باب پنجون
اوڄا، عضوا، سرشتا ۽ جسم
اوڄا
Tissues
جيتامڙو ته ساهه کڻي، کاڌو هضم ڪري، هلي، ۽ ٻيا ڪيترا ڪم ڪري،
پر نيٺ ته سڀ ڪجهه هڪڙي گهرڙي جي وت آهر ئي ٿيندو
هوندو. وڏن جانورن ۾ ته انهن ۽ ٻين ڪمن جي تمام
وڏي پيماني تي ۽ خوبيءَ سان ٿيڻ جي ضرورت ظاهر
آهي. انهيءَ ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ سندن اڪيچار
جيو -گهرڙا به، پنهنجي پنهنجي ڪم پٽاندر، ڌار ڌار
ٽولن يعني اوجھن ۾ ورڇجيو وڃن، ۽ جيتامڙي وانگر هر
ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ريت ئي ڇڏيو ڏين. ڏٺو ڪين اٿوَ ته
جئن وڏو شهر، تئن پورهئي جي ورڇ به اهڙِي پوري، جو
ڇا چئجي: هر هڪ ڪاريگر پنهنجي ڪم ۾ برک، پر ٻئي جي ڪم کان بلڪل
پري! انهيءَ تجويز ڪري، نه رڳو هر ڪو ڪم سٺو ٿئي،
پر سولو ۽ جهٽ پٽ، اسان جي بدن ۾ مکيه چئن نمونن
جا اوڄا ڪم آيل آهن.
(1) رکوالِي اوڄو
Epithelial Tissue
(2) مشڪِي اوڄو
Muscular Tissue
(3) تنتِي اوڄو Nervous
Tissue
(4) پيونديِ اوڄو
Connective Tissue
(1) رکوالي اوڄا هي فقط پردا ٺاهيندا آهن، ان ڪري کين ”رکوالي
پردا“ چئجي ته به ٺهي. هي ڪوٽ جي استر وانگر، يا
جاءِ جي فرش وانگر، اندرين شين کي حفاظت لاءِ مٿان
چڙهيل رهندا آهن. اسان جي ساري بدن جي چمڙيءَ تي
هڪ ٿُلهو رکواليِ پرودو چڙهيل آهي، جنهن ڪري
اندريان نازڪ اوڄا ٻاهرين تيز شين ۽ جيوڙن جي اثر
کان محفوظ رهن ٿا. اهو آزمودو ته هوندوَ ته جڏهين
چمڙيءَ جو رکوالِي پردو رهڙ اچڻ ڪري لهي پوندو
آهي، تڏهن جي لوڻ ذرو ئي کڻي رکبس، ته ڏاڍو
پوسرائيندو؛ ويتر جي ڪو پاڻي چورايائين، ته جيوڙن
جي دخل ڪري سوڄ،سور، بلڪ تپ به ٿي پوي. ان ڪري،
جڏهن به بدن جي ڪهڙي به هنڌ ڪا رهڙ اچي يا اونهو
زخم ٿي پوي، ته هڪدم ڪنهن جيوڙا - مار دوا جو ذرو
مکي، صاف پٽي ٻڌي ڇڏجي، ته جيسين قدرتي حفاظتي
پردو مرمت ٿئي، تيسين پٽي حفاظت جو ڪم ڪري.
ساڳئي ڪم لاءِ، بدن جي اندرين خالن کي پڻ رکوالي پردي جو استر
چڙهيل آهي؛ ڇاڪاڻ ته انهن ۾ به ٻاهرين هوا وڃي ٿي،
۽ سڀ هوا جون غلاظتون (مٽي، دونهو، سنهڙا جيت،
جيوڙا، وغيره) اتي پهچي، ساڳيو اهڙو خلم ڪري سگهن
ٿيون، جهڙو ٻاهر چمڙيءَ ۾. اهڙيون ناليون به ڳچ
آهن - جئن ته ساهه کڻڻ جي سرشتي ۾ نڪ، نڙ گهٽ،
ڦڦڙن جون نليون؛ هاضمي جي سرشتي ۾ وات، لُڪي،
معدو، آنڊا؛ پيشاب جي سرشتي ۾ پيشاب جي نلي،
مثانو، گُردن جون ناليون؛ رت جي سرشتي ۾ شريانون،
وارنليون، نسون؛ ٿڻن ۾ کير – نليون؛ ۽ چمڙيءَ ۾
پگهر واريون نليون؛ وغيره.
رکوالِي پردا ضرورت موجب ڪٿي سنها هڪ - تَها، ڪٿي ٿُلها گهڻن
تهن جا ٿيندا آهن. چمڙيءَ جو رکوالِي پردو ٿلهي ۾
ٿلهو ٿيندو آهي، ۽ ٻيو نمبر وات جو- ڇاڪاڻ ته وات
۾ به ڪوسيون ٿڌيون شيون، مرچ، ۽ ڪنڊا وغيره لڳي
سگهن ٿا، ته قدرت به پريندي ئي بندوبست ڪري ڇڏيو
آهي. رکوالِي پردن جا جيو- گهرڙا ڪٿي سنها ڇلرن
جهڙا ٿين، ته ڪٿي ٿُلهڙا ڪعب وانگر، ته ڪٿي وري
ڊگهيرا اُڀا:
ڇيلري گهرڙن جو ڪم آهي بچاءُ ڪرڻ، ڪعب وارن جو
رسون ٺاهڻ، ۽ اُڀن جو چُوسڻ ۽ بلغم ڪڍڻ.
