ناشر طرفان ٻه اکر
اها هڪ مشهور روايت آهي ته جڏھن حضرت شاهه ڀٽائيءَ (رح) ، حضرت
گرهوڙي صاحب کان پڇيو ته
” جو مڙني موچارو، سو آهي ڪڄاڙو؟“
ته پاڻ جواب ۾ چيائين،
” هڪڙي صحت سرير جي، ٻيو- پرين جو پاڙو!“
سچ پچ ته انسان لاءِ سڀ کان سهڻي ۽ سڀ کان بهتر نعمت آهي
تندرستي، جا هزار نعمتن کان وڌيڪ آهي.
مگر اها به افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو اسين عام طور پنهنجي
تندرستيءَ کان لاپرواهه رهون ٿا، ۽ انهي جي نتيجي
۾ تِرَ جي گُٿِي وڃي سو چوٽون کائيندي آهي. يعني
جيڪي ننڍڙيون بيماريون هوند ٿورڙي ”اڳواٽ بچاءَ“
وسيلي دفع ٿي وڃن، سي بيحد اڙانگيءَ منزل ۾ وڃيو
پون.
ٻين گهڻن سببن نمان انهيءَ جو هڪ اهو وڏو سبب آهي ته سنڌي زبان
۾ جيڪي به اهڙا تندرستيءَ جي بنيادي معلومات ڏيڻ
وارا ڪتاب آهن، سي اهڙا عام فهم ۽ دلچسپ ناهن، جو
عوام ۽ شاگرد انهن کي دلچسپيءَ سان پڙهن. شاگرد
برابر پيپرن جي پورائيءَ لاءِ انهن کي نظر مان ڪڍن
ٿا، پر سچ پچ ته امتحان هال مان نڪرڻ بعد انهن کي
به اهو سمورو پڙهيل وسريو وڃي، جو هنن بيدليءَ سان
مطالعو ڪيو هو.
سنڌي ادب جي هن افسوسناڪ ڪوتاهيءَ طرف ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي لائق
ڪار پر دازن جو توجهه ڇڪايو، ۽ هنن محسوس ڪيو ته
اُن مضمون تي هڪ مثالي ڪتاب سنڌيءَ ۾ هجڻ نهايت
ضروري آهي:
۽ پوءِ اُن ڪتاب لکڻ لاءِ هنن مصنف به اهو منتخب
ڪيو، جنهن کي سچ پچ ته سنڌ جو ”صحتي اديب“ چيو وڃي
ته بجا آهي. ”صحتي ادب“ ۾ محترم ڊاڪٽر علي احمد
قاضيءَ جو نالو اڳي ئي سر دفتر آهي. سندن ڪتاب
”علم بدن“ کي اسڪولي ادب ۾ وڏو درجو حاصل آهي؛ پر
ڊاڪٽر صاحب جنهن توجهه ۽ دلي لاڳاپي سان هي ڪتاب
”تن ۽ تندرستي” لکيو آهي، اها ڪا عام ”ڪاروباري“
ڪتاب ۾ هجڻ محال آهي.
ڪتاب جو سڀ کان قيمتي حصو سندس پهريان پنج باب آهن، جن ۾ ڏنل
معلومات غالبن هن کان اڳ ڪنهن به سنڌي ڪتاب ۾
اهڙيءَ مفصل ۽عام فهم طرز سان ڏنل ڪا نه آهي - ۽
سچ پچ ته انهيءَ بنيادي معلومات حاصل ڪرڻ بنان
سموريءَ صحتي معلومات جي حالت انهيءَ وڻ جهڙي
هوندي آهي، جنهن جون پاڙون زمين ۾ نه، پر ڪنهن ڀت
۾ هونديون آهن:
۽ وري انهيءَ کان به وڌيڪ ڳالهه اها ته خود اها
معلومات به جنهن نهايت سليس ٻوليءَ ۽ عام فهم لفظن
۾ ڏنل آهي، ان جي جيتري به تعريف ڪجي اها ٿوري
آهي. اسين ته انهيءَ کان به اڳتي وڌي هي چونداسون
ته ڪن ٽيڪنيڪل انگريزي لفظن جي قابل مصنف اهڙي ته
مختصر ۽ موزون اکرن ۾ معنيٰ ڏني آهي، جو اهو خود
سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ به هڪ بيش بها اضافو آهي.
”انسان پهريائين ڄاڻو هو، ۽ پوءِ اڻڄاڻ بنيو“، ۽ ”انسان
پهريائين اڻڄاڻ هو، پوءِ سڀ ڪجهه پنهنجي همت، ذهن
۽ محنت وسيلي حاصل ڪيائين“. هي اهو ٻه واٽو آهي،
جو وڏن ويِرن کي وائڙو ڪري وجهي ٿو، ۽ صرف هڪڙيءَ
وک جي چُڪ سَوَن سالن لاءِ واٽ کي ڏُور ڪري ڇڏي
ٿي. ايتريقدر، جو پهرئين نظرئي تي هلندڙ، دنيا کي
قيدخانو سمجهي، ان مان جلد جند ڇڏائڻ جا تمنائي
هوندا آهن ۽ ٻئي نظرئي کي پروڙيندڙ، انهيءَ ساڳيءَ
دنيا هڪُ دل کي بهار ڪندڙ باغ سمجهي، ان کي هر طرح
سينگارڻ ۽ ٻهڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
جيتوڻيڪ مصنف جو اهو موضوع نه هو، پر هن صحت جي طالبن لاءِ ”پاڻ
سڃاڻڻ“ کي به ضروري سمجهي، نهايت مختصر ۽ نهايت
جامع اکرن ۾ اها سمجهاڻي اهڙي ته ڏيئي ڇڏي آهي، جا
هن ذهني ”ٻه واٽي“ تي پهتل هڪ واٽهڙوءَ کي هرگز
وائڙو يا گمراهه ٿيڻ نٿي ڏئي.
اسان کي اميد آهي ته هن ڪتاب مان نه فقط اسڪولي شاگرد ئي فائدو
حاصل ڪندا، پر عوام لاءِ به هي هر طرح هڪ ”صحتي“
رهبر جو ڪم ڏيندو.
20 اپريل، 1957ع
|
محمد ابراهيم م .
جويو
سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ
ڪراچي |
ڀاڱو پهريون
بدني ترتيب ۽ تنظيم
اسان جو بدن انيڪ قسمن جي شين جو جڙيل آهي. ٻاهران بدن ته سارو
ئي چمڙيءَ جي نفيس پوش سان ڍڪيل آهي، جنهن تي گهڻا
ٿورا وار هوندا آهن ۽ آڱرين جي چوٽين وٽ ننهن.
چمڙيءَ جي اندر هڪ دُهرو ڇڇڙي ۽ چرٻيءَ جو تهه
اٿس، جنهن ۾ ويڙهيل سوين ننڍا وڏا گوشت جي تندن جا
مچا هوندا آهن، جن کي مشڪون چئبو آهي. مشڪون وري
سنڌن جي آر پار هڏن تي اهڙيءَ طرح چهٽيل آهن، جو
کين بيرم وانگر چوري، اسان جو سارو ڪم ڪار مرضيءَ
موجب پورو ڪنديون رهن ٿيون. هڏا به ٻه سئو کن
ٿيندا، جي هڪ ٻئي سان مضبوط ٻنڌين جي وسيلي ڳنڍجي،
ٽنگون ٻانهون ۽ بدن جو وچون بوتو ٺاهين ٿا. انهيءَ
بوتي ۾ بدن جا نازڪ عضوا، نهايت رٿائتا ۽ تجويز
سان سانڍيل آهن- جيئن ته مغز، ڦڦڙ، دل، جيرو، تلي،
معدو، آنڊا، بڪيون، وغيره– ته ڌڪن ڌومن جي جهوٻن
کان اوٽ ۾ هجن. اهي عضوا ئي آهن، جي اسان جي بدني
انجڻ جون ڪلون آهن، جن جي وسيلي اسان جو جسمي
ڪاروبار هلي ٿو ۽ حياتي قائم رهي ٿي:
جي ڪلون درست ته اسين چست، اهي سست ته اسين بيمار؛
پر جي ڪا ڪل ٽٽي ته حياتي ئي ڇٽي!مناسب آهي ته
پنهنجي جانب مشينريءَ کان واقف ٿيون ۽ معلوم ڪريون
ته سندس عجيب غريب پرزا ڪيئن ٿا هلن، ڇا ٿا ڪن، ڇا
کپين، ڇا ڏجين، ڪئن ٿا بگڙن، ڇو ٿا ڊهن، ۽ ڪهڙا
جتن ڪجن جو هو بهترين حالت ۾ هجن؟ ان ۾ ئي اسان جي
سڦلي جيوت جو ساز ۽ ڪاميابيءَ جو راز رٿيل آهي.
باب پهريون
1. جيو – گهرڙو
(The Animal Cell)
بدن جي ڪنهن به هنڌان جيڪڏهن ڪو تر جيڏو ذرو چمڙيءَ، گوشت، هڏي،
جيري، بڪيءَ،وغيره مان ڪتري ، باريڪ بين
جي وسيلي تپاسبو، ته اهو ننڍڙو ذرڙو به، ماکيءَ جي ماناري
وانگر، سون ننڍڙن ڳتيل گهرڙن جو جڙيل نظر ايندو.
انهن گهرڙن کي ”جيو- گهرڙا“ چئبو آهي. جتي به
ساڳئي قسم جا جيو - گهرڙا ملي ڪو ماس جو ٽڪرو
ٺاهيندا آهن، ته ان کي ”اوڄو“ چئبو آهي.
جيو - گهرڙا هر هنڌ هڪڙيءَ شڪل جا نه ٿيندا آهن، پر هر هڪ عضوي
۾ سندن نمونو ئي نرالو:
مشڪن ۾ ڊگهڙا ته چرٻيءَ ۾ گول، جيري ۾ ڇهه - پاسا ته مغز ۾
ڇانڀي وانگر شاندار- مطلب ته جهڙو عضوو ۽ سندس ڪم،
تهڙو سندس
شڪل 3. جيو - گهرڙن جا نرالا نمونا هر هڪ پنهنجي ڪم ۾ برک
اوڄي جو نمونو ۽ گهرڙن جو ڊول. شڪل مختلف هوندي به، هر هڪ جيو
-گهرڙي جو جسم ساڳين ٽن ڀاڱن جو جڙيل ڏسبو: کل، ماس ۽ مُک.
(1) کل -
Cell wall.
هي ٻاهريون پردو بلڪل باريڪ ڄاريءَ جهڙو ٿيندو
آهي، جنهن جي سنهڙن سوراخن مان جيو - گهرڙي جي رس
هر وقت ڦرندي رهي ٿي؛ نئين تازي رس اندر وڃي ۽
پراڻي ڪم آيل رس ٻاهر نڪري. آخر جيو - گهرڙو به ته
دنيا جو ئي رهواسي آهي، جنهن جو گذر به دنا جي
ٻاهرين شين - هوا، پاڻي، کاڄ - تي ئي آهي؛ اهي سڀ
شيون کيس پنهنجي جسمي رس جي وسيلي ملنديون ٿيون
رهن.
(2) ماس -
Protoplasm.
هي آهي گهرڙي جو جسم، جو اسان جي گوشت مثل آهي.
ماس بي رنگ ۽ نرم رٻڙيءَ جهڙو ٿيندو اٿس، پر
رٻڙيءَ وانگر لسو نه. حقيقت ۾ ماس به ٻن ڀاڱن جو
ٺهيل هوندو آهي - هڪڙو سنهڙن تاندورن جو جھاريءَ
جهڙو جسم ۽ ٻيو انهيءَ جھاريءَ جي سنهڙن پورن ۾
پيل رٻڙيءَ جهڙو ڳر. انهيءَ جھاريءَ جي سنهڙن پورن
۾ پيل رٻڙيءَ جهڙو ڳر. انهيءَ ڳر ۾ جاندار باريڪ
نهرا ذرڙا به ڪيترا ڏسڻ ۾ ايندا، جي گهرڙي جي اندر
بنا ٺاپر جي ڦرندا، سندس ذري ذري کي خورش ڏيندا
رهن ٿا - جيئن نه ڪو سنهڙو ڪڪر جو ذرڙو هجي، جنهن
جي سوراخن واريءَ پاڻيٺ ۾ ڪيئن ڪيمياوي ڪم پيا
هلن! مطلب ته هر هڪ ننڍڙو جيو -گهرڙو هڪ مڪمل
لئباريٽري آهي، جنهن ۾ هر وقت ڪيمياوي مٽاسٽا
ٿيندي ئي رهي ٿي:
ڪجهه ٺهي پيو ته ڪجهه ڊهي پيو.
(3) مک -
Nucleus.
ماس منجهه باريڪ جاندار نهرن ذرڙن سان گڏ هڪ وڏڙو،
سخت ۽ گول ذرڙو به ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن کي گهرڙي جو
مُک سڏبو آهي. هي مکيه جزو ڄڻڪ گهرڙي جو مغز آهي،
جنهن تي سندس زندگيءَ ۽ روزاني ڪاروبار جو
دارومدار آهي:
جي هن کي چوٽ آئي ته گهرڙو به
سالم رهي ڪين سگهندو.
حيرت ته اڃا اڳتي آهي، جو مک جي بنهه وچ ۾ سندس سنهڙو ۽ سخت حصو
ٿئي ٿو، جنهن کي ”مرڪز“
Nucleolus
چئبو آهي، سو لاڳيتو پنهنجي شڪل بدلائيندو ڏسبو -
جئن انسان جي دل ! شڪ ئي نه آهي ته مرڪز جي سسڻ ۽
ڦنڊڻ سبب ئي گهرڙي جا باريڪ نهرا ذرڙا ڦرندا
گهرندا رس جي وسيلي گهرڙي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ کاڄ
ڦيرائيندا رهن ٿا، ۽ بيڪار شيون پڻ گهرڙي کان ٻاهر
ڪڍيو ڇڏين.
مطلب ته جيو - گهرڙو به ساڳيءَ طرح جڙيل آهي، جئن ڪو سنهڙو ڊاک
جو داڻو - هران کل، اندر ڳر ۽ مُک جي جاءِ تي ٻج.
اهو به معلوم ڪيو هوندوَ ته اسان کي جيڪا هوا ۽
کاڌي پيتي جي ضرورت ٿئي ٿي، سا حقيقت ۾ اسان جي
بدن جي اڪيچار جيو -گهرڙن جي گڏيل ضرورت جي ڇڪ
آهي، جا اسين وقت بوقوت پوري ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيون
ٿا: ڇاڪاڻ ته جي بدن کي ڪنهن به هنڌ پاڻي، هوا يا کاڄ برابر
نه مليو، ته انهيءَ هنڌ جا گهرڙا خشڪ ٿي سڙي
پوندا- ساڳيءَ طرح، جئن ٻوٽن جا پن سڪي ڇڻي پون.
ورزش ڪرڻ جو فائدو به ائين ٿو ملي جو ڊڪڻ ڊوڙڻ سبب دل
تڪڙو ٿي هلي، جنهن ڪري رت زور سان ڌڪجو بدن جي ذري
ذري تائين وڃو نڪري ۽ هر هڪ گهرڙي کي کاڌو پاڻي ۽
آڪسيجن پهچائي، جئن ڪو به بدن جو حصو ضروري شين نه
ملڻ ڪري بيڪار نه ٿي پوي. اوهان کي خبر آهي ته
ورزش ڪندي ساهه به تڪڙو کڄندو آهي. تانس به گهڻي
لڳندي آهي، ۽ هاضمي چست ٿيڻ ڪري کائڻ تي به دل
چوندي آهي - ڇاڪاڻ ته بدن جي هر هڪ گهرڙي جون هوا،
پاڻيءَ ۽ کاڌي جون ضرورتون سندس آرام واريءَ حالت
کان گهڻو وڌيو وڃن.
عجب ته اهو آهي جو اهي جيو- گهرڙا نه رڳو کائن، پيئن، ڪچرو ڪڍن،
۽ ٿلها ٿنڀرا ٿين، پر ڦوٽهڙو به ڪن. جڏهن هر هڪ
گهرڙو خورش وٺي تازو توانو ۽ متارو ٿي ڦوهه ۾
ايندو آهي، تڏهن ڏسبو ته آهستي آهستي پورا ٻه اڌ
ٿي پوندو - اهڙيءَ طرح، جو سندس مُک به پورن ٻن
اڌن ۾ ورڇجي ويندو، ۽ جلد ئي گهرڙي جي ٻن ڀاڱن ۾
ضروري ڦير گهير ٿيڻ کان پوءِ پورا ٻه جيو-گهرڙا
جڙي راس ٿي پوندا. ساڳيءَ طرح ٻن مان چار، چئن مان
اٺ ٿيندي، ڪَئين گهرڙا ضرورت ۽ حالتن پٽاندر
جڙندا، بعضي ڀرندا، رهندا. جي گهڻا ٿيا ته متاثر
ٿبو، نه ته سنھو واڌ جو ڪارڻ آهي مقوي کاڌو ، آرام
۽ تندرستي، ۽ ڳرڻ جو سبب آهي، اڻ پورو کاڌو ،
پورهيو ۽ بيماري.
هاڻي اوهان کي خبر پيئي ته اسان جي بدن جا عضوا ڪي يڪا
ڳپل نه آهن:
سندن ذرو ذرو بيشمار جيو - گهرڙن جو ٺهيل آهي ۽ هر
هڪ گهرڙو پنهنجي زندگيءَ جي ضرورتن کي پاڻيهي منهن
ڏيڻ لاءِ بلڪل لائق. مطلب ته جيو گهرڙو جيون جي
بناوت جو هڪ ايڪو
(unit)
آهي، جئن گهر لاءِ سرون - هر هڪ جانور پنهنجي قد
بت موجب اهڙن گهڻن يا ٿورڙن ”يونٽن“ جي شامل ٿيڻ
جو نتيجو آهي.
بدن جي گهرڙن جو پاڻ ۾ سلوڪ:
هڪ مان ٻه، ٻن مان چار، 45
دفعن ٿيڻ سان، ماڻهوءَ جو ٻج پورو ٻار ٿيو وڃي،
جنهن ۾ ڄمڻ وقت 26 کان 32 ملين گهرڙا ٿيندا . پر
ڇا سندن تعداد ۽ ڇا سندن رفاقت!هر هڪ پنهنجي ڪم
لاءِ تيار؛ زور جي ڪم لاءِ هڪڙا، ته ڍوئڻ جي ڪم تي
ٻيا، ڪي ڪيمياوي ڪمن ۾ محو، ته ڪي بجليءَ تي خبرن
پهچائڻ ۾ مست ؛ ڪي اندر آيل کاڌو هضم ڪن، ته ڪي
ٻاهريون خبرون اندر پهچائين؛ ڪي خورش پهچائڻ تي،
ڪي ڪچري ڪڍڻ تي! – ڇا ويچاري ڇا ويچارجي؟ هر ڪو
پنهنجي فرض ادائگيءَ ۾ پورو ؛ نه منجهن ڪو جاهل نه
ڪاهل، نه بيڪار نه بدڪار- هر هڪ پنهنجي زندگي
گهارڻ جي قابل هوندي به، بدن جي سڀني گهرڙن سان
ملي رس ۾ ڪم ڪندو هلي! سندن مقصد بدني ضرورتون
سرانجام ڪرڻ جو آهي، نه خودمختياري مڃائڻ جو؛ جي
وڌندا ويجهندا يا پڄندا ڀرندا ، چرندا پرندا، ته
بدن جي ڪنهن ڪم خاطر؛ پنهنجي پڄندي جتائڻ لاءِ.
اتفاقن ، بعضي ڪي جيو-گهرڙا ڪن سببن ڪري بدن جي
ضرورتن کي خيرباد چئي اجائي واڌ به ڏيکاري وجهندا
آهن؛ مگر ان جونتيجو اهو ٿيندوآهي، جو هڪڙو بيڪار
ڳوڙهو ٺاهي وجهندا آهن، جنهن کي لاچار ڪپي ڪڍڻو
پوندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته هو نه رڳو بدن لاءِ بيڪار
هوندو، پر مورڳو مٿس بار ۽ اجايو آزار- جئن ڪي
لٽيرا پنهنجي قوم جي مقصد کان الڳ ٿي پنهنجي مڃائڻ
لاءِ گڏجي ٻين سان کئونس ۽ آزار ڪن. سچ ته بدني
تنظيم جمهوريت جو اهو اعليٰ مثال موجود ڪري سگهي
ٿي، جنهن جو نظير ملڻ مشڪل ٿيندو!
اوهان کي پنهنجي بدن جي يونٽ يعني جيو - گهرڙي جي بناوت ۽
ڪاروبار بنسبت خبر ملي چڪي؛ پر ساڻس پوري واقفيت
فقط تڏهن ٿينديَوَ، جڏهن ڪنهن اهڙي جيو کي جاچي
ڏسو، جو جڙيل ئي هڪڙي گهرڙي جو هجي ۽ سندس هلڻ
چلڻ، کائڻ وغيره سولائيءَ سان ڏسڻ ۾ اچي سگهي.
اهڙا هڪ – گهرڙيا جيو ته ڪئين آهن، پر جنهن ۾ جيون
جون سڀ وصفون پوريون ۽ چٽيون ڏسي سگهجن، سو
آهي”جيتامڙو“ ، جنهن کي انگريزي ۾”اميبا“ چئبو
آهي.
2. جيتامڙو
(Amoeba)
ڪنهن بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ مان پاڻيءَ ڍڪ کڻي جاچيو، يا ٿورا
سڪل پن ۽ ڪجهه ڪک ڀڃي ڀروڙي پاڻيءَ ۾ پسائي پيالي
۾ کڻي رکو، ته ٻن ڏينهن اندر ان ۾ انيڪ قسم جا
اهڙا جيو پيدا ٿي ويندا، جن جا باريڪ - بين هيٺان
ڪارناما ڏسي حيرت وٺي ويندي؛ اميبا به ڪيترا ڪٺا
ٿي ويندا!
هاڻي، هڪ صاف شيشي جي ٽاڪيءَ تي انهيءَ پاڻيءَ جو هڪڙو ڦڙو رکي،
شيشي جي پرچي سان ڍڪي کڻي باريڪ - بين تي چاڙهيو،
ته بيشمار جيون جي چرندي پرندي دنيا اکين اڳيان
اچي ويندي ڪو جان بچائڻ ۾ حيران ڏسبو، ته ڪو
پنهنجي وت جي زور تي ٻين کي لتاڙيندو ۽ ڳڙڪائيندو
ويندو. مطلب ته ماٺ ڪنهن کي به ڪانه ڏسبي، هر ڪو
جيئري رهڻ جي جڌ ۾ جنبيو پيو هوندو! ڏاڍائيءَ کي
جهل، جي ظاهري دنيا ۾ ڪانهي، ته ڪا باطني دنيا ۾
آهي ڇا؟ زمين تي، هوا ۾، پاڻيءَ ۾ - ڇڪتاڻ لڳي ئي
پيئي آهي. رڳو اميبا ۾ ايترو تيز ڦوٽهڙو ٿي سگهي
ٿو، جو جي سندس سارو ڪٽنب سلامت رهندو اچي، ته ٻن
ڏينهن ۾ هڪ مان ڪي ڪروڙ نه پر پدم ٿي پون! – پر جي
دشمن ڇڏينس؟ بيشڪ حياتي سگهه جو اظهار آهي، ۽ اهي
ئي زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ سوڀارا ٿيندا، جيڪي سگهارا
هوندا. باز ۽ جهرڪيءَ جي به ڪڏهن دوستي ٿي آهي؟
”ڪي کائن، ڪي کاڄن“ – اهو زندگيءَ جو کليل کيل
آهي، جنهن کان غافل رهڻ معنيٰ شڪار ٿيڻ!
جيتامڙو ماپ ۾ انچ جي سئو پتي مس ٿيندو ۽ اسان جي جيو - گهرڙي
جيان ساڳي کل، ماس ۽ مُک ڏسبس؛ البت ماس ۾ ڪٿي ڪٿي
کاڌي جا ذرڙا به ڏسڻ ۾ ايندا، جي جيو- گهرڙي ۾ ڪين
ٿين، ڇاڪاڻ ته بدني گهرڙن کي کاڌو، پاڻي، هوا سڀ
تيار رت جي وسيلي ملندا ٿا رهن، پر جيتامڙي کي ته
سارو بندوبست پاڻ کي ئي ڪرڻو آهي. هلڻ چلڻ ۾
خودمختيار به قدرت تڏهن ڪيو اٿس. جئن وڻيس تئن وت
آهر ڪري، پنهنجو پاڻ بچائي ۽ پونير پيدا ڪري، جئن
سندس جنس ته غائب نه ٿئي!
شڪل ڏسبيس ته ڪٿان ور ڪٿان وڪڙ، هڪ جهڙو ته اصل ڪين ڏسبو؛ ڇاڪاڻ
ته چرڻ پرڻ ۽ کاڄ هٿ ڪرڻ ته سندس ئي ڪم ٿيو، جنهن
لاءِ هٿ پير هڻندي سندس صورت لاڳيتي ڦرندي رهي ٿي.
اڃا ڪا ڏاڍي شي جسم سان لڳيس، ته اتي ماس کي
ڪوئي، پاسي کان هڪڙي بازَ ڪري ڪڍندو، جنهن سان اها
شي ورائي کڻي ماس ۾ داخل ڪندو. مطلب ته اهي بازون
شڪل 4. جيتامڙو- قد جو ڪوچڙ، ڪم جو ڪامل؛ جسم جي ڪهڙي به، حصي
سان کائي به سگهي،ڪچرو به ڪڍي، هلي به جهلي به.
ڪيتريون به ۽ ڪٿان به ضرورت موجب ڪڍي سگهي ٿو، جي کائڻ لاءِ هٿن
جو ڪم ڏينس ۽ هلڻ لاءِ پيرن جو –گويا سارو جسم
سندس وات به آهي، هٿ به ۽ پير به ! اسان جي
بدن جي جيو- گهرڙن مان ڌارين شين کي جهلي کائي کپائڻ جي
خاصيت فقط ڪن ٿورن کي آهي، جن جو خاص مثال رت جا
اڇا گهرڙا آهن، جي بدن ۾ داخل ٿيل جيوڙن ۽ ٻين
زهري جزن کي ناس ڪندا رهن ٿا.
شي کي جسم ۾ آڻڻ کان پوءِ جي ان کي خورش جي لائق سمجهيائين ته
ذرو ذرو ڳاريندو ويندس، پر جي پسند نه پيس ته پاڻ
اڳتي بازون ڪڍندو هلندو ويندو ۽ شي کي پوئتي
ڌڪيندو رهندو، جيسين اُها سندس جسم مان نڪري وڃي.
هاڻي اچو ته جيتامڙي کي ڇيڙي ڏسون، ته چڱيءَ مٺيءَ
شي جي سڃاڻڻ جو حوصلو به رکي ٿو يا نه؟ هڪڙو لوڻ
جو ذرڙو کڻي شيشي جي پرچي هيٺان ڏيوس، ته هڪدم باز
ورائي ان کان پاڻ ڪڍي ويندو؛ پر جي ڪا کائڻ جهڙي
شي ڏبيس ته ڀڄڻ جي بدران ان کي ويجهو اچي کائي
ويندو. چوندا آهن ته ”جهڙو لڳي واءُ تهڙي ڏجي پٺ“
، يعني پاڻ کي ٻاهرين دنيوي حالت سان موافقت ۾ رکڻ
مناسب آهي؛ جي ڪنهن جيو ۾ ايترو احساس نه هوندو،
جو پنهنجو نفعو نقصان سمجهي سگهي، ته صدما سهي
هليو ويندو - اسان جي بدن ۾ اهڙي سرت رکڻ، تنتي
سرشتي جي حوالي آهي.
جي قسمت سان - جنهن جيتامڙي کي اوهين ڏسو پيا - ڳچ کاڄرو شين جي
وچ ۾ اچي ويو، ته کائي کائي ماس به جلد وڌائي
وجهندو ۽ اوچتو ڏسبو ته هڪ مان پورا ٻه اڌ ٿي
پيو.ٻئي اڌ جلد ئي اصلوڪي جيتامڙي وانگر هلچل ۾
لڳي ويندا ۽ ساڳيءَ طرح ٻن مان چار، چئن مان اٺ
ٿيندا رهندا.اڳتي هلي ڏسنداسون ته انسان جو بدن
ڪروڙها ڪروڙن جيو- گهرڙن جو ٺهيل آهي، جنهن کي
کائڻ جا عضوا ڌار ته هلڻ جا ڌار، ساهه کڻڻ لاءِ
هڪڙا ته اولاد لاءِ ٻيا، وغيرھ؛
شڪل 5. جيتامڙي جو ويجهڻ
1. جوان جيتامڙو 2- سندس مک جا ٻه حصا ٿيڻ،
3 – سندس جسم جا ٻه حصا ٿيڻ 4 – جيتامڙن جو الڳ ٿيڻ.
پر جيتامڙو ٺهيل ئي فقط هڪڙي گهرڙي جو ٿيو، جنهن سان کائي، پيئي
، ساهه کڻي، غلاظتون ڪڍي، وڌي ويجهي، چڱي مٺي
پرکي، آفتن کي منهن ڏئي - ڇا ڇا نه ٿو ڪري! ان ۾
ته ڪو شڪ ڪونهي ته جيتامڙي جي حد کان اسري، انسان
جي ڪڙيءَ تائين پهچڻ ۾ به ڪي ڪروڙ ورهيه لڳا
هوندا، پر جيتامڙي جو جسمي انتظام به ڪو جهڙو
تهڙو ڪو نه ٿو ڏسجي - ڪيترو نه موزون ۽ ڪهڙو نه
مڪمل! يقينن وسهي سگهجي ٿو ته کانئس اڳي به ڪئين
قسمن جا باريڪ جيو پيدا ٿيا هوندا، جن مان ڦرندو
گهرندو، ڌرندو ۽ ترقي ڪندو، جيتامڙو جڙيو هوندو.
ان ۾ به ڪي ايام لڳا هوندا. اسان جي باريڪ بين به
اڃا انهيءَ ڪڙيءَ ڪا نه رسي آهي، جو سڀ جيو ڏيکاري
سگهي. اڃا ڪاريگرن کي زياده طاقتور ڪاوا ٺاهڻا
پوندا، جن سان پوڙهيءَ دنيا جا پڙد پوريءَ طرح
پڌرا ٿين. جئن انسان جي چشم حقيقت کُلندي ٿي وڃي،
تئن ماٺيڻي ميسڻي دنيا به ساهه ۾ سانڍيل ڳجهن جون
ڳنڍيون پنهنجي لائق پروردن جي اڳيان دل سان کولي
رکندي ٿي وڃي - ڄڻڪ پاڻ ته پنهنجن اسرارن کي کولي
ڏيکارڻ لاءِ تَئين آهي، پر ڪو ڏسڻ جي رڳي سڌ ته
ڪري!
اوهان کي هيلتائين پوري چٽائي ٿي وئي هوندي ته بيجان ۽ جاندار
شين ۾ ڪهڙو فرق آهي. جاندار شين جون وصفون وري به
هيٺ ڏجن ٿيون؛
(1) اوسي پاسي جي سرت
Irritability
(2) چرڻ پرڻ Contractility
(3) جسمي ڀڃ گهڙ Metabolism
(4) ساهه کڻڻ Respiration
(5) ٻچا ڏيڻ Reproduction
باب ٻيو
جنسن جو نسرڻ ۽ آدم جو اُسرڻ
هڪڙي پاسي قدرت جو اهو تماشو ڏٺوَ، جو هڪ ڦڙي پاڻيءَ ۾ هزارين
جيو نمونن نمونن جا، هلندا وڙهندا، لڪندا ڀڄھندا،
کائيندا، پيئندا، ٻار چڻيندا وتن - ڄڻڪ هر هڪ
پاڻيءَ جو ڦڙو هڪ حيرت انگيز دنيا آهي، جنهن جا
مخلوق نه رڳو ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن، پر ايترين
ذاتين جا، جن جو پورو پتو به اڃا تائين پئجي نه
سگهيو آهي. وري جو کڻي رات جو آسمان ڏانهن نظر
ڪريو، ته بيشمار تارا هڪ ٻئي تي سٿيا پيا آهن!
انهيءَ آسمان جي مانڊاڻي ۾ هڪڙو اڇو پٽو نظر
ايندو، جنهن کي عام طرح نوح نبيءَ جي ٻيڙِيءَ جو
گيهو چيو ويندو آهي؛ باقي چنڊ کان سواءِ ڪي ٻه يا
ٽي وڏا روشن تارا تجلا ڏيندا رنگ ڪڍندا نظر ايندا،
جن کي ”سيار“ چئبو آهي؛ ۽ ٻيا سڀ سنها تارا، تيز
پر کتل روشنيءَ وارا ، ڏسبا، سيار ۽ تاري جي فرق
سمجهڻ لاءِ ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي ڌرتي سيار
آهي، ۽ سج هڪ تارو. تارن ۾ پنهنجي ذاتي روشني ۽
گرمي آهي، مگر سيار فقط پنهنجي سج جي روشنيءَ پوڻ
جو پروتو اڇليندي جهلڪون ڏيندا آهن. هر هڪ سج کي
پنهنجا سيار هوندا آهن، ۽ هر هڪ سيار کي هڪ يا
زياده چنڊ.
هاڻي اوهان کي خبر پيئي ته اسان جو سج به آسماني مانڊاڻي جي
ڪروڙن تارن مان فقط هڪڙو تارو آهي، پر بنسبت ٻين
تارن جي نهايت وڏو، روشن ۽ گرم فقط ان ڪري معلوم
ٿو ٿئي، جو ٻين تارن کان ڌرتيءَ کي گهڻو ويجهو
آهي. سراسري طرح سج ڌرتيءَ کان نَو ڪروڙ ٽيهه لک
ميل پري آهي، پر ڌرتيءَ کي ويجهي ۾ ويجهو تارو ته
انهيءَ مفاصلي کان ٻه لک ستر هزار ڀيرا پري آهي؛
مطلب ته جي ڌرتيءَ کان سج فقط ڏهه فوٽ پري هجي، ته
ويجهي ۾ ويجهو تارو ٿيندس پنج سو ڏهن ميلن تي.
اسان جي سج کي چوگرد ڦرندڙ سيارن مان ويجهي کان ويجهو آهي(1)
عطارد، ۽ پوءِ (2) زهر،(3) ڌرتي، (4) مريخ، (5)
مشتري،(6) زحل، (7) يورينس(8) نيپچون ۽ (9)
پلُوٽو. هاڻي جي سج کان ڌرتي ڏهه فوٽو پري ٿا
وٺون، ته پلوٽو ٿيندس 400 کن فوٽن تي. پلوٽو کان
پوءِ ٻيو تارو آهي ڇويهه ملين ملين - وچ واري
اجهاڳ پکيڙ بلڪل خالي آهي. مطلب ته آسماني مانڊاڻ
جا ويجهي ۾ ويجها ٻه تارا به هڪ ٻئي کان 26 ملين
ملين ميل پري آهن!... اکٽ سج، اکٽ سيار، اکٽ چنڊ،
اکٽ مفاصلا!
تارن جي علم جي ماهرن جو تخمينو آهي ته اسان جي ڌرتيءَ کي سج جي
چوڦير ڦرندي به گهٽ ۾ گهٽ ٻه ارب ورهن جا ته لڳي
چڪا آهن؛ جن مان پهرئين اڌ عرصي ۾ ته مٿانس
حياتيءَ جو پيدا ٿيڻ ناممڪن هو، ڇاڪاڻ ته نهايت
گرم ۽ ٽڪرائين هئي؛ جا پوءِ وڃي ٺري، ۽ سندس هوا ۾
گهم ۽ نمي پيدا ٿيڻ ڪري ڪڪر جڙيا ۽ مينهن وٺا؛
انهن مينهن سندس سطحي کڏون کوٻا ڀري، ڍنڍون ۽ سمنڊ
بنايا ۽ ٽڪر کي ڳاري ، مٿانس مٽيءَ جو تهه جوڙيو؛
مٽي وري پاڻيءَ سان ملي گپ جڙي، ۽ گپ ۾ سج جي ڪرڻن
جي اثر هيٺ ماس پيدا ٿيو، ۽ منجهانس هڪ - گهرڙيا
جيو ساهه کڻڻ لڳا. اهي باريڪ جيو ڊهندي، ٺهندي،
سڌرندي، ڪي سبزي -
گهرڙا ٿيا، ته ڪي گوشت - گهرڙا؛ سبزي - گهرڙن مان ڀاڄيون ٻوٽا ۽
گاهه وڻ جڙيا، ۽ گوشت - گهرڙن مان جيتامڙو ۽سندس
ذات وارا سنهڙا جيو؛ پوءِ ڪيڙا، جيت ، سوپيريون،
مڇيون،
شڪل 6. اوائلي ماڻهوءَ جو نمونو
(سندس وات جو ڀير اسان جي نسل جي پوري شاهدي ٿو ڏئي)
وڇون، بلائون ، پوپٽ، پکي، چچيون، ڏيڏر، ڪميون، سيسر، واڳون،
گدڙ، ڪتا، ٻلا، چيتا، شينهن، هاٿي، هرڻ،
گهوڙا،چمڙا، ڀولڙا، باندر - ۽ نيٺ ”ماڻهو“ پيدا
ٿيو!
واقعي انسان ساهوارن جو سردار آهي، جنهن جي عقل ڪئين حيرت جهڙا
ڪم ڪري ڏيکاريا آهن. اڃا ته شروعات آهي؛ شروعات ان
ڪري چيم جو کيس عقل ڪم آڻڻ جي اجازت مس ٻن ٽن سوَن
ورهن کان ملي آهي. ويچاري ”ڪوپرنيڪس“ ظاهر ڪيو هو
ته ”ڌرتي ڦري پيئي“ - ته يورپ جي مذهبي ماهرن چيس
ته ”اهو خيال انجيل جي خلاف آهي، 7 ڪفر ٿو بڪين!“
لاچار کيس توبهه ڪري جان بچائڻي پيئي. هگاڻي ته
ڪڪڙ جي بيضي کي اهڙيءَ طرح لئباريٽريءَ ۾ رکيو
اٿن، جو ٽيهه ورهيه گذري ويا اٿس ته بنا اٽڪ جي
منجهانئس گوشت لاڳيتو ٺهندو اچي - خبر نه آهي ته
ڪٿي اِڍو ڪندو؟ شايد جي قدرت جي رمز استاد سمجهي
ويا، ته آئيندي گوشت لئباريٽريءَ مان وٺبو، نه
ڪاسائيءَ کان!
ڪٿي جيتامڙو، ڪٿي انسان - ڇا مان ڇا ! ڀلا اهو قانون قدرت، جو
ڪروڙ ورهيه هليو آهي، سو هتي بيهي رهندو ڇا؟ ڪهڙو
عجب آهي جو انسان مان ڪا ٻي صورت نسري نروار ٿئي،
جنهن جي اڳيان پاڻ اهڙو ويچارو ۽ عاجز لڳي، جهڙو
سندس اڳيان باندر – انسان کي کلِي چوي ته ”يار، تو
چنڊ تي پهچڻ جون سڌون ٿي ڪيون، پر مان ته مريخ ۽
مشتريءَ تي موجزن آهيان!“ سچ ته انسان پنهنجي عقل
۽ سمجهه سان ڇا ڇا نه ڪيو آهي! هنئر آمريڪا جا
ماهر انهيءَ تياريءَ ۾ آهن ته اهڙو ڪو گولو مٿي
چاڙهجي، جو چنڊ وانگر ڌرتيءَ جي چوڦير ڦرندو رهي!
”همت مردان، مدد خدا.“
باب ٽيون
انسان جو معدنيات، نباتات ۽ حيوانات سان تعلق
اوهان کي پنهنجي پيدائش تي البت تعجب هوندو ته پهرين پٿر
هئاسون، ان مان مٽي ٺهي، پاڻيءَ سان ملي ۽ نرم ٿي؛
پوءِ سج جي ريڊئم پنهنجي شعائي ڪرڻن جي تيج سان
ماٺيڻي مٽيءَ ۾ چرپر پيدا ڪئي، ۽ ساوڪ - گهرڙا
ساهه کڻڻ لڳا- اوائلي سبزيون آهستي آهستي وجود ۾
آيون؛ ايتري ۾ ڪيترا ساوڪ - گهرڙا حالتن موجب مٽجي
سٽجي مائيدار جيو - گهرڙا ٿي پيا، جن مان جيتامڙي
ڪَرَ ساهيا؛ وري ڪيڙن جو وارو آيو ۽ جيت جڙيا....
پوءِ ته بيشمار ترندڙ، هلندڙ ۽ اڏامندڙ جانور
نروار ٿيندي، نيٺ آدم اُسريو.
اُسريو ته سهي، پر اکيون پٽي ته ڇا ڏسي؛ جبل ۽ ماٿريون، وچن جا
ڪڙڪا، طوفان ۽ مينهن، درياهه ۽ سمنڊ، هيبتناڪ
درندا، جهنگل ۽ ٻيلا، اڙدهائون ۽ نانگ، مرض ۽ موت!
وڃي سو وڃي ڪاڏي؛ ڪنهن کان ڇُٽي ، ڪئن بچي؟ وڻن تي
لڙڪي، چُرن ۾ لڪي؟ نه اجهو نه اوٽ! پوءِ ته ڪنهن
سان زور، ڪنهن سان زاري؛ نانگن کي نمي، پاڻي پوڄي،
جبلن کي جهُڪي ، سج کي سجدا ڪري، لکين ورهيه لنگهي
ويا.نيٺ، پنهنجي سمجهه کي ساڻِي ڪري،همٿ ۽ هوش
هلائيندي، ست ئي سمونڊ اُڪري، ڌرتيءَ تي قبضو ڪري
ويو. قدرت به انهيءَ کي نوازيندي ويئي، جو سپاتر
پٽ ثابت ٿيو؛ جنهن ڪوشش ڪري ، هٿ پير هلائي، حقيقت
بين نظر سان مادر زمين کي سنواريو، سنيگاريو ۽
سهڻو ڪيو. اڄ ته علم حقيقت جي ماهرن سڄيءَ دنيا کي
کڻي سوڙهو ڪيو آهي - هڪڙي هنڌ ڳالهاءِ ، ته ساري
دنيا ويٺي ٻڌي! بجلي رات کي ڏينهن ڪيو ڇڏي! سمنڊن
جا ترا ڇا، ته جبلن جون چوٽيون ڇا - هاڻي ته آدم
جون اکيون آهن آسمان تي، عرشين ٿو اڏامي، الائي
ڪٿي اِڍو ڪندو؟
هيءُ ته فقط سندس ”عقل“ آهي، جنهن کيس ٻين جانورن کان ڇني، ڌار
ڪري بيهاريو آهي؛ نه ته جسمي بناوت جي لحاظ کان،
جي انسان 206 هڏا آهن، ته باندر ۾ به اوترائي ۽
ساڳين جاين تي آهن، جن ۾ سواءِ ڊول جي ٻيو ڪو فرق
ڪو نه آهي. وري جي ڏسو ڪيمياوي ساخت کي، ته بنهه
اها، جنهن سان پهرين شروعات ٿي هئي؛ ساڳيو پاڻي،
ساڳيون معدني مٽيءَ واريون شيون – چن، لوهه،
گندرف، فاسفورس، آڪسيجن، هئڊروجن، ڪاربان، وغيره،
وري سندس جياپو به ساڳين مٽيءَ جي شين تي - ان،
ڀاڄيون، ميوا - جن جي وسيلي کيس ضروري معدني جذا،
ڪو ڪٿان ته ڪو ڪٿان، ملندا رهن ٿا.
حيرت ته اها آهي، جو اسان کي بيمارين ۾ به اهي جهونيون جهنگل
جون رفيق جڙيون ٻوٽيون ۽ ٽَڪر جون پٿريون ڪم
اچن!هيءَ ڪا اتفاق جي ڳالهه آهي ڇا، جو اسان کي
سونف ، ڦودنو، بنفشو، گائو زبان، قهربان، مرجان،
موتي، زهر مهرو، فولاد، ٽامو - بيمارين ۾ به فائدو
ٿا ڪن؟ هيءَ ته هڪ ادنيٰ ثابتي آهي ته اهي شيون سڀ
اسان جون اصلوڪيون مٽياڻيون آهن، جي اسان جي هڏ -
رت سان ازال کان ڳنڍيل آهن - ۽ جي ڪا، اسان جي
غفلت ڪري، بدن کي نٿي ملي، ته سندس اوڻائي ڪنهن نه
ڪنهن بيماريءَ جي صورت ۾ دانهن ڪري چِتائي ٿي ته
”خيال ڪر!“ حقيقت اها آهي ته جيڪي به جهان جون
شيون ڏسون ٿا، سي ۽ اسين سڀ هڪڙي ئي ڪٽنب جا ڀاتي
آهيون - هڪڙي اعليَ انسان ۽ گل جي زندگيءَ ۾ ڪو
فرق آهي ڇا؟
مٿي چيوسين ته انسان کي ٻين پنهنجن قريبي مخلوقن کان پنهنجي عقل
جي تفاوت ئي ايترو بلند ڪري بيهاريو آهي، جو کانئن
نرالو پيو لڳي – ان ۾ شڪ ڪو نه آهي؛ پر البت ٿوري
ويچار سان پتو پئجي ويندو ته پنهنجي برادري وارن
جانورن جي خصلتن کان اڃا به حضرت انسان ايترو آجو
ڪو نه ٿيو آهي جو پاڻ کي ٻين کان بنهه ڌار تصور
ڪري سگهي. اسان جون خواهشون، جذبا ۽ افعال ڪيترن
وقتن تي حيوانن جي حد کان پري هرگز ڪو نه هوندا
آهن، بلڪ چٽيءَ طرح ڏيکاريندا آهن ته انسان ۾ اڃا
به هر وحشي حيوان جي لِڇ لڳي پئِي ، ويئي نه آهي!
اهي ڳالهيون سڀ انهيءَ ڪري ڪيم، جو هڪڙو ته اوهان کي پنهنجي
موروثي حقيقتن جي خبر پوي، ۽ ٻيو ته
اوهان جي ذهن نشين ٿئي ته اسين ڪا خودمختيار جنس ڪين آهيون، جو
قدرت جي سرود مان هڪڙي تار ڇني پنهنجو سُر
آلاپيون. آسپاس جي هر شي، بلڪ هوا جي هر جهونڪي جو
اسان جي تن ۽ من تي ايترو اثر آهي، جو جيسين اسان
پنهنجي گرد نواح سان تعلق جو راز نه پروڙيو آهي، ۽
سُر سان سُر نه ملايو آهي، تيسين بدني ۽ دماغي صحت
سالم رهڻ ناممڪن آهي.
ڀلا اچو ته پنهنجي جسم کي ته جاچي ڏسون ته ڇا آهي ۽ ڇا کپيس؟
باب چوٿون
ٻج ۽ ٻار، سندس نسرڻ ۽ ڄمڻ
قدرت هر هڪ جنس جي اکٽ پيدائش جي رمز سندس ”نر - ماد“ ۾ سمائي
آهي - نه رڳو ماڻهن ۽ مرن ۾، پر ٻوٽن ۽ ڀاڄين ۾
به. هر ڪنهن وڻ جي ٻُور يا گل ۾ ڏسبو ته سندس نر -
ماد وارا جزا، ٻُونگر جي صورت ۾، لڳو لڳ نروار نظر
ايندا، جن جي لاڳڙ ٿيڻ سبب مادي جزو ڦَرجي ڦَل جي
صورت وٺي ٿو. وڻ جو ٻوڪجڻ سندس جوانيءَ جو نشان
آهي، ۽ ڦر سندس اولاد. ڪيترين جنسن جي حالت ۾ ته
نر - ماد جا وڻ ئي بنهه ڌار ٿيندا آهن - جئن ته
پپيا، کجور، وغيره. جي باغائي نر کجيءَ جي ٻور مان
ٽاري ڪڍي مادي کجيءَ جي ٻونگر ۾ نه هڻي، نه ته کجي
ڦرجي، نه ڦل رسجي. واجبي اوچائيءَ وارن وڻن جو
ڦرجڻ ته پوپٽن، ماکيءَ جي مکين، ڀونرن ۽ ٻين جيتن
جي وسيلي
شڪل 7. ڪئن نه قدرت، گل تي مک کي موهت ڪري، پنهنجي مراد پوري ٿي
ڪري!
ٿيندو ٿو رهي، جي هڪڙي گل تان اٿي ٻئي تي وهڻ ڪري، نر جزن جي
ٻُوري ٽَنگن تي نيو، مادي جزن ۾ داخل ڪندا ٿا رهن؛
پر ڊگهين کجين جي حالت ۾ ته اهو ڪم ماڻهوءَ کي ئي
ڪرڻو ٿو پوي. ساهوارن جي پيدائش جو دستور به ساڳيو
ئي آهي. ڪيترا اهڙا جيو آهن، جن ۾ نر - ماد جا
عضوا ساڳئي ئي جيت ۾ گڏ موجود هوندا آهن، ته ڪن
وڏن جيتن ۽ جانورن ۾ وري نر ڌار ٿين ته ماديون
ڌار. البت ، جانورن جي حالت ۾ باغائيءَ جي ضرورت
نٿي ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته جوانيءَ جي رونق اچڻ بعد قدرت
خود، نر- ماد کي ڪشش ۾ آڻي، هڪ ٻئي سان ڪٺو ڪري،
پنهنجو ڪم نباڄيندي رهي ٿي. وري جڏهن اولاد پيدا
ڪرڻ جي طاقت پسونءَ توڙي ماڻهوءَ مان هٽِي ، ۽
پوڙهپڻ آيو، ته قدر به کيس انگڙي هنيو، اَهاني
بهاني، زمين دوز ڪيو ڇڏي - وري نئين سنئين، اهڙيءَ
طرح، هر ڪا جنس به قائم رهندي اچي ۽ ڪروڙن ورهين
جي پراڻي دنيا به اڳي کان اڳري، ڄڻ هاڻ سامائي
آهي!
ڀلا اچو ته انسان ذات جي نر - ماد ٻجن سان ڪجهه واقفيت پيدا
ڪريون ، ۽ ڏسون ته منجهانئن ماڻهوءَ جو ٻچڙو ڪئن
ٿو جڙي راس ٿئي؟
ٻار جو بنياد ته ضرور ماءُ جي گرڀ اندر مادري ٻج جي ڦٽڻ ۽ ان جي
ويجهڻ ڪري ٿو سِٽجي:
پر اها ويجهه جي لياقت مادري ٻج کي فقط تڏهن ٿي
پڙپي، جڏهن ساڻس پيءُ جو ٻج ملي جوڙو ٿو جوڙي؛ نه
ته ٿورن ڏينهن ۾ پاڻ به سڙي ناس ٿيو وڃي.
مادري ٻج
Ovum.
زال ذات کي نهائينءَ جي اندر، نرن ۾، هر هڪ پاسي
باداميءَ جيڏي هڪ گلٽي”ٻيجڻيءَ“ (Ovary)
نالي ٿيندي آهي، جنهن ۾ مادري
ٻج جڙندا آهن. مادري ٻج هر مهيني فقط هڪڙو جڙي
راس ٿيندو آهي، جو واري سان، هڪڙي مهيني سڄي پاسي
واريءَ ٻيجڻيءَ مان، ته ٻئي مهيني کاٻيءَ مان،
نڪري اچي گرڀ وٽ سهڙندو آهي
هاڻي جي اتي پيءُ جو ٻج اچي ساڻس مليو، ۽ جوڙو
(Zygote)
جڙيو ، ته ٻار ٺهه ٺپ ٺهڻ شروع ٿي ويندو، نه ته
وري ٻئي ڀيري.
مادري ٻج سنهي ريتيءَ جي ڪڻي جيترو ٿيندو آهي، جو ظاهر ڏسي
سگهبو، پر سندس اندرين جزن جي ترتيب باريڪ - بين
جي مدد کانس واءِ پروڙي ڪين سگهبي. باريڪ - بين
سان ، مادري ٻج به جيو - گهرڙي وانگر ساڳين ٽن
ڀاڱن جو جڙيل نظر ايندو:
(1) ٻج جو ٻاهريون پردو؛ (2) ڳر، جا ڪڪڙ جي بيضي
جي زرديءَ جهڙن ذرڙن سان ڀرپور ڏسبي؛ ۽ (3) ڳڀ، جو
ٻج جو مکيه جزو آهي، ان کي ٻج جو راکو چئجي ته به
ٺهي. ٻج جي خورش ۽ صحت، وڌڻ ۽ ويجهڻ - سڀ ڳڀ جي
طاقت سان ٻڌل آهي؛ جي ڳڀ کي ڪو نقصان رسيو، ته ٻج
به سڙي ويندو.
نر ٻج
Spermatozoonهي
مرد جي آنورن ۾ پيدا ٿيندا آهن، ۽ مادي ٻج جي
نسبت ۾ کانئس نهايت نفيس ۽ سنهڙا هوندا آهن، ايتري
قدر جو باريڪ - بين سان به وار جهڙا ڏسبا؛ سندن
مٿو چپترو ۽ چهنبارو ٿيندو آهي، جو چمچي وانگر،
سامهون ويڪرو ڏسبو ته پاسيرو بنهه ڏنِگڙيءَ ليڪ
وانگر. آنوري مان نڪتل رطوبت کي ”ڌات“ چئبو آهي،
جنهن ۾ ٻج ڳچ وقت تازا توانا رهي سگهندا آهن.
نڪرڻ شرط هر ڪو ٻج، مادري ٻج سان ملڻ جي ڳولا ۾،
پنهنجي سنهڙي پُڇ تي اسڪروءَ وانگر ڦيرا ڏيندو،
هلندو رهندو آهي. جيسين وڃي مادري ٻج کي ڳولي هٿ
ڪري، يا هلندي ئي پورو ٿئي.
مادري ٻج کي ملڻ به ڪو سولو ڪم ڪو نه آهي:
ڪي ٻجڪ ڪمزوريءَ سبب جلد ئي ٿڪجي پوندا، ڪن کي
پورو رستو هٿ نه ايندو؛ فقط ڪو سگهو وڃي پهچندو.
سندس رفتار به ڪا گهڻي ڪا نه آهي؛ منٽ ۾ هڪ يا ٻه
مليميٽر مس ٿيندي. ان ڪري، نر ٻج لکن جي تعداد ۾
نڪرندا آهن، جئن ڪو نه ڪو وڃي مادري ٻج کي پهچي ۽
قدرت جو مقصد پورو ڪري.
اڃا نر ٻج اچي مادي ٻج سان ٽَڪرو کاڌو، ته هڪدم سندس چهنبارو
مٿو مادي ٻج جي ڳر ۾ لنگهي پوندو، ۽ جلد ئي ٻئي
ملي هڪ ٿي ويندا ان کي ”جهڳٽ“
(Zygote)چئبو
آهي.پوءِ ته انهيءَ جهڳٽ ۾ ويجهڻ جي طاقت ڪا ايتري
ٿي ٿئي، جنهن جي حد ڪانهي:
کن ۾ مادي ٻج ڦٽي ٻه اڌ ٿي پوندو؛ ٻن مان چار، چئن
مان اٺ - سورهن،
شڪل 9. جهُڳٽ ٺهڻ کان پوءِ مادي ٻج جي ويجهه
ٻٽيهه، چوهٺ ٿي، هڪڙو جيو - گهرڙن جو بال ٺهي پوندو ۽ ڀڪيڙجڻ
ڪري منجهانئن پاڻي سمي وچ ۾ ڀرجي ايندو ، جنهن مان
نيٺ کاڌي جي نالي جڙي ٿي. پوءِ ٿئي گهرڙن جي ورڇ:
ڪِن مان گوشت ٺهي ته ڪن مان
هڏا، ڪي جيرو ٺاهين ته ڪي بڪيون.... جيسين سارو
ٻار جڙي راس ٿئي.
شڪل 10 . پيٽ ۾ ٻار جو اُپجڻ
ٻار کي سراسري 280 ڏينهن ماءُ جي پيٽ ۾ لڳندا آهن، ۽ ڄمڻ تائين
سندس تور ٽن کان چئن سيرن تائين ٿي ويندي آهي. |