سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :6

مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو پنھنجو اباڻو ڌنڌو " واپار وڙو" ڪندا رھيا پر مارڪو پولو مڪاني زبان منگول سکڻ ۾ لڳي ويو. زبان ڄاڻڻ بعد قبلائي خان کيس سول سروس ۾ رکيو. ھن جي ذھانت، محنت ۽ چال چلن ڏسي کيس جلدي جلدي ترقي ملندي رھي ۽ آخرڪار ذاتي ڪائونسل ۾ ھن کي شامل ڪيو ويو. شھنشاھھ ھن مان ايڏو خوش ھو جو کيس ڪيترن اھم missions تي خاص ايلچي ڪري موڪليو. جن مان ھڪ ھندستان ڏي ھئي جتي ھن کي ھندستان ڏسڻ ۽ چڱي طرح سمجھڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. ھڪ ٻي مشن سري لنڪا (سلون) مان گوتم ٻڌ جي مورتي خريد ڪرڻ جي ھئي ان ۾ قبلائي خان مارڪو پولو کي موڪليو.

مارڪو پولو چين ۽ ملايا

مان ٿيندو ايران پھتو

بعد ۾ مارڪو پولو کي ينگ چائو(Young chow) شھر جو ميئر بنايو ويو. ھي شھر گرانڊ ڪئنال تي اھم ترين شھر ھو. چين ۾ 15سالن جي رھائش دوران مارڪو پولو کي چين، انڊيا ۽ خاص ڪري جپان جي وڏي معلومات حاصل ٿي،  1292ع ۾ مارڪوپولو چين ڇڏيو. چين ايندي وقت مارڪوپولو باءِ روڊ ھنن شھرن مان لنگھيو ھو: ايران جو ڪـَـرمان، افغانستان جو ھرات، بلخ، ڪاشگر، خوتان، چنگ شنگ، شنگتائو وغيره. واپسي تي ساڳي خشڪي جي رستي وٺڻ بدران ھن سامونڊي رستو اختيار ڪيو. ھانگ ڪانگ پاسي واري دئرين ۽ ڪئنٽن بندرگاھن مان ٿيندو فوچو Foochow، زيتون (Chuan Chow چيني شھرن بعد ملاڪا پھتو (انھن ڏينھن ۾ سنگاپور ٻيٽ تي اڃان ڪنھن رھڻ جو ئي نھ سوچيو ھو ۽ نھ وري ڪو پينانگ ھو. ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ جيڪي ڪجھھ ھو سو ملاڪا بندرگاھھ ھو ۽ ھن پاسي ملئي دنيا جي گاديءَ جو ھنڌ ھو). اتان پوءِ خليج بنگال جي ٻيٽن نڪوبار تي پھتو( جن کي ٽن چئن صدين بعد انگريزن جي ھندستان اچڻ بعد وڏي پئماني جي ڏوھارين لاءِ قيد خانو قرار ڏنو ويو. جتي جيڪو سزا طور پھچندو ھو اھو وري نھ موٽندو ھو ۽ جنھن کي ننڍي کنڊ جا ماڻھو " ڪارو پاڻي" سڏيندا ھئا). ان بعد سلون، ھندستان ۽ سنڌ جو ڪنارو ڏيئي ايران پھتو جتي قبلائي خان جي ڀاڻيجي ارغون (ايران جي وائسراءِ) جي ليڊي ڪوڪاچن سان شادي ٿي رھي ھئي. ايران پھچڻ بعد ھن کي قبلائي خان جي مري وڃڻ جي خبر پيئي ان ڪري ايران مان وري چين ڏي وڃڻ بدران پنھنجي وطن وينس 1295 ع ۾ آيو.

مارڪو پولو کي قيد ۾ سفر نامو

لکڻ جو سٺو موقعو ملي ويو

پنھنجي گھر وينس پھچي ھن کي ھڪ ھنڌ وھڻ ۾ مزو نھ آيو. جيتوڻيڪ ھو سالن جا سال ڏور ولايتون گھمي ھاڻ پھتو ھو. بقول شاھھ لطيف جي :کيڙي کيڙي کـنـَـڊ، ماءِ! سامونڊي آئيا. ان زماني جي ڪاٺ جي جھاز تي ھو آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا کنڊن جو چڪر ھڻي آيو ھو. پر وينس پھچڻ سان ھن کي وري سفر تي نڪرن لاءِ دل چيو.

"اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا! وڃڻ جون،

اٺئي پھر اٿن، سعيو ڪنھن سفر جو.

سو مارڪو پولو کي بھ وري پرئين پار وڃڻ جي وائي لڳي رھي. جھاز ھاڪاري ٻاھر نڪتو. انھن ڏينھن ۾ ھنن جي ملڪ وارن جي جنيوا وارن سان جنگ ھلي رھي ھئي. رستي تي ھن جو جھاز جھلجي پيو ۽ کيس (مارڪو  پولو کي)1296ع کان  1299ع تائين جنيوا ۾  P.O.W(جنگي قيدي) ٿي رھڻو پيو. انھن بند وارن ڏينھن ۾ مارڪو پولو کي پنھنجي سفر جون يادون لکڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ۽ سندس انھن ڏينھن جو لکيل ڪتاب  “The Book of Marco Polo”اڄ ست صديون (ست سؤ سال) گذرڻ بعد بھ ايترو ئي مشھور آھي جيترو ان وقت ھو. مارڪو پولو جو ھي ڪتاب يورپين لاءِ پھريون ڪتاب ھو جنھن ۾ ڏور اوڀر جو تفصيلي احوال ھو. مارڪو پولو ھن ڪتاب ۾ نھ فقط چين ۽ سڄي ايشيا جو احوال ڏنو آھي پر ڪيترن ڏور انھن ٻيٽن :جپان کان وٺي مالديپ ۽ زنجبار جو احوال ڏنو آھي.

مارڪو پولو کي چين جي سماجي توڙي سياسي وڏي ڄاڻ ھئي.  1276ع ۾ (مارڪو پولو جي چين پھچڻ کان ھڪ سال پوءِ) ڏکڻ چين جي  SUNGگھراڻي جي منگولن مڪمل تباھي ڪري ڇڏي ھئي. سنگ گھراڻي 990) ع کان  1276ع( جي دور جي تھذيب، آرٽ ڪلچر يورپ کان بھ اتم اتاھون ھو.

قيد مان ڇٽڻ بعد مارڪو پولو مرڻ تائين-يعني 1324ع تائين پنھنجي اباڻي ڳوٺ وينس ۾ ئي رھيو. ھي شھر Veince اھو آھي جتي گھرن جي ٻاھران پڪن رستن بدران پاڻي آھي ۽ مسافر ۽ شھرين کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچائڻ جو ڪم ٻيڙيون ڪن ٿيون. روم ۽ نيپلس وانگر وينس بھ اٽليءَ جو خوبصورت شھر ۽ بندرگاھھ آھي.

اسان لاءِ سڀ کان ويجھو ۽ وڏو

ٻيٽ سري لنڪا آھي

سياحن جي ڳالھين کي ڇڏي پاڻ وري ٻيٽن جون ڳالھيون ڪريون. انڊمان، نڪوبار، لڪديپ، مالديپ وغيره اسان جي ويجھڙائي وارا ٻيٽ آھن جيڪي ننڍي کنڊ (پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش) سان لاڳو وارن سمنڊن: عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال جا ٻيٽ چيا وڃن ٿا ۽ اھي ٻئي سمنڊ ھندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جا حصا آھن. مالديپ ٻيٽ عربي سمنڊ کان ڪافي پر ٻھرو ۽ صحيح معنيٰ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھي ۽ خط استوا (خيالي ليڪ جيڪا دنيا کي ٻن اڌن ۾ ورھائي ٿي) سان وڃيو لڳي.