ٻئاري پردو
:Ciliated Epitheliumنڙگهٽ
۽ ڦڦڙن وارين نلين جي رکوالِي پردن جا گهرڙا ته
بلڪل نرالي نموني جا ٿيندا آهن: گهرڙا اُڀي قسم جا هوندا آهن، پر سندن آزاد پاسي تي
سنهڙن وارڙن وانگر ٻُئارَ نڪتل ٿيندي آهي. اها
ٻئارَ - جئن نه ڪڻڪ جي پوک تي هوا لڳڻ ڪري تِيلا
وٺي هڪ پاسي نمن، ۽ هوا لنگهي وڃڻ بعد اڀا ٿي پون،
اهڙيءَ طرح - فقط هڪڙي مقرر پاسي نمندي ۽ اُڀي
ٿيندي رهي ٿي. ٻُئار جي اها چرپر هر وقت هلندي رهي
ٿي، جنهن ڪري ڦڦڙن جو غلاظتن ڀريل بلغم، اندر ان
ٻهارجي اچيو نڙيءَ ۾ گڏ ٿئي - جتي سرڪاٽ ٿيڻ تي
کنگهڻ جي ضرورت ٿيندي آهي - ۽ کنگهه جي زور تي
اُٿڙي ٻاهر نڪريو وڃي. انهيءَ تجويز سان، قدرت
هوا جي نلين ۽ ڳوٿرين کي کُرڙي صاف رکندي اچي، جئن
هوا جون جايون بلغم سان نه ڀرجن ۽ ڦڦڙن جو ڪم چالو
رهندو اچي. بعضي، بلغم ايترو سخت ٿي ڄمي پوندو
آهي، جو ٻئاري پردو ان کي اٿيڙي نيڪال نه ڪري
سگهندو آهي، ۽ ساهه کڻي ڪين سگهبو آهي - انهيءَ
حالت کي ”نمونيا“ چئبو آهي. مٿي ذڪر ڪيل رکوالِي
پردي کي ”ٻئاري پردو“ چئبو آهي، ۽ ٻئار جي چرپر کي
”ٻئاري تحرڪ“
(Ciliary's
motion)
.
(2) مشڪي اوڄا.مُشڪن کي رواجي طرح گوشت سڏبو آهي؛ ان ڪري جيڪو
به گوشت ڏسڻ ۾ اچي، اهو مشڪي اوڄي جو ٺهيل چئبو.
اسان جو هر ڪو ٻاهريون توڙي اندريون ڪم، ٻاهرين يا
اندرين مشڪن جي وسيلي ئي ٿئي ٿو. جيڪي مشڪون بدن
جي ٻاهران آهن، تن سان اسان جا ٻاهريان ڪم - مثلن
هلڻ، لکڻ، بار کڻڻ جا - سرانجام ٿين ٿا. جي مشڪون
متاريون ۽ مضبوط هونديون، ته ڪم به گهڻو ۽ چوکو
ڪري سگهنديون؛ پر جي گوشت هوندو پترو ۽ ليڙو، ته
ماڻهو به نٻل ۽ بيڪار. اسان جو اندريون ڪم ڪار ته
فقط جسم کي جيئري رکڻ لاءِ ٿئي ٿو - جئن ته کاڌو
هضم ڪرڻ، رت جو چڪر هلائڻ ۽ ان جي وسيلي هر هڪ
بدني گهرڙي کي هوا، کاڄ ۽ پاڻي پهچائڻ، غلاظتون
ڪڍڻ، ساهه کڻڻ، وغيره. انهن اندرين عضون - جئن ته
آندن وغيره - ۾ به گوشت جا پترا تهه ٿيندا آهن، جن
جي وسيلي سندن ڪم ٿيندو ٿو رهي. دل ته تمام سخت
مشڪ جي ٺهيل هوندي آهي؛ ڇاڪان ته کيس ڄمڻ کان به
اڳي ڪم شروع ڪرڻو ٿو پوي، ويندي آخري دم تائين.
مشڪي پترو رت - نلين ۾ به ٿيندو آهي.
مشڪي اوڄي جا گهرڙا - خاص ڪري ٻاهرين مشڪن جا - سنهڙا پر ڊگهڙا
ٿيندا آهن، جي انچ - ڏيڍ به ٿين. اندرين مشڪن جا
تندا گهڻو ننڍا ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪو
گهڻو زور وارو ڪم ڪرڻوڪو نه آهي. دل جي مشڪ جا
گهرڙا ٿُلها، مضبوط ۽ هڪ ٻئي سان اهڙا مليل هوندا
آهن، جو باريڪ - بين هيٺان به ائين پيو ڀانئبو ته
سڄي دل يڪي هڪڙي گوشت جي ٽڪر جي ٺهيل آهي، نه ڌار
ڌار گهرڙن جي.
(3) تنتي اوڄو. سارو تنتي سرشتو هن اوڄي جو ٺهيل آهي - يعني ته
مغز ، مغزي ڏوري، ۽ تنتون. تنتي جيو - گهرڙن کي
تمام گهڻيون شاخون ٿينديون آهن، ڇاڪاڻ ته هنن جو
ڪم آهي تارُن وانگر بدن جون خبرون مغز کي ڏيڻ، ۽
مغز جا حڪم بدن کي پهچائڻ. مشڪي اوڄي جي هر هڪ
گهرڙي ۾ تنتي شاخ هئڻ لازمي آهي، نه ته اها مشڪي
تند ڪم نه ڪندي.
(4) پيوندي اوڄا. هي ته ساري بدن ۾ هر هنڌ پکڙيل آهن، جن جي
وسيلي مختلف بدني ڀاڱا هڪ ٻئي سان ڳنڍيا بيٺا آهن.
نالي مان ئي ظاهر آھي ته انهن اوڄن کي بدني پرزن
ڳنڍڻ ۽ کين مضبوط ڪرڻ جو ڪم سونپيل آهي. بدن جا
هڏا، ڇڇڙا، ٻنڌيون، چرٻي، رت، ڪَچڙا ڪنڊا، وغيره -
سڀ هن قسم جي اوڄي جي ڌار ڌار نمونن جا ٺهيل آهن؛
جئن هڪڙي سوٽي اوڄي مان کيس، فراسي، بافتو به ٺهي،
ته سنهڙي ململ به.
هاڻي اوهان سمجهيو ته ڪو به بدني جزو جو ساڳئي قسم جي جيو-
گهرڙن جو جڙيل هجي، ان کي ”اوڄو“ چئجي ٿو. جئن سٽ
مان سوٽي ڪپڙو اُڄي، تئن مشڪي گهرڙن جي تندن مان
مشڪي اوڄو.
عضوا
بدن جي هر اُها ڪَل جنهن کي ڪو خاص ڪم ڪرڻو آهي، تنهن کي ”عضوو“
چئجي ٿو - جئن ته جيرو، دل، بڪيون، وغيره. عضون جي
بناوت ۾ ضرورت موجب ڪٿي ٻه، ڪٿي ٽي، ته ڪٿي چئن ئي
قسم جا اوڄا ڪم آيل آهن.
سرشتا
ياد رکڻ گهرجي ته جيري جو ڪم هاضمي سان ڳنڍيل آهي، ۽ معدي ۽
آنڊن جي رفاقت کان سواءِ ڪارگر نه ٿيندو؛ دل جو ڪم
آهي رت ڦيرائڻ، ۽ رت نلين تي مدار ٿو رکي؛ بُڪين
کي رت ڇاڻي ردي شيون ڌار ڪرڻيون آهن، ۽ پيشاب جي
سلسلي سان ڳنڍيل آهن:
مطلب ته اهي عضوا ٻين سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، نه
اڪيلا.
جتي به ڳچ عضوا ساڳئي ڪم کي نباهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن ٿا، ته
انهيءَ مجموعي کي ”سرشتو“ سڏجي ٿو. اسان جي بدن ۾
اهڙا ڏهاڪو سرشتا آهن - (1) هڏائون سرشتو، (2)
مشڪي سرشتو، (3) تنتي سرشتو، (4) ساهه جو سرشتو،
(5) هاضمي جو سرشتو، (6) رت جو سرشتو، (7) نيڪال
جو سرشتو، (8) حواس، (9) بي نالي غدود، ۽ (10)
اولاد جو سرشتو.
جسم
سڀني عضون ۽ سرشتن جي جڙيل مڪمل مشين کي ”جسم“ چئجي ٿو، جنهن ۾
سڀ ڪلون ۽ ڪاريگر هڪ ٻئي سان اهڙو ملي ۽ رس ۾ ڪم
ڪن ٿا، جو ڪٿي به ڪا اٽڪ يا ايذاءُ معلوم ئي ڪو نه
ٿئي. ان ڪري ، جي ڪٿي به ڪا تڪليف يا سور پيدا
ٿئي، ته سمجهڻ گهرجي ته ڪا خرابي پيدا ٿي:
۽ ان کي ھڪدم سھي ڪري درست ڪرڻ
جو تدارڪ ڪجي؛ نه ته ٿوريءَ مان گهڻي ٿي، بيماري
وڌي ويندي ۽ جهوري وجهندي، ۽ پوءِ بيمار بدن مورڳو
ٻين لاءِ بار! هاڻي اچو ته اک - ڇنڀ ۾ نظر مان ڪڍي
وڃون، ته اسان جي جسم ۾ ڇا پيو وهي واپري.
هر هڪ جيو جي پهرين ضرورت آهي کاڄ هٿ ڪرڻ:
ضرورت پيدا ڪري خواهش کي؛ خواهش مغز کي مڃائي،
ارادو ٺاهي؛ ارادي کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ، مغز،
تنتن جي وسيلي مشڪن کي چست ڪري، جي هٿ پير هلائي،
روزي ڪمائي، کاڄ هٿ ڪن:
کاڌو وري وات ۾ چٻاڙجِي معدي ۽ آندي ۾ هضم ٿئي -
ست ڌارٿئي ۽ ڦوڳ ڌار، ڦوڳ ته آنڊو ڇنڊيو ڇڏي ٻاھر
باقي آنڊي مان چوسجيو وڃيو رت سان ملي، جو کيس سڌو
کنيو وڃي جيري ۾. جيرو ته جسم جي وڏي ” لئباريٽري“
آهي، جتي آيل کاڄ جو ذرو ذرو نفيس گهرڙن جي وسيلي
تپاسجي، چڪاسجي:
جيڪو بدني جيو - گهرڙن جي خورش جو لائق حصو نڪري،
سو نسن جي خون ۾ کڄي، وڃيو دل ڏانهن نڪري؛ دل مان
وڃي ڦڦڙن ۾ آڪسيجن کڻڻ پوءِ - نڪري بدن جي دوري
تي ۽ ھڻي چڪر:
چڪر به اهڙو باريڪيءَ سان ، جو هر هڪ گهرڙي کي
هوا، پاڻي ۽ کاڄ ڏيندو، منجهانئس ردي جزا کڻندو،
اچيو ڦڦڙن ۾ ڪني هوا ڇڏي، سٺي کڻي؛ پوءِ هلي بُڪين
ڏي. بڪيون زهري جزا ڇاڻي ڪن مثاني ۾ گڏ، جي وقت
بوقوت پيشاب جي رستي نڪتا وڃن ٻاهر - وري نئين
سنئين!
اڳتي هلي ڏسنداسون، ته اسان جي جسم جا پرزا ۽ ڪلون ڪئن ٺهيل
آهن، هر هڪ جو ڪم ڪهڙوآهي، ۽ ڪئن کين نرويو رکجي،
جو خراب نه ٿين ۽ جسم کي بيڪار نه بنائين جي ڪنهن
به وقت ڪو انسان بيڪار ٿيو، ته قدرت به ان کي ائين
ڇنِي ڌار ڪري ڇڏيندي، جئن چست باغائي پنهنجي
باغيچي مان ڊڀ پاڙان پٽي ڦٽا ڪري!
باب ڇهون
هڏائون سرشتو
بدني بناوت ۾ جيڪي به شيون ڪم آيل آهن، تن ۾ هڏا سڀني کان سخت ۽
مضبوط آهن؛ ان ڪري اسان جي بدن جو بنياد به هڏن جي
هڪ بوتي تي ئي سٽيو ويو آهي، ته بدن کي مضبوطي
ملي. نه رڳو ايترو، پر هڏن جي ڪري هڪ مقرر شڪل پڻ
ملي ٿي. اوهان کي معلوم آهي ته هر قسم جي جانور
توڙي ماڻهوءَ جي شڪل نرالي ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ جو هر هڪ
جانور جي بوتي جا هڏا پنهنجي خاص نموني ۾ ڳتيل
هوندا آهن. ڏٺو ڪين اٿوَ ته لانڍيءَ ٺاهڻ لاءِ، جي
ڪاٺيون گولائيءَ ۾ جَڙبيون ته لانڍي به گول ٿيندي،
جي ڪنڊائتيون ته ڪنڊياري.
هڏن کان هڪ ٻيو به ڪم ورتو ويو آهي، ۽ اهو آهي نازڪ ۽ ضروري
عضون کي حفاظت ۾ رکڻ. مٿي جي کوپريءَ ۾ ڏسو ته ڪئن
نه اسان جي جسم جو سرتاج سانڍيو ويو آهي!مغز سان
گڏ اسان جي ٻڌڻ جو آواز به لڪل آهي، جو اهڙو ته
نفيس آهي جو ٽوڪر - وهيڻو ساڳيءَ طرح اکيون -
ڪهڙيءَ نه تجويز سان کوپن ۾ رکيل آهن! وري سيني جي
پڃري ۾ ڦڦڙ ۽ دل سانڍيل آهن، جن تي اسان جي
حياتيءَ جي گهڙي گهڙيءَ جو دارمدار، ۽ پٺيءَ جي
ڪنڊي ۾ مغزي ڏوري، جا جي ڪٿان به ضربجي پئي ته اٿي
ويهي به ڪين سگهون.
اسان جا روزمره جا ڪم به ته ٽنگن ۽ ٻانهن جي هڏن تي ئي منحصر
آهن، جن کي اڳتي هلي ڏسنداسون ته ڪيئن مشڪون بيرمن
وانگر چوري، هر ڪو ڪم آسانيءَ سان ڪرائينديون رهن
ٿيون.
بدن ۾ گهڻا هڏا ڇو آهن. قدرت ڪو به جانور اهڙو ڪو نه خلقيو آهي،
جنهن کي چرڻ پرڻ جي طاقت نه ڏني هجيس، ته هو پاڻ
کي چوري پوري حفاظت جي صورت اختيار ڪري سگهي.
اسين به جي بنڊ وانگر هڪڙي هڏي جا ٺهيل هجون ها،
ته ڪهڙي ڪم جا؟ نه چرڻ جا نه ڪجهه ڪرڻ جا! ان ڪري،
اسان جي بدن ۾ ڪيترن ئي نمونن جا ننڍا وڏا 206 هڏا
ڪم آندا ويا آهن، ته بت کي آسانيءَ سان چوري پوري
ضروري ڪم ڪري سگهون.
هڏن جا قسم. بدن جا هڏا، ڊئول پٽاندر، مکيه چئن قسمن ۾ وراهي
سگهجن ٿا:
ڊگها، تراکڙا، ننڍا ۽ بيڊولا .
(1) ڊگھا ھڏا:
هي ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ ڪم آيل آهن. هنن کي نريون به
چئبو آهي - جئن ته ٻانهن جي نري يا ٽنگ جي نري
وغيره . اوهان مان گوشت - کائڪ ته نريءَ کان واقف
هوندا، ڪنهن به باز جي نريءَ کي ڪاسائي وچ مان ڀڃي
ٻه اڌ ڪري ڏيندو آهي. هاڻي هڪڙو ٽڪر
کڻي، ڏسو ته ڪئن ٺهيل آهي؟ اڻ ڪپيل پڇڙي ، موڪري ۽
جيڪي سو نرم اٿس؛ باقي ساري پوري نليءَ وانگر
ڏسبي، جنهن ۾ ”گودو“ ڀريل هوندو آهي، پر هڏو ٿلهو
۽ سخت هوندو اٿس. هن مان اوهان کي معلوم ٿيو ته
هڏن ۾ ٻن قسمن جا اوڄا ڪم آيل آهن
:
هڪڙو ٻاهريون سخت ۽ لسو اوڄو، ۽ ٻيو اندريون نرم ۽
پورو اوڄو. ڪو به ڊگهو هڏو کڻي ڏسبو. ته ٻه
موڪريون پڇڙيون هونديس ، ۽ وچ ۾ سنهي پوري گودي
واري نري؛ پڇڙين تي سخت اوڄي جو سنهو تهه ۽ ان جي
اندر نرم اوڄي وارو مال زياده وچ ۾ سخت اوڄي جو
ٿلهو ۽ مضبوط تهه ۽ منجهس گودو ڀريل. ڊگهن هڏن جي
طاقت، سندن سخت اوڄي جي ٿولهه تي مدار ٿي رکي.
(2) ترا کڙا هڏا:
هي ڪُني جي تري وانگر پٿريل ٿين؛ هڪڙي پاسي جيڪي
سو ٻاهر نڪتل، ته ٻئي پاسي ٿورو اندر بيٺل. مٿي جي
ڪيپٽراٽي تراکڙن هڏن جي ٺهيل آهي، جن جو ٻاهريون
پاسو ٻاهر نڪتل آهي. ڍاڪ وارن هڏن ۽ ڪلهي جي ڦڻين
جو وڏو حصو به تراکڙو ٿيندو آهي. اهڙن هڏن ۾
ٻاهريان تهه سخت اوڄي جا ٺهيل هوندا آهن، جن جي وچ
۾ ٿورو نرم اوڄو هوندو اٿن.
(3) ننڍا هڏا
:
هي هڏا ڪراين ۽ مُرن ۾ ٿيندا آهن، جن جي وسيلي هٿ
۽ پير ڦٻائي، زور ڏيئي ڪم ڪري سگهجي ٿو. هي سارا
نرم اوڄي جا ٺهيل هوندا آهن، جنهن جي مٿان سخت
اوڄي جو پترو تهه هوندو اٿن.
(4) بيڊولا هڏا
: هي بلڪل ڏنگا ڦڏا ٿيندا آهن. پٺيءَ جو ڪنڊو سارو انهن
جو ٺهيل آهي. هي به گهڻي قدر نرم اوڄي جا ٺهيل
هوندا آهن، جنهن جي مٿان سخت اوڄي جو واجبي تهه
چڙهيل هوندو اٿن.
هڏائون پڃرو
(The Skeleton)
مٿي کان پيرن تائين هٿ سان زور ڏيندا اچو، ته گوشت جي اندر ،
جتي ڪٿي سخت هڏا معلوم ڪري سگهبا. انهيءَ بدن جي
قالب کي ”هڏائون پڃرو“ چئجي ٿو، جنهن کي بيان جي
سهوليت لاءِ هيٺين ڀاڱن ۾ ٿا وراهيون
:
(1) سر
Skullهن ۾ ڪيپراٽي ۽ مُنهن اچي وڃن ٿا.ڪيپراٽي (cranium)
مضبوط ، تراکڙن ۽ هڪ ٻئي سان جڙيلن اَٺن هڏن جي
ٺهيل آهي، جنهن ۾ مغز ۽ ٻُڌڻ جا
اوزار سانڍيل آهن. سامهون نراڙ وارو هڏو
(Frontal bone) سڄي کٻي پاسن کان ٻه پاسڙيا هڏا
(Parietal bones)ڪنن
وٽان ٻه لَوندڙيا هڏا
(Temporal bones)، پٺيان ڪياڙيءَ کان ڪياڙيو هڏو
(Occipital bone)۽
ڪيپراٽيءَ جي تري ۾ يعني نڪ ۽ وات جي ڇت تي هڪڙو
Ethmoid bone
۽ ٻيو
Sphenoid bone-
مڙيئي اَٺ.
ڪياڙيو هڏو، پٺيءَ جي ڪنڊي جي پهرين ريڙھه
(Atlas)سان
سنڌ ٺاهي ٿو. ان جي تري ۾ هڪ وڏو سوراخ
(Foramen magnum)ٿيندو
آهي، جنهن مان مغزي ڏوري هيٺ ڪرنگهي ۾ لهي ٿي.
منهن
(Face)۾
چوڏهن هڏا ٿيندا آهن، جي سڀ ڏنگا ڦڏا آهن، ۽ هڪ
ٻئي سان اهڙا قابو، جو نه چرن نه پرن سواءِ
هيٺينءَ ڄاڙيءَ جي، جا کاڌي چٻاڙڻ جو ڪم ٿي ڪري.
اوهان کي، هٿ لائڻ سان، فقط نڪ جي چوٽيءَ واريون
هڏيون ٻن پاسن کان معلوم ٿينديون، جن کي
Nasal bonesچئبو
آهي. وري اکين جي هيٺان ٻه اُڀريل ڳلن جا هڏا
malar bones
سڏبا آهن. وات ۾، مٿين ڄاڙي جنهن ۾ مٿيان ڏند
هوندا آهن، ان کي
Maxilla
چئبو آهي، ۽ هيٺين ڄاڙيءَ کي
Mandible-
باقي ٻيا هڏا سنها ۽ لڪل آهن.
(2) ڳچيءَ جا هڏا. ڳچيءَ جي اڳ کان، ڄاڙيءَ جي تري ۾، نڙ گهٽ جي
مٿان هڪڙو نازڪ هڏو ٿيندو آهي، جنهن کي
Hyoid bone چئبو آھي ۽ ھٿ سان معلوم ڪري سگھبو.ڪنڌ ۾ پٺيءَ جي ڪنڊي جون
پهريون ست ريڙهون - جن کي ڳچيءَ جو ريڙهون
Cervical vertebraeچئجي
ٿو ڳچيءَ کي اڳتي پوئتي ۽ پاسن ڏانهن موڙڻ ۾
سهوليت ڪن ٿيون.
(3) پٺيءَ جو ڪنڊو يا ڪرنگهو. پٺيءَ جو ڪنڊو
(Vertebral Column)- 28 انچ کن ڊگهو، ڪياڙيءَ کان وهڪ
جي جاءِ تائين ، ڪيترين ريل جهڙين چهنبارين هڏين جي قطار جو
ٺهيل آهي، جن کي ”ريڙهون“
(vertebrae)
چئجي ٿو.اهي ريڙهون.
ڳچيءَ واريون
(Cervical vertebrae)
ست، پٺيءَ واريون
(Dorsal vertebrae) ٻارهن، چيلهه واريون(Lumbar
vertebrae)
پنج ، ڍونگريءَ واريون
(Sacral vertebrae)پنج، دُمچيءَ واريون
(Coccygeal vertebrae)چار
ٿينديون آهن - مڙئي ٽيٽيهه. پر، پوءِ ڍونگريءَ ۽
دُمچيءَ واريون ريهڙون ڳنڍجي، ٻه هڏا ٺاهي
وجهنديون آهن، جن کي ڍونگري
(Sacrum)
۽ دُمچي
(Coccyx)
چئبو آهي-انهيءَ طرح پٺيءَ جي
ڪنڊي جا مڙئي هڏا ٿيا ڇويهه.
هر هڪ ريڙهه، اڳيان نهري جسم جي هوندي آهي پر پٺيان ڇلي
وانگر سوراخ ٿيندو اَٿس. سڀني ريڙهن جا اهي سوراخ،
هڪ ٻئي مٿان کپي اچڻ ڪري، هڪ هڏائين نالي ٺاهيو
وجهن، جنهن ۾ مغزي ڏوري سانڍيل آهي.
ريڙهن جي هر هڪ جوڙيءَ جي نهري ڀاڱي جي وچ ۾، هڪ ڪچڙي ڪنڊي
(Cartilage)جي
ٿهي ٿيندي آهي، جا کين ٽڪرجي ڀجھي پوڻ کان
بچائيندي رهي ٿي.
ڪرنگهي جا ور؛ پٺيءَ جي ڪنڊي جي پاسيري شڪل ڏسڻ سان معلوم ٿيندو
ته کيس چار ور آهن، جي ڳچيءَ ۽ چيلهه وٽ اندر
وريل، ۽ پٺيءَ ۽ ڍونگريءَ وٽ ٻاهر نڪتل آهن. ور
اسپرنگن وانگر مغز کي ٿاٻن ۽ ڌڪن جي جهوٻن کان
ائين ٿا بچائين، جئن گاڏيءَ جي ڦيٿن جون ڪمانون،
کڏن ۽ جهاڪن ۾ ڪرڻ جي صدمن کان آسودو رکن. جي اهي
خم نه هجن، ته ٽپي ڏيڻ وقت جيڪا پيرن کي چوٽ لڳندي
، ان جو اثر، ٽنگن جي هڏن کان سڌو پڍيءَ جي ڪنڊي
تان، وڃي ڪياڙيءَ واري هڏي کي ضربي سگهي ٿو.
پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ايترين ننڍين هڏين هئڻ جو فائدو اهو آهي، جو ڌڙ
کي ڪهڙي به پاسي آسانيءَ سان موڙي سگهجي ٿو- نه ته
نئڙڻ به گهڻو مشڪل ٿي پوي.
(4) پاسريون
.Ribsهي
ڪمان وانگر وريل، سنهيون، پٽيءَ جهڙيون هڏيون آهن،
جي سيني جي هر هڪ پاسي ٻارهن هونديون آهن. پٺ کان
، ٻارهن ئي پاسريون، پٺيءَ وارين ٻارهن ريڙهن سان
نمبر وار جڙيل آهن؛ پر اڳيان هر هڪ پاسي، فقط ست،
سيني جي تاڪيءَ
(Sternum)
سان اٽڪيل هونديون آهن، جن کي ”پختيون پاسريون“
(True ribs)
چئبو آهي. اٺين پاسري، ستينءَ
سان؛ نائين، اٺينءَ سان؛ ۽ ڏهين، نائينءَ سان
اٽڪيل هوندي آهي - ۽ ڇاڪاڻ ته ته سيني جي تاڪيءَ
تائين نٿيون پهچن، ان ڪري انهن کي ”ڪوچڙ پاسريون“
(False ribs) چئبو آهي. باقي ٻه پاسريون ڪنهن سان به لڳل نه هئڻ ڪري،
”لُنڊيون پاسريون“
(Floating ribs)
سڏجن ٿيون.
مٿيون ڏهه پاسريون، ساريون هڏيءَ جون ٺهيل نه آهن، پر اڳ کان
جتي هو سيني جي تاڪيءَ يا مٿين پاسرين سان لڳل
آهن، اتان هر هڪ کي ڪچڙي ڪنڊي جو ٽڪر لڳل هوندو
آهي. اها تجويز ان لاءِ ڪم آندي ويئي آهي، جو سيني
۾ آهن ڦڦڙ، جن کي هر وقت ساهه کڻڻ لاءِ ڪشادو ۽
سوڙهو ٿيڻو ٿو پوي:
جي اهي ڪچڙي ڪنڊي جا ٽڪرا نه هجن، ته نه سيني جي
پڃري ۾ ايتري لچڪ رهي، نه ساهه کڻڻ وقت وايڪرو ۽
سوڙهو ٿي سگهي؛ ڇاڪاڻ ته هڏو سخت آهي، نه لچڪڻو.
سيني جي تاڪي اڳيان، پٺيءَ جو ڪنڊو پٺيان، ۽ پاسريون پاسن کان،
گڏجي، هڪ لچڪيدار پڃرو ٺاهيو وجهن، جنهن کي
”ڀانڊو“
(Thorax)
چئبو آهي. ڀانڊي جو ترو هڪڙي ٿلهي مشڪي پردي جو
ٺهيل آهي، جو پڻ ساهه کڻڻ ۾ هيٺ مٿي ٿي، سيني جي
خال کي سوڙهو ويڪرو ڪندو ٿو رهي ته ساهه سولو کڄي.
انهيءَ پردي کي ”پيٽ ڇهه“
(Diaphragm)
چئبو آهي، جنهن جي مٿان آهي
”سينو“
(chest)
۽ هيٺ پيٽ
(Abdomen).
سيني جا مکيه عضوا آهن ڦڦڙ ۽ دل؛ ۽ پيٽ جا معدو،
آنڊا، جيرو، تلي، لبلبي، مثانو وغيره.
(5) ٻانهون
.Upper limbsٻانهون
،
اڳيان”هسليءَ“
(Clavicle) ۽ پٺيان ڪلهي جي ”ڦڻ“
(Scapula)جي
وسيلي، ڌڙ سان اٽڪيل آهن. هر هڪ ٻانهن جي ”ڏوري“
(Arm)۾
هڪ مضبوط ڊگهي نري آهي –
جنهنکي ”ڏوراٺي“
(Humerus)
چئبو آهي - ۽ ”بُڪ“
(Fore – arm) ۾ ٻه نريون اٿس. چيچ جي پاسي واري
نريءَ کي
Ulna
۽ آڱوٺي واري پاسي جي نريءَ کي
Radius
سڏجي ٿو.
ڪرائيءَ
(Wrist)
۾ اٺ ننڍا هڏا
(Carpal bones) ٻن قطارن ۾ مضبوط ٻنڌين سان ٻڌل هوندا آهن، جي ڪرائيءَ
جي سنڌ کي ڪم جي سهنجائيءَ لاءِ ل لچڪ ۽ پختائي
ڏين ٿا. هٿ جي تريءَ
(Palm)
۾ پنج ڊگهڙا هڏا
(Metacarpal bones)هوندا
آهن، ۽ آڱرين جي ٽڻين
(Phalanges)
جون چوڏهن هڏيون ٿينديون آهن –
آڱرين ۾ ٽي ٽي ۽ آڱوٺي ۾ ٻه. انهيءَ حساب سان ، هر
هڪ ٻانهن ۾، هسليءَ ۽ ڦڻ سميت ، 32 هڏا ٿيا.
(6) ٽنگون
Lower limbs.
هي ڪُک وارن هڏن(Hip bones)
جي وسيلي ڌڙ سان ڳنڍيل آهن. ٻنهي پاسن جا ڪُکين
وارا هڏا، اڳيان نهائينءَ
(Pubis) وٽ اچيو پاڻ ۾ ملن ۽ پٺيان ڍونگريءَ سان
ٺهڪڻ ڪري، هڪ اونهو برتن ٺاهيو وجهن، جنهن کي
”پولهه“
(Pelvis) چئبو آهي. پولهه ۾ آنڊا ، مثانو، ۽ زالن ۾
نسلي عضوا ، هوندا آهن.
ٽنگ ۾ سٿر، پِني ۽ پير اچي وڃن ٿا.
(1) سٿر
(Thigh)،
دُڏ واري سنڌ
(Hip joint)کان
گوڏي جي سنڌ تائين آهي. منجهس فقط هڪ ڊگهو هڏو
آهي، جو بدن جي سڀني هڏن ۾ وڏو ۽ مضبوط هوندو آهي.
ان کي ”سَٿريو“
(Femur)چئبو
آهي. سٿريو مٿي ڪُک جي هڏي سان دڏ جو سنڌ ٺاهي ٿو،
۽ هيٺ پِنيءَ
(Calf)جي
نريءَ سان گوڏي جو سنڌ. گوڏي جي سنڌ وٽ اڳ کان هڪ
چيڙيءَ جهڙي هڏي، ٺهڪڻ طور ڏنل آهي، جنهن کي
”ڍڪڻي“
(Knee cap)چئبو
آهي.
(2) پني
(Calf)،
گوڏي جي سنڌ کان مري تائين آهي. منجهس ٻانهن جي بڪ
وانگر ٻه نريون آهن:
آڱوٺي واري پاسي کان ٿلهي ۽ مضبوط، جنهن کي ”ٽبيا“
(Tibia)
چئبو آهي، ۽ چيچ جي پاسي واري سنهي نرِيءَ کي
”فبيولا“(Fibula).
(3) پير(Foot)،
جي مُري
(Ankle)۾
ست ننڍا هڏا ٿين، جن کي
Tarsal bones چئبو آهي. پير جي لَڪ
(Arch)
۾ پنج ڊگهڙيون هڏيون
(Meta tarsal)
آهن ، ۽ آڱرين ۾ هٿ وانگر چوڏهن ٽڻين واريون هڏيون
(Phalanges).
سڀئي ٽنگ جون هڏيون ڪُک جي هڏي سميت 31 آهن.
پير جو لَڪ
(Arch of Foot:
پير جي لڪ هئڻ سبب، هڪ ته هلڻ ۾ پير تڪڙو ٿو کڄي ۽
ٻيو ته ٿڪبو به دير سان؛ ٽيو ته پير زمين تي سڌو
رهندو، جنهن ڪري نه رڳو ٽنگون، پر سارو بدن سڌو
رهندو. ڪن ماڻهن ۾ پير ”ٿاڦڙيو“ ٿيندو آهي. اهڙي
پير ۾، آڱوٺي واري پاسي گهڻي زور پوڻ ڪري، پير
اندر جهِڪي واري ايندو آهي؛ ان ڪري گوڏا پاڻ ۾
گهڻو ويجها اچي پوندا آهن، ۽ بعضي ته هلندي ٽڪربا
به آهن.
هڏائين پڃري جي هڏن جو تفصيل
Cranium
ڪيپراٽيءَ ۾ 8
Face منهن ۾
14
Hyoid bone ڳچيءَ جي اڳيان
1
Vertebral column
ڪرنگهي ۾
26
Ribs پاسريون 24
Sternum سيني جي تاڪي
1
Upper limbs ٻانهن ۾
24
Lower limbs
ٽنگن ۾ 62
200
Auditory ossicles
ڪنن جون هڏڙيون
6
جملي 206
هڏن جي ڪيمياوي بناوت
رواجي - جيو گهرڙي جي ماس ۾ پٿرائين پوري جي ذرڙن داخل ٿيڻ ڪري،
نرم گهرڙا ڏاڍا ٿي، هڏاوان ٿيو پون. سندن سختي،
”ڪئلشم“ جي گهڻي يا ٿوري انداز تي منحصر آهي؛ جي
ڪئلشم
(Calcium)
جي گهڻي يا ٿوري انداز تي منحصر آهي؛ جي ڪئلشم
پورو ته هڏ به ڏاڍو ۽ مضبوط ، نه ته ڪمزور.
مطلب ته هڏي ۾ ٻه شيون ٿيون؛
(Organic part )
هڪڙو جيو - گهرڙي جو جيئرو ماس، جنهن کي ”حيواني
ڀاڱو“ ٿو چئجي ۽ ٻيو ڪئلشم وارو مٽيءَ مان پرايل
”معدني ڀاڱو“
(Inorganic part)
ننڍي وهي ۾ معدني جزو گهٽ هوندو آهي، ۽ جي ڪو هڏو
ڀڄي پيو، ته تازي ٽاريءَ وانگر ٻيڻو ٿي، گهٻ کائي،
ٿورو ڇيتجي به پوي. اهڙو ڀڳ سڌو به سولو ٿئي، ڇٽي
به جلد، ۽ ڳنڍجي به اهڙو وڃي، جو وڏي هوندي ڪا خبر
ئي ڪا نه پوي ته ڪو هڏو ڀڳو هو. وڏيءَ عمر ۾
حيواني مادو گهٽبو رهندو آهي، ۽ ڪئلشم وارو ڀاڱو
وڌي ويندو آهي؛ ان ڪري هڏا ٽاڪئان ٿي پوندا آهن، ۽
چڱي موچاري سٽ آين ته سڪل ڪاٺيءَ وانگر ٽڙڪي، صفا
ٻه اڌ ٿي پوندا.
سڪل هڏي جي ٽڪر کي جي ڪنهن تيزاب ۾ وجهي رکبو، ته آهستي آهستي،
سندس معدني حصو ڳرندو رهندو، ۽ باقي لچڪيدار
حيواني مادو وڃي رهندو، جنهن کي آسانيءَ سان ورائي
سگهبو. هڏي کي ساڙبو، ته حيواني حصو سڙي دونهون ٿي
ويندو، ۽ پٿرائون ڀاڱو رک جي صورت ۾ رهجي ويندو.
انهن تجويزن سان ڏٺو ويو آهي ته تازي هڏي ۾، اڌ
ته آهي پاڻي، باقي اڌ ۾ ٻه حصا معدني، ۽ ٽيون حصو
حيواني جزي جو اٿس - مطلب ته قدرت جي هر ڪا شي فقط
شڪل بدلائيندي رهي ٿي، پر ناس ٿيڻ جي اصل نه آهي
:
وري به ”کوھ جي مٽي کوھ ۾“
هڏائين پڃري جي سنڀال
جنهن هڏائين پڃري تي اسان جي بدن جي بيهڪ ۽ شڪل جو دارمدار آهي،
ان کي بدصورتيءَ کان بچائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪرڻ
جڳائي.اڃا ٻار پيٽ ۾ هجي ته ماءُ کي خيال ڪرڻ
گهرجي، جئن پوري ڪئلشم جي انداز نه کائڻ ڪري، ٻار
پريندي ئي ضعيف نه ٿي پوي. ٻار جون ٽنگون ور کاڌل
هجن، ته ان کي ڪئلشم گهڻو ڏجي ته اوڻائي ڀرجي.
تارون پوري وقت - سر نه ميٽجي يا ڏند دير سان ڦٽن،
ته به ڪئلشم گهٽ چئبو.
ٻاراڻي اوستا ۾ هڏا جلد ڏنگا ٿي سگهن ٿا؛ ان ڪري ٻارن کي زور
ڪري نه بيھارجي ، نه پنڌ ڪرائڻ جي ڪوشش ئي ڪجي.
ڪنهن اهڙي ڪرسيءَ ۾ وهارجين جنهن ۾ گُڪا ٿي نه
سگهن.
سوڙهن ڪپڙن مان به ٻار کي گھڻيون خرابيون ٿين ٿيون. سوڙهن
نوڪدار بوٽن پائڻ ڪري پير جون آڱريون چٻيون ٿي
پونديون آهن. تنگ گنجيون ، ڦڦڙن کي پوريءَ طرح هوا
سان ڀرجڻ ڪين ڏينديون. شاگردن کي ڊيسڪ تي اهلي وهڻ
نه ڏجي، نه ته پٺيءَ جو ڪنڊو چٻو ٿي پوندو، ۽
مغزي ڏوري پنھنجو ڪم پوريءَ طرح ڪري نه سگھندي.
هڏن جي مضبوطيءَ لاءِ ٻارن کي ويھن ورهن تائين کير
پيڻ ضروري آهي؛ نه ته گھڻين خامين رهڻ جو امڪان
آهي. |