منجهائن ڪڍڻ. جڏهن جيرو ڏسندو آهي ته هاڻي اهي گهرڙاپنهنجو ڪم ڪري نه سگهندا، تڏهن انهن کي پنهنجي لئباريٽريءَ ۾ ڀڃي، منجهائن پت ٺاهي وٺندو آهي، جو نه رڳو سڻڀ کي هضم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، پر سڻڀ جي هضم ٿيل جزن کي جذب ڪرڻ لاءِ به کپي.

        اوهان ٻڪريءَ جي جيري ۾ لڳل پتي جي ڳوٿري Gall bladder)) ته ڏٺي هوندي. پت رنگ جو سائيرڙو، ۽ ڪوڙو ٿيندو آهي. پت جي تکيءَ ڪوڙاڻ ڪري آنڊو به چستيءَ سان چُرندو آهي، ۽ جي واجبي انداز پت جو آنڊي ۾ نه پهتو، ته قبضي به ضرور ٿيندي.

لبلبي جي رس (Pancreatic juice). هن ۾ چار هاضم جزا ٿين:

       (1) ٽرپسن (Trypsin) – هي ”پيپٽونس“ کي ڀڃي، ”پاليپيپٽائيڊس“(Polypeptides) ٺاهي، گهڻي قدر پروٽينس جو هاضمو مڪمل ڪريو ڇڏي؛

      (2) امائلاپسن (Amylopsin)- هيءُ ٽائلن (ptyalin) وانگر مرڪب مٺاڻ کي ويتر سليس ڪريو ڇڏي، ۽ گهڻي قدر گلوڪوز  (glucose) ٺهيو پوي، جا مٺاڻ جي هاضمي جي آخري منزل آهي.

    (3) سٽيئپسن(Steapsin)- هي هر ڪنهن سڻڀ کي هضم ڪريو،گلسرين(Glycerine) ۽ فئٽي ائسڊس   (Fatty Acids)

ٺاهيو وجهي؛

   (4) رينن (Rennin) هن جو اثر کير جي پروٽين کي هضم ڪرڻ جو آهي- جئن معدي ۾ ٿئي ٿو.

        جيري ۽ لبلبي جي هاضمي رُسن کان سواءِ، ننڍو آنڊو پاڻ به هڪ رس جوڙي ٿو، جنهن کي ”آنڊي جي رس“ (Succus Entericus) چئبو آهي. منجهس ٽنهي مکيه کاڌي جي جزن - پروٽين، سڻڀ ۽ مٺاڻ - کي هضم ڪرڻ لاءِ ٽي ڌار رسون ٿينديون آهن:

  1. ايريپسن(Erepsin)- هي ”پاليپيپٽائيڊس“ مان ”امائينو ائسڊس“ (amino acids) ٺاهي، پروٽين جو هاضمو بلڪل پُورو ڪريو ڇڏي.

 2. انورٽيس  (Invertase) هيءُ، انا جي مٺاڻ (Maltose) ، کير جي مٺاڻ    (Lactose) ، ۽ ڪمند جي مٺاڻ (Sucrose) کي گلوڪوز بنايو ڇڏي، ۽ مٺاڻن جو هاضمو مڪمل ٿيو وڃي؛ گلوڪوز کي هاضمو ڪو نه کپي.

3. لائپيس  (Lipase) - ­هي رهيل کھيل سڻڀ کي به ڳاريو، گلسرين ۽ فئٽي ائسڊس بنايو  ڇڏي.

مطلب ته جي معدي جي رس، آنڊي جي رس، ۽ جيري ۽ لبلبي جو رسون پوريون ۽ اثرائتيون هونديون، ته هاضمي جي ڪا به تڪليف رهڻ ئي نه گھرجي. البت اسان جي بي پرواهيءَ ۽ بيخبريءَ ڪري هاضمي تي ايترو بار ٿو پوي، جو ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ ئي بعضي عضوا ڏيو وٺيو بيھن - ۽ هاضمو هڪ واريءَ بگڙيو، ته وري ٺھندو ٺھي.

کاڌي جو جذب ٿيڻ (Absorption of food). اوهان کي معلوم آهي ته معدي مان پاڻي، گلوڪوز ۽ معدني جزا ٿيووڃن: پر آنڊي جو ڪم نه رڳو هاضمي کي مڪمل ڪرڻ جو آهي، پر هضم ٿيل جزن کي چُوسي رت سان ملائڻ به هن جوئي ڪم آهي، جو هو ” چُوسڻن“ (villi)جي وسيلي سر انجام ڪري ٿو.

 چوسڻا. ننڍي آنڊي کي جي انداران هٿ لائبو، ته ائين ڀانئبو ته ڪنهن نفيس بخمل تي هٿ ٿو لڳي. بخمل جي اوڄي کي جاچڻ سان معلوم ٿيندو، ته اها فرمائش سندس اُڀريل ريشمي تندن جي هئڻ تي ئي منحصر آهي. آنڊي جي

بناوت ۾ به اهڙيون ئي اڀريل شيون نظر اينديون. فرق فقط هي آهي، ته آنڊي جي اندر جيڪي اڀريل تندا آهن، سي زياده ٿلهيرا ۽ جيڪي سو وٿيرڪا آهن.انهن جي وسيلي ئي هضم ٿيل کاڄ، چُوسجي، رت ۾ داخل ٿئي ٿو، جنهنڪري کين ”چوسڻا“ سڏيو ويو آهي. شمار ڪيو اٿن ته ننڍي آنڊي جا چوسڻا پنجاهه لک ٿيندا. انهيءَ تجويز ڪري، آنڊي جي چوسڻ جي سطح ڏهن والن جيتري ٿيو وڃي- يعني، ساري چمڙيءَ جي ايراضيءَ کان پنجوڻي. ڇا لڳي ٿوري جاءِ، ۽ ڇا لڳي ايڏو بندوبست ! قدرت جي ڪاريگري ڏسندي ئي، انسان جو ڪجهه هوش وڌي ٿو. وري ائين به نه آهي، ته اهي چوسڻا ڪي ماٺ ۾ آهن: ذري هيڏي ذري هوڏي، چُرنداڻي رهن ٿا. نه رڳو ايترو، پر بعضي ڊگها ته بعضي بندرا ٿيو وڃن ! انهن تحرڪن سبب چوسڻ جو ڪم ويتر تڪڙو ٿو ٿئي.

           چوسڻي جي اندر ٽي سنهڙيون نليون ٿينديون آهن:

          (1) ”شريان“، جا کيس صاف خون  پهچائي ٿي؛ (2) ”نس“ جا ڪم آيل خون جيري ڏانهن نئي ٿي- هضم ٿيل پروٽينس جا امائينو ائسڊس، ۽ مٺاڻن واري گلوڪز، به هن ۾ کڄيو وڃي؛ (3) ”کير نلي“ (lacteal) ، جا هضم ٿيل سڻڀ، جو بنهه کير ٿي پوندو آهي، ان کي جذب ڪندي آهي.

6. وڏو آنڊو Large Intestines کاڌي جي هضم ۽ جذب ٿيڻ کان پوءِ، باقي  بچيل پترو ڦوڳ وڃيو وڏي آنڊي ۾ پوي - اتي سندس پاڻيٺ جذب ٿيندو وڃي، ۽ ڏاڍ يرو ٿيو پوي، ۽ آخر ٽوري جي صورت ۾ نيڪال ٿيو وڃي. ظاهر آهي ته جي پائخاني جي خيال جي پوئواري نه ڪبي، ته پاڻيٺ سُڪڻ ڪري، ڦوڳ ويتر سخت ٿيندو ويندو، ۽ قبضيت جي حالت پيدا ٿي پوندي.

        ٻيو اثر جيڪو ڦوڳ تي وڏي آنڊي ۾ ٿئي ٿو، سو آهي جيوڙن جو، جن جي ڪري ريح پيدا ٿئي ٿي. ڀاڄين،

پٽاٽن ۽ دال مان گھڻي ريح جڙندي آهي. ٽوري جي تور جو نائون ڏهون حصو، رڳا جيوڙا هوندا آهن.

ڪيمياوي ھاضمي جي ترتيب جو اختصار

 

کاڌي جو جزو  وات ۾ هاضمو   معدي ۾ هاضمو      آنڊي ۾ هاضمو

 

(1) پروٽين      ....     ائسڊ ميٽا پروٽين    پاليپيپٽائسيڊس پروٽيئوسز ۽ امائينوائسڊس پيپٽونس جو جڙڻ      جو ٺھڻ   

(2) مٺاڻ       اناج جي       ....     مالٽوز،لئڪٽوز

        مرڪب مٺاڻ۽ سڪروز جوجو سادو ٿيڻ گلوڪوز بنجڻ

 

(3) سڻڀ      .......  معدي جي لائپيس     سڀني قسمن جي جو نفيس سڻڀن  سڻڀن مان گلسرين تي هلڪو اثر                 ۽  فئٽي ائسڊس جو جڙڻ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com