ڏٺو وڃي تھ مٿين ٻيٽن کان وڏو، ويجھو ۽ اھم ٻيٽ سريلنڪا آھي جنھن جا مختلف دورن ۾ مختلف نالا پئي رھيا آھن، جھڙوڪ: سيلان، سلون، زيلان، سرانديپ وغيره. ڪنھن دور ۾ سري لنڪا فقط لنڪا بھ سڏيو ويو آھي. شاھھ لطيف بھ ھن کي لنڪا سڏيو آھي. انجڻين وارا جھاز ھاڻ کان ھلڻ شروع ٿيا آھن يعني گذريل صديءَ کان ۽ ڪي سؤ سال کن مس ٿيندا نھ تھ ان کان اڳ تائين ھميشھ ڪاٺ جا جھاز ھئا جيڪي ڪپڙي جي سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ اھي شپنگ ڪمپنيءَ جي آرڊر يا ناکئي (ناخدا، ڪئپٽن) جي مرضيءَ سان نھ پر ھوا جي رخ مطابق ھلندا ھئا. عربي سمنڊ ۾ عرب ملڪن کان (خاص ڪري عدن کان) ھيٺ ڏکڻ ۾ لنڪا (سلون) تائين اھم روٽ ھئي جنھن جو مڊوي سنڌ جا بندرگاھھ ھئا. ان ڪري گذريل وقت ۾ سنڌ جي اھا حالت ھئي جيڪا اڄ ڪلھھ سنگاپور جھڙن ٻيٽن جي آھي. عربستان توڙي لنڪا پاسي جھازي، واپاري، ٽوئرسٽ نھ فقط ٺٽي جي آسپاس پر ملتان تائين نظر آيا ٿي. لاريون موٽرون، ريل گاڏيون يا ھوائي جھاز تھ ھئا ڪونھ. ماڻھن لاءِ سفر جو آسان ذريعو پاڻي رستي ھو. شاھھ لطيف بھ پنھنجن شعرن ۾ لنڪا ۽ عدن جو نالو آندو آھي:

تن ۾ ترار توھ جي، گھڻو لھھ گھوري

ادب ۽ اخلاص جا، سڙھھ ٻڌج سوري

وکر وينتين جو، تنھن ۾ پاءِ توري

تھ عادنئون، اوري، تنھنجو توائي نھ ٿئي.

(سر سريراڳ)

" عادنئون" معنيٰ عدن بندر کان. يعني (منزل) تي پھچڻ کان اڳ تنھنجو ٻيڙو آئوٽ آف ڪنٽرول نھ ٿي وڃي يا غلط راھھ ڏي نھ مڙي وڃي. يعني پنھنجي اصلي روحاني مقصد تي پھچڻ کان اڳ ڪٿي غلط رستي تي نھ ڀٽڪي وڃين.

ھڪ ٻئي شعر ۾ شاھھ لطيف سلون (سري لنڪا) بابت چوي ٿو:

سڻي سون لنڪا جو، سک نھ سامونڊين

پرھھ پڳھھ ڇوڙيا، کاري کيڙائن

وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪھيا ڪارونڀار ڏي

شاھھ جو ھڪ ٻيو شعر ھن خوبصورت ۽ ھيرن موتين جي ٻيٽ بابت آھي:

کاري کيڙائو، مٿي مـِـٺي موٽيا،

سودو ڪن نھ سون جو، وڏا وھائو،

موتي جي مھراڻ جا، تن جا طامائو،

سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.

(سر سامونڊي)

