سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :2

دنيا جا ڏھھ وڏا ٻيٽ

1.      گرين لئنڊ (ڊئنمارڪ)

2.     نيو گني (پاپئا نيو گني ۽ ايريان جايا)

3.     بورنيو (ملائيشيا، انڊونيشيا ۽  برونائي)

4.     مئڊا گاسڪر (آفريڪا)

5.     بئفن (ڪئناڊا)

6.     سماترا (انڊونيشيا)

7.     ھونشو (جپان)

8.     برطانيھ  (U.K)

9.     ايلسميئر (ڪئناڊا) ۽

10. وڪٽوريا (ڪئناڊا).

ٻيٽ سونھن ۽ سڃ جي علامت

منھنجي جھاز تي گھمڻ لاءِ جيڪي منھنجا سڃاڻا اچن ٿا اھي ٻين سوالن سان گڏ دنيا جي ٻيٽن جو پڻ پڇن ٿا. اسانجي (ھندي سنڌي توڙي چيني ۽ عربي) ديومالائي ڪھاڻين يا ٻارن جي آکاڻين ۾ اسان ننڍپڻ کان ٻيٽن جو ذڪر ٻڌون ٿا.

حسين ۽ خوبصورت پري ڪوھھ قاف جبل تي نھ تھ ڪنھن ٻيٽ تي ضرور رھي ٿي. راھھ وڃايل ٻيڙيءَ وارا جنھن ٻيٽ تي پھتا اھو خبر پيئي تھ ٻيٽ نھ پر ھڪ وڏي وھيل مڇي ھئي. جھاز ٻڏڻ بعدجھاز جا ڪجھھ خوش نصيب مسافر غوطا کائي کائي جنھن ٻيٽ تي پھتا اھو ھڪ خوبصورت ڌرتي جو ٽڪرو ھو جنھن تي دنيا جي ھر ميوي جا وڻ ھئا. جتي جون انگ اگھاڙيون خوبصورت ڇوڪريون گلن جا ھار کڻي انھن بکايل اڃايل جھازي مسافرن کي ککر وانگر چھٽي ويون. ملڪ جي بادشاھھ سلامت چورن جا يا پنھنجي Over ambitious وزير جا ترا ڪڍڻ لاءِ ھن کي ھڪ اھڙي ويران ٻيٽ تي موڪلي ڇڏيو جتي سڃ پئي واڪا ڪيا. جتي کائڻ لاءِ ڪجھھ نھ ھو، جنن ڀوتن کان علاوھ ڪنھن بني بشر جو نالو نھ ھو. ڪنھن ناکئي، خلاصي، مھاڻي ماڇيءَ جو ھن ٻيٽ تي اچڻ تھ ڇا پر پري پري کان لنگھھ بھ نٿي ٿيو.

انگريز بھ خونين، چورن ۽ ٻين ڏوھارين کي سزا ڏيڻ خاطر ٻيٽن تي موڪليندا ھئا. (پنھنجن انگريز گورن کي آسٽريليا ڏي ۽ ھندستاين کي ڪاري پاڻي يعني انڊمان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي). اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ اھي مڙيئي جڳھيون اڄ خوبصورت ٿي پيون آھن ۽ دنيا جا ٽوئرسٽ ڏوڪڙ خرچ ڪري انھن ھنڌن تي گھمڻ لاءِ وڃن ٿا. پر ان زماني ۾ - اڄ کان سئو ڏيڍ سئو سال اڳ اھي ٻيٽ ويران ۽ تباھھ حال ھئا يعني اڄ جا پڊعيدن، ڏيپار جا ۽ بدين تلھار ھئا. بھرحال دنيا جا ٻيٽ جتي سونھن، سوڀيا ۽ رومانيت جي علامت پئي رھيا آھن اتي سڃ، ڀينگ، خوف ۽ خطري جي پڻ نشاني رھيا آھن.

جپان ٻيٽن جو جھڳٽو آھي

ٻيٽ ڇا آھي؟ زمين جو اھو ٽڪرو جنھن جي چوڌاري پاڻي ھجي. يعني ڍنڍ جي ابتڙ ٿيو. ڇو جو ڍنڍ پاڻيءَ جو اھو ٽڪرو آھي جنھن جي چوڌاري زمين ھجي. اسان جي دنيا جي گولي تي پاڻي ايڏو آھي (تقريبا ٽي حصا ڌرتي پنج حصا سمنڊ) جو خلا، چنڊ، مريخ يا ٻئي ڪنھن تاري يا سياري تان اسان جي دنيا ھڪ ٻيٽ ٿي لڳي. ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا کنڊ ڏسو يا آمريڪا ڪئناڊا- ان جي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي (سمنڊ) آھي ۽ اھڙي صورت ۾ سڄو سارو آفريڪا کنڊ بھ ٻيٽ آھي تھ ڪئناڊا، USA کان وٺي وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا بھ ٻيٽ آھي. آسٽريليا کنڊ تھ صاف صاف ٻيٽ آھي. جاگرافي جي قانون موجب سڄي ساري کنڊ کي ڇڏي باقي زمين جا حصا جن جي چوڌاري پاڻي آھي (سمنڊ جو کارو يا درياھھ جو مٺو) اھو ٻيٽ آھي. ڪيترن دريائن جي وچ ۾ بھ ننڍا وڏا ٻيٽ ٿين ٿا. جيئن ندي چائو فرايا تي بئنڪاڪ شھر آھي ان جي ڇوڙ وٽ ھڪ ٻيٽ بئنگ لين (Bang Len) تي ٿائيلينڊ جي بادشاھھ جو محلات آھي. ھونءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏو دريائي ٻيٽ الحادو (20 ھزار چورس ڪلوميٽر پکيڙ جو) برازيل ۾ آھي جيڪو اتي جي ھڪ ندي Araguaia جي ٻن شاخن جي وچ ۾ آھي.

