سيڪشن؛علميات

ڪتاب:تن ۽ تندرستي

باب: --

صفحو :3

 

باب ستون

سنڌ  (Joints)

جتي ٻه يا وڌيڪ هڏا گڏجن ٿا، انهيءَ هنڌ کي ”سنڌ“ چئجي ٿو. سنڌ ٻن قسمن جا آهن: (1) اڻ چرندڙ، ۽ (2) چرندڙ.

 (1) اڻ چرندڙ سنڌ. هي اهي آهن جن ۾ سنڌ ٺاهيندڙ هڏا هڪ ٻئي سان اَرو اَري ۾ اهڙيءَ طرح ڦاٿا پيا هوندا، جو منجهن ڪا به چرپر نه ٿي سگهي. اوهان ڪيپراٽيءَ ۽ منهن جي ٻاويهن هڏن ۾ ڏٺو ته منجهائن فقط هيٺين جھاڙي چوري سگهجي ٿي، باقي ٻيا سڀ هڏا پنهنجن جاين تي کتا ئي رهن ٿا. خيال ٿو ڪجي ته جي اهي هڏا قدرت کي چورڻا ڪين هئا، ته اڻ چرندڙ سنڌن ٺاهڻ جو مطلب ڇا؟

(1) وقت جي بچت. اوهان کي خبر آهي ته بدن ۾ ٻه سو کن هڏا آهن. هر هڪ هڏي ۾ هڪ يا زياده مرڪز ٿيندا آهن، جن ۾ سندن جڙڻ جو ڪم ڪٺو هلندو رهندو آهي؛ ائين نه، ته هڪڙو ٺھي رهي، ته پوءِ ٻيو شروع ٿئي. ڊگھن هڏن ۾ ته گھٽ ۾ گھٽ اهڙا ٽي مرڪز ٿيندا آهن: ٻه پڇڙين لاءِ ۽ ٽيون نريءَ جي وچ تي. هڏي ٺاهڻ لاءِ ڪئلشم جي ضرورت آهي، جو ماءُ جي رت مان ٻار کي ملندو ٿو رهي. ماءُ جو رت ٻار جي بدن ۾ دورو ڪندي، ضروري جاين تي ڪئلشم پهچائيندو، ساڳئي وقت سڀ هڏا ٺاهيندو وڃي.

(2) ٻار جي ڄمڻ ۾ سهوليت. تازي ڄاول ٻار کي مٿي جي چوٽيءَ تي هڪڙو چوڪڙيءَ جي شڪل جهڙو ٽڪرو ٿيندو آهي، جتي هڏو ڪو نه هوندو آهي ۽ دل جي رفتار موجب ڌئون ڌئون ڪندو ڏسبو آهي. ان کي ”تارون“  (Fontinel) چئبو آهي. ڄمڻ مهل مٿي جا هڏا تارونءَ وٽ اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي جي هيٺان اچي مٿي کي سوڙهو ڪندا آهن، جو سولو کسڪي ايندو آهي.

 (3) ڌڪ لڳڻ ڪري زيان گهٽ.سمجهو ته مٿو هڪڙي هڏي جو ٺهيل آهي؛ جي ضرب اچيس ته سڄو ڀڄي پوي؛ پر گهڻن هڏن جي حالت ۾ ته فقط هڪڙو هڏو ڀڄندو. جي دريءَ ۾ شيشي جي يڪي تاڪي هجي، ته پٿر لڳڻ سان سڄي چٽ؛ پر جي اٺن تاڪين جي ٺهيل هوندي، ته ڀڄي ڀڄي هڪڙي ڀڄندي ۽ زيان به اٺين پتي ٿيندو.

(2) چرندڙ سنڌ.هنن ۾ هڏا هڪ ٻئي ۾ کتل نه هوندا آهن، پر سندن سنڌ ٺاهيندڙ پڇڙيون، مضبوط ٻنڌين سان ٻڌل،آمهون سامهون بيٺل ٿينديون آهن، اهي پڇڙيون نهايت لسيون ۽ هڪ نازڪ پردي ۾ ويڙهيل هونديون آهن. جنهن مان هڪ سڻڀي رطوبت سنڌ کي گسڪڻي ڪرڻ لاءِ سمندي رهندي آهي: ان ڪري سنڌ جي چرڻ ۾ ڪابه اٽڪ ڪانه ٿئي.گاڏين جي ڦيٿن ۽ مشين کي، تيل به ساڳئي اصول تي ڏبو آهي، ته چڪريون هلڻ ۾ نه اٽڪڻ نه کڙڪن.

چرندڙ سنڌن جا چار نمونا ٿيندا آهن؛ (1)انجسي سنڌ، (2) گولي پيالي وارا سنڌ، (3) ڦرڻا سنڌ ۽ (4)گسڪڻا سنڌ.

(1) انجنسي سنڌ  .Hinge joint

هنن سنڌن ۾ فقط اڳتي ۽ پوئتي چرپر ٿي سگهي ٿي، جئن انجسن جي وسيلي در پٽجي ۽ پور جي سگهندو آهي- مثلا گوڏي، ٺونٺ ۽ ٽڻين جا سنڌ.

(2)  گولي ۽ پيالي وارا سنڌ ball & scket joints.

هن قسم جي سنڌ ٺاهيندڙ هڏن مان هڪڙي جو ڇيڙو گول هوندو آهي، ۽ ٻئي جو پيالي وانگر.ظاهر آهي ته اهڙن سنڌن جي ڪري عضوا ڪهڙي به پاسي چري سگهندا- اڳتي، پوئتي، پاسيرو، گول چڪر، وغيرهه. ڪلهي ڪرائيءَ، ڍاڪ، ۽ مري جا سنڌ هن نموني جا آهن.

(3)ڦرڻا سنڌ pivot joints. هن قسم جو سنڌ فقط هڪڙو مڻڪي وارو آهي، جو پٺيءَ جي ڪنڊي جي پهرين ۽ ٻي ريڙهه ٺاهين ٿيون. پهرين ريڙهه جنهن کي Atlas سڏبو آهي، ڇلي وانگر ٿيندي آهي، جنهن جي سوراخ ۾ نمبر ۾ ٻي ريڙهه Axis جو ميخ وانگر نڪتل حصو پيهي، سنڌ ٺاهي ٿو. انهيءَ سنڌ جي وسيلي اسين پنهنجو منهن سڄي کٻي ڦيرائي پاسن تي ڏسي سگهون ٿا.

(4) گسڪڻا سنڌ Glidin Gjoints .هنن سنڌن ۾ چر پر ڪا نالي جي ٿئي. پٺيءَ جي ڪنڊي جي ريڙهن جا سنڌ ۽ ڪرائي ۽ مري جي ننڍڙن هڏن جا سنڌ هن قسم جا آهن.

باب اٺون

مشڪي سرشتو (Muscular System)

اوهان ڪڏهن اهو خيال ڪيو آهي ته هي جو هيترو اسان تي گوشت چڙهيل آهي؛ جنهن جو وزن بدن جي تور جو ذري گهٽ اڌ ٿيندو، ان جو آخر ڪم ڪهڙو؛ هڏن جو بچاءُ آهي يا بت کي سهڻو ٿو ڪري، يا ڪو ٻيو به مطلب اٿس ؟ اچو ته پنهنجي بدن جي مشڪن تي ڪجهه تجربا ڪريون.

تجربو پهريون؛ پنهنجو هٿ ساڳئي پاسي جي ڪلهي تي رکڻ جي ڪوشش ڪريو، ته ڏوري جو گوشت ڀر جي ڳنڍو ٿي پوندو. وري ٻانهن ڊگهي ڪريو ته ڏوري جو ڏيڏر به گم ٿي ويندو. ساڳيءَ طرح گهڻن ڀيرن ڪرڻ سان معلوم ٿيندو، ته ڀيري ڀيري ڏورو زيادھ سيٽبو ۽ سخت ٿيندو پيو وڃي - پر نيٺ ٿڪ ٿيڻ تي، ڪري بس ڪبي. هن سليس آزمودي مان گهڻوئي ڪجهه پروڙ يوسين؛ (1) ٻانهن جو چورڻ وقت گوشت به چري ٿو- ان ڪري گوشت جو تعلق چرپر سان آهي؛ (2) گوشت سسي ۽ اِنگهي ٿو؛ (3) سسڻ وقت سيٽجي سوٽ ٿئي ٿو؛ ۽ (4) گهڻن ڀيرن ڪم ڪرڻ سان ٿڪجو به پوي.

تجربو ٻيو ؛ وري هٿ جون آڱريون زور سان ورائي، ساڳي پاسي جي ڪرائي کي لائڻ جي ڪوشش ڪريو.ڏسبو ته ڏوري جي گوشت ۾ ڪو تحرڪ ڪونهي، پر ٻانهن جي بڪ وارو گوشت سوٽ ٿيندو وڃي، هاڻي هٿ سڌو ڪريو، ته سختي به نڪريو وڃي.

  مطلب ته هر هڪ سنڌ کي چورڻ لاءِ ڌار ڌار مشڪون مقرر ٿيل ٿيون ڏسجن- جيئن ٺونٺ کان ڪم وٺڻ لاءِ ڏوري واريون، ۽ ڪرائي کي چورڻ لاءِ بڪ واريون، وغيرھ. اهو به معلوم ٿيو ته مشڪون ڪنهن نه ڪنهن سنڌ جي آرپار سنڌ ٺاهيندر هڏن تي لڳل آهن، ۽ جڏهن سوس ٿيون کائن، ته ڇڪ اچڻ سبب، ڪو نه ڪو هڏو ٻئي ڏانهن سنڌ وٽ مڙيو اچي- اهو آهي اسان جي چرڻ پرڻ جو راز.ڀلا ڏسون ته سهي، ٻانهن کي ٺونٺ وٽ موڙڻ لاءِ ته ڏوري جي اڳ واريءَ مشڪ ڪم ڪيو، پر کيس سڌو ڪنهن ڪيو؟

تجربو ٽيو؛ پنهنجي کٻي ٻانهن سڌي جهلي، سڄو هٿ کٻي ڏوري جي هيٺان رکي، ٻانهن کي ٺونٺ وٽ ورايو، يعني ٻيڪڙيو. معلوم ٿيندو، ته ڏوري جي پٺين مشڪ به اڳتي

 شڪل 15. ٻپاڙي (ٻيڪڻي) مشڪ ۽ ٽپاڙي (ڊيگهڻي) مشڪ جو ٻانهن کي ٺونٺ وٽ موڙڻ ۽ ڊگهي ڪرڻ جو ڪم.

 ڇڪجي وئي وري ٻانهن کي ڊگهو ڪريو، ته مشڪ زور سان پٺتي ويندي معلوم ٿيندي؛ اها آهي ٻانهن کي سڌي ڪرڻ واري مشڪ.

اوهان کي ياد هوندو ته ٺونٺ وارو سنڌ انجسي نموني جو آهي، ۽ اهڙي سنڌ وٽ دروازي وانگر فقط ورڻ ۽ کلڻ جو ڪم ئي ٿي سگهي ٿو.ان ڪري، ٺونٺ کان ڪم وٺڻ لاءِ مشڪون به فقط ٻن قسمن جون لڳل آهن؛ اڳ کان، ٻيڪڙيندڙ يعني”ٻيڪڻي مشڪ“:(Flexor muscle)    ۽ پٺ کان ڊگهيريندڙ يعني” ڊيگهڻي مشڪ“Extensor muscle)).اهي مخالف مشڪون ڪم به ابتڙ ڪن ؛ جڏهن ٻيڪڻي سسي ته ڊيگهڻي اِنگهي، جي ڊيگهڻي سسي ته ٻيڪڻي اِنگهي؛ پر ٻئي ساڳئي وقت ڪڏهن به سسي ڪين سگهنديون.

  انهن مُشڪن جو ڪم شڪل نمبر 15 ڏسڻ سان چٽيءَ طرح سمجهي سگهبو. پهرين ڏوري جي اڳ واري ٻيڪڻي مشڪ ڏسو، جنهن جو نالو Biceps يعني ”ٻه - پاڙي “ آهي. اهو نالو ان ڪري مليو اٿس، جو سندس بنياد ٻن هنڌان ٿو نسري؛ هڪڙو ڪلهي جي ڦڻ کان، ٻيو ڏوراٺيءَ جي چوٽيءَ وٽان. ٻئي هيٺ لهي، گڏ جي، مشڪ جو اِٽيءَ جهڙو ٿلهو جسم ٺاهين ٿا، جو نيٺ وري سوڙهو ٿي، هڪ پيوندي اوڄي جي مضبوط ڏوري(Tendon) جي وسيلي، ”ريڊس“ هڏي جي مٿئين ڀاڱي ۾ اچيو داخل ٿئي.

مشڪ جي بناوت. مشڪ کي ٽي ڀاڱا ٿيندا آهن- بنياد، جسم ۽ دخل. جڏهن مشڪ ڪم ڪندي آهي، تڏهن جسم جي سسڻ ڪري، ”دخل“ واري هڏي ڇڪجي ايندي آهي، مگر ”بنياد“ واري هنڌ ڪا به چر پر ڪا نه ٿيندي آهي. انهي تجويز سان، ٻه پاڙي مشڪ جي ڪشش ڪري، بُڪ واري نري وريو اچيو ڏوراٺيءَ کي ويجھو پوي، ۽ هٿ مٿي ٿيو اچي(جئن ٻُڙين وارين ليڪن جي وسيلي شڪل ۾ ڏيکاريل آهي)

بيرم جو اصول : مزو ته اهو آهي، جو ٻه پاڙي مشڪ به بنھه بار برداريءَ (Mechanics) جي اصولن موجب ڪم ٿي ڪري!

شڪل 16. پهرئين قسم جي بيرم پٽاندر ڪم ڪندڙ ڪلون

اوهان بعضي پورهيتن کي ڏٺو هوندو، ته ڪئن نه هو هڪ مضبوط لٺ جي وسيلي ،ٿيڙ ڏيئي، ڳَورا بُند سيريندا آهن. اهڙي لٺ، هڪ کُتل  اڻ چرندڙ ٽيڪ جي آڌر تي، هيٺ مٿي ڪرڻ سان هڪ ساديءَ ڪل جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي، جنهن کي ”بيرم“   (Lever)چئبو آهي. بيرم کي ، بار کڻڻ لاءِ ، ٽن نمونن ۾ ڪم آڻي سگھجي ٿو:  پھريون نمونو- لٺ جو هڪڙو ڇيڙو بار جي هيٺان ڏيئي، لٺ جي وچ هيٺان ڪا سخت اَڏي  (Fulcrum) رکي، ان تي لٺ جي ٻئي ڇيڙي کان هيٺ زور ڏبو، ته بار مٿي کڄي ايندو.

ٻيو نمونو - لٺ جو هڪڙو ڇيڙو بار جي هيٺان نيئي، سندس ٻئي پاسي آڻي، زمين تي اڏيءَ طور کپائي، ٻئي ڇيڙي کان مٿي زور ڏيو، ته به بار مٿي کڄي ايندو.

شڪل 17 . ٻئي نموني جي بيرم جو ڪم

ٽيون نمونو - لٺ جو هڪڙو ڇيڙو (ٻئي نموني وانگر) بار جي هيٺان ڪڍي، ٻئي ڇيڙي تي پنهنجي پير جو يا ٻيو زور رکي، لٺ کي وچ مان ڪنھن هنڌان مٿي کڻبو ته به بار مٿي هليو ايندو.

 

شڪل 18. بيرم جي ٽئي قسم جو ڪم

(مشڪن جو ڪم گھڻو ڪري ٽئي قسم جي بيرم موجب ٿو ٿئي)

        مطلب ته پھرئين نموني ۾ ”زور“ هڪڙي پاسي ٿيو، ”بار“ ٻئي پاسي ، ۽ ”ٽيڪ“ وچ تي ؛ نموني ۾ ”زور“ هڪڙي پاسي، ”ٽيڪ“ ٻئي پاسي ، ۽ ”بار“ وچ تي؛ ۽ ٽئي نموني ۾ (ٽيڪ)هڪڙي پاسي، ”بار“ ٻئي پاسي ۽ ”زور “ وچ تي.

شڪل نمبر 18 ۾ ڏسبو ته ٻه  - پاڙي مشڪ، ”ريڊيس“ هڏي کي مٿي ورائڻ وقت، ٽئي نموني جي بيرم وانگر ڪم ٿي وٺي: يعني ٽيڪ هڪڙي پاسي ساٿي ٺونٺ بار ٻئي پاسي (سو ٿيو هٿ)، ۽ زور وچ تي (سو ٿيو ٻه - پاڙي مشڪ جو دخل، جو ريڊيس جي وچين ڀاڱي ۾ ٿو اچي)- هتي زور ڏيڻ واري طاقت ”مشڪ“ آهي.

هاڻي اوهان ڏٺو ته ڪئن هڪڙي مشڪ، هڪڙي ڊگھي هڏي کان ساڳيءَ طرح ڪم ٿي وٺي، جئن اسين بيرم کان ٿا وٺون، بدن جي مشڪن کي گھڻو ڪري ٽئي نموني جي ليورن مطابق ڪم ڪرڻو ٿو پوي، جن ۾ زور البت زياده ٿو ڪم اچي ، پر مشڪ جي ڀڄڻ جو امڪان گهٽ ٿو رهي.

ٽه – پاڙي مشڪ Triceps. هيءَ ڏوري جي پٺ کان لڳل آهي. ان کي ”ٽه - پاڙي“ ان ڪري ٿو چئجي، جو نسرڻ جا ٽي بنياد اٿس - ٻه ڏوراٺيءَ جي هڏي کان، ۽ ٽيو ڦڻ وٽان. شڪل ۾ سندس ٽِي پاڙ مشڪ جي جسم جي پٺيان لڪي ويئي آهي، جا ڏوراٺيءَ جي نريءَ کان نڪري ٿي. سندس دخل وري ٺونٺ جي سنڌ جي پٺ کان ور کائي، اچي بڪ جي (الف واري) نريءَ جي چوٽيءَ تي ٿيو آهي، هن مشڪ جي رت مان ظاهر آهي ، ته سندس سسڻ ڪري ، ٻانهن ضرور ٻه - پاڙيءَ جي ابتڙ ڪم ڪندي : ڇاڪاڻ ته ٻه - پاڙي ٺونٺ کي اڳتي ورائيندي، ته ٽه - پاڙي پٺتي؛ ٻه - پاڙي  ٻيڪڻي آهي، ته ٽه  - پاڙي ڊيگھڻي.

مٿينءَ ترتيب مان مشڪن جي ڪرت جو اصول سمجھي ڇڏڻ گهرجي، ته جنهن پاسي ڪو انجسي سنڌ ورڻو هوندو، ته سندس ٻيڪڻيون مشڪون به انهيءَ ئي پاسي لڳل هونديون: ۽ مخالف پاسي، سنڌ کي سڌي ڪرڻ واريون مشڪون.

ٽنگ جون مشڪون.

گوڏي جو سَنڌ ڏسبو، ته ٺونٺ جي بلڪل برخلاف ڪم اٿس. ٺونٺ ته آهي هٿ کي ڪم ڪرائڻ لاءِ : ۽ ڪم اڳيان ئي ٿيندو، جنهن پاسي اکيون آهن، ان ڪري اڳتي ٿي وري. گوڏي کي آهي هلڻ جو ڪم؛ ۽ پٺتي ان ڪري ٿو وري، ته اڳتي وک وجھڻ ۾ سوالائي ٿئي جي گوڏو پٺتي نه وري، ته پير جو پٻه  جيڪر زمين کي رهڙيندي اڳتي اچي مٿئين اصول موافق، گوڏي جون ٻيڪڻيون به سٿر جي پٺيان لڳل آهن، ۽ سڌي ڪرڻ واريون سٿر جي اڳيان .

چئو - پاڙي مشڪ . بدن جي ٿلھي ۾ ٿلھي ۽ وزندار مشڪ سٿر جي اڳيان لڳل آهي، جنهن جو ڪم آهي گوڏي کي سڌو ڪرڻ ان کي ”چئو- پاڙي“ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته چار بنياد اٿس: (1) ڍاڪ جي هڏي کان ، (2) سٿرئي جي ٻاهرئين پاسي وٽان،  (3) سٿرئي جي اندرئين پاسي تان ۽ (4) سٿرئي جي اڳ کان سندس چارئي بنياد ، چار متاريون مشڪون ٿا ٺاهين، جي گڏ ٿيو اچيو گوڏي جي ڍڪڻي ۾ دخل ڪن. ظاهر آهي اها مشڪ سوس کائيندي، تڏهن ٽَنگ کي گوڏي وٽ سڌو ڪندي.

پيٽيري مشڪ . مُري جو سنڌ ٺونٺ وانگر اڳتي ٿو وري، ته سندس ٻيڪڻيون مشڪون به پنيءَ جي اڳ کان لڳل آهن. پيٽيري مشڪ (Gastrochnemias)، ٽنگ جي پٺ کان پنيءَ وارو نڪتل ڀاڱو ٺاهي ٿي، جو پيٽ وانگر نڪتل ٿيندو آهي ۽ نالو به ان ڪري پيو اٿس.

 

شڪل17. ڪلھن ۽ پٺيءَ جون مشڪون

(مشڪون گھڻيون گڏجي ڪم ڪن ٿيون، نه اڪيليون)

        سندس بنياد سٿرئي هڏي جي هيٺئين ڇيڙي مان ٻن هنڌان ٿو ڦٽي، ۽ ڍڍريدار شڪل وٺيو، هڪ مضبوط پيوندي اوڄي جي پٽيءَ جھڙي ڏوري جي وسيلي، وڃيو کُڙيءَ ۾ داخل ٿئي(جو هٿ سان معلوم ڪري سگھبو). هن مشڪ جي سوس کائڻ، ڪري کُڙي مٿي ڇڪبي، جنھن ڪري مُري جو سنڌ سڌو ٿيندو.

ڌڙ جون مشڪون. ساڳيءَ ترتيب تي، اسان جي ڌڙ کي اڳتي نمائڻ لاءِ مشڪون اڳ کان لڳل آهن، ۽ پٺتي ورائڻ لاءِ پٺ کان. اِهي مشڪون به هڪ ٻئي جي ابتڙ ساڳيءَ تجويز تي ڪم ڪن ٿيون، جئن ڏوري جي ٻه - پاڙي ۽ ٽه - پاڙي.

ڀلا، هنن پيٽ ۽ پٺيءَ جي مشڪن جي ابتڙ ڪم ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟ اهي مشڪون  ڪنڌ ۽ ٽنگن جي مشڪن سان ملي، بدن جو وزن هڪ - ڪرو ٿيون رکن، نه ته جيڪر اسين هڪ نه ٻئي پاسي ڪِري پئون! اوهان کي آزمودو هوندو، ته جڏهن هوا زور سان سامهون لڳندي آهي،تڏهن اسين پنهنجي بدن جو بار اڳتي اهلائي وجھندا آهيون؛ ۽ جي هوا پٺيان ڌوڪيندي آهي، ته پاڻ کي ٿورو پٺيرو اهلائبو آهي - جئن بت جو وزن هموار رهي، ته ڪِرڻ کان بچون. ساڳيءَ طرح، جي ڪنھن چاڙهيءَ تان چڙهبو لھبو آهي،ته به اڳتي يا پوئتي نمڻو پوندو آهي.

آزمودي خاطر، جي ڪنھن وڏي گُڏي کي پينگھي ۾ وهاري کڻي لوڏو ڏجي، ته ٻوٿ ڀر اچي ڪِرندو ڪين نه؟ پوءِ اسين جو ويھي لوڏا کائيندا آهيون، ته ائين نه ٿيندو آهي، سو ڇو؟ اهو ان ڪري، جو ڳچيءَ ۽ڌڙ واريون مشڪون، بت کي ضرورت موجب اڳتي پوئتي ڪَرڻ سان، سندس وزن هموار رکي، اسان کي ڪِرڻ کان بچائينديون رهنديون آهن؛ نه ته جيڪر ڦهڪو وڃي ڪجي!

ڀلا، جي ڪنھن ٻار جون مشڪون اڃا اهڙيون زوردار نه ٿيون هجن جو ڪنڌ جھلي سگھي ، ته جيڪر ٽيڪ کان سواءِ ڇڏي ڏيوس؟ هرگز نه! ڇاڪاڻ ته يقينن ڪري پوندو ۽ سَٽ پئجي وينديس.

مطلب ته مشڪن جي انهيءَ ابتڙ ڪم ۾ وڏو راز رکيل آهي؛ اهو اسان جو گوشت آهي، جو هر وقت ڇڪتاڻ ۾ آهي ۽ سَٽون ٿو سھي!

ٿَڪُ  : Fatigueياد رکڻ گھرجي ته ويھڻ توڙي بيھڻ ۾، پٺيءَ جون سڀ مشڪون ڪم ڪنديون ٿيون رهن، ان ڪري اهي ڪم لاڳيتو گھڻو وقت ڪري ڪين سگھبا : ٿڪل مشڪن کي ساهي ضرور گھرجي، جو وري ڪم ڪري سگھن. اهو اِن ڪري، جو مشڪن کي ڪم ڪرڻ لاءِ مِٺاڻ کپي – جئن انجڻ کي ڪوئلا. مٺاڻ کَتو، ته ان مان جڙيل ردي شيون مشڪ ۾ گڏ ٿي سندس سُسڻ جي لياقت گم ڪريو ڇڏين، ۽ ٿڪ وٺيو وڃي. جيسين رت اهي غلاظتون ذري پرزي چونڊي ڪڍي، ۽ جيري جي گدام مان ”گلوڪوز“ پھچائي - پوءِ وري ڪم ڪرڻ جي طاقت اچي ويندي.

ڪيترين مشڪن جو گڏجي ڪم ڪرڻ: هلڻ وقت بدن جو وزن، واري سان، هڪ ٽنگ کان ٻيءَ تي بدلبو ٿو رهي. اڃا اڳيون پير زمين کي لڳو، ته پوئينءَ ڄنگھه جي پٺيءَ جون مشڪون سُسنديون، ۽ پير کي اڀو ڪري، بدن جو بار پٻ تي جھلي، اڳتي اڇلينديون؛ جنھنڪري پوئين ٽنگ اڳتي هلي ايندي، ۽ وري ٻيو پير پٻ تي اُڀو ٿي، ساڳيءَ طرح ڪم ڪندو رهندو: مطلب ته ڪنھن به ڪم ڪرڻ لاءِ، ڪيتريون مشڪون، ملي ڪم ٿيون ڪن. مغز جو مشڪن کي حڪم به اهو ٿيندو ته ”فلاڻو ڪم ڪريو“ نه ائين ته ”ٻه - پاڙي ڪم ڪري!“ حساب ٿو ڪجي ته فقط هڪڙو قدم اڳتي کڻڻ لاءِ ، 108 مشڪون ڪم ٿيون ڪن!

مشڪن جا ڪم. هاڻي، اوهان کي گھڻي قدر معلوم ٿي چڪو ته مشڪون نه رڳو بت کي ڊولائتو ٿيون ڪن، ۽ هڏن کي ڌڪن ڌومن جي اثر کان محفوظ ٿيون رکن، پر اسان جو سٺو ڪم ڪار به انھن جي ئي وسيلي ٿيندو ٿو رهي. جنھنڪري بدني گرمي پڻ پيدا ٿي ٿئي.

کِلڻ، ڳالھائڻ، ساهه کڻڻ، بار ڍوئڻ، کاڌو هضم ڪرڻ، هلڻ، لکڻ - اهي ڪم ته ٺھيو، پر خوشي، ڏک، ڪاوڙ ۽ ٻيا جذبا به مشڪن جي خاص نموني ۾ سسڻ ۽ ڦُنڊڻ ڪري منھن ۾ ظاهر ٿا ٿين.

اسان جي طاقت جو دارمدار به انھن مشڪن تي آهي. جيترو مشڪون زيادھ مضبوط هونديون، اوترو گھڻو بار کڻي سگھبو. لھار جي ڏورن کي ڏٺو اٿوَ، ته سندس ٻه -پاڙيون مشڪون ڪيترو نه مضبوط ۽ متاريون هونديون آهن! ڪم ڪرڻ سان بدن سگھارو ٿئي ٿو. البت، جي وت کان ٻاهر مشڪن کي ڪم ڏبو، ته سندن تندن جي ٽٽڻ جو به انديشو آهي.

گوشت جي سُڌيءَ کي جاچي ڏسبو، يا ٽاچڻيءَ سان ڇيڇاڙبس، ته معلوم ٿيندو ته منجھس ڪيتريون تندون آهن - جي گوشت کائيندي ، بعضي ڏندن ۾ ڪين ڦاسي پونديون آهن؟ اهي ڳچ جيتريون تندون، سنھڙن پيوندي اوڄن جي پردن ۾ ويڙهجي، اسان جون مشڪون ٺاهين ٿيون. هر هڪ تند لچڪيدار آهي، جا رٻڙ جي تار وانگر سُسي ۽ انگھي سگھي ٿي. ان مان ظاھر آهي، ته جي ڪنھن به مشڪ کان پنھنجي وت کان وڌيڪ زور لڳارائبو، ته سندس نازڪ تند کي سٽ اچڻ يا ٽٽي پوڻ جو ڊپ آهي - ۽ پوءِ سندس ساڳيءَ ڪڙيءَ تي اچڻ مشڪل آهي. اوهان کي آزمودو هوندو ته بعضي ، جڏهن پٺيءَ ۾ يا ٻئي ڪنھن هنڌ رڳو اجائي سٽ اچڻ ڪري ڪا مشڪ گھڻو تاڻجي ويندي آهي، ته ڪيترو نه اهنج ٿيندو آهي!

مشڪن جا قسم. ڪم جي لحاظ کان مشڪون ٻن قسمن جون آهن  - تابعدار ۽ خودمختيار.

تابعدار مشڪون  Valuntary muscles . هي اهي آهن، جيڪي اسان جي حڪم ۾ آهن؛ جي حڪم ڪجين ته  ڪم ڪنديون، نه ته نه، مثلا ٽنگن ۽ ٻانهن جون مشڪون جي اسين ٻانهن کي چورڻ گهرنداسين،  ته ٻانهن جون مشڪون ڪم ڪنديون ۽ ٻانهن چرندي؛ جي ٽنگ کي چورڻو هوندو، ته ٽنگ چُرندي. وڻي ته ويهون، وڻي ته ڊوڙون. اسان جون هڏائين پڃري تي لڳل مشڪون سڀ هن نموني جون آهن- يعني ته ٻاهريون گوشت.

(2) خود – مختيار مشڪونInvoluntary muscles

هي مشڪون اسان جي حڪم ۾ نه آهن. دل ۽ ٻيا سڀئي سڀني ۽ پيٽ وارا عضوا، جن تي اسانجي جياپي جو مدار آهي، ۽ جن کي هر وقت لاڳيتو بنا ٺاپر جي ڪم ڪرڻو ئي آهي، سي سڀ هن قسم جي مشڪي اوڄي جا جڙيل آهن. اسين پنهجي دل کي مرضيءَ موجب بيهاري يا هلائي نٿا سگهون، ۽ ساڳيءَ طرح، ٻين اندرين عضون تي به اسان جو حڪم نٿو هلي سگهي، اوهين ڀائيندا ته جيڪر اهي به اسان جي حڪم ۾ هجن ها ته چڱو- پر اها ڀُل آهي. اهي مشڪون ته پاڻ اسان جون خيرخواه آهن! ڇاڪاڻ ته جي انهن کان ڪم وٺڻ لاءِ به اسان جي حڪم جي ضرورت هجي ها،جيڪر اسين آرام به ڪري ڪين سگهون ها: ڀلا جي ڪريون ٿا ننڊ، ته دل کي حڪم ڪير ڏئي؟- ۽ جي وڃي دل بيهي، ته حياتي ئي پوري! ساڳي طرح، ساهه کڻڻ ۽ هاضمي وغيره  جي مشڪن کان ڪم وٺڻ لاءِ به هروقت سجاڳ رهڻو پوي ها: پر توڙي جي سجاڳ ئي رهجي ها، ته به ٻيو ڪم ته ڪري ڪو نه سگهون ها، رڳو ويٺا هنن عضون کي چوريون ها! شايد اهو ڪم به مشڪل ٿي پوِي ها: ڀلا جي خيال ڪريون ها دل ڏي، ته ساهه جي ڪير ڪري؛ جي بڪين کان ڪم وٺون، ته هاضمو ڪير ڪري؟ مطلب ته قدرت مهربان اسان کي ننڊ ۾ به پيئي هلائي......اسين ته جاڳندي به پاڻ کي جيئري رکڻ جا قابل نه آهيون!

باب نائون

تنتي سرشتوNervous System

        تنتي سرشتي جو مک مول آهي” مغز“، جو پنهنجي شاخن جي وسيلي ساري بدن جي ڪنڊ ڪڙڇ سان ائين ڳنڍيو پيو آهي، جئن ڪو راڄ پرور راجا پنهنجيءَ پرجا سان هجي. ڪٿي به ڪو اهنج ٿيو، ته کيس ٿيو: بدن جيڪي به ڏک سک ساڻس اوري، سي ٻڌي ۽ ورنائي؛ هلڻ چلڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي طاقت پهچائي؛ هر هڪ سرشتي کان پنهنجو ڪم وٺي، ۽ کيس سنڀالي- ۽ نه رڳو سڀني سرشتن کي سلوڪ سان هلائي، پر سندن هر هڪ جيو- گهڙري جي پر گهور لهي، ڀلي ڪيترو به کائنس پري ڇو نه هجي؛ ڏسڻ، ٻڌڻ،سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ جي حواسن کان بدن جي اوسي پاسي جون خبرون هٿ ڪري، بدني بچاءَ جي هرڪا صورت تجويز ڪري؛ ڏک، خوشي، ڌڪار، پيار، ڪاوڙ ۽ ٻيا اهڙا جذبا هنڊائي ۽ انهن تي غور ڪري؛ سمجهه ۽ عقل کان ڪم وٺي، انسان جي عظمت بلند ڪري؛ - مطلب ته مغز ۽ سندس و صفن کي نروار ڪري بيان ڪرڻ لاءِ ڪتاب کپن!

        ظاهر آهي ته ايترن انيڪ قسمن جي انوکن ڪمن کي سرانجام ڪرڻ لاءِ، قدرت جيڪي مغز جي بناوت ۾ گهرڙا ڪم آندا هوندا، سي به عجيب ۽ ڪمال ڪاريگريءَ جا شهڪار هوندا. سچ ته ڇا چئجي سندن نفاست، ۽ ڇا سندن نرالا نمونا! پر، ٿلهي ليکي، تنتي گهرڙن جي خصوصيت اها آهي، جو هو شاخدار ٿيندا آهن. اهو ان ڪري، جو هنن جو مول ڪم آهي سڀني هنڌان خبرون وٺڻ، ۽ انهن موجب بدن کي هدايتون ڏيڻ- ۽ اهي ڪم سندن شاخن جي وسيلي ئي ٿي سگهن ٿا.

        شاخون ٻن قسمن جون اٿن. ڪي ننڍيون ۽ وڻ جي ٽارين وانگر پکڙيل، جن کي ” ڊينڊرنس“(Dendrons) چئبو آهي، انهن جو ڪم آهي ٻاهريون خبرون هٿ ڪري، گهرڙي کي رسائڻ. ٻئي قسم جي شاخ فقط هڪڙي، گهڻو ڊگهي سنئين سڌي ٿيندي آهي، جنهن کي ” ائڪسن“( axon) چئجي ٿو. انهيءَ ائڪسن جي هٿان، تنتي گهرڙو، پنهنجون هدايتون بدني گهرڙن ڏانهن موڪليندو آهي.

        تنتي گهررن جا نمونا به هر هنڌ جي ڪم موجب نرالا ٿين: وڏي مغز جا گهرڙا ڪنڊ ياري قبيءَ جهڙا ٿين،ته ننڍي مغز ۾ گُگهيءَ جهڙا؛ وري مغزي ڏوريءَ ۾ تارن وانگر ڪنڊيارا، وغيره. گهرڙن جي ماس ۾، خاص قمسم جا ٿلها ذرڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي ٻين اوڄن جي گهرڙن ۾ ڪين ڏسبا. ٿڪ جي حالت ۾ اهي ذرڙا کپي ويندا آهن.تنتي سرشتو ٻن الڳ ڀاڱن جو ٺهيل آهي- ” مکيه سرشتو“ ۽ ” همدم تنتي سرشتو“.

(1) مکيه تنتي سرشتو

  مکيه تنتي سرشتي جا ٻه ڀاڱا آهن: مغز، ۽ تنتون.

مغز کي بيان جي سهوليت لاءِ چئن ڀاڱن ۾ وراهيون ٿا:

وڏو مغز، (2) ننڍو مغز، (3) مستطيل مغز، ۽ (4) مغزي ڏوري.

مغز جا پوش. مغز جو وڏو حصو ڪيپرائيءَ جي هڏن اندر سمايل آهي؛ باقي مغزي ڏوري، پٺيءَ جي ڪنڊي جي هڏائين ناليءَ ۾ پيل آهي- انهيءَ لاءِ ته سوگها هجن. حفاظت ته چڱي، پر ڇا لڳي سخت هڏائين پيتي ۽ ڇا لڳي نازڪ ۽ قيمتي مغز، جو جي ڪٿي ضر بيو، ته انهيءَ ڪريءَ اچڻ مشڪل! جوهري به پنهنجي نفس ڳهڻي کي نرم مخمل جي استر واريءَ پيتيءَ ۾ سانڍي رکنسو آهي، متان چٻو ٿئي: قدرت به پنهنجي گوهر کي ويٺڻن ۾ ويڙهڻ سان ڪين گهٽايو آهي- نه هڪ ۾، پر ٽن ۾، جي هن طرح آهن: 1- ٻاهريون دهرو پوش، 2- وچون ڄاري پوش، ۽ 3-اندريون پشمي پوش.

دهرو پوش duramater:هن کي ”دهرو پوش“  انڪري ٿو چئجي، جو هڪ ته ٿلهي ۽ مضبوط پيوندي اوڄي جوجڙيل آهي، ۽ بيو ته آهي به ٻٽو. سندس ٻاهريونن تهه ته خاص ڪيپراٽيءَ کي اندران استر ڏيڻ لاءِ تجويز ٿيل آهي، جو هڏي جي سختي مٽايو ڇڏي؛ باقي اندريون تهه مغز سان تعلق ٿو

شڪل20 تنتي سرشتو(مغز ۽تنتون)

 رکي، ۽ ان جي مٿان وريل آهي. اهي ٻئي تهه هڪ ٻئي سان لڳل هوندا آهن، پر ڪٿي ڪٿي جدا ٿي ناليون(sinuses) ٺاهيو وجهن، جن مان مغز ۾ ڪم آيل نسن وارو رت لنگهي دل ڏانهن ويندو آهي. دهري پوش جو هڪ پردو مغز جي ٻن اڌ- گولن جي وچينءَ وٿيءَ ۾ پيل هوندو آهي، ته مغز جا ٻه اڌ الڳ رهن؛ ٻيو اهڙو پردو به، وڏي ۽ ننڍي مغز جي وچ ۾ ساڳئي ڪم لاءِ آيل آهي.

        مغزيءَ ڏوريءَ تي، دهري پوش جو فقط ا ندريون ڪاڻ ته ناليءَ تي اڳ پنهنجو خاص استر چڙهيل هوندو آهي. نالي به ايتري موڪري آهي، جو ڏوري کيس رڳو ڇهي به ڪانه.

2- جھاري پوش Arachnoidmater: هي پيوندي اوڄي جي نهايت نفيس جھاريءَ جهڙي اوڄي جو ٺهيل آهي، جنهن کي نفاست ۾ڪوريئڙي جي ڄاري سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي،  اوهان کي سڌ آهي ته شيشي جي ٿانو کي کوکي ۾ بند ڪرڻ لاءِ ، هلڪا نرم ڪک ڪم آڻبا آهن – هن پوش جو ڪم به اهو ئي آهي. سندس ٻيو ڪم ته حيرت جهڙو آهي؛ اهو هي، جو هن پوش جي نسن مان پاڻيٺ سمي اچيو جھاري پوش ۽اندرئين پوش جي وچ ۾ گڏ ٿئي، ۽ نازڪ مغز کي آرام ۾ رکڻ لاءِ، چوڌاري پاڻيءَ جو ڪنئرو وڇاڻو پٿريو ڇڏي – ڪيڏو نه احتياط ! هن کان بهتر به ڪا نرمائش ٿي سگھي ٿي؟  انهيءَ پاڻيءَ کي ”آب مغز“   (Cerebro spinal fluid)  چئبو آهي.

3 – پشمي پوش   Piamater هيءُ نھايت نفيس، بلڪل نرم ۽ سنهڙو پردو آهي، جو مغز جي هر هڪ ور وارا ڪڙي ۾ آيل ، سندس ذري ذري تي لڳل آهي – ايتري قدر ، جو کيس مغز کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، ته مغز جا نفيس گهرڙا به سانس پٽجي ايندا. هن پوش ۾ رت  - نليون به جام ٿينديون آهن.

 

مغز جي بناوت ۽ سندس ڪم

(1) وڏو مغز Cerebrum

وڏي مغز جو وزن ڏيڍ سير کن ٿيندو، جنهن مان ڪيپٽرائيءَ جو مُني کان به سجيھڙو حصو والاريل آهي. سندس مٿين سطح گولائيءَ تي، پيشانيءَ وٽ سوڙهيري، ۽ پٺ کان موڪري ٿئي ٿي. مغز جو مٿاڇرو لسو نه آهي. پر ورن واراڪڙن سان گھٻ – گھيڙ ۽ گھُنجيل. مغز ، پيشانيءَ کان ڪياڙيءَ تائين، هڪ وچواريءَ ڊگهيءَ وٿيءَ جي وسيلي ، برابر ٻن اڌ -گولن ۾ وراهيل آهي، جي تري وٽ وري ملي يڪا ٿي وڃن ٿا. اکڙوٽ جي اڌ مان گورو ڪڍي ڏسبو، ته گهڻي قدر وڏي مغز جي شڪل اکين اڳيان اچي ويندي، پورا ٻه اڌ، ڊيگهه ۾ وٿي، تري ۾ ڳنڍيل ، مٿڀرو وراڪيل؛ نه رڳو ايترو ، پر رنگ به اهڙو  - مٿان ڀورو، اندر اڇو.

        مغز جو اندريون ڳڀ اڇو ٿيندو آهي، جنهن جي مٿان هڪ مائيدار، وراڪيل ، ڀوري رنگ جو ٿلهو تهه هوندو اٿس، ڀورو حصو تنتي گهرڙن جو ٺهيل ٿيندو آهي، ۽ اڇو انهن گهرڙن جي شاخن جو ور وراڪڙن جي تجويز قدرت ان لاءِ ڪم آندي آهي، ته ٿوريءَ جاءِ ۾ گهڻي کان گھڻا گھرڙا ماپي وڃن  - جئن جھالر جي ٿوري ٽڪر ۾ ڪيترو نه ڪپڙو اچي ويندو آهي! جانور به جيترو زياده سمجھو ۽ خيالي، اوترو سندس مغز به وڏو ۽ وري به گھڻا. سھو هڪ اهڙو جانور آهي، جنھن کي سمجھه گھڻي ڪا نه ٿئي، ته سندس مغز ۾ گھنج به ورلي ڏسبو؛ پر حرفتي ۽ سياڻن لنگورن جو مغز،سان مشابھت ٿو رکي.

وڏي مغز جا ڪم: بدن جي ڪھڙي به هنڌ ڪا شي رکبي، ته معلوم ٿيندو ته ڪا شي لڳي - ڀلي ڏسجي به نه. نه رڳو ايترو، پر انھيءَ شي جون ڪيتريون وصفون اک – ڇنڀ ۾ حافظي جي طاقت خيال ۾ آڻي ڇڏيندي - جئن ته ان جي نرمي، سختي ، گرمي، سردي، تکاڻ يا مڏاڻ، وزن، وغيرھ. هاڻي، جي اها شي وڻندڙ ۽ دلپسند هوندي، ته ويتر سيري ويجھو ڪبس؛ جي ايذائيندڙ، ته پري ڀڄبس. هن ۾ مغز جا ٽي ڪم اچي ويا . 1 – خابرو تنتن ۽ حواسن جي وسيلي ، بدن ۽ آسپاس جون خبرون وٺڻ، 2 –خيال ڪري، انهن جي چڱائي مدائي پروڙڻ ؛ ۽ 3 – ويجھو يا پري ٿيڻ لاءِ مشڪن کي حڪم ڏيڻ، ٻيا مغز جا ڪم هي آهن. 4 - هاضمي، رت جي دوري، ساهه کڻڻ،وغيرهخود مختيار مشڪن تي ”همدم تنتي سرشتي“ جي وسيلي ضابطو رکڻ؛ 5 -  خوشي،  ڏک، ڪاوڙ، ڌڪار ۽ پيار، وغيره جذبا هنڊائڻ؛ ۽ 6 – جذبن مطابق عمل ڪرڻ. سمجھو ته ڪو ماڻھو اوهان کي ڪاوڙائي ٿو ته يا ان کي جواب ڏيندو، يا وڙهي پوندو، يا ميدان خالي ڪري ويندو؛ لاچاري حالت ۾ خار کائي، سھي به ويندو، پر ڪنھن نه ڪنھن قسم جي چرپر، گھڻي يا ٿوري ، بدن ۾ ضرور پيدا ٿيندي. البت، انسان کي ناز هوندو آهي ته هو گھڻي قدر سمجھه کان ڪم ٿو وٺي؛ پر باريڪيءَ سان سوچي ڏسبو ، ته اسين گھڻي قدر پاڻ جذبن جي جوش موجب ٿا هلون، نه عقل جي سانتيڪيءَ ساڃھه مطابق، اڃا ڪو جنون سر تي سوار ٿيو، ته عقل دليل ئي اهي پيش ڪندس، جي انھيءَ جذبي کي ڪامياب ڪن  - البت سالم - دماغ شخص به پيا آهن.

مغز ٻن اڌن ۾ ڇو وراهيل آهي. ڇاڪاڻ ، ته بدن جا به هوبھو هڪ جھڙا ٻه پاسا آهن، جن مان هڪڙو مغز جي هڪڙي اڌ گول جي ضابطي هيٺ آهي، ۽ ٻيو ٻئي جي. البت ، هڪڙي ڳالهه عجيب آهي ته مغز جو سڄو پاسو بدن جي کٻي پاسي سان تعلق ٿو رکي، ۽ کٻو سڄي سان!

اڌ رنگ جي حالت ۾، مغز جو هڪڙو پاسو(ڪنهن شريان جي ڦاٽڻ ڪري، يا ٻيءَ بيماريءَ سبب ) بيڪار ٿي پوندو آهي، جنهن ڪري بدن جو لاڳاپيل پاسو به سڪي پوندو. پوءِ نه انهيءَ پاسي جي ٻانھن چرندي، نه ٽنگ پر ٻئي پاسي جي ٻانھن يا ٽنگ جي ڪم ۾ ڪو به فرق ڪو نه لکائبو ڇاڪاڻ ته انهن جو تعلق ٻئي اڌ گول سان ٿيو، جو سالم آهي فقط ڳالھائڻ لاءِ هڪڙو مغز آهي، ۽ اهو مغز جي کاٻي اڌ ۾ آهي. ان ڪري، جي مغز جو کٻو اڌ خراب ٿيو، ته رڳو سڄو پاسو بيڪار ٿي پوندو، پر زبان به بيهي ويندي ۽ ڳالهائي ڪين سگهبو.

(2) ننڍو مغز  Cerebellum

هيءُ، وڏي مغز جي ڪياڙيءَ واري ڀاڱي جي هيٺان ۽ کانئس ٿورو پٺتي نڪتل آهي. ڏسبو ائين، جئن ته ڪي ٻه وڏيون ڌاڳن جون ڍيريون وچ ۾ ڳنڍيون بيٺيون هجن! ٻاهر ڀُورو، اندر اڇو – ساڳيو وڏي مغز وانگر. سندس ڀورو تهه گُگھيءَ جهڙن گهرڙن جو ٺهيل آهي، جن جون اڇيون شاخون، مغز جو اندريون ڀاڱو ٺاهين ٿيون.

ننڍي مغز جو ڪم آهي سڀني تابعدار مشڪن جي ڪم تي ضابطو رکڻ، ۽ کين رس ۾ هلائڻ، جئن بدن جا ٻئي پاسا تارازوءَ  وانگر تُريا بيٺا هجن - ۽ ائين نه ٿئي، جو هلجي ته يو آٿڙجي، يا ٿاٻا کائي ڪِري پئجي، جئن ٻار ڪندو آهي. ٻار ته پهرين پنهنجو ڪنڌ به جهلي ڪين سگهندو آهي. پوءِ، جڏهن ڪنڌ جون مشڪون پختيون ٿينديون اٿس، تڏهن وري ويهڻ ۾ بت جهلڻ سکندو آهي، ۽ جيسين سندس ننڍو مغز اهي مَشقون پچائي وڃي، تيسين هڪڙي نه ٻئي پاسي اهلي پوندو - ڪڏهن پيٽ ڀر ته ڪڏهن پٺيءَ ڀر. نيٺ بيهڻ ۽ پنڌ ڪرڻ جو وارو ايندس. اڃا ٻار ڊوڙڻ ڊڪڻ سکيو، ته اهو ڪم کيس ايترو دلپسند هوندو آهي، جو ويهڻ کي جواب! هي ته ٿيون اسان جون رواجي ضرورتون، جن کان زياده ڪو ورلي وڌندو آهي؛ نه ته اسان جو مغز اهڙو آهيم جنهن کان جيڪي طلبيو سو حاضر! ڏٺو ڪين اٿو، ته سرڪس جا کيڏاري ڪئن نه هڪ ٽنگ تي ڊوڙندا رهندا آهن: تار تي هلڻ، بلڪ سائيڪل هلائڻ جي مشق به اهڙي پچايل هوندي اٿن، جو ڇا چئجي!انھن جو ننڍو مغز ، روزمرھ جي استعمال ڪري، اهڙو ته طاقتور ٿي ويندو آهي، جو هو ڪٿي به پنھنجو بدن آرام سان برابر جھلي سگھندا آهن.

ننڍي مغز جي بيمارين ۾، مٿي جي ڦيري اهڙي ٿيندي آهي، جو پنهنجو بت جھلڻ به ڏکيو ٿي پوندو؛ هلڻ ته پري ٿيو، پر بيھڻ به لاچار. مطلب، ته جيڪي ٻاراڻي وهيءَ ڌڪا ڌوما کائي، مغز ۾ تندون ۽ گھرڙا پيدا ڪيا، سي بيماريءَ اکيڙي ڇڏيا. البت پيريءَ ۾ به، ڪمزوريءَ ڪري، ساڳي حالت ٿيو پوي- پر ان کان اڃا انسان پاڻ کي بچائي نه سگهيو آهي.

(3) مستطيل مغز  Medulla Oblongata

مغز جي هن ڀاڱي تي اهو نالو سندس مستطيل شڪل جي ڪري پيو آهي. هيءُ ڪيپراٽيءَ واري مغز جو آخري حصو، مڻڪي جي سنڌ وٽ آهي، جنھن کان پوءِ مغزي ڏوري شروع ٿي ٿئي. ڊيگھ ۾ فقط انچ، هيءُ مغز جو ننڍڙو ڀاڱو، نهايت اهميت وارو آهي. منجھانئس هر هڪ پاسي ڪيپراٽيءَ واري اٺين، نائين، ڏهين، يارهين، ۽ ٻارهين تنت نڪري ٿي - جن جا مرڪز منجهس آهن. انهن تنتن مان ، ڪي ساهه کڻڻ ۽ دل کي هلائڻ واريون آهن، جن تي جياپي جو مدار آهي. ان ڪري، جي مستطيل مغز کي ٿوري ئي تڪليف رِسي، ته ڪيترا هنڌ بيڪار ٿي سُڪي پوندا؛ پر جي چپجي يا ڇڄي پيو، ته ماڻهو مري پوندو - ڇاڪاڻ ته ساهه کڄي ڪو نه سگھندو. ڦاسي ڏيڻ ڪري جو ماڻھو امالڪ مري ويندو آهي، سو به مڻڪي جي سنڌ ٽٽڻ ۽ هن مغز جي چيڀاٽجڻ سبب. ننڍڙي ٻار ۾، مڻڪي وارو سنڌ پختو نه هوندو آهي، نڪي وري ڪنڌ جون مشڪون ئي ڪي زور واريون هونديون آهن؛ ان ڪري جي ٻار کي ڳچيءَ ۾ سٽ اچي ويئي، ته ٻار گھڻو بيمار ٿي پوندو.

اوهان کي خبر آهي ته مغز جا ٻه پاسا ، بدن جي ابتڙ پاسن سان تعلق ۾ آهن. اهو ان ڪري ، جو مغز کان ڏوريءَ ۾ هيٺ ويندڙ ”تحرڪي تنتون“ ، ۽ ڏوريءَ مان مٿي ايندڙ ”خابرون تنتون“ ، مستطيل مغز ۾ ڪراس ڪري، مخالف پاسن ڏانهن وڃن ٿيون.

(4) مغزي ڏوري  Spinal Cord

هيءُ مغز جو آخري حصو آهي، جو ڏوريءَ جي صورت ۾، مڻڪي جي سنڌ کان هيٺ، پٺيءَ جي ڪنڊي واريءَ نليءَ ۾ لهي ٿو پوي، ۽ چيلھه جي پھرينءَ ريڙهه وٽ وڃيو ڇيھه ڪري.

ڀلا ، مغز جي هيٺ لھڻ جي ضرورت ڪھڙي؟ اوهان کي سڌ آهي، ته تنتي گھرڙن جو ڪم آهي خبرون وٺڻ، ۽ خبرون ڏيڻ – ”ڊينڊرنس“ جي وسيلي خبرون وٺي، ۽ ”ائڪسن“ جي هٿان هدايتون ڏئي. انھن شاخن جي خورش جو مدار، سندن تنتي گھرڙن جي جسمي طاقت تي آهي. هاڻي، جي تنتي گھرڙا رڳو ڪيپراٽيءَ ۾ هجن، ته پيرن جي مشڪن کي حڪم ڏيڻ لاءِ، ”ائڪسن“ کي مٿي کان پير تائين وڃڻو پوي! ايتري ڊگھي ”ائڪسن“ کي تاتڻ، ننڍڙي تنتي گھرڙي جي وت کان ٻاهر آهي:ان ڪري مغز جو ڪجهه حصو، ڏوريءَ جي صورت ۾، پٺيءَ جي ناليءَ ۾ لهيو پوي، ته سندن تارن جو مفاصلو گھٽ ٿئي، ۽ خبرون ڏيڻ وٺڻ ۾ آساني ٿئي.

مغزي ڏوري ارڙهن انچ ڊگھي، آڱر جيتري ٿلھي، ۽ ساڳين ٽن پوشن ۾ ويڙهيل ٿيندي آهي. منجھس هڪ وڏو فرق اهو آهي، جو سندس پورو حصو اندر ۽ سفيد ڀاڱو ٻاهر ٿئي - جو ڪيپراٽيءَ واري مغز جي بلڪل ابتڙ آهي. پوري حصي جي وچ ۾ هڪڙي سنهي نالي ٿيندي آهي، جنهن ۾ ”آب معز“ هوندو آهي. ڏوريءَ جي ناليءَ کي  Spinal canal  چئبو آهي.

مغزي ڏوريءَ مان ، چوٽيءَ کان ڇيڙي تائين، هر هڪ ريڙهه وٽان ٻه تنتون نڪرين ٿيون؛  جن مان هڪ پٺيءَ جي ڪنڊي جي سڄي پاسي، ۽ ٻي کٻي پاسي، شاخون ڏيندي، پنهنجي حصي واري گوشت ۽ چمڙيءَ ۾ پکڙجي، وڃيو چمڙيءَ مان خبرون وٺي، ۽ مشڪن  کي ، حالتن موجب، بدن کي چورڻ لاءِ هدايتون ڏئي.

مغزي ڏوريءَ جا ڪم : 1 - خابرو تنتن جي وسيلي، بدن جي اهنجن ايذائن جون خبرون حاصل ڪري، وڏي مغز کي موڪلڻ؛ 2  - وڏي مغز جا حڪم وٺي، تحرڪي تنتن جي هٿان، تابعدار مشڪن کي تحرڪ وٺڻ لاءِ پهچائڻ؛    3 - مشڪن کي ساڄو رکڻ  - اڌ رنگ جي حالت ۾ جڏهن بازون بيڪار ٿي پونديون آهن، تڏهن ٻئي پاسي واريءَ ٽنگ ۽ ٻانھن کان گھڻو سنهيون لڳنديون آهن. اهو ان ڪري، جو تنتن واري تات کين ڪا نه ٿي ملي، جنهن ڪري سُڪنديون وينديون آهن؛ ۽  4 – تُرت عمل – وڏي مغز جي ڪم ۾ اوهان ڏٺو ته خبر ملڻ تي، سوچ ڪري، پوءِ ڪم ڪري ٿو؛ پر ”ترت عمل“ جو مطلب آهي ته اهو ڪم، جو بنا خيال ڪرڻ جي، ”بي تائمل“ ٿئي، ۽ جھٽ پٽ: پير کي سيڪ آيو نه آهي، کنيو نه آهي  - ترسڻ معنيٰ سڙڻ!

تُرت عمل جي ڪري، مغزي ڏوري، بت کي ايذائن کان جھٽ پٽ بچايو وٺي. ڏٺو هوندو، ته ننڊ ۾ جڏهن مغز آرامي هوندو آهي، تڏهن به جي پير جي تريءَ تي ڪک سان سرڪاٽ ڪبو، ته پاڻيھي پير پري ٿي ويندو. هاڻي مغز ته ننڊ ۾ آهي- اهو ڪم ڪنھن ڪيو؟ اهو ڪم مغزي ڏوريءَ ڪيو. ڏوريءَ جي اهڙن خود -مختيار ڪمن ڪرڻ ڪري ، هڪ ته بدن ايذائن کان هڪدم بچيو وڃي،۽ ٻيو ته سنھين ٿلھين ڳالھين جي کٽ پٽ کان مغز به آرام ۾ ٿو رهي. مغز ته ننڊ ڪري، پر ڏوري ٻارهوئي سجاڳ!

تنتون      Nerves

مغز جي بناوت مان اوهان کي معلوم ٿيو ته سندس ڀوري رنگ وارو ڀاڱو تنتي گھرڙن جو ٺھيل آهي، ۽ اڇو حصو گھرڙن جي ڊگھين تندن جو. اهي تندون، ڳچ جيتريون گڏجي، بجليءَ جي تارن وانگر پوش ۾ ويڙهجي، جڏهن ڪيپراٽيءَ ۽ ڪرنگھي مان بدن ۾ پکڙجڻ لاءِ نڪرن ٿيون تڏهن انھن کي ”تنتون“ چئبو آهي.

”تنتن“ جون تندون ٻن قسمن جون ٿي سگهن ٿيون.

(1) خابرون تندون    Sensory Fibers- جي چمڙيءَ ٻين حواسن وٽآن خبرون کڻي، مغز کي پهچائين، انھن جي وسيلي اسين ڏسي، ٻڌي، چکي، سنگھي ۽ ڇھي سگھون ٿا. جيڪڏهن ڪنهن به طرف جون خابرو تندون خراب ٿيون ، ته انھيءَ پاسي جي خبر مغز کي نه رسندي؛ نڪي وري مغز ڪا انهيءَ طرف جي پرگھور لھي سگھندو.

(2) تحرڪي تندون Motor Fibres    - هي وري مغز جا حڪم، تابعدار مشڪن کي پھچائين ٿيون، جن تي هو ڪم ڪنديون ٿيون رهن. جي مشڪن جون تحرڪي تندون بيڪار ٿيون، ته اهي مشڪون به ڪم ڪرڻ کان ڇٽيون. انهن خابرو ۽ تحرڪي تندن جي گڏ يا ڌار هئڻ موجب تنتون ٽن قسمن جون ٿي سگهن ٿيون.

1. خابرو تنتون    (Sensory Nerves)، جن ۾ رڳو خابرو تندون هجن؛

2. تحرڪي تنتون  (Motor Nerves)، جن ۾ فقط تحرڪي تندون هجن؛ ۽

3. گڏيل تنتون  (Mixed Nerves)  ، جن ۾ خابرو ۽ تحرڪي ، ٻنهي قسمن جون تندون هجن.

ڪيپراٽيءَ واري مغز مان نڪرندڙ تنتون

(Cranial Nerves)

ڪيپراٽيءَ مان، هر هڪ پاسي، ٻارهن تنتون نڪرن ٿيون(جملي چوويھه )، جي نمبر وار هيٺ ڏجن ٿيون.

(1) آلفئڪٽري  (Olfactory nerve) هيءَ سنگھڻ جي تنت آهي، جنهن ۾ فقط خابرو تندون آهن، جي نڪ جي ساڳئي پاسي واريءَ ناس جي اندر، بوءِ جھٽڻ لاءِ پکڙيل آهن.

(2) آپٽڪ   (Optic nerve) - هيءَ ڏسڻ جي تنت، فقط خابرو تندن جي ٺھيل آهي، جن جي وسيلي اسان جي آسپاس وارين شين جا عڪس مغز کي پهچن ٿا. ڏسڻ جو مرڪز ، مغز جي ڪياڙيءَ واري حصي ۾ آهي.

(3) آڪيولوموٽر  (Oculomotor nerve)، ۽

(4) ٽراڪليئر  (Trochlear nerve)- هي ٻئي خاص تحرڪي تنتون آهن، جي اک کي هيڏي هوڏي ڦيرائين ٿيون.

(5) ٽرائجيمينل      (Trigeminal nerve)- هيءَ گڏيل تنت آهي. سندس خابرو تندون مُنهن ۽ ڪيپراٽيءَ جي اڳئين حصي ۾ پکڙيل آهن، ۽ تحرڪي تندون چٻاڙڻ وارين مشڪن ۾ ورڇيل آهن. سجاوتي جو سُر هن تنت جي پيشانيءَ واريءَ شاخ جي سُڄڻ ڪري ٿيندو آهي.

(6) ائبڊيُوسينٽ (Abducent nerve) - هيءَ خاص تحرڪي تنت آهي، جنهن جو تعلق اک جي هڪڙيءَ مشڪ سان آهي، ۽ نمبر 3 ۽ 4 تنت سان گڏجي ڪم ڪري ٿي.

(7) فيشل    (Facial nerve)- هيءَ گڏيل تنت گھڻي ڀاڱي تحرڪي، ۽ ٿوري خابرو آهي. سواد جي خبر هن جو خابرو حصو ڏيندو آهي، ۽ تحرڪي ڀاڱو مُنهن جي مشڪن ۾ ورڇيل آهي. لُقوي جي بيماري جنهن ۾ واڇ ڦري ويندي آهي، سا هن تنت جي سوڄ سبب ٿيندي آهي.

(8) آڊيٽري   (Auditory nerve)- هيءَ ٻڌڻ جي تنت، فقط خابرو تندن جي ٺھيل آهي، جا اندرئين ڪَنَ مان آواز جھٽي مغز کي پھچائي ٿي.

(9) گلاسو فئرنجيل  (Glosso pharyngeal nerve)  - هيءَ گڏيل تنت آهي. سندس خابرو تندن جي وسيلي، زبان جي پوئين ڀاڱي ۽ ڪاڪڙي جي سُرت پوي ٿي، ۽ تحرڪي تندون، ڪاڪڙي جي هڪڙيءَ مشڪ سان ڳنڍيل آهن.

(10) ويگس  (Vagus nerve) - هيءَ گڏيل تنت، سيني ۽ پيٽ جي عضون سان ڳنڍيل آهي. سندس تحرڪي حصو ، گلي ۽ ڪاڪڙي جي مشڪن کي تحرڪ ٿو ڏئي؛ خابرو ڀاڱو دل، معدي، آنڊن، وغيره۾ ورڇيل آهي.

(11) ائڪسيسَري    (Accessory nerve)- هيءَ  فقط تحرڪي تنت آهي، جا ڳچيءَ، ڪُلھي، ڪاڪڙي، ۽ گَلي وغيرهوارين مشڪن سان تعلق رکي ٿي.

(12) هائپو گلاسل   (Hypoglossal nerve)- هيءَ فقط زبان جي پنهنجي پاسي وارين مشڪن کي تحرڪ ڏئي ٿي.

پٺيءَ جي ڪنڊي مان نڪرندڙ تنتون

(Spinal Nerves)

شڪل نمبر 20 ڏسڻ سان معلوم ٿيندو، ته معزي ڏوريءَ جي هر هڪ پاسي، ڪيتريون تنتون، منجھانئس نڪري بدن ۾ پکڙجيو وڃن. اهي تنتون هر هڪ پاسي کان ايڪٽيھه نڪرن ٿيون - سڀ گڏيل نموني جون . خابرو تندون، چمڙيءَ جي ڪنھن مقرر ڀاڱي مان احوال کڻيو، وڃيو ڏوريءَ جي ڀُوري ڀاڱي وارن ڪنڊيارن تنتي گھرڙن کي پھچائين، جتان وري تحرڪي تندن جي وسيلي، مشڪن کي هدايتون ٿيون پھچن، ۽ هو ڪم ڪن . ”اسپائينل“ تنتن جا ايڪٽيھه  جوڙا ڳچيءَ ، ٻانھن ، ڌڙ، ٽنگن جي چمڙيءَ ۽ انھيءَ حد جي مشڪن سان ڳنڍيل آهن. جي ڏوري ڪٿي چيڀاٽجي يا ڇڄي پيئي، ته انهيءَ هنڌ کان هيٺيون ڀاڱو، نه موڙ لکائيندو، نه چُري سگھندو.

خابرو ۽ چوريندڙ تندن جو گڏيل ڪم.

سمجھو ته هلندي هلندي پير ۾ ڪنڊو ٿو لڳي. اهو ڪنڊو وڃيو هڪ نه ٻيءَ خابرو تند کي لڳي. اها خبر تند تان هلي، اچي مغزي ڏوريءَ ۾؛ ۽ اتان مٿي چڙهي، مستطيل مغز  وٽ ڪراس ڪريو، وڃيو وڏي مغز جي خابرو ڀاڱي ۾ پھچي. مغز ۾ ايذاءُ ٿئي ئي ٿئي، تنهن کان اڳ ئي، ڏوري ، پير جي مشڪن کي چوريندڙ تنتن جي وسيلي، حڪم موڪليو ڇڏي ته ”پير کي پري ڪريو!“ ان ڪري، ڪنڊي لڳڻ شرط ئي پير پري ٿيو وڃي. پوءِ خيال ٿيندو ته ”ڪنڊو لڳو، ڪڍجي ته چڱو“ – اهو ڪم ٿيو وڏي مغز جو. اوهان کي خبر آهي ته نُھن لھرائڻ يا وارن ڪپڻ ڪري سور ڪو نه ٿيندو آهي. اهو انڪري، جو ڪپڻ واري هنڌ خابرو تنتون ڪين آهن، جي سور سلين - پر ، جي نُھن ٿورو اونھو ڪپجي ويو، ته دانھن نڪري ويندي.

بي تامل عمل     Reflex Actions. وڏي معز جي جذباتي ، خيالي ۽ قوت اراديءَ جي لياقتن کان سواءِ، تنتي سرشتي ، خيالي ، ۽ قوت اراديءَ جي لياقتن کان سواءِ، تنتي سرشتي جي ٻئي ڪاروبار مان، اوهان کي هيءَ ڳالهه پوريءَ طرح ذهن نشين ٿي چڪي هوندي، ته ”خبر ملڻ شرط مشڪن کي چورڻ“ ئي سندس مول ڪم آهي، جنهن جو مقصد فقط بدني بچاءُ ئي ٿي سگھي ٿو. هيڏانھن ايذاءَ جي خبر پيئي نه آهي، هوڏانهن تحرڪي حڪم ٿيو نه آهي - اهڙو تکو ، جئن جيڪر روشنيءَ جو ڪرڻو آئيني تي لڳڻ سان پرتوو اڇلي، يعني  Reflectڪري واپس وڃي.

انهيءَ ڪم کي ”بي تامل عمل“ ان ڪري  ٿو چئجي، ڇاڪاڻ ته بنا ڪھن سوچ ويچار يا تامل جي ٿيو پوي.  البت ائين به آهي، ته جئن اسين وڏا  ٿيندا  ٿا وڃون، تئن ڪيترا اسان جا روزمرھ جا ڪم، جي پھرين اسين سوچي سنڀالي ڪرڻ سکيا هئاسين، سي به، مشق ٿيڻ سبب، ايترو جلد ۽ بي خياليءَ ۾ ٿيندا ٿا رهن، ڄڻڪ ”رفليڪس“ ڪم آهن؛ اٿڻ ويھڻ ۾ ڪئين سنڌ ۽ سوين  مشڪون ڪم ٿيون ڪن، پر اسين ايتري قدر ته ائين ڪرڻ تي هِري ويا آهيون، جو خيال ۽ ارادي کان ڄڻ ڪم ورتو ئي نٿو وڃي!

اڃا ڪا مزيدار کَٽڙي شي اڳيان آئي، ته وات پاڻي ٿيو؛ يعني ته پيٽ ته پري رهيو، پر وات ۾ وڃڻ کان اڳي ئي، هاضمي جون تياريون به ٿي ويئون! هيءُ عمل صحيح صورت ۾ ”رفليڪس“ آهي، جو اسان کي پنهنجي آزمودي سيکاريو ٿو ڏسجي. ”عادت“ جو مطلب به اهو ئي آهي، ته ڪنھن ڪم جي اهڙي مشق ڪري ڇڏجي، جو بنا ڪنھن سوچ ويچار جي پاڻيھي ٿيندو رهي.

ڪيترا اهڙا به رفليڪس ڪم آهن، جي ڄائي ڄم کان، بنا ڪنھن آزمودي جي، پريندي ئي موجود آهن – جئن ته

(1) ڪنهن به مشڪ کي اهڙيءَ صورت ۾ آڻيو، جو ڇڪجي ٽاٽ ٿي بيھي . پوءِ ان کي دخل جي جاءِ وٽ ٿوري ٽوڪر هڻو، ته هڪدم سيٽبي. تجربي لاءِ، ڪنهن کي ڪرسيءَ تي وهاري، سندس سڄو گوڏو کٻي گوڏي تي کپائي رکو - (ائين ڪرڻ سان، سڄي چَو - پاڙي مشڪ تاڻبي). هاڻي، کيس دخل جي جاءِ تي، يعني گوڏي جي ڍڪڻيءَ جي بنهه هيٺ، ڪنھن پاٺي سان واجبي ٽوڪر ڏيو، ته پير ائين اڳتي اڇلجي  ويندو،جئن ٿُڌي هڻڻ ۾ ڪبو آهي- ان کي ” گوڏي جو ڇوڪ (knee jerk)) چئبوآهي.

(2) آڱرسنئين جهلي ڪنهن کي اک ۾ ٽنبڻ جي ڪوشش ڪريو- اک جو مٿيون ڇپر، بي تامل هيٺ لهي، اک بند ڪري ڇڏيندو.

(3)پير جي تريءَ تي ڪک سان ڪتڪالي ڪريو- ته هڪدم پير جون آڱريون وري اينديون، ۽ پير به پري ٿي ويندو.

(4) تکيءَ روشنيءَ ڏانهن نظر ڪبي، ته اک جي ماڻڪي هڪدم سوڙهي ٿي ويندي-ان لاءِ، ته تيز روشنائي اندر وڃي اک جي نازڪ پردن کي نه جهوري.

(2) همدم تنتي سرشتو

(Autonomic Nervous System)

اوهان کي خبر آهي ته هر ڪو ڪم، جو اسان کي بدن کي پنهنجي جياپي لاءِ ڪرڻو ٿو پوي، سو مشڪن جي ئي وسيلي سرانجام ٿيندو ٿو رهي. ٻاهريون هٿن پيرن جو ڪم تابعدار مشڪن جي وسيلي، ۽ اندريون ساهه کڻڻ ، رت کي ڦيرائڻ ، ۽ هاضمي وغيره جو ڪم اندرين عضون جي خودمختيار مشڪن جي رستي - ٻنهي قسمن جي مشڪن کي ڪم ڪرائڻ لاءِ ”تنتي تحرڪ، جي ضرورت آهي.

مٿي ڏٺوسون ته مغز ۽ سندس تنتون، فقط چمڙيءَ جي احساس ۽ تابعدار مشڪن تي ضابطو رکن ٿيون ، خودمختيار مشڪن کي ڪم ڪرائڻ لاءِ وري هڪ ٻيو تنتي سرشتو آهي، جنهن کي ”هم دم تنتي سرشتو“ چئجي ٿو. ”هم - دم“ انهيءَ ڪري ٿو چئجيس، جو اسان جي جان سلامت رکڻ وارن عضون کي هلائي چلائي ٿو؛ جي اهي روڪيا، ته ”دم“ ويو!

همدم تنتي سرشتي جي ترتيب

همدم سرشتي جا تنتي گھرڙا ڳچ جيترا گڏجي، جھڳٽا ڪري، ”چِڌيون“ (Ganglions) ٺاهيندا آهن. چڌيون ڀوري رنگ جون ٿينديون آهن، ۽ ڪم به اهو ئي اٿن، جيڪو مغز جي ڀوري ڀاڱي جو – يعني ته احوال وٺڻ ۽ ڏيڻ. تجربي ظاهر ڪيو آهي، ته جيڪي وڏي معز جي تَري ۾ ”تنتي مرڪز“ آهن، اهي اسان جي جذبن سان تعلق رکن ٿا. همدم سرشتي جون مرڪزي چڌيون به اتان ئي شروع ٿين ٿيون؛ مستطيل مغز ۾ به گهڻيون ئي آهن. ڳچيءَ جي هر هڪ پاسي ٽي چڌيون آهن؛ وري سيني جي اندر، پٺيءَ جي ڪنڊي جي پاسن کان ته چڌين جي يڪي زنجيري هلي وڃيو ڍونگري کڻي. سندن تحرڪي تندون، گهڻين ڪيپٽراٽيءَ وارين تنتن سان مليل آهن، ۽ ڪَنڊي وارين تنتن مان ته ذري گهٽ سڀني سان ڳنڍيل آهن.

”سِمپئٿيٽِڪ سرشتو“ ڪيپٽرائيءَ ۽ ڍونگريءَ وارين چڌين جو – ( جن جو بيان هيٺ اچي ٿو).

همدم سرشتي جا مکيه ڪم

(1) دل جي رفتار پوري رکڻ: دل جي قانوني رفتار 70 کان 80 ڀيرا منٽ ۾ آهي. ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي

شڪل 21. همدم تنتي سرشتي جي ترتيب

”ارادي“ جو اثر دل يا ٻين خودمختيار مشڪن وارن عضون تي ڪو نه آهي، پر اسان جي ”جذبن“ جو اثر ڏاڍو ٿو پوين. ڏٺو هوندَو، ته گهڻيءَ خوشيءَ يا ڊپ ۾، ڪئن نه دل ”دھ -  دھ“ ڪندي آهي - اهڙن وقتن تي سندس رفتار سوَ، بلڪ زياده به ٿيو وڃي!هاڻي، جي گھوڙو تڪڙو ڀڄي، ته اهو به ٿڪجي پوندو، دل ڪئن نه ٿڪبي؟ ۽ جي ڪٿِي، ته رت جو چڪر برابر نه هلي سگھندو، ۽ ڪٿي نه ڪٿي بدني ڪاروبار ۾ ضرور خلل پوندو. ان ڪري، قدرت کيس همدم تنتي سرشتي جي رستي، اهڙيون تنتي تندون ڏنيون آهن، جي اهڙن وقتن تي سندس رفتار گھٽائي، قانوني حد تي آڻڻ جي ڪوشش ڪن - انهن کي ”روڪيندڙ تندون“   (Inhibitor Fibres) چئبو آهي.

ٻيءَ صورت ۾ وري غمگينيءَ ۽ مايوسيءَ جي حالتن ۾، بک نه لڳڻ ڪري، دل ضعف کائي ويندي آهي؛ جنهن ڪري سندس رفتار به پوئتي پئجي، ڍري ٿي ويندي آهي. انهيءَ حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ، قدرت وري ٻئي قسم جو تندون به دل کي ڏيئي ڇڏيون آهن، جي سندس رفتار کي تکو ڪن، جئن مغز ۽ ٻين نازڪ عضون کي ، ضرورت موجب رت نه ملڻ ڪري ڪو نقصان نه پهچي. انهن کي ”ڌوُڪيندڙ تندون“   (Accelerator Fibres)چئبو آهي.

مطلب ته همدم سرشتي جا ٻه ڀاڱا آهن؛ هڪڙو اهو، جو دل جي رفتار کي تيز ٿو ڪري  - ان کي سمپئٿيٽڪ سرشتو  (Sympathetic System) چئبو آهي. ۽ دل جي رفتار گھٽائيندڙ سرشتي کي پئرا سمپئٿيٽڪ سرشتو  (Parasympathetic system) .

(2) معدي ۽ آنڊي کي تحرڪ ڏيڻ : خودمختيار مشڪن جا ٺهيل عضوا عام طرح پورا ، نلين جهڙا ٿيندا آهن – مثلا آنڊا ، رت ، نليون، نڙگهٽ، ۽ سندس شاخون، وغيرھ. نلين تي مشڪن جو ڪم اِهو ئي ٿي سگهي ٿو، ته سُسِي کين سوڙهو ڪن، يا اِنگھيِ ويڪرو ڪن: ”سِمپئٿيٽِڪ سسٽم“ آنڊي ۽ ڦڦڙن جي نلين کي ويڪرو ٿي ڪري، ۽ ”پئرا سِمپئٿيٽِڪ سسٽم“ ٻنهي کي سوڙهو.

(3) سنھين شريانين کي سوڙهو ويڪرو ڪرڻ: هيءُ عمل نهايت اهميت وارو آهي؛ ڇاڪاڻ ته رت جي وهڪري جو ڍرو يا زور سان هلڻ، خون جي داٻ   (Blood pressure) تي منحصر آهي: ۽ خون جي داٻ جو دارمدار آهي سنھين شريانين (Arterioles)جي سوڙهي يا ويڪري هئڻ تي.

سمجھو ته ڪنھن رٻڙ جي نليءَ مان ، ڪو پاڻيءَ جو مقرر انداز، پمپ سان ڌڪي ڪڍڻو آهي، جنھن جو قطر هڪ انچ آهي. هاڻي جي ساڳيو پاڻي ، اڌ انچ واريءَ نليءَ مان، ساڳئي وقت ۾ ڪڍبو، ته نليءَ جي ديوار تي داٻ اڳي کان ٻيڻو ٿيندو؛ نتيجو اهو ٿيندو، جو پاڻيءَ جي ٻيڻي زور سان وهڻ ڪري، نلي سيٽجِي گهڻو سخت ٿيندي. هاڻي، جي نليءَ جي ديوار ضعيف هوندي، ته گھڻي داٻ ڪري ڪٿان ڦاٽي به پوي، ۽ پاڻي اتان وهي وڃي: گھڻي بلڊ پريشر ۾ به اهو انديشو رهندو آهي، ته ڪا مغز جي شريان نه ڦاٽِي نقصان ڪري.هاڻي اوهان سمجهيو ته ”آرٽيرئولس“ جي ننڍي وڏي قطر تي ڪيترو نه بلڊ پريشر جو مدار آهي - ۽ ان جو ضابطو همدم سرشتي جي حوالي آهي! هيءَ حقيقت آهي، ته اسان جي بدن جا آرٽيرئولس جي صفا ڍرا ٿي پون، ته ساري بدن جو رت انهن ۾ ئي ماپي ويندو، ۽ بلڊر پريشر ايترو ته ڪري پوندو، جو دورو هلي نه سگھي - جنهن جو نتيجو فقط موت ئي ٿي سگهي ٿو! هي جو اوچتي صدمي (Shock) ۾ هڪدم ماڻھو مري ويندو آهي سو به ائين، جو ڌڪاءَ جي ڪري سندس آرٽيرئولس ايترو ڍرا ٿي پوندا آهن، جو رت هلڻ کان بيھي ويندو آهي. چوندا ڪين آهن ته ”ڳالھه ٻڌڻ سان مڙس مورڇا ٿي ويو!“

(4) پِتي جي ڳوٿريءَ ، پيشاب جي مثاني، پگهر جي ڳلڦڙن، ۽ هاضم رسُن جي گلٽين کان ڪم وٺڻ.

اک جي ماڻڪيءَ کي سوڙهو ڪرڻ”پئرا سِمپئٿيٽِڪ“ جو ڪم آهي، ۽ ويڪرو ڪرڻ ”سِمپئٿيٽِڪ“ جي ذمي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com