بھر حال ھتي ھن ٻيٽ (سلون) بابت گھڻو لکڻ نٿو چاھيان جو ھن ٻيٽ بابت پنھنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ لکي چڪو آھيان بلڪ ھڪ ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينھن....“ ۾ تھ فقط ھن  ٻيٽ جو احوال ڏنو اٿم. سري لنڪا ۽ سندس بندرگاھھ ڪولمبو جي اڄ بھ وڏي اھميت آھي جو جاگرافيائي طور ھي ٻيٽ اھڙي ھنڌ تي آھي جتان بين الاقوامي روڊن (سامونڊي رستن) تان لنگھندڙ جھازن جو ھتان لنگھھ ٿئي ٿو. تاملن جي فسادن جي باوجود ھي ٻيٽ جھازن ۽ جھازين لاءِ ڪشش آھي. اھي جھاز جيڪي ھتي جي بندرگاھھ ۾ نٿا اچن انھن کي بھ ھن ٻيٽ جي ويجھو اچي Coasting ڪرڻي پوي ٿي يعني ڪنارو ڏئي ھلڻو پوي ٿو ۽ پوءِ منزل مطابق مقرر ھنڌ تان پنھنجي جھاز کي ان منزل (ملائيشيا، انڊونيشيا، انڊيا، بنگلاديش، برما، پاڪستان يا آسٽريليا) ڏي موڙڻو پوي ٿو. انھي ڪري جھاز ھلائڻ وارن ڏينھن ۾ اسان کي بھ ايندي ويندي ھن ٻيٽ تي اچڻو پيو ٿي يا ڪنارو ڪنارو ڏيندي لنگھڻو پيو ٿي. ان ڪري ھن ٻيٽ جو تمام گھڻو احوال مٿئين ڪتاب (سي ئي جو ڀن ڏينھن...) ۾ لکي چڪو آھيان ۽ اھي نھ فقط ھن ٻيٽ جي جوڀن جا ڏينھن ھئا پر اسان بھ تن ڏينھن ۾ جوان ھئاسين. ھينئر ان سري لنڪا جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت ۾ وڏو فرق اچي چڪو آھي. سري لنڪا آئون ھڪ دفعو وري وڃڻ چاھيان ٿو سمنڊ رستي ئي پر ھڪ مئرين انجنيئر (جھاز ھلائڻ واري) جي حيثيت ۾ نھ پر ھڪ مسافر جي حيثيت ۾.

سريلنڪا (سلون جو ٻيٽ ڌارين لاءِ ھميشھ ڪشش جو سبب رھيو آھي

جتي ڏکڻ ھندستان جو آخري صوبو ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ختم ٿئي ٿو اتي ڪجھھ سمنڊ بعد سري لنڪا جو ٻيٽ آھي. سري لنڪا جو ٻيٽ اک جي ڳوڙھي يا ھيري جھڙي شڪل جو ٻيٽ آھي. سري لنڪا ۽ ھندستان جي سرزمين جي وچ ۾ سمنڊ ضرور آھي پر اھو ايترو تھ تانگھو، جابلو ۽ سوڙھو آھي جو وڏا جھاز ھرگز نٿا ھلي سگھن. ننڍيون ٻيڙيون ئي مڇيون مارڻ، سمگلنگ ڪرڻ ۽ غير قانوني طرح ھڪ ملڪ جا ماڻھو ٻئي ۾ ڍوئڻ جو ڪم ڪن ٿيون.

سري لنڪا ۾ ھن وقت گھڻي ڀاڱي سنھالي ڳالھائيندڙ مڪاني ماڻھو رھن ٿا جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آھي ۽ ٻيا، خاص ڪري ٻيٽ جي اتر ۾، تامل ڳالھائيندڙ ھندو  رھن ٿا جيڪي انگريزن جي ڏينھن ۾ ڏکڻ ھندستان کان لڏي ھتي آيا. ان کان علاوھ ڪجھھ مسلمان تامل ۽ پاڪستاني رھن ٿا، عرب ۽ انگريز پڻ رھن ٿا. ٻيٽ جو سرڪاري مذھب ٻڌ ڌرم آھي جيڪو انڊيا کان ھتي آيو پر انڊيا ۾ ھي ڌرم فقط ھماليا جبلن جي رياستن: نيپال، لداخ، ڀوتان وغيره ۾ وڃي رھيو آھي.

