منھنجي ماءُ خوش ٿيندي مرڪيو ۽ مون بھ دل ۾ سوچيو
تھ مڙيئي خير آھي جيستائين محنت جو سوال آھي اھا
تھ آئون بيشڪ تمام گھڻي ڪندس.
1916ع،
جڏھن آئون نون سالن جو ٿيس تھ منھنجي غريب ماءُ
گذاري وئي. ٻئي سال چين ۾ اھڙي تھ خطرناڪ وبا پکڙي
جو منھنجو پيءُ بھ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ھو
فقط چاليھھ سالن جو ھو. منھنجي سار سنڀال لھڻ لاءِ
ڪير بھ نھ ھو. مونکي فقط ھڪ ڀاءُ ھو جيڪو مونکان
بھ ٻھ سال ننڍو ھو. مون پنھنجي پيءُ جي سوٽ جي
ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر مونکي مزو نھ آيو. سو
آئون بابا جي ڳالھھ تي غور ڪرڻ لڳس-
"پٽ،
اھڙي جاءِ جي ڳولا ۾ رھجانءِ جتي پاڻي اڻ ميو ھجي".
مونکي ڌيان ۾ آيو تھ اسانجي ڳوٺ کان پنج ڇھھ ميل
پري واري ڳوٺ ۾ منھنجي ڏاڏي جي ھڪ ڀيڻ جيڪا مسٽر
تي
(Tay)
جي زال آھي، رھي ٿي. ھو تمام
گھڻو شاھوڪار ھئا ۽ ھنن کي رھڻ لاءِ ھڪ سھڻو گھر
ھو. منھنجي ڏاڏي جي ھن ڀيڻ جي مڙس تي لئان چئان
(Tay Lian Chuan)
۽ سندس پٽ کي ھڪ بيڪري شاپ ھو. سو آئون ھنن سان
ملڻ ويس ۽ مونکي ھنن خوشيءَ سان پاڻ وٽ ڪم لاءِ
رکيو. مون ڪجھھ وقت ھنن جو نوڪر ٿي ڪم ڪيو پر
مونکي اتي بھ مزو نھ آيو ڇو جو اھا جاءِ ڪو ٻيٽ نھ
ھو. ھڪ ڏينھن منھنجي سوٽ مونکي چيو تھ ھن جي
مڱينديءَ جي پيءُ کي ھانگ ڪانگ ۾ ھڪ سيڌي جو دڪان
آھي. مون چيو مانس:
"يار!
ھو مونکي پنھنجي دڪان تي نوڪر ڪري رکندو؟ تون
معلوم تھ ڪر، ٿي سگھي ٿو ھن کي ڪم واري جي ضرورت
ھجي".
ڪجھھ عرصي بعد ھن مونکي خوشخبري ٻڌائي ۽ آئون نڪري
پيس. مون پنھنجي سوٽ جو گھر ڇڏيو ۽ سواتو شھر ڏي
روانو ٿيس جتان پوءِ آگبوٽ
(Steam Ship)
ذريعي ھانگ ڪانگ پھتس. ھانگ
ڪانگ پھچڻ سان آئون ڪم ۾ جنبي ويس. نھ ڏٺم ٿي
ڏينھن نھ رات. مون ٻن سالن تائين بنا پگھار جي ڪم
ڪيو. مون کي فقط کاڌو ۽ رھائش ملي ٿي ۽ سال ۾ ھڪ
دفعو انگ پائو (خرچي). روز صبح جو مونکي ٻارڻ لاءِ
ڪاٺيون ۽ ڇوڏا ڪري اچڻو پيو ٿي ۽ پوءِ ويھھ ويھھ
پنجويھھ پنجويھھ ڪيٽي وزن جون چانورن جو ڳوڻيون
مختلف گھرن ۾ پھچائڻيون پونديون ھيون ۽ انھن کان
پئسا پڻ اوڳارڻا پوندا ھئا. ڪي ڪي گھر تھ ٻي يا ٽي
ماڙ تي ھوندا ھئا.
آئون تمام خوش ھوس. مونکي اھو سوچي خوشي ٿي، تھ
آئون محنت ڪري پنھنجي باس کي پئسو ڪمائڻ ۾ مدد ڪري
رھيو آھيان. مون سڄي دڪان کي ٻھاري ڏئي ڇنڊيو
ڦوڪيو ٿي ۽ سڄي گھر لاءِ ڳنڌڻ ماني ٺاھي ٿي. پھرين
آئون فقط ڀت رڌيندو ھوس، ان بعد مڇي ۽ ڀاڄيون بھ
رڌڻ لڳس. نيرن تي اسين چانورن جي رٻ، چونئرن ۽
لوڻاٺيل ڀاڄيءَ سان کائيندا ھئاسين. انگريزن جي
حڪومت ڪري ھانگ ڪانگ وري بھ چين کان سکيو ستابو ھو
پر تڏھن بھ ماڻھو ايڏا خوشحال نھ ھئا، غربت گھڻي
ھئي. اسان وٽ پيئڻ لاءِ ڪافي نھ ھئي. فقط چيني
چانھھ ھئي، سا بھ ڪڏھن ڪڏھن پيئڻ لاءِ ملندي ھئي ۽
جڏھن جڏھن ڪنھن کي ملي ويندي ھئي يا خريد ڪري
سگھندو ھو تھ خوشيءَ سان پيئندو ھو.
ھر ھڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ آتو ھوس
ھانگ ڪانگ اچڻ کان اڳ مونکي فقط ٽيوچو زبان آئي
ٿي. ھانگ ڪانگ ۾ ڪئنٽوني زبان ھلي ٿي ۽ آئون جلد
سکي ويس. ھڪ ڏينھن
"تي
جو چيانگ"
(Tay Joo Chiang)،
جيڪو چين ۾ منھنجي سوٽ جي بيڪري شاپ تي اڪائونٽنٽ
ھو، اسان سان ملڻ آيو. ھو سنگاپور جي ھڪ ڪمپني
‘Kian Guan Chan’
۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اوڏانھن وڃي رھيو ھو. ان ڪمپنيءَ جو
مالڪ اوئي تيانگ ھام ھو جيڪو سنگاپور ۽ باتاويا
(جڪارتا) جو مشھور کنڊ جو بادشاھھ
(Sugar King)
ھو. مسٽر تي کي خبر ھئي تھ
آئون محنتي ڇوڪرو آھيان ۽ مونکي وڌڻ ويجھڻ جو شوق
آھي سو مونکي چيو:
"
ڪر خبر، سنگاپور ھلڻ جو ارادو
اٿئي؟"
ھانگ ڪانگ ۾ مونکي پگھار نٿي مليو. رڳو انگ پائو
(خرچي ۽ بخشش) ٿي ملي. سو مون سوچيو تھ ڇو نھ
ھلجي. مون مسٽر تي کي ٻڌايو تھ ھن وقت مون وٽ
ڀاڙي جا پئسا نھ آھن. جيئن ئي گڏ ڪندس تھ سنگاپور
تو وٽ اچي نڪرندس.
ان ساڳي سال،
1920ع
۾ منھنجي پيءُ جو ھڪ سؤٽ، جنھن کي آئون چاچو
سڏيندو ھوس بئنڪاڪ ۾ رھيو ٿي، ھانگ ڪانگ گھمڻ آيو
۽ واپس وڃڻ وقت مونکي بھ ھلڻ لاءِ چيو. مون
چيومانس تھ آئون سيام (ٿائلنڊ) ھلڻ بدران رستي تي
سنگاپور ۾ لھڻ پسند ڪندس. مون وٽ ڏھھ ھانگ ڪانگ جا
ڊالر ھئا جن مان پنجاھھ سينٽ ( اڌ ڊالر) پاڻ وٽ
رکيم باقي ٻيا پنھنجي چاچي کي ڏنم. سامونڊي سفر
لاءِ اسان ھڪ پراڻي ھزار ٽن جي آگبوٽ ۾ ڊيڪ
پئسينجرن جي حيثيت سان اٺن نون ڏينھن جي سفر لاءِ
سوار ٿياسين. ڊيڪ پئسينجرن لاءِ ڪمرا نھ پر گدام
ھئا جن ۾ اسان ائين سٿيل ھئاسين جيئن سارڊين مڇيون
دٻيءَ ۾ ھونديون آھن. ھيترن مسافرن لاءِ فقط ھڪ
ڪاڪوس ھو.
چوڏھن سالن جي ڄمار ۾ آئون سنگاپور پھتس. منھنجا
ھٿ ۽ کيسا خالي ھئا. جسم تي گنجي ۽ چڍي ھئي. اسان
آگبوٽ مان لھي سمپان (ڪاٺ جي چپن تي ھلندڙ ٻيڙي
جنھن ۾ چار پنج ماڻھو ويھي سگھن) ۾ چڙھياسين جنھن
نديءَ جي منھن وٽان ٿي رور وئلي روڊ وٽ ڌڪين تي
اچي ڇڏيو. سمپان مان لھي ڌڪيون چڙھي مٿي نديءَ جي
ڪناري تي اچي بيٺاسين يعني
River Valley
روڊ تي، جتي ڪيترائي رڪشا وارا
موجود ھئا. منھنجي ۽ چاچي جي کيسي ۾ ڀاڙي لاءِ ڏھھ
سينٽ بھ نھ ھئا سو اسان پنڌ ئي پنڌ ڀاڄين جي ھڪ
فارم ۾ آياسين جيڪو منھنجي چاچي جي ڪنھن واقف ڪار
جو ھو. ٻئي ڏينھن اسان مسٽر تي
(Tay)کي
ڳولي ھٿ ڪيو. ھن کي سوچيو بھ نھ ھو تھ آئون ڪو
ھتان اچي نڪرندس سو مونکي ڏسي ھن تعجب لڳو. ھن
اسان کي ماني ھلي کارائي.
"سڀان
سوير مون وٽ ھليو اچجانءِ"
ھن مونکي چيو. ھن مونکي
"ڪـِـيان
ٿائي شاپ"
تي نوڪري وٺرائي ڏني جيڪو مسٽر
"تي
وو سينگ"
جو ھو ۽ رابنسن روڊ تي
62
نمبر دڪان ھو. اٽڪل
40
کن ماڻھن ان دڪان ۾ ڪم ڪيو ٿي.
"چڱو
نوجوان،"
مسٽر تي چيو، آئون توکي ڪم تي
رکان ٿو پر وعدو ڪر تھ دل لڳائي محنت ڪندين."
مون جواب ڏنو:
"ھائو.
ضرور سائين."
تي وو سينگ تمام سٺو ماڻھو ھو. ھن گوتم ٻڌ جي پوڄا
ڪئي ٿي ۽ ٻڌ بکشوئن کي دل وٽان خيرات ڏنو ٿي. ھن
جو ڌنڌو جھازن کي سامان سپلاءِ ڪرڻ ھو. ھن جھاز ۽
جھازين جي ضرورت جي ھر شيءَ سپلاءِ ڪئي ٿي- کاڌي
پيتي جي شين کان وٺي سڙھن، لنگرن ۽ کوھن جو سامان.
ڪوڪن ڪلين ۽ رسين لالٽينن کان ڀاڄيون ڀتيون ۽ ميوا
شراب. ۽ آئون ھر ڪم ڪندو رھيس- ٻھاري ڏيڻ، ڇنڊ ڦوڪ
ڪرڻ، ڍڳي گاڏين تي آيل سامان لھرائڻ، جھازن تي
موڪلڻ جو سامان پئڪ ڪرڻ. مختلف دٻيون ۽ شيشا شيشي
جي ڪٻٽن ۾ ٺاھي رکڻ. جنھن وقت بھ ڪو اھڙو ڪم نظر
آيو ٿي جيڪو آئون ڪري سگھيس ٿي، ان کي ان ئي وقت
پورو ڪيم ٿي. ھر ھڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ آتو رھيس ٿي.
تڪڙين پروموشنن ٻين جي دل
۾ ساڙ پئدا ڪيو
ھڪ مھني جي نوڪريءَ بعد، منھنجي باس مونکي چيو تھ
ھو مونکي ھر مھني ڏھھ ڊالر پگھار طور ڏيندو. آئون
بيحد خوش ھوس. سال پوري ٿيڻ تي انگ پائو طور ويھھ
ڊالر ملڻ تي پڻ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي مون ڪجھھ پئسا
پنھنجي ننڍي ڀاءُ ڏي چين موڪليا، ڪجھھ پئسن جا
ڪپڙا ورتا، باقي بچائي رکيم. آئون دڪان جي ٻي ماڙ
تي ستس ٿي، ۽ ڏينھن ۾ ٽي دفعا ماني ملي ٿي ۽ وار
ڪترائن لاءِ بھ پئسا مليا ٿي. صبح جو ستين بجي ئي
اٿي ڪم ۾ لڳي ويندا ھئاسين ۽ شام جو ڇھين بجي موڪل
ڪندا ھئاسين. آچر ڏينھن بھ اھائي روٽين رھندي ھئي.
سڄي سال ۾ موڪل جو فقط ھڪ ڏينھن آيو ٿي- اھو ھو
چينين جي نئين سال شروع ٿيڻ وارو پھريون ڏينھن.
سال پورو ٿيڻ تي منھنجي باس ٻڌايو تھ ھو منھنجو
پگھار ٻيڻو ڪري رھيو آھي. ”ڇو ٿا مونکي کاريو؟“
مون چيو.
”آئون توکي کاري نھ رھيو آھيان.“ ھن وراڻيو ”اھو
ان ڪري ٻيڻو ڪري رھيو آھيان جو تون تمام گھڻو ڪم
ڪرين ٿو. آئون توکي ڏيتي ليتيءَ جو ھنر
سيکاريندس.“
اھڙي طرح مون نھ فقط گھڻي کان گھڻو ڪم ڪيو ٿي پر
واپار ۽ پئسي جي ڏي وٺ پڻ سکندو رھيس. منھنجي وي
سيانگ ھاڪ نالي ھڪ چيني ڇوڪري سان دوستي ٿي وئي
جيڪو ڀر واري گھر ۾ رھيو ٿي. جيئن تھ ھو اسڪول ويو
ٿي ان ڪري آئون ھن کي مسٽر وي ڪري سڏيندو ھوس. ھڪ
ڏينھن مون ھن کي چيو:
"مسٽر
وي، مون کي انگريزي سيکاريندين؟"
ھن رضامندي ڏيکاري ۽ ٻئي ڏينھن کان ھو روزانو ڪلاڪ
ٻھ مونکي انگريزي سيکارڻ لڳو.
