سيڪشن؛علميات

ڪتاب:تن ۽ تندرستي

باب: --

صفحو :10

ڀاڱو ٻيو

صحت جي حفاظت

بدن جي عجيب غريب بناوت ۽ سندس عضون جي ڪاريگريءَ مان گھڻو ڪجھه واقف ٿي آيا آهيو، هاڻي ڏسڻو آهي ته ڪئن انهيءَ حيرت انگيز ڪل جي سنڀال ڪندا رهون،  جئن سندس هر هڪ پرزو برابر پنھنجو ڪم بنا ڪنھن اٽڪ جي ڪندو رهي. سچ ته اها ڪا ڏکي ڳالھه ڪا نه آهي. قدرت اسان جي بدن جي مشينري اهڙيءَ ته ڪاريگريءَ سان جوڙي آهي، جا نه رڳو پاڻ کي پاڻيھي پورو رکندي اچي، پر سنھيون ٿلھيون خاميون به درست ڪندي رهي ٿي؛ فقط جڏهن اسان جي اياڻپ يا بي پرواهي ڪري مٿس اجايو بوجو ٿو پوي، تڏهن لاچار دانھن ٿي ڪري ته هتي اٽڪ  آهي، هتي ايذاءُ.

ظاهر آهي ته اسان جو جسم انھن ئي شين مان بگڙندو هوندو، جيڪي روزمره ساڻس، اندر يا ٻاهر ، تعلق ۾ اينديون هونديون جئن ته هوا، پاڻي،کاڌو، گرمي، سردي، وغيرھ. اڳتي هلي ، اسين اهو ئي ويچار ڪنداسين ته ڪئن اهي شيون اسان لاءِ فائدي واريون يا نقصانڪار بنجن ٿيون ۽ ڪئن انھن جي بد اثرن کان پاڻ کي بچائجي. ياد رکڻ گھرجي  ته صحت جو مول متو ”صفائي“ ئي آهي؛ ڪنھن به شهر جي ٻاهرين حالت مان گھڻي قدر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس رهاڪو ڪھڙي درجي جا هوندا.


 

 

باب پھريون

هوا ۽ نوائي  (Air and Ventilation)

حياتي صحت سان ٻڌل آهي، ۽ صحت هوا جي سٺائيءَ سان. هوا خراب، ته صحت خراب. گُھٽ ٿي ته هوا به ائين گندگي ٿيندي، جئن بيٺل پاڻي. چالو هوا کي ”واءُ“ چئجي ٿو ۽ هوا جي مٽجي نئين ٿيڻ کي ”نوائي“

هوا ڇا آهي. هوا شفاف گئسن جو هڪ مرڪب آهي، جو سڄيءَ دنيا جي چوڌاري ، خبر نه آهي ته ڪيتريءَ اوچائيءَ تائين پکڙيل آهي. هوا جا مکيه جزا هيٺ ڏجن ٿا.

آڪسيجن گئس       1000 ڀاڱن ۾                 96ء 20

نائٽروجن گئس          ---                                         00ء    79

ڪاربانڪ ائسڊ گئس         ----                            04 ء

آڪسيجن هڪ تيز، بي رنگ، بي بوءِ ۽ بي سواد گئس آهي، جنھن تي سڀني ساهوارن جي جياپي جو مدار آهي، هن کان سواءِ نه بتي ٻري، نه باهه جي سندس حصو15 کان 16 فيصدي ٿيو، ته سخت مونجھه ٿيندي، پر جي 7 کان هيٺ ويو، ته هوش نه رهندو.

نائٽروجن بي رنگ ، بي بوءِ ۽ بي سواد گئس آھي، جا فقط آڪسيجن کي ڇٽڙي ڪرڻ لاءِ آهي؛ نه ته جي هوا ۾ رڳو آڪسيجن  هجي، ته ساهه ته ڪو ڪو نه کڻي سگھي، پر هر ڪا شي سڙي ناس ٿي وڃي.

ڪاربانڪ ائسڊ گئس هڪ بي رنگ ، پر خاص نموني جي بوءِ ۽ سواد واري گئس آهي، جا هوا ۾ جيون جي ساهه کڻڻ ۽ باهين بتين ٻرڻ ڪري پيدا  ٿي ٿئي. هيءَ هوا جي 1000 ڀاڱن ۾ 04 حصا هوندي  آهي؛ پر جي ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ ماڻھن جي ڳاهٽ ٿيڻ يا باهه بتي ٻرڻ ڪري فقط 06  ڀاڱي تي پهتي، ته صحت لاءِ نقصانڪار آهي؛ ۽ جي ٻاهران نوائيءَ مان ڪو ماڻھو انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ايندو، ته نڪ هڪدم خبردار ڪندس ته هوا گندي ٿي ويئي آهي.

البت وڻن ۽ ٻوٽن لاءِ جاياپو آهي،جن جو وڌڻ هن کان سواءِ ٿي نٿو سگهي.

هوا خراب ڪئن ٿي ٿئي

اسان جي ساهه کڻڻ ڪري هوا جي آڪسيجن 4-5 فيصدي گهٽ ٿيو وڃي. ۽ ڪاربانڪ ائسڊ گئس چارفيصدي وڌيو وڃي- ڀيٽي ڏسو:-

   آڪسيجن          نائٽروجن               

تازيءَ هوا۾            96ء 20              00ء 79                 4.ء

ڦڦڙن مان نڪتل هوا ۾ 40ء 16           19ء 79   41ء 4

        ان کان سواءِ، پنهنجي ۽ ٻين جي اوٻاريل هوا، وري اندر نيڻ، ڪيتري نه خراب هوندي، جنهن ۾ وات واري ڪني ٿيل کاڌي جي ذرن جون ڌپُون، ميرن ڪپڙن ۽ ٽپڙن جون بانسون، ڦڦڙن مان نڪتل بلغم جا ذرا، ۽ جيوڙا ڪيترا نه هوندا آهن!

 (2) باهين ۽ بتين ٻرڻ، انجڻين هلڻ ۽ گند جي ساڙڻ ڪري، ڪاربانڪ ائسڊ گئس ۽ ٻيون ڪيتريون زهري گئسون ملن ٿيون. هڪڙو لالٽين يارهن ماڻهن جي هوا کپائي ٿو!

 (3)ڀاڄين، ميون، ۽ مُئلن جانورن جي ڪني ٿيڻ ڪري به بدبودار گئسون هوا ۾ ملن ٿيون، جن جي خراب اثر ڪري مٿي جو سور، ڦيري، سستي، وغيرهپيدا ٿئي ٿي.

 (4) مٽيءَ، سڻيءَ، ڪپهه، ڪاغذ، ڪکن، ڪوئلن، ڌاتن وغيرهجا ذرا به اڪيچار هوا ۾ پيا ڦرن. ڪمري ۾ جڏهن اُس جا ڪرڻا دريءَ مان ايندا آهن، تڏهن اهي سڀ ذرڙا هوا ۾ چرند ڏسي سگهبا آهن- نه ته هوا ته بلڪل شفاف آهي. اهي ئي ذرڙا آهين، جي اسان ڦڦڙن کي نيٺ جهوريو، کنگهه ڏيو ڇڏين.

 (5) ڪَسين، حوضين، ڪاڪوسن، ڪچري جي ڍڳن، جي بدبو به ساهه کڻڻ کان سڪايو ڇڏي.

 (6) مرضن جا جيوڙا جي جتي ڪٿي ٿُڪن اڇلائڻ ڪري نڪرن ٿا، سي به بلغم جي سُڪڻ بعد، هوا ۾ ڦرندا وتن، جن مان سلهه، زڪام، نمونيا ۽ ٻيون بيماريون هر وقت هلنديون رهن ٿيون.

 (7) چم يا ڪپهه وغيرهجي ڪارخانن، پيهڻ ڇڙڻ جي انجڻين، چن ۽ سرن جي بٺن مان به ڪافي غلاظتون نڪرن ٿيون، جي صحت لاءِ خراب آهن.

هوا جي غلاظتن ڪري بيماريون به ڪتريون ئي ٿين ٿيون- زڪام، ڪليون، ڪاڪڙو، کنگهه، سلهه، دم ۽ نمونيا ته عام آهن. ضروري آهي ته گهر ۽ پاڙي جي هوا بلڪل صاف هجي، سوڙهيون گِهٽيون، ڳُتيل گهر، ماڻھن جا ڳاهٽ، ۽ مٽي جام- پوءِ ته ڌڻي رحم ڪري، صفائي ڪرڻ ناممڪن ٿيندي.


 

 

هواجي صفائي ۽ نوائي رکڻ لاءِ هدايتون

1. هوا جي رخ کان ڪو به ڪارخانو يا ڪچري جي جاءِ نه هجي؛ رستن ۽ گهٽين ۾ گند نه ڇڏجي؛ ڪسيون صاف رکجن؛ رستن تي ڇڻڪار ڪري، مٽيءَ کي اُڏامڻ کان روڪجي؛ جايون وٿيرڪيون هجن ۽ پاڙي پاڙي ۾ کليل پڌرا بلڪ پارڪ هجن، جئن ٻُوسٽ نه ٿئي.

2. گهر ٿَلهي تي ٺهيل هجي؛ سندس چارئي پاسا، نه ته به هوا جو رخ ضرور کليل هجي، جئن هوا ۽ اس جام اچي سگهن؛ ڪچرو ۽ پوسل نه هجي.

3. صفحن ۾ ڪافي در دريون هجن، جئن هوا جي گذر ۾ اٽڪاءُ نه ٿئي – آمھان سامھان بھتر ڇت جيترو مٿي اوترو چڱو، جئن هر هڪ ڀاتيءَ کي رات جو 700  کان 1000  ڪيوبڪ فٽ هوا جا حصي ۾ اچن؛ جي ڇت 14 فٽ مٿي هجي، ته زمين 50 چورس فٽ ضروري آهي - بيمار لاءِ سوائي.

4. سمهڻ جي جاءِ ۾ کٽ ۽ ڪنھن ضروري شيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه ھئڻ گھرجي،  فرش ڪنهن اهڙيءَ شي سان ڍڪجي، جا ڌوپي سگهندي هجي؛ ميرن غاليچن کان بهتر آهي، ته نه هجن؛ گاسليٽي بتيون، ٻوٽا، ۽ پاليل جانور هر گز نه هئڻ گهرجن.

5. بادگير، منگهه ۽ روشندان، جاءِ ۾ مٿاهينءَ تازيءَ هوا کي آڻن لاءِ ڪارائتا آهن.

6.جي مٿي ڏيکاريل نوائي پيدا ڪرڻ جا نمونا ڪنهن هنڌ يا وقت ڪارگر نه ٿي سگهندا هجن، ته بجليءَ جي پکن، جهولڻن، پينگهن ۽ وڃڻي جي رستي، هوا جي مٽاسٽا ۽ ورڇ ڪري سگهجي ٿي. وڃڻي هڻڻ ڪري اسان کي راحت ان ڪري ٿي ٿئي، جو جيڪا گرم ۽ گهميل هوا بدن سان لڳل هوندي آهي، سا ڌڪجي پري ٿي ويندي آهي، نئين ٿڌيري ۽ خشڪ هوا ان جي جاءِ اچي وٺندي آهي: ان ڪري، پگهر سُڪڻ ڪري، بت به ٿڌيرو ٿيو پوي.

قدرت هوا کي ڪئن صاف ٿي ڪري

(1) واءَ لڳڻ ڪري - هوا جي زور سان لڳڻ ڪري، هر هنڌ گئسن جي مٽاسٽا ٿيو، پوري ورڇ ٿيو وڃي،

(2) اُس ته جيوڙن لاءِ موت مار آهي. جنهن گهر ۾ اُس نه آهي، اهو رهڻ جي لائق بلڪل نه آهي.

(3) ٻوٽا، هوا جي ڪاربانڪ ائسڊگئس کي سج جي اثر ھيٺ ڀڃيو، ڪاربان پاڻ کنيو وٺن ۽ آڪسيجن ھوا موٽايو ڏين، جنهن ڪري آڪسيجن جو انداز هوا ۾ ساڳيو هليو وڃي.

(4) سمنڊ - جن شهرن کي سڌي منڊ جي هوا ٿي اچي، انهن کي نه رڳو ڌوتل هوا ٿي ملي، پر سمنڊ جي ويجهڙائيءَ ۾، آڪسيجن به گهڻي طاقت واري ٿئي ٿي-ان ڪري سمنڊ جي هوا چستي ضرور ڏيندي، پر سندس گهم گهڻن کي ڀانءِ ڪانه پوندي آهي.

(5) مِينهن به هوا کي ڌوئي صاف ڪرڻ جو هڪ عمدو ذريعو آهن. وسڪاري کان پوءِ هوا ڪيترو نه صاف ۽ سٺي لڳندي آهي! دل پئي  چوندي آهي ته وڏا ساهه کڻجن. منجهس، مٽي ۽ غليظ ذرڙن نه هئڻ ڪري، بانس به ڪانه  رهندي آهي.

(6)کنوڻ به هوا جي غلاظتن کي ساڙڻ لاءِ عمدي آهي.


 

 

باب ٻيو

پاڻيءَ ۽ سندس صفائي

(Water and its Purification)

        پاڻي ٻن گئسن- آڪسيجن ۽ هئڊروجن جو هڪ صاف، شفاف ۽  بيسواد مرڪب آهي. اسان جي ضرورتن ۾ هوا کان پوءِ ٻيو نمبر پاڻي آهي، جنهن کان سواءِ جيڪر ڪي ٿورا ڏينهن مس جيئرو رهي سگهجي. قدرت به ڏسو ته دنيا ۾ هڪ حصو ڌرتي، ته ٽي حصا پاڻيءَ جا ڏنا آهن.

        پاڻي ڪهڙي ڪم ٿو اچي. (1) پيئڻ لاءِ : کاڌي جو هاضمو ۽ نمڪين شين جو نيڪال پاڻي پيئڻ کان سواءِ نه ٿيندو؛ اسان جي بدن ۾  67 فيصد پاڻي آهي؛ گوشت ۾ ٽي حصا، پر هڏن ۾ به اڌو اڌ پاڻي آهي- ان جو پورائو به ڪرڻو آهي؛ (2) رڌ- پچاءَ لاءِ؛ (3)ڪپڙن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ؛ (4) گهرن جي ٺاهڻ ۽ صفائيءِ لاءِ؛ (5) شهر جي صفائيءِ ۽ ڇڻڪار جي لاءِ؛(6) انجڻين،ڪلن ۽ ڪارخانن لاءِ ؛ (7) کيتيءَ ۽ ٻين به ڪيترن ڪمن لاءِ.وڏن شهرن ۾ في ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ ويهه گئلن صاف پاڻيءَ جا روزانو جمع رکڻ گهرجن.

پاڻيءَ ملڻ جا ذريعا، ۽ سندن خوبيون خاميون.

        سچ ته پاڻيءَ جو بنياد  مهاسا گرئي آهن، ليکو ڪيو اٿن ته هڪ منٽ ۾ ست سو گئلن پاڻيءَ جا، هر هڪ چورس ميل مٿاڇري تان، سج جي تپش ڪري، ٻاف ٿي مٿي کڄي وڃن ٿا: جتان وري مينهن، برف، ماڪ، ڪوهيڙي ۽ ڳڙن جي صورت ۾، اهو پاڻي ڌرتيءَ تي موٽيو اچي.

سمنڊ جو پاڻي. هي کاري هئڻ سبب پيئڻ جي لائق نه

 آهي، مگرچڪائيِ سٺو ڪري سگهجي ٿو . جهازن تي به چڪايل پاڻي ڪم آڻيندا آهن، جو البت ٿورو ٻاڙو لڳندو آهي، مگر بلڪل صاف ۽ شفاف هوندو آهي.

(2) مينهن جو پاڻي. ڪڪرن کي ڇڏڻ مهل ته صفائيءَ ۾ سندس ثاني ئي ڪونهي، پر زمين تي پهچڻ سان مٽي، ڪچرو جيت سڀ ڪجهه ساڻس مليو وڃن: ان ڪري جي مينهن جو پاڻي پيئڻ لاءِ ڪم آڻڻو هجي، ته ڪن خاص تلائن يا حوضن ۾ ڪٺو ڪجي، ۽ ان کي خراب ٿيڻ کان بچائجي. پاڻي ڪيترو پيو، ۽ ماڻهن لاءِ ڪيترو کپي، اهو مينهن جي ماپي مان پتو لڳندو – هڪ انچ مينهن وسڻ جي معنيٰ، هر هڪ ايڪڙ زمين تي، هڪ سو هڪ ٽن پاڻيءَ جا پيا.

(3) درياهه ۽ واهن يعني نهر جو پاڻي. هن قسم جو پاڻي پيئڻ، بنهه بي جو کو نه آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس مٽيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون خرابيون - وهنجڻ ڪپڙن ڌوئڻ، چوپائي مال کي وهنجارڻ ۽ مئل جانورن جي پوڻ ڪري - مليل هونديون آهن؛ ويتر جي پيو مينهن، يا ٿي اٿل ته زمين تان ڪسين ڪاڪوسن جو گند ۽ شهر جوڪچرو به ميڙجي وڃي منجهس پوندو. البت جي واھه وڏو آهي، ۽ منجهس وهڪرو چگو آهي، ته سندس پاڻي ھن تجويز سان پيئڻ لاءِ ڪري سگھجي ٿو  انجڻ سان ڇاپي خاص تلائن ۾ آڻجي، جتي ٻه ٽي ڏينهن پاڻيءَ کي ڇڏجي ته اٺري؛ پوءِ منجهس ضروري دوائون جيوررن کي مارڻ  لاءِ وجهي، ٿورو ترسي، وري ٻين حوضن ۾ اماڻجي، جن ۾ ڪڪري ۽ صاف واري  پيل هجي، پوءِ اهو ڇڻي اوجل ٿي ويل پاڻي، سيمنٽ سان لتل ۽ بند ٿيل حوض ۾ پيئڻ لاءِ ڪٺو ڪبو آهي. اهڙي بندوبست هوندي، جي ڪو ملڪ ۾وبا جو ڊپ هجي، ته پاڻي گهر ۾ ٽهڪائي پوءِ پيئڻ جي ڪم آڻجي.

        (4) چشمن جو پاڻي. چشما انهيءَ پاڻيءَ مان ٿا ٺهن، جوزمين ۾ داخل ٿيو، سِمندو سِمندو، جڏهن زمين جي سخت تهه تي پهچي ٿو، تڏهن ان مان ِسمي هيٺ وڃي نه سگهڻ ڪري، مٿانئس هلندو هلندو. ڪنهن هنڌ، وريو اچيو زمين جي مٿاڇري تي نڪري. چشمن جو پاڻي گهڻو ڪري ڏاڍو صاف ۽ سٺو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ساري واٽ زمين مان ڇڻندو ايندو آهي؛ پر بعضي منجهس خرابين جي ملڻ جو به  امڪان آهي.

        (5) تلائن ۽ ڍنڍن جو پاڻي. هيءُ پاڻي گهڻو ڪري ماڻهو وهنجڻ ڪپڙن ڌوئڻ، ۽ سندس پسگر دائيءَ ۾ ٿوري پيشاب ڪرڻ، سان گندو ڪري ڇڏيندا آهن. جتي تلائن ۽ ڍنڍن جوپاڻي پيڻ جي ڪم آڻبوهجي، ته کين بلڪل صاف رکجي، جئن ڌوءَ-  پوءَ گندگيون منجهن نه پون. سنڌ جي ڪيترن تعلقن ۾، پيڻ جي پاڻيءَ لاءِ ڪچيون کڏون ڪم آڻيندا آهن، جن ۾ هر قسم جون خرابيون نه رڳو ماڻهو پر جانور به ڪن، ۽ پيئن به: حيرت آهي ته ڪنهن کي به خيال ڪو نه ٿو اچي ته ڪچرو پيو پيئجي!

(6) کوهن جو پاڻي. عام طرح کوهه ٽن قسمن جا ڏسبا آهن:

        1. تانگها کوھه. زمين نمبروار ڀورُو ۽ سخت تهن جي جڙيل آهي.” تانگهو کوهه“ انهيءَ کي ٿو چئجي، جو فقط پهرئين ڀورو ته مان هليو، پهرئين سخت تهه تي وڃڻو کٽي. تانگهي کوهه جي اونهائي فقط ڀورو تهه جيتري ٿيندي، جا ڪٿي گهٽ ڪٿي گهڻي به هجي؛ پر اهڙن کوهن جو پاڻي پيئڻ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اوسي پاسي جي حوضين، تلائن، ڪسين ۽ ڪاڪوسن جو پاڻي به منجھن ڀورو تھه مان سمي داخل ٿي سگھي ٿو.

2. اونھان کوهه .هيءَ ڀورو تهه توڙي سخت تهه ٻنهي مان لنگهي ، پاڻي ءَ جي هٺيئن طبقي تي وڃيو پهچن ، جنهنڪري

 شڪل 24 .ڏسو ته ڪني پاڻي جي حوضي ءَ (2 ) مان پاڻي سمي، ڪئن نه تانگهي کوهه (1) ۾ داخل ٿو ٿئي اونهو کوهه (3 ) سخت تهه کان هيٺ لٿل آهي انهيءَ ڪري اهو بچيل ٿو رهي (4۽6 زمين جا ڀورو تهه آهن ، ۽ 5 ۽ 7 سخت تهه.

منجهن پاڻي  سخت  تهه مان به سمي ،ڇڻي ،اوجل ٿي ،پوءِ پهچي ٿو . سندس اونهائي 50کان 25 فوٽ ٿي سگهي ٿي- پر ضروري ڳالهه اها آهي ته سخت تهه کا ضرور هيٺ لٿل هجي.

        3.ناليءَ وار کوهه. هي کوهه، لوهه جي هڪ خاص ناليءَ کي زمين ۾ کوڙڻ سان ٺاهبا آهن. نليءَ کي ڦيرائبو، هيٺ هلائبو وڃبو- جيسين اهڙي پاڻيءَ تي پهچي، جو جتي پهتي هجي، ان کان مٿائين سطح تان سمي آيل هجي– بس پوءِ ته پاڻي هڪدم ٽپ کائي ڦوهاري وانگر نڪري ايندو. انهن کوهن کي ”پمپ“ به چوندا آهن؛ پاڻي سٺو ڏيندا آهن، پر ڪجهه وقت کان پوءِ خراب ٿي پوندا آهن.

 

عمدي کوهه جون وصفون

        (1) کوهه پڪيءَ مٺيءَ زمين ۾ کوٽيل هج، ۽ سخت تهه کان هيٺ لٿل هجي.

        (2) سندس ديوار پَڪ - سري ۽ چن سان کنيل هجي؛ جي سارو سيمنٽ سان لتل هجي، ته بهتر - جئن پاڻي رڳو پاتالي اچي ۽ ديوار مان نه سِمي.

        (3) سندس اوساري زمين کان 4-5 فوٽ مٿي نِجي -س جئن مينهن ۾ اوسي پاسي جو گند ڍوئجي منجهس نه وڃي پوي. اوساريءَ جي پوئين قطار ڪنڊياري لڳل هجي، جئن مٿانس ڪو ٿانءُ رکجي نه سگهي.

        (4) سندس چوڌاري هڪ ڇهه فوٽ ڪشادو، لهوارو، پڪ - سرو ٿلهو هڻ گهرجي، جنهن جي ڪنار وٽ چوڦير ڪسي هجي، ته جيڪو به پاڻي ٿلهي تي پوي، سو هڪدم وهي وڃي.

        (5) پاڻيءَ ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪ خاص ڏول ۽ زنجيرلڳل هئڻ گهرجي، جئن هر ڪو ماڻھو پنهجو ڪَنو سِنو دلو کوهه ۾ نه ٽٻائي. پمپ به هڻائي سگهجي ٿو.

        6. کوهه کي هڪ ڍڪ ڏنل هجي، جنهن ۾ هوا ۽ روشنائيءَ لاءِ ڳڙکيون هجن.

(7) کوهه تي وهنجڻ يا ڪپڙو ڌوئڻ  اصل نه ڏجي.

        (8) کوهه جي پسگردائيءَ ۾ ڪي ڪُئن جا ٻِرَا يا کڏون کوٻا هجن، ته ڀرائي ڇڏجن ؛ ۽ ويجهڙائيءَ وارا وڻ وڍائي، زمين صاف ڪري ڇڏڻ گهرجي.

(9) کوهه ڪنهن به مقام ، ڍنڍ، حوضيءَ، وٿاڻ، ڪن ڪرڻ جي جاءِ، بلڪ رهڻ جي جاءِ کان به گهٽ ۾ گهٽ سئوکن وکون پري هئڻ گهرجي.

(10) صفائيءَ جي خيال کان، کوهه لهڻ چڙهڻ لاءِ مناسب وڇوٽين تي، لوهه جا ڪڙا وجهائي ڇڏجن ؛ ۽ سال بسال، پاڻي ڇڄڻ جي موسم ۾، کوهه جو سارو پاڻي ڪڍائي، بيل هڻائي، تر صاف ڪرائي ڇڏجي.

        پاڻيءَ مان جي ڪنهن به وقت بانس اچي، يا پوُنئرا پئجي وڃنس؛ يا ڪالرا جي بيماري هلندڙ هجي، ته کوهه  کي وقت بوقت ” پوٽيشيم پر مئنگنيٽ“ سان صاف ڪرڻ گهرجي. هن دوا جو اڌ آنو کن هڪ ڏول پاڻيِءَ ۾ ملائي، کوهه ۾ اڇلي، ڏول کي هيٺ لاهي، پاڻيءَ سان ڀريندو هاريندو رهجي. جئن دوا تر تائين پهچي وڃي. ڪلاڪ کان پوءِ،ٿورو پاڻي کوهه مان ڪڍي ڏسجي: جي ڳاڙهيرو رنگ هجيس ته بس، نه ته ٿوري ٿوري دوا ملائبي وڃجي، جيسين رنگ نڪري- اهو رنگ چوويهه ڪلاڪ کن موجود هئڻ گهرجي. دوا ملائڻ کان پوءِ، ٻارهن ڪلاڪ کن کوهه مان پاڻي اصل نه ڪڍجي.

 پاڻي ۾ خرابيون ڪٿان ٿيون اچن

 (1) پاڻيءَ جي بنيادي جاءِ خراب هوندي؛ (2) ڀري نيڻ ۾ خراب ٿيندو؛ يا (3) ڀري رکڻ ۾.

        (1) پاڻي جنهن قم جي ڌرتيءَ مان آيو هوندو، انهيءَ جا اثر منجهس هوندا، مقامن مان لنگهڻ ڪري، يا ماڻهو جي وهنجڻ، ڌوئڻ ۽ ٻين بيپرواهين ڪري به خراب ٿي سگهي ٿو.

        (2) ڪنن ڏولن يا چم جي ساندارن ۾ پاڻي خراب ٿي سگهي ٿو، جي هڪواريءَ وبا يا سوريءَ جا جيوڙا سانداري ۾ داخل ٿي ويا، ته بس بيماري پکڙجڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪندي. سانداريءَ جو پاڻيءَ لاچار ته به ڪاڙهي پيئجي.

        (3) ڪنن سينواريل دلن ۽ گُگهين ۾ پاڻي رکڻ يا اگهاڙي ڇڏڻ ڪري ڪا به غلاظت منجهن ملي سگهي  ٿي. گُگهيون ته نه صاف ٿي سگهن، نه خبر  پوي ته اندر ڇا اٿن؛ بعضي ته زهري جيت ۽ ڄارو منجهن پئجي ويندو آهي، ته به ڪا خبر ڪا نه پوندي آهي. اڪثر ڪري، جاءِ جي سوڙهه ڪري، دلا کڻي ڏاڪڻين جي هيٺ رکندا آهن، جتي ڪجهه به پاڻيءَ ۾ پوي ته پتو به نه لڳي؛ بعضي وڻن هيٺ مَٽَ رکندا آهن. ته پاڻي ٺري؛ پر ٺرڻ سان گڏ پن ۽ پکين جون وٺيون به پيون پونديون اٿس، بعضي ته نوريئڙا ۽ پکي به پيا پيئندا آهن. پيئڻ جو پاڻي ٽانڪين ۾ ڀري رکڻ به چڱو نه آهي.

        خراب پاڻي پيئڻ ڪري بيماريون به ڪيتريون ٿينديون رهن ٿيون: بد هاضمو، دست، سوري، آنڊي جوتپ، آنڊي جا ڪينئان (ڏُمند)، ”ٿائرائڊ گلئنڊ“ جو وڌڻ، سائي، گني ورم، لُولو تپ (Poliomyelitis)،وغيرهعام آهن، لولي تپ جو زهر ڪاڪوس رستي نڪرندو آهي، ۽ ممڪن آهي ته اسان جي بي خياليءَ ڪري ڪٿي نه ڪٿي وڃي پيئڻ جي پاڻيءَ سان ملي ۽ ٻيا وٺجن.

پاڻي کي صاف ڪرڻ جا قدرتي نمونا

        (1) ندين ۽ واهن، گهڻي پاڻيءَ جي هر هر ملڻ ۽ وهڪري سبب، غلاظتون ڇڊيون ٿيو وڃن؛ (2) ڪيتري مٽي وغيرهتر وڃيو وٺي ؛ (3) پاڻيءَجا ڪي ٻوٽا آڪسيجن ٺاهيندا رهن ٿا، جا غلاظتون کايو ڇڏي،؛ (4) مڇيون به ڪيتريون اجايون شيون کايو ڇڏين؛ (5) اس جو به خوب اثر ٿو ٿئي؛ (6) بيماري پيدا ڪندڙ جيوڙن جو آستانو ڪو پاڻي ڪو نه آهي؛ پر جي قسمت سان اچي پاڻيءَ ۾ نڪتا، ته پاڻيءَ جا رهواسي ئي انهن کي کائي کپائي ڇڏيندا آهن؛ ست ڏينهن هليا ته گهڻو ٿيو- پر انسان جو آنڊو  هنن جي دلپسند جاءِ آهي، جتي کاڄ به جام ته گرمائش به مزيدار ؛ اتي پهتا ته بيگهي متن؛ تُور پٺيان تُور ڪڍندا ويندا.

پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جا هٿرادو نمونا

        (1) باهه جي وسيلي. چڪائڻ يا ٽهڪائي آٺرائڻ سان پاڻي پيئڻ جي لائق ڪري سگهجي ٿو.

        (2) دوائن سان. ” ڦٽڪيءَ“ جي گهمائڻ سان، پاڻيءَ جي مٽي ۽ وڏو حصو جيوڙن جو وڃي تر وٺندو، ۽ پاڻي آٺر جي ٻنگ ٿي ويندو،”پوٽيشم پر مئنگنيٽ “ جو ايترو ذرو دلي ۾ وجهجي، جو پاڻي ٻه ڪلاڪ کن ڳاڙهيرو رهي ته به ڪيترا جيوڙا مري ويندا. ڏٺو ويو آهي ته ڏهن لکن ڀاڱن پاڻيءَ ۾،فقط پنج ڀاڱا پوتيشم جا ملائڻ سان 98 فيصد جيوڙا چئن پنجن ڪلاڪن ۾ چٽ ٿيو وڃن.” بليچنگ پائونڊر“(Chlorinated Lime) ڪپڙي کي اجري ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن-  جا ٽيهه گرين، پاڻيءَ جي هڪ سو گئلنن جي جيوڙن مارڻ لاءِ ڪافي آهن. ميلن ملاکڙن جي وقتن تي، جڏهن پاڻي خراب ٿيڻ جو گهڻو امڪان هوندو آهي، ۽ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو وڏو انتظام نه ٿي سگهندو هجي، ته دلي ۾ ٺلهي هڪ چپٽي  بليچنگ پائوڊر جي ملائبي ته ڪافي ٿيندي- (هڪ گئلن، ڏهن پائونڊن جي برابر آهي).کوهن جي جيوڙن مارڻ لاءِ بيلچنگ پائوڊر  نهايت سستو ۽ ڪارائيتو آهي. ڪنهن اٺن فوٽن قطر واري کوهه لاءِ، جنهن ۾ پنج فوٽ پاڻيءَ هجي، ته پنهجويهه سيڪڙو طاقت واري پائوڊر جو فقط اڌ آنو، ان جي 1570 گئلنن پاڻيءَ جي جيوڙن مارڻ لاءِ ڪافي آهي.

        (3) ” ڪيٽاڊن تجويز“(Katadyn process). ڏٺو ويو آهي ته ڪي ڌاتو، بلڪل بي معلوم انداز ۾، جيوڙن لاءِ نهايت موتمار ٿا ٿين.هڪڙا موتي، جن تي” ڪيٽاڊن“ جو تهه ڏنل آهي، چانديءَ جي تار ۾پوتل ننڍين لڙهين ۾ ملندا آهن: پاڻهي جو جڳ ڀري، منجهس هڪڙي لڙهي وجهڻ سان جيورڙا ختم ٿيو وڃن.

        (3) ڇاڻن جي وسيلي. حوصن ۾ڪڪريءَ ۽ واريءَ جا تهه ٻَڌي، انهن جي مٿان پاڻي ڇڏبو، ته ڇڻي صاف ٿي هيٺ پيو نڪرندو. گهرن ۾ وري ننڍا ڇاڻا، فلٽر، ڪم آڻبا آهن. گهرو فلٽرن ۾ ٻه خانا ٿيندا آهن: مٿئين۾ صاف ٿيڻ لاءِ پاڻي وجهبو آهي، جو هڪ يا زيادھ ڇاڻيندڙ  نيلن مان سمندو، صاف ٿي، هيٺئين خاني ۾ پيو گڏ ٿيندو آهي. اهڙا فلٽر نلڪن ۾ به لڳائي سگهجن ٿا، جن مان پاڻي ڇنيو صاف ٿيو پيو نڪري. فلٽر جي نلي هڪڙي قسم جي سنهڙن سوراخن واري4 مٽيءَ جي جڙيل ٿيندي آهي،جنهن ۾ڪيتر جيورڙا جمع ٿيندا  رهندا آهن. ضروري آهي ته وقت بوقت ان کي ڪڍي، سٺي پاڻيءَ ۾ ٽهڪو ڏياري، مٿين مٽي صاف ڪندو رهجي.


 

 

باب ٽيون

کاڌو ۽ کاڄرو شيون

هوا ۽ پاڻيءَ کان پوءِ، زندگي جي ٽين ضرورت ” کاڌو“ آهي.کاڌي جون شيون ته سوين آهن: هتي اسان کي ڏسڻو آهي، ته ڪهڙيون شيون، اسان جي بدني خورش جي خيال کان سٺيون آهن، ڪهڙيون ساديون.

کاڌو ڇاکي ٿو چئجي. کاڌو ان کي ٿو چئجي، جنهن جي کائڻ ڪري، جسم جو ماس جڙي. ۽ بدن کي ڪم ڪرڻ جي طاقت ۽ گرمي ميسر ٿئي.

ظاهر آهي ته ڪو به جيو کاڏي کان سوءِ ڳچ وقت ڪڍي ڪين سگهندو، ۽ جي کاڄ نه ميلس، ته ڳرندو جهرندو نيٺ ساهه ڏيندو.سڀ ساهوارا – مرون، پکي، مڇيون، ۽ جيت- پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو ڀاڱو کاي جي ڳولا ۾ واجهائيندا رهن ٿا، انسان به پنهنجي وقت جو ڳچ حصو روزي ڪمائڻ ۾ صرف ٿو ڪري: ڀلا کاڌي جي ايرت ضرورت ٿئي کو ٿي؟

کاڌو کو کپي. اسين وقت بوقت نه رڳو پورهئي ۾، پر ساهه کڻڻ، کائڻ، کاڌي کي هضم ڪرڻ، ڳالهائڻ، کلڻ، بلڪ خيالڪرڻ ۾ به، پنهجا ٿورا گهڻا بدني جزا کپائيندا ٿا رهون، هاڻي جي اهي ڪم آيل جزا اسين وري حاصل ڪري نه سگهون، ته جيڪر کپي کپي نيٺ پورا ٿي وڃون؛ پر اهو اسان جو کاڌو ئي اهي جو انهن خرچ ٿيل جزن جي جاءِ تي نوان جزا ٺاهيندڙ ، کوٽ ڀريندو ٿو رهي، جنهنڪري ڪا لکا ڪانه ٿي پوي. نه رڳو ايترو ، پر ننڍي بار کي ته وڌي وڏو ٿيڻو اهي، جنهن جو ماس به کاڌي مان ٿو جڙي. ان کان سواءِ بدني، گرمي قائم رکڻ۽ ڪم ڪرڻ جي سگهه ڏيڻ به ته کاڌي جو ئي ڪم آهي.

بدني گرمي ڪٿان ٿي اچي. بت تي ڪنهن به وقت هٿ رکبو ته ڪوسو لڳندو - اها گرمي اچي ڪٿان ٿي؟اها گرمي کاڌي مان پيدا ٿئي . جئن تيل يااڱر ٻري انجڻ کي گرم ڪري چورين ٿا ، تئن اسان جي کاڌي جون ڪي شيون ،جلي ، اسان کي گرمٿيون رکن ۽ ڪم ڪرڻ جي سگهه ٿيون ڏين .جي هوا نه هجي ته نه باهه ٻري نه بتي ؛ آڪسيجن جي ضرورت انجڻ کي ، تهڙياسان کي جئين بتي ٻري ،ڪاربانڪ ائسڊ گئس ٿي ڪڊي ،تئين اسين .

کاڌي جو انداز ۽ روزاني گرمي

انجئنير ٻڌائي سگهندا ته ڪنهن انجڻ کي ڪيترا ڪوئلا کپن ،جو هو ڪنهن مفاصلي تي ڪو ڪاروبار کڻي وڃي .ساڳي طرح ،بدني انجڻ جي ماهرن به پوري طرح جاچي ڇڏيو آهي ته اسان کي ڪنهن خاص ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيتري گرمي گهرجي ،۽ اها ڪنهن خاض کاڄرو شيءِ جي ڪيتري انداز مان ملي سگهندي .

گرمي ماپڻ جو يونٽ کي " حراري "( calory ­) چئبو آهي . حراريءِ ۾ ايتري  حراريءَ ۾ حرارت ٿي ٿئي، جيتري هڪ سير ۽ ڏيڍ آني پاڻيءَ کي هڪ ڊگري سينٽيگريڊ فرم ڪرڻ لاءِ خرچ ٿئي.

        تجربي ڪيو آهي ته هن ملڪ جو جوان ماڻهو ماٺ ڪري هنڌ تي ليٽي پوي، ته به هن کي ايترو کاڌو کپي، جننجي ڀسم ٿيڻ مان 1250 حراريون نڪرن : مطلب، ته اسان کي فقط جيئري رهڻ لاءِ به 1250 حراريون روز کپن. ڀلا اها گرمي بدن م ڪهڙو ڪم ٿي ڪري؟ اه اگرمي بدن جي اندرين ڪلن کي هلائي ٿي، جن جي لاڳيتي ڪم ڪرڻ ڪري ئي اسين جيئرا ٿا رهو. اهي ڪلون اسان جا عضوا آهن، جي ساهه کڻڻ، رت جي دوري هلائڻ،کاڌي هضم ڪرڻ ۽ نڪمين شينجي نيڪال ڪرڻ ۾ ڏينهن رات مسغول آهن، ظاهر آهي ته جي هٿن پيرن کان ڪم وٺبو ته اڃا به، گهڻي ٿوري ڪم پٽاندر، زياده حرارين جي ضرورت ٿيندي، جنهن ڪري زيادھ کاڌو کائڻو پوندو – جئن ته

آفيس، اسڪول يا ٻئي وهڪ جي ڪم ڪاءِ 2150 حراريون کپن

رواجي مزوريءَ يا هارپي لاءِ            2600 ”

زيادھ سخت پورهئي لاءِ               3000 ”

        مٿي ڏيکاريل ضرورتون هڪ جوان جو ن آهن. عمر جي خيال کان، حرارين جي ضرورت هن طرح ٿيندي:

14 ورهين کان مٿي جوان مرد لاءِ     2600 حراريون

“    “     “   جوان زال لاءِ             2100  ”

        گرڀڻي “                                  2400 ”

        ٿڃ ڏيندڙ“                3000 ”

12- 13 ورهين جي ٻار لاءِ               2000 ”

10-11 “       “                          1800 ”

8-9    “       “                           1600 ”

6-7    “       “                          1300 ”

5-4    “       “                          1000 ”

مهيني کان هڪ ورهيه جي ٻار لاء    600-800        ”

کاڄرو شين جي نقشن مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن شي جي هڪ آئونس مان ڪيتريون حراريون جڙنديون؛ پوءِ اوهين آسانيءَ سان شيون ۽ سندن وزن پنهنجي عمر، پورهئي، آمدنيءَ ۽ پسنديءَ موجب، حساب سان مقرر ڪري سگهندو، جنهن مان اوهان جون روزانو گھرجون پوريون ٿي سگھن.افسوس آھي جوانھيءءَ  بيخبريءَ ڪري، هزارين جانيون، پوري کاڌي نه ملڻ سبب، هر سال برباد ٿيون ٿيون!

ٿولهه. ائين به آهي ته جي کاڌو ضرورت کان زياده کائبو ايترو  جو بدن واجبي طرح ڪم نه آڻي سگهي. ته ان مان جيرو وري چرٻي ٺاهي، بدن ۾ سٿيندو ويندو؛ جنهن ڪري بدن جي نزاڪت هڪڙي پاسي ويندي، ته دل کي ٻئي پاس ڪم وڌندو، ڇاڪاڻ ته چرٻيءَ کي به رت ته پهچائڻو پيس ۽ پوءِ چرٻي مان ڪم به ڪونه نڪتو. ٿولهه نه رڳو ڪن وڏين بيمارين جو ڪارڻ آهي، پر پاڻ خود هڪ وڏي بيماري آهي. گهڻا ٿلها  آهن، جن کي ذيابطيس نه آهي؟ اهي ماڻھو پنهنجي قبر پنهنجي هٿن سان کوٽين ٿا. ٿولهه کي آسودگيءَ آزار چئجي ته مناسب ٿيندو. بند ٿولهه تي وري، ته هڪدم کاڌو گهٽائي پورهيو وڌائجي.

کاڌي جي شين جون وصفون

ٿي سگهي ٿو ته هڪڙو غريب پورهيت فقط جوئر يا چانورن مان گهربل حراريون حاصل ڪري وقت گذاري؛ هر هڪ جنس جي هڪ آني مان 200 حراريون ملنديون - ۽ جي ڏينهن جو اڌ سير جوئر کاڌائين ۽ رات جو اڌ سير چانور، ته ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي حراريون ٿيندس: پر کاڌي جا سڀئي گهربل جزا نڪي جوئر ۾ آهن، نڪي چانورن ۾؛ ان ڪري، سندن صحت ۽ بدن جي خوبي گهڻو وقت سالم نه رهندي: مطلب ته کاڌي ۾ نه رڳو انداز کي ڏسڻو آهي، پر سندس لياقت کي ڏسڻو به آهي ته سڀ ضروري شيون منجهس آهن، يا ڪنهن ضروري شي جي کوٽ ڪونه ڪو واڻاه پيدا ڪندي.قدرت ته اسان جي کاڄ جي شين پيدا ڪرڻ ۾ ڪاريگريءَ ۽ سخاوات سان گهٽايوئي ڪيني- پوءِ ڪي ڪنهن کي وڻن، ڪي ڪنهن کي؛ ڪي اگهو کائي ڪي سگهيو؛ ڪي غريب ته ڪوي شاهوڪار – هرڪو پنهنجي گهرج ۽ پڄنديءَ آهر کاڌي لاءِ ڪيتريون ئي شيون ڪم ٿو آڻي جن کي جي ڪيمياوي نظر سان ڏسبو ته منجهن کاڌي جا ضروري جزا فقط پنج آهن، جن مان ڪي ڪٿان، ڪي ڪنهن شي مان، حاصل ڪندا ٿا رهون. عمدو ۽ متوازن کاڌو اهو، جنهن مان اهي پنج ئي جزا گهربل انداز ۾ ميسر ٿي سگهن. اهي کاڌي جا ضروري جزا هي آهن: (1) پروٽين، (2) سڻڀ، (3) مٺاڻ، (4) معدني شيون ۽ (5) وٽئمنس.

کاڌي جا جزا- سندن وزن ۽ وصفون

پروٽين Proteins. پروٽين کاڌي جو بهترين جزو آهي، جنهن سان اسان جو جسم جڙيل آهي. اوهان کي ياد هوندو ته پروٽين جي هاضمي مان ”امائينو ائسڊس“ جڙن ٿيون، جي ڪيترن ئي نمونن جون ٿين ٿيون. عمدي پروٽين اها، جنهن ما گهڻي ۾ گهڻيون امائنيو ائسڊ نڪرن. مختلف اوڄن ۽عضون کي مختلف امائينو ائسڊس کپن. گوشت ۽ کير ۾ سڀ امائينو ائسڊس آهن؛ پوءِ نمبر وار آهن مڇي، بيضا، اڻ ڇڻيل ڪڻڪ جو اٽو، پالڪ، ميريڙو ۽ سرنهه جو ساڳ. دالين ۾ پروٽين آهي، پر هاضمي لاءِ ڏکيري.

پروٽين بدني تور جي ٽيهن سيرن تي هڪ آئونس جي حساب سان روزاني ضروري آهي. زياده کائڻ ڪا خرابي ڪانه آهي. وڌندڙ ٻارن کي جوانن کان گهڻي گهرجي. ٻن وريهن جي ٻار کاي چار تولا کپن، وڏن ٻارن کي 7- 8 تولا. سموري گهربل پروٽين جو  گهٽ ۾ گهٽ ٽيون حصو جانورن مان وٺڻ ضروري آهي،جو ويشنو متي وارا کير مان وٺي سگهن ٿا.

2. سڻڀ Hydrocarbons. سڻڀ ڪي جانورن مان ٿا ملن، جئين ته مکڻ، گيهه، چرٻي؛ ڪي نباتاتي آهن جئن ته کوپري، سرنهه يا ترن وغيره جا تيل. سڻڀ نه رڳو جلائو ڪم ڏييءَ بدني گرميءَ قائم رکڻ لاءِ ڪمائتا آهن، پر مکڻ گيهه جي چرٻي ۾ وٽئمن به خوب ٿين- مکڻ سان ته لڳئي ڪونه ۾ ڪابه وٽئمن ڪانه ٿئي. سچ ته تيلن کان چرٻي چڱي آهي: بعضي اشتهار ڏسبا آهن ته هن تيل ۾ وٽئمنس آهن – اهي سڀ غلط سمجهڻ گهرجن. سڻڀ، مٺاڻ کان ٻيڻي گرمي ڏئي ٿو. روزانو ڏيڍ آنو سڻڀ هئڻ گهرجي.

3. مٺاڻ Carbohydratcs. مٺاڻ بدن لاءِ ائين آهن، جئن انجڻ لاءِ ڪوئلا. انُ ۽ زمين جي اندر ٿيندڙ ڀاڄيون مٺاڻ سان ڀرپور آهن. اسان جي کاڌي جو وڏ حصو اَن آهي. کاڌي جي شين چونڊڻ ۾ پهرين خيال پوروٽين، سڻڀ، وٽئمن ۽ معدني جزن جو رکجي؛ باقي جيڪي حراريون کپن، سي آنن ۽ مٺاڻ مان پوريون ڪجن.

ڪڻڪ، چانور يا ٻئي ان جي داڻي جي ٻاهرينَءَ ڇل ۾ وٽئمن ٿيندي آهي: جي اهو حصو کائڻ ۾ آيو، ته صحت سٺي نه رهندي. ڪڻڪ جي ڇل ڇاڻ ۾ هوندي آهي ۽ چانورن جي چُني ۾. جيڪو ماڻهو ڏينهن جو مدي جي مانيءَ تي گذر ڪري ۽ رات جو انجڻ ڇڙين چانورن تي، ته ڏهن ڏينهن ۾ ڪمزوري لکائيندو؛ ڇاڪاڻ ته ڪابه وٽئمن ڪانه ملنديس. چانور گهڻو ڪري کيرسان کائبا آهن، جو سندن خاميون درست ڪريو ڇڏي. جوشي چانورن ۾ ڳچ چُنوداڻي ۾ اچي ويندو آهي ان ڪري اھي ّخورش جيّ ّخيال کان زور چڙيل سڳنداسين کان سٺا آهن.

ساڳيو حال آهي ڪمند جي مٺاڻ جو، کنڊ کان ڳڙ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته ڳڙ ۾ ڪمند جي کل جو رس به اچيو وڃي، جنهن ۾وٽئمن آهي. البت کنڊ جو انداز ٿورو ٿو کائجي، ان ڪري سندس اوڻاين جو اثر لکائجئ نٿو. جيترو مٺاڻ زياده کئابو اوتري وٽئمن "بي" جي کائڻ جي زيادھ ضرورت؛ ڇاڪاڻ ته وٽئمن بي کانسواءِ مٺاڻ پوريءَ طرح ڪم اچي نه سگهندو.

4. معدني شيون  Minerals. هي جزا هر ڪنهن جيو- گهرڙي کي کپن، جن ۾ پاڻي ۽ ڪيترين ڌاتن جا مرڪب اچي وڃن ٿا – جئن ته

ڪئلشم Calcium. ڪئلشم کير، ڏڌ ۽ ساين ڀاڄين مان اسان کي ملي ٿو؛ مريڙي، ميٿيءَ، سائجڙي جي ساڳ ۾ جام ٿئي؛ چانورن ۾ نه جهڙو. لاڙي ماڻهو، جي ڏينهن جو چانورن جي ماني کائين ۽ رات جو چانور، تن ۾ ڪئلشم جي اوڻائي اڪثر ڪري ڏسبي رت ڇڊو ۽ هڏ ضعيف؛ ٻارن کي هڏڙيءَ جي بيماري ۽ نستائي. چانورن سان کير کائبو ته ڪئلشم جي اوڻائي ڀرجي ويندي. وڌندڙ ٻار کي جوان کان ٻيڻو ڪئلشم کپي؛ ڇاڪاڻ ته هن جو هڏ وڌندو رهي ٿو. هڏي جي ٺهڻ ۾ ڪئلشم گهڻو گهرجي ساڳيءَ طرح گرڀڻين ۽ ٿڃ ڏيندڙ زالن کي به گهڻو گهرجي. کير وارو ڪئلشم بهتر آهي. ٻارن کي کير هوندي به بهتري آهي ته ڪنهن سٺي ڪئلشم جا پنج گرين کن ڏبو رهجي ته هڏ پختو ٿئين ۽ رت ڇٽو نه ٿئي. ڪئلشم جي روزاني ضرورت ٻار لاءِ پندرهن گرين ۽ وڏي لاءِ ڏهه گرين آهي.

فاسفورس Phosphorus. هن جا به پندرهن گرين روز گهرجن. آنن ۾ گهڻي قدر ٿئي ٿو. جنهن کاڌي ۾ ڪئلشم جو وزن پورو هوندو، ان ۾ فاسفورس به پورو سمجهڻ گهرجي. گوشت، بيضن ۽ ڪڻڪ ۾ خوب ٿئي. سمنڊ جي مڇيءَ ۾ چڱو ٿيندو آهي.

فولاد Iron. اهو فولاد آهي جو رت کي ڳاڙهو ٿو ڪري ۽ ڦڦڙن مان آڪسيجن کنيو بدن جي ذري ذري کي پهچائي ٿو. ان ڪري، جيترو فولاد گهٽ هوندو، اوتري آڪسيجن گهٽ جسم کي پهچندي. گوشت، جيري، دال، ان، صوفن، انجيرن ۽ بصرن ۾ ڪافي فولاد آهي. پر مليريا جو تپ، جو اسان جي ملڪ جو ڏاج آهي ۽ اسان سان هميشه همراه، سو فولاد جو وڏو دشمن آهي. مليريا جو جيوڙو رهي ئي رت جي ڳاڙهي گهرڙي ۾؛ ڇاڪاڻ ته سندس خوراڪ ئي فولاد آهي. ان ڪري، تپن وارا ماڻهو پيلا ٿي ويندا آهن.

لوڻ Soduim Chloride. لوڻ نه رڳو کاڌي کي سلوڻو ٿو ڪري، پر بدن لاءِ نهايت ضروري آهي؛ جي نه کائبو ته بت نست ۽ پيلو ٿي ويندو. بدن جي تازگي پاڻيٺ سان ٻڌل آهي ۽ پاڻيٺ لوڻ سان. ڏٺو اٿوَ ته ڪلراٺي زمين گهميل نظر ايندي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪلر جو لوڻ پاڻيٺ کي هوا مان ڇڪي وٺندو آهي. البت اهي بيماريون جن ۾ اڳيئي بت ۾ پاڻي ڀرجي پوندو آهي، تن ۾ جي لوڻ کائبو، ته ويتر پاڻي وڌندو.

پاڻي Water. پاڻي، کاڌي جو نهايت ضروري جزو آهي. خشڪيءَ ۾ گرهه چٻاڙڻ ۽ ڳهڻ ئي مشڪل. جي ڌرتيءَ تي پاڻي نه هجي ته ڪابه شي جيئري نه رهي. بدن ۾ 64 سيڪڙو ته پاڻي آهي. کاڌي ۾ ڪيترو به پاڻي اچيو وڃي؛ پيڻ جي شين کانسواءِ. گوشت ۾ ٽي پتيون پاڻي، ڀاڄين ۾ ته ويتر وڌيڪ. پاڻي بدن مان نڪري به ڪيترو ئي ٿو،نه رڳو پيشاب ۽ آنڊي جي رستي، پر ڦڦرن مان، چمڙيءَ مان. عجب جي ڳالهه ته اها آهي جو ڪيترو به پاڻي پيئجي ته به رت ڇڊو ٿئي ئي ڪونه. ضرورت کان زياده پاڻي رت ۾ ٿيو نه آهي، ته بڪين ڪڍيو نه آهي.

5. وٽئمنس Vitamins. پوريءَ طرح تصديق ٿي چڪي آهي ته اهڙو کاڌو جنهن مان فقط گهربل حراريون ملي سگهن، بدن کي سالم رکي ڪين سگهندو، جيسين ان ۾ مناسب انداز ۾وٽئمنس جوشامل نه ڪجي. کير، سايون ڀاڄيون ۽ تازو ميوو، جي واجبي انداز ۾ کائبا، ته سڀني ضروري وٽئمنس جي پورائي ٿي سگهي ٿي.وٽئمنس مکيه پنج آهن، جن کي اي، بي، سي، ڊي ۽ اي جا نالا ڏنا ويا آهن.

وٽئمن اي، ڊي، ايِ، فقط سڻڀينسس شين ۾ مليل هونديون آهن. ان ڪري، جن کاڄرو شين ۾ سڻڀ نه هوندو، تن ۾ وٽئمنس ٿي نه ٿيون سگهن. وٽمن اِي جو بنياد سائو پن آهي، جنهن جي کائڻ جي ڪري وٽئمن اي بدن ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. سايون ڀاڄيون سڀ وٽئمن اي پهچائي سگهن ٿيون، بشرطيڪ ڪافي سڻڀ سندن رڌڻ ۾ ڪم آڻجي. ڳئون يا مينهن جي کير ۽ مکڻ ۾ وٽئمن اي مشڪل ٿيندي، جي ڪجهه سائو گاهه نه ملندس.

وٽئمن بِي ۽ سِي پاڻيءَ ۾ ڳري سگهن ٿيون، ان ڪري ميوي ۽ تازين ڀاڄين ۾ چڱيون ٿينديون آهن.

وٽئمنس جي اوڻاين ڪري

وٽئمن اي. ٻارن کي اسرڻ ۽ چمڙيءَ کي رونق ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. شب ّخوري ۽ ٻيون ڦڦڙن ۽ چمڙيءَ جون بيماريون به ڪيتريون هن جي نه ملڻ ڪري ٿين ٿيون. جنهن ماڻهوءَ کي منهن ۾ نمڪ ئي نه هجي، ان کي وٽئمن اي۽ سي کپن.

شڪل  49 وٽئمن( اي)گهٽتائي سبب چمڙيءَ تي داڻ داڻ نڪري پوندي آهي، يا نهن ۾ کپ کپ ٿي پوندا آهن.

وٽئمن اي پتائي گجرن، ساين ڀاڄين، انبن، کير، ملائيءَ، مکڻ، چرٻيءَ، بيضي جي زرديءَ ۽ مڇيءَ جي وهه وغيره ۾ گهڻي ٿئي ٿي.

وٽئمن بي. هن جي گهٽتائي ڪري قبضي، بادي ۽ بدهاضمو ٿئي ٿو؛ جنهن ڪري آنڊي ۾ زهري جزا پيدا ٿين ٿا، جي تنتن کي سڄايو بت ۾ سور ڪري عضوا سڪايو وجهن. هن مرض کي ”بيري بيري“ (Beri Beri) چئبو آهي. چانورن جي وٽئمن ”بي“ سندس چني ۾ نڪريو وڃي ان ڪري اکُريءَ ڇڙيا چانور ڪجهه بهتر آهن. ميدي ۾ ته وٽئمن ”بي“ جو نالو ئي ڪونه رهي ،ڇاڪاڻ ته ڇاڻ ۾ نڪريو وڃي. وٽئمن ”بي“ ٻجن، بادامين، بيضن، مڇيءَ، پٽاٽن، گجرن ۽ سنگن وارن آنن ۾ چڱي ٿيندي آهي.

وٽئمن سي. هن جي نه ملڻ ڪري ”اسڪرويءَ“ (Scurvy) جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن ۾ مهارون سڄي پونديون آهن ۽ منجهائن رت پيو سمندو آهي؛ وات ۾ بدبو ٿي پوندي. هي ليمن، نارنگين، گريپ فروٽ، ٽماٽن، گوبين، گوگڙن، وغيره ۾ ٿيندي آهي؛ کير ۾ به ٿئي، کير ڪاڙهيو ته وئي، وٽئمن ”سي“ گرمي ڪين سهي: رڌڻ ڪري ته صفا چٽ ٿيو وڃي، پر جي ڀاڄيون رکئي سڪي ويون، ته به وئي!

 وٽئمن ڊي. هن جي اوڻائي ڪري هڏا ڪمزور ۽ ڏنگا ٿي پوندا آهن. جنهن کي ”هڏڙيءَ جي بيماري“ (Rickets) چئبو آهي. هڏين ۾ ايذاءُ هئڻ ڪري ٻار رڳو پيو رئندو؛ ب. اهڙن ٻارن کي وٽئمن اي، ڊي ۽ ڪئلشم کارائجي ته پهلوان ٿي پوندا.

وٽئمن ”ڊي“ کير، مکڻ ۽ مڇيءَ جي تيل مان گهڻي ٿيندي آهي. وٽئمن اي ۽ ڊيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ ڪئلشم ڏبو ته ”هڏ“ ڪين ڀريندو.

وٽئمن اي. هي اولاد ٿيڻ لاءِ ضروري آهي. ڪڻڪ ۾ جام آهي. مٽرن، چڻن، ساين ڀاڄين، پالڪ، مريڙي، سرنهه جي ساڳ وغيره ۾ گهڻي ٿئي ٿي. گهڻي بلڊپريشر ۾ به وٽئمن اي مفيد ثابت ٿي آهي.

کاڌي بابت هدايتون

کاڌي تجويز ڪرڻ جا اصول. بهترين کاڌي سوچڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون خيال ۾ آڻجن:

پنهنجي عمر ۾ ڪم موجب حساب ڪريو ته اوهان کي گهڻين حرارين جي ضرورت آهي.

پنهنجي پئسي ۽ پسنديءَ موجب جيتري به بهترين پروٽين مناسب سمجهو، سا وٺو،جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ ٽين پتي جانورن مان هجي.

ساڳيءَ طرح سڻڀ جو مکڻ، گيهه ۽ چرٻيءَ مان، هاضمي پٽاندر، روزانو انداز مقرر ڪريو. سڻڀ مان ٽيهه سيڪڙو حراريون بس آهن.

پروٽين ۽ سڻڀ مان پرايل حراريون ڪٽي، باقي ڀراءُ مٺاڻ جي شين مان پورو ڪريو، اٽو، چانور، کنڊ، ڳڙ وغيره.

کير، ڀاڄيون ۽ ميوو، ڪجهه نه ڪجهه ضروري هجي، جن مان معدني شيون ۽ وٽئمنس ملن ٿيون. وٽئمن ”اي“ روزاني 3000 يونٽ گهرجي، وٽئمن ”بي“ 300 يونٽ، وٽئمن ”سي“ 30 مليگرام؛ وڌيڪ وٺبيون ته بهتر.

قانون کان زياده حرارين جو کاڌو کائڻ اجائي ٿولهه ڪندو. بهتر آهي ته ٿورو گهٽ کائجي. گهٽ کائڻ ڪري هاضمو ڪين ٿڪبو ۽ جي هاضمو سٺو هوندو ته گهٽ کاڌي مان ئي گهربل طاقت ملي ويندي. اڃا ٿوري بک هجي ته بس ڪجي – نهايت سٺو اصول آهي.

کاڌي جو رڌڻ. رڌڻ ڪري، کاڌو چٻاڙڻ ۽ هاضمي لاءِ سولو ۽ سوادي ٿئي ٿو.ان کانسواءِ سندس جيوڙا جڙا به مريو وڃن. مصالحا، معدي جي رس وڌائڻ ڪري، بک وڌائيندا آهن؛ پر جي رس اجائي گهڻي نڪتي ته کٽي اوڳرائي ۽ بدهاضمو ڪري وجهندي، جنهن ۾ لُڪي پئي سڙندي.

اوٻاريل شيون هاضمي لاءِ سوليون، پر ٻيون سائيون. تريل ۽ پڪل شيون سوادي، پر دير هضم. رواجي طرح رڌڻ ٻنهي جي وچ تي سٺو نمونو آهي، جنهن ۾ شيءِ اجائي سخت به نه نٿي ٿئي ۽ ٿوري مصالحي ڪري سوادي به ٿئي. رڌڻ ۾ ٿوري کٽاڻ ڪم آڻڻ ڪري وٽئمن جو بچاءُ ٿئي ٿو. وٽئمن ”اي“ رڌڻ ڪري ايتري خراب نه ٿي ٿئي. پر وٽئمن”بي“ ڌوئڻ ۽ رڌڻ ۾ ڳچ نقصان ٿيو وڃي. پٽاٽا، کل سوڌا اڌ ڪلاڪ کن رڌبا، ته سندن وٽئمن ”بي“ ۽ ”سي“ ضايع نه ٿيندي؛ ڇلي رڌڻ ڪري پٽاٽن جي وٽئمن سڀ سڙيو وڃي.

جي ڪنهن شيءِ جي طاقت شروي ۾ آڻڻي هجي ته ٿڌي پاڻيءَ ۾ چاڙهي، ٿوريءَ باهه تي ٽهڪائجيس. جي ڀائنجي ته گوشت جون شيون گوشت ۾ ئي رهن، ته پاڻي گرم ڪري پوءِ منجهس گوشت وجهجي ته سندن ائليومن وغيره ڄمي پون، جنهن ڪري شروي ۾ گهڻيون شيون ڪين وينديون، پوءِ اڌ رڌو ڪري پچائجيس، ترجي، يا جيڪي ڪرڻو هجي.مکڻ کي رجائي گيهه ڪرڻو هجي، ته ڪنهن بند برتن جهڙوڪ ٽين يا ننڍي منهن واري ديڳڙي ۾ ڪجي، جئن مکڻ کي گھڻي هوا نه لڳي نه ته سندن وٽئمن ”اي“ گهڻي قدر آڪسيجن کائي ڇڏيندي.

کاڌي جا وقت. کاڌو ڏينهن رات ۾ ٻه ڀيرا بس آهي. ان ڪري هاضمي جي عضون کي ڪيترو آرام ملندو ۽ سندن ڪم سٺو هلندو رهندو. هر هر کائڻ ته بدهاضمي کي پئسا خرچي وٺڻو ٿيو. اهي ماڻهو جن جو هاضمو ڪمزرو آهي، يا دل جي بيماري هجي، ته ٿورو وزن، زياده ڀيرا کائڻ مناسب آهي. ٻن وقتن جي کائڻ ۾ پنج ڪلاڪ وڇوٽي هئڻ ضروري آهي. بهتر آهي ته کاڌو پورن وقتن تي کائجي. جي مقرر وقت تي بک نه هجي ته بنهه اهو وقت گسائي ڇڏجي، پر دير ڪري کائڻ چڱو نه ٿيندو؛ يا فقط ٿورو ميوو ئي کائي ڇڏجي.

کاڌي جي انداز ۽ سندس لياقت. کاڌي جي وزن بنسبت گهڻو ئي ڪجهه پروڙيو هوندوَ. قانوني حرارين کان مٿي اصل نه وڃجي. شيون اهڙيون چونڊ جن، جن مان سڀ ضروري جزا ۽ وٽئمنس موجود ٿي سگهن. البت سياري ۾ سڻڀ ۽ مٺاڻ گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ سرس کڻجن؛ وري اونهاري ۾ ڀاڄيون ۽ ميوو وڌائبو ته بهتر. کاڌي ۾ ڦير ڦار بلڪل ضروري ٿيندي؛ نه ته ساڳي شي ڪهڙي به مزيدار هوندي ته ڪڪ ڪري وجهندي.

ٿڪ ۾ کائڻ آهي ٿڪل بت کي ويتر ٿڪائڻ.

        بهتر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پهرين ٿورو آرام ڪجي. يا لاچار ته گلوڪوز جو گلاس پي ڇڏجي، جنهن کي هاضمي جي ضرورت ئي ڪانه ٿيندي.

رات جو کائي جلدي سمهڻ خراب آهي. جواني هر ڪا زيادتي سهيو وڃي، پر اهڙا ڏينهن هميشه نه هوندا: دل جو دهڪو، بدهاضمو ۽ بدخوابي يا ڪا تڪليف پيدا ٿيندي.

کائڻ وقت پڙهڻ يا ٻيو ڪجهه ڪرڻ مناسب نه آهي؛ پر جي وڻندڙ گفتگو پئي ڪبي ته تڪڙي کائڻ کان به بچبو.

پيئڻ جون شيون Beverages

پاڻي. هيءَ قدرتي پيئڻ جي شي، سڀني کان سٺي، ضروري ۽ بي ضرر آهي، جنهن سان اندرين ٻاهرين صفائي ٿي ٿئي. روز ڇهه گلاس پاڻي پيئڻ مناسب آهي. پاڻيءَ مان ٻيون به ڪيتريون شيون موسمن جي خيال تي پيئڻ لاءِ ٺاهبيون آهن.

چانهه. هي سڪل پنن جي صورت ۾ ملندي آهي. منجهس خوشبدار ۽ مفرح جزن کانسواءِ ٻيون مکيه ٻه شيون آهن: 1. ٿين (Thein)، جا مغز کي وقتي طراوت ڏئي ٿي ۽ بدن کي چستي؛ 2. ٽئنن (Tannin)، جا سخت قابض ۽ بدهاضم آهي: چانهه جيئن گهڻو ڪاڙهبي، تئن هي جزو منجهس گهڻو ڳرندو ۽ ويتر نقصان وڌندو. چانهه ٺاهڻ جو عمدو نمونو هي آهي جو چانهه جا پن چانهدانيءَ ۾ وجهي، مٿانس بنهه ٻڙڪندو ٽهڪندڙ پاڻي وجهي پنج منٽ بند ڪري دم ڏجيس؛ ۽ پوءِ گهرج موجب کير ۽ کنڊ ملائي پئجي. گهڻي چانهه ڪري بدهاضمو ۽ دل جو دهڪو ضرور ٿيندو.

ڪافي (Coffee). هيءَ هڪ ٻوٽي جي ٻجن کي ڀُڃي پيهي پوءِ چانهه وانگر ڪم آڻبي آهي. سندس ڪئفين (Caffiene) جو جزو دل ۽ دماغ کي طراوت ڏئي ٿو. ”ٿين“ کانسواءِ منجهس سڻڀ به آهي، جنهن ڪري منجهانئس ڪجهه حراريون به حاصل ٿي سگهنديون.

ڪوڪو (Cocoa). ڪوڪو پيٺل ٻوري جي صورت ۾ چانهه وانگر دٻن ۾ ملندو آهي ۽ ساڳي طرح ڪم آڻبو آهي. هن کي ڪنهن حد تائين کاڌو به چئي سگهجي ٿو. منجهس ”ٿين“ ۽ ”ڪئفين“ جهڙا جزا به آهن. چاڪليٽ هن مان ٺهندا آهن.

شربت. هي کنڊ کي پاڻيءَ ۾ پچائي منجهس خوشبودار شيون ملائي ٺاهبا آهن. شربت پيئڻ ۾ سوادي ۽ مفرح ٿئي ٿو.

ٿاڌل. هي گدري وغيره جي ٻجن ۽ ڪن ٻين پسار جي شين کي گهوٽي ڇاڻي مٺي ڪري پيئبي آهي. بادامين وجهڻ ڪري، ٿاڌل نه رڳو لذيذ پر طاقت ڏيندڙ پڻ ٿئي ٿي. اوهان کي ياد هوندو ته وٽئمن ”بي“ ٻجن ۽ بادامين ۾ به ٿيندي آهي، جا مٺاڻ کي پوريءَ طرح ڪتب ٿي لائي.

ٻاٽليون. ليمن، آورينج، ومٽو وغيره مختلف جوهرن پيل شربتن سان گڏ ڪاربانڪ ائسڊ گئس ڀرڻ سان ٺاهبيون آهن، جنهن ڪري پاڻي ويتر وڻندڙ ۽ هاضم ٿيو پوي.

لسي. هيءَ مکڻ نڪتل ڏڌ ۾ پاڻي ملائي ڇڊو ڪري ٺاهبي آهي ۽ ٿورو لوڻ ملائي پيئبي آهي. گرم ملڪن لاءِ ته نعمت آهي. ڪجھه گرم ملڪن ۾ کير جي لسي به ٺاهي پيئندا آهن.

ناريل جو پاڻي. هي به بنگال ۽ ڏکڻ هندستان ۾ پيئڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. پيئڻ ۾ سوادي ۽ هاضمو ڪندڙ آهي. ڇار اوڳرائي ۽ کٽائي وارن لاءِ گهڻو فائدي وارو آهي.

نشيدار شيون

شراب ،جهڙوڪ برانڊي، وسڪي، تاڙي وغيره سڀني ۾ نشو پيدا ڪندڙ شي هڪڙي ئي آهي، جنهن کي ”الڪحول“ (Alcohol) چئجي ٿو. الڪحول هڪ بي رنگو، تکيءَ بانس ۽ تيز جلائيندڙ سواد وارو زهريلو پاڻياٺو جوهر آهي، جي سڀني شرابن ۾ گهٽ وڌ موجود آهي. بيمارين جي حالت ۾ ڪيترن وقتن تي ڪارائتو آهي، مگر واجبي انداز کان زياده نهايت نقصانڪار آهي: معدي، جيري ۽ بڪين کي ته ترت وڃايو وجهي؛ مغز تي به بلڪل برو اثر اٿيس؛ سمجهوءَ کي پسون ۽ شريف کي بيحيا ڪرڻ هن جو ڪم: مطلب ته مايا به چٽ ته ڪايا به برباد؛ نه رهي ڍنگ نه رھي ننگ؛ هوش به گم ناموس به ناس. شال ڌڻي ڪنهن انسان کي ”شرابيءَ“ جي نالي کان امن ۾ رکي!

ڀنگ. هڪ خطرناڪ نشيدار شي آهي، جنهن جي ڦندي ۾ ڪيترا چڱا مٺا ڦاٿل سڏبا، جي سندس دائمي غلاميءَ ۾ گرفتار ۽ لاچار آهن. هڪواريءَ ڪو سندس چنبي ۾ ڦاٿو ته جان ڇڏائڻ مشڪل. خبر نه آهي ته ماڻهن کي هٿ سان پنهنجو هوش وڃائڻ ۾ ڪهڙو مزو ٿو اچي! اهڙن بيڪارن کان بنهه پري رهجي.

گانجو، چرس ۽ آفيم ته هڪ ٻئي کان موتمار شيون آهن. افسوس آهي جو ڪيتريون جاهل زالون پنهنجن معصوم ٻچن کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ آفيم ڏينديون آهن! اهڙا ٻار نه ڪنهن عمر کي رسندا، نه ڪنهن ڪار کي. سندن معصوم زندگيءَ ۾ ايڏو ظلم فقط جهالت ئي روا رکي سگهي ٿي. اوهان جو فرض آهي ته ڪنهن به مظلوم به مظلوم بيخبر ٻچي سان هيءُ ناحق ٿيندو ڏسو، ته ان کي زور سان روڪيو. مائٽ هٿ سان پنهنجن پيارن ٻچن کي نشئي ڪن ،عجيب سلوڪ آهي!

باب چوٿون

گهر

”خاندان ۽ ”خانه بدوش“ انهن ٻن لفظن ۾ گهر جي اهميت جو پورو منظر جلوه گر آهي. ڇا اهو زمانو، جڏهن عاجز انسان پنهنجي جهنگلي ذات ڀاين سان گڏ وڻ، واسي هو! جتان سري، هيٺ ٿي، غار ۾ ڇپ هيٺان پاڻ کي آسودو سمجهيائين؛ نيٺ زمين جي اندران نڪري، ٻاهر نروار ٿي، ڪنڊن جي لوڙهن ۾ ڇنا ٺاهيندي، پڪين لانڍين تي پهتو. اڄ سندس گهر، سئو ماڙ کان به مٿي، آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن!

افسوس اهو آهي جو اِنهيءَ زماني ۾ به، ڪنهن سٺي هنڌ، پنهنجي پسنديءَ موجب دلپسند گهر ٺهرائڻ، ڪن ٿورن خوش نصيبن جي قسمت ۾ آهي؛ نه ته ساڳي ڌرتي، ساڳيا لوڙها، ساڳيا ڇنا! بهرحال، اسان جو به ايترو ته فرض آهي جو پنهنجي سادي سودي گهر کي، جنهن جي اجهي هيٺ اسان جي حياتي گذرڻي آهي، صحت جي خيال کان بهترين حالت ۾ ته رکون؛ انسان جي رهڻ لائق ته ڪريونس! البت ڪيتريون اهڙيون ضرورتون آهن، جي غريبت ۾ به پوريون ٿي سگهن ٿيون. بعض ته پهچ وارن جي گهرن ۾ به اهڙيون خاميون ڏسبيون، جن جو ڪارڻ فقط بيخبري ئي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري، ضروري آهي ته صحت جي خيال کان سٺو گهر ڇا کي چئجي، ان بابت ڪي اصول مقرر ڪجن.

گهر لاءِ زمين مٿانهين ۽ ٽاڪ پسند ڪجي جنهن تي پاڻي پيو، ويو. چيڪي مٽي چيڙهالي ٿيندي آهي، جنهن تي ٿورو ئي مينهن پيو، ته سڪڻ مشڪل. سِم واري زمين ته بنهه بيڪار سمجهڻ گهرجي، جنهن تي ڪيترو به خرچ ٿيو ته مفت ويو. ڀورو زمين مان جلد ئي پاڻي هيٺ هليو ويندو، جنهن ڪري گهر جو تر هميشه سڪل رهندو۽ صحت بخش گهر جي پهرين فضيلت آهي، ته منجهس پوسل نه رهي. زمين جي آسپاس، بيٺل پاڻي جا دٻا، ساريال پوک، شهر جي ڪني پاڻيءَ جو نيڪال يا ڪچري جي ڍوئي، چن جا کورا يا سرن جا بٺا، چم جا ٻيا ڪارخانا، ڪا ڪوس گهر، وٿاڻ يا ڪابه بدبو، ڪچرو يا پوسل پيدا ڪرڻ جو ذريعو نه هجي. بازار به ويجهي نه هجي ته بهتر؛ ڇاڪاڻ ته عام اچ وڃ سبب هڪ ته گهر ۾ مٽي ۽ مکيون جام اينديون ۽ ٻيو ته لاڳيتي هُل هنگامي ۽ گوڙ گهمسان جي ڪري آرام به نه رهندو. وڻ به ٿڌڪار لاءِ چڱا، پر جي هوا کي روڪيائون، ته ڪنهن نه ڪم جا.

گهر جي عمارت ٺهرائڻ وقت هي خيال ضرور رکجن: جاءِ جي مهاڙ ڏکڻ ڏانهن هجي ۽ اڳيان ورانڊو هجيس؛ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف بلڪل کليل هجنس، جيئن هوا ۽ اُس جام گهر ۾ اچي سگهي. پيڙهه مضبوط ۽ پڪي ڪجي، جيئن زمين جو هيٺون پاڻي مٿي اچي نه سگهي. پيڙهه ئي فٽ کن زمين کان هيٺ نِجي، جنهن ۾ پٿر ۽ چن ڀرجن. زمين کان مٿي ڇهه انچ سيمينٽ ۽ ڪڪريءَ جو تهه ڏجي، ته پوسل ۽ ڪلر کي مٿي چڙهڻ جي واٽ ئي نه ملي. گهر جو تر زمين کان جيترو مٿي هوندو، اوترو چڱو؛ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي فوٽ ته مٿي ضرور هجي، جيئن فرش ۽ ڀتيون سيلاب کان آجيون رهن: جاءِ به بلند ۽ شانائتي لڳندي ۽ هوا توڙي روشني جام ايندي. ڪمرا ڪشادا ڪجن ته وائکائي رهي. ڀتيون پَڪيون سِريون، ڏيڍ فوٽ ويڪريون هجن، جي نه رڳو گهر کي پائدار ڪنديون، پر گهرواسين کي گرميءَ سرديءَ کان به حفاظت ۾ رکنديون. پتري ڀت اونهاري ۾ گرم ۽ سياري ۾ ٿڌي لڳندي. ڀتين کي اندارن ٻاهران لنبائڻ چڳو ٿيندو. اندرئين پاسي اڇي چن جي پوچي، صحت جي خيال کان سٺي آهي. جتي گرمي گهڻي ۽ اُس تيز هجي، ته اندر هلڪي دلپسند رنگ ڏيارڻ ۾ به ڪا حرڪت ڪانه آهي، رنگ اُس جي تک ۽ تپش کي نرم ڪندو. پٽ تي پڪو فرش ٻڌائجي، يا سيمينٽ سان تر لنبائجي، جيئن نه هيٺيون پاڻي سِمي مٿي اچي، نه مٿيون پاڻي اندر وڃي. ڇت، گرم ملڪن ۾ چوڏهن فٽ مٿي هئڻ مناسب آهي ۽ سرد ملڪن ۾ ٻارهن؛ پر ڏهن کان هيٺ ته ڪنهن به صورت ۾ نه هجي. پکن ۽ ٽوئن واري ڇت جاءِ کي ٿڌو رکندي، پر جي ڪُئا پهتس ته آزار متو؛ بعضي ته جهرڪيون به خوب آکيرا ٺاهي وهنديون اٿس؛ انهن کان سواءِ، وڏو انديشو باهه جو هميشه رهندو. ڇت انداران ٻاهران اهڙي ڇڪي ۽ سڌي سنئين لتل هجي، جو نه هيٺ پکي ۽ چچيون آستانو ڪن، نه مٿان مينهن جو پاڻي ئي ڪٿي ترسي. ٿوريءَ وٿيءَ سان ٻِٽي ڇت جاءِ کي ٿڌي رکڻ لاءِ بلڪل ڪارائتي آهي. ڇت ۾ مَنگههَ ۽ کانئس ٿورو هيٺ، ڀتين ۾، روشندان جاءِ کي وائکي ۽ روشن رکڻ لاءِ ڪارگر تجويزون آهن. در دريون هوا جي رُخ تي آمهون سامهون هئڻ گهرجن. هوا کي، اندر اچڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ، ٻئي واٽون ضروري آهن؛ نه ته هوا ڪا نالي جي پهچندي. جيڪڏهن ڪنهن ڪوٺيءَ کي فقط هڪ در ۽ هڪ دري هوندي، ته دروازي ورائڻ کانپوءِ هوا جو گذر بلڪل روڪجي ويندو، ۽ بآهمي ٿيندي. درن، درين ۽ روشندانن کي ڄاري لڳل هجي، ته ان جهڙو مزو ته آهي ئي ڪونه. ڄاري نه رڳو گهر کي ٿڌو رکندي، پر مکين ۽ مڇرن جي آزار کان به امان ڏيندي. ڪيترن سرند صاحبن هن تجويز جي حڪمت نه سمجهي آهي: پر جي هڪ ڀيري ڄاري جو فائدو ڏسن، ته پهرين اها پوئواري ڪن، ۽ ڪڏهن نه ڇڏينس. رڌڻو اهڙي پاسي ڪجي، جتان دونهون اندر نه اچي، نه ڪاڪوس سان لاڳو هجي، نه رستي سان، نه ته مکيون ۽ مٽي پنهنجو آزار ڳنڍيو اينديون ۽ اسان جو کاڌو خوراڪ جي عيوض تڪليف جو سبب بڻبو. رڌڻو جيترو ويڪرو اوترو سٺو. رڌڻي جي در درين تي ڄاري هئڻ بلڪل ضروري آهي؛ نه ته مکيون ستائينديون رهنديون. زمين تي پڪو فرش ۽ پاڻي جو نيڪال پختو هجي، جئن پوسل نه ٿئي. ڪاڪوس گهر کان پاساهان، ڪنهن اهڙي طرف هجن، جتي سندن ٻه پاسا ضرور کليل رهن. فرش مضبوط ۽ سيمينٽ سان لتل هجن، جيئن پاڻيءَ جو ذرو به هيٺ دخل نه ڪري. چُلها بلڪل سڌا ۽ لسا لتل هجن، جيئن صفائي پوري ٿي سگهي، ۽ گندگيءَ جو ذرو به ڪٿي اٽڪي نه سگهي؛ نه ته بدبو پچر ڪانه ڇڏيندي. پاڻيءَ جي نيڪال جون ڪسيون به بلڪل پوري طرح لتل ۽ لهواريون هجن، جن مان نپاڻي هڪدم وهي وڃي. ڇت جو ڏاکڻيون حصو خالي ڇڏجي، ته اس خوب اچي ۽ هوا به بدبو کي چٽ ڪندي رهي.

اڏاوت جي ايراضيءَ کان گهڻو نه، ته به ٻيڻو اڱڻ هئڻ ضروي آهي. جي گهر جي چوڌراري کيل ٽڪر ھوندا ته پاڻ گهر ٿڌو ۽ هوادار ٿيندو. ضروري آهي ته اڱڻ مٽي کان آجو هجي؛ نه ته پنهنجي اندرين مٽي به ڪمرن ۾ ڪاهي پوندي ۽ سک ڦٽائيندي رهندي.اڱڻ ۾ پاڻيءَ جو نيڪال اهڙو پورو هجي، جو مينهن جو وسڪارو ٿيو نه آهي، پاڻي ويو نه آهي. ڪشادي اڱـڻ ۾ ٿوري ساوڪ يا سُرهن گلن جا ٻوٽا هئڻ به زندگيءَ جي زنيت آهي.

گهر جو بندوبست. گهر ۾ پاڻي جو چوکو بندوسبست هئڻ گهرجي؛ نه ته صفائي پوريءَ طرح نه ٿي سگهندي ۽ صحت وڃڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ڪندي. پاڻيءَ پيئڻ، رڌ پچاءُ، وهنجڻ ۽ ڌوءَ پوءَ لاِءِ ڪافي هجي ۽ بيپرواهه نوڪرن جي حوالي نه ڇڏجي. پاڻي جا گهڙا صاف هجن.

روشني گهرجي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هئڻ ضروري آهي. ڏاڪڻين ۾، دو ڇٽين ۽ هرين ۾هر هنڌ روشني پهچڻ گهجر.ي هر ڪا ڪنڊ اونداهه کان آجي هجي.جتي اوندهه ۽ ٻوسٽ هوندي، اتي سلهه پئي دکندي.

مٽي ۽ ٻيو ٻهاريل ڪچرو، ٽين ۾ ڪٺو ڪري، گهٽيءَ جي ٻاهرئين ٻُهر جي عام دٻي ۾ ٻه ڀيرا صبح ۽ شام  ڇڏجي. ڌوءءَ پوءِ جي پاڻي جو نيڪال، ڱلي يا بند ڪسين جي وسيلي رکجي. ڪاڪوس جي ڪچري جو نيڪال بهتر جي معرفت يا ”فلش سسٽم“ (Flush System) تي تجويز ڪجي، جئن هر وقت جاءِ صاف ۽ بدبو کان آجي رهي. ”فلش سسٽم“ ڪراچي جي شهر ۾ چالو آهي. جتي زنجير ڇڪڻ سان يا بٽڻ دٻائڻ سان ڪاڪوس صاف ٿيو وڃي ۽ ساري شهر جي لکن ماڻهن جو ڪچرو زمين ۾ پوريل گٽرن مان وهيو وڃي سمنڊ ۾ پوي ٿو. هيءُ صفائي جو بهترين نمونو آهي. جو گهڻي ٿوري خرچ سان ڪٿي به ٺهي سگهي ٿو . جي ميونسپالٽيون پنهنجي فرض ادائيءَ جي ڪوشش ڪن.

گهر ته ڪشادو ۽ صحت جي اصولن موجب ٺهرائجي، پر ماڻهو منجهس حد کان گهڻا ڳاهٽ ٿيا،ته جھڙو گھر جڙيوتھڙونه جڙيو.جي پيءُ جوگھر چئن پٽنکي ملي، ۽ هر هڪ ڏئيس ويري، ته محل به ڀونگي ٿي پوندو، ۽ هوا جي نالي کان ئي سڪبو. گهر ۾ فقط ايترا ماڻهو هئڻ گهرجن، جو وڏي کو سَو چورس فٽ، ۽ ننڍي کي سٺ، ضرور ڀاڱي اچن. جوان ٻارن مان هر هڪ کي ڌار ڪوٺي هئڻ مناسب آھي.سڀني ننڍن وڏن، ڌين پٽن کي هڪ هنڌ سمهڻ، بداخلاقي کان بعيد نه آهي.

سوڙهي سنگهيڙي رهڻ ڪري نه رڳو ظاهري تڪليفون آهن، پر بيماريون به ڪيتريون وچڙي سگهن ٿيون.جهڙوڪ ڪـَليون سڄڻ، سلهه، خارش، ڏڍ، ڇاليون، وغيره. شل نه ڪو وچڙندڙ بيماريءَ ۾ ماڻهو وٺجي، ته هر ڪنهن کي ان مان وٺجڻ جو ڊپ رهندو. بيمارين کانسواءِ پوري هوا نه ملڻ ڪري، ٽوٽ، مٿي جو سور، ڦيري - ڪجهه نه ڪجهه آزار هوندو ئي هوندو


 

 

باب پنجون

صحت جا نيم

چيو ويو آهي ته ”انسان هڪ عادتن جو مجموعو آهي“: پوءِ جي جي عادتون سُٺيون، ته پاڻ اڳئي سُٺو، عادت نه رڳو هر ڪنهن ڪم پر ڪهڙي به ڏکئي ڪم کي اهڙو ته سولو ڪريو ڇڏي، جو بنا ڪنهن سوچ ويچار جي پاڻيهي ٿيندو رهي. بهتر آهي ته پنهنجي ٿوري عمر سڦلي ڪرڻ لاءِ، پريندي ئي، پاڻ ۾ ڪن اهڙين چڱين عادتن جو ٻج ڇٽيون، جي اڳتي هلي اسان يج زنگيءَ جو سفر سولو ۽ ڪارائتو ڪن. ظاھر آهي ته ڪاميابيءَ جي ڪُنجي ”صحت“ آهي. بيمار بُت ڇا ڪري سگهندو! سگهائي سڀڪجهه ڪري ٿي سگهي. اگهو پاڻ ٻين لاءِ آزار.

تندرستيءَ کي سالم رکڻ لاءِ تجويزون

1.  هوا. وس آهر، ڏينهن توڙي رات، کُليءَ هوا ۾ گذاريو

2. پاڻي. صاف پاڻي، بدن جي اندرينءَ توڙي ٻاهرينءَ صفائي لاءِ جام ڪري آڻيو

3. کاڌو. پنهنجي پڄنديءَ آهر، بهترين کاڌو کائو. پيٽ کي وانجي، عمدي پوشاڪ پهرڻ غلط آهي. تندرستي، سادگيءَ سان ويتر سهڻي. ڪپڙو اڄ نه سڀاڻي ٿي پوندو، پر بت ڊٺو ته عمر برباد

4. ننڊ. تَن توڙي مَن جي طراوت ”آرام“ آهي. لاڳيتو ڪم لوهي ڪَل کي به ڪَرٽي ڇڏي. جوان لاءِ اَٺ ڪلاڪ ننڊ ضروري آهي. ٻار جئن ننڍو، تئن آرام گهڻو گهرجيس. ننڊ اسان جي سڀني عضون جي ڀڳ – ٽوٽ لاءِ اڪسير آهي: پر ياد رهي ته ننڊ جو نينهن به صحت سان آهي؛ بيمار کي پڇي به ڪانه.

5. پيٽ صفائي. ”ضرورت“ جي خيال کي مٽائڻ آهي صحت وڃائڻ. اندرين صفائي، ٻاهرين صفائي کان گهڻو ضروري آهي. آندي جي خرابين جو اثر مغز تي به خوب ٿو پوي. صبح جو اٿڻ سان پهرين هيءَ ٽَڪ پوري ڪجي؛ جي شام جو به اون رکجي، ته قبضي اصل نه ٿيندي. چوڻي آهي ته ”هڪ ڀيرو جوڳي، ٻه ڀيرا ڀوڳي، ٽي ڀيرا روڳي“. جي بي سبب بدن سُست لڳي، ته جلاب جو خيال ڪجي.

6. تماڪ ڇڪڻ. صحت جي ديوار کي پاڙان پٽڻ لاءِ هن جهڙو ڪاريگر سيلاب ٻيو ڪونهي. دل جي لاءِ ته زهر قاتل آهي. اڄڪلهه جو دل جون بيماريون وڌي ويون آهن، سي سگريٽ سبب. پنهنجا پئسا خرچي، پاڻ کي پورو ڪرڻ، خيال جوڳي ڳالهه آهي! تماڪ جا واپاري جي ڪروڙ پتي آهن، سي اخبارن رستي ڪنهن نه ڪنهن ڊاڪٽر جو رايو عام جي اڳيان رکي ڇڏيندا آهن ته ”تماڪ بيضرر آهي“ پر ڏڌ چکي وٺجي!

 

7. بدني صفائيءَ. بدني صفائيءَ لاءِ هيٺيون ڳالهيون هر وقت ڌيان تي رکڻ کپن:

چمڙي ته هڪ غلاظتن نيڪال ڪرڻ جو وسيلو آهي: روزاني وهنجڻ ڪري، پگهر جي ڳلڦڙن جا سوراخ کليل رهندا ۽ هو پنهنجو ڪم پوريءَ طرح ڪري سگهندا؛ نه ته مٽي ۽ پگهر گڏ ٿي بدن ۾ بُوءِ پيدا ڪندا ۽ بي آرامي ٿي پوندي. روز وهنجڻ بلڪل ضروري آهي.

.ڏندڻ ڏيڻ. وات صاف نه رکڻ سبب ڪيتريون خطرناڪ بيماريون ٿين ٿيون: کاڌي جا ذرا ڏندن جي وٿين ۾ جيوڙن جي اثر هيٺ ڪنا ٿي زهري شيون ٺاهين ٿا، جي هاضمي جون خرابيون، سنڌن جا سور، دل جون بيماريون، بُڪين جون يبماريون ۽ رت جون خرابيون پدا ڪن ٿا. وات گندو ٿيو، ته هر ڪنهن بيماري جو ٻج پيو. هر وقت، ڪنهن به شي کائڻ، بعد وات گُرڙين سان صاف ڪجي. رات جو سمهڻ مهل ضرور ڏندڻ ڪجي؛ وري ٻيو ڀيرو صح جو اٿڻ سان، سئيءَ يا ٽاچنيءَ سان ڏند نه کوٽجن.

.نَهن لهرائڻ. نهن وڏا ٿيا، ته منجهن مٽي ۽ ڪچرو ضرور پوندو، جو ماني کائڻ وقت پيٽ ۾ به ضرور پهچندو. نهن وقت بو قت صاف ڪجن ۽ هر هفتي لهرائجن.

وارن جي صفائيءَ. ”وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي!“ وارن جي پاڙن ۾قدرتي تيلي غدود ٿيندا آهن، جي صاف وار کي سڻڀي رکڻ لاءِ ڪافي آهن. ضرورت موجب، سرنهن جو تيل مغز لاءِ سٺو آهي. ڪوبه تيل جي بوءِ مٽائي يا رنگ ڦيرائي گهاٽو ٿي وڃي، ته ڪم نه آڻجي. ڌاڻن، پستن، بادامين ۽ خشخاش جو تيل مغز کي طاقت ڏيڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن

نَڪ جي صفائيءَ. ساهه کڻڻ جي اها ئي واٽ آهي نڪ، جو رات ڏينهن هوا جي غلاظتين سان ڀرجيو وڃي. جي نڪ کي صاف نه ڪبو ته سندس غلاظتيون ڦڦڙن تائين کڄي وينديون، ۽ نقصان ڪنديون. نڪ کي نهن سان کوٽڻ چڱو نه آهي. ٿور پاڻي لَپ ۾ کڻي، نڪ ۾ سڻڪي، ناسن کي وقت بوقت صاف ڪندو رهجي.

منهن ڌوئڻ. هٿ ۽ منهن، جي پوشاڪ سان ڍڪيل نه ٿا رهن،هميشه مٽيءَ جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. ضرورت موجب، کين ضرور ڌوئبو رهجي. اکين کي به پاڻيءَ سان چڱيءَ طرح صاف ڪندو رهجي. جئين خراب نه ٿين. ٻارن جون اکيو، پوريءَ صفائيءَ نه هئڻ ڪري، پڙچين سان ڀرجي وينديون ؛ ويتر جو مکيون ويٺين، ته اکيون ڄاڻ ته اُٿيون.

8. پوشاڪ. ڪپڙن جو پهريو مقصد آھي بدن کي ڪوسيءَ ٿڌيءَ کان بچائڻ: ان ڪري سياري ۾ اهڙين شين جا ڪپڙا پائجن، جي بدني گرميءَ کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏين-،جهڙو اُن ۽ پشم.ته تمام ٿڌن ملڪن ۾ ته کلن جون پوستينون پهريندا آهن. اونهاري ۾ سوٽي ڪپڙا پائبا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي گرميءَ کي نه روڪندا آهن. ريشم، ان کان سرد ۽ ڪپهه کان گرم سمجهڻ گهرجي.

ڪپري جو رنگ به اثرائتو آهي. اڇو رنگ گرمي ڪانه کڻي، ان ڪري ٿڌو ٿيندو آهي؛ پوءِ نمبر وار آهن ڦڙڪو، ڳاڙهو، سائو، نيرو ۽ ڪارو. اونهاري ۾ ٿُلهو اڇو ”ڊڪ“ جو ڪوٽ، سنهي ڪاري ”ايلپاڪي“ جي ڪوٽ کان بهتر آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪارو ايلپاڪو اس جي گرمي سانڍي جهٽ تپي پوندو.

ڪپڙا هميشه صاف پهرجن، جئن پاڻ کي به آرام رهي ۽ ٻين کي به خراب نه لڳن؛ چوندا آهن ته ”کائجي پيٽ سهائيندو، ڍڪجي لوڪ سهائيندو“.

ڪپڙو جيترو هلڪو اوترو چڱو ۽ اهڙو هجي جو پگهر چُهي وٺي. جئن ململ، نرم گنجيون به هن خيال کان چڱيون آهن، پر ڪشاديون ضرور هجن، جئن ڇاتيءَ کي ڀيڙي نه جهلين. ٻڍن ۽ ٻارن کي، ٻاهر نڪرڻ ملھل، ڪپڙو سرس هئڻ بهتر آهي؛ ڇاڪاڻ ته مٿن ٿڌ و اثر جلد ٿي سگهي ٿو.

ڪوبه ڪپڙو تنگ نه هئڻ گهرجي، جيئن بدن آزاد رهي. جوراب بلڪل صاف هئڻ گهرجن. نه ته پيرن ۾ بدبو ٿي پوندي. بوٽ جو پٻ اهڙو هجي، جنهن ۾ پيرن جون آڱريون آزاد رهن. پٻ سوڙهو هوندو، ته آڱريون هڪ ٻئي تي چڙهيو ڦڏيون- ٿي پونديون؛ ان کانسواءِ ڪڪرن ۽ لڦن پوڻ جو به امڪان آهي. ٽوپيون هلڪيون بهتر آهن. ٽوپيءَ جو ڪم آهي اس جي اثر کان مٿي کي بچائڻ. وارن کي به هوا جي ضرورت آهي: هر هڪ وار پورو آهي، ۽ انهيءَ پور ۾ هوا هوندي آهي، جنهن جي مٽا سٽا ٿيڻ ضروري آهي. ٽوپين ۾ بعضي ننڍڙا ڄاريءَ جا منگهه هوندا آهن، اهي به انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ.

ورزش. هڪ هنڌ ويهي ڪم ڪرڻ واري لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه بُت کي چوري پوري عضوا به هلائي؛ نه ته صحت پوري نه رهنديس. پورهيت ته مورڳو وقت کان گهڻو ٿو بت کي ولوڙي، ان ڪري ان کي زياده آرام جي ضروت ٿيندي. ورزش لاءِ ڪيتريون رانديون به تجويز ڪيون ويون آهن، ته ڪجهه دلچسپي به شامل ٿئي: ڪرڪيٽ، ٽنيس، فُٽ بال، هاڪي وغيره شاندار رانديون آهن. ورزش جا ڪي سولا نمونا هي آهن:

سنئون بيهي، هٿ ڪکين تي رکي، جيترو ٿي سگھي يا اوترو اڳتي پوئتي ۽ هر هڪ پاسي، پاڻ کي موڙڻ.

هر هڪ ٽنگ، واري سان مٿي ڪري، سڌي جهلڻ ۽گول ڦيرائڻ.

ٻانهون سڌيون ڪرڻ، مٿي کڻڻ ۽ گول ڦيرائڻ.

گوڏو موڙي، ٽنگ کي واري سان مٿي هيٺ ڪرڻ.

پٻن تي اوڪڙو ويهڻ ۽ اٿڻ.

ڳچيءَ، مُرئي، ڪرائي ۽ آڱرين کي واري سان چورڻ. ياد رکڻ گهرجي ته ورزش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته صاف هوا، بدن جي ذري ذري کي پهچي، سندس غلاظتيون صاف ڪري: ان ڪري جي بند ٿيل جاءِ ۾ ڪسرت ڪبي، ته ان مان ويتر نقصان ٿيندو؛ ڇاڪاڻ ته هر هر خراب هوا پئي اندر ويندي.

گهر جي صفائيءَ. گهر ۾ ڪٿي به ڪو ڪچرو ڏسجي، ته هڪدم صفا ڪري ڇڏجي. گهرو اسباب بلڪل صاف رکجي ،خاص طرح غلم ۽غاليچا پوسل ٿيڻ نه ڏجي؛ ان ڪري جانور گهر ۾ نه رکجن. ڪُڪڙيون، ڍڳيون، مينهون وغيره گهر ۾ ٿيون ته گهر جي صفائي ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي، ۽ هر وقت جانورن جي ڪچري جي ڌپ پئي پريشان ڪندي.

 

باب ڇهون

ڪچري جو نيڪال

(Disposal of Refuse)

سچ ته ڪنهن به شهر جي ٻاهرين صفائيءِ جي حالت رھاڪن جي صفائي جي درجي جو نشان آهي. البت ائين هوندو ته ڪي رهاڪو پنهنجي گهرن کي خوب صاف رکندا هوندا پر جي چار گهر صاف رهيا ته ڇا ٿيو. هو پنهن پاڙيسرين جي گندگيءَ جو شڪار ٿي نه ٿا سگهن ڇا؟ ڀلاجي ڪچرو گهٽي ۾ پيو ڪٺو ٿيندو، ته ان جي بدبو گهرن ۾ نه ايندي يا سندس مکيون نه اينديون؟ جي پاڙي ۾ ڪو ڪالرا جو ڪيس ٿيو ته پاڻ کي سلامت سمجهڻ بي سمجهيءَ کان گهٽ ناهي. مطلب ته صفائيءَ جو مقصد فقط تڏهن پور ٿي سگهندو، جڏهن نه رڳو اهو خيال رکبو ته ”منهنجو گهر صاف هجي“ پر گهٽي به صاف هجي، ۽ پاڙيسريءَ جو گهر به“ ضروري آهي ته سڀ هن ڪم ۾ ڪوشش ڪن، نه ته بيمارين کان بچڻ ناممڪن ٿيندو. شهر جي صفائي ۾ ڪچري جي نيڪال ج پرو بندوبست هئڻ گهرجي، ائين نه ٿئي، جو گند گهٽين ۾ ڍير ٿيو پيو ڌپ ڪري ۽ مکيون ميڙي! خاطر خواه صفائي کي چئجي، جو اڃا گند پيدا ٿئئ ته جلد ۾ جلد ان کي ناس ڪيو وڃي. ساڳيءَ طرح، هار وير ۽ ڪاڪوسن جي پاڻيءَ جو بندوبست به اهڙو هجي، جو ڪٿي به دٻا نه ٿين، نه بدبو ۽ مڇر پيدا ٿين.

صفائيءَجي ڪم لاءِ شهرن ۾ ميونسپالٽيون، ۽ ڳوٺن ۾ سئنيٽري ڪاميٽيون مقرر ٿيل آهن، جن جي طرفان، سندن مالي حالت موجب، صفائيءَ جو عملو مقرر ڪيل هوندو آهي. مگر ياد رکڻ گهرجي ته جي رهواسين جي نڪ ۾ بوءِ ويهي ويئي ته عملو اڃا فرض ادائي ڪرڻ سکيو ئي ڪونه آهي، ۽ ٻئي پاسي، جي هر هڪ رهاڪو صفائي قائم رکڻ ۾ مدد نه ڪندو، ته پوءِ عملي جي ڪيتري به ڪوشش ڪامياب ڪانه ٿيندي. صفائي رکڻ لاءِ برجستا ٻهاريدار گهرجن، جي ڪَرڙن انسپيڪٽرن جي زير نظر برابر ڪم ڪن؛ نه ته ڪم پوريءَ طرح ٿيڻ سولو نه آهي.

گندگي هڪ هنڌ تي ڪٺي ڪرڻ لاءِ، هر هڪ پاڙي ۾ مناسب هنڌن تي لوهه جا اپيپ هئڻ گهرجن، جن جي پاسن کان ڪڙا هجن ۽ هيٺان مٿان کليل: هر هڪ گهر کي پنهنجو ٻهاريل ڪچرو انهن ۾ ڇڏڻ گهرجي، جتان وري ٻهاريدار، گهٽي جي ٻهاريل گند سميت، ان کي ڳوٺ جي ٻاهران گاڏين ۾ ڍوئي وڃي ڍوئيءَ تي گڏ ڪندا. گند کي هتي به گهڻو وقت پوڻ نه ڏجي، هڪدم نيڪال ڪرڻ گهرجي. نيڪال جا هيٺان رستا آهن.

گڏ ٿيل گند ڪچري کي شهر جي ٻاهر کَڏن يا تلاون ڀرڻ جي ڪم لائجي. هن نموني ۾ البت خرابي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي: بدبوءِ دار، ته مکين ۽ ڪُئن جو واڌارو ٻئي پاسي؛ ويتر جي پيو مينهن، ته شايد گند وارو پاڻي به پيئڻ واري پاڻيءَ ۾ پوي! جي لاچار ٻيو رستو نه هجي، ته گند کَڏ ۾ وجهي، مٽيءَ ۽ ڪَکن سان ڍڪي ڇڏجي؛ نه ته بهتر ائين ٿيندو ته بنهه ساڙي ڇڏجيس. گند ساڙڻ لاءِ کورا به ٿيندا آهن، جي لوهه جا جڙيل هوندا آهن ۽ انهن جي مٿان دونهي نڪرڻ لاءِ بمبو هوندا آهن. جي اهڙو انتظام نه ٿي سگهندو هجي، ته گند زمين تي ئي ساڙي ڇڏجي. پاسو اهڙو مقرر ڪجي، جتان هوا ڳوٺ ڏانهن نه  ايندي هجي ،جئن بدبوءِ يا دونهون ماڻهن تائين نه پهچي.

باقي رهيو ڪاڪوسن جي ڪچري جو نيڪال: ڪرفتيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ به هڪ خاص هنڌ شهر جي ٻاهران اهڙي پاسي مقرر ڪرڻ گهرجي، جتان هوا نه ايندي هجي. اتي ڀنگي سڀ ڪچرو ڏولن ۾ ڍوئي، يا ٻيءَ طرح، وڃي گڏ ڪندا جتي اهو ڪچرو ٻن نمونن ۾ نيڪال ڪري سگهجي ٿو: (1) پورڻ ۽ (2)ساڙڻ.

پورڻ لاءِ ڪو خاص ٽڪر زمين جو هئڻ گهرجي، جنهن کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائجي، ۽ هر هڪ ڀاڱو ٽئي ٽئي سال، واري تي ڪم آڻجي. منجهس هڪ فوٽ جي وڇوٽين تي ٻه فوٽ چورس کڏون کوٽجن، جي فوٽن اونهيون هجن. هر هڪ ۾ ڪرفتي فقط ٽي انچ ڀرجي، جنهن کي کوٽيل مٽيءَ سان پوري ڇڏجي. جيڪي ٻه ڀاڱا بچن، تن ۾ پوک ڪرڻ ضروري آهي؛ نه ته زمين ايتري ڀاڻ کڻڻ کان ٿڪجي پوندي ۽ بدبوءِ ٿيندي جي اهڙو بندوبست نه ٿي سگهندو هجي، ته ٻهاريل ڪچري سان گڏ ڪرفتي به روز ساڙي ڇڏجي.

هار وير جو پاڻي سيس پلن مان ڪڍائي، شهر جي ٻاهر اهڙي هنڌ ڇڏجي، جتي جلد سڪي وڃي. جي شهر وڏو هجي ته۽ ڪسين جو انتظام هجي، ته اھو پاڻي  نيٺ وڃي ڪنهن زمين ۾ ڇڏجي، جتي ان تي آبادي ٿي سگهي پوءَ نه ته لوسڻ يا ٻيو ڪو گاهه عمدو پيدا ڪري سگهبو. ڪسين کي روز چڱيءَ طرح صاف ڪرائجي، ته جئين ڪا ڪسي ڪٿي ڪچري سان ڀرجي اٿلي نه؛ نه ته گهٽي سڄي خراب ٿي پوندي ۽ بد بوءِ اًيندي رهندي.

بهتر ته ائين ٿئي، جو ميونسپالٽيون، همت ڪري، شهر وانگر، زمين جي اندر گٽر هڻائي کليل ڪسين جي آزار کان شهرين کي آجو ڪن. خبر نه آهي ته اسان جي ميونسپالٽين جي اڳواڻن کي ڪهڙيون مجبوريون شهرن کي سڌارڻ کان روڪين ٿيون؟ حيرت آهي ته پنج هزار ورهيه اڳي ”موهن جي دڙي“ واري وقت ۾، زمين ڊور ڪسين جو بندوبست هو، سو اڄ ايڏيءَ ترقي جي زماني ۾ ڇو نه  ٿي سگهي!

 

 بابت ستون

جيوڙا ۽ وچڙندڙ مرض

جيوڙا

جيوڙا بلڪل باريڪ هڪ گهرڙيا جيو آهن، جي ڏسڻ ۾ ڪين اچن؛ ۽ اهڙا ته سنهڙا آهن جو هڪ چورس انچ تي چاليهه ڪروڙ ماپيا ويندا آهن  جيڪي ، هر هنڌ حاضرھوندا آھن. اسان جي بدن تي، گهر جي سامان، ڪپڙن، هوا ۾، پاڻيءَ ۾، کاڌي جي شين ۾، مٽيءَ ۾، زمين تي: پرسندن مک وٿاڻ آهن ڍونڍون۽ گند جا ڍير، ڪرفتي، ڪسيون، ڪاڪوس ۽ ڪچرو. جي تازو رڌل کاڌو ڪجه وقت لاءِ رکبو، ته ان ۾ به ڪيترائيءَجيوڙا پئجي ويندا ۽ منجهس ڇَٽ ٿي پوندي. ڪابه شي ڪٿي ڌپ ڪري، ته اهو اثر جيوڙن جو. جي جيوڙا نه هجن ته مئل جانور به اهڙي جو اهڙو سُڪي وڃي، پر ڪنو ٿي اُڀامي ڌپ ڪين ڪري.

جيوڙا ڪي ته اهڙا آهن، جو پاڻ غلاظتون کائي دنيا کي ڪِن کان آجو ڪيو ڇڏين، پر ڪي ته وري اهڙا اڙٻنگ آهن جو جانورن کي به  پورو ڪيو ڇڏين: ڇا لڳي جو جيوڙو، ڇا ماڻهو،هڪ ڏينهن ۾ ختم! جيوڙن کي واڌ ويجهه لاءِ ٽي شيون کپن: گرمائش، پاڻيٺ ۽ کاڄ. مزو ته اهو آهي ته اسان جي بدن ۾ اهي ٽي ئي شيون موجود ،پوءِ ڇو نه موج ڪن! اڃا ڪنهن مرض جا ٿورا جيوڙا اندر داخل ٿيا، ته ٻيگهي مچيو وڃين؛ پوءِ ته وڌندي ويجهندي، ڪروڙن جا ڪروڙ ٿيو وڃن. ٻيا وري ٺاهين پنهنجا وِههَ (Toins) جي ويتر بدني طاقتن کي ڳاريو وجهن. هيڏانهن وري رت جا اڇا گهرڙا وڌيو اڪيچار ٿيو وڃن ۽ اچيو لڙائي لڳي پوءِ جيڪو کٽي. جي رت کٽيو ته مرض ڀڳو، جي جيوڙن کٽيو ته مڙس مئو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com