چوڏھين صديءَ تائين سري لنڪا تي حڪومت سنھالي بادشاھن جي رھي. سن  1500ع ڌاري پورچو گالين جو ھندي سمنڊ تائين اچڻ ٿي ويو.  1518ع ۾ کين ڪولمبو ۾ قلعو ٺاھڻ ۽ واپار ڪرڻ جي موڪل ڏني وئي.  1521ع ڌاري سنھالي بادشاھھ وجايا باھو جنھن جي ھن ٻيٽ تي حڪومت ھئي ان کي سندس ٽن پٽن گڏجي ماري رکيو ۽ ملڪ جا حصا پتيون ڪري ان جا پاڻ حاڪم ٿي ويٺا ۽ پوءِ انھن مان ھڪ، باقي ٻن ڀائرن جا حصا کسڻ لاءِ پورچوگالين جي مدد ورتي. پورچو گالين بھ اھو ئي چاھيو ٿي. ھو مڪاني ماڻھن کي پنھنجو پاڻ ۾ ويڙھائي ڪمزور ڪري، ويا پنھنجي طاقت ۽ حڪومت مضبوط ڪندا ۽ پوءِ آخرڪار ائين ئي ٿيو جيئن ٿيندو آھي: عرب ٻاھر اٺ تنبوءِ ۾.

ھوڏانھن جاوا سماترا ڏي ڊچ طاقتور ٿي ويا ھئا اھي ھاڻ سري لنڪا ڏي وڌڻ لڳا ۽  1638ع کان پنھنجا پير ھن ٻيٽ تي کپائڻ لڳا.  1640ع تائين ڊچن سري لنڪا جا بندرگاھھ ٽرڪو ملي، باٽيڪولا ۽ گال(Gale)  وغيره تي قبضو ڪري ورتو.  1665ع تائين ھنن جو سڄي ٻيٽ تي راڄ ٿي ويو. ڪئنڊي Kandy واري جابلو ۽ ٻيٽ جي وچ واري حصي ۾ رھندڙ بادشاھھ جو راڄ نھ فقط قائم رکيو ويو پر ھڪ معاھدي ھيٺ کيس بچاءُ (Protection) ڏني وئي. سچ تھ ھي آھي تھ اھي بادشاھھ جيتوڻيڪ پاڻ ۾ ڀائر يا سوٽ ماسات ھئا پر پنھنجو پاڻ ۾ فيصلو نھ پئي ڪري سگھيا تھ بادشاھي ڪنھن جي ھجڻ کپي يا ڪنھن جي سلطنت ڪھڙي حد کان ڪھڙي حد تائين ھجڻ کپي پوءِ ڌارين قومن (يورپين) مڪاني بادشاھن جي گھرو ۽ درٻاري جھيڙن مان پئي فائدو ورتو. پورچوگالي ھجن يا ڊچ يا انگريز ھنن موجودھ بادشاھھ يا حاڪم کي ڏٽا ڏئي فائدا حاصل ڪرڻ چاھيا ٿي. ھنن يورپي ڏاڍن مڙسن کي ڪجھھ فائدا ڏنا ٿي ۽ ڪجھھ ڊمانڊون پوريون ڪري راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي تھ ھنن وري ٻيون فرمائشون ڪيون ٿي. جيڪڏھن ڪنھن مڪاني بادشاھھ يورپين جون اٽڪلون  سمجھي مٿن سختي ڪئي ٿي تھ يورپين سندس مخالف يا دشمن اميدوار بادشاھھ سان ملي ھن کي تخت و تاج ڏياري پنھنجي لاءِ اڃان بھ وڌيڪ فائدا حاصل ڪيا ٿي. اھي نمونا ھي يورپي نھ فقط انڊيا ۽ سري لنڪا ۾ پر ملايا کان مالي ۽ ڪينيا کان نائيجريا تائين ڪندا رھيا ۽ ويا ملڪ پنھنجي قبضي ۾ ڪندا.

