باب ٻارهون
بدني ڀڃ گھڙ (Metabolism)
اوهان کي هاضمي جي ترتيب مان معلوم ٿيو ته پروٽين مان نيٺ
امائينو ائسڊس وڃو ٺھن، مٺاڻ مان گلوڪوز، ۽ سڻڀ
مان گلسرين ۽ فئٽي ائسڊس. اهي سڀ شيون اهڙيون نفيس
آهن، جي رت سان ملي هڪ ٿي، دوري جي وسيلي بدني
گھرڙن ۾ ڦري، کين خورش ڏيئي، هاضمي جو مقصد
سرانجام ڪنديون رهن ٿيون. هاڻي ڏسڻو آهي ته اهي
آهاري جزا جيو - گھرڙن ۾ پهچي اتي ڇا ٿا ڪن.
بدني حرارت
Body temperature.
اوهان کي خبر آهي ته کاڌي جو پھريون ڪم آهي بدني
ڪلن يعني عضون کي ڪم ڪرڻ جي سگھه ڏيڻ!هاضمي جا
عضوا کاڌو هضم پيا ڪن؛ ڦڦڙ بدني حرارت قائم رکڻ
لاءِ ڌوڻي پيا ڦوڪين، دل رت جو دورو چالو رکي جيو
- گھرڙن کي خورش پئي پهچائي؛ بڪيون رت جون بيڪار
شيون پيون ڪڍن؛ وغيرهانھن سڀني ڪمن کي نباهڻ لاءِ
”سگھه“ کپي. اها طاقت گلوڪوز جي جلڻ مان ٿي نڪري،
جنھن کي رت جي آڪسيجن ٿي ٻاري - ساڳيءَ طرح، جيئن
انجڻ ۾ ڪوئلن کي ٿي ٻاري. جي آڪسيجن نه هجي، ته ان
انجڻ ۾ ڪوئلا ٻرن نه بدن ۾ گلوڪوز.
گلوڪوز جي سڙڻ ڪري، هڪ ته مشڪن کي ڪم ڪرڻ جي طاقت ملي
ٿي ۽ ٻيو ته بدني حرارت پيدا ٿئي ٿي. بدني گرمي
سراسري 4ء 98 درجا فيئر نائيٽ هوندي آهي. جي ان
کان وڌي ته تپ، جي گھٽي ته ضعف ؛ 9 يا 10 درجا هيٺ
مٿي ٿي ته موت آيو ڪي آيو.
البت ، اوهان کي عجب لڳندو ته گلوڪوز ڪوئلن وانگر ٻري
ٿي ته به اسين ڪا لاٽ پاڻ ۾ ڪا نه ٿا ڏسون، سو ڇو؟
اهو ان ڪري جو انجڻ ۾ اها گرمي فقط هڪڙي هنڌ کوري
۾ پيدا ڪئي ٿي وڃي، پر بدن ۾ ته اهڙيءَ ڪاريگريءَ
جو سرشتو سٽيل آهي، جو سندس هر هڪ جيو- گھرڙو
ننڍڙي کوري جو ڪم ڪندو ٿو رهي، ۽ انهيءَ دستور،
گرمي ايترو کنڊريل ٿي رهي جو ڪٿي به لاٽ پيدا ئي
نٿي ٿئي. تنھن هوندي به، اڃا گرمي زياده ڀائنبي،
ته هڪدم پاڻ کي ٿڌي ڪرڻ جا اپاءَ ڪبا - ڪپڙي
گھٽائڻ سان، هوا ڪرڻ سان، يا اندر ٻاهر پاڻي ڏيڻ
سان. خبر ته هوندو ته مٺاڻ يا سڻڀ گھڻو کاڌو ته
تاس لڳي.
بدني کوٽ
Katabolism.
سڻڀ جي هضم ٿيڻ بعد جيڪي فئٽي ائسڊس جڙن ٿيون ،
سي ته آڪسيجن سان ملندي ٻرڻ ۾ ديرئي ڪين ڪن ،
ان ڪري سڻڀ به اسان جي بدن ۾ ساڳيو ڪم ٿو ڪري ،
جيڪو مٺاڻ . بعضي جي سڻڀ يا مٺاڻ پورو کاڌي ۾
نه هوندو ته پروٽين به جلائو ڪم ڏئي سگهي ٿي
. مٺاڻ ۽ پروٽين جي هڪ گرام مان نڪرن ساڍيون
چار حراريون
(Calories)،
ته سڻڀ جو گرام ڏئي نوَ- سي به سجيھڙيون .
ظاهر آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ٻرڻ جي سلسلي ۾ ڪي نه
ڪي بدني جزا ضرور کپندا هوندا - انھيءَ کوٽ کي
”ڪيٽا بالزم“ چئجي ٿو. مطلب ته ڪيٽابالزم جي ڪري
ئي سگھ ۽ گرمي پيدا ٿي ٿئي . ڪجهه خرچ ڪري ،
ڪجھه حاصل ڪجي ٿو. اسين ڪابه نئين طاقت ته پيدا
ڪرڻ جي صلاحيت ئي ڪانه ٿا رکون . طاقت سڀ قدرت
جي طرفان آهي، جا فقط ڦرندي گھرندي، صورت
بدلائيندي ٿي رهي - ڪٿي طبعي زور جي صورت وٺي،
ڪٿي شعاع ٿئي، گرمي ته ڪٿي بجلي.
بدني واڌ
Anabolismڀلا
ڏسو ته پروٽين وارين امائينوائسدڊس جيو-گھرڙن ۾
پهچي ڇا ڪيو. اِهي اُهي شيون آهن جي جيون گھرڙن
کي ٺاهين ٿيون. بدن جي تعمير امائينو ائسڊس جي بلي
آهي - اهي آهن اسان جي بدن جون سرون. هيل تائين 23
قسمن جون امائينو ائسڊس پڌريون ٿي چڪيون آهن. ڀلا
هر هڪ اوڄي بلڪ عضوي جو نمونو پنھنجو، ته انھن کي
امائينو ائسڊس به پنهنجي نموني جون کپنديون. ڏسو
ته ميڄالي جو رنگ روپ ڪھڙو آهي، ته بڪيون بنھه ٻين
شين جون ٺھيل؛ ڪيڏي ڦڦڙ جو نمونو، ته ڪيڏي جيري
جو. اهڙيءَ طرح، جھڙي اوساري اهڙيون سرون؛ چمڙي ،
ڇڇڙا، گوشت، هڏا، عضوا - هر هڪ جو رنگ روپ ، جسم ،
نمونو، ۽ ڪم نرالو، ته تعمير جو سامان به ٻيو.
پروٽين به ڪيترن ئي نمونن جون آهن - ڪن مان ڪي
امائينو ائسڊس ملن، ته ڪن مان ڪي. ان ڪري، کاڌي جي
شين ۾ ڦير گھير مناسب آهي؛ ۽ ٿورو ٿورو گھڻين شين
مان کائڻ جي عقلمندي به ظاهر آهي.
هاڻي اوهان کي معلوم ٿيو ته بدن ۾ واڌ اِنهن امائينو
ائسڊس جي وسيلي ٿئي ٿي، جنھن کي ”ائنابالزم“ چئجي
ٿو. ساري ڀڃ -گھڙ کي ”ميٽابالزم“ چئبو آهي، جنھن ۾
”ائنابالزم“ ۽ ”ڪيٽا بالزم“ ٻئي اچي ويا.
معدني شين ۽ وٽئمنس جو ڪم آهي، بدني اوڄن کي رٿائتو ۽
پختو ڪرڻ - مثال طور، جي وٽئمن اي - ڊي نه هوندي
ته ڪئلشم هڏن تي بي ترتيب ٿڦبو ويندو؛ ڪٿي گھٽ ڪٿي
وڌ، پر لسو ڪين ٿيندو. (وٽئمنس جو پورو احوال اڳتي
ايندو).
بدني حرارت جو هڪ ڪرو رهڻ
عجيب ڳالھه آهي ته ٿڌي هجي يا گرم، کاڌو گھٽ کائجي يا زيادھ، ته
به بدني گرمي اوتري جي اوتري!البت، رات جي آرام
کان پوءِ معمول کان ڊگري - اڌ گهٽ ڏسبي ۽ ڏينھن جي
هلچل کان پوءِ ٿورو 4 ء 98 درجن کان مٿي چڙهي، ته
عجب نه آهي. هن مان ظاهر آهي ته آرام گرمي گھٽائي
ٿو، ۽ ڪم ان کي وڌائي ٿو. ڪم مشڪن جي وسيلي ٿو
ٿئي؛ ان ڪري سمجھڻ گھرجي ته گرمي مشڪن ۾ پيدا ٿي
ٿئي- آهي به ائين. ڊوڙڻ يا ڪم ڪرڻ ڪري بدن گرم ڪين
ٿيندو آهي! بدن گرم ٿيڻ کان پوءِ، زياده ڪم مشڪل
ٿيو پوي. ان ڪري سرديءَ ۾ گھڻو ڪم ڪري سگھبو. سرد
ملڪن جا ماڻھو زيادھ سگھارا ڏسبا؛ ڇاڪاڻ، ته انھن
کي زيادھ ڪم ڪري سرديءَ ۾ گھڻو ڪم ڪري سگھڻ جو
وجھه ملي ٿو. گرميءَ جي ماريلن کان ڪھڙو ڪم
اڄھندو؛ ٿوروئي ڪم پگھر ڪڍي ٿڪائي وجھندو.
حرارت جو منتظم ڪير. معلوم ٿيو ته گرمي گھٽجي به ٿي وڌي به ٿي؛
پر جلد ئي ساڳيءَ ڪڙيءَ تي اچيو بيھي- اهو ڪئن ٿو
ٿئي؟ اهو انتظام وڏي مغز ۾ هڪ مرڪز جي حوالي آهي،
جو منجھانس دوري ڪندڙ رت جي گرميءَ مان سمجھيو وٺي
ته بدني گرمي ڪيتري آهي. حرارت وڌيل ڏٺائين - ته
هڪدم همدم سرشتي کي اطلاع ٿو ڪري ته چمڙيءَ جون
رت - نليون ويڪريون ٿين. نتيجو اهو ٿو نڪري، جو
منجھن جام رت هلڻ لڳي ٿو ۽ ٻاهرينءَ هوا جي اثر
ڪري ٺرندو وڃي. جلد ئي ، سارو رت چمڙيءَ ۾ ايندي
ٺريو وڃي، ۽ منٽن ۾ حرارت وري قانوني حد تي اچي
وڃي - ساڳئي وقت اسين به گرمي محسوس ڪري ڪپڙا
گهٽائيندا آهيون ته چمڙي ٿڌي ٿئي.
ڀلا، جي هوا جي گرمي اسان جي بدني گرميءَ کان پاڻ مٿڀري هجي، ته
پوءِ ته ويتر خون زيادھ گرم ٿيندو....! اهڙيءَ
حالت ۾، ٻاهرين گرمي هڪدم پگھر جي ڳلڦڙن کي جوش
ڏيندي ، ۽ ھو ھڪدم پگھر ھاري چمڙيءَ کي ٿڌو ڪندا
- ڄڻڪ قدرت ٿي بت کي وهنجاري. هاڻي ته هوا جي
گرمي، بدن کي زيادھ گرم ڪرڻ کان روڪجي ويندي -
ڇاڪاڻ ته پگھر کي سڪائڻ ۾ ئي کپي ويندي. جي اڃا به
بت ٿڌو نه ٿيو، ته گرمي اسان کي ڪنھن ٻئي ٿڌڪار جي
اپاءَ سوچڻ لاءِ مجبور ڪندي. پوءِ وهنجبو يا جاءِ
کي ڇڻڪار ڪري ٿڌو ڪبو، پکو هڻبو ، وغيرھ.
تپ. ياد رکڻ گھرجي ته تپ گرميءَ جي زيادھ پيدا ٿيڻ ڪري نه ٿيندو
آهي، پر ، گرميءَ جي نيڪال روڪجڻ ڪري. تپ ۾ رت جو
غلبو سارو اندرين عضون ۾ وڃي ٿو ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته
جيوڙن جو جوش اتي ٿو ٿئي ته رت به انھن سان جنبيو
پيو آهي. ان ڪري چمڙيءَ جون رت - نليون ايترو ته
سوڙهيون ٿي وينديون آهن، جو منجھانئن گرم رت جي
ضروري انداز نه ملڻ ڪري، تپ هوندي به ايترو سيءُ
لکائبو آهي جو سوڙيون وجھڻيون پونديون آهن...
جيسين قدرت چمڙيءَ کي گرم ڪري پگھر پيدا ڪري، يا
دوا.
سيءُ. حرارت گھٽجڻ جي حالت ۾، چمڙيءَ مان رت جو دورو گھٽجي
ويندو آهي - ان لاءِ ته اندرين عضون جي گرمي پوري
رهي. جي اتي به سرديءَ جو اثر پھتو، ته ڪنھن نه
ڪنھن عضوي ۾ رت ڄمي سوڄ پيدا ڪري وجھندو ، ۽ اهو
عضوو ڪري ڏينھن بيڪار ٿي پوندو... جيسين ڇٽي ۽ رت
وٽڙي. ان ڪي، سيءَ لڳڻ جي حالت ۾ اسين پاڻ کي ڪوسي
ڪرڻ جو تدارڪ ڳوليندا آهيون - ڪپڙن اوڍڻ سان، باهه
تي گرم ڪرڻ سان، چانھه يا ٻي ڪا گرم شيءَ کائڻ
پيئڻ سان... جيسين بدني گرمي پوري درجي تي پھچي –
پوءِ سيءُ به لھي ويندو. بدني گرمي ڦڦڙ به ڪيتر
قدر گھٽائن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته جيڪا ٻاهرين هوا ڦڦڙن ۾
ٿي وڃي، سا ٿڌي هوندي آهي - بنسبت انهيءَ هوا جي،
جيڪا منجھانئن ٻاهر نڪرندي آهي. گھڻيءَ ٿڌ ۾ جي
اوڇڻ پورو نه هوندو آهي، يا کاڌو گھٽ هوندو آهي ته
منھن به ويڙهي سُمھبو آهي، جئن ٿڌي هوا اندر وڃي
ويتر بدن کي ٿڌو نه ڪري. ائين ڪرڻ چڱو نه آهي،
ڇاڪاڻ ته اوڳاڇيل هوا وري وري اندر نيڻ سبب، ساهه
کڻڻ جو مقصد پورو ڪين ٿيندو؛ آڪسيجن ٿوري ۽
ڪاربانڪ ائسڊ گئس گھڻي ويندي رهندي، ان ڪري ننڊ
ڪري اٿبو ته به بدن ۾ چستي ڪا نه هوندي آهي جو
ڏينھن جي ڪم کي پوريءَ طرح نباهجي.
باب تيرهون
جيرو ۽ لبلبي
جيرو (Liver)
جيرو، پيٽ جي ساڄي پاسي کان، هيٺين پاسيرين سان لڪل، پيٽ - ڇھه
جي هيٺ، نھايت حفاظت سان سانڍيل آهي. رنگ جو
ڳاڙهيرو – ڀُورو، ۽ رت سان ٽمٽار هوندو آهي. سندس
هيٺئين پاسي، پيلي رنگ جي رطوبت سان ڀريل هڪ ڳوٿري
ٿيندي آهي، جنھن کي ”پِتو“ چئبوآهي. جيرو مکيه
عضون مان هڪڙو، ۽ سڀني کان وزندار آهي؛ تور به ٻه
سير کن ٿيندس.
جيري جي ڪاروبار ته وڏن ويرن، علم ڪيميا جي ماهرن، جا طاق لڳائي
ڇڏيا آهن؛ جنھن جي نفيس ۽ باريڪ ڪيمياوي ڪارگذارين
مان ڪن جي پروڙ پئي آهي، ته ڪي اڃا به سندن مغز ۽
معلوميت کان مٿڀريون آهن. جيري جي سنھڙن گھرڙن ۾
جيڪي ڪم ٿيندا ٿا رهن، سي دنيا جي وڏين لئباريٽرين
به اڃا ڏٺا ئي ڪينھن.
هڪڙي پاسي رت جا پراڻا ڳاڙها گھرڙا پيا ڌار ٿين، ته ٻئي
پاسي منجھانئن پت پيو جڙي. وري جيڪو فولاد منجھائن
پيو نڪري، سو ٻين نون ڳاڙهن گھرڙن لاءِ پيو ڪٺو
ٿئي. هيڏانھن وري اهو پت ، ضرورت موجب، پنھنجين
نالين مان هليو وڃيو آنڊي ۾ سڻڀ کي هضم ڪرڻ لاءِ
سھڙي، ته باقي پيو پتي جي ڳوٿريءَ
(Gall bladder)
۾ بچت ٿئي. وري جو آنڊي مان ”پورٽل“ نس هضم ٿيل
کاڌو کنيو اچي، ته ”چوڪس گھرڙا“ هڪدم چوڪسيءَ کي
لڳيو وڃن - ته ڪو زهري جزو ته نه آيو، و اندر وڃي
وڻاءُ ڪري! (ثابت ٿي چڪو آهي ته سنکيو يا ڪو ٻيو
زهر بدن ۾ داخل ٿيو، ته جيري جي انھن چوڪس گھرڙن ۾
ضرور لڀندو) جڏهن اها خاطري ٿي رهي، تڏهن جيرو
گلوڪوز مان ”گلائڪوجن“
(Glycogen)
ٺاهيو، اها ته وڃيو آئيءَ ويل
لاءِ سانڍي، ۽ پوءِ جيتري گلوڪوز مشڪن کي ڪم ڪرڻ
لاءِ کپي، اوتري ٺاهيندو موڪليندو وڃي؛ رت مان
گلوڪوز کٽي نه آهي، بک لڳي نه آهي.
جيرو، پروٽينس جون امائينو ائسڊس جيڪي بدن جي مرمت يا نون گھرڙن
جي ٺاهڻ لاءِ کپن، تن کان سواءِ ٻين جي نائٽروجن
ڪڍي، ”يوريا“
(Urea)ٺاهيو،
بُڪين جي وسيلي، پيشاب ۾ ڪڍيو ڇڏي. ڇاڪاڻ ته اجائي
نائٽروجن بدن لاءِ خراب آهي؛ نائٽروجن جي نڪرڻ
بعد، باقي امائينو ائسڊس جا وڃيو اهي جزا رهن
،جيڪي مٺاڻ ۽ سڻڀ ۾ ٿيندا آهن؛ تن مان ڪجھه جلائي،
طاقت پيدا ڪري؛ ۽ باقي کنڊ - جيڪا ڪم نه اچي -
پيشاب ۾ خارج ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح، جيرو پروٽين
مان به گلوڪوزٺاهيو وجھي. مطلب ته جي ذيابيطس وارو
ماڻھو رڳو پروٽينس - يعني گوشت، مڇي، بيضا، وغيرھ-
کائيندو، ته به جيري جي ڏيکاريل عمل ڪري، پيشاب ۾
گلوڪوز نڪرندي رهندي - ڀل ته هو مٺاڻ واريون شيون
نه به کائي. ٻيءَ صورت ۾، جيڪڏهن ڪو چڱو ڀلو رڳو
پروٽين تي گذر ڪندو، ته به جيرو گلوڪوز پيدا ڪري
ان کان جلائو ڪم وٺي ڇڏيندو. جيتوڻيڪ ان حالت ۾
جيري جو ڪم گھڻي قدر وڌي ويندو، ان ۾ شڪ ڪو نه
آهي.
سڻڀ مان پرايل فئٽي ائسڊس ، جيڪي سگھه ڏيڻ لاءِ خرچ ٿين - باقي
ٻين سان جيرو وري گلسرين ملائي، بدني چرٻي ٺاهيو،
ڪجهه پاڻ وٽ ترت ڪمن لاءِ سانڍي، ڪجھه بدن ۾ واپس
موڪليو ڇڏي. بدن ۾ چرٻي
(fat)
کل جي اندر وکن ۾ ڀربي رهندي
آهي؛ پيٽ جي چمڙيءَ ۾ ته ڪيتري ماپي سگھندي آهي،
جنھن ڪري پيٽ نڪري پوندو آهي. پيٽ نڪرڻ چڱو نه
آهي.
وٽئمن”اي“ ٺاهڻ ۽ سانڍڻ به جيري جو ڪم آهي. جيري جي بيمارين ۾
وٽئمن”اي“ جي ڪميءَ جون نشانيون ضرور ڏسبيون.
2. لبلبي يا شيردان
(Pancreas)
هيءُ هڪ غدود آهي، جو ڇھه انچ کن ڊگھو ۽ ڏيڍ انچ ويڪرو، معدي جي
هيٺينءَ ڪنار جي پٺيان هوندو آهي. منجھس هڪ هاضم
رس جڙندي آهي، جا سندس ناليءَ مان هلندي، جيري مان
ايندڙ پت جي ناليءَ سان ڳنڍجي، اچي ننڍي آنڊي جي
پھرئين ڀاڱي ”ڊيوئوڊينم“ ۾ کلندي آهي، جتي ٻئي
رسون گڏجي هاضمي جو ڪم ڪنديون آهن. لبلبي جي رس ۾
چار نرالا هاضم جزا ٿيندا آهن. (1) ٽرپسن، (2)
امائلاپسن، (3) سٽيئپسن، ۽ (4) رينن – جن کان اڳي
ئي اوهين واقف ٿي آيا آهيو.
مٿين هاضم رسن کان سواءِ، لبلبي ۾ هڪ اندروني ڳجھي رس به ٺھندي
آهي، جا ڪنھن نليءَ رستي ڪنھن خاص مقرر هن تي ڪا
نه وڃي پوندي آهي، پر لبلبي مان رت واپس نيندڙ نس
۾ کڄي، ساري بدن ۾ پکڙي ويندي آهي. اها رس، گلوڪوز
کي بدني اوڄن ۾ جلڻ لاءِ تيار ڪندي آهي.
اوهان کي خبر آهي ته باهه ٻارڻ ۾ به تجويز کپي.
ڪاٺين کي اهڙيءَ طرح ٺاهي اڀوکرو ڪري رکبو آهي، جئن سندن چوڦير
توڙي اندر به هوا موجود هجي، جنھن جي آڪسيجن هرطرف
کان وچڙي باهه کي تيزي ڪري، ۽ ڪاٺين کي زور سان
ٻاري. بعضي ته اڃا به ڪو ٻيو بندوبست ڪرڻو پوندو
آهي – جئن ته گاسليٽ وجھڻ، يا وڃڻو هڻڻ، وغيرھ.
ساڳيءَ طرح، بدن ۾ آڳ جلائڻ لاءِ بندوبست کپي؛ جو
ڪنھن حد تائين هيءَ لبلبي جي ڳجھي رس ڪندي آهي،
جنھن کي ”انسيولن“
(Insulin)چئبو
آهي. انسيولن جي غيرموجدوگيءَ ۾، ڪيتري گلوڪوز
بيڪار پيشاب ۾نڪري ويندي آهي. انهيءَ حالت کي مٺن
پيشابن جي بيماري چوندا آهن، جنھن جو طبي نالو
”ذيابيطس“
(Diabetes)
آهي.
بدن ۾ ٻيا ڪيترا اهڙا غدود آهن، جي ڳُجھيون رسون ٺاهين ٿا -
انھن ”ري ناليءَ غدود“ چئبو آهي - سندن رسن جو ڪم
نھايت دلچسپ آهي، جو اڳتي ايندو.
باب چوڏهون
رت ۽ رت جو دورو
جيتامڙي يا ٻين هڪ گھرڙين جانورن ۾ رت ڪو نه ٿئي. اوهان کي ياد
هوندو ته جيو - گھرڙي جي ماس ۾ باريڪ نھرا ذرڙا
ٿين ٿا، جي هر وقت چُرندي ڦرندي سندس ذري ذري کي
خورش ڏيندا رهندا آهن. اهو کاڄ ورڇڻ جو اوائلي
نمونو، نيٺ چوپاين جانورن ۾ وڃيو مڪمل دوري جي
صورت وٺي.
سچ ته جياپي جو راز رت ۾ سمايل آهي:
رت سوا نه ست نه ساهه. مغز جو ڪاروبار ته ايترو
نفيس آهي، جو جي هڪ منٽ تازي آڪسيجن وارو رت نه
پھچيس ، ته اهڙو بيسرت ٿي پوندو، جو هوش ئي خطا.
جي رت ڇڊو ٿيو، يا ٻي ڪا ڪمي منجھس آئي، ته نه رڳو
بت نست ۽ نٻل ٿي ويندو، پر مغز به موڳو ٿي گوماٽجي
پوندو. ٻه ٽي منٽ ساهه نه کڻجي، ته حياتي ئي پوري
- ڀلا بدن جو ڪاروبار آڪسيجن سواءِ ڪئن هلي! ۽ جي
هڪواريءَ سلسلو ٽٽو ، ته پوءِ وري ٺهڻ يا نصيب!
حياتيءَ ۽ موت. ۾ فرق ته ايترو آهي جي بدني چرخو
هلي پيو ته حياتي آهي، نه ته موت سچ ته حياتيءَ جي
نهر ”رت ئي آهي. رت ويو، ته جان وئي.
1. رت
رت جي بناوت. رت هڪ ڳاڙهي، پاڻيءَ کان گھاٽيرڙي، غيرشفاف ۽
کاريرڙي رطوبت آهي، جنھن جي وسيلي بدن جي ذري ذري
کي خورش ۽ آڪسيجن ملي ٿي، ۽ بدن جا نڪما جزا کڄي ،
نيڪال ڪندڙ عضون جي معرفت، بدن مان خارج ٿين ٿا.
اسان جي جياپي، سگھ ۽ تندرستيءَ جو مدار رت تي ئي
آهي، جو دل جي زور تي لاڳيتو، بنا بيھڻ جي بت جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان ڦرندو، ضروري شيون پهچائيندو ۽ ردي
شيون واپس کڻندو، هلندو هلي.
رت جي ڦڙي کي باريڪ - بينيءَ جي هيٺان تپاسڻ سان معلوم
ٿيندو ته رت چئن شين جو ٺھيل آهي. (1) پاڻياٺي
رطوبت، (2) ڳاڙها گھرڙا،(3) اڇا گھرڙا ۽ (4) ريزا.
1. پاڻياٺي رطوبت
(Plasma)
پلازما هلڪي پيلي رنگ جي پاڻيٺ آهي، جنهن ۾ ٽن
قسمن جون پروٽينس آهن. 1. ائلبيومن، 2. گلابيولن
(Globulin)
3. فائيبرنوجن
(Fibrinogen).
انھن کان سواءِ، هاضمي مان پرايل گلوڪوز، امائينو
ائسڊس، فئٽي ائسڊس، معدني جزا، ۽ وٽئمنس، به سڀ
پلازما ۾ گڏيل رهن ٿا. وري بدن جا نڪما ، بلڪ زهري
جزا يوريا ، بورڪ ائسڊ وغيرهبه هن ۾ ئي هوندا
آهن، جي بڪين مان لنگھندي نڪري ويندا آهن.
2. ڳاڙها گھرڙا
(Red Blood Corpuscles)
هي بلڪل باريڪ ستارن وانگر گول ٽڪين جھڙا ٿيندا
آهن، جن جو قطر 7 - 8 مائڪرون ٿيندو (هڪ مائڪرون
برابر آهي ( ڀاڱي 1000 ملي ميٽر جي) .وچ ۾ پترا، ۽
ڪناري کان ٿلھڙا، ۽ اهڙا ته سنھڙا ٿين، جو رت جو
ڪعب ملي ميٽر ۾ اڌ ڪروڙ اچي وڃن! سندن جسم ۾ ڳاڙهي
رنگ جي ڳر ڀريل ٿيندي آهي، جنھن کي ”هيمو گلبوبن“
(Hemoglobin)
چئبو آهي.اها هيموگلوبن فولاد سان ڀرپور هوندي
آهي، جنھن ۾ اهڙي ته خاصيت رکيل آهي، جو جتي
آڪسيجن گھڻي هجي اتان کڻي وٺي ، ۽ جتي گھٽ هجي اتي
ڏئي ڇڏي؛ ۽ انھيءَ خاصيت ڪري، آڪسيجن ڦڦڙن مان کڻي
بدن ۾ ڇڏي، ۽ بدن مان ڪاربانڪ ائسڊ گئس کڻيو اچيو
ڦڦڙن ۾ ڪڍي - ڇاڪاڻ ته آڪسيجن وانگر ڪاربانڪ ائسڊ
گئس به کڻي ۽ ڏيئي سگھي ٿو.
هيمو گلوبن جنھن مھل آڪسيجن سان ڀريل هوندي آهي، تڏهن
ان کي ”آڪسي هيمو گلوبن“
(oxy hamoglobin)چئبو
آهي- يعني شرياني رت ؛ جڏهن ڪاربانڪ ائسڊ گئس
پيل هوندو اٿس، تڏ ”ڪار باڪسي هيمو گلوبن“
(Carboxy – hamoglobin)
چئبو اٿس – يعني نسن جو رت.
رت جا ڳاڙها گھرڙا هڏن جي گودي
(Bone marrow)مان
جڙندا آهن. جي اوچتو ڳچ رت بدن مان نڪري ويو، ته
گودو هڪدم اڪيچار گھرڙا ٺاهي، کوٽ ڀريندو رهندو
آهي – جيسين اوڻائي ڀرجي. اٺ ڏهه هزار فوٽ مٿي ،
ڪنھن جبل تي رهڻ ڪري به ، تيزيءَ سان ڳاڙها گھرڙا
جڙڻ لڳندا آهن. ڳاڙهي گھرڙي جي عمر ٽي چار مھينا
ٿيندي آهي؛ پوءِ سندس هيمو گلبون گئسن کڻڻ جي ڪم
کان ٿڪجي پوندي آهي. تلي
(Spleen)
جا پيٽ ۾ کٻي پاسي کان هوندي آهي، سا پراڻن
ڪارپسڪلس کي نروار ڪري، جيري ڏانهن موڪلي ڏيندي
آهي. جتي هو سندس هلڪي ڳاڙهي رنگ مان فولاد ڪڍي ان
کي پيلو ڪري، پت ٺاهي ، کانئس سڻڀ کي هضم ڪرڻ جو
ڪم وٺندو آهي.
نرين جا گُودا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. ڪن نرين جو گودو نرم ۽
رتائين رنگ جو ڏسبو، جنھن مان ڳاڙها گھرڙا جڙن ٿا؛
پوءِ وري جئن جانور عمر ۾ وڌندو وڃي، تئن سندس
هڏين جو گودو به ڦري اڇي رنگ جو، چرٻيءَ وانگر ٿيو
پوي ۽ نرمائش ڇڏيو، پانديءَ وانگر ٿيو پوي. اهڙي
گودي ۾ ، ڳاڙهن گھرڙن ٺاهڻ جو ڪم به ڪو نالي ماتر،
ٿيو نه ٿئي جھڙو.
3. رت جا اڇا گھرڙا
White blood Corpuscles
هي تعداد ۾ ڳاڙهن کان گھڻو گھٽ ٿين. تندرستيءَ جي حالت ۾ ته پنج
سئو ڳاڙهن ۾ هڪ اڇو ڏسبو. البت ، جي ڪو عضوو سڄي
پيو ، يا ڪٿي ڪا ڦرڙي نڪتي ، ته تمام گھڻو وڌي
ويندا. ٽيھوڻا، چاليھوڻا اڃا به زياده هن مان ظاهر
آهي ته اسان جي فوج جا سولجر اهي ئي آهن - جي مرض
سان مقابلي لاءِ وڌيو وڃن. ڳاڙهن کان البت وڏيرا ۽
مڪمل جيتامڙي وانگر ٿيندا آهن - ”نيوڪليس“ سميت
چُرندي پُرندي ، جيوڙا به جھليندا کائيندا وتندا
آهن.
اڇن گھرڙن جا نمونا چار پنج ٿين، ۽ هر هڪ جو ڪم نرالو: هڪڙا اهڙيون شيون پلازما ۾ اڇليو ڇڏين، جي خطرناڪ جيوڙن
کي منجھائي موڳو ڪريووجھن؛ ٻيا وري جيوڙن جي پيدا
ڪيل زهرن کي بيڪار ڪرڻ لاءِ ترياق ٺاهين؛ ٽيان ته
بنھه - جئن جيتامڙو کاجھ جو ذرو هٿ ڪري کائي، تئن
-گوماٽيل جيوڙا جھليو، کايو ڇڏين!
جيوڙن ۽ اڇڙن جي لڙائي، باريڪ - بين جي هيٺان چٽيءَ طرح ڏسي
سگھجي ٿي. البت لڙائيءَ ۾ اڇا گھرڙا مرندا به خوب
آهن. جيڪا ڦرڙيءَ مان پون نڪرندي آهي، سا، باريڪ –
بين تي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته اڇن ذرڙن جي مئل
لاشن سان ڀرپور آهي. جي جيوڙو زور ڀريو ته هوندو ،
ته اها لڙائي مڪاني هوندي – جئن موهيڙي ۾؛ پر جي
دشمن خطرناڪ هوندو، ته رت ۾ گھڙي پوندو؛ پوءِ ته
بدن جي هر هڪ اڇي گھرڙي کي لڙڻو پوندو، جئن ماتا ۾
ٿيندو آهي - اهڙين حالتن ۾ تپ به ٿيندو آهي، جنھن
جو مقصد فقط جيوڙن کي مارڻ جو ئي هوندو آهي.
اڇن گھرڙن جا پنج قسم ٿيندا آهن، جن مان مکيه ٻه آهن.
(1) پاليمار فرنيو ڪليئر
(Polymorph nuclear)- يعني ته گھڻن نيوڪليس وارو گھرڙو. هي گھرڙا ڳاڙهن گھرڙن وانگر
گُودي ۾ جڙندا آهن، ۽ جيتامڙي وانگر چرندا ڦرندا
جيوڙا يا ٻيو ڪچرو کائيندا وتندا آهن.(2) لمف
گھرڙا
(Lymphocytes).
هي تليءَ ۽ لمف گلئنڊس ۾ جڙندا آهن؛ جڏهن پراڻا
ٿين ته پلازما جي گلابيولن هنن مان ٺھندي آهي.
ريزا
(Blood Platelets).هي ڳاڙهن گھرڙن کان به گھڻو باريڪ ٿيندا آهن ۽ گودي مان جڙندا
آهن.
سندن ڪم آهي رت کي ٻَجهائي ڳنڍو ڪرڻ.جڏهن به زخم ٿيڻ ڪري ڪٿان
رت نڪتو، ته ٿوري وقت ۾ ان جاءِ تي رت ٻجھي ڪڙي
ٺاهي وجھندو آهي، جنھن جي ڪري ئي رت نڪرڻ کان
روڪجي پوندو آهي. اها قدرتي رت جي بچاءَ جي طاقت
جن ماڻھن ۾ گھٽ هوندي آهي، تن جو رت جھلجڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي پوندو آهي -بعضي ته رت ڇڏي ڇڏي مري به
ويندا آهن.
رت جو ٻجھڻ
Clotting of Blood
رت ڄمي ڇو ٿو. نلين کان رت ٻاهر نڪتو ته ڄميو - جي ائين نه
ٿئي، ته جيڪر ٿورو ئي زخم اسان لاءِ موتمار ثابت
ٿئي. بعضي، جي آڱر ڪپجي پوندي آهي ته رت هڪدم نڪرڻ
شروع ٿيندو آهي. پر پوءِ جھڪو ٿيندي بند ٿي ويندو
آهي. انھيءَ وقت جي چهڪ ۾ خيال سان ڏسبو ته منجھس
ڄميل رت جي ڪچي ڪڙي ڏسڻ ۾ ايندي، جا رت کي وهڻ کان
روڪڻ لاءِ هڪ قدرتي ٻنڊي جو ڪم ٿي ڏئي. جي اتفاق
سان اها نڪري پئي، ته رت وري سمڻ شروع ڪندو....
جيسين وري رت ٻجھي ٻي ڪڙي ٺاهي. زخمن جا حالت ۾،
جي منجھن ڪو جھميل رت ڏسڻ ۾ اچي ته ان کي بلڪل نه
اٿيڙجي؛نه ته رت ٻيھر وهڻ شروع ڪري ڏيندو ۽ ناحق
زيان ٿيندو. ان ڪري، زخم جي مٿان پاڻ ڪو صاف پھو
رکي پٽي ٻڌي ڇڏجي، ته کرنڊ قابو هجن - جيسين قدرت
زخم ميٽي ۽ چمڙيءَ کي رفو ڪري.
ڪن ماڻهن کي ڇِٽي رت جي هڪڙي بيماري به ٿيندي آهي، جا موروثي
هلي هلندي آهي:
ٿئي ڌيءُ جي اولاد ۾، پر رڳو پٽن کي -ان کي
”هيموفليا“
Hemophilia
چئبو آهي. شل نه ڪو اهڙن بيمارن کي ڪٿان رت، نڪري،
پوءِ جھلجي ڇو ٿو!
رت ڄمي ڪئن ٿو.
رت جي ٻجھڻ ۾ ڪھڙي مصلحت آهي، سا اوهان سمجھي. هاڻي ڏسڻو آهي ته
رت ۾ ڪھڙي ڦيرڦار ٿي ٿئي، جا کيس ڳنڍو ڪيو ڇڏي. رت
جي پلازما ۾ هڪڙي پروٽين ٿيندي آهي، جنھن کي ”فائي
برنوجن“ چئبو آهي. فائي برنوجن ۾ اهڙي خاصيت آهي،
جو رت نليءَ مان نڪري ڪنهن به ڌاريءَ شي – مثال
چمڙيءَ – سان لڳي، ته هڪدم تارون تارون ٿي ڪوريئڙي
جھڙي ڄاري ٿي پوندي. انهيءَ ڄاريءَ جي سوراخن ۾ رت
جا گھرڙا ڦاسندا ويندا. جڏهن ڳچ گڏ ٿيا، ته ڄاري
انھن کي سوگھي ڪرڻ لاءِ وٺي سيٽبي – جئن ڪا شي مٺ
۾ ڀيڙجي - ۽ رت جو ڳنڍڙو ٺھي پوندو.ڳنڍي ٻڌجڻ بعد
پلازما مان هڪ هلڪي پيلي رنگ جو ڇٽڙو پاڻيٺ سِمي
نڪرندو، جنهن کي ”سيرم“
(Serum)
چئبو آهي. مطلب ته ڳنڍڙو جڙي ٿو فائيبرن ۽ رت جي
گھرڙن جو . پلازما مان فائي برنوجن نڪتي، ته باقي
رهندو سيرم. اوهان، جي خيال سان ڏٺو هوندو، ته
زخميل جاءِ تي ڪچي ڪڙيءَ جي ٻڌجڻ بعد اهو سيرم به
ٿورو سمندو نظر آيو هوندوَ.
رت مان فائيبرن ڌار ڪرڻ
(Defibrination of blood)
تازي نڪتل رت مان جي فائيبرن ڪڍي ڌار ڪبي، ته رت نه ڄمندو.
تجربو –
تازو نڪتل رت ٻن پيالين ۾ وٺو. هڪڙي پياليءَ واري رت کي هڪ
شاخدار ڇانڀي سان منڌيئڙي وانگر ڦيرايو. ٿوري وقت
۾ رت مان سنھيون تارون ڇانڀي تي اٽڪڻ شروع ڪنديون
- اهي آهن فائيبرن جون تارون. جي اها فائيبرن ساري
رت مان ڪڍي، وٺبي ته رت اصل ڪين ڄمندو. هيل تائين
ٻيءَ پياليءَ وارو رت ڄمي ٽڪي ٿي ويو هوندو، ۽ جي
پياليءَ کي اٿلائبو ته به ڪين هاربو. ٿوريءَ دير ۾
اهو ڳنڍو سوٽ ٿي سيرم نچوئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو ۽ پاڻ
ان ۾ پيو ترندو. فائيبرن نڪتل رت ۾ ڪلاڪ کن کان
پوءِ ڏسبو، ته مٿان سيرم تري ايندو ۽ رت جا نھرا
گھرڙا ۽ ذرڙا وڃي تر وٺندا. هاڻي ته ڪيتريون
اهڙيون دوائون هٿ آيون آهن، جن جي ملائڻ سان
فائيبرن ٺھڻ روڪي سگھجي ٿو: جنهن ڪري رت ڄمي ئي ڪو نه ۽ هڪڙي ماڻھوءَ مان رت ڪڍي،
ٻئي ۾ وجھي سگھجي ٿو. انهيءَ تجويز کي ”بلڊ
ٽرئنسفيويَن“
(Blood transfusion)
چئبو آهي.
شرياني خون
(Arterial Blood)
شرياني خون اهو آهي، جو دل جي کٻي پاسي آهي، ۽ جو شاھ شريان ۽
سندس شاخن ۾ هلي ٿو. هن جو رنگ کھنبو ٿيندو آهي،
ڇاڪاڻ ته آڪسيجن سان ڀرپور هوندو آهي.
نسن جو خون
(Venous Blood)
هي دل جي سڄي پاسي وارو خون آهي، جو ڪاربانڪ ائسڊ گئس سان ڀريل
هوندو آهي؛ ان ڪري سندس رنگ ڪاريرو – ڳاڙهو ٿيندو
آهي.
رت جا ڪم
Functions of blood
(1) ڦڦڙن مان آڪسيجن کڻي بدن کي پھچائڻ، ۽ بدن مان ڪاربانڪ ائسڊ
گئس کڻي ڦڦڙن ۾ ڦٽي ڪرڻ.
(2) هاضمي مان پرايل گلوڪوز، امائينو ائسڊس، فئٽي ائسڊس، وغيره
آنڊي مان کڻي بدني گھرڙن کي پھچائڻ؛ ۽ منجھائن
زهري جزا - جھڙوڪ يوريا، يورڪ ائسڊ، وغيره- کڻي
بڪين کان نيڪال ڪرائڻ.
(3) بدني اوڄن کي ضرورت موجب پاڻي پھچائڻ، بدني تور جو ستر
سيڪڙو رڳو پاڻي آهي. بدني گھرڙن کي چوڦير پلازما
جھڙي رطوبت هوندي آهي، جنھن ۾ پلازما وارا خورش
ڏيندڙ جزا سمي اچي پوندا آهن، جتان هر هڪ گھرڙو
ضروري جزا کڻي وٺندو آهي - هاڻي اوهان کي خبر پئي
ته رت سڌيءَ طرح بدني گھرڙن سان تعلق ۾ ڪو نه ٿو
اچي.
(4) بدني گرميءَ کي هر هنڌ ساڳيو رکڻ.
(5) ري ناليءَ غدودن جون رسون بدني اوڄن کي پھچائڻ.
(6) بدن ۾ داخل ٿيل جيوڙن کي مارڻ ۽ زهري شين کي جيري ۾ پھچائڻ.
2. رت جو دورو
(Circulation of blood)
اوائلي حڪيمن ائين سمجھيو هو ته بدن جو رت هڪڙي هنڌ بيٺو رهي
ٿو، جتان سم جي رستي بدني جزن کي خورش ملندي ٿي
رهي. پوءِ هڪڙي انگريزي محقق ڊاڪٽر هاروي ثابت ڪري
ڏيکاريو، ته رت ڪٿي به بيٺل نه آهي ۽ هميشه چڪر ۾
هلندو وتي
: جنھن کي ”رت جو دورو يا گشت “ چئجي ٿو.
دل
Heart
دل بيضي جي شڪل جھڙي هڪ مضبوط، پوريءَ ۽ خودمختيار مشڪ جي ٺھيل
آهي، جا ڦڦڙن جي وچ ۾، سيني جي تاڪيءَ جي پٺيان،
ٿورو کٻي پاسي اهليل آهي. هن جي دڪ دڪ کٻيءَ
بُبِيءَ جي هيٺان هٿ رکڻ تي آسانيءَ سان معلوم ٿي
سگھندي. دل هڪ سنھي پر مضبوط ٻه - تھي
شڪل 32 . دل جون مکيه رت نليون
ڳاڙهيون نليون شريانيون آهن؛ نيريون، نسون
دل جي کٻي شريان؛ 2. دل جي سڄي شريان؛ 3. شاهه شريان؛ 4. ڦڦڙن
ڏانهن ويندڙ نس؛ 5. مٿين شاهي نس؛ 6. هيٺين شاهي
نس .
پردي ۾ ويڙهيل آهي، جنهن جي تهن اندر ٿورو پاڻيٺ سمندو رهي ٿو -
ان لاءِ ته کيس سوڙهي ۽ ويڪري ٿيڻ ۾ ڪا اٽڪ نه
ٿئي؛ انهيءَ پردي جي وسيلي، پيٽ - ڇھه سان به ائين
جڪڙيل آهي، جو نه هيڏي ٿي سگھي نه هوڏي. دل جي ماپ
لڳ ڀڳ ڀِيڙيل - مُٺ جيتري ٿيندي ۽ منجھس ست اَٺ
آئونس رت جا اچي ويندا.
دل جون ڪوٺيون. دل جو پور ، هڪ مشڪي پردي جي وسيلي ٻن ڀاڱن -
سڄي ۽ کٻي - ۾ وراهيل آهي:
سڄي پاسي نسن وارو رت هوندو اٿس، ۽ کٻي پاسي
شرياني رت. ڏسبو ته کٻو پاسو گھڻو ٿلھو معلوم
ٿيندو - ذري گھٽ ٻيڻو. ان جو سبب هي آهي، جو سڄي
پاسي کي فقط ڦڦڙن ۾ رت کي ڦيرائڻو ٿو پوي، پر کٻي
پاسي کي ساري بدن ۾
: ان ڪري ظاهر آهي ته کٻي پاسي کي رت زياده زور سان ڌڪڻو
پوندو، جنھن لاءِ سندس زياده مضبوط ۽ طاقتور هئڻ
به ضروري آهي.
دل جا ، کٻو توڙي سڄو ، ٻئي پاسا وري هڪ پردي جي ڪري ٻن ٻن ڀاڱن
۾ وراهيل آهن، جن مان مٿئين ڀاڱي کي ”ڪنوتي“
(Auricle)۽
هيٺئين کي ”خانو“
(Ventricle)
چئجي ٿو. مطلب ته دل ۾ چار ڪوٺڙيون آهن - هڪڙي
ڪنوتي ۽ هڪڙو خانو سڄي پاسي، هڪڙي ڪنوتي ۽ هڪڙو
خانو کٻي پاسي. ڪنوتين ۾ ٻاهريون رت دل ۾ ايندو
آهي ۽ خانن مان دل ۾ آيل رت ٻاهر نڪرندو آهي. دل
جا سوراخ ۽ سندن ٺھڪڻا. ياد رکڻ گھرجي ته چڪر ڦرڻ
لاءِ رت کي هڪ - طرفو هلڻو پوندو - جھڙو دل مان،
تھڙو رت – نلين مان ؛ اهڙيءَ طرح ، جو جتان چڪر
شروع ڪري اتي چڪر پورو ڪري وري اچي پھچي. ڀلا جي
نار ابتو به ڦري سبتو به، ته جيڪو هڪڙي ڦيري سان
پاڻي لوٽين ۾ ڀربو، سو وري ابتي ڦيري سان وڃي کوهه
۾ پوندو - نيسر ۾ ته ڪو لڙيو پاڻي پيو نه پئي
جھڙو. انهيءَ مشڪلات کي منھن ڏيڻ لاءِ، کوهه جي
چڪر ۾ هڪڙي ٺھڪڻ ڏنل هوندي آهي، جا نار جي ڍينگي
کي هڪ طرف هلڻ ڏيندي، پر ابتو ڦرڻ نه ڏيندي. ساڳي
تجويز دل جي ڪوٺڙين ۾ رکيل آهي.
سڄي پاسي جي ڪنوتيءَ ۽ خاني جي وچ ۾ هڪڙو سوراخ آهي،
جنھن مان رت ڪنوتيءَ کان خاني ۾ ايندو آهي. انھيءَ
سوراخ جي منھن تي هڪڙو ”ٺھڪڻو“
(Valve)ٿيندو
آهي، جنهن ۾ ٽي پترا
(Cusps)هوندا
آهن، ان ڪري ان کي ”ٽه پترو ٺھڪڻو“ چئبو آهي.
ٽرائڪسپڊوالو، جي ڪري، ساڄي خاني ۾ آيل رت، ساڄيءَ ڪنوتيءَ ۾
موٽي نه سگھندو. ساڳيءَ طرح کٻي پاسي واري سوراخ
تي هڪ ”ٻه پترو ٺھڪڻو“
(Bicuspid valve)
آهي، جنهن جي ڪري کاٻي خاني وارو رت کاٻي ڪنوتيءَ
۾ موٽي نه سگھندو.
ساڄي خاني ۾ آيل رت، هڪڙي ويڪري نليءَ جي وسيلي، ڦڦڙن ۾
صاف ٿيڻ لاءِ ويندو آهي، جنهن کي ”ڦڦڙن
1. بدن جو دورو
2. ڦڦڙن جو دورو
3. جيري جي شريان؛4
.آنڊن ڏانھن شريان؛
5.آنڊي مان هضم ٿيل جزا کڻي جيري ڏانھن ويندڙ نس؛
6.جيري جو دورو.
7.بڪيءَ جو دورو؛8.ٽنگن جو دورو. 9.سسيءَ جو دورو:ک ڪ
=کٻي
ڪنوتي؛س ڪ
=سڄي
ڪنوتي؛ ک خ= کٻو خانو؛ س خ
= سڄو خانو.
واري شريان
(Pulmonary artery) چئبو آهي.ڦڦڙن واري شريان جي منھن تي به هڪڙو ٺھڪڻو آيل آهي،
جنھن ۾ ٽي ڪپيون (پياليون) ٿينديون آهن. اهي
ڪپڙيون رت کي خاني ۾ موٽڻ نه ڏينديون آهن. ڇاڪاڻ
ته جي شريان ۾ ويل رت موٽڻ جي ڪئي،ته ڪُپڙين جي
ڀرجڻ ڪري سوراخ به ڀرجي پوندو - انهيءَ ٺھڪڻي کي
”ڪُپڙيو ٺھڪڻو“
(Semilunar valve)چئبو
آهي. ساڳيءَ طرح کاٻي خاني ۾ ڦڦڙن مان صاف ٿي آيل
رت، ”شاهي شريان“ جي وسيلي، ساري بدين کي خورش
ڏيڻ لاءِ نڪرندو آهي. انهيءَ شريان جي منهن تي به
اهڙو ئي ڪُپڙين وارو ٺھڪڻو
(Semi lunar valve
ٺھڪيل آهي، جو شريان ۾ داخل ٿيل رت کي وري دل ۾
موٽڻ کان روڪيو ڇڏي.
دل جو ڪوئجڻ ۽ کلڻ
(Systole and Diastole of heart)
دل جو ڪم به ڌوڻيءَ وانگر آهي. جڏهن لھار جي
ڌوڻيءَ جي لٺ کي هيٺ ڇڪبو آهي، ته ڌوڻي کلي هوا
سان ڀربي آهي؛ وري جڏهن ڍر ڏبي اٿس، ته ڌوڻيءَ جي
ٻوٽجڻ ڪري، سندس منھن مان هوا زور سان ٻاهر نڪري
باهه کي تيز ڪندي آهي. دل به ساڳيءَ طرح ويڪري ٿي
رت سان ڀرجي، وري ڀڪيڙجي رت کي ٻاهر ڌڪيو ڇڏي -
اهڙيءَ طرح 70، 80 دفعا منٽ ۾ سُسندي ۽ ڦُنڊندي
رهي ٿي.
دل جي رفتار
(Rate of heart – beat) جوان ۾ دل سراسر 72 ڀيرا ڪوئجي ۽ کلي ٿي؛ ٻار ۾ 130 ڀيرا، جن
ماڻھن جي دل جي رفتار 50 ، 60 منٽ ۾ هوندي، سي
ڊوڙڻ يا پھلوانيءَ جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي سگھن ٿا.
نيپولين بونا پارٽ جي رفتار فقط 40 هئي – يعني ته
سندس دل جي مشڪ ايتري قدر مضبوط هئي، جو جيڪي هن
جي دل هڪڙي نپوڙي سان ٿي ڪيو، سو رواجي ماڻھو ٻن
سان ٿو ڪري. هيءَ وڏي ڳالھه آهي، جنهن جي اهميت
شايد پوري طرح اوهان جي ذهن نشين نه به ٿئي. جانور
جئن ننڍو، تئن سندس دل جي رفتار زياده. ابابيل
جھڙي ننڍڙي پکيءَ جي رفتار 1000 ڀيرا، ته هاٿيءَ
جي فقط 25.
دل ، ڪوئجڻ وقت، جڏهن زيادھ رت شريانن ۾ ٿي ڌڪي، تڏهن
ڪنھن به مٿڇريءَ شريان تي هلڪيءَ طرح آڱرين رکڻ
سان معلوم ٿيندو ته شريان رت جي زور تي ويڪري ٿي
ڄڻڪ ٽپي ٿي. انهيءَ تحرڪ کي ”نبض“
(Pulse)
چئجي ٿو.نبض عام طرح ڪرائيءَ واري شريان تي ڏسبي
آهي، ڇاڪاڻ ته نه رڳو اها جاءِ آسان آهي، پر شريان
به بنھه چمڙيءَ سان ڍڪيل هئڻ ڪري بلڪل ظاهر آهي،
جنھن جي ڪري نه رڳو نبض جي رفتار پر سندس ٻين
ضروري خصلتن جي خبر به پوري ملي ٿي سگھي. ظاهر آهي
ته دل جي زور ۾ هوندي ته نبض به چڱو اٿندي، نه ته
جھيڻي هلندي رهندي. ان ڪري نبض مان دل جي طاقت جو
چڱو اندازو ڪري سگھجي ٿو.
رت جو داٻ
Blood Prcssure
فٽ بال ۾ هوا ڀرڻ سان اوهين منجهس هوا جو داٻ
وڌائيندا رهو ٿا، جيتري قدر سندس بلئڊر ۾ هوا
زياده ڀربي، اوترو سندس چم زياده سوٽ ٿيندو ويندو.
مطلب ته فٽ بال جي اندر هوا جو داٻ ڪيترو آهي،
انهيءَ جو اندازو اوهين سندس ديوار جي سوٽ يا
ڦنڊيل هئڻ مان ڪري سگهندا. ساڳي حالت اسان جي دل ۽
سندس شريانن جي آهي:پمپ جو ڪم دل ٿي ڪري، فٽ بال
جي عوض رت- نليون آهن، ۽ هوا جي بجاءِ رت. جئن پمپ
بال جي ڦڪڻي کي ڀري ٿو، تئن دل رت- نلين کي: ۽
ساڳيءَ طرح رت – نليءَ جي ديوار جي ٽاٽآئيءَ ۽
نرميءَ مان چئي سگهبو ته رت ڪيتري زور سان هلي
رهيو آهي، يعني ته سندس داٻ ڪيترو آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته دل، واري سان سسندي ۽ ڦنڊندي ٿي رهي.
ظاهر آهي ته سسڻ مهل دل جو داٻ ضرور وڌندو، جنهن
جي ڪري ئي رت دل مان ڌڪجي شريانن ۾ ويندو، ۽ ساڳئي
وقت نبض جوداٻ به زياده ٿيندو ڇاڪاڻ ته منجهس
زياده رت ڌڪجي داخل ٿيندو ۽ شريان جي ديوار ئي سوٽ
ڪندو:انهيءَسسڻ يعني سسٽليءَ جي داٻ کي ”سسٽالڪ
پريشر“systolic
Pressure
چئبو آهي ۽ ڦنڊڻ واري وقت جي گهٽي لپريشر کي
”ڊئسٽالڪ پريشر“.Diastolic
pressure
ڄاول ٻار جو پريشر 40، مهيني کانپوءِ 80، ٻارهين سال100، اررهين
سال 120، پوءِپنجوهين ورهين کان مٿي پريشر تمام
آهستي وڌندو -سال ۾ اڌ درجو کن. پنجاهه سٺ ورهين ۾
جي 135 هجي ته دستوري چئبو پر ويهن ٽيهن واري لاءِ
گهڻو. ورزش ۾ 180 ٿي وڃي؛آرام ۾ 20 -30 درجا گهٽ
ٿئي. خوفناڪ خوابن ۾180 -200 ٿي وڃي.
جوان ۾سسٽالڪ پريشر 120 درجا ۽ ڊائسٽالڪ 80درجا هوندو آهي.
پيريءَ ۾ جئن رت - نليون لچڪ ڇڏينديون وينديون
آهن، تئن بلڊ پريشر به وڌندو ويندو آهي- ۽ دل
پريشر تي غالب پوڻ لاءِ زياده زور لڳائيندي
لڳائيندي ڪنهن مهل ٿڪجي بيهي به رهي!
دل جا آوازHeart Sounds
. کٻي ببيءَ کان انچ کن هيٺ ڪن رکڻ سان دل جي هلڻ
جي دڪ دڪ ٻڌي سگهبي، ٿورو وٿير ڪا ٻه آواز ۽ پوءِ
ٿوري ماٺ، وري ساڳي ڪار. پهريون آواز تکو ۽
ڊگهيرو” لُوو”ب“ وانگر ٻڌبو ۽ ٻيوخفيف ”ڊَپِ“ جهڙو
معلوم ٿيندو. پهريون آواز دل جي خانن جي ڪوئجڻ ۽
باڪسپڊ ۽ ٽرائڪسپڊ والوز جي پورجڻ ڪري پيد ٿو ٿئي
۽ ٻيو آواز سيمي ليونر والوز جي بند ٿيڻ سبب. جڏهن
اهي والوز خراب ٿي پوندا آهن ۽ برابر بند نه ٿيڻ
ڪري ٿورو يا گهڻو رت منجهائن موٽ کائيندو آهي،
تڏهن دستوري آواز به قانون کان نڪري ويندا آهن،
جنهن مان چڱيءَ پَر اندازو ڪري سگهبو ته ڪهڙو والو
خراب ٿيو.
دل جون تنتون.(cardiac
nerves) اوهان کي خبر آهي ته مشڪن کي ڪم ڪرڻ جي طاقت تنتن کان ٿي
ملي.تابعدار مشڪن جي حالت ۾ اها طاقت فقط ڪنهن ڪم
جي ارادي ڪرڻ سان ئي تنتن جي وسيلي انهن مشڪن کي
پهچيو وڃي، جن کي ڪم ڪرڻو هوندو؛ پر خود مختيار
مشڪن جي حالت ۾ اسان جي خواهش ڪجهه به نٿي ڪري.دل
ته هڪ اهڙو عضوو آهي جنهن جي مشڪي اوڄي ۾ ئي، قدرت
تنتن جي صفت سميٽي ڇڏي آهي. جي دل ڏانهن ويندڙ
تنتون ڪتري ڇڏجن، ته به دل پئي هلندي، پر قدرت دل
جو انتظام مغز جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان ٻن
قسمن جون تنتون کيس پهچن ٿيون - (1) رفتار
گهٽائيندڙ تنتون - هي ڪيپراٽيءَ واري ڏهين تنت
ويگس جي معرفت دل کي پهچن ٿيون؛(2) رفتار
وڌائيندرتنتون - هي سمئٿيٽڪ سرشتي جي معرفت. ڏسو
صفحو (89)
رت – نليونBlood Vessels
رت نيليون مکيه چئن نمونن جون آهن: (1) شريانيون، (2) سنهيون
شريانيون،(3) وار- نليون، ۽ (4)نسون.
(1) شريانيون
(arteries)
. شريانيون ڪيترين ئي ماپن جون
ٿين ٿيون. سڀني ۾ ويڪري آهي شاهه شريان جنهن مان
کٻي خاني وارو رت بدن کي خورش ڏيڻ لاءِ نڪري ٿو، ۽
ٻي آهي ڦڦڙن واري شريان جا سڄي خاني وارو رت ڦڦرن
ڏانهن موڪلي ٿي. ٻئي قطر ۾ انچ کان به سجيهڙيون
ٿينديون. اڳتي هلي ٻئي شريانيون وڻ وانگر شاخون
ڏينديون وڃن.
شاهه شريان دل جي کٻي خاني مان نڪرڻ بعد ٿورو اڀو مٿي
هلي، ور کائي ونگ ٺاهي ٿي ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي جي اڳ
کان لهي، سيني ۽ پيٽ ۾ هلندي چيلهه جي چوٿين
ريڙهه وٽ ڦٽيو ٻه شآخون ٿيو پوي، جي نيٺ وڃيو ٻن
ٽنگن ۾ سهڙن، ۽ اهڙي طرح هلندي، سيني، پيٽ، ڍاڪ،
ٽنگن ۽ پيرن جي ذري ذري کي سندس شاخون وڪوڙيو وڃن.
شاه شريان جي ونگ مان ٽي وڏيون شاخون نڪرن ٿيون، جن مان ٿورو
اڳتي چڙهي ٽن مان ٿين چار؛ پوءِ ٻه وريو پون ڪڇن
کان ٻانهن ۾، ۽ ٻه ڳچيءَ جي پاسن کان چڙهيو وڃن
منهن ۽ مٿي ڏانهن، جي ڪيپراٽيءَ جي اندر مغز ۾ ۽
ٻاهر ڪنڌ ۾ پکڙجو وڃن.
شريانن جون ديواريون ٿلهيون ۽ مضبوط ٿينديون آهن، منجهن رٻڙ
جهڙو لچڪدار اوڄو گهڻو ۽ خود مختيار مشڪي اوڄو
ٿورو ڪم آيل آهي. سندن اندريون استر هڪ تهه واري
رکوالي پردي جو هوندو آهي. جيئن شريان وڏي تيئن
منجهس لچڪدار اوڄو گهڻو ۽ مشڪي اوڄو ان جي به نسبت
گهٽ. ائين نه سمجهڻ گهرجي ته دل ۽ سندس رت - نلين
۾رت وهي پيو، ان ڪري هنن کي خورش به انهيءَ ئي رت
مان ملندي هوندي! انهن نلين توڙي دل کي رت پهچائڻ
لاءِ بلڪل نراليون رت - نليون هونديون آهن، جيئن
ڪنهن ٻئي بدن جي عضوي ۾ ٿين، جيسين سندن قطر وڃو
هڪ ملي ميٽر ٿئي.انهن کي ” رت - نلين جون رت -
نليون“(vasa
vasorum)
چئبو آهي. وري نه رڳو رت- نلين ۾ پر ويزا ويسورم ۾
به تنتون پکڙيل آهن، جي سندن قطر کي سوڙهو ويڪرو
ڪنديون رهن ٿيون.
(2) سنهيون شريانيون.(Arterioles)
هنن جو قطر هڪ ڀاڱي پنج ملي ميٽر، ۽ مس ڏسي
سگهبيون آهن. سندن ديوار گهڻو ڪري مشڪي اوڄي جي
ٺهيل هوندي آهي؛ لچڪدار اوڄو بلڪل سنهو ۽ اندران
ساڳيو رکوالي پردي جو تهه. بلڊ پريشر تي ضابطو
آرٽيريوليس ۾ ٿيندو آهي.
(3)وار-نليون.(Capillaries)
آرٽيريول کي ڏسبو ته جلد ئي ڪيترين وار - نلين ۾
ورڇجي پکڙجي ويندو. وار- نيلون اڌ کان هڪ ملي ميٽر
ڊيگهه ۾ ٿين، ۽ قطر ۾ مس ڳاڙهي گهرڙي جيڏيون. وار-
نليءَ جي ماپ مان اوهين سمجهي سگهو ٿا ته سواءِ
باريڪ بين جي ڏسي نه سگهبي.سندس ديوار فقط رکوالي
اوڄي جي هڪڙي تهه جي ٺهيل هوندي آهي، جنهن مان
پاڻيٺ، گلوڪوز، امائينو ائسڊس، معدنيات وغيره
سِمي،جيو گهرڙن چوڦير پاڻيءَ ۾ داخل ٿي سگهن ٿا ۽
آڪسيجن جي جذب ٿيڻ ڪري، دوري جو مقصد پورو ٿئي ٿو؛
يعني ته جيو گهرڙن کي پاڻي، کاڌو ۽ آڪسيجن پهچن
ٿا. ۽ سندن ردي جزا ۽ ڪاربانڪ ائسڊ گئس وغيره
نيڪال ٿين ٿا، اها مٽا سٽا شريانن ۾ ٿي نٿي سگهي
ڇاڪاڻ ته انهن جون ديواريون دهريون آهن، جن مان
ڪجهه به سِمي ٻاهر نڪري نٿو سگهي. هو فقط رت کي
نيئي منزل مقصد تي پهچائڻ لاءِ آهن ۽ دل فقط رت کي
ڌڪي هلائڻ لاءِ. ڪم سڄو وار- نيلن وٽ ٿو ٿئي، ۽
آهن به ائين پکڙيل، جو سئي هڻو ته ڪيتريون
کليوپون.
(4) نسون(Veins)
نسون انهن رت - نلين کي ٿو چئجي جي ڪم آيل رت بدني
گهرڙن مان موٽائي دل ڏانهن ٿيون آڻين. هنن جي
ديوار ۾ به ساڳيا شريانين وارا اوڄا ٿين يعني ته
(1) لچڪدار اوڄو، (2) مشڪي اوڄو، (3) رکوالي پردو؛
پر پهريون ۽ ٻيو تهه گهڻو پترا هوندا اٿن، ان ڪري
پنهنجي رفيق شريانين کان سندن ديوار سنهي ٿيندي
آهي جيتوڻيڪ قطر ۾ موڪريون هونديون آهن. ٽنگن ۽
پيٽ وارين نسن جي اندر ته چپي چپي تي ”ٻُنجا“(Valves)
هوندا آهن، جي رت کي فقط دل ڏانهن وڃڻ ڏيندا آهن ۽
پٺتي موٽڻ کان روڪيندا آهن.
ٽنگن ۽ پيٽ جون نسون گڏ جو نيٺ وڇو هڪ وڏي نس ٺاهين
جنهن کي ”هيٺين شاهي نس“(Inferior
Vena Cava) چئبو آهي. ساڳيءَ طرح مٿي، منهن، ڳچيءَ ۽ ٻانهن جون سنهيون
نسون پاڻ ۾ ملنديون، وڏيون ٿينديون وڃيو ٻي وڏي نس
ٺاهين، جنهن کي ” مٿين شاهي نس“(Superior Vena Cava)
سڏجي ٿو - اهي ٻئي پنهنجو موٽايل رت آڻيو دل جي
ساڄي ڪنوتيءَ ۾ ڇڏين.
رت جو دورو
Circulation of Blood
هاڻي ڏسون ته رت جو دورو ڪيئن ٿو هلي.
ساري بدن جو ڪم آيل رت مٿئين ۽ هيٺين شاهي نس جي
وسيلي اچيو ساڄي ڪنوتيءَ ۾ پوي ۽ ان کي ڀريندو
رهي.
شڪل 34. دل ۽ سندس رت - نليون ساري بدن ۾ پکڙيل.
جئن ئي ڪنوتي ڪوئڻ سروع ٿي ڪري، تئن رت ”ٽرائڪسپڊ والو“ مان
لهيو وڃيو ساڄي خاني ۾ پوي. جڏهن نپوڙو اچيو خاني
تائين پهچي ته ٽرائڪسپڊ والو پورجو وڃي. ۽ رت
پلمونري شريان مان ڌڪجيو ڦڦڙن ڏانهن هليو وڃي. اتي
ڪاربان ڇڏي آڪسيجن کڻي چئن نسن جي وسيلي اچيو کاٻي
ڪنوتيءَ ۾ پوي، جتان ”بائڪسپڊ والو“ مان لنگهيو
اچي کاٻي خاني ۾ ۽ اتان شاهي شريان مان نڪري وڃيو
بدن جي پوئواري ڪري، بدن مان وري ٻن شاهي نسن جي
وسيلي موٽيو اچيو ساڄي ڪنوتيءَ ۾ پوي. وري ساڳيا
پير.
هڪڙي ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته دل جي ٻنهي پاسن جو ڪاروبار
ساڳئي وقت ٿيندو ٿو رهي. جڏهن شاهي نسن مان رت
پيو ساڄي ڪنوتيءَ ۾ پوي، تڏهن کاٻي ڪنوتيءَ کي به
ڦڦڙن واريون چار نسون پيون ڀرين. ٻنهي ڪنوتين مان
ٻنهي خانن ۾ رت ساڳئي وقت وڃيو هيٺ پوي. پوءِ ٻئي
خانا گڏجي ساڳئي وقت نپوڙو ٿا ڏين جنهن ڪري ساڄي
پاسي جو رت وڃيو ڦڦڙن جي شريان ۾ پوي ۽ کاٻي پاسي
جو رت شاهي شريان ۾.
مٿئين احوال مان اوهان ايترو پروڙيو هوندو ته رت ٻه چڪر هنيا.
هڪڙو دل جي سڄي پاسي کان ڦڦڙن ڏانهن، آڪسيجن کڻڻ
لاءِ جنهن کي ”ڦڦرن جودورو“(Pulmonary
Circulation)
چئبو آهي ۽ ٻيو دل جي کاٻي پاسي کان بدن جي خورش
لاءِ، جنهن کي ”جسمي دورSystem)
(Circulation
سڏجي ٿو. اڃا به ٻه دورا خيال ۾ رکڻ جهڙا آهن: (1)
جيري جو دورو، (2) بڪين جو دورو.
جيري جو دورو.(Portal
Ciculation)
اوهان کي خبر آهر ته کاڌي جا هضم ٿيل مقوي جزا
آنڊي مان چوسجي، پورٽل نس جي وسيلي پهرين پهرين
جيري ۾ ٿا وڃن. جيري ۾ داخل ٿيڻ سان هي نس ائين ٿي
شاخون ڪڍي جئن ڪا شريان پکڙجي، ڇاڪاڻ ته آيل شين ۾
جيري جي گهرڙن کي ڪي ڪيمياوي تبديليون ۽ چوڪسي
ڪرڻي آهي. انهن ڪا گذارين کان پوءِ رت جيري جي نسن
مان هليو وڃيو هيٺين شاهي نس ۾ پويِ، جتان دل ۾
پهچي ڦڦڙن مان آڪسيجن کنيو بدني چڪر تي نڪريو پوي.
بڪين جو دورو.(Renal
Circulation)
اوهان کي خبر آهي ته جيري ۾ ڪي امائينو ائسڊس ۽
بيڪار ٿي آيل بدني جزا ڀڄي منجهائن يوريا تيار
ٿيندو ٿو رهي، جو گردن جي ڇاڻيندر نلين مان ڇڻي
نڪرندو رهي ٿو، البت جيڪا شي ڇاڻڻي هوندي آهي ان
کي زور به ڏيڻو پوندو آهي.هتي اهو ڪم رت جي داٻ
کان ورتو ٿو وڃي، ان لاءِ بڪين لاءِ شاخون سڌو
شاهه شريان مان نڪرنديون آهن ته داٻ پوري طرح
وڌائي سگهن. |