باب پندرهون
ست ۽ سندس سرشتو
(Lymphatic System)
اوهان کي معلوم آهي ته رت بدني گهرڙن سان سڌيءَ طرح
تعلق ۾ ڪونه ٿو اچي، پر منجهانئس ڪجهه پاڻياٺي
رطوبت، وار – نلين مان سيمي، گهرڙن جي چوپير ڦريو
وڃي، ۽ کين ضروري شيون ڏئي وٺي: انهيءَ پاڻيٺ کي
”سُتُ“(lymph)
چئجي ٿو.
سُت اڇي پٽڙي رطوبت آهي، جنهن ۾ ساڳيون اهي شيون
هونديون آهن، جيڪي پلازما ۾: ساڳيون پلازما واريون
ٽي پروٽينس (ائلبيومن، گلابيولن ۽ فائيبرنوجن)،
هاضمي واريون امائينوائسڊس، سنڀ جا جزا، گلوڪوز،
معدني شيون، يوريا، ۽ يورڪ ائسڊ، وغيره،ڪجهه اڇا
گهرڙا به رڙهندا وار- نلين مان کسڪي اچي ويندا
اٿس، پر ڳاڙها گهرڙا ڪين ٿينس، جنهن ڪري سُت اڇو
ڏسبو آهي، نه ڳاڙهو. بدني گهرڙن کي خورش ڏئي، ۽
سندن ردي شيون کڻي: ڪجهه سنهڙين نسن ۾ کڄي ويندو
آهي، ڪجهه سُت - نلين جي وسيلي وري رت سان وڃيو
ملي.
سُت جي سرشتي ۾ ” سُت - نليون“ ۽ ” ست جا غدود“ اچي وڃن ٿا.
1.
ست - نليونLymph
vessels
هي وار – نيلن
کان به باريڪ ٿين،جي بدن جي ٻاهران – چمڙيءَ ۾
توڙي اندر - ۽ هر عضوي جي ” رکوالي توڙي ”پيوندي“
اوڄي ۾ اڪيچار پکڙيل آهن. شڪل ۾، ٻانهن ۽ ٽنگ جون
وڏڙيون نليون ڏيکاريل آهن: ائين پيو معلوم ٿئي ته
منجهن ٿوري ٿوري مفاصلي تي ڪي سنهڙا موتي پيا آهن!
حقيقت ۾ اهي سندن اندريان ٻُنجا آهن، جي اڳتي وڌيل
سُت کي پوئتي هٽڻ کان روڪين ٿا، جنهن ڪري ڏسڻ کان
ڏکين سنهڙين نلين مان سُت جو سفر سولو ٿو ٿئي.
شڪل35، ٻانهن ۽ ٽنگ جون مختصر سُت - نليون ۽ ڪجهه غدود
b
- هسليءَ جي نس ۾a - ٿورئسڪ ڊڪٽ جو داخل ٿيڻ.
2. ست جا غدود
.Lymph glands
هي سرنهن جي داڻي کان چونري جيڏين، سخت چڌين وانگر
ٿيندا آهن، جي هزارن جي تعداد ۾ ساري بدن ۾ پکڙيل
آهن- ڳچيءَ ڪنڌ، ڪڇن، ۽ چڏن ۾ هٿ لائڻ سان معلوم
ٿي سگهندا. هر هڪ غدود پنهجي ايراضيءَ جي سُت -
نلين سان ڳنڍيل ٿيندو آهي، جتي هر ڪنهن سُت جي
چڪاس ڪري، پوءِ ان کي اڳتي وڌڻ ڏيندو آهي. ” لمف
گلئنڊس“ جا ڪم ٻه آهن:
(1) سُت – گهرڙا ٺاهڻ. هي ساڳيا اهي اڇا گهرڙا آهن، جن کي رت جي
بيان ۾ ” لمفوسائيٽس“ سڏيو اٿئون. هي لمف گلئنڊس،
تليءَ، ننڍي آنڊي، ۽ ٻين هنڌن ۾ جام جڙندا آهن، جي
”لمف“ سان گڏ هلندا، نيٺ وڃي رت سان ملندا آهن.
(2) لمف جي چڪاس. اڃا ڪنهن غدود ۾ پنهنجي ايراضيءَ کان آيل سُت
پهتو، ته هڪدم ان جي چڪاس ۾ لڳي ويندو. پوءِ شل نه
ڪا خرابي ڏسي!جي ڪو جيوڙو يا ڪا غلاظت کڄي آئي، ته
ساڻس لمف گلئنڊ جي لمفو سائيٽس جي جُڌ شروع ٿي
ويندي - هڪدم زهري مواد جي قدر موجب زياده لمفو
سائيٽس جڙڻ لڳي ويندا - ايترا جو ساڻن ڀرجي ڀرجي،
اٽاٽجي، ٽُل ٿي، سُڄي پوندو. بعضي ته سيٽ ۽ سوڄ جي
ڪري سور ۽ تپ به ٿي پوي؛ اهڙي سُڄل لمف گلئنڊ کي
عام طرح ” ڳنر“ يا زياده خطرناڪ حالتن ۾” ويلڻ“
چئبو آهي. بعضي ڏٺو هوندو ته پير ۾ لِڦ پوڻ ڪري،
چَڏي ۾ ڳنر ڀرجي پوندي آهي! ڇاڪاڻ ته لِڦ واري
پاڻيٺ – يعني- سُت- مان پير جي گَرِ ۽ جيورڙا به
جام مٿي هليا ويندا آهن. پوءِ ته ڳنر تيسين آڪڙ نه
ڇڏيندي، جيسين لِڦ وارو زهر سارو صاف ٿئي، يا پاڻ
پنهنجو لمفوسائيٽس جو لشڪر مارائي، گند سان ڀرجي
پوي. گند ٿيڻ جي حالت ۾، جي گند ٻاهر نه ڪڍبو، ته
اتان غلاظت مٿي چڙهي وڃي ٻيءَ اسٽيشن وارن گلئنڊس
کي جنگ جو ميدان بنائنيدي: اهڙيءَ طرح صفائي ٿئي،
يا بدن بيوس ٿي سارو روڳ سان ڀرجي پوي. سلهه جي
جيوڙن داخل ٿيڻ ڪري به، ڪيترن هنڌن، لمف گلئنڊس
سڄي تمام وڏا ٿي پوندا آهن - خاص ڪري ڳچيءَ ۾.
البت، لڦ ۽ چَڏي واري غدود جي وچ ۾، جن سُت - نلين مان زهري
مواد مٿي چڙهيو، اهي نليون اوهان ڪين ڏٺيون -
ڇاڪاڻ ته نهايت باريڪ آهن. چيلاٽي جي ڏنگ ڪري جيڪا
ٿوٿر ٿيندي آهي، سان انهن نلين جي سُڄڻ ڪري.
ست جو دورو
Circulation of Lymph
اوهان کي ياد هوندو ته ننڍي آنڊي جي چُوسڻن ۾ ٽن نلين
مان هڪڙيءَ کي .کير- نلي“(Lacteal)
چئبو آهي. اهي اڪيچار کير- نليون سڀ سُت - نليون
آهن، جي ٻين سڀني پيٽ جي عضون وارين نلين ۽ ٽنگن
کان ايندڙ نلين سان گڏجي، پٺيءَ جي ڪنڊي جي چيلهه
وارين ريڙهن وٽ ، هڪ ڪشادي نلي ٺاهيو وجهن، جنهن
کي ” سِسٽرَنا - ڪائلاءِ “(Cysterna
Chili) چئبو آهي. اها نلي پيٽ - ڇهه مان لنگهي، جڏهن سيني واري خال ۾
پهچي ٿي، تڏهن کيس ” ٿورئسڪ ڊڪٽ“(Thoracic
Duct) سڏبو آهي.”ٿورئسڪ ڊڪٽ“ پٺيءَ جي ڪنڊي سان لڳو لڳ هلندو، وڃي هڪ
نس ۾ کلندو آهي، جا کٻي پاسي جي هسليءَ واري هڏي
جي هيٺان ويندي آهي. ساڄي پاسي کان وري هڪڙي ٻي
نلي، جنهن کي ”رائيٽ لمفئٽڪ ڊڪٽ“Right)
(Lymphatic Dduct
چئبو آهي.سا پنهنجو ”لمف“ آڻي سڄي پاسي جي نس ۾
وجهندي آهي - ۽ اهڙي طرح ساري بدن جو ”لمف“ وري
وڃيو رت سان هڪ ٿئي.
تِلي
.Spleen
تِلي هٿ جي تريءَ جيترو هڪ ننڍو عضوو آهي، جا پيٽ
۾ کٻي پاسي کان معدي جي پٺيان بيٺل آهي؛ سندس
لاڳاپو رت ۽ لمف سان آهي. تليءَ جو شرياني رت سندس
جيو - گهرڙن سان سڌيءَ طرح تعلق ۾ ايندو آهي، ۽
جيڪي به رت جا ڳاڙها گهرڙا پنهنجي ڪم - يعني
آڪسيجن ۽ ڪاربانڪ ائسڊ گئس کڻڻ - کان ٿڪا هوندا،
سي هتي – تليءَ ۾ - ڌار ڪيا ويندا آهن.
اوهان کي خبر آهي ته تپن جي ڪري تلي وڌي تمام وڏي ٿي پوندي آهي،
جنهن کي ” هيانچو “ چئبو آهي. اهو ان ڪري، جو تپ ۾
ايترا ته ڳاڙها گهرڙا مليريا جا جيوڙا کائي بيڪا ر
ڪندا آهن، جو تِلي انهن کي ويندي آهي.پاڻ وٽ
سانڍيندي، ۽ ان ڪري اِنگهندي وڌندي رهندي آهي: نه
ته جيڪر اهي سڀ گهڙا جيري تائين پهچن، ته منجهائن
ايترو پِت ٺهي پوي ، جو ساري رت کي خراب ڪري وجهي
۽ خطرناڪ حالت پيدا ٿي پوي!
تِلي رت کي جمع ڪرڻ جو ڀنڊار پڻ آهي: ۽ جي ڪٿان زخم ٿيڻ ڪري ڳچ
رت نڪري ويو، ته هيءَ ، هڪدم پاڻ کي زور سان ڪو
ئي، سارو ڪٺو ڪيل رت خون ۾ ڇنڊي ڇڏيندي ته گهٽتائي
نه لَکائجي.
ان ۾ شڪ ڪونهي ته تِلي هڪ ڪمائتو عضوو آهي، پر لاچاري حالتن ۾
کيس اصل ڪڍي به ڦٽو ڪبو آهي، ته به ڪا گهڻي خامي
ڪانه ڏسبي آهي.
|