پورچو گالين ۽ ڊچن بعد سريلنڪا

۾ انگريز پھتا

سري لنڪا تي پورچو گالين ۽ ڊچن جي حڪومت بعد انگريزن جي 1815 ع  کان  1948ع تائين حڪومت رھي. انگريز شايد سري لنڪا ۾ گھڙي نھ سگھن ھا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن وانگر سري لنڪا تي بھ ڊچن (ھالنڊ جي رھاڪن) جو قبضو قائم ھجي ھا پر ھوڏانھن يورپ ۾ سندن سرزمين تي ھلندڙ جنگين ۾ ھالنڊ (جنھن کي نيدر لئنڊس بھ سڏجي ٿو) فرانس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ھو (ڊچ) پنھنجي وطن کان ڏور سري لنڪا، سماترا، جاوا، بالي جھڙن ڏورانھن ٻيٽن کي صحيح طرح ڪنٽرول ڪري نھ سگھيا. ان وقت انگريز تھ ھونءَ ئي سڏ پنڌ تي (انڊيا ۾) ويٺا ھئا سي رڙھي سري لنڪا ڀيڙا اچي ٿيا. ڊچن مخالفت ڪئي پر منجھن ايڏو جوش نھ ھو ۽ چـُـپڙي ڪري ھٿ ڪڍي ويا ۽ انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني واپار جي نالي م اچي ويٺي. ھيءَ سن 1796ع جي ڳالھھ آھي. انگريزن پھرين سري لنڪا ۾ عارضي طور رھڻ جو سوچيو ھو پر پوءِ پير ڄمائڻ سان ڏٺائون تھ لئھ لڳي پئي آھي. ساوڪ ۽ سک لڳا پيا آھن. ماڻھو  سادا ۽ سلوڻا، سندن حاڪم پاڻ ۾ ئي پيا وڙھن. سو سال ٻھ مدراس کان ھن ٻيٽ جو انتظام ھلائي پوءِ چڱي طرح قبضو ڪرڻ لڳا.  1802ع ۾ سري لنڪا کي برٽش جي ڪرائون ڪالوني بنايو ويو. ڪئنڊي ۾ رھندڙ بادشاھھ سان تھ 1796ع ۾ ڪولمبو پھچڻ سان ئي ميل ملاقاتون شروع ڪيون ھئائون. ھن کي اھو ئي چيائون تھ تون بي اونو ٿي عيش ڪر عوام جو فڪر نھ ڪر ۽ نھ پنھنجي ڪنھن سوٽ ماسات جو ڊپ ڪر. جيسين اسين آھيون تيسين تنھنجي تخت کي ڪير بھ ھٿ نھ لائي سگھندو. ڪئنڊي جو مڪاني بادشاھھ خوش ٿي ويو پر ھن کي دل ۾ ھوارا کورا رھي تھ ھي ڌاريان يورپي چڱا ٿيا جيڪي اسان جي ڌرتي تي رھي اسان تي پيا لئھ رکن. ھن پنھنجي انتظاميا کي سڌارڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريز کي کڙڪ پئجي وئي تھ اھا ڳالھھ ھنن لاءِ خراب آھي. ڪئنڊيءَ جو  بادشاھھ اسان تي ڀاڙڻ نٿو چاھي ۽ اسان کي وڌيڪ سھولتون ۽ قبضا ڪرڻ ۾ دقت پيش ايندي. ھو موقعي جو انتظار ۾ رھيا. آخر ٿورو گھڻو موقعو ڏسي انگريزن سڄي ملڪ تي 1803ع ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا ۽ پوءِ ٻارھن سالن بعد  1815ع ۾ انگريزن کي سٺو موقعو ملي ويو. ڪئنڊي جي وڏن سردارن جي بادشاھھ سان کٽ پٽ ٿي پئي انگريزن انھن جو پاسو کڻي اصل بادشاھھ جي ڀينگ ڪرائي ۽ پاڻ بالم ٿي سڄي ٻيٽ جا حاڪم ٿي رھيا.

پورن سؤ سالن بعد جنگ عظيم دوران سري لنڪا جي عوام ۾ نئشلزم جو جذبو پئدا ٿيو ۽ ڪجھھ سول نافرمانيءَ جھڙي مھم ھلي پر انگريزن ھن کي آسانيءَ سان دٻائي ڇڏيو. سن 1919ع ۾ سري لنڪا جي مختلف ڪميونٽين گڏجي سپلان نئشنل ڪانگريس نالي سياسي پارٽي ٺاھي جنھن ۾ اڄ جون تامل ۽ سنھالي آرگنائيزيشنون پڻ ھيون.