دنيا جا ڪي ملڪ اھڙا آھن جن کي ھڪ نھ ٻھ- ھزارين ٻيٽ آھن. بلڪ اھي ملڪ انھن ٻيٽن جا جھڳٽا آھن جيئن انڊونيشيا، فلپين، وغيره. آئون پنھنجن شاگردن کي انھن ٻيٽن لاءِ ھميشھ شيشي جي ٿانو جو مثال ڏيئي ٻڌائيندو آھيان تھ ھٿ مان ڪرڻ تي ان جا ٽڪرا ٽڪرا سڄي ڪمري ۾ پکڙجيو وڃن ۽ پوءِ انھن ٽڪرن ۾ ڪي وڏا ھوندا آھن تي ڪي ننڍا تھ ڪي بنھھ ننڍڙا ڇيتون ڇيتون. انڊونيشيا ۽ فلپين جھڙن ملڪن جا ھزارين ٻيٽ بھ ائين سمنڊ ۾ پکڙيل آھن. جن مان ڪي جاوا، سماترا، بورنيو، لوزان ۽ مندانائو جھڙا وڏا آھن تھ ڪي تمام ننڍا ننڍا. ڪي تھ وري ايڏو ننڍا آھن جن تي ٻھ کٽون مس پون. ڪن تي آدم زاد آھي تھ ڪي ويران جنگل يا رڻ پٽ آھن. ڪي سمنڊ جي سطح کان ايترو تھ معمولي مٿي آھن جو وير چڙھڻ تي ڏينھن ۾ ٻھ دفعا ٻڏيو وڃن. چانڊوڪي راتين ۾ سڄي رات گم رھن ٿا. (چوويھھ ڪلاڪن ۾ ٻھ دفعا سمنڊ اڀامي ٿو يعني High Tide ٿئي ٿي ۽ ٻھ دفعا سـُـسي ٿو يعني Low Tide ٿئي ٿي. جڏھن سڄو چنڊ ڌرتيءَ جي مٿان اچي ٿي تھ چنڊ جي ڪشش ڪري سمنڊ اڃان بھ گھڻو  اڀامي ٿو يعني منجھس وڏيون ڇوليون پئدا ٿين ٿيون) جپان پڻ ڏٺو وڃي تھ ٻيٽن جو جھڳٽو آھي جنھن جا چار ٻيٽ؛ ھڪيدو، ھونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو وڏا آھن. ھونشو ٻيٽ تي ٽوڪيو، ڪوبي، اوساڪا ۽ نگويا جھڙا مشھور شھر آھن. انھن ٻيٽن کان علاوه اوڪيناوا جھڙا سوين جپاني ٻيٽ جيڪي سائيز ۽ اھميت ۾ گھٽ آھن پئسفڪ سمنڊ جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ھزارين ميلن تائين پکيڙيا پيا آھن. اتر ۾ جپان ۽ روس جا ڪجھھ ٻيٽ ائين گڏ مڏ ٿي ويا آھن جو اڃان تائين فيصلو نھ پيو ٿي سگھي تھ ڪھڙي ملڪ جا آھن. دنيا جي مختلف سمنڊن تي يتيم ٻارن وانگر ھزارين لاوارث ٻيٽ آھن جن جو ڪو سنئون سبتو ڌڻي سائين نظر نٿو اچي.اتي رھندڙ غريب عوام زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن لاءِ واجھائيندو رھي ٿو. پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ دوا درمل جھڙين معمولي سھوليتن لاءِ اھڙن ٻيٽن جا رھاڪو ڀروارن ملڪن جي حڪومتن کي ٻاڏائيندا رھن ٿا پر ھو ڪن لاٽار ئي ڪندا رھن ٿا. جنھن وقت انھن ٻيٽن مان ڪنھن قيمتي ڌاتو يا تيل نڪرڻ جي خبر پوي ٿي تھ پوءِ ھر ملڪ ان جو مالڪ بنجيو وڃي. جيئن ويجھڙائي ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ جي ھڪ ٻيٽ اسپرئٽلي (Spratlay I) تي ڀروارن ملڪن جو ڦڏو ٿي پيو آھي. ھن ٻيٽ جي مليٽري اھميت ۽ تيل نڪرڻ ڪري ھاڻ چين، ملائيشيا، فلپين، ويٽنام ۽ انڊونيشيا ان تي پنھنجي مالڪيءَ جو حق ڏيکارڻ لڳا آھن.

دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ

دنيا جي کنڊن (آفريڪا، آسٽريليا وغيره) کي ڇڏي دنيا جا ڏھھ وڏا ٻيٽ ڳڻيا وڃن تھ سڀ ۾ وڏو ٻيٽ گرين لئنڊ (Green land) آھي. گرين لئنڊ فقط نالي ۾ Green يعني سائو آھي پر برف جي ڪري کير جھڙو اڇو آھي. ھن ٻيٽ جو  85فيصد سال جا ٻارھن ئي مھينا برف سان ڍڪيل رھي ٿو ۽ سياري جا اٺ نو مھينا تھ سڄو برف ۾ پوريو پيو آھي ۽ ڪٿي ڪٿي تھ ان برف جا تھھ ٽي ٽي ميل اونھا آھن. گرين لئنڊ اتر قطب جي ويجھو، اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. ھي ٻيٽ ڊئنمارڪ جي قبضي ۾ آھي. سندس پکيڙ ٻاويھھ لک چورس ڪلوميٽر آھي. ان حساب سان گرين لئنڊ پنھنجي اصلي ملڪ ڊئنمارڪ کان 44 دفعا وڏو آھي ڇو جو ڊئنمارڪ جي پکيڙ اڌ لک چورس ڪلوميٽرن کان بھ گھٽ آھي. ٻارھو ئي برفباري ٿيڻ ڪري گرين لئنڊ ۾ تمام گھٽ عوام رھي ٿو- اٽڪل ستر اسي ھزار کن ماڻھو. انھن مان وڏو تعداد ھتي جا مڪاني ماڻھو آھن جيڪي ايسڪيموز سڏجن ٿا ۽ رھڻ لاءِ ھو جيڪي برف جا گول گھر ٺاھين ٿا انھن جو نالو اگلو (Igloo) آھي جنھن نالي سان اسان جي ملڪ جي آئس ڪريم مشھور آھي.

گرين لئنڊ جيتوڻيڪ ڊئنمارڪ جو ٻيٽ آھي پر اھو ڊئنمارڪ يا يورپ کنڊ کان وڌيڪ ڪئناڊا جي ويجھو آھي. سندس گاديءَ جو ھنڌ گوڊٿاب (Godthaab) آھي جيڪو ڪئناڊا جي سينٽ جان جھڙن بندرگاھن کي ويجھو آھي جتي اسان کي اونھاري جي موسم ۾ ڪيترائي دفعا جھاز وٺي وڃڻو پيو ٿي. خاص ڪري نيويارڪ پھچي پوءِ اتر ڏي ڪئناڊا وڃڻو پوندو ھو جتان پوءِ ڊئنمارڪ، ناروي يا انگلينڊ پھچڻ سولو ٿيندو ھو. جن ماڻھن يا گھٽ ۾ گھٽ جھازين ان روٽ route وارو سفر ڪيو ھوندو يا ھڪ عام ماڻھو دنيا جي نقشي کي سامھون رکندو تھ ھن کي ناروي وارن جي اھا ڳالھھ مڃڻ ۾ دير نھ لڳندي تھ (آمريڪا) اسپين جي رھاڪو ڪولمبس جي ڳولڻ کان 500 سال اڳ ناروي پاسي جي جھازين (Vikings) ڳولي لڌي ھئي جن کي- يعني وائيڪنگ کي يورپ جا ماڻھو کڻي ڦورو ۽ ڌاڙيل سمجھن پر ھو پنھنجن ماڻھن (نارويجن) لاءِ بھترين جھازران  (Navigators)ھئا. نقشي ۾ ڏسڻ سان صاف ظاھر ٿئي ٿو تھ ناروي، آئسلينڊ، گرين لئنڊ ۽ ڪئناڊا ھڪ ٻئي جي ويجھو ويجھو آھن ۽ ناروي جي جھازين لاءِ پنھنجين ٻيڙين ذريعي ڪئناڊا ۽ آمريڪا پھچڻ ائين ھو جيئن ڪچي جي ماڻھن لاءِ درياھھ ٽپڻ. پر ناروي جي جھازين انھن مسافرين جي (جيڪي ھنن لاءِ ھڪ عام ڳالھھ ھئي) ڪولمبس وانگر اشتھار بازي نٿي ڪئي ۽ نھ علي الاعلان ڍنڍورو پٽيو ٿي. ان ڪري اڄ جو نارويجن باشندو حق بجانب آھي جڏھن ھو ڪاوڙ مان چوي ٿو تھ آمريڪا ۾ پھرين اسپين جو ڄٽ ڪئيپٽن ڪولمبس نھ پر اسان جو نارويجن ليف ارڪسن پھتو ھو. ھا اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ڪولمبس پھريون شخص ھو جنھن ان بابت پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ماڻھو اڄ ڏينھن تائين ان غلط فھميءَ ۾ آھن تھ ڪولمبس ڪو وڏو ڄاڻو مڙس ھو.

ھو ڪولمبس کي ڄٽ ڪئپٽن يا جاھل Navigator چوڻ ۾ بھ غلط نھ آھن جو ڪولمبس اسپين جي بادشاھھ کي خرچ ڪرائي وڏو جھاز ۽ مدد لاءِ ماڻھو وٺي چڱو مڙس ٿي ايسٽ انڊيز- يعني انڊونيشيا، ملايا جھڙن ملڪن لاءِ نڪتو ھو تھ اجھو ٿو جھاز کي لونگن، ڦوٽن ۽ ڪارين مرين سان ڀرائي موٽان پر رستو نھ ملڻ ڪري ڀلجي وڃي آمريڪا جي بھاما، ڪيوبا، ھائتي ۽ ٽرنيڊاڊ ٻيٽن کان نڪتو (جنھن کي پوءِ ويسٽ انڊيز جو نالو ڏنو ويو.) ھاڻ ڪيڏانھن ايسٽ انڊيز ۽ ڪيڏانھن ويسٽ انڊيز. اھو تھ چڱو جو دنيا بال وانگر گول آھي پر جيڪڏھن واقعي رومال وانگر چورس ۽ سڌي سنواٽي لسي ھجي ھا (جيئن سائنس جي ترقي کان اڳ ماڻھن سمجھيو ٿي) تھ ھي نڀاڳو ڪولمبس پاڻ سان گڏ جھاز ۽ خلاصين کي بھ ڌڪو کارائي ھا- يعني جھاز رومال جي آخري ڇيڙي تائين پھچي خلا ۾ ڪري پوي ھا.