رابنسن روڊ جي ھن دڪان
"ڪيان
ٿاءِ شاپ"
تي ٻھ سال ڪم پورو ڪرڻ تي مون
وٽ ايترو پئسو ٿيو جو مون نوان بوٽ وٺي پاتا ۽
پھرين سال کان وڌيڪ بچايو. مون ڪيترائي دوست
ٺاھيا. ڪڏھن ڪڏھن آئون مسٽر وي سان گڏ فلم ڏسڻ
لاءِ سئنيما ويندو ھوس ۽ ھميشھ ھن جي ٽڪيٽ آئون
ڀريندو ھوس ڇو جو ھو مونکان ڪڏھن بھ ٽيوشن جا پئسا
نھ وٺندو ھو. ان سال مون
200
کن ڊالر ڪمايا. جڏھن آئون
سورھن سالن جو ٿيس تھ مونکي
"اسسٽنٽ
شپنگ ڪلارڪ"
مقرر ڪيو ويو. ان پروموشن سان
گڏ منھنجو پگھار بھ ٻيڻو ڪيو ويو. مونکي جھاز تي
وڃي گھربل شين جو آرڊر وٺي اچڻو پوندو ھو. مونکي
ھاڻ ايتري انگريزي آئي ٿي جو شين جي لسٽ ٺاھي
سگھان. ڪڏھن ڪڏھن تھ يڪي سؤ کن شين جي لسٽ ھوندي
ھئي. دٻن ۾ پئڪ ٿيل شيون، شراب، بيئر، بسڪيٽ، کاڄا
چونئرا، ٽوال، صابڻ، مشينن جا اسپيئر پارٽ وغيره
وغيره. منھنجي باس چيو:
"تون
ايترو ئي سٺو آھين جيترو ٿيڻ کپي. مونکي توکي
ايترو پگھار ڏيڻ کپي جيتري جو تون لائق آھين."
1923ع
۾ مونکي ترقي ڏئي
"شپنگ
ڪلارڪ"
ٺاھيو ويو. مونکي ھاڻ ايتري تھ
انگريزي آئي ٿي جو مختلف شين جا بل ۽ رسيدون وغيره
ٺاھي سگھيس ٿي. آئون آفيسر ٿيڻ جي باوجود پنھنجي
ماتحت عملي سان ملندو رھيس. ڪنھن مزور کي سامان
کڻائڻ ۾ بھ مون عار نٿي محسوس ڪيو. جھاز تي سامان
چاڙھڻ وقت قلين کي کڻائڻ ۾ مدد ڪندو ھوس. آئون
40
ڪيٽي چانور جي ڳوڻ يا برف جو
بلاڪ کڻي سگھيس ٿي. ان سال بونس سميت منھنجي پگھار
1040
ڊالر ٿيو. انھن پئسن مان مون
900
ڊالر بچائي رکيا. مونکي اسسٽنٽ
مئنيجر بنايو ويو. ايندڙ مال جو آئون انچارج ھوس ۽
مون کي مارڪيٽ جي اگھھ پار تي نظر رکڻي پئي ٿي ۽
پوءِ مارڪيٽ جي جائزي ۽ پنھنجي تجربي موجب مال جي
خريدارن ۽ امپورٽ جو ڌنڌو ڪرڻو پيو ٿي. مونکي
ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين جي مئنيجرن سان ملڻو پيو
ٿي. انھن ڪمپنين مان ڪجھھ ھيون: بواسٽيڊ، گٿري،
رابنس ۽ جان لٽل. سن
1925ع
۾ جڏھن آئون
19
سالن جو ٿيس تھ مون ڪجھھ وقت
ڪميونٽي جي ڪمن کي ڏيڻ شروع ڪيو. ان سال مون
2340
ڊالر ڪمايا جن مان پورا
2000
ڊالر بچايا.
منھنجين انھن تڪڙين پروموشنن ٻين جي دلين ۾ ساڙ
پئدا ڪيو. پئسو بچائڻ ڪري ڪي مونکي ڪنجوس سڏڻ لڳا.
پر ساڳي وقت ضرورتن کان مجبور ٿي مونکان اوڌر بھ
وٺڻ لڳا ۽ پوءِ مونسان ضد ۽ زنگ ڇڏي ٿي ڏنائون.
ڪيترن تھ اوڌر واپس بھ نٿي ڪئي. ھڪ وقت اھڙو اچي
ويو جو دڪان ۾ ڪم ڪندڙن ۾ اڌ کان وڌيڪ منھنجا قرضي
ھئا.
سنگاپور جي فوجي اڏن جا ٺيڪا
اسانکي ملڻ لڳا
ويھن سالن جو ٿي مون شادي ڪئي. ان وقت جي ماءُ
پيءُ کي ھر وقت اھا اؤن ھوندي ھئي تھ پٽڙا شادي ڪن
تھ پوٽا پوٽيون ڏسون. منھنجي چاچي ٻڌايو تھ منھنجي
پيءُ منھنجي شاديءَ جي جوابداري ھن کي سونپي آھي ۽
ھو ان ڪم لاءِ چين مان ڪا ڪنوار ڳولڻ چاھي ٿو.
"چاچا،
مھرباني ڪري اھو ڪم منھنجي حوالي ڪريو. آئون پاڻھي
پنھنجي لاءِ ڪنوار ڳوليندس."
مون ان بابت پنھنجي دوست وي
سيانگ ھاڪ (جنھن مونکي انگريزي سيکاري ھئي) جي ڀيڻ
سان ڳالھھ چوري. ھن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا ڪي موقعا
نھ مليا ھئا پر ٻين ڳالھين ۾ تمام سگھڙ ھئي. مون
پنھنجي چاچي کي ھن سان ملڻ لاءِ موڪليو جنھن کي
ڇوڪري پسند آئي ۽ اسانجي شاديءَ لاءِ راضي ٿي ويو.
شادي تمام سادي نموني سان رچائي وئي. اسان پنھنجي
سس سان پيرين پئي ملياسين ۽ وات مٺو ڪيوسين ۽ ٻيو
مڙيئي خير. اسان پنھنجي رھڻ لاءِ ھڪڙو ڪمرو مسواڙ
تي ورتو. ان ڪمري لاءِ جنھن فرنيچر جي مونکي ضرورت
ھئي ان جي اسڪيچ ٺاھيم ۽ شنگھائيءَ جي ھڪ واڍي کان
ٺھرائي ورتم.
انھن ڏينھن ۾ منھنجي پنھنجي مئنيجر سان کٽ پٽ ٿي
پيئي جيڪو عمر ۾ مونکان پنج سال وڏو ھو. مون ڏٺو
تھ واپار جي معاملي ۾ ھو پراڻائي طريقا استعمال
ڪري رھيو ھو ۽ ھن منھنجي ڪابھ صلاح نٿي ورتي. باس
چيو تھ ھاڻ ڳالھھ ھيءَ آھي جو مئنيجر مون وٽ توکان
وڌيڪ رھيو آھي، ان ڪري بھتر اھو ٿيندو تھ تون ڇڏي
وڃ. ھن مونکي ھڪ ھزار ڊالر وڌيڪ ڏنا. ھن ڀلي ڀت
سمجھيو ٿي تھ آئون ڌار رھي بھ اڪيلي سر گذارو ڪري
ويندس ۽ ٻيو تھ انھن ڏينھن ۾ منھنجي باس سمورو ڪم
مئنيجر حوالي ڪري ڇڏيو ھو ۽ پاڻ
"ڪانگ
ميانگ سان"
وارو مندر ٺھرائڻ ۾ مشغول رھيو
ٿي جنھن لاءِ ھن رنگون (برما) مان گوتم ٻڌ جا ٽي
وڏا مجسما گھرايا ھئا.
مون
5000
ڊالرن جي مور سان
‘Asian Ship Chandler’
نالي ڪمپني شروع ڪئي. ھڪ آئون
پاڻ ھوس ۽ ٻيو ھڪ ڪلارڪ رکيم. آئون اڪيلي سر جھازن
تي وڃي سامان لاءِ آرڊر وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. پر
منھنجي سيڙپ تمام گھٽ ھئي. ان ڪري مون پنھنجي ھڪ
دوست کي پاڻ سان شامل ڪيو جيڪو ھڪ ٻي ڪمپنيءَ جو
اسسٽنٽ مئنيجر ھو. گھڻيئي محنت ڪئيسين پر افسوس جو
اسانجي ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو. بھر حال مونکي
ڪو گھڻو ڏک نھ ٿيو جو مونکي ڌنڌي جي ڄاڻ ۽ تجربو
ھو. ٿوري ئي عرصي ۾ ھڪ ٻي فرم ۾، منھنجو لڳايل
پئسو وڌي
12000ڊالر
ٿي ويو. ان بعد وري مون پنھنجي مٿئين دوست (جنھن
جو نالو
"ھائو
وانگ ھانگ"
ھو) کي پاڻ سان شامل ڪري ڪمپني
ٺاھي ۽ جيئن تھ مونکي انگريزي آئي ٿي ان ڪري
منھنجي
60
سيڪڙو حصيدراي رھي. ان ڪمپنيءَ
جو نالو
"
واھھ ھـِـن ائنڊ ڪمپني"
رکيوسين. واھ
(WAH)
معني چين ۽ ھن
(Hin)
معنيٰ خوشحالي. اھو
1929ع
جو سال ھو ۽ آئون
23
ورھين جو ٿي چڪو ھوس. اسان
رابنس روڊ تي ٻھ دڪان وٺي انھن جي سٺي نموني مرمت
ڪرائي ھڪ ماڊرن قسم جا اسٽور روم کوليا. منھنجي
ڄاڻ سڃاڻ ھجڻ ڪري اسان جي
"واھ
ھـِـن ائنڊ ڪمپنيءَ"
کي وڏين وڏين ڪمپنين ۽ ڪارخانن
کان ڪريڊٽ ملڻ لڳو. مسٽر ھائو (مون وارو دوست) ۽
آئون سٺي نموني ڪم ڪندا رھياسين.
1929ع
کان وٺي
1941ع
تائين اسان جي ڪمپني
"واھ
ھـِـن ائنڊ ڪمپني"
لڳاتار وڌندي ويجھندي رھي
جيتوڻيڪ وچ وچ ۾ ڌنڌي ۾ موڳائپ بھ آئي ٿي. اسان
برطانيھ جي نيوي ۽ آرميءَ کي راشن پاڻي سپلاءِ ڪيو
ٿي. سنگاپور ۾ فوجين جون ڪيتريون ئي ڇانوڻيون ۽
اڏا ٺھي رھيا ھئا جن جا ڪيترائي ٺيڪا اسانکي ملڻ
لڳا. برٽش وارن اسان کي ڀروسي جوڳو ۽ سستي اگھھ
وارو مڃيو ٿي ۽ ھائو ۽ منھنجو اھو ئي اصول ھو تھ
فائدو گھٽ رکجي جيئن گراھڪي وڌي. ڪڏھن ڪڏھن تھ
اسان کي اھي ٽينڊر بھ ملي ويا ٿي جن ۾ اسان ڪجھھ
وڏا اگھھ پيش ڪيا ٿي. اھو ان ڪري جو اسان سٺو مال
سپلاءِ ڪيو ٿي ۽ وقت تي پھچايو ٿي ۽ مليٽري وارن
انھن سان وڌيڪ ڏيتي ليتي رکڻ چاھي ٿي جن سان ھنن
جي پھرين کان سڃاڻپ ٿي وئي ٿي
جپانين جو سنگاپور تي حملو
اڳتي ھلي اسان پنھنجي ڪمپني
"واھ
ھن ائنڊ ڪمپنيءَ"
جون ڪجھھ شاخون ٺاھيونسين، جن
جو ڪم دٻن ۾ پئڪ کاڌو ۽ ميوو امپورٽ ڪرڻ ھو.
مليٽريءَ جا ٺيڪا ھجڻ ڪري اسان ولايت مان ھزارين
کوکا سامان جا گھرايا ٿي ۽ اسان جو ھول سيل وارن
سان بھ مقابلو ھوندو ھو. ھول سيل جو واپاري بھ اھو
آئٽم ايتري گھٽ قيمت ۾ ڏئي نٿي سگھيو جنھن ۾ اسان
ريزڪيءَ ۾ سپلاءِ ڪيو ٿي. اسان پنھنجي ڪمپنيءَ جون
شاخون ڪوالالمپور، پينانگ، اپوح ۽ ملايا جي ٻين
شھرن ۾ بھ کوليون. مون ھڪ عليءَ نالي ملئي ڊرائيور
رکيو جيڪو منھنجي عمر جو ٿيندو مھني جا ڏھھ ڏينھن
کن اسانجا
Oldsmobile
گاڏيءَ ۾ رستي تي گذرندا ھئا.
ھڪ ڏينھن اسانجي گاڏي رستو ٽپندڙ نانگ مٿان چڙھي
وئي. اسان گاڏي بيھاري مئل نانگ کي ڏسي رھيا
ھئاسين تھ مونکي عجيب ڌپ محسوس ٿي. جھڙو کڻي مٿي
ڏسان تھ ھڪ وڏو واگھھ
(tiger)
بيٺو ھو. زندگيءَ ۾ ھي پھريون دفعو ھو جو مون
ٽائيگر ڏٺو. اسان شيشا مٿي ڪري وٺي زور زور سان
ھارن وڄايو ۽ واگھھ جنگل ۾ غائب ٿي ويو.
اسانجي ڪمپنيءَ
"واھ
ھـِن ائنڊ ڪمپنيءَ"
مسواڙ جا دڪان ڇڏي پنھنجي
عمارت خريد ڪئي. اھو ائين ٿيو تھ رابنسن روڊ وارو
62
نمبر دڪان جيڪو منھنجي باس جو
ھو، جنھن ۾ مون ڪم جي شروعات ڪئي ھئي، باس جي مري
وڃڻ بعد ھاڻ ان دڪان جي وڪري لاءِ اعلان ڪيو ويو
ھو. اسان جا دڪان ننڍڙا ۽ گرائونڊ فلور تي ھئا.
سنگاپور ۾ نھ فقط چينين جا دڪان، آفيسون، اسٽور
روم ۽ گدام ھئا پر انڊين ۽ يورپين جا پڻ ھئا. اسان
چينين ۽ انڊين کان يورپين جا دڪان وڏا ۽ ماڊرن
ھئا. سو مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي چيو: ڏس، چائو،
جڏھن يورپي ڪري سگھن ٿا تھ ڇو نھ اسين؟ واھ ھـِن
ائنڊ ڪمپنيءَ جي ڏھين ورسيءَ تي اسان نئين ورتل
جاءِ ۾ شفٽ ٿياسين. مون سنگاپور جي وڏن واپارين ۽
دوستن کي ڪاڪٽيل پارٽي ڏني. اسانجي پھرين
سنگاپورين ڪمپني ھئي جنھن ايڏي پئماني تي دعوت
ڪئي. آئون پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي چين مان وٺي آيس.
ان ۾ ڪو گھڻو وقت نھ لڳو جو آئون ڪامياب ماڻھو
سڏجڻ لڳس. سنگاپور جي
"پروويزن
ائنڊ وائين ائسوسيئيشن"
جو مونکي اڳواڻ بنايو ويو. مون
خير جي ڪمن ۾ خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. پنھنجي
ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿي ڪيم- خاص ڪري غريبن
جي تعليم لاءِ. چيني ٻارن لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾
داخلا حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ھو سو مون جھڙن واپارين
سنگاپور جي چيني اسڪولن جو خرچ برداشت ڪيو ٿي.
1941ع
۾
34
ورھن جي ڄمار ۾ مونکي
"چائنيز
چئمبر آف ڪامرس"
جو صدر ٺاھيو ويو. ھيستائين
جيڪي صدر چونڊيا ويا ھئا انھن ۾ آئون ننڍي ۾ ننڍو
ھوس. مونکي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ٿيو. پنھنجي
ڪمپني
"واھ
ھـِن"
۾ ڏھين تائين ڪم ڪرڻ بعد روزانو چئمبر ۾ ويندو ھوس
۽ ٽپھري ڌاري موٽندو ھوس. ڪجھھ ھن قسم جو سسٽم
ٺاھيو ويو ھو تھ چئمبر جي صدارت جو واري وٽيءَ تي
چين جي مختلف صوبن جي ماڻھن کي موقعو ڏنو وڃي.
آئون ٽيوچو ڳالھائڻ وارو چيني ھوس، مونکان اڳ
ھوڪين ڳالھائڻ وارو
"لي
ڪانگ چيان"
ھو جيڪو سنگاپور جو
"رٻڙ
ڪنگ"
سڏيو ويو ٿي. اھڙي طرح نائب
صدر بھ مختلف چيني ڪميونٽي يا صوبي جو چونڊيو ويو
ٿي.
انھن ڏينھن ۾ چئمبر جي صدر کي وڏي ڳالھھ سمجھيو
ويو ٿي، ۽ جيڪو بھ ٿيو ٿي تھ ھن کي وقت ۽ پئسي جي
قرباني ڏيڻي پيئي ٿي. چئمبر طرفان
"نانينگ
سيانگ پائو"
نالي اخبار پڻ ڪڍڻي پيئي ٿي.
چئمبر جو صدر ھجڻ ڪري ماڻھن منھنجي ھر قسم جي مدد
ڪئي ٿي. منھنجو ڌنڌو ھر روز وڌندو ئي رھيو، وڌندو
ئي رھيو ۽ پوءِ،
8
ڊسمبر تي، جپانين جي ھوائي
جھازن سنگاپور مٿان بم ڪيرايا.
آسٽريليا ۾ مونکي ڪو ڍنگ
جو ڪم نھ سجھيو
سنگاپور ۾ بم ڪيرائڻ بعد، جپانين في الحال سنگاپور
کي ڇڏي ملايا جو رخ رکيو. سال1942
شروع ٿيو جپانين ھوائي حملا
وري شروع ڪيا. رستي ويندي جيئن ئي الارم وڳو ٿي
يا ھوائي جھاز جا آواز ٻڌاسين ٿي تھ ڪار مان لھي،
آئون ۽ ڊرائيور ڊرين جي پائيپن ۾ لڪي وياسين ٿي.
گھر کان ٻاھر نڪرڻ خطري کان خالي نھ ھو پر مون ھڪ
صدر جي حيثيت ۾ ھر روز چئمبر جو چڪر ھئڻ ضروري
سمجھيو ٿي. ھوائي حملن ۾ چئمبر جي عمارت کي بھ سخت
نقصان رسيو ھو ۽ مون ھر روز ھزارين مزرو، ڊالر في
مزرو جي حساب سان مرمت جي ڪم لاءِ لڳايا ٿي.
ميمبرن ان ڪم جي فنڊ لاءِ باقاعدي چندا ڏنا ٿي.
روزانو صبح جو ڏينھن بجي، اسان کي جنگ بابت احوال
۽ حڪم احڪام وٺڻ لاءِ ليفٽيننٽ جنرل آرٿر پر سيوال
۽ ٻين آفيسرن سان ملڻو پيو ٿي. ساڳي وقت ڪٿي ڪنھن
امداد جي ضرورت پئي ٿي تھ اسانکي ان بابت اطلاع
ڏنو ويو ٿي.
منھنجي دوست ۽ منھنجي ڪمپني
"واھ
ھــِـن ڪمپني"
جو پارٽنر مسٽر ھائو مونکي
چتاءُ ڏيندو رھيو تھ انگريزن سان گھڻو ملي جپانين
خلاف بچاءُ جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو جو جيڪڏھن جپانين
جي سوڀ ٿي ۽ سنگاپور سندس قبضي ۾ اچي ويو تھ پوءِ
انگريزن سان گڏ اسانکي بھ ڳولي ڳولي ماريندا يا
گھٽ ۾ گھٽ زندگي زھر ڪندا. جيئن جيئن جپاني ملايا
کان سنگاپور ڏي وڌندا ويا تھ مسٽر ھائو مونکي صلاح
ڏني تھ آئون سنگاپور ڇڏي ڪنھن ٻئي ملڪ ھليو وڃان.
پٺيان ھو ڌنڌي جي سنڀال لھندو رھندو. اسان ھڪ لک
سنگاپوري
(Straits)
ڊالر بئنڪ جي لاڪر ڊپازٽ ۾
رکيا جيئن سڀان جي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏين تھ گھٽ ۾
گھٽ لاڪر مان پئسا ڪڍي ڪم ۾ آڻي سگھجن. مسٽر
ھائوءَ لاڪر جي چاٻي رکي. ملڪ ڇڏڻ لاءِ مون لاءِ
گورنر جي اجازت وٺڻ ضروري ھئي ۽
10فيبروري
تي آئون ان ڪم لاءِ ھن وٽ ويس پر ھو سخت مشغول ھو.
جپاني ملايا کان سنگاپور جي سززمين تي پھچي چڪا
ھئا ۽ ھاڻ وچ شھر ڏي وڌي رھيا ھئا. سو وڌيڪ ترسڻ
بدران ڪالونيل سيڪريٽري مسٽر فريزر وٽ پھتس. ھن
منھنجي ڳالھھ ٻڌي مونکي سنگاپور ڇڏڻ جي يڪدم موڪل
ڏني.
منھنجي کيسي ۾ ڪجھھ ھزار ڊالر کان علاوھ
7500
ڊالرن جو چيڪ پڻ ھو جيڪو انڊيا
يا آسٽريليا مان ڪئش ٿي سگھيو ٿي، سڃاڻپ جا ڪاغذ
ھئا تھ آئون سنگاپور جي چائنيز چئمبر جو صدر
آھيان، فوجي ٺيڪن جون ڪاپيون ھيون ۽ ٻھ وڏا ھيرا
(ڪل
50,000)
ڊالر قيمت جا) ھئا، جيڪي مون
ڪڇي اندر سبي ڇڏيا ھئا. مونکي سمھڻ وقت خبرداريءَ
کان ڪم وٺڻو پيو ٿي جو منھنجي ٻاروتڻ کان وٺي سڄي
عمر جي اھائي ڪجھھ ڪمائي ھئي جيڪا آئون پاڻ سان
کڻي ٻاھر نڪري رھيو ھوس. پٺيان منھنجي گھر گھاٽ،
دڪان، آفيس يا ٻي ملڪيت جو ڇا ٿيندو ان جي خبر نھ
ھيم. مون آسٽريليا جي بندرگاھھ پرٿ ڏي ويندڙ مسافر
جھاز
"ايس.
ايس. گارگن"
تي سفر ڪرڻ جي ٽيڪٽ خريد ڪئي.
ھو بلو فنل ڪمپني وارن جو ٻاڦ تي ھلندڙ،
4000
ٽن وزني جھاز ھو. مون جھڙا پنج
سؤ کن مسافر ھن جھاز تي سوار ھئا.جن ۾ چيني قونصل
جنرل ۽ ٻيا ڪيترائي واپاري پڻ ھئا. اسان کي
10
تاريخ باٽاويا (جڪارتا) لاءِ
Sailڪرڻو
ھو پر سمنڊ تي جپاني ۽ برطانيھ جي جنگي جھازن جي
وچ ۾ سخت بمباري شروع ٿي چڪي ھئي جنھن ڪري اسان کي
بندرگاھھ ۾ ئي ترسڻو پوي. نيٺ اسان کي چينين جي
نئين سال شروع ٿيڻ کان اڳ سنگاپور ڇڏڻ جو موقعو
ملي ويو. سمنڊ تي بارود جا ڄڻ تھ الا ٿي ٻريا.
اسانجي قافلي ۾ جملي ٻارنھن جھاز ھئا. اسان جي
خوشقسمتي چئجي جو اسان جي جھاز کي ڪو گولو پاسيرو
بھ نھ لڳو.
باٽاويا (جڪارتا) پھچڻ تي اتي جي بندرگاھھ جي
ھاربر ماسٽر ٻڌايو تھ شھر کان جپاني ڪي
15ميل
مس پري آھن ۽ ڄاڻ تھ سندن جھاز پھتا. سو اسان ان
ئي وقت پرٿ (آسٽريليا) لاءِ لنگر کنيو ۽ پورن ستن
ڏينھن راتين بعد پرٿ جي بندرگاھھ ۾ پھتاسين.
جيتوڻيڪ آئون ڀاڙو ڏئي چڙھيو ھو پر ڪئپٽن مونکي بھ
کوھي
(Mast)سان
پٽي ذريعي ٻڌي بائنا ڪيولر (دوربين ) ڏئي ڇڏي تھ
آب دوز
(Submarine)
تي نظر رکان. جھاز فوجين سان
ايڏو تھ ڀريل ھو جو مونکي فرسٽ ڪلاس جي ڊائننگ
ٽيبل تي سمھڻو پيو ٿي. کاڌو خوراڪ بھ تمام گھٽ ھئي
پر خوشنصيبيءَ سان جھاز جو چيف اسٽيوورڊ منھنجو
پھرين جو واقف ھو جڏھن آئون
"ڪيان
ٿائي شاپ"
تي ڪم ڪندو ھوس. ھتان ھتان
بچائي، ھو منھنجي پورت ڪندو رھيو.
پرٿ ۾ پھچڻ تي خبر پئي تھ سنگاپور جپانين جي حوالي
ٿي ويو آھي. آئون ٻھ مھنا کن آسٽريليا ۾ ڪجھھ ڪرڻ
لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦرندو رھيس. ھاڻ چائنيز
چئمبر آف ڪامرس جو صدر ٿي ڪنھن ھوٽل ۾ بئرو ٿي تھ
ڪم ڪري نٿي سگھيس ۽ نھ وري گاڏي ۾ شيون رکي ھوڪا
ڏيئي وڪڻي ٿي سگھيس. ھونءَ رڍين ٻڪرين جا فارم وٺي
ھلائي سگھيس ٿي پر ان قسم جي ڪم جو مونکي ڪو تجربو
نھ ھو. |