 1920ع ۾ انگريزن گورنر سر وليم مئننگ جي نظرداري ھيٺ آئين جو ڪچو مسودو ٺاھيو ويو جنھن کي  1924ع ۾ صحيح شڪل ۾ آندو ويو جيئن ملڪ جا قوم پرست قبول ڪري سگھن.  1931ع ۾ آئين کي وري نئين سنئينءَ ٺاھيو ويو جيئن سري لنڪا جي مڪاني سياستدان کي ڪجھھ وڌيڪ سياسي طاقت ملي سگھي.  1947ع ۾ سري لنڪا ۾ پھرين اليڪشن ٿي. ڪجھھ سياسي پارٽين گڏجي ھڪ گڏيل پارٽي يونائيٽيڊ نئشنل پارٽي (UNP) ٺاھي ۽ انھن مسٽر ڊان اسٽيفن سينا نائڪي کي وزير اعظم طور چونڊيو جيڪو برٽش حڪومت ۾ ائگريڪلچر جو وزير رھي چڪو ھو.

سلون جي مسز بندرانائڪي ايشيا جي

پھرين عورت وزير اعظم ھئي

سري لنڪا کي 4 فيبروري  1948ع تي انگريزن طرفان خودمختياري ملي ۽ سينا نائڪي مرڻ تائين  1952)ع تائين( سري لنڪا جو وزير اعظم رھيو. ان بعد سندس پٽ ڊڊلي سينا نائڪي سري لنڪا جو وزير اعظم ٿيو. ھن جي ڏينھن ۾ سنھالي ٻڌن کي احساس ٿيو تھ جيتوڻيڪ ھن ڌرتيءَ جا اصلي ڄاوا ھي سنھالي ٻڌ آھن پر انتظاميا، پوليس ۽ ھر نوڪري ۽ واپاري ۾ تامل ھندن جو گھڻو ھٿ آھي. ھيءَ ڪھڙي آزادي آھي جنھن ۾ مڪاني ماڻھن مٿان وري ڌاريان (يعني تامل جيڪي پوءِ آيا ۽ 20 سيڪڙو بھ ڪي مس آھن) حڪومت ڪري رھيا آھن. ھن سوچيو

دارصل انگريزن جي سؤ سال حڪومت ۾ ھـُـنن تاملن کي گھڻو اڳتي ڪيو. تعليم توڙي واپاري وڙي ۾. ٻيٽ جا اصل ماڻھو سنھالي انگريزن جي زبان، ڪلچر ۽ مذھب جي مخالفت ڪري رھيا ھئا ان ڪري انگريزن انھن کي ڇڏي تاملن کي ترقي ڏياري. نتيجي ۾ اھو ٿيو جو سريلنڪا جي آزاديءَ وقت حڪومت جا اھم عھدا ۽ نوڪريون تاملن جي ئي ھٿ ۾ آيون. اھي ئي گھڻا پڙھيل ڳڙھيل ۽ ھوشيار ھئا. انھن جي ئي ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن ڪاليجن ۾ ھو. تعليم فقط انگريزي ۾ ھلي رھي ھئي جنھن ۾ ھو ڀڙ ٿي چڪا ھئا. سنھالي ٻِڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ لڳا تھ ٻڌمت جي ڌرتيءَ تي ڌرتي ڄاون (ٻڌن) سان ھيءَ نا انصافي آھي.

