مون ھيرا وڪڻي بئنڪ لاءِ مور پئدا ڪيو
انھن حالتن کي ڌيان ۾ رکي مون چين وڃڻ جو سوچيو.
مون پنھنجي خاندان کي اڳواٽ ڪلڪتي موڪلي ڇڏيو ھو،
جتي منھنجو ھڪ سٺو دوست ڊاڪٽر پائو اتي نئشنلسٽ
قونصل جنرل ھو. مون ھن ڏي تار موڪلي پنھنجي
فئمليءَ کي چين موڪلڻ لاءِ مدد گھري. مون
ٽرانسپورٽ جھاز نيو ليڊيئر ذريعي پرٿ ڇڏيو جيڪو
ڪولمبو لاءِ بارود کڻي پئي ويو. مون کي فرسٽ ڪلاس
ڪئبن لاءِ ھڪ ھزار ڊالر ڏيڻا پيا پر ان ھوندي بھ
مونکي جھاز تي خلاصين وانگر ڪم ڪرڻو پيو. ڪولمبو
پھچي خبر پيئي تھ فقط ھڪ ڏينھن اڳ جپاني جنگي
جھازن ڪولمبو تي ڏاڍا بم بارود اڇلايا پر برطانيھ
جي رايل نيوي جي جھازن ھنن کي ڊوڙائي ڪڍيو.
ڪلڪتي پھچڻ تي مونکي خبر پئي تھ منھنجي فئملي
خيريت سان چين پھچي وئي، سو مون بھ ڪنمنگ (چين)
لاءِ ھوائي سفر جي ٽڪيٽ خريد ڪئي. مونکي ٻڌايو ويو
تھ ھماليا جبل مٿان ٽپي ويندڙ ڏھن ھوائي جھازن مان
ھڪ اڌ جو ضررو حادثو ٿئي ٿو. تن ڏينھن ۾
DC-3
ڊڪوٽا جھاز ھلندا ھئا جن ۾ وھڻ
لاءِ
40
سيٽون ھيون. آئون سلامتيءَ سان
پھتس ۽ پنھنجي فئمليءَ کي سک سانت ۾ ڏسي چنڪنگ
روانو ٿيس. ويھن کان بھ مٿي سال سنگاپور ۾رھڻ بعد،
ان کي ائين ڇڏڻ جو ڏاڍو ڏک ھوم. اڳتي جي ڪا خبر نھ
ھيم. پٺيان سڀ جائداد ۽ ڌنڌو سنگاپور ڇڏي آيو ھوس.
آئون پنھنجي گھر، قيمتي شين ۽
"
واھ ھن ائنڊ ڪمپني"
۾ پنھنجي حصي کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. چين ۾ رھڻ
لاءِ مونکي ھڪ تمام سٺي ھوٽل ملي وئي، جنھن جو
مالڪ وڏو عرصو رھڻ جو ٻڌي مونکان گھٽ مسواڙ وٺڻ
لاءِ راضي ٿي ويو.
سنگاپور چائنيز چئمبر آف ڪامرس جي صدر جي حيثيت ۾
مونکي چيانگ ڪائي شيڪ پاڻ وٽ گھرائي ملايا جي
حالتن مطابق خبر چار ورتي. ھن کي ڌارين ملڪن ۾
رھندڙ چينين جو بيحد اونو ھو. ھو ڪا دير مونکان
پڇندو رھيو تھ آئون ۽ منھنجي فئملي سنگاپور مان
ڪيئن ڀڄي نڪتي. ڪجھھ ڏينھن بعد ھن مونکي وار ٽائيم
پوليٽيڪل قونصل وٽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ رھندڙ چينين
جو نمائندو مقرر ڪيو. جنھن وقت آئون سنگاپور ڇڏي
رھيو ھوس تھ مون اھوئي سمجھيو تھ بس ھر ڳالھھ ختم
ٿي وئي، پر پوءِ ٿورن ئي مھنن ۾ آئون چين جو ھڪ
اھم ماڻھن ليکجڻ لڳس. ملڪ جي بچاءَ لاءِ قوم پرست
جماعتون چين جي صدر چيانگ جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ڪميونسٽ
مائو زيڊانگ ۽ چائو اين لائي جي قيادت ۾ ملي رھيا
ھئا. اھي الائيز فورسز سان ملي جنگ جيتڻ جا اپاءِ
وٺي رھيا ھئا. آئون فارين پاليسي جي ڪميٽي ۾ رکيو
ويس. ان ۾ ٻيا ھي ميمبر ھئا: چائو اين لائي،
تـُـنگ پي وو ۽ شائو لـِي چـر. ڪميٽيءَ جو ڪم
الائيڊ ملڪن سان لھھ وچڙ ۾ اچڻ ھو.
مون چين ۾ رھندڙ سنگاپور جي انھن شاگردن جي وڏي
مدد ڪئي جن کي گھران پئسا اچڻ بند ٿي ويا ھئا. مون
تعليم قائم رکڻ لاءِ سندن ھمٿ افزائي ڪئي. چين جي
مختلف شھرن مان بئنڪن جا مالڪ ۽ نمائندا چنگ ڪنگ ۾
گڏ ٿي رھيا ھئا سو مون دل ئي دل ۾ سوچيو تھ ڇو نھ
ھتي بئنڪ کولي وڃي. مون ملايا، برما ۽ انڊيا ۾
رھندڙ وڏن چيني واپارين جي ميٽنگ سڏرائي. کين
ٻڌايو تھ آئون انھن بئنڪرن جي خدمتن جي لسٽ ٺاھڻ
چاھيان ٿو جيڪي ھانگ ڪانگ، شنگھائي ۽ چين جي ٻين
شھرن مان جنگي مسئلن ڪري خارج ڪيا ويا آھن. ھنن
مونکي بئنڪ کولڻ لاءِ لائسنس وٺڻ لاءِ چيو جيڪو
عام صورتن ۾ تمام ڏکيو ملي ٿو. پر مون صدر چيانگ
سان ڳالھھ ڪئي جنھن وزير خزانا سان ان ئي وقت
ڳالھائي ڪم پڪو ڪرايو.
مون مٿين بئنڪن وارن کي بھ پنھنجي بئنڪ ۾ شامل ڪيو
جيئن گڏ ھلائي سگھجي. اسانجي بئنڪ جو نالو
"اوور
سيز چائنيز يونين"
بئنڪ رکيو ويو، جيڪو نالو
"نانيانگ
سيانگ پائو"
اخبار جي سابق ايڊيٽر مسٽر
فانگ لـِـي سن اسان لاءِ چونڊيو. آئون ايگزيڪيوٽو
پريزيڊنٽ چونڊيو ويندس. مون ھيرا وڪڻي بئنڪ لاءِ
مور ڏنو. اسان ينگسي نديءَ جي ڪناري تي ٻماڙ بلڊنگ
مسواڙ تي وٺي بئنڪ شروع ڪئي. آئون مٿين ماڙ تي رھڻ
لڳس. ڪجھھ ڏينھن بعد، منھنجي ھڪ دوست ٻڌايو تھ
ٿائلنڊ جو ھڪ اسان جي زبان ٽيوچو ڳالھائڻ وارو
مسٽر چـِـي او يانگ، جيڪو فلپين جي ڪميونيڪيشن
بئنڪ جو مئنيجر رھي چڪو ھو ۽ ھينئر ھانگ ڪانگ جي
اسٽيٽ بئنڪ آف چائنا جو مئنيجر ھو، جنگي حالتن کان
ڀڄي چين جي شھر گوئيلن ۾ آيو آھي. ھن کي بئنڪن
ھلائڻ جو وڏو تجربو آھي. آئون ھن جي رھائش واري
شھر ڏي ھلي ويس ۽ کيس منٿ ميڙ ڪري وٺي آيس تھ ھو
ھلي اسان جي بئنڪ جو پھريون مئنيجر ٿئي.
سال ۾ ھڪ ڊالر پگھار واري نوڪري
اسان پنھنجي بئنڪ جي ھڪ برانچ ويٽنام جي بارڊر
واري شھر ٽانگ قنگ
(Tong Qing)
۾ بھ کولي جيڪا تمام سٺو ھلڻ لڳي. ڏکڻ اوڀر جي
ملڪن کان ڀڄي آيل چيني اتي آيا ٿي ۽ پاڻ سان آندل
ھيرا جواھر، سون ۽ ڳھھ ڳٺا وڪڻي، اسان جي بئنڪ
معرفت چين ۾ رھندڙ سندن ٻين مٽن مائٽن ڏي پئسا
موڪليا ٿي- خاص ڪري چين جي انھن علائقن ڏي جن تي
اڃان جپانين جو قبضو نھ ٿيو ھو. بعد ۾ اسانجي بئنڪ
جي ھڪ ٻي برانچ ليوزھو شھر ۾ پڻ کولي وئي. مون
محسوس ڪيو تھ اسانجي بئنڪ دنيا ۾ رھندڙ چينين جي
وچ ۾ ھڪ مضبوط ڪڙيءَ جو ڪم ڪري سگھي ٿي ۽ اسانجي
بئنڪ ذريعي چينين کي نھ فقط ھڪ ٻئي جي ڄاڻ ملي
سگھي ٿي پر سندن ڳانڍاپو پڻ ٿي سگھي ٿو.
ان بعد چين ۽ برطانيھ حڪومتن جي نمائندن مونکي چيو
تھ آئون پنھنجو اثر رسوخ ھلائي ولايت ۾ رھندڙ
چينين کي آمادھ ڪريان تھ ھو ھن جنگ (جپان ۽ انگلنڊ
جي وچ واري-ٻي عالمي لڙائيءَ) ۾ انگريزن جي مدد
ڪن. مون کين صلاح ڏني تھ ان لاءِ سٺا نتيجا حاصل
ڪرڻ لاءِ بھتر اھو ٿيندو تھ يونيورسٽيءَ جي شاگردن
کي ڀرتي ڪيو وڃي. منھنجي اھا آئيڊيا انگريز توڙي
چيني حڪومت کي پسند آئي ۽ سون جي تعداد ۾ نوجوان
چيني شاگردن کي سلون (سريلنڪا) جي جابلو شھر
ڪئنڊيءَ ۾ موڪليو ويو. انھن ڏينھن ۾ ڪئنڊي
(Kandy)
برٽش فوج جي ڪمانڊر ان چيف لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن
جو ھيڊڪواٽر ھو. ٽريننگ بعد انھن چيني شاگردن کي
ھيلڪاپٽرن ذريعي ملايا جي جنگلن ۾ لاھڻ جو پروگرام
رٿيو ويو، جتان ھو گوريلا جنگ وڙھي سگھن.
ڪرنل لم بوسينگ (جيڪو پوءِ ميجر جنرل ٿيو) ان
پروجيڪٽ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو. ھي صحيح معنيٰ ۾ ھيرو
ھو. ھڪ ڏينھن اسان اھا خبر ٻڌي تھ ھو اپوح ۾
جھلجي پيو آھي. (اپوح شھر اتر ملائيشيا جي رياست
پيراق جي گاديءَ جو ھنڌ آھي). اھو ٻڌي اسانکي ڏاڍو
ڏک ٿيو. اسان سڀني دل سان مڃيو تھ ھن انھن سڀني
پاران قرباني ڏني جن آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽي ھئي.
1945ع
جي شروعات ۾، صدر چيانگ مونکي اسپيشل ڪمشنر جي
حيثيت ۾- يعني ھڪ قسم جو سفير ڪري لنڊن موڪليو.
منھنجو ڪم اھو ھو تھ اھي يورپي ملڪ: ھالنڊ، فرانس،
انگلنڊ وغيره جن جون ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪالونيون
ھيون انھن سان ملي اوڀر ايشيا جي جنگ ۾ ڊٺل شھرن
کي ٺاھڻ لاءِ سوچيو وڃي. لنڊن ۾ مون ھوٽل
Savoy
۾ پنھنجي آفيس سيٽ ڪئي. منھنجي پھرين ملاقات ۽
واسطو لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن سان ٿيو. ان بعد،
آئون سر ايڊورڊ جينٽ سان مليس جيڪو ملايا ۽
سنگاپور جو پھريون ھاءِ ڪمشنر ٿيو. آئون سر آرٿر
موس سان پڻ مليس جيڪو ھانگ ڪانگ بئنڪ جو چيئرمين
ھو. ھو ھانگ ڪانگ لاءِ اھو ئي ڪم ڪري رھيو ھو جيڪو
آئون ڪري رھيو ھوس. پاڻ قد جو قداور، خوش مزاج ۽
عمر ۾ مونکان
15
سال وڏو ھو ۽ ھن مونکي ڀاءُ
ڪري ٿي سمجھيو.
ھن نوڪريءَ ۾ چيني حڪومت مونکي سال ۾ ھڪ ڊالر
پگھار طور ڏنو ٿي. پنھنجو ذاتي خرچ مون پنھنجي
کيسي مان ڪيو ٿي.
"واھ
ھـِـن ائنڊڪمپني"
طرفان برطانيھ جي حڪومت ڏي
منھنجي