پاپئا معنيٰ گھنڊي وار

گرين لئنڊ کانپوءِ ٻئي نمبر تي وڏو ٻيٽ نيو گني (New Guinea) آھي جيڪو آسٽريليا جي ويجھو پئسفڪ سمنڊ ۾ آھي. نيو گني ٻيٽ جي پکيڙ اٺ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي يعني اسانجي پاڪستان جيڏو آھي. نيوگني ٻيٽ ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. ساڄي پاسي وارو اڌ پاپئا نيوگني سڏجي ٿو ۽ ھڪ آزاد ملڪ آھي. کاٻي پاسي وارو ايريان جايا ھيستائين تھ انڊونيشيا جي ھٿ ۾ ھو پر ھن سال  (2000-01)، اتي رھندڙ عيسائين ۽ مسلمانن جي خونريز جھڳڙن بعد آسٽريليا ۽ ٻين طاقتور ملڪن جي اکين ڏيکارڻ تي انڊونيشيا حڪومت کي ھن کي خودمختياري ڏيڻي پئي. نئين دنيا جي ڳولھا ۾ ھي ٻيٽ پھرين پورچوگالين ۽ اسپيني جھازين کي نظر آيو. اسپين ۽ پورچوگال ٻئي پاڙيسري يورپي ملڪ آھن. ڊچ ۽ انگريزن وانگر ھنن ملڪن جا ماڻھو بھ سٺا جھازي ھئا ۽ ويا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪندا. ان کان اڳ ۾ سمنڊن تي مسلمانن جو راڄ ھو ۽ ڪنھن يورپيءَ کي خواب خيال ۾ بھ نھ ھو تھ مسلمان سمنڊ لتاڙي آفريڪا کان يورپ ھلي ايندا ۽ اسپين، پورچوگال ۽ فرانس جي ڪجھھ حصن تي بنو اميھ خاندان جو ست سؤ سال کن قبضو رھندو. ان بعد يورپين اھو ئي نتيجو ڪڍيو تھ دنيا تي ان جي حڪومت رھندي جن جي حڪومت سمنڊن تي رھندي ۽ سمنڊن تي انھن جو راڄ ھوندو جيڪي جھاز رانيءَ ۾ ڀڙ ھوندا. ويھين صديءَ جي اڌ تائين سڄي ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا تي يورپي ملڪن جو قبضو ٿي ويو- ڪو ھڪ ٻھ ملڪ سيام (ٿائلنڊ) جھڙو يورپين يا انگريزن جي ڪالوني ٿيڻ کان بچي ويو. بھرحال انڊونيشيا جي ٻيٽن جي ھن قطار ۾ سڀ کان ھن وڏي ٻيٽ نيوگني تي جڏھن پورچوگالي ۽ اسپيني پھتا تھ ھن ٻيٽ جي مڪاني ماڻھن جا گـُـھنڊي وار ڏسي پورچوگالين ان جو نالو پاپئا (Papua) رکيو معنيٰ گھـنڊي وار ۽ اسپيني ماڻھن نيو گني رکيو. ھن ٻيٽ جي کاٻي پاسي (يعني الھندي پاسي) واري اڌ تي  1828ع ۾ ڊچن قبضو ڪيو ۽ ساڄي پاسي (يعني اڀرندي پاسي) وارو باقي اڌ جيڪو آسٽريليا پاسي آھي اھو جرمني ۽ انگلينڊ ورھائي کنيو. ڪجھھ عرصي کانپوءِ انگلينڊ پنھنجي حصي جو ٻيٽ آسٽريليا حوالي ڪيو جن پھرين وڏي لڙائيءَ بعد جرمنن کي ڀڄائي انھن جو حصو بھ پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ اڌ جنھن جو نالو ايريان جايا ھو اھو  1963۾ انڊونيشيا حوالي ٿيو. ان کان اڳ نھ فقط ايريان جايا تي پر انڊونيشيا جي سڀني ٻيٽن (جاوا، سماترا، بالي وغيره وغيره) تي ڊچن (يعني ھالنڊ وارن) جو قبضو ھو جيئن 1947 کان اڳ سڄي انڊو پاڪ تي انگريزن جي حڪومت ھئي. آسٽريليا وارن پنھنجي حصي واري اڌ ٻيٽ (پاپئا نيو گني) کي 1975 ۾ آزاد رياست جو درجو ڏنو ۽ باقي اڌ يعني اريان جايا کي بھ انڊونيشيا کان کسرائي خودمختيار بنايو جنھن جو ذڪر شروع ۾ لکي آيو آھيان.

بورنيو جي باھھ مينھن ئي وسائي

گرين لئنڊ ۽ نيو گني بعد ٽئي نمبر تي وڏو ٻيٽ بورنيو آھي. بورنيو ٻيٽ فلپين جي ٻيٽن کان بلڪل ھيٺ ڏکڻ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آھي. بورنيو ٻيٽ سان وابستھ قصا ڪھاڻيون انگريزن توڙي چيني، انڊين ٻين ماڻھن تمام گھڻا لکيا آھن. ھن ٻيٽ جي بئڪ گرائونڊ ۾ ڪيترائي افسانا ۽ ناول آھن. ملائيشيا کان جڏھن واپس آيو ھوس تھ  مون وٽ بھ ڊزن کن اھڙا ڪتاب ھئا جيڪي نيوز لائين رسالي ۾ ان وقت ڪم ڪندڙ حسن مجتبيٰ ۽ نفيسھ شاھھ کي ڏئي آيس جيڪي ان ٻيٽ تي ڪنھن اخباري assignment جي سلسلي ۾ وڃي رھيا ھئا.

بورنيو ٻيٽ جي پکيڙ سوا ست لک چورس ڪلوميٽر آھي. بورنيو ٻيٽ تي ڪـَـئين مڪاني حاڪمن ۽ راجائن جي حڪومت رھي جن مان ھڪ انگريز بھ ھو جيڪو سفيد راجا (White Raja) سڏبو ھو. ٻيٽ جو وڏو اڌ انڊونيشيا جو حصو آھي ۽ ڪالمينتان (Kalimantan) سڏجي ٿو. اتر ۾ رياستون سباح ۽ سراواڪ ملائيشيا جي تيرھن رياستن مان ٻھ آھن ۽ اھي ٻھ رياستون مشرقي (East) ملائيشيا سڏجي ٿو باقي مغربي ملائيشيا ٿائيلينڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آھي. جنھن ۾ باقي يارھن رياستون: پينانگ، ملاڪا، جوھور، پيراق، ترنگانو وغيره آھن. ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي ۾ مونکي اٺ نو سال پڙھائڻ جو موقعو مليو ھو ۽ پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (سيلنگور رياست) ۾ سامونڊي زندگي وارن ڏينھن ۾ جھاز وٺي اچڻو پوندو ھو.

بورنيو ٻيٽ تي مشرقي ملائيشيا جي ٻن رياستن: سباح ۽ سراواڪ جي وچ ۾ ھڪ ٻي آزاد رياست برونائي آھي جيڪو ملڪ پيٽرول ۽ گئس جي ڪري دنيا جو امير ترين ملڪ مڃيو وڃي ٿو. برونائي تي سڌي يا اڻ سڌي طرح انگريزن جي حڪومت ھئي. 1984 ۾ برونائيءَ کي خودمختياري ملي.

ھن پاسي مينھن تمام گھڻو پوي ٿو. سڄو بورنيو ٻيٽ جنگل ۽ گھاٽن ٻيلن سان ڀريو پيو آھي ۽ وڻ، گاھھ ۽ وليون ايڏيون پراڻيون، وڏيون ۽ گھاٽيون آھن جو ماڻھوءَ جو ڪن ڪن ھنڌن تان لنگھڻ ناممڪن آھي. وڻن جون چوٽيون ھڪ ٻئي سان ائين مليون پيون آھن جو منجھند مھل بھ ھنن ٻيلن مان لنگھندي اونداھھ رھي ٿي. ٽنڊو قيصر ۾ تھ فقط ھڪ وڻ (نم جو) سؤ سال پراڻو آھي پر بورنيو ٻيٽ تي تھ لکين وڻ پراڻا آھن جيڪي لڳاتار مينھن ڪري وڌندا وڃن ٿا. ھتي جا ٻيلا (بارشي ٻيلا) Rain Forests سڏجن ٿا. اھڙي گھاٽي ساوڪ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جيت جڙا، جـَـڙيون ٻوٽيون، پکي پکڻ ۽ مرون جانور رھن ٿا. مختلف شين جو علم حاصل ڪرڻ يا ھتي جي ٻوٽن مان دوائن لاءِ تت ڪڍڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جا شاگرد Ph.D لاءِ کوجنائون ڪرڻ اچن ٿا. پکين ۾ ھڪ پکي جيڪو تمام وڏي قدبت جو ۽ سھڻو ٿئي ٿو جنتي پکي (Brid of Paradise) سڏجي ٿو. ان کان علاوه ھارن بل (Horn Bills) وڏا واڏ طوطا جن کي ملئي زبان ۾ ڪاڪا توئا ۽ انگريزي ۾ ڪاڪئٽو سڏجي ٿو ڌارين ماڻھن لاءِ ڪشش جو باعث آھن. جانورن ۾ ھڪ خاص قسم جو ڀولڙو اورانگ اتان (Orang Utan) جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تھ انسان ذات سان تمام گھڻو ملي ٿو، ھن ٻيٽ بورنيو تي ئي نظر اچي ٿو.

ڪڏھن ڪڏھن بارش نھ پوڻ ۽ سخت گرمي ڪري ھتي جي ٻيلن ۾ باھھ بھ لڳيو وڃي ۽ پوءِ اھا باھھ وسائڻ انسان ۽ ھيليڪاپٽر جي وس جي ڳالھھ نھ آھي. ان باھھ کي قدرت ئي مينھن وسائي ختم ڪري سگھي ٿي. ملائيشيا ۾ جن ڏينھن ۾ آئون ھوس تھ مشرقي ملائيشيا جي بورنيو واري رياست سراواڪ جي جنگل کي ھڪ دفعي اچي باھھ لڳي. يارھن ڏينھن ٻيلا سڙندا رھيا پوءِ ٻارھين ڏينھن مينھن وسڻ تي باھھ وسامي. ان بعد اندازو ڪيو ويو تھ سنگاپور ٻيٽ جيڏو علائقو سڙي رک ٿي ويو. پر اھو آھي تھ مينھن جي لڳاتار وسڻ ڪري اھي علائقا وري سر سبز ٿيو وڃن.

ليمور مئڊاگاسڪر جو خاص جانور آھي

دنيا جي وڏن ٻيٽن ۾ چوٿين نمبر تي مئڊا گاسڪر ٻيٽ آھي جيڪو ڪجھھ عرصو اڳ ملاگاسيءَ جي نالي سان پڻ سڏيو ويو پئي. ھن ٻيٽ جي پکيڙ ڇھھ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي. ھي ٻيٽ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا جي ويجھو آھي بلڪ آفريڪا جي ملڪ موزمبق جي سامھون آھي. موزمبق ۽ ھن ٻيٽ جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو حصو آھي اھو موزمبق چئنل سڏجي ٿو. ممباسا يا دارلسلام بندرگاھن مان نڪرڻ وقت جھاز کي ھن چئنل مان وٺي ڪيپ ٽائون يا ڪيپ آف گڊ ھوپ پار ڪرڻي پوندي ھئي. ڪراچيءَ مان سڌو نڪرڻ وارا جھازي بھ ھي چئنل ڏئي اڳتي وڃن ٿا. ھونءَ تھ ھن پاسي سمنڊ ايڏو خراب رھي ٿو جو ڪڏھن ڪڏھن ھن چئنل مان جھاز اڪارڻ وارن جي بھ حالت خراب ٿي ويندي آھي. پر تڏھن بھ ٻاھرين پاسي يعني ھندي وڏو سمنڊ ڏئي ھلڻ کان وري بھ ھي موزمبق چئنل غنيمت سمجھيو وڃي ٿو. ھي ٻيٽ ڊيگھھ ۾ ڏيڍ ھزار ڪلوميٽر کن ٿيندو ۽ ٽيھھ ڪلوميٽر رفتار واري جھاز کي ھي چئنل پار ڪرڻ ۾ ٻھ ڏينھن لڳيو وڃن. موزمبق جي منھن وٽ  ڪرمورو نالي ننڍا ٻيٽ آھن ۽ ساڄي پاسي يعني اڀرندي طرف دنيا جا مشھور ۽ مختصر ٻيٽ موريشس آھن.

ھي ٻيٽ (مئڊا گاسڪر) ڪنھن ملڪ جو حصو نھ پر سنگاپور وانگر الڳ ٿلڳ ملڪ آھي. آدمشماري ھڪ ڪروڙ کن اٿس ۽ ڪيتريون ئي مڪس قومون رھن ٿيون. ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ آفريڪا جي ويجھو آھي (اٽڪل 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي ٿي ٿيندو پر ڏکڻ آفريڪا توڙي اوڀر آفريڪا جي ملڪن کان بلڪل نرالو آھي. تواريخدانن مطابق ھن ٻيٽ تي سڀ کان پھريان ماڻھو اڄ کان ٻھ ھزار سال کن اڳ يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڏينھن ۾ آيا ۽ اھي آفريڪا جي ڪنھن ملڪ بدران ملايا (اڄ جي ملائيشيا) ۽ انڊونيشيا جا ھئا جن ھتي پھچي ميرينا نالي سلطنت قائم ڪئي جن جي زبان مالاگاسي (جنھن جو بنياد ملئي ۽ پئسفڪ ٻيٽن جي زبانن مان آھي) اڄ بھ سڄي ٻيٽ تي ھلي ٿي. آفريڪا جا ماڻھو پنھنجي مرضيءَ سان ھن ٻيٽ تي نھ آيا پر ھي ملئي ۽ انڊونيشي ماڻھو آفريڪا کنڊ تان زالون ۽ غلام وٺي آيا. بعد ۾ ڪجھھ عرب، چيني ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻھو بھ واپار خاطر ھتي اچي رھي پيا.  1500ع سن کانپوءِ انگريزن ۽ فرينچن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو پر مئڊا گاسڪر جي Merina سلطنت ايترو تھ منظم ھئي جو ھو وڏي عرصي تائين يورپين جا ڏند کٽا ڪندا رھيا. بھر حال آخر ۾ ڪجھھ عرصي لاءِ ھي ٻيٽ فرينچ حڪومت جو حصو ٿي رھيو ۽ اڄ بھ ھن ٻيٽ جا امير ۽ وڏا ماڻھو پاڻ ۾ فرينچ ڳالھائيندي فخر محسوس ڪن ٿا.

مئڊا گاسڪر ٻيٽ نما ملڪ جي گاديءَ وارو ھنڌ انتاناناري وو (Antananarivo) آھي جيڪو حيدرآباد جيڏو وڏو شھر آھي ۽ 15 لک آدمشماري اٿس. ٻئي نمبر تي وڏا شھر توماسينا ۽ مھاجنگا آھن جيڪي ٻئي بندرگاھھ آھن. ملڪ جي قومي زبان ملاگاسي ۽ فرينچ آھي پر انگريزي بھ ڳالھائي وڃي ٿي. فرانس کان کيس آزادي 1960۾ ملي. گھڻي آدمشماري ۽ بيڪار قسم جي سياسي نظام ۽ حڪومت ڪري ملڪ جي معاشي حالت تباھھ ٿي وئي آھي. ملڪ جو رڳو زور امداد ۽ قرض حاصل ڪرڻ تي ٿي پيو آھي. ملڪ کي پنھنجي ھوائي ڪمپني Air Madagascar آھي پر ان جا حال بھ پورا سارا آھن. ايئرفرانس، ايئرو فلوٽ ۽ ايئرموريشس جا ھوائي جھاز بھ ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھن ٻيٽ تي مسافر کڻي اچن ٿا.

مئڊا گاسڪر  جي خاص ايڪسپورٽ لؤنگ ۽ ڪافي آھي جنھن مان ھو غير ملڪي ناڻو ڪمائين ٿا. جيئن ڪئنگرو جانور آسٽريليا جو خاص جانور آھي ۽ ڪيوي پکي نيوزيلئنڊ جو تيئن ھتي جو خاص جانور ليمور (Lemur) آھي جنھن جون ھتي 33 جنسون آھن ۽ اھو جانور ھن ٻيٽ جي ئي خصوصيت آھي. مئڊاگاسڪر جو ٻيٽ پاڪستان وانگر دنيا جي اتر اڌ گول ۾ ھجڻ بدران ڏکڻ اڌ گول ۾ آھي يعني جڏھن اسان وٽ سيارو آھي تھ ھن ٻيٽ تي اونھارو ۽ جون جولاءِ جھڙن مھنن ۾ جڏھن اسان وٽ ۽ اتر اڌ گول Northern Hemisphere جي ٻين ملڪن ۾ گرمي ٿئي ٿي تھ مئڊاگاسڪر ۾ سخت سيءَ.

ڪئناڊا ڪتريل پني وانگر آھي

گرين لئنڊ، نيو گني، بورنيو ۽ مئڊاگاسڪر بعد پنجين نمبر تي وڏو ٻيٽ بئفن (Baffin) آھي. بئفن ٻيٽ ڪئناڊا جو اتراھون حصو آھي ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو تھ آمريڪا (USA) ھڪ يڪو ٽڪرو  (Piece)آھي. ان مٿان اتر ۾ ڪئناڊا آھي. ڪئناڊا ان پني وانگر لڳي ٿو جيڪو ڪو ڪوئو يا اڏوھي ڪـُـتري وئي ھجي ۽ ان ڪتريل پني جا ٽڪرا کائڻ بدران اتي ئي ڇڏيل ھجن ۽ اھي ڪتريل پني جا ننڍا وڏا سوين ذرڙا ڪئناڊا جا ٻيٽ آھن. انھن ٻيٽن ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ بئفن آھي جيڪو دنيا جو پنجين نمبر تي وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آھي. سندس پکيڙ پنج لک چورس ڪلوميٽر آھي. تمام گھڻو اتر ۾ ھجڻ ڪري ٻارھوئي سخت برف باري ۽ ٿڌ رھي ٿي. ڪئناڊا ۾ ھونءَ ئي ماڻھو گھٽ آھن پر ھنن اتراھن ٻيٽن ۾ تھ اڃان بھ گھٽ آھن. پوءِ اتي جي ڪارخانن ۽ بندرگاھن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي ضرورت پوي ٿي ۽ جڏھن اھڙي ٿڌ ۾ ڏکيا ۽ ھيٺائين درجي جا ڪم ھنن جا پنھنجا مڪاني ماڻھو بھ نٿا ڪن تھ ڪئناڊا جي حڪومت آفريڪا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن مان ماڻھن کي اميگريشن جي لالچ ڏئي گھرائي ٿي ۽ دنيا کي اھو ئي ٻڌائين ٿا تھ ھو انسانيت خاطر سريلنڪا جي دربدر تاملن کي، صدام جي ظلم ھيٺ آيل عراقين کي، سوماليا جي ڏڪارين کي اجھو، اٽو ۽ لـَـٽو ڏئي رھيا آھن. جيڪو اصل ۾ ان نيڪيءَ پيٺيان ھنن جو پنھنجو مقصد، سستا مزور ھٿ ڪرڻ، آھي. جيئن اسان وڏيرو ڦٽيءَ جي چونڊي، ڀاڄي ڀتي پوکرائڻ ۽ ٻيا ھيٺاھين درجي جا سستي اگھھ تي ڪم وٺڻ لاءِ پنھنجي زمين تي، ضرورت مطابق، ھڪ مقرر تعداد باگڙي ڀيلن جو رکي ٿو. ھن جي ڪا باگڙي ڀيلن سان  مائٽي يا ھمدردي ناھي پر ھنن کي گھر ٺاھي رھڻ جي اجازت ڏيڻ پويان سـَـستي مزوري حاصل ڪرڻ آھي. اھو ئي حال ھنن ملڪن جو آھي. بئفن ۽ ڪئناڊا جي ٻين ڀروارن ٻيٽن وڪٽوريا، ڊيوان (Devon) ۽ بئنڪ جي پاري جھڙي ٿڌ ۽ اونداھن ڏينھن ۾ اسان جي ٽي دنيا جا ماڻھو مڪاني ماڻھن کان وڌيڪ نظر اچن ٿا.