1956 ع ۾ سڄي دنيا ۾ ٻڌن گوتم ٻڌ جي وفات جي 2500 وين ورسي ملھائي. سري لنڪا ۾ بھ ھي  Occasion ”ٻڌا جاينٿي“ جي نالي سان وڏي پئماني تي ملھايو ويو. ان ئي سال مسٽر ايس. ڊبليو. آر ڊي بندرا نائڪي ۽ سندس سياسي پارٽي: سري لنڪا فريڊم پارٽي (SLFP) ٻڌ ڌرم جي نعري ھيٺ ڪافي مشھوري حاصل ڪئي. مسٽر بندرانائڪيءَ 1951 ع ۾ UNP (يونائٽيڊ نئشنل پارٽي) مان استعيفا ڏئي پنھنجي پارٽي SLFP ٺاھي ھئي. سندس ھڪ نعرو اھو بھ ھو تھ ڌارين جي زبان (انگريزي) ڇڏي پنھنجي وطن جي سنھالا زبان استعمال ڪئي وڃي. يعني تامل زبان کي بھ ڇڏي ڏيو. ھن قوم پرستي ۽ زبان جي جنگ تاملن ۽ سنھالين ۾ جھيڙي کي وڌائي ڇڏيو. ان ئي سال  1956)ع( ۾ ٿيل اليڪشن ۾ مسٽر بندرانائڪيءَ  جي پارٽي وڏي سوڀ حاصل ڪئي ۽ پاڻ ملڪ جو وزير اعظم ٿيو. حڪومت جون واڳون وٺڻ سان ھن سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن م تعليم جي زبان سنھالا ڪرائي. ان ڳالھھ تاملن کي وڏو نقصان رسايو ۽ ھنن فيڊرل پارٽي جي جھنڊي ھيٺ حڪومت جي سخت مخالفت شروع ڪئي. افسوس ۽ حيرت جي ڳالھھ اھا تھ مسٽر بندرا نائڪيءَ کي سن  1956ع ۾ پنھنجي ئي ھڪ ٻڌ جيڪو عام ماڻھو نھ پر بکشو  (monk)ھو ان گولي ھڻي ماري وڌو. مسٽر بندرانائڪيءَ ھن ٻڌ بکشوءَ اڳيان عزت خاطر جھڪي رھيو ھو.

سال کن جي انٽرم بعد  1960ع جي اليڪشن ۾ بندرانائڪي صاحب جي زال مسز سريماوو بندرانائڪي ملڪ جي وزير اعظم ٿي. پاڻ ايشيا جي پھرين عورت وزير اعظم ٿي. گولڊامير، اندرا گانڌي، بينظير، ڪوري اڪينو، حسينا واجد يا گلوريا وغيره سڀ پوءِ پوءِ ٿيون.

سري لنڪا جي سياست ھڪ نظر ۾

مسز بندرا نائڪي کاٻي ڌر جي طرف کنيو. ھر شيءَ کي شوشلسٽ نموني سان قوميايو ويو. تاملن جو جھيڙو جاري رھيو.   1965ع کان 1970 ع تائين وري UNP  پارٽيءَ اليڪشن کٽي ۽ ڊڊلي سينانائڪي ملڪ جو وزير اعظم ٿيو. سينانائڪي بھ ملڪ جا مسئلا حل ڪري نھ سگھيو. سري لنڪا جيڪو ھڪ سکيو ستابو ملڪ ھو اھو تعليم توڙي ترقيءَ ۾ پٺتي ٿيندو ويو. بي روزگاري وڌندي رھي. ملڪي ناڻو جو اگھھ ڪرندو رھيو. جيڪا چانھھ ۽ ٻي پوک مان ڪمائي ٿئي ٿي، ان کان وڌيڪ ٻاھران ايندڙ ڪڻڪ، کنڊ، گيھھ ۽ ٻين شين جي امپورٽ تي خرچ ٿيڻ لڳو. ھونءَ ھن سڄي علائقي ۾ ڪولمبو جو ئي بندرگاھھ سڀ ڪجھھ ھو. ھاڻ ھانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ دبئي ڪويت جھڙا بندرگاھھ اھم ٿيندا ويا ۽ ڪولمبو جي ڪمائي گھٽجڻ لڳي.

1970 ع ۾ مسز سري ماوو بندرا نائڪي وري وزيراعظم ٿي ۽  1977ع ۾ جي آر جوارڊين وزيراعظم ٿيو ۽ ان بعد پريماداسا 1988 ع ۾ ٿيو.   1994ع ۾ مسز بندرانائڪي جي پئرس جي پڙھيل ڌيءَ چاندريڪا ملڪ جي وزيراعظم ٿي ۽ اڃان تائين اھا ئي آھي. گذريل سال (سن  2000ع) آگسٽ  ۾سندس ماءُ سري ماوو گذاري وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: