باب ڏهون
حواس (Special Senses)
”حواس“ انهن عضون کي ٿو چئجي، جن جي وسيلي اسان کي پنهنجي آسپاس
جون خبرن ملن ٿيون. اهي خبرون خاص قسمن جون خابرو
تنتون ئي پھچائين ٿيون، جن جي بناوت هر هڪ حواس ۾
بلڪل نرالي آهي؛ ڇاڪاڻ ته سندن ڪم به بلڪل ٻئي ٻئي
نموني جا ٿين ٿا.
فالودي جهڙي ڳر سان ڀريل اک ڪئن ٿي ڏسي، ۽ ڪَنُ ڪئن ٿو آواز
جهٽي؛ جيترو باريڪيءَ سان سندن اڀياس ڪبو، اوترو
زياده حيرت وٺندي! قدرت جي ڪاريگريءَ حواسن ۾ ته
حد ڪئي آهي – اچو ته اسين به لياڪو ته پايون!
اسان جا حواس پنج آهن؛(1) اکيون - ڏسڻ لاءِ؛ (2) ڪن - ٻڌڻ لاءِ
؛ (3) نڪ - سنگھڻ لاءِ؛ (4) ڄڀ - چکڻ لاءِ؛ ۽ (5)
چمڙي - ڇُهڻ ۽ ڪوسي ٿڌي وغيره معلوم ڪرڻ لاءِ.
اک ۽ نظر
اک هڪ اهڙو عضوو آهي، جنهن جي ضرورت ۽ نزاڪت بيمثل آهي. اک جو
تارو نفيس پردن ۽ رطوبتن جو جڙيل آهي، ۽ جي رڳو
وار جيترو ڪٿي گهٽ وڌ ٿي پيو، ته هڪ نه ٻي نظر جي
خامي ضرور ٿيندي. ان ڪري ، قدرت به ان کي هڪ اونھي
هڏائين کوپي ۾ لڪائي، نهايت حفاظت سان، نرم شين جي
گدين جي ٽيڪن ۾ کُپائي، سوگھو ڪري بيھاريو آهي. اک
جي اڳيان وري نرم، پر پُختن ۽ مرضيءَ موجب پٽجڻ
پورجڻ وارن ڇپرن جو بندوبست رکيل آهي - مان لاءِ
ته جيت جڻي، مٽيءَ وغيره کان بچاءُ به ڪن، ۽ ضرورت
کان زياده ، اک جي نازڪ تنتن تي اجايو روشنيءَ جو
بار به نه پوي. پڙهندي پڙهندي جڏهن اکيون ٿڪبيون
آهن، تڏهن ٻه ٽي منٽ اکيون پُوري اهلي پوڻ ڪري،
وري منجھن تازگي ۽ نئين سر ڪم ڪرڻ جي طاقت اچي
ويندي آهي. خيال جي ڳالھه آهي، ته جيترا فوٽا اک
ٿي روز ڪڍي، اوترا جي هوند ڪئميرا سان وٺن، ته
ڪيڏو نه خرچ ٿئي، ۽ ڪيترو وقت لڳي!
اک جي مٿئين ڇپر ۾ هڪڙي مُشڪ لڳل آهي، جنهن جي وسيلي ڇپر کي مٿي
هيٺ ڪري سگھجي ٿو؛ پر هيٺئين ڇپر ۾ اهڙو بندوبست
ڪو نه آهي، جنهن ڪري ان کي هيٺ مٿي ڪري نٿو سگهجي.
ٻنهي ڇپرن جي وٿين وٽ، پنبڻين جون ٻِٽيون ٻِٽيون
وارن جون قطارون آهن، جي ڪنهن جيت جڻي کي اک ۾
اندر وڃڻ کان سُتي پئي به روڪين ٿا. ڇپرن جي
اندرئين پاسي، هڪ نفيس بلغمي پردي جو پوش چڙهيل
آهي، جنهن کي ڪَنجَنڪٽائِيوا
(Conjunctiva)
چئبو آهي - ۽ اک جي اُٿڻ کي ”ڪَنجَنڪٽوائِٽس“
(Conjunctivitis)،
يعني”بلغمي پردي جي سوڄ“ . اهو پردو اک ۾ ڪنھن
رائي، ريتيءَ دونھين، يا ڪني پاڻيءَ جي پوڻ ڪري،
يا فقط مکين جي وهڻ ڪري، سُڄي سگھي ٿو. اک ۾ ڪا به
اهڙي شي پوي، ته ان کي پاڻيءَ سان ڌوئي ڪڍجي، پر
مھٽجي نه؛ ڇاڪاڻ ته مھٽڻ، معنيٰ ريتيءَ کي ويتر
زور سان ”نفيس“ پردي تي گھڻ، جو ويتر اک کي زياده
جھوريندو.
البت ، اک کي صفائيءَ لاءِ قدرت به پنھنجي اڻ – کُٽ پاڻيءَ جي
ٽانڪي ڏيئي ڇڏي آهي، جنھن کي ”ڳوڙهن جي گلٽي“
(lachrymal gland) چئبو آهي. ان جي پاڻيٺ کاريري ٿيندي آهي. تجربي ثابت ڪيو آهي
ته لوڻ پيل پاڻي، ڪيترن زيانڪار جيوڙن کي نابود
ڪيو ڇڏي. ”لئڪريمل گلئنڊ“ اک جي مٿئين ڇپر جي
اندر، لوندڙيءَ واري پاسي بيٺل آهي. هن جو ڪم اهو
آهي، ته پنھنجي صاف پاڻيءَ سان اک کي ڌوئيندو رهي
- ه ته جيڪر اک جا پردا، خشڪ ٿي ، گھُنج هڻي، ڦاٽي
پون.
اک چِڌي وانگر گول آهي، جنهن جو قطر هڪ انچ ٿيندو. سندس سامھين
پتي، ٿورو اڳتي اڀريل ڏسبي، جا شفاف آهي - ان کي
”قرنيه“
(Cornea)
چئبو آهي. (قرن
=
سِڱُ). اهر پردو شفاف هوندي به سڱ جهڙو سخت آهي.
اک ۾ جيڪا ڪاري چڪري ڏسبي آهي، سا قرنيه جي پٺان
هوندي آهي. ٻڪريءَ جي اک ڪاسائيءَ کان وٺي قرنيه
جي اندران سُئي وجھي ڏسو، ته ڪاريءَ چڪريءَ جي اڳ
کان، شفاف قرنيه مان پئي ڏسجي. انهيءَ ڪاريءَ
چڪريءَ کي ”پُتلي“
(Iris)
چئبو آهي. جنهن جي وچ ۾ هڪ سوراخ روشنيءَ جي اندر
وڃڻ لاءِ ٿيندو آهي - ان کي ”ماڻڪي“
(Pupil)
چئبو آهي. ماڻڪي، روشنائيءَ جي گهٽ وڌ ٿيڻ تي،
ويڪري سوڙهي ٿيندي رهندي آهي، ته روشنيءَ جو گھربل
انداز اندر وڃي:
متان ٿوري روشنيءَ نازڪ تنتي پردي کي نه جھوري.
”آپٽڪ نرو“ جڏهن اک جي پٺ کان منجھس اندر ويندي آهي،
تڏهن پکڙجي، اک جو اندريون تھه ٺاهيندي آهي، جو
شڪلين جا عڪس کڻي، مغز کي موڪليندو آهي. انھيءَ
پردي کي ”تنتي پردو“
(Ratina)چئبو
آهي.
پُتليءَ جي بنھه پٺيان هڪ شفاف ”بلور“
(Lense)گول
چپٿري کٽمٺڙي جي شڪل جھڙو ٿيندو آهي. سندس ڪم آهي
ته پنهنجي خم کي وڌائي يا گھٽائي، روشنيءَ کي
پوريءَ طرح آڻي تنتي پردي تي بيھاري:
جي ڪرڻا تنتي پرديءَ تي پوريءَ طرح نه اچي لڳا، ته
نظر به چٽي ڪا نه رهندي. اهڙين حالتن ۾، ڌارين
بلورن
(Lenses)يعني عينڪ جي ضرورت ٿيندي، ته اندريون نقص ميٽجي.
پيريءَ ۾ اهو اندريون لينس غيرشفاف ٿي پوندو آهي، جو ماڻڪيءَ
مان اڇيءَ ٽڪيءَ وانگر پيو ڏسبو آهي. اهڙيءَ حالت
۾، روشني برابر اندر نه وڃي سگھڻ ڪري، ڌنڌ ٿي
پوندو آهي - جنهن کي ”موتيو پاڻي“
(Cataract)
سڏ جي ٿو. لاچار آپريشن ڪرائي، لينس کي ڪڍائي ڇڏبو
آهي. لينس جي نڪري وڃڻ ڪري، روشنائيءَ کي اندر وڃڻ
جي واٽ ملندي ۽ ڏسي سگھبو – پر ڌنڌلو؛ ڇاڪاڻ ته
نظر کي چٽي ڪرڻ وارو لينس هنئر اک ۾ ڪو نه رهيو.
انهيءَ اوڻائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ، ڏهين نمبر جي
ٿلھن ڪاون واري عينڪ پائڻي پوندي.
ڏسجي ڪيئن ٿو. هاڻي اوهان کي معلوم ٿيو ته روشنيءَ جا ڪرڻا،
شفاف قرني پردي مان نڪري ، پتليءَ جي ماڻڪيءَ مان
لنگھي، بلور مان چٽا ٿي، وڃيو تنتي پردي تي پون؛
اتان نظر جي تنت (آپٽڪ نرو) عڪس کنيو، وڃيو وڏي
مغز جي ڪياڙيءَ واري ڀاڱي ۾ پھچائي، جتي ڪرڻا ڏٺل
شي جي صورت وٺن ٿا. جي مغز جو اهو ٽڪرو - آپٽڪ
نرو - خراب ٿي پوي، ته اک هوندي به ڏسي ڪين سگهجي!
اک جي بناوت
شڪل کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو، ته اک جو گولو هڪڙو قطر جو نه آهي: سندس سامهون ڇهون حصو اڳتي نڪتل آهي، ۽ پٺئين ڀاڱي ۾ هڪ
وڏو خال آهي. اهو خال هڪ فالودي جھڙي شفاف چمڪڻي
ڳر
(Vitreous Humour)
سان ڀريل ٿيندو آهي.
اک جي گولي جي ديوار ٽن پردن جي جڙيل آهي؛
1. ٻاهريون سفيد پردو
(Sclerotic Coat).
هيءُ پيوندي اوڄي جو جڙيل، مضبوط اڇي رنگ جو تھه
آهي، جنهن جو ڪم آهي اک جي اندرين نازڪ پرزن جي
حفاظت ڪرڻ، پتليءَ جي چوڦير اک جو سفيد حصو ، هن
پردي جو ڏسبو آهي، جنهن جي مٿان نفيس ڪنجنڪٽائيو!
وارو پردو ڇپرن تان ورُ کائي اچي ٿو. اک کي هيڏي
هوڏي ڦيرائڻ واريون مشڪون، هن پردي جي ٻاهران
چهٽيل آهن، جن کي 3، 4 ۽ 6 نمبر ڪيپراٽيءَ واريون
تنتون تحرڪ ڏين ٿيون. سفيد پردي جي پٺ کان ، آپٽڪ
نرو اک جي گولي جي اندر ٿي گھڙي، ۽ اڳ کان، سفيد
پردي جي عيوض شفاف قرنيه آهي.
2. وچيون رنگين پردو
(Choroids Coat)
. هيءُ پردو گھڻي قدر رت - نلين جو ٺھيل آهي،
جنھن مان ساري اک کي رت پھچي ٿو. هيءُ گولي جي
چوڌاري ڦرڊ
شڪل 22. اک جي بناوت
اچي، ۽ فقط ماڻڪيءَ واري سوراخ جي جاءِ خالي ٿو ڇڏي، جنھن مان
روشني اندر ٿي وڃي. هن پردي جي اندر ئين پاسي، هڪ
ڪاريرڙو تھه ، گھڻيءَ روشنيءَ کي جذب ڪرڻ لاءِ
آهي، ته متان گھڻي روشنائي تنتي پردي کي نقصان نه
پھچائي . رنگين پردو اڳئين ڇھين حصي ۾ پُتلي ٺاهي
ٿو، جا سرد ملڪن ۾ نيري يا ڀُوري رنگ جي، ۽ گرم
ملڪن ۾ ناسي، بعضي ڪاري، ڏسبي - ڄڻڪ گرم ملڪ جي
ماڻهن لاءِ هڪ قدرتي ڪاري عينڪ آهي، جا اسين اسُ
کان بچائڻ لاءِ پائيندا آهيون.
3. اندريون تنتي پردو
(Retina)هيءُ
آپٽڪ نرو جي پکڙجڻ ڪري پردي جي صورت وٺي ٿو. هن
پردي ۽ لينس جي وچ ۾ ”وٽريئس هيومر“ ڀريل آهي. هن
پردي جون نفيس خابرو پُڇڙيون شڪلين جا عڪس مغز کي
پھچائين ٿيون. تيز روشنائيءَ يا سج کي ڏسڻ ڪري،
هيءُ پردو خراب ٿي سگهي ٿو. اڳئين ڇهين حصي ۾ هيءُ
پردو ڪونهي؛ اتي اک جو لينس پُتليءَ ۽ وٽريئس جي
وچ ۾ بيٺل آهي. لينس، ڪمان وانگر تاڻجِي، وڌ گھٽ
گولائي اختيار ڪري، ويجھين شين کي چٽي ڏيکارڻ
لاءِ، قرينه کان ايندڙ روشنيءَ جا ڪرڻا پوريءَ طرح
تنتي پردي جي ”تنتي مرڪز“
(Fovea Centralism)
تي اُڇليندو آهي.
لينس جي انهيءَ عمل کي ”اڪوموڊيشن“
(Accomodation)
چئبو آهي، جو پيريءَ ۾ گهٽبو ويندو آهي - ايتري
قدر جو ڪتاب جا اکر به ويجھو پڙهي ڪين سگھبا ، ۽
پڙهڻ لاءِ
شڪل 23. سالم اک ۽ ناقص اکيون
عينڪ پائڻي پوندي؛ باقي پَري جي نظر پُوري هوندي آهي
. نظر جا ڪي عام نقص. (1) ڪُوچڙ نظر
(Myopia):
هيءُ نقص ننڍيءَ عمر ۾ نِسرندو آهي. انهيءَ حالت
۾، ڪتاب رواجي وڇوٽيءَ کان گھڻو ويجھو جھلڻو پوندو
آهي، ۽ بورڊ جا اکر پڙهڻ ڏکيا لڳندا آهن، هيءَ ھڪ
خراب ۽ وڌندڙ تڪليف آهي، جنھن جو جي پريندي ئي ڪو
تدارڪ نه ٿيو، ته جوانيءَ تائين نظر ايتري خراب ٿي
ويندي ، جو ڪنھن سٺيءَ نوڪريءَ لاءِ سرٽيفڪيٽ ملڻ
به محال ٿيندو. اهڙي ٻار کي هڪدم عينڪ وٺڻ گھرجي،
۽ کير ، مکڻ سايون ڀاڄيون ، وغيره کائڻ گهرجن.
ڪئلشم به ضروري آهي. (2) ڊگھي نظر
(Hypermetropia)
هيءُ نقص ڪوچڙ نظر جي بلڪل ابتڙ آهي، جنهن ۾ ويجھي
نظر نه پوندي ۽ ڪتاب کي رواجي مفاصلي کان پري
جھلڻو پوندو آهي. هيءَ خرابي عام نه آهي، پر هڪدم
عينڪ سان سڌارڻ گھرجي، نه ته اکين مان پاڻي نڪرڻ،
مٿي جو سور، ۽ ٻيون تڪليفون پيدا ٿينديون(3)
ڌُنڌ
(Astigmatism)
؛ پيريءَ ۾ ڌنڌ ته ضرور ٿيندو، پر هيءُ جوانيءَ جو
نقص آهي. هن حالت ۾ ويجھيون توڙي پريون شيون ڪٿان
چٽيون ڪٿان ڌنڌليون ڏسبيون، هن جي عينڪ به ڪو
ڪاريگر ٺاهي!
نظر چٽي رکڻ لاءِ هدايتون
1. ننڍيءَ عمر ۾ سنھي ڇاپي جا اکر نه پڙهجن؛ 2 - ٿوريءَ
روشنائيءَ ۾ جُوهه پائي نه پڙهجي؛ 3 – پڙهڻ لاءِ
بتي
کٻي پاسي ۽ ٿورو پٺتي رکجي- چينيءَ يا پلاسٽڪ جي شيڊ سان بهتر؛
4- يڪساهيءَ گهڻي پڙهڻ ڪري، ”اڪوموڊيشن“ جون مشڪون
ٿڪجيو پون ۽ ڌنڌ ٿيندو: ان ڪري ڪجهه وقت پڙهڻ کان
پوءِ، پرانهين شين کي ڏسجي،ته اک کي آرام ملي؛ 5-
هلندڙ گاڏيءَ ۾ يا هلندي نه پڙهجي، ڇاڪاڻ ته نظر
کي کُپائڻ لاءِ ڪيتري طاقت اجائي کپائڻي پوندي؛ 6-
سج يا تيز روشنيءَ ڏانهن نه ڏسجي؛ 7- دز ۽ دونهي
کان اک بچائجي؛ 8- ڪابه نظر جي خامي هجي، ته هڪدم
عينڪ وٺجي، ۽ ڪابه بيماري ٿئي ته پوريءَ طرح علاج
ڪجي.
ٻن اکين جي ضرورت. مفاصلي جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ، ٻه اکيون بلڪل ضروري
آهن؛ هڪ اک سان پوري خبر نه پوندي. ڪا پر ڀري شي
هڪ اک سان ڏسي، وري ٻنهي اکين سان ڏسبي، ته ان جي
مفاصلي ۾ ڦير معلوم ٿيندو.
تجربو- هڪ اک پُوري، کٻي ڏسڻيءَ جي چوٽي، پري کان آڻي
ٽڪرائڻ جي ڪوشش ڪريو: مگر هڪ اک هن آڱر جي مفاصلي
جي پوري ڪٿ ڪري نه سگهندي، ان ڪري ساڄي آڱر ان جي
اڳيان يا پٺيان هلي ويندي.
ڪنُ ۽ ٻُڌڻ
روشنيءَ جون لهرون اک جهٽي، ته آواز جون لهرون ڪنُ. اسان جي
ظاهري ڪن جو ڪم به فقط آواز جي لهرن کي جهلي، ڪن
جي سوراخ ۾ اماڻڻ جو ئي آهي. ڏٺو ڪين اٿو ته ٻوڙا
ماڻهو، انهن لهرن کي اڃا به پوريءَ طرح جهلڻ لاءِ،
پنهنجو هٿ ڪُٻو ڪري، ڪن سان ملائي، ٻڌڻ جي ڪوشش
ڪندا آهن. ڪيترن جهنگلي جانورن ۾ اها لياقت آهي،
ته آواز جي طرف ڪن ڦرڙائي سگهن. ماڻهوءَ ۾ به ڪن
کي ورائڻ واريون مشڪون آهن، جن کي ڪم آڻڻ جي ضرورت
ڪانه رهي آهي، ان ڪري شايد اهي مشڪون منجهائنس
رفتي رفتي نڪري وڃن، ته عجب ڪونهي - سڀ ڪجهه گهرج
تي منحصر آهي. سچ چيو ويو آهي ته ” پهرين ڏسڻ جي
تمنا پنهنجو زور لاتو ته ڏسان ! ڏسان! پوءِ قدرت
اکيون ڏنيون“. نسرڻ ۽ اسرڻ جي سلسلي جو قانون آهي
ته ” گُهر ، ۽ زور سان گُهر- ته ملڻ پري ڪونهي!“
اسان کان ته ايتروبه وسري ويو آهي ته ” قدرت جي
اٿاهه طاقت کان ڪو گُھربو به آهي، ۽ ملندو به
آهي!“
حقيقي ٻڌڻ واري شي ته ظاهري ڪن واري سوارخ جي گهڻو اندر
آهي: اهو ٻُڌڻ جو اوزار، هڪ نهايت باريڪ ۽ نفيس
پُرزو آهي، جنهن کي قدرت لوندڙيءَ واري هڏي جي
اندر، هڪڙي سوراخ ۾ ، لڪائي رکيو آهي. ڇا سندس
بناوت، ڇا سندس ڪم – عقل حيران آهي!
ڪن جا ٽي ڀاڱا آهن- ٻاهريون، وچيون، ۽ اندرريون.
ٻاهريون ڪن
external ear.هيءُ
اهو ڀاڱو آهي جيڪو ظاهر ڏسبو آهي. ڪچڙي ڪنڊي جو
ٺهيل آهي، |