2. زهري جيتن ۽ جانورن جا چڪ
(1) نانگ جو چڪ
نانگ جو چڪ به هڪ ري کٽيءَ موت آهي، جنهن جي وگهي هزارين ماڻھو
هر سال مرن ٿا. ڪاريھر ، گڊو، کپر، لنڊي - عام
زهري بلائون آهن.
نانگ کي وات جي مٿان ٻه وريل ڏند ٿيندا آهن، جي پورا هوندا آهن
۽ زهر جي گلئنڊس سان ڳنڍيل . هي نانگ جي بچاءَ جو
ذريعو آهي، جو فقط تڏهن ڪم آڻيندو آهي.
شڪل 61. نانگ جا مٿيان، پورا، وريل ڏند، جن مان زهر هاريندو آهي
ان ڪري نانگ جي چڪ جي ثابتي اها آهي ته ٿوريءَ
وڇوٽيءَ تي ٻه چُگهه ڏسبا
جڏهن ڪنهن کي مارڻ ضروري سمجهندو آهي، ۽ ڏند پنهنجي شڪار جي ماس
۾ ڇپائي وري جو کڻي زهر جي گلٽين کي زور ڏيندو آهي
ته ڪيترو زهر چڪ واريءَ جاءِ ۾ اڇلجي ويندو آهي.
پوءِ ته ڪنهن نه ڪنهن نس مان چڙهي دل تائين پهتو،
ته ٽن منٽن ۾ ساري بدن ۾ ڦري ويندو. اتي ته ڪي
ترياقي زهر مار سيون هڻجن جي پهچنس. سئيءَ کي سئي
پهچي. حقيقت ڪري سئيءَ رستي دوا رت سان ملائڻ جو
علاج نانگ جي چڪ جي عمل سمجهڻ کان پوءِ استادن
ايجاد ڪيو. نانگ جي چڪ لاءِ ترت علاج جو مقصد فقط
هي آهي ته جيسين زهر دل تائين پهچي ئي پهچي، ان
کان اڳيئي ٻاهر ڪڍجيس. ڏسو ته وقت ڪيترو نه ٿورو
آهي، جنهن ۾ جي چستيءَ ۽ همٿ کان ڪم ورتو ته چڱو،
نه ته ڪجهه نه ٿيندو؛ ان ڪري جلدي جلدي هيٺين
هدايتن تي عمل ڪريو.
(1) چڪ جي جاءِ کان ٿورو مٿي هڪدم ڇڪي ڪا به شَي ٻڌو، جئن نسون
ايترو ٻوٽجي وڃن جو منجهانئن رت مٿي نه چڙهي. وري
ان کان ٿورو مٿي ۽ ان کان به مٿي ساڳيءَ طرح زور
سان ٻڌو.
(2) چڪ جي جاءِ تي انچ ڊگهو ۽ اڌ انچ اونهو بي خطر چِير ڏيو،
جئن چهڪ ۾ ڏنڊن جا ٻئي نشان پوريءَ طرح ڪپجي وڃن.
مقصد اهو آهي ته اندر اڇليل زهر ٻاهر نڪري. اڃا رت
وهڻ جهلجڻ جي ڪري ته
(3) ڪُٽيل پوٽيشم پرمئنگنيٽ سان زخم کي ڀريو، پر مٿانس پهو پٽي
نه ٻڌو؛ ڇو ته جيڪي به ڪجهه زخم مان نڪري سو بهتر.
رت جي نڪرڻ جي ڳڻتي ڪا نه آهي. ان ڪري چير دل ٻڌي
ڏجي، ڀل ته ڪا نس ته ڇا پر ٻيو به ڪجهه ڪپجي پوي
ته حرڪت نه آهي.
(4) هڪدم ڪئن به سول اسپتال ۾ بيمار کي پهچايو پوءِ اوهان جي
جوابداري پوري ٿي.
جتي نانگ عام هجن، اتي هڪڙو تکو چاقو ۽ ننڍڙيءَ شيشيءَ ۾ پوٽيشم
هر وقت ساڻ هجي. ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي. دل نه
لاهجي، ڇاڪاڻ ته سڀ نانگ زهري ڪين ٿيندا آهن. فقط
ٽيهه سيڪڙو چڪ زهري نڪرندا آهن. ان ڪري ٻه ڀاڱا
بچڻ جو آسرو نه رکي سگهجي ٿو.
ڪاريهر ۽ گڊي جو زهر بيهوشي پيدا ڪندو آهي. بهتر آهي ته کيس
هوشيار ڪندو رهجي، چانهه وغيره پيارجي. غافل ٿيڻ ۾
زهر جو اثر جلد ٿيندو. کپر ۽ لنڊيءَ جو چڪ اهڙو
تڪڙو نه ماريندو، جهڙو ڪاريهر جو.هنن جو زهر رت کي
اهڙو ڇڊو ڪري وجهندو، جو ڄمي نه سگهندو؛ ان ڪري
بيمار رت اوڳاڇي پورو ٿي ويندو.
Antivenins
بلا جي چڪ لاءِ سٺو ترياق آهي. اهو ڪم ڊاڪٽر کي
ڪرڻو آهي؛ نه ترت علاج ڪندڙ کي.
(2) ڇٿي ڪُتي جو چڪ. هن حالت ۾ ڪُتي جي گگ زهر سان ڀرپور هوندي
آهي. ڪٿي به نه رڳو زخم پر ڪا رهڙ آيل هوندي ته ان
مان به گگ جا زهر مٿي چڙهي ويندا. ڪتي جو چڪ ته
گهڻو اونهو ويندو آهي، ان ڪري گگ جو اثر پوريءَ
طرح مغز تائين پهچي سگهي ٿو. هي زهر نانگ وانگر رت
جي ذريعي نه ويندڙ آهي، پر تنتن تان هلندو رهندو
آهي. ان ڪري ڪو ترت اثر سندس جان ۾ نٿو پکڙي پر جي
بيخيالي ڪئي ۽ هڪواريءَ زهر مغز تائين پهچي پنهنجو
اثر شروع ڪيو، ته پوءِ ڪا به طاقت بيمار کي موت جي
چنبي مان آزاد ڪري نٿي سگهي. چڪ به جيترو مغز کي
ويجهو هوندو اوتر جلد اثر ڪندو؛ ان ڪري منهن يا
ڳچيءَ وارا چڪ زياده خطرناڪ سمجهڻ گهرجن، ۽ هڪدم
ڪنهن ضلعي جي وڏيءَ اسپتال ۾ پهچي سين جو علاج
شروع ڪرائجي.
ترت علاج . زخم کي لوشن يا صاف پاڻيءَ سان ڌوئي جيتري سڪل گگ
لاهبو اوترو چڱو. پوءِ زخم چهائي خشڪ ڪري نجيءَ
ڪاربولڪ ائسڊ مان ٻڙو ڀري چڱيءَ طرح زخم کي لائجي.
جي ڪاروبولڪ ائسڊ نه ملي ته ڪا شيَ تپائي ان سان
ڏنڀ ڏجي - ۽ هڪدم سُين جي علاج جو بندوبست ڪجي.
منهن يا ڳچيءَ تي چڪ هجن، ته هڪ ڏينهن به نه
وڃائجي.
(3) وڇونءَ، ڏينڀوءَ وغيره جو ڏنگ. ڏنگ جي جاءِ کان مٿي ڇڪي پٽي
ٻڌو ته زهر مٿي نه چڙهي. لائڪر امونيا ڏنگ تي ٿڦيو
۽ آهستي مالش ڪريو. ڪپڙن ڌوئڻ واري سوڍا کار به
سٺو اثر ڪندي.
3. ٻڏي پوڻ
ٻڏندڙ ماڻهوءَ کي پنهنجا هٿ پاڻيءَ کان مٿي اصل نه ڪڍڻ گهرجن؛
نه ته جلد ٻڏندو. ٻانهون سڌيون ڪري بت سان جهلي،
پٺيءَ ڀر اهلي، مٿي کي ٻاهر جهلڻ جي ڪوشش ڪري ۽
وڏا ساهه کڻي ته ڦڦڙ هوا سان ڀرجي، سيڻهه وانگر
بدن جو بار ڪجهه وقت جهليندا.
ٻڏڻ ڪري پاڻي وڃيو ڦڦڙن ۾ پوي ۽ هوا جي نه ملڻ سبب پنج منٽ
جيئرو رهڻ به مشڪل ٿيندو:
ان ڪري جي جلد ماڻهو پاڻيءَ مان نه ڪڍيو ويو ، ته
کيس هوشيار ڪرڻ جي گهڻي اميد ڪا نه آهي؛ پر ته به
نااميد ٿيڻ نه گهرجي. بعضي ڏهه پنڌرهن منٽ پاڻيءَ
۾ رهڻ کان پوءِ به ماڻهو هوشيار ٿي سگهيا آهن.
ٻڏل جي علاج لاءِ ٻه ڳالهيون خيال ۾ رکڻيون آهن
: پهريون ته سندس ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍجي ته هوا اندر وڃي، ۽
ٻيو ته جيسين پاڻ ساهه کڻي، تيسين هٿراڌو ساهه
کڻائجيس.
هٿراڌي ساهه کڻائڻ جي ترڪيب. وقت نه وڃايو. هڪدم ڳچيءَ وارو
ٻيڙو کولي گلو آزاد ڪريوس. ڪوٽ يا ٻيو ڪپڙو ويڙهي
زمين تي رکي، کيس اونڌو ڪري ، ڇاتي ان تي رکوس،
منهن هڪ پاسي ڏي ورائي،
شڪل 62. ٻڏل کي هٿراڌي ساهه کڻائڻ جي ترڪيب
(وات ۽ نڪ کي اهڙيءَ طرح رکجي جئن دز اندر نه وڃي، نه ته ساهه
ويتر ٻٽجي پوندو)
زبان ٻاهر ڇڪيوس. هاڻي هن جي کٻي پاسي کان مٿي ڏانهن منهن ڪري،
گوڏن ڀر ويهي، ٻئي هٿ پٺيءَ جي وچ تي ڪنڊي جي هر
هڪ پاسي رکي، پنهنجي بت کي اڳتي اهلائي، واجبي زور
ڏيو، جئن ڦڦڙن مان پاڻي ڌڪجي نڪري.
ھن ڪتاب جي باري ۾
علم بدن ۽ علم صحت جي موضوع تي ھيستائين جيڪي به درستي ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجي چڪا آھن، ھي ڪتاب انھن مڙني ۾
وڌيڪ مفيد ۽ مڪمل آھي. انگريزي پنجين ۽ ڇھين درجي
۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ ڪلاس لاءِ مقرر ڪيل
ڪورس مطابق جوڙيل ھيءُ ڪتاب – تن ۽ تندرستي-، جنھن
اثرائتي انداز، دلنشين سمجھاڻين ، ۽ سليس ۽ سپڪ
ٻوليءَ ۾ قابل مصنف، محترم ڊاڪٽر قاضي علي احمد
صاحب، لکيو آھي، تنھن مان يقين آھي ته اھي سموريون
ضرورتون پوريون ٿي سگھنديون، جيڪي اڪثر ڪري شاگردن
۽ استادن لاءِ ھن مضمون کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي
راھه ۾ دقتون پيدا ڪري وجھنديون آھن - ۽ پوءِ
امتحانن جي تياريءَ لاءِ ، شاگردن کي ھڪ ئي مضمون
جا ڪيترا سارا ڪتاب وٺڻا ۽ پڙھڻا پوندا آھن.
سنڌيءَ ۾ معياري درسي ڪتابن جي جيڪا اوڻائي ۽ اڻاٺ
اڃا تائين تعليمي حلقن ۾ شدت سان محسوس پئي ڪئي
ويئي آھي. ھيءُ ڪتاب ان جي پورائيءَ طرف ھڪ ڪارگر
قدم آھي. انساني جسم جو مٿي کان پيرن تائين
پيرائتو تفصيل، مکيھ مرضن جون علامتون ۽ علاج ،
صحت ۽ صفائيءَ لاءِ ضروري ھدايتون – اھو سڀ ڪجھه
ھن ڪتاب ۾ اھڙي تھ سليقي سان پيش ڪيو ويو آھي، جو
شاگردن جي ذھن ۽ حافظي ۾ پھرينءَ پڙھڻيءَ سان
محفوظ ٿي وڃي ٿو؛ ۽ پڻ عام پڙھندڙن لاءِ ان ۾
دلچسپ ۽ مفيد معلومات جا املھه ماڻڪ، اول کان آخر
تائين، پنھنجين انتھائي ضوفشانين سان پکڙيا پيا
آھن. |