ڪئناڊا جي بئفن ٻيٽ ۽ ڊئنمارڪ جي گرين لئنڊ ٻيٽ جي وچ ۾ ايترو فاصلو آھي جيترو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ۽ ان وچ واري سمنڊ جو اڌ حصو ڪافي ويڪرو ۽ اونھو آھي ۽ ھڪ قسم جو خليج ٺاھي ٿو جيڪو ”خليج بئفن“ سڏجي ٿو جيئن بنگلاديش ۽ ڪلڪتي وارو سمنڊ خليج ٺاھي ٿو ۽ خليج بنگال سڏجي ٿو. ڪئناڊا پاسي ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تي پھچڻ لاءِ آسان سواري فيري آھي. ٻيٽن جي وچ ۾ (سمنڊ ۾) سوين فيريون ھلن ٿيون. انھن فيرين تي اسان جي ملڪ جا ڪيترائي مئرين انجنير ۽ نيويگيٽر (Navigators) ڪم ڪن ٿا. ھونءَ بھ سمنڊ ۾ جھاز ھلائڻ صحرا ۾ ڀٽڪڻ آھي ۽ ھنن چئنلن ۾ فيري ھلائڻ ائين آھي جئين حيدرآباد کان سنڌ يونيورسٽي تائين ٽئڪسي ھلائڻ- يعني رستو بھ صاف ۽ لسو، مسافر بھ پڙھيل ڳڙھيل ۽ سلجھيل- رستي تي خرابي ٿي پوي تھ مدد ڪرڻ ۽ ٽئڪسي ٺاھي ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي سواريون ھر وقت لنگھندي نظر اچن ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ کلئي سمنڊ وارا نھ لوڏا ۽ لھرون آھن ۽ نھ وري طوفان ۽ Sea Sickess جي مصيبت.

دنيا جو نائون ۽ ڏھون ٻيٽ پڻ ڪئناڊا ۾ آھي

ڪئناڊا جي ھن ٻيٽ بئفن ڀرسان ٻيا بھ ڪيترائي اھم ٻيٽ آھن. دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن ۾ ڪئناڊا جو ھي ٻيٽ تھ پنجين نمبر تي اچي ٿو ان کان علاوھ نائين نمبر وارو ٻيٽ ايلسميئر Ellesmere ۽ ڏھين نمبر تي وڪٽوريا پڻ ڪئناڊا جا ٻيٽ آھن. ايلسميئر  بئفن ٻيٽ کان بھ گھڻو اتر ۾ آھي جتي ٻارھوئي برف رھي ٿي جنھن تي اڇا برفاني رڇ آھن يا اسڪيموز ۽ سندن ٿلھي بج وارا ڪتا. ھن ٻيٽ جي پکيڙ ٻھ لک سترھن ھزار چورس ڪـلوميٽر آھي اھڙي طرف وڪٽوريا ٻھ لک چورس ڪلو ميٽر آھي. جيڪو ايلسميئر جيترو کڻي گھڻو اتر قطب ۾ نھ آھي پر تڏھن بھ الاسڪا کان گھڻو مٿي اتر ۾ آھي. يعني سائبيريا جي ختم ٿيڻ بعد آھي. ھن سال سائبيريا جي ڏاکڻن علائقن ۾ بھ ڪاٽو چاليھھ (-40) ڊگريون ٿڌ رھي. سال جو وڏو حصو خبر ئي نھ پوندي آھي تھ ھي ٻيٽ ڪٿي ختم ٿئي ٿو ۽ سمنڊ ڪٿان شروع ٿئي ٿو ڇو جو سمنڊ جو پاڻي بھ برف ٿيو ھوندو آھي. ماڻھو ۽ جانور جيئن ٻيٽ مٿان پيا ھلندا آھن تيئن سمنڊ مٿان. مڇين ڦاسائڻ لاءِ بھ سمنڊ جي مٿان کڏ کوٽي ڳڙکو ٺاھي پوءِ ھيٺ پاڻيءَ ۾ مڇي ڦاسائڻ جو ڪانٽو ڦٽو ڪن يا لنگھندڙ مڇيءَ کي ڀالي سان مارين. ٿڌ ٿيڻ ڪري سمنڊ جو مٿيون حصو برف ٿيو وڃي پر ھيٺ سمنڊ رھي ٿو ۽ سمنڊ جي مخلوق ھھڙي ٿڌ ۾ بھ ھيٺ صحيح سلامت ھلندي رھي ٿي. دنيا جي ھر شيءَ ٿڌي ٿيڻ ڪري ڄمي ٿي، سـُـسي ٿي ۽ ڳري ٿئي ٿي. ھڪ پاڻي اھڙي شيءَ آھي جيڪو ٿڌ ۾ ڄمي ضرور ٿو پر سسڻ ۽ ڳري ٿيڻ بدران ڦونڊي ٿو ۽ ھلڪو ٿئي ٿو. ان ۾ ڏٺو وڃي تھ قدرت طرفان انسان ذات لاءِ ڀلائي آھي. جيڪڏھن پاڻي بھ برف ٿيڻ تي سسي ھا ۽ برف ڳري ٿئي ھا تھ پوءِ سمنڊ جي مٿاھن تھن جو پاڻي برف جون ڇپون بنجڻ بعد ترڻ بدران ھيٺ تر وڃي وٺن ھا ۽ انھن ميلن جا ميل سمنڊ جي حصي جون مڇيون برف جي ڇپن ھيٺان چپجي مري وڃن ھا.

دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن مان ست ٿي ويا باقي ٽي ھن ريت آھن ڇھين نمبر تي سماترا ٻيٽ آھي، ستين تي ھونشو (Honshu) ۽ اٺين تي برطانيا.

انڊونيشيا جو جاوا، سماترا ۽ بالي ٻيٽ

سماترا ٻيٽ جي پکيڙ سوا چار لک چورس ڪلو ميٽر آھي. سماترا بورنيو وانگر انڊونيشيا جو ٻيٽ آھي. دراصل ڪي ملڪ ٻيٽن جا جھڳٽا آھن جيئن تھ انڊونيشيا، فلپين ۽ جپان وغيره. بنگلاديش جي ھيٺان اندامان ۽ نڪوبار ٻيٽن کان وٺي انڊونيشيا جا ٻيٽ شروع ٿين ٿا ۽ آسٽريليا تائين ھليا وڃن ٿا. شيشي جي ڀڳل جڳ جي ٽڪرن وانگر ننڍا وڏا ھندي ۽ پيسفڪ سمنڊ ۾ پکڙيا پيا آھن. سماترا ٻيٽ جي شروع واري ڪنڊ آچيح وارو علائقو سڏجي ٿو جتي ڪنھن زماني ۾ آچيح سلطنت وڏي طاقتور حڪومت ھئي. انگريزن ۽ ڊچن بھ ملايا ۽ انڊونيشيا تي قبضو ڪرڻ لاءِ پھرين ھن علائقي ۾ ديرو ڄمايو. ملاڪا، پينانگ ۽ سنگاپور تھ گھڻو پوءِ نقشي تي ظاھر ٿيا. سو سماترا ٻيٽ جي ھن شروع واري علائقي کان وٺي انڊونيشيا جي آخري ٻيٽن مالوڪو (Maluku) ۽ ايريان جايا تائين ڊگھائيءَ جو حساب لڳايو وڃي تھ مفاصلو ڇھھ ھزار ڪلوميٽر ٿئي ٿو. ھڪ ھنڌ ويھي انھن سڀني ٻيٽن تي حڪومت ڪرڻ ۽ انتظاميھ کي سنڀالڻ ڪو سولو ڪم ناھي- يعني ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين چار چڪر ٿيا. تپيدارن جو تھ ماپون ڪندي ۽ ڍلون اوڳاڙيندي سر ويندو ھوندو. سرڪاري آفيسرن کي ٽيپ ڏيڻي ھجي تھ کين ڪئپيٽل جڪارتا مان مالوڪو يا ايران جايا موڪلي ڇڏجي جيڪي جايون ڪاري پاڻيءَ کان گھٽ ناھن.

انڊونيشيا جي گاديءَ وارو ھنڌ جڪارتا جنھن ٻيٽ تي آھي ان جو نالو جاوا آھن، سماترا ٻيٽ بعد جاوا ٻيٽ آھي. جاوا سماترا جي اڌ کان بھ ننڍو آھي پر آدمشماريءَ جي حساب سان تمام گھڻو ڳتيل آھي. دنيا ۾ مسلمانن جو سڀ کان وڏو تعداد انڊونيشيا ۾ آھي ۽ ھن ٻيٽ (جاوا) تي رھي ٿو. جاوا جي اڀرندي پڇ وٽ انڊونيشيا جو ھڪ بيحد رومانوي ۽ خوبصورت ٻيٽ سورابايا (Surabaya) آھي. رومانوي ان خيال کان تھ ھن ٻيٽ جي پس منظر ۾ ڪيترائي قصا، ڪھاڻيون ۽ ناول لکيل آھن. ان ٻيٽ جي ڀرسان ھڪ ٻيو ننڍڙو ۽ اوتروئي رومانٽڪ ٻيٽ بالي آھي جنھن تي سڄو سال دنيا جا ماڻھو گھمڻ لاءِ ايندا رھن ٿا. بالي واحد ٻيٽ يا ھنڌ آھي جتي جي ماڻھن جو ھندو ڌرم سان واسطو آھي. جنرل ناليج جي سوالن ۾ اڪثر اھو پڇيو ويندو آھي تھ ھندستان کان علاوھ اھو ڪھڙو ملڪ آھي جتي جو سرڪاري مذھب ھندو ڌرم آھي. ۽ اھو انڊونيشيا جو ھي ٻيٽ بالي آھي. بھر حال ھتي دنيا جي ڇھين نمبر وڏي ٻيٽ سماترا جي ڳالھھ ھلي رھي ھئي جنھن جي پھاڙي سلسلي کي صاف موسم ۾ روزانو پنھنجي گھر جي بالڪني ۽ آفيس جي ڏاکڻي دريءَ مان ڏسندو ھوس. ملاڪا ۾ جتي آئون اٺ سال کن رھيس اتي منھنجو گھر سمنڊ (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي ڪناري تي ھو ۽ سمنڊ جي ان سوڙھي پٽي (Malacca Stait) جنھن جو نالو ملائيشيا جي شھر ملاڪا تان پيو، جي پرئين ڀر ھن ٻيٽ جو ڪنارو ھو. ھي ٻيٽ ايڏو وڏو آھي جو سڄو ملائيشيا (ويسٽ ملائيشيا) ٿائلنڊ جي پکيٽ، سونگڪلا ۽ ھاديائي شھرن کان سنگاپور تائين ھن جو اڌ جيترو ٿو ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: