سيڪشن؛علميات

ڪتاب:تن ۽ تندرستي

باب: --

صفحو :11

اوهان کي عجب لڳندو ته جيوڙا ته سڀني جي لاءِ ساڳيا ، پوءِ ڪي مريو وڃن، پر ڪي ته مهامرين ۾ تازا توانا هلندا وتن، سو ڪيئن؟ هاڻي ٿورو ٻِج ۽ زمين جو خيال ڪريو. هاري ٻج ڇٽي ويندو آهي، ته سندس سڀ ڪڻا اَن ڪونه ڪندا آهن: ڪي پکي چُڳي ويندا، ڪي لتاڙجي ويندا، ڪي وڃي سخت ٽاڪڙو زمين تي پوندا، جي اڀري لک ڪڻا پيدا ڪندا. ساڳيو قصو آهي اسان جي بدن جي زمين ۽ جيڙن جي ٻج جو، ڀلا ڪي اسان ۾ هوندا ورزشي جوان، سگها ۽ تندرست، تن ۾ جي جيوڙا داّخل به ٿيا، ته ڄھڻ پٿر تي پيا؛ پر ڪي هوندا ضعيف، تن ۾ خوب پنهنجو ديرو ڄمائي ويهندا ۽ کين ناس ڪري ڇڏيندا. سچ آهي ته ”ڏٻريءَ کي مڇر گهڻو“. دنيا ۾ جيئري رهڻ لاءِ وڏي جدو جھد ڪرڻي ٿي پوي.

 

جيوڙا بدن ۾ ٽن رستن سان داخل ٿين ٿا:

وات مان، کاڌي پيتي جي رستي،هي جيوڙا وڃيو آنڊي جون بيماريون پيدا ڪن.

نڪ مان، هوا جي رستي، جي ذريعي وڃيو ڦڦڙن جون بيماريون پيدا ڪن.جهڙوڪ کنگهه، سلهه، نمونيا، انفلوئنزا وغيره

ٻين جيئن جي معرفت ، جيئن مڇر جي چڪ پائڻ ڪري مليريا جا جيوڙا وڃيو رت ۾ پون؛ ڪارڙي ڪوئي (Rat flea) جي چڪ پائڻ ڪري پليگ ٿئي؛ ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ ڪري، ڇِتائي؛ وغيره.

اوهان کي خبر هوندي ته ڪي بيماريون ماتا، ارڙي، لاکڙو وغيره سڄي عمر ۾ فقط هڪ ڀيرو ٿيندويون آهن، سو ڇو؟ ايتري ته خبر اٿوَ ته رت جا اڇا گهرڙامرض سان مقابلي ڪرڻ لاءِ آهن. هاڻي جي هڪ واريءَ اهي ڪنهن مرض کي ناس ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿا ٿين منجھن ھڪ طاقت انهيءَ مرض کي ناس ڪرڻ جي پيدا ٿيو وڃي ۽ پوءِ ساڳئي مرض جا جيوڙا داخل ٿيا آهن ته مئا نه آهن. انهيءَ اصول تي، ڪن بيمارين (جهڙوڪ ماتا) لاءِ ٽڪا هڻائبا آهن، جن ۾ هٿ سان ٿورو ماتا جو اثر بت ۾ داخل ڪبو آهي، ته ڀل رت ان سان چٽ کائي سوڀار ٿئي ۽ ماتا لاءِ تر ياق ٺاهي. پوءِ جڏهن به ماتا جا جيوڙا بدن ۾ گهڙيا، ته بنا ڪنهن جڌ جي ناس ٿيويندا، اپڙندا ئي ڪين، جو رڳو تپ ئي ٿئي يا خبر ئي پوي ته بدن ۾ ڪو زهر به داخل ٿيو هو.

مرض جي نسرڻ جو مدو (Incubation period).

ڪنهن به وچڙندِڙ بيمارِ جي جيوڙن داخل ٿيڻ شرط، هڪدم بيماريءءَ ڪانه ٿيندي آهي. پهرين ته جيوڙا به اچي ٿڙٿانءُ ڪن، ۽ بدن ۾ ڪنهن اهڙي جاءِ تي هجن، جتي سندن ڦوٽهڙي لاءِ ضروري حفاظت ۽ کاڄ ملين؛ پوءِ اتي زور وٺن، وڌن ويجهن، زهريلا جزا ٺاهي بدني طاقتن کي هيڻو ۽ لالنجھو ڪن، تڏهن وڃي ڪجهه پاڻ لڪائين ۽ بيماري ڪنهن ڪڍي. آلابته انهيءَ ڪشمڪش جي وقت ۾ بُت ۾ ڀڃ، ٿڪ، ٽوٽ، ڪرموڙ، اٻاسيون، ٿورو بخار ۽ بي آرامي ضرور معلوم ٿيندي؛ ڇاڪاڻ ته جي بدن تي بيماري غالب نه ٿي آھي ته گھٽ ۾ گھٽ بدن لڙائيء جو ميدان بڻجي ويندو آھي.ان ڪري بت ۾ پيڙھ ته ضرور ٿيندي آھي ،جيسين بيماري  منهن ڪڍي. ان جيوڙن جي دخل ۽ بيماريءَ جي ظاهر ٿيڻ واري عرصي کي ”نسرڻ جو مدو“ چئبو آهي. نسرڻ جو مدو هر هڪ بيماري جو پنهنجو ھوندو آھي. جن بيمارين جا جيوڙا زوردار آهن، ته جلدئي جسم کي زير بار ڪيو وڃن؛ ڪن جا جيوڙا ڪمزور آهن،ته بدن مٿن غالب پئجيو وڃي ۽ بيماري ٿي نه ٿئي جهڙي،هلندي گذاريو ڇڏجي. ڪي بيماريون ڪلاڪن ۾ اپڙن، ته ڪي هفتا، بلڪ زياده وٺن. ڪم عام وچڙندڙ بيمارين جي نسرڻ جا مدا هيٺ ڏجن ٿا:

زڪام                                                                               12-48 ڪلاڪ

انفلوئنزا                                                                                         1-2 ڏينهن

خناق   Diphtheria                                                              1-3 ”

سوري  Dysentery                                                                  1-7 ”

ڪالرا  Cholera                                                           2-5 ”

پليگ  Plegue                                                     2-8 ”

مليريا  Malaria                                                         3-12 ڏينهن

گردن ٽوڙ بخار Cerebro Spinal Fever                         4-8 ”

ارڙي   Measles                                                             9-14 ”

ماتا            Small pox                                                    10-14 ”

آنڊي جو تپ        Typhoid Fever                               10-14 ”

وڏي کنگهه            Whooping Cough                  13-15 ”

لاکڙو   Chicken pox                                                                       2-3 هفتا

وچڙندڙ بيمارين لاءِ ڪارآمد دوائون. هي عام طرح ٽن خاصيتن جون ٿينديون آهن: (1) ڇَٽ ماريندڙ؛ (2) جيوڙن جي واڌ روڪيندڙ؛ ۽ (3) جيوڙا ناس ڪندڙ.

ڌپ ماريندڙ دوائون (Deodorants). هي ٻن قسمن جون ٿين ٿيون: (1) اهي، جي پاڻ سڳنڌ واريون ٿينديون آهن، ۽ رڳو پنهنجي بوء(ِ3) جي تِک سبب بدبو گهٽايو ڇڏين ،مثلن يوڪلپٽس جو تيل، فنائل، ڪافور، اگر بتي وغيره ۽ (2) اهي، جن ۾ آڪسيجن گهڻي ٿي ٿئي، جا اصل بدبو پيدا ڪندڙ شين کي کايو ڇڏي- مثلن بليچنگ پائوڊ، پوٽيشم پرمئگنيٽ، هئڊروجن پر آڪسائيڊ، وغيره-

جيوڙن کي بي اثر ڪندڙ شيون (Antiseptics).

هي اهي آهن، جن جي اثر ڪري ڪي شيون، جيوڙن جي اثرکي روڪي، ڪني ٿيڻ کان بچائئ سگهن ٿيون؛ نه ته جيڪر جيوڙن جي وڌڻ ويجهڻ سبب گنديون ٿي وڃن. مثلن هلڪو ڪاربو لڪ لوشن (هڪ حصو ڪاربولڪ ائسڊ، چاليهه حصا پاڻي)؛ بورڪ لوشن (هڪ حصو ائسڊ بوربڪ، ٽيهه حصا پاڻي)؛ ٽنڪچر آئيوڊين (لال دوا)؛ ۽ لوڻ. ڏٺو هوندو ته جي ڪو پلو مڇي رکڻو هوندو آهي، ته لوڻ ڏئي رکبو آهي ته ڪنو ٿي باس نه ڪري. اوهان کي خبر آهي ته لوٺاڻي لوشن ۾ جيوڙا تڳي ڪين سگهندا.

جيوڙي مار دوائون(Disinfectants). هي اهي آهن، جي جيوڙن کي اصل ماريو ڇڏين: مثلن گرمي ،گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪائڻ سان جيوڙا بنهه مريو وڃن؛ تيز ڪاربولڪ لوشن هڪ حصو ڪاربولڪ ائسڊ، ويهه حصا پاڻي.

هوا جي جيوڙن کي مارڻ لاءِ وري گندرف جو دونهون سٺو. جيڪو ڪمرو صاف ڪرڻو هجي، ان جي ماپ ڪڍي، هزار ڪيوبڪ فٽن لاءِ اڌ سير گندرف تي حساب ڪري، سمورو هڪ ڪشادي برتن ۾ وجهي، ٽانڊن يا بهه تي رکجيس. جاءِ جا در دريون، سوراخ وٿيون، سڀ بند ڪجن. گندرف پهرين ڳرندو، پوءِ دونهون ڪندو. باهه ايتري رکجي، جو سارو گندرف سڙي وڃي. در اٺ ڪلاڪ نه کولجن.

ڊي. ڊي. ٽِي (D. D. T) جو ڦهارو ته سولو ۽ سٺو: ڀتين، ڇت ۽ پٽ تي خوب هڻي ڇڏجي ته جهٽ پٽ جيوڙا ته ٺهيا، پر مڇر، منگهڻ، ڪارڙا، ڏينڀو، چچيون وڇون، سڀ ناس ڪيو ڇڏي.

وچڙندڙ بيماريون

سروئي تپ

ڪارڻ. هيءُ وچڙندڙ تپ ”ائنوفليز“ مڇر جي چڪن پائڻ ڪري، هڪ مان ٻئي کي وچڙي ٿو. سانوڻيءَ جي مينهن جي دُٻن تي هي ڦوٽهڙو ڪندا آهن، ۽ سرءَ شروع ٿيڻ کان اڳي ئي تپ منهن ڪڍندو آهي: ان ڪري ”سروئي تپ“ چئبو اٿس.

مڇر عام ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: (1) ائنوفليز ۽ (2) ڪيوليڪس.

ائنوفيلز (Anophelese). هي مڇر ڊگهڙو، سنهو ۽ رنگ جو ڀُورو ٿيندو آهي. سندس پرن تي ڪاريون ٻُڙيون ٿينديون آهن. ڀت تي اڀو ٿي ويهندو آهي، جنهن ڪري سندس پُڇڙي ڀت کان مٿي رهندي آهي. سرءُ جي موسم ۾ گهڻو ٿيندو آهي. ڀونڪار به گهڻي ڪانه ڪري. سندس مادي ڪڙين جي ڪنارن، تلاون، برسات جي تازن دُٻن، کوهن، مطلب ته سٺي پاڻيءَ تي آنا لاهيندي آهي. چوويهن ڪلاڪن ۾ آنن مان سنها ڪينئا ڦٽي نڪرندا آهن، جن کي ”ٻچا“(larvae) چئبو آهي. هي ڪاٺيءَ وانگر پيا ترندا آهن، ۽ هر هر پاڻي جي سطح تي اچي ساهه کڻندا آهن. ٻن هفتن بعد منجهائن ”کوپا“ (Pupea) جڙندا آهن، جن مان ڏينهن ٻن ۾ مڇر نڪري اڏامي ويندا آهن.

ڪيولڪس (culex). هي مڇر ٿلهيرا، بندرا، رنگ جا ڪارڙا، ڪني پاڻي جي حوضين تي ميڙ ڪيو ويٺا هوندا آهن. ڀونڪار گهڻي ڪن. ڀت تي ڪٻا ٿي ويهن، جنهن ڪري سندن پڇڙي به ڀت سان پئي لڳندي آهي. هنن جي مادي ڪهڙي به ڪني پاڻي تي ويهي آنا لاهي. سندس ٻچا مٿي ڀر لٽي پيا ساهه کڻندا آهن، جن مان کوپا ۽ مڇر پيدا ٿين.

مليريا جي تپ جون نشانيون. تپ کان ڪجھه ڏينهن اڳي، قبضيت ۽ بت ۾ ڳاموڙ ٿيندي. آرس، ڪرموڙڻ، بت ۾ ڀاڃ نيٺ ڏڪڻيءَ ۽ سيءَ سان تپ اچي ويندو آهي، جو ڪجهه وقت ڇيهه ڪري، پگهر اچڻ بعد ٽٽي ويندو آهي، ٻئڙ ۽ ٽئڙ تپ به مليريا جا نمونا آهن. ڪوبه تپ، جو برابر وقتن تي وري وري اچي، اهو مليريا، مليريا جا جيوڙا رت جا ڳاڙها گهرڙا کائيندا رهندا آهن، ان ڪري تلي وڌندي رهندي ۽ جيرو پت به گهڻو ٺاهيندو آهي، جو الٽين ۾ پيو ڪڍبو آهي.

علاج. سيءَ کان پاڻ کي سوگهو ڪجي. سيءُ لڳو ته مليريا هڪدم ڀڙڪو کائيندي. تپ ٿئي ته هڪدم هنڌ ڀيڙو ٿجي. ڪوئنين يا پئليوڊرين جون ٽڪيون هن جو هڪ ٽڪ علاج آهي. تيسين وٺبو رهجي، جيسين صاف تپ ڇڏي. قبضيت هجي ته سالٽ جو جلاب وٺي ڇڏجي.

روڪڻ جا اپاءَ. مليريا مڇرن جي چڪن کان ٿئي ٿي، ان ڪري ڪٿي به پاڻيءَ جا دٻا نه ڇڏجن، جتي ڦوٽهڙو ٿي سگهي. رات جو مڇري دانيءَ کانسواءِ بلڪل نه سمجھه جي. گهرن کي اڇي پوچي ڏيارجي،مڇر اڇي رنگ کان ڀڄندو آهي؛ اونداهيون ڪوٺيون پسند ڪندو آهي. گهر ۾ ايترو سامان نه رکجي، جنهن کي صاف ڪرڻ ڏکيو ٿئي، ۽ مڇر آسودا ٿي ڏينهن گذارين ۽ رات جو چڪ پائين. روشنائي ۽ هوا کان مڇر ڀڄندو آهي. بهتر آهي ته هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪوئن جا پنج گرين وٺي ڇڏجن.

 

(2) پليگ

ڪارڻ. هي نهايت موتمار ۽ تيز وچڙندڙ مرض آهي، جو پهرين ڪُئن ۾ ٿيندو آهي، ۽ ڪئا مرڻ لڳندا آهن. ڪئن جي وارن ۾ هميشه هڪڙا سنهڙا ڪارڙا ٿيندا آهن، جي سندن رت چوسي جيئندا آهن. جڏهن پليگ ڪئي کي وٺندي آهي، ته ڪارڙن ۾ به بيماري ڪئي جي رت چوسڻ ڪري ڪيترائي پيلگ جا جيوڙا پئجي ويندا آهن.پر ڪارڙي کي پليگ ٿئي ٿئي ڪانه. ڪئي جي مرڻ بعد، ڪارڙن کي لاچار انهيءَ ڪئي کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جانور جي تلاش ۾ نڪرڻو پوندو آهي، جنهن کي چڪ پائي پيٽ ڀري ۽ اهو هوندو آهي ڪو ٻيو ڪئو يا ماڻهو. ڪارڙا، ماڻهوءَ کي ٽنگ يا ٻانهن تي چڪ پائيندا آهن، جنهن ڪري ”لمف“ نلين تان جيوڙا هلي اچي انهيءَ حد جي ”لمف گلئنڊ“ ۾ پوندا آهن ۽ ڳنر ڀرجي ڳنڍو ٿي پوندو آهي. ٻانهن ۾ چڪ لڳو هوندو ته ڳوڙهو ڪڇ ۾ ٿيندو، جي ٽنگ ۾ ته چڌي ۾.

نشانيون. ڪارڙي جي چڪ بعد ٻن کان اٺن ڏينهن اندر،بيماري زور شور سان اچي ڪڙڪندي، سخت تپ، وڦل، مٿي ۾ ڀاڻ، نستائي، بيهڻ ۾ ٽنگن جي ٿڙڪڻ ۽ هلڻ ۾ وچڙڻ- پوءِ ته بيهوشي ڳالهائڻ چچريل ٿي، ماڻهو عذاب ۾ موڪلائيندو. زوردار بيماري ته ڪلاڪن ۾ هلائي ڇڏي: هن نموني کي ”ڳوڙهيءَ واري (Bubonic) پليگ“ چئبو آهي. ٻي واري ٿيندي آهي ”ڦڦڙي (Pneumonic) پليگ“، جنهن جا جيوڙا کانگهاري ۾ نڪرندا آهن، جي هواجي وسيلي ٻين تائين پھچندا آ هن ۾ ڳوڙهو ڪونه ٿئي. سدس نشآنيون آهن تپ، کنگهه، ساهه جي مونجهه ۽ سخت نسائي. ماڻهو هنڌ تي ٿپو ته ويو، سخت موتمار آهي، ۽ پکڙي به ديسان ديس.

علاج. ”سلفانو مائيڊ“ جون ٽڪيون ۽ ”اسٽريپٽومائسن“ جون سُيون مفيد ثابت ٿيون آهن؛ پر مرض به موتمار آهي، ان ڪري هر ڪا ڪوشش هن مرض کان بچڻ جي ڪجي ۽بيماري کان پاڻ بچائڻ نهايت سولو آهي.

روڪڻ جا اپاءَ. ڪُئي کانسواُءَ پليگ ٿيڻ ناممڪن آهي، انڪري گهر۾ اهڙا اپاءَ ڪجن، جو ڪئا اچي نه سگهن. سيمينٽ جي گهرن ۾ ڪُئن جو رهڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته اتي ٻر ٺاهي نه سگهندا. اُن کي جي ڳچ وقت گهر ۾ رکيو ويو، ته ڪئا به ضرور هِرندا. رات جو ڪُئو ٻئي هنڌان به اچي گهر ضرور نُوسي، ۽ جي اوبر سوبر پئي رهندي ته کائي رهندو. ڪُتو گهر ۾ رکڻ ته ڪُئن کي هٿي ڏيڻي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻلو ايندو ئي ڪونه.

ڪو ڪُئو گهر ۾ مئل ڏسجي ته مٿان گاسليٽ هاري، ساڙي ڇڏجيس ته ڪارڙا به ساڻس سڙي وڃن. پليگ جي وقت ۾ جي گهر ۾ ڪئو مري، ته هڪدم گهر ڇڏجي، ۽ گهر کي خوب دوائن سان Disinfect ڪجي. ان لاءِ ”ڊي. ڊي. ٽي.“ جو ڦوهارو سٺو آهي. ڪُئن جي ٻِرن ۾ ڊي. ڊي. ٽي وجهي، مٿان لنبي ڇڏجين ته ڪئا اندر ئي مري ويندا. پليگ جي بچاءُ جي سئي تمام ڪارائتي آهي، ۽ ڪٿي به پليگ منهن ڪڍي ته هڪدم هڻائي ڇڏجي. جيترا گهڻا ماڻهو سئي هڻدائيندا، اورو مرض جلد پکڙجڻ کان روڪبو. سئي ٻارن کي به هڻائي سگهجي ٿي. گهر کي ڪئن کان آجي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش وٺجي

وبا

ڪارڻ. ڪالرا جي بيماري نهايت تيز وچڙندڙ ۽ خطرناڪ آهي. سندس ڪارڻ هڪ جيوڙو آهي، جو بيٺل تلائن، وٿاڻن ۽ ڪنين حوضين ۾ رهندو آهي. اهي جيوڙن سان ٽمٽار ڀنڊار جڏهن مينهن پوڻ ڪري يا ٻيءَ طرح پيئڻ جي پاڻيءَ سان اچي گڏبا آهن، تڏهن غليظ ٿيل پاڻيءَ جي پيڻ ڪري ماڻهو وٺبا آهن. مريض جي الٽين ۽ دستن ۾ به ڪئين جيوڙا هوندا آهن، جن تي مکيون ويهي، ڍو ڪري، جويڙن سان ٽنگون ٿڦي، وري جو اچيو ويھن اسان جي کاڌي جي شين، تي ٽھڪائڻ جي يويرم! اهڙي طرح خراب ٿيل کير، پاڻي ۽ ٻين کاڄرو  شين جي وسيلي، مک جي مهرباني سان مرض پکڙجيو وڃي. ظاهر آهي ته ڪالرا اسين پنهنجن ھٿن سان پنهنجي وات مان اندر ٿا اماڻيون. انڪري جي کاڌو پيتو سنڀالبو، ته مرض کان پاڻ بچائڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي ڀل ته مريض سان گڏ ويٺو هججي.

نشانيون. هن بيماري ۾ چانورن جي پڇ جهڙا دست ۽ الٽيون ٿينديون آهن؛ طاقت جلد هارجي ويندي آهي؛ ٿوري وقت کان پوءِ ڳڍڙيون پُوڻ لڳيندون آهن؛ پيشاب بند ٿي ويندو آهي: پوءِ ته جلد ئي منهن روڙجي، اکيون ڏرا ڏيئي وينديون، ننهن ڪاراٽجي ويندا ۽ مريض بلڪ نست ٿي ٺري ميري ويندو.

علاج. دستن ۾ بدن جو پاڻي ايترو نچوئجيو وڃي، جو رت گهاٽو ٿيو وڃي ۽دوري جو ڪم بنهه روڪجيو وڃي، ان لاءِ نسن ۾ پاڻي ڏبوآهي ته جيو گهرڙن تائين ڪجھه پاڻي پهچي. داوئن جو اثر گهڻو ڪونهي. پاڻي ۽ خارش جي پوئواري ضروي آهي. بيماريءَ جو ڪارگر علاج اڃا هٿ ڪونه آيو آهي؛ پر روڪڻ تمام سولو اٿس.

روڪڻ جا اپاءُ. ڪالرا چُري، ته هڪدم بڇاءَ جون سُيون ننڍي وڏي کي هڻائڻ گهرجن، جي ڇهن مهينن لاءِ پورو بچاءُ ڪري سگهن ٿيون. (2) ڪابه شي باهه تي چاڙهڻ کانسواءِ به پيئجي نه کائجي -کير هجي يا پاڻي. اڻ رڌل يا ٺريل شيون جن تي مک جي ويهڻ جو امڪان هجي، هرگز وات ۾ نه وجهجن. (3) مک کي گهر ۾ اچڻ نه ڏجي، کاڌي جون شيون، پاڻي پيئڻ جا ٿانو، سڀ ڍڪي رکجن، جئن مٿانئن مک نه ويهي. اندر آيل مکين کي ماري پورو ڪجي: ”فلاءِ پيپرس“ ۾ ڦاسائڻ سان، فلٽ سان، ڊي ڊي ٽي سان يا ”فلاءِ فلپ“ سان سٽي پورو ڪجين. (4) دڪان جي ڪابه شي چپن تائين نه آڻجي. ريلوي اسٽِيشن تي ته هميشه اهڙا مرض جلد پکڙندا آهن. (5) بيمار جي دستن ۽ الٽين سان تکو ڪاربولڪ لوشن ملائي، ڪجهه وقت ترسي، پوءِ کڏ کڻي ان ۾ پوري ڇڏجن. (6) بيمار جا ڪپڙا، هنڌ، وغيره بهتر آهي ته ساڙجن، نه ته پاڻيءَ ۾ خوب ٽهڪائجن. کاڌي جا ٿانو به ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڇڏجن. (7) بيمار جي خدمتگارن کي سُيون ضرور لڳل هجن. کين سمجهائجي ته هيءَ بيماري وات کان اندر ٿي وڃي، ان ڪري هٿن کي دوائن ۽ صابڻ سان ڌوئڻ کان اڳيءَ کائن ته نه، پر هن کي چپن جي ويجهو به نه آڻين.

آندي جو تپ

ڪارڻ. آندي جو تپ ”مدي جو تپ“ به چئبو آهي؛ سندس انگريزي نالو آهي ”ٽائفائڊ فيور“- هي ڪن خاص جيوڙن جي ڪري ٿيندو آهي، جي به ڪالرا وانگر کاڌي پيتي رستي اندر وڃن ٿا. اسان جي شهرن جي صفائيءَ جي حالت اهڙي خراب آهي، جو ڪيترن هنڌن هيءَ بيماري هر موسم ۾ عام جام ڏسبي آهي. سڌريل ملڪن ۾ هن بيماريءَ جو ڪيس ٿيڻ صحت جي عملي لاءِ بي عزتي سمجهي ويندي آهي. عام طرح، پيئڻ جي پاڻي صاف نه هئڻ سبب هي تپ پکڙبو آهي. جيوڙا وڃي ننڊي آنڊي ۾ آکيرا ڪندا آهن ۽ آندي کي کائي ٽونگ ڪري وجهندا آهن. جن مان بعضي تي ايترو رت پيٽان ايندو آهي. ا ن ڪري، هن مرض ۾ ڏاڍي شي کائڻ نه ڏبي آهي، متان ڪنهن زخم کي نه وڃي جهوري.

نشانيون. تپ جو مدو ٽي هفتا ٿيندو آهي. پهرئين هفتي ۾ تپ صبح جو گهٽ، شآم جو وڌ ٿيندو؛ ٻئي هفتي تمام گهڻو وڌي ويندو آهي ۽ گهڻو ڪري مغز تي اثر پوڻ ڪري بيمار جو هوش سالم نه رهندو آهي-ان ڪري ”ڪاپاري تپ“ به چوندا اٿس. پوءِ ته تپ هڪ ڌڙو بيٺو رهندو. ٽئي هفتي ۾ گهڻو ڪري گهٽٻو ويندو. بعضي انگهي به پوي، ته وري ٻيا ٽي هفتا يعني چاليهو وڃيو پورو ڪري. پيٽ ڀرجي پوندو اهي ۽ ڏهن ڏينهن ۾ بدن تي داڻ داڻ ڏس۾ڻ ايندي. بادي دست بادي قبضي ٿئي.

علاج. ”ڪلورو مائسيٽن“ دوا جا ڪئپسول ملندا آهن،  هن جي بيماريءَ لاءِ عمدو علاج آهن. تپ ٻن ٽن ڏينهن ۾ گهٽايو ڇڏين. نه ته اڳي بيماري کي تپ ڳاهي ويندو هو. تنهن هوندي به بيمار جي سنڀال ۽ نرم کاڌو برابر جاري رکجي، جيسين هفتو کن بخار دستوري درجي کان مٿي نه چڙهي. جلد ئي ڪري ڀڃڻ يا گهمڻ ڦرڻ ڪري ڪنهن به وقت بيماري اٿلي خطرناڪ صورت وٺي سگهي ٿي. ٻار کي ته هنڌ تان لهڻ اصل نه ڏجي.

روڪڻ جا اپاءَ. هن تپ جو زور به سرءُ ۾ ٿيندو آهي؛ ان ڪري سار سنڀال جون مهيني ۾ بچاءَ جي سئي هڻائئ ڇڏجي. ته چڱو. پاڻي ۽ کير ٽهڪائڻ سواءِ اصل نه پئجي؛ ٻين کاڌي جي شين جو پڻ خيال رکجي. جنهن شيءَ باهه نه ڏٺ هجي. سا بلڪ نه کائجي. بازاري شين کي پاسوڪجي. ٻارن کي پئسا نه ڏجن، جئن اسڪول ۾ گنديون شيون نه وٺي کائن.

سوري Dysentery

ڪارڻ. سُوري به ڪالرا ۽ ٽائفائيڊ وانگر کاڌي پيتي مان ٿيندي آهي. سوريءَ جا جيوڙا به مکين ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي خراب ٿيڻ سبب اسان کي پهچن ٿا. نه مکين ويٺل شيءَ کائجي سوري ٿئئ. پاڻي ٽهڪايل ڪم آڻڻ ڪري، گهڻين آنڊي جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.

نشانيون. سوريءَ جا جيوڙا به آندي ۾ ڦٽ ڪري وجھندا آهن، جن مان ڀيري ڀيري پيچن سان رت ۽ٻور پيو ايندو آهي. سوري ڏينهن ٻن ۾ هر هر اٿاري ويهاري سست ڪري وجهندي ڇاڪاڻ ته بادي ۾ ته 40- 50 دفعا به اٿڻو پوندو آهي. جي مرض پوريءَ طرح پڪڙي ويو ته رهندو ست نه ساهه: گوشت جي ڌپ جهڙو بد بودار پاڻي پيو ايندو آهي ۽ ماڻهو ڍرڪندو موڪلائيندو آهي.

علاج. سوريءَ جي بيمار کي آرام جي ڏاڍي ضرورت آهي؛ ان ڪري لاچار کان سواءِ هنڌ ڇڏڻ مناسب نه آهي. کاڌو پٽڙو کائجي، جو آنڊي جي ڦٽڻ کي نه جهوري. بدن کي گرم رکجي.

هڪدم سالٽ جو جلاب وٺڻ ڪري گهڻين حالتن ۾ آرام اچي ويندو آهي. پائليءَ تور سالٽ، ٻن ڍڪن پاڻيءَ ۾،ڪلاڪ کانپوءِ، ڇھه وزن وٺجن. انهيءَ وچ ۾ پاڻي ٽهڪائي يا گلوڪوز وجهي، پيئندو رهجي. شام جو نرم کچڙي کائي سگهجي ٿي. يا سيگن جي رٻ پيئجي. ڪاڪوس ۾ هڪڙو برتن مٽيءَ جو ڀريو رکيو هجي، جنهن ۾ ڪو وڏو پراڻو چمچو به پيو هجي؛ ضرورت کان پوءِ ٽوري جي مٿان مٽي وجهي ڇڏجي، جئن مٿانئس مکيون ويهي نه سگهن؛ نه ته ٻيا گهر جا ڀاتي به وٺجي ويندا. اهڙيءَ حالت ۾ ڪاڪوس بلڪل صاف رکجي، جيئن مکيون نه مڙن؛ فنائل سان صاف ڪجي، ته بدبو به نه ٿئي ۽ مک به نه اچي. ڪاڪوس کي ائين سمجهجي ته ڪچري جي جاءِ آهي، سو ڪنو سنو ٺهيو.

 

 

سلهه Consumption

ڪارڻ. سلهه هڪ خطرناڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جا گهڻو ڪري ڦڦڙن ۾ ٿيندي آهي، پر سندس جيوڙو بدن جي ڪري به ڀاڱي تي حملو ڪي سگهي ٿو: جتي به ضعيف جاءِ هٿ لڳيس ته منجهس ويجهڻ ۾ ڪين گهٽائيندو. هيءَ بيماري عام طرح موروثي سڏبي آهي؛ پر اهو خيال غلط آهي ته ٻار بيماري وٺي ٿو ڄمي. جي ٻار کي ڄمڻ سان ئي گهر ۾ تاتجي ته بيماري بلڪل ڪانه ٿيندس. سلهه جي بيماري واري گهر ۾ ته ٻار ضرور وٺبو! هڪڙو ته سلهه وارن جو اولاد ڪو مضبوط ته ڪونه هوندو؛ وري سلهه وارن سان رات ڏينهن تعلق ۾ رهڻ ڪري، ڪمزور ٻار کي ڪيئن نه بيماري وٺندي: خاص ڪري جو بيحال مائٽ ٻا رکي ساڳئي هنڌ ۾ سمهاريندا، چميون به ڏيندس ۽ گهر جون ڀتيون به کانگهارن سان چٽيون پيون هونديون!

سلهه جا جيوڙا بدن ۾ ڪيئن ٿا وڃن. عام طرح ماڻهو ڪٿي به ٿُڪ ڦٽي ڪندي خيال  ڪونه ڪندا آهن ته ڪا سندس روش اعتراض جڳي آهي. ساڳيءَ طرح، سلهه جا مريض به جتي ڪٿي بلغم جا ڍير ڪندا وتندا آهن گھر۾ رستن تي، باغن ۾، هر هنڌ ڄڻ ته ڪا خراب ڳالهه آھي ئي ڪانه، پنهنجي ٻارکي چميون ڏيڻ، گڏ سمهڻ، ساڳيو حقو ڇڪڻ، وغيره بيخبريءَ ڪري مرض هڪ مان ٻئي ۾ هلندو وتي. وري جو کانگهارا سڪا، ته دز ۾ اڏامندا ۽ ساهه کڻڻ سان ڦڦرن ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڏهين ورهين کان مٿي ڪو ٿورا ماڻهو آهن، جن ۾ سلهه جا جيوڙا داخل نه ٿيا آهن.

ڍڳين ۾ به سلهه ٿيندي آهي: ان ڪري کير، جي ڪڙهيل نه هوندو، ته ڳِئون جا جيوڙا کير جي ذريعي ماڻهوءَ تائين پهچي سگهن ٿا. ٻڪريءَ کي سلهه ڪا نه ٿي ٿئئ، ان جي کير مان وري هڪ ٻيو بخار ٿيندو آهي.

نشانيون. لاڳيتي کنگهه، بدهاضمو، ضعيف، سنهو بخار، تور ۾ گهٽجڻ، رات جو پگهر نڪرڻ، کانگهاري ۾ رت اچڻ، ڪابه شڪي نشاني ڏسجي ته هڪدم علاج ڪجي. شروعات ۾ مرض سان مقابلو ڪري سگهبو؛ پر جي زور وٺي ويو، ته پوءِ ان جو علاج ڏکيو ٿيو پوي.

علاج. پهرين ضروري ڳالهه آهي مڪمل آرام، ۽ بستري تي؛ مکڻ، وٽامن اي ،ڊي، ڀاڄيون، ميوو کائڻ، کاڌو جيترو وڌائبو، اوترو بهتر. هن بيماريءَ ۾ ”ڪِري“نه ڪئي، ته بيماري هڪدم وٺي ويندي. رات ڏينهن کليءَ هوا ۾ رهجي. سيارو ۾ به ڪمري جي دري کليل رکڻ ضروري آهي. اوڇڻ ڏاڍو ڪجي. پر تازي هواکي نه روڪجي، جبل تي وڃي رهجي، ته تمام سٺو. ”اسٽريپٽو مائسين“ جون سيون سٺو فائدو  ڪن ٿيون.

روڪڻ جا اپاءُ. سڀني کي جڳائي ته جتي ڪٿي ٿڪون نه اڇلين. خاص ڪري سلهه وارن کي ته اهو گناهه سمجهڻ گهرجي. مريض کي کنگهڻ مهل وات تي رومال ڏيڻ گهرجي ۽ بلغم، ڍڪيل اگالدان ۾ گڏ ڪري، گهر ۾ اچي ڇيڻي تي وجهي ساڙي ڇڏجي. بيمار کي گهرجي ته نه ڪنهن ٻار کي گڏي سمهاري نه ان کي چمي. کير ڪاڙهي پئيجي. هوادار اس واري گهر ۾ رھجي بيمار جي ڪوٺيءَ جي دز کان پاڻ بچائجي.ڪنهن به ضعيف ڪندڙ بيماريءَ جو هڪدم علاج ڪجي. پنهنجي تندرستي سڌارجي ۽روز بروز بهتر ٿيندو رجي. جيڪو جو بنا سبب جي نه جهرندو وڃي، ته کيس پنهنجي ضعيفائي جو سبب ڳولي دفع ڪرڻ گهرجي.

ماتا Small Pox

ڪارڻ. هيءَ خوفناڪ تيز وچڙندڙ بيماري ڪنهن خاص جيوڙي جي ڪري ٿئي ٿي؛ مگر اهو جيوڙو اڃا ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. سندس ڇوت  ھوا ڏسڻ  جي وسيلي پکڙجي ٿي؛ بيمار کي ويجھي وڃڻ سان ته آئي رهي.

نشانيون. بيماري سخت تپ ۽ پٺيءَ يا چيلهه جي سور سان شروع ٿيندي آهي. ٽن ڏينهن جي تپ کانپوءِ بدن تي سنهي ٻئار نڪرندي آهي ۽ تپ هٽي ويندو آهي. چوٿين ڏينهن ٻئار داڻن جي صورت ۾ وٺندي آهي، جن ۾ پنجين ڏينهن پاڻي ڀربو آهي. داڻن ۾ جڏهن چڱيءَ طرح پاڻي اچي ويندو آهي،ته تڏهن موتين وانگر ميرانجهڙا لڳندا آهن. هر هڪ داڻي کي چوڌاري هڪ ”کنڀي پڙي“ ٿيندي آهي ۽ مٿان چوٽيءَ ته چُگهه.

اٺين ڏينهن داڻن وارو پاڻي ڦري پونءَ جي صورت وٺندو آهي ۽ تپ وري سياڪڙين سان شروع ٿي ويندو آهي. ڏهين ڏينهن داڻا شوخي ڇڏي ڪومائجڻ لڳندا آهن ۽ پندرهن ڏينهن ۾ ڪڙيون ٻڌجي وينديون اٿن. هفتي کن ۾ کانپوءِ ڪڙيون لهڻ شروع ڪنديون آهن، جن کي ”چيچڪا“ چئبو آهي؛ باقي چگهه ته ڪي سال هلندا آهن بغصي ته ساري عمر، سارو وقت بيمار مان ٻين کي هوا جي وسيلي واس پهچي سگهي ٿو ۽ هڪ مان ڪيترا به مرض جو شڪار ٿي سگهجن ٿا.

علاج. بيماري منهن ڪڍيو، ته ضرور پنهنجو ڪرتب پورو ڪندي. ڪوبه علاج ان کي گهٽائي نه ٿو سگهي. اکين کي هلڪي بورڪ لوشن سان صاف رکڻ ڪري ڪيتريون ئي اک کي انڌ ڪرڻ واريون بيماريون روڪي سگهجن ٿيون. جڏهن پونءُ نڪرڻ شروع ٿئي، ته صاف نرم ۽ ٽهڪايل ڪپهه سان هڪ هڪ داڻو چُهائجي. عام رواج اهو آهي ته اڃا ڏسندا ته پونءُ نڪتي آهي، ته ان تي واري ٻُرڪي ڇڏيندا آهن. هيءَ روش بلڪل اياڻپ جي آهي: نه رڳو ڪنيءَ واريءَ جي غلاظتن جي رت ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو آهي، پر واريءَ جي ڄمي پوڻ ڪري جيڪو گند قدرت ٻاهر نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري، سو به دٻجي ويندو.

روڪڻ جا اپاءَ. خوش قسمتيءَ سان هن بيماري جي روڪڻ جو اپاءُ بلڪل هڪ  ٽڪ ۽ آسان هٿ اچي ويو آهي، پر افسوس جو اڃا ڪي جاهل ٽُڪن جو پورو فائدو نٿا وٺن. بهتر آهي ته مهيني ٻن جو ٻار ٿئي ته ٽڪا لڳرائجن. جي ڇهين مهيني تائين ٽڪا نه لڳرايا، ته خطرو ڌي ويندو  آهي. وري چوٿين ورهيه به ٽڪا لڳرائجن ۽ پوءِ – ضروري ڪونهي.

ٽڪن لڳائڻ جي ترتيب. ننڍي کي ٻه، وڏي کي ٽي ٽڪا، هر هڪ ٻانهن تي، لڳائبا آهن. ٽڪن جي چوٿين ڏينهن ڳاڙهپ ڏسبي. پنجين ڏينهن ڀرجڻ لڳندا. اٺين ڏينهن تائين خوب ڀرجي تيار ٿيندا، ۽ هر هڪ جي چوڌاري هڪ ”ڳاڙهي پڙي“ لڳي بيهندي. جي اها پڙي پيدا نه ٿئي، ته ٽڪا بيڪار سمجهڻ گهرجن ۽ ٽڪا وري لڳرائجن، نه ته ڪنهن به وقت ماتا ٿي سگهي ٿي . ڄڻ ته  ٽڪا لڳا  ئي ڪين هئا.

اوهان ماتا جي نشانين جي بيان ۾ ڏٺو ته جڏهن بدن بيماريءَ تي قابو ٿو پوي ته هر هڪ داڻي جي چوڌاري ڳاڙهي پڙي ڏسڻ ۾ ايندي. هن ڳالهه جي بي سمجهيءَ ڪري بعض ٽڪن تي هلان ٿيندي آهي، ته ٽڪن لڳرائڻ سان به بيماري ٿيو پوي. ياد رکڻ گهرجي ته ٽڪن جو ٻج بلڪل نفيس شيءَ آهي. ٿوري گرمائش پهتس، ته ڇٽو. سندس پارسل برف ۾ بند ٿي ايندو آهي. هاڻي، جي ٽڪن لڳائڻ جو اوزار گرم هوندو، ته به ٻج سڙي ويندو. بي سمجهه مائٽ ته ويتر ٽڪن کي ناڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ هٿ سان ٻج اگهي ڇڏين، ته ٽڪا نه ڀرجن. ڪيترا ته اڃا زياده علاج ڪندا آهن. سِرَ گَهي ٽڪن تي تڦيندا آهن. ڀلا مائٽ گُهرن ٿا ته ٽڪا نه ڀرجن، ته پوءِ فائدو ڪٿان ٿيندو؟ پنجن ڇهن ٽڪن جي ڀرجڻ کان ڪيٻائين ٿا، ۽ هونءَ جو هزار داڻا ٻار تي نڪرندا ۽ حياتيءَ جو خطرو به رهندو- ان جي حرڪت نه آهي؟ عجيب عقلمندي چئبي! سڀني سجهه وارن مائٽن جو فرض آهي ته پنهنجن ٻچن جي اون رکن، ۽ واڪسينيٽر صاحب کي ڳولي کانئس ٽڪا ڏيارين ۽ هرڪا ڪوشش ڪن جئن ٻج اگهجي نه وڃي ۽ اٺين ڏينهن ڏسن ته ڳاڙهي پڙي هر هڪ ٽڪي جي چوڌاري آهي يا نه. جي نه ته مهيني کن کانپوءِ وري ٽڪا ڏيارين. واڪسينيٽر کي اٺين ڏينهن ٽُڪيل ٻار ضرور ڏسڻو آهي ۽ رجسٽر ۾ داخل ڪرڻو آهي، ته ٽڪا ڪامياب ٿيا يا ناڪامياب.

(8) ڪوڙهه Leprosy

ڪارڻ. ڪوڙهه دنيا ۾ ڪن هزارن ورهين کان موجود آهي پر سند س خاطر خواهه علاج اڃا سوڌو هٿ ڪونه آيو آهي. نسرڻ ۾ به ڪي ورهيه ٿا لڳنس. سوڙهه ۽ گدلائي ۾ رهڻ ڪري هي مرض گهڻو وڌي ٿو سگهي. مريض جي ورتل جاءِ تي هٿ لائڻ سان ئي ٻئي کي ٿئي ٿو. موروثي نه آهي. مرض جي جيوڙن جي بدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ به ڪي ورهيه ته ماڻهوءَ کي بيماري جي خبر ئي ڪانه پوندي. پوءِ هوريان هوريان مرض نمودار ٿيندو.

ڪيترا ڪوڙهيا شهرن ۽ اسٽيشنن تي پنندا ڏسبا، جن جي هٿن پيرن جون آڱريون به مرض کائي چڪو هوندو؛ پر گهمندا وتن، پنهنجو مرض اٻوجهن کي بڇيندا وتن. اڃا قانون مٿن روڪ ڪانه وڌي ٿي ڏسجي.

ڪراچيءَ ويجهو منگهي پير تي هڪ ڪوڙهين جو علاج گهر آهي، جتي هنن جي چڱي سنڀال ٿئي ٿي. اتي هڪڙو، ٽَڪريءَ ۾، ڪوسو ۽ ٻيو ٿڌو چشمو آهي، جتي وهنجڻ سان هو پنهنجو بدن صاف به رکي سگهن ٿا. کاڌو پيتو به سٺو ٿو ملين. ڪي اوائلي ڪيس ڇٽيو به وڃن. وڏو فائدو اهو آهي، جو ٻين ماڻهن کان گوشائتا آهن، جنهن ڪري مرض گهڻو نه پکڙبو. ڪوڙهئي کان جيترو ٿي سگهي اوترو پري ٿي لنگهجي. جتي هن جو هٿ پير لڳو هجي، اتي پنهنجو هٿ پير نه رکجي.

نشانيون. ڪوڙهه جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪڙو ”ڳنڍر“ ٻيو ”اڇو“. پهريون ٿڌن ملڪن ۾ ٿئي، ۽ گهڻو جلد پورو ڪيو ڇڏي؛ ٻيو گرم ملڪن ۾ ڏسبو آهي، ۽ سالن جا سال هلندو رهندو آهي.

جيوڙا، ڇوت ٿيڻ کانپوءِ چمڙيءَ جي اندر ڀرو ٿي ڪنهن سنهيءَ رت – نليءَ جي چوڦير ڳنڍيون ٺاهي ويهي ويندا آهن ۽ پوءِ ويجهين لمف نالين ۾ گهڙي پوندا آهن. اوهان کي خبر آهي ته ڪابه ڌاري شي لمف ۾ آئي، ته پنهنجي حد جي لمف گلئنڊ ۾ وڃي روڪبي. لمف گلئنڊس ان ڪري سُڄي، ڳنرن جي صورت وٺندا آهن ۽ وڏا ٿيندا ويندا آهن؛ پر ڪو ايترو آڪڙ ڪونه ڏيکاريندا، جو بي آرامي پيدا ڪري، ۽ گهڻي خبر ڪانه پوندي ته ڪو ايڏو وڻاهه بت کي وٺي ويو آهي.

بت ۾ لهڪارجڻ، تپ جو اچڻ، مشڪن ۾ سور، بت ۾ سُيون سُيون معلوم ڪرڻ - پوءِ چمڙي تي ڇاپاڪي وانگر ڳاڙهيون پڙيون ڏسبيون، جن ۾ تپش معلوم ٿيندي، ۽ بدني طاقت گهٽبي ويندي. نڪ، ڀرن، ڪنن، ڳلن يا سيني تي چمڙي اُٽاٽيل پئي ڀانئبي. سيٽ ڪندي ڪندي بعضي ڦاٽي به پوي. ورتل جاءِ تي پگهر نڪرڻ بند ٿي ويندو ۽ وار پيا ڇڻيندا. ڀرون ته جلد کُسي ويندا آهن.

”ڳنڍر ڪوڙهه“ ۾ منهن، هٿن، ٻانهن، سٿرن تي چاپڙ چڙهي کل ماساري ٿي پوندي، ۽ شڪل ئي ڦري ويندي. تپ جو لڳو ايندو. سڄي چمڙي گهٻ گهيڙ ٿيندي ويندي. نڪ جهڪي ويندو. اکين تي اوٿر ٿيو، ته نظر ويئي ڪي ويئي. تلي ۽ جيرا سڄي پوندا. پوءِ ته ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مرض پري کان پڌرو.

”سفيد ڪوڙهه“ ۾ وري چمڙي کير جهڙي اڇي ٿي پوندي. چٽيءَ جي بيماري ۾ به کل تي اڇا اڇا ٽڪا ٿيندا ويندا آهن، پر اها وچڙندڙ به آهي. ڪوڙهه ۾ پهرين گول ڳاڙهيون چڪريون جڙي پونديون، جئن ڏڍ ۾ ٿين. هن پڙين جو وچ چگهيل ۽ پاسا اڀريل نظر ايندا. وچ تي ڪک رکبو، ته خبر ڪانه پوندي ۽ پوءِ اها بي حسي وڌنڌي ويندي. تنتون سڄي پونديون ۽ هٿ لائڻ سان ڏانڊين وانگر اٿڙيل معلوم ٿينديون. ورتل جاءِ تي پگهر ڪونه نڪرندو ۽ وار ڇڻندا ويندا. نيٺ هٿ پيرن جي آڱرين کان مرض کائڻ شروع ڪندو ۽ لاڳيتو ڳاريندو ويندن. آڱريون اندر اندر هٿ جي تريءَ ڏي ور کائي وينديون ۽ سڌيون ٿي نه سگهنديون. چپ پڪيڙجي نه سگهندا، گگ پئي ڳڙندي. نيٺ ڪنهن اندرين بيماريءَ ٿيڻ ڪري مريض موڪلائيندو.

(9) ڏڍ Ringworm

ڪارڻ. ڏڍ به هڪ خاص جيوڙي جي داخل ٿيڻ ڪري ٿئي ٿي. اهي جيوڙا اهڙا ته وچڙندڙ آهن، جو بيمار يا سندس ڪپڙي، ٽوال يا هنڌ تائين هٿ پهتو، ته وٺندي ويرم ئي ڪين ڪندا. ان ڪري هيءُ بيماري سوڙهه ۽ گدلائي ۾ تيزيءَ سان سڀني تائين پکڙجي ويندي آهي. ڪجهه لڳو نه آهي، ٿي نه آهي.

نشانيون. جيوڙا چمڙيءَ ۾ پيهي گول چڪرا ٺاهيندا ويندا ­- پهرين ننڍا پوءِ وڏا، ويندا وڌندا. پوءِ ته بدن وٺجي ويندو ۽ ساري چمڙي رپڙ ٿي پوندي. سٿر، مٿو، وهڪ جي جاءِ ته دلپسند جايون اٿس. هن قسم جو ڪو بيمار ٻار هجي، ته ان کي اسڪول ۾ نه اچڻ ڏجي، نه ته ضرور ٻيا ٻار وٺبا. بيمار کان بلڪل پاسو ڪجي. نه کيس هٿ لائجي، نه سندس ڪنهن به شي کي. بيمار کي به جڳائي ته ڪنهن ٻئي ٽوال کي به هٿ نه لائي، نه ته انهيءَ جو به خير ڪونهي.

بيمار کي پوريءَ طرح بنا ناغي هن بيماريءَ جو علاج ڪرڻ گهرجي، نه ته ڇوٽڪارو نه ٿيندس. ڏاڍي تڪليفائتي بيماري آهي.

(10) خارش Scabies

ڪارڻ. خارش هڪڙي قسم جي سنهڙن جيتڙن جي ڪري ٿيندي آهي، جي گهڻو ڪري جتي کل ٻيڪڙيل، وراڪيل يا گهنجيل هوندي، ته انهيءَ اوٽ ۾ لڪي کل ٽُڪي اندر گهڙي ويهي رهندا. مادي ويندي آنا لاهيندي ۽ ڪيچ ڪندي. ٻچا ويندا بت تي پکڙندا.

 علامتون. آڱرين جي ٽڻين جا گهنج، ڪرائي، ٺونٺ، ڪڇون، چڏا سندس حملي جون مکيه جايون آهن، جتي چمڙي به سنهي ۽ ٻيڪڙ به گهڻا. خارش به اهڙي ٿيندي، جو کنهي کنهي ريش ڪري وجهبا، ، ته به آرام ڪونه ايندو. پهرين فقط خشڪ خارش ٿيندي، پر پوءِ پاڻيءَ بلڪ پونءَ جا ڇالڻا به ٿي پوندا، ۽ حالت نهايت آزاريندڙ صورت وٺي ويندي. ڪٿي نه کنهڻ شروع ٿيو، ته بس ڪرڻ مشڪل!

علاج. خارش جو علاج هڪ دم ڪرڻ گهرجي؛ نه ته سڄو بت وٺجي ويندو ۽ بيماري جئن زور وٺندي ويندي تئن منجهائس ڇوٽڪارو مشڪل هنڌ، ڪپڙا، ٽوال، کٽ، ڪرسي بيمار جي هرڪا شي، جيوڙن سان ڀري پئي هوندي: ڪنهن بي خبر جو هٿ لڳو، ته ڦاٿو. رڳو بدن جي صفائي ڪارگر نه ٿيندي. پهرين ته ورتل جاين کي گرم پاڻيءَ ۽ صابڻ سان ڌوئي صاف ڪجي، ته جيڙن جي ڇپڻ جون جايون کلي ظاهر ٿين؛ پوءِ انهن ۾ گندرف جو ملم صبح شام زور سان مهٽجي. هنڌ جي چادر روز ٽهڪائي ڌوئي مٽائجي. ڪپڙا به روز ٽهڪائجن. جي ٿورائي جيتڙا رهيا، ته وڌندي ويرم نه ڪندا.

روڪڻ جا اپاءَ. خارش جي بيمار جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي؛ سچ پچ ته جيڪر سندس گهر به نه وڃجي، نه هٿ ڏجيس. صفائيءَ جو هر وقت خيال رکجي. جي ڪٿي خارش معلوم ٿئي، ته هڪدم سجاڳي ڪجي، جئن بيماري شروعات ۾ ئي ختم ٿي وڃي.

(11) ڇاليون يا ڪڪرا Trachoma

ڪيترا ٻار بلڪ وڏا به اهڙا ڏسبا، جن جون اکيون گهڻو ڪري ذري گهٽ پوريل ڏسبيون: جي زور سان ٿورو ڇپرن کي کولي ، چنجهن وانگر ڪنهن شي کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا، ته وري اکيون پورجي ويندن؛ ڇاڪاڻ ته سندن اکيون روشنائي سهي ڪين سگهن. اهي آهن هن خطرناڪ بيماري جا ورتل، جي روشنائي ڏانهن اک نه کڻي سگهن. بيمار ائين ڀائيندو، ڄڻ ڪا واري يا ڪڪرا اکين ۾ پيا ئي اٿس، جي پيا ڇڀندا ۽ اک کي پاڻي ڪرائيندا. پاڻي به اک مان ائين پيو نڪرندو، جو سُڪي ئي نه!

هيءَ بيماري سخت وچڙندڙ آهي؛ ۽ جي ٿي، ته ڇٽڻ مشڪل. بيمار جي اک کي آڱر لڳي، وري پنهنجي اک تائين پهتي، ته اها به ورتي. گهر ۾ جي ايتري خبرداري نه آهي، جو ٻار جو ٽوال ڌار ڪجي، ته هڪڙي بيمار مان سارو گهر وٺجي ويندو. هن بيماريءَ ۾ ٻار گهڻو ڪري اسڪولن مان وٺجي ايندا آهن. ان ڪري، ماستر صاحبن جو فرض آهي ته هن بيماريءَ جو ٻار يا ڪنهن ٻيءَ وچڙندڙ بيماريءَ جو ورتل شاگرد ڪلاس ۾ اچي، ته ان کي هڪدم ڊاڪٽر کي ڏيکاري پڪ ڪري، گهر موڪلي ڏجيس جيسين ڇٽي. مائٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار پڙهڻ لاءِ ٿا موڪلين، نه بيمارين پرائڻ لاءِ. هن بيماري جو علاج بعد ڪيتري وقت وٺڻ کانپوءِ به اک ساڳيءَ ڪڙيءَ تي پهچڻ ڪونه ڇڏيندو. ڪنهن هوشيار اکين جي ڊاڪٽر جو علاج ڪجي؛ نه ته ٽوٽڪن يا ڊڀن تي وقت وڃايو، ته پڪي ٿي ويندي


 

 

باب اٺون

بيمار جي سنڀال

بيماري دشمن آهي. بيماري ائين آهي، جئن ڪو دشمن اسان کي مارڻ لاءِ اسان جي بدن ۾ ڪاهي ٿو پئي. بدن وري ان کي تڙي ڪڍڻ لاءِ طاقت سارو ان جو مقابلو ٿو ڪري. هاڻي، جي بدني طاقت پڇاڙيءَ تائين سالم رهندي آئي، ته سوڀ سندس آهي؛ نه ته بيماري زور پئجي پورو ڪري ڇڏيندي. ان ڪري بيمار جي سنڀال جو مول متو اهو آهي ته بيماريءَ کي اهڙو آسودو رکجي، جئن سندس طاقت جو ذرو به اجايو نه کپي ۽ پوريءَ طرح مرض جو مقابلو ڪري سگهي. انهيءَ اصول تي سندس هوا، پاڻي، کاڌي، ننڊ، دوا، وغيره جو بندوبست رکڻو آهي. کيس اجايو اٿڻ ويهڻ ته ٺهيو، پر ڪنهن ڳالهه جي خيال کان به آجو رکڻ مناسب آهي، ۽ هرڪا ڪوشش سندس آرام ۽ فرحت وڌائڻ جي ڪجي، جئن سندس طاقتون سالم رهن ۽ مرض تي غالب پون.

بيمار جو ڪمرو. ممڪن حالتن، بيمار کي ڌار رهائڻ نه رڳو کيس ٻين جي گوڙ کان آزاد رکندو، پر ٻين ڀاتين کي به سهولت ٿيندي. لاچاري حالتن ۾، سندس کٽ ته ضرور ڌار رکڻي آهي.

ڪمرو ڪشادو، روشنائيءَ وارو ۽ هوا دار هجي. جي هوا کي صاف رکڻ لاءِ ڪنهن دريءَ جي کولڻ جي ضرورت ٿئي، ته اهڙي دري کولجي، جا بيمار جي کٽ کان پساهين هجي، جئين هوا سڌي بيمار کي نه لڳي؛ پر جي دري هجي ئي هڪڙي، ته ان کي ضرورت موجب ٿورو يا گهڻو کليل ضرور رکجي، پر اڳيان پردو لٽڪائي ڇڏجيس، جيئن هوا ان کي لڳي هيٺري پوي.

جاءِ جي گرمي جيترو ٿي سگهي اوترو هڪ ڪري رکجي، جئن اوچتو گهٽ وڌ نه ٿئي. ڀت تي هڪڙي ٿرماميٽر ٽنگڻ سان هر وقت ڪمري جي گرميءَ جي خبر وٺي سگهجي ٿي.سامان،سواءِ بلڪل ضروري شين جي، اصل نه رکجي. هڪ بيمار جي کٽ، هڪ ننڍي ميز دوا رکڻ لاءِ، هڪ ٽهلئٻي لاءِ ڪرسي ٻيو ڪجهه به نه. جاءِ کي فرش لڳل هجي، ته گلم غاليچي جي ڪا به صرورت ڪا نه آهي.

فرش جي صفائي ٻھاڙيءَ سان نه، پر ڪپڙي سان ڪجي، جئن دز جو ذرو به نه اٿي، اونھاري ۾ ته ٿورو فنائل ڇٽڪاري، پوءِ ڪپڙو گهمائي وڃجي. جي فرش لڳل نه هجي، ته پريندي ئي مٽيءَ جو ليپو پائي ڇڏجي.

روشنائيءَ لاءِ بجلي نه هجي، ته ڪا به بتي اندر نه رکجي. ڪمري جي ٻاهجران ڪنهن دريا دريءَ جي شيشي جي پٺيان لالٽين ڪليءَ ۾ لٽڪائي ڇڏجي، جئن روشني اندر اچي ۽ دونهون ٻاهر ويندو رهي، گهر ۾ باهه ۽ گرم پاڻي هميشه موجود رکجي. متان اوچتو کپ ٿئي.

2. بيمار جو بسترو. ڪابه چڱي کٽ جا بيمار کي آسودو رکي ، ڪافي آهي؛ مڇر دانيءَ سان هجي، ته تمام چڱو. هنڌ نرم، گرم ۽ آسائش وارو هجي. چادرون، ڇهون ۽ ٻيا ٽپڙ سڀ صاف هجن. ٿلهي ڪپهه جي پٿرڻي نه رڳو هنڌ کي سنهنجو ڪندي، پر بيمار کي گرم به رکندي. خاص ڪري اهڙيون بيماريون جن ۾ سيءُ لڳندو آهي - جهڙوڪ سروئي تپ-تن ۾ ضروري آهي ته بيمار گرم رهي. چادرون وغيرهوڇائڻ کان اڳي باهه جي آڏو جهلجن يا اس ۾ وائکو ڪجين- خاص طرح سياري ۾. جڏهن به بيمار ڪنهن ضرورت لاءِ هنڌ تان اٿي، ته وجهه وٺي وري نئين سر چادرون باهه جي آڏو جهلجن، ته غلاظت کان صاف ٿين، ۽ هنڌ جا گهنج وغيرهپڻ لاهي ڇڏجن.

چادر مٽائڻ. ڪن حالتن ۾ بيمار کي هنڌ تان اٿڻ تقصانڪار ٿيندو آهي- جئن نمونيا ۾. اهڙين حالتن ۾ بيمار جي هوندي سندس چادر مٽائڻي پوندي، جا هن طرح ڪبي.

بيمار جو پاسو ورائي کيس کٽ جي هڪڙي پاسي ڪجي. ٻئي پاسي کان چادر کي نقشي وانگر گول ويڙهي آڻي بت سان لائجي. وري جيڪا چادر وڇائڻي هجي، تنهن کي اڌ تائين ويڙهي، هنڌ واري چادر سان لاڳيتو رکي، سندس کليل پاسو پوريءَ طرح وڇائي ڇڏجي. پوءِ بيمار کي آرام سان ٻئي پاسي ورائي، ميري چادر کڻي، اڇي پٿيري ڇڏجي.

بعضي وري هنڌ ڀڳل هئڻ ڪري يا ٻين حالتن ۾ بيمار پاسو ورائي نه سگهندو آهي، پر آڌر ڏيئي کيس ويهاري سگهبو آهي. اهڙين حالتن ۾ به چادر ساڳيءَ طرز تي مٽائبي، پر پاسي جي بدران سيرانديءَ يا پيرانديءَ کان ويڙهبي. جي بيمار کي ڪا ٽوري يا پيشاب جي حرڪت هجي، ۽ جلد جلد چادر خراب ٿيڻ جو ڊپ هجي ؛ ته چادر جي مٿان هڪ ميڻ – تُهي يا پلاسٽڪ جي تڪر تي پنن سان اڇو ڪپڙي ٽڪر هڻي ضروري جاءِ تي ڇڏجي ۽ خراب ٿيڻ تي مٽائيندو رهجي ته هنڌ جي چادر جلد جلد مٽائڻي نه پوندي.

بيمار جو مٿيون اوڇڻ مٽائڻ ته بلڪل آسان آهي مگر ايترو خيال رکجي ته پهرين جيڪو ڪپڙو مٿان وجهڻو هجي سو وجهي پوءِ هيٺيون ڪپڙو کسڪائي ڪڍي وٺجي - جئن بيمار کي ڪپڙي لاهڻ ڪري اوچتو ٿڏ نه لڳي.

بعضي ٺري وڃڻ يا بيهوشيءَ جي حالت ۾ بيمار کي زيادھ گرم رکڻ لاءِ ڪوسي پاڻيءَ جون ڳوٿريون يا شيشا هنڌ ۾ پيرن ۽ پاسن کان رکڻا پوندا آهن. اهڙيون شيون ڪپڙي ۾ ويڙهڻ کان سواءِ ڪڏهن به اندر نه رکجن، متان بيمار مورڳو سڙي پوي.     

وائي سور يا جلندر جي حالت ۾، بيمار لاءِ هيٺيان مٿان بلاڪيٽ بهتر آهن. جي بلاڪيٽ جي مٿان هلڪي سوڙ وڌي، ته حرڪت نه آهي.

دل جي بيماريءَ وارو گهڻو وقت هنڌ تي سمهي ڪين سگهندو آهي، جو ساهه منجهندو اٿس. هن حالت ۾ ڳچ وهاڻا ٽيڪن ڏيڻ لاءِ موجود رکجن. بعضي ته ڳورا بيمار پنڪي به ويھي ڪندا آهن. ان حالت ۾ هنڌ جي مٿان کٽ جي آرپار ڪا اُڀي ميز رکي، ان تي ڪپڙا وجهي بيمار کي ٻانهن ۽ منهن رکڻ لاءِ آڌر ٺاهي ڏجي - جنهن تي ويٺي اک لائي سگهي. سندس ڪلهن کي ڍڪيل رکجي.

ٽنگ يا پير جي سوڄ جي حالت ۾، پير کي ڪنهن وهاڻي تي مٿڀرو رکجي، ته نسن جو رت سولو دل ڏانهن موٽي، ۽ ٿوٿر گهٽ ٿئي.

اڌ رنگ يا هيٺئين ڌڙ سڪي پوڻ جي حالت ۾، بيمار کي گهڻو وقت هنڌ تي سمهڻ ڪري امڪان آهي ته گاٺيون ڦٽ ٿي پون. اهڙين حالتن ۾ جتي به هڏا هٿ سان لڳي سگهندا هجن، انهن جاين تي اسپرٽ سان هلڪي مالش ڪري ڇڏجي، ته کل مضبوط ٿئي ۽ ٽڙڪي نه پوي.

سڙي پوڻ جي حالت ۾ ڪپڙو بت تي سهي ڪين سگهبو آهي. اهڙن وقتن تي بيمارجي مٿان ڪو تارن جو پڃرو، اسٽول، ڪرسي ياڪا اڏ رکي، ان تي اوڇڻ وجهجن. سڙڻ ڪري بيمار کي سخت صدمو ٿيندو آهي. ۽ صدمي جي علاج جو پهريون اصول آهي بيمار کي گرم رکڻ، متان اوچتو نه ٿڌو ٿي وڃي.

3. بيمار. بيمار کي بستري ۾ سمهارڻ کان پهرين سندس ڪپڙا مٽائڻا پوندا آهن. ڪپڙا پهرين تندرست پاسي کان لاهجن، ۽ پوءِ جهريل پاسي کان کسڪائي وٺجن. وري ڪپڙن پائڻ وقت، پهرين ضربيل پاسي کان شروع ڪجن.

بيمار جو بدن صاف رکڻو آهي. روز گرم پاڻيءَ ۾ ڪپڙو پسائي، بت اگهي صاف ڪري، ٽوال سان سڪائي ڇڏجي. بدن جو ٽڪر ٽڪر واري سان صاف ڪري سڪائيندو وڃجي، جيسين سارو بدن صاف ٿي وڃي. ٿڌ جي حالت ۾ اوڇڻ جي اندران ئي بت پوچي وٺجي.

پئيڻ جي دوا جي شيشي، مالش ۽ ٻين ٻاهرئين ڪم جي دوائن کان بلڪل ڌار رکجي. دوا ڏيڻ مهل شيشيءَ تي لڳل هدايتن جي چٽڪي ضرور پڙهجي. دوائون سڀ پورن وقتن تي ڏجن. دوا جي لاءِ بيمار جي ننڊ، سواءِ ڪن لاچاري حالتن جي، ڦٽائڻ مناسب نه آهي،

بيمار کي کاڌو وقتن تي ڏجي. کاڌي جي چونڊ ۾ پنهنجو عقل هلائجي، ته جن شين جي ڏيڻ جي اجازت آهي تن مان بيمار کي ڇا وڻندو،  بيمار کان پڇڻ ته ” ڇا کائيندي“ بلڪل اجايو آهي. پڇبو به ضرور کاڌي جي وقت کان گهڻو اڳي - ان وقت نه هن کي ڪا بک هوندي، نه ڪجهه کائڻ ئي باسيندو. اهڙيءَ حالت ۾ هن جي ناڪار وٺڻ کان بهتر ٿيندو جو ڪجهه مهل تي آڻي اڳيان رکجيس، ته کائي ويندو.

بيمار کان پچ پچ ڪري هن کي ويا ڪل ڪرڻ اجايو آهي.” وهاڻو ته سولو اٿئي ؟“ ”هاڻي خوش آهين؟“  - اهڙا سوال اجايا آهن؛ ڀل انهن مان بيمار کي ڪهڙو فائدو؟ اسان کي بيمار جو حقيقي فائدو مد نظر هئڻ گهرجي، نه پنهنجن خدمتن جو اجورو.

وري اسان جون رسمون اهڙيون اجايون آهن، جو سڀ اچي بيمار کان پڇندا آهن ته ” ڪئن آهين؟“ هوڏانهن پڇڻ وارا سڀ، هيڏانهن جواب ڏيڻ وارو هڪڙو - سو به بيمار. حقيقت بيمار وٽ وڃڻ جو حق فقط انهن کي آهي، جيڪي سندس خدمت ڪرڻ وڃن؛ باقي اجايو ويهڻ يا ڏسڻ ته ڪئن ٿو الٽيون ڪري، سو ته نسورو ظلم چئبو.

بيمار جي ٽهلئي کي به گهرجي ته خدمت ڪري ۽ نه خدمت جو ڏيکاءُ - جئن ماٺ ۾ ڪم پيو ٿئي. سڀني کي اجايا اشارا ڪرڻ ته ماٺ ڪريو يا بنهه چپ چپات ۾ رهڻ به چڱو نه آهي، متان بيمار اهو انو مان ڪڍي ته بيماري وڌي وئي آهي. بيمار کي بڇان هڪڙي پاسي ۽ بدگماني ٻئي پاسي ٿيندي. مطلب ته هتي به ماٺ ڪجي، پر ماٺ جو ڏيکاءُ چڱو نه - نه گوڙ صفا سن.

بيمار جي کاڌي لاءِ هدايتون

(1)بيمار کي کاڌو ٿورو ٿورو، پر پورن وقتن تي ڏجي. وڇوٽي، ضرورت موجب، ٻن کان چار ڪلاڪ هجي.

  (2) سڻڀا ۽ ترييل طعام بيماريءَ ۾ نه ڏجن. تپ هجي، ته لوڻ گهٽائجي نه ته خشڪي زيادھ ٿيندي.

    (3) کاڌو هلڪو، نرم، ۽ جلد هضم ٿيڻ جهڙو هجي. کير سيگو چانور جي آش، جوَن جي آش، نرم کچڻي، سوپ، رڌل ڀاڄيون، ڀاڄين جو سوپ، تازي ميوي جي رس، رڌل ميوو، گلوڪوز، وغيرھ.

(4) جڏهن بيمار بهتر ٿئي، ته آهستي آهستي کاڌو ڏاڍيرو ڏجيس. کيرڻي، ڪڻڪ جي آش، جون جي آش، هلڪا ٽهڪيل بيضا، سادوڪيڪ، مڇيءَ جو رڌل قيمو - گوشت تي اچجي.

(5) جيترو ٿي سگهي اوترو کاڌو ڦيرائيندورهجي. جئن بيمار ڪڪ نه ٿي پوي. صفائيءَ سان، سٺن ٿانون ۾، کاڌو پائي آڻجي، ته دل به کائڻ جي ڪندي. اوبر ۽ ٿانو بيمار جي ڪمري ۾ اصل نه رکجن

   (6) کاڌو هر وقت تي تازو ٺاهجي ؛ رکيل ۽ ٺريل کاڌو نه ڏجي.

وچڙندڙ بيمارين جي مريض جي خدمت لاءِ هدايتون

 

        وچڙندڙ بيماريون انهن کي ٿو چئجي، جي هڪ مان ٻئي کي وچڙن، ان ڪري انهن بيمارين ۾ اهڙا جتن ڪرڻا پوندا آهن، جئن بيماري ٻين تائين نه وڃي.

        (1) بيمار کي بلڪل ڌار ڪمري ۾ رهائجي، جتي ڪو به سواءِ سندس ٽهلئي جي، نه لنگهي.

 (2) ماتا، پليگ، ڪالرا ۽ ٽائفائڊ جي حالتن ۾ تيماردار کي ضرور ٽڪا يا بچاءُ جي سئي لڳل هجي؛ نه ته سندس وٺجڻ جو گهڻو امڪان آهي، ساڳيءَ طرح ٻين گهر جي ڀاتين جو به بچاءُ ڪري ڇڏجي.

 (3) ڪا به شَي جا بيمار سان تعلق ۾ اچي، سا ڪنهن به صورت ٻين تائين نه وڃي. بيمار جا ڪپڙا، ٽوال، هنڌ جا ٽپڙ، کاڌي پيتي جا ٿانو ٿپا، وغيرهبلڪل ڌار هجن، جن جي صفائي وقت بوقت گرم پاڻيءَ سان ڌار ٿئي.

 (4) خدمتگار جي لاءِ ڪنهن ڪارگر لوشن جي گينڊي هميشه موجود هجي، جنهن ۾ هو پنهنجا هٿ ضرورت موجب صاف ڪندو رهي،

 (5) مک کي اچڻ نه ڏجي؛ جي ڪا اچي وڃي ته ان کي مارجي. اهڙي ڪابه شي اڻ ڍڪيل نه ڇڏجي، جنهن تي مک ويهي عفونت جا جيوڙا کڻي ٻاهر نڪري. ساڳئي خيال کان مليريا جي بيمار کي جاريءَ ۾ سمهارجي، جئن ڪو مڇر بيمار کي چڪ پائي وري ڪنهن ٻئي گهر جي ڀاتيءَ تائين نه رسي.

 (6) جڏهن خدمتگار پنهنجو وقت پورو ڪري وڃڻو هجي، ته پهرين گرم پاڻيءَ ۽ ڪاربولڪ صابڻ سان چڱيءَ طرح وهنجي پاڻ کي صفا ڪري، ڪپڙا مٽائي، پوءِ ٻين سان ملي.

 (7) جڏهن بيمار ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي، تڏهن مٿي پاڻي  وجهي، چڱيءَ طرح صابڻ ۽ گرم پاڻيءَ سان وهنجي، ڪپڙا بدلائي، پوءِ گهر وارن سان ملي. هنڌ بلڪل ٻيو ڪجيس.

بيمار جا ڪپڙا لٽا، هنڌ، ٿانو، وغيرهسڀ گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪائجن. فرنيچر کي کٽ سميت چڱيءَ طرح ڊي . ڊي. ٽي جو ڦوهارو  هڻي اُس ۾ ڇڏجي. ڪمري جي زمين، ڀتين وغيرهکي به  پوريءَ طرح ڊي. ڊي. ٽي هڻجي،  پوءِ ڪجهه وقت بند ڪري ڇڏجيس.ان کان پوءِ کليل ڇڏجي ته اُس ۽ هوا آل جال اچيس، ۽ ٻه ٽي ڏينهن ڪم نه آڻجي.


 

 

باب نائون

ترت علاج

        ترت علاج ڇا آهي. گهمندي ڦرندي، اوجهڙ جڳهين تي، بعضي اهڙا اتفاق ٿي پوندا آهن، جن جي بروقت پوئيواري نه ٿي، ته جيسين ڪو ڊاڪٽر پهچي، تيسين حياتي جوکي ۾ اچيو وڃي. ڀلا، جي ڪنهن ٿوري ڌڪ لڳڻ ڪري ڪا رت - نلي ڦاٽي پوي ۽ رت وٺي ڇٽڪي،  پوءِ ان جو ڪو تدارڪ نه ڪجي جيسين ڊاڪٽر ڀيڙو ٿئي، ته جيڪر رت ڇڏي ڇڏي بيمار جي حياتي ئي لوڏن ۾ اچي وڃي؛ پوءِ ڊاڪٽر پهتو ته به ڇا ڪندو؟ نڪتل رت ته ڊاڪٽر به واپس بت ۾ وجهي ڪين سگهندو!ساڳيءَ طرح، جي ڪو ٻڏي پوي يا ڪنهن کي بلا کائي وجهي، ته سندس حياتيءَ ۽ موت جو فيصلو ٿورن منٽن ۾ ٿي سگهي ٿو، جتي نه اوهي نه واهي. اهڙين حالتن ۾ ضروري آهي ته جيسين ڪو ڊاڪٽر پهچي تيسين بيمار کي بدتر ٿيڻ کان ته بچائجي. انهيءَ اوائلي مدد کي ” ترت علاج“ چئجي ٿو.

اهڙا اتفاق جن ۾ ترت علاج جي ضرورت ٿئي ٿي، اهي هي آهن: (1) ڌڪ لڳڻ،(2) ڪکجڻ ، (3) ٻڏي پوڻ، (4) زهر کائڻ، ۽ (5) سڙي پوڻ.

        ياد رکجڻ گهرجي ته اهي نازڪ حالتون انسان جي همت ۽ لياقت لاءِ ڪسوٽي آهن. وقت ويو، هٿ اچڻو نه آهي؛ ترت عمل درڪار آهي؛ خيال ڪرڻ جو وقت ڪونهي.ڪم ڪرڻو آهي، مگر هڪدم ۽ قانونن موجب مهل کي منهن ڏيڻ وڏي ڳالهه آهي.

ترت علاج جا اصول

چست ۽ هوشيار، مدد لاءِ هر وقت تيار رهو.

(2) پنهجي ڪم مان پوريءَ طرح واقف هجو ؛ ويچار، عقل ۽ همت سان ڪم ڪريو.

(3) بيمار کي بلڪل جلد ايذائيندڙ حالتن کان پري ڪريو.

(4) ڪٿان رت وهندڙ ڏسو ته پهرين ان کي بند ڪريو.

(5) بيمار کي کُلي هوا ڏيو، پر کيس گرم ضـرور رکو، جئن صدمي ڪري ٺري نه پوي

(6) ڳچيءَ ۾ ڪو سوڙهو ڪپڙو هجي، ته ان کي هڪدم ويڪريو ڪريو.

(7) ساهه کڻڻ ۾ رنڊڪ هجي، هٿرادو ساهه کڻايو.

 (8)   بيمار کي ايذاءَ کان بچايو ۽ آرام ڏيو.

(9) ڦٽن تي صاف پها ڏيئي پٽي ٻڌو، جئن جيوڙا زخمن مان اندر نه وڃن. زخمن مان شيشا، پٿڙيون، مٽي يا ڪا به ڌاري شَي ٻاهر ڪڍو.

(10) زهر جي حالت ۾ جي زهر وات ساريو نه هجي، ته هڪدم الٽي ڪرايو. ٻيءَ صورت ۾ زهر مار دوا ڏيو.

(11) بيهوشيءَ مان هوشيار ڪرڻ لاءِ چانهه يا گرم کير پياريو؛ امونيا سنگهايو؛ منهن تي ڇنڊا هڻو ۽ هوا ڪريو؛ هٿن پيرن کي مهٽيو.

 (12) بيمار کي جلد ڪنهن وسنھن ڀيڙو ڪريو.

(13) ڪپڙا ضرورت سواءِ نه مٽايو، پر جي لاهڻ ضروري هجن ته هن طرح لاهجن: ڪوٽ پھرين چڱي ڀلي پاسي کان لاهجي، ٻانھن جو ٽوپو به اڊيڙي لاهي سگھبس. چولو اڳ کان ڪتري، سٿڻ پاسن کان. بوٽ جا ڪشا کولي پٺيون ٽوپو اڊيڙجي؛ جوراب  ڪتري ڪڍجن.

(14)  ترت علاج جو اهو مطلب نه آهي ته ڊاڪٽر جي علاج جي ضرورت نه آهي. جلد بجلد ڊاڪٽر موجود ڪريو.

1. ڌڪ لڳڻ

ڌڪ لڳڻ جي حالت ۾ ترت علاج طلب حالتون هي ٿينديون؛ ڦٽ ٿيڻ ، رت وهڻ، هڏو ڀڄڻ، سنڌ نڪرڻ، بيھوش ٿيڻ.

(1) رت وهڻ. رت معنيٰ ساهه؛ جي رت ويو ته جان وئي. پھرين رت کي بند ڪجي. صاف ڪپڙي جي ٿلھي ٿي ٺاهي، رت جي وهڻ واريءَ جاءِ تي رکي، مٿانس ڪو ڪپڙو يا پٽي ٻڌو؛ جي ڪپڙو نه هجي ته هڪدم پنھنجي هٿ جي تريءَ جي زور سان رت کي  روڪيو، اڃا به بھتر ائين ٿيندو، جو ٽٽل نليءَ کي زخم جي جاءِ کان  پرڀرو زور ڏجي ته ايذاءُ به نه ٿئي. اوهان کي خبر آهي ته رت نليون ٻن قسمن جون آهن – شريانون، ۽ نسون. شريانن ۾ رت دل کان بدن ڏانھن ٿو وڃي، ۽ نسن مان بدن کان دل ڏي. مطلب ته جي شريان زخميل آهي ته زخم جي انهيءَ پاسي کان زور ڏيو، جنھن پاسي دل آهي، ۽

شڪل 57. وچين نليءَ ۾ ، نل جي ٻنجيءَ ۽ وهندڙ سوراخ جي وچ ۾ نليءَ کي جھلڻ سان پاڻي وهڻ بند ٿيو وڃي؛ پر سوراخ جي هيٺان جھلبو، ته پاڻي پاڻ زور سان نڪرندو.

نسن جي حالت ۾ دل جي ٻئي پاسي مثال - ٺونٺ جي ٻيڪڙ ۾ زخم هجي ته شريان جي حالت ۾ ڏوري کي ڇڪي ٻڌبو؛ ڇاڪاڻ ته دل کان رت ڪلھي کان ئي هيٺ ٻانھن ۾ لھندو. نس جي حالت ۾ رت هٿ کان ٿي مٿي ٿو وڃي، دل ڏانهن؛ ان ڪري بُڪ کي ٻڌبو، ته رت زخم تائين پھچي نه وهي. باقي رهيو اهو سوال ته ڪئن سمجھجي ته رت شريان مان ٿو نڪري يا نس مان ؟ شريان جو رت رنگ جو کنهبو ، ڦوهاري وانگر داڻ داڻ ٿي دل جي ڀڪيڙجڻ تي نڪرندو. نس جو رت ڳوڙهو ڳاڙهو، ٺينڊيءَ وانگر لاڳيتي لار ڪري پيو وهندو. رت وهندو ڏسجي ته بيمار کي هڪدم سنئون ڪري سمھارجي؛ ٻانھن يا ٽنگ مان رت نڪرندو هجي ته مٿي اڀو ڪجيس، زخم ۾ ڪو ڄميل رت جو ڳنڍڙو هجي، ته ان کي اصل نه چورجي؛ ڇاڪاڻ ته رت کي وهڻ کان روڪڻ جو اهو ئي قدرتي اپاءُ آهي. سڀني ڦٽن تي صاف پٽي ورائي ڇڏجي، جئن مٽي وغيره غلاظتون زخم ۾ زياده دخل نه ڪن. نڪهريءَ جي حالت ۾(1) بيمار کي ڪنھن دريءَ جي سامھون هوا تي وهارجي،(2) مٿو پٺتي ورائجي ۽ سندس ٻانھون اڀيون ڪري مٿي کان مٿي جھلجن، (3) ٿڌي پاڻيءَ مان ڪپڙو پسائي نڪ تي ۽ ڪنڌ تي رکجي، (4) بيمار کي وات مان ساهه کڻڻ جي هدايت ڪجي“ ۽ (5) صاف ڪپهه جا ٻڙا نڪ ۾ ڏجن.

(2) هڏو ڀڄڻ. رت بند ڪري، ڦٽ ٻڌي، ڏسجي ته ڪا هڏي ته نه ڀڳي آهي. هڏ ڀڄڻ جون نشانيون هي آهن: سور، سوڄ، عضوي جو ننڍو ٿيڻ ۽ شڪل بدلائڻ، چورڻ جي طاقت نه رهڻ، بعضي ته ڀڳل هڏيون چمڙي ڦاڙي ٻاهر نڪري پونديون آهن.

شڪل 58. هڏي ڀڄڻ ڪري ڪيترو نه رت ۽ گوشت جو نقصان ٿيندو هوندو!

ڀڳل هڏ جو ترت علاج اهو آهي، ته ان کي جيترو جلد ۽ جيتري قدر آرام سان سڌو ڪري سگھجي، اوترو چڱو. ان لاءِ ڀڳل هنڌ کان، هڪڙي هٿ سان مٿان ۽ ٻئي سان هيٺان هڏو جھلي سھنديءَ آهر ڇڪ ڏئي عضوي کي سڌو ڪريو. سڌو ته ٿيو، پر جي هٿ ڇڏبا ته وري ڦِڏو ٿي ويندو؛ ان ڪري عضوي سان ڪا سنھي ڪاٺي، لڪڻ، ڇٽي، وغيره لائي، ڀڳل هنڌ جي مٿان توڙي هيٺان ڪاٺيءَ کي پختو ڪري، ٻن ٽن هنڌن

 

شڪل 59 . ڀڳل عضوي کي جيترو سنئون ڪبو، اوترو اندريون هڏو پوريءَ جاءِ تي ايندو.

تي پٽيون ٻڌي ڇڏيو. جي ٽنگ جا ڪا هڏي ڀڳي هجي ۽ ڪا ڪاٺي هٿ نه لڳي ته ڇڪي ٻيءَ ٽنگ سان ئي ٻڌي ڇڏجيس. ٻانھن جي ڪنھن هڏي ڀڄڻ جي حالت ۾ ٻانھن کي تاڪيون ٻڌي، جھوليءَ ۾ رکجي.

شڪل  60. ڏوري ۽ ٻانھن جي ڀڄڻ جي حالت ۾ ٻانهن جي ۾ ٻانھن کي جھوليءَ ۾ رکڻ جي ترتيب.

پٺيءَ جي ڪنڊي جو ڀڄڻ ، هيءُ هڪ نھايت خطرناڪ اتفاق آهي. جي اندر ڏوري ضربجي پئي، ته ڌڙ سڪي پوندو. بعضي گھوڙي تان ڪِرڻ ڪري ڪنڌ جون ريڙهون ڀڄي پونديون آهن. ڪنڊي جي ضربن ۾ هن ريت عمل ڪريو؛

(1) زخميل کي بنھه نه چوريو، (2) مٿان بلاڪيٽ وجھي گرم ڪريو، (3) ڏوليءَ تي کڻڻ کان پهرين سندس ڪنڌ کي اهڙو قابو ڪريو، جو اصل نه چري. ان لاءِ مٿي جي ٻنهين پاسن کان لڪڻ يا ڇٽي مٿي جي سنوت ۾ جھلي رومال يا پٽيءَ سان مٿي هيٺان ور ڏيئي

 

لڪڻ کي ٻڌو، جئن مٿو چري نه سگهي.

(3) هڏو سنڌ کان نڪرڻ. سنڌ نڪرڻ جي حالت ۾ ڪا به ڇڪ يا زور نه ڏجي. نڪتل هڏي کي اهڙيءَ طرح جھلجي جو ايذاءُ نه ٿئي؛ ۽ چرڻ پرڻ کان روڪڻ لاءِ انهيءَ نموني ۾ ٻڌي سوگھو ڪري ڇڏجي، جو نه چري سگھي نه ايذاءُ معلوم ٿئي. ڊاڪٽر جي مدد بلڪل جلد هٿ ڪجي. سنڌ مڙڻ، بعضي هلندي هلندي مُرو مڙي پوندو آهي، ۽ سٽ نڪري ويندي. اهڙيءَ حالت ۾ هڪدم بوٽ جي تري کان رومال جو وچ رکي، پڇڙيون مٿان ورائي، مري کان ڦيرائي، پٺيان نيئي ٻڌجن، جئن گهر پهچڻ تائين مُرو ڪم نه ڪري، نه ته ويتر خرابي وڌندي. گھر پھچڻ شرط بوٽ جوراب لاهي پير کي ٿورو گرم پاڻيءَ ۾ ڪپڙو پسائي نپوڙي ان سان ٽاڪور ڪجي ۽ پير کي مٿڀرو ڪري رکجي. چڱيءَ طرح ٽاڪور ڪرڻ بعد پاڻي اگھي ڪپڙو ويڙهي ڇڏجي. پير جيسين فرحت ۾ اچي، تيسين پنڌ نه ڪجي.

 (4) بيھوشي. مٿي تي ڌڪ لڳڻ يا گھڻي رت وهڻ ڪري ٿيندي آهي؛ گرميءَ جي چپيٽ، مرگھي ، دل جي ضعف، ٻوسٽ ۽ نشيدار شين ڪري به ٿيندي آهي.

ترت علاج

(1) بيھوش ٿيندڙ کي ڪِرڻ کان بچايو؛ (2) رت وهندو هجيس ته بند ڪريو؛ (3) کيس اهڙيءَ صورت ۾ رکو جئن ساهه کڻڻ ۾ اٽڪ نه ٿئيس؛ ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ تي سوڙهه هجي ته لاهيو، تازي هوا جو انتظام ڪريو، در دريون کوليو، ماڻھن کي مڙڻ نه ڏيو؛ (6) جي ساهه نه کڻندو هجي ته هڪدم هٿراڌو ساهه کڻائڻ شروع ڪريو؛ (7) بيمار کي گرم رکو ۽ پگھر اگھندا ڪريو؛ (8) ٿوري آرام کان پوءِ منھن تي ڇنڊا هڻوس يا امونيا سنگھايوس؛ (9) مرگھيءَ جي حالت ۾ ڪِرڻ کان بچايوس ۽ ڏندن جي وچ ۾ رومال ڏئي زبان کي ڏندن ۾ ڦاسائڻ کان روڪيو ته، ٽڪجي نه پوي؛ ۽ (10) آفيم جي حالت ۾ سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ هڪدم ڊاڪٽر جي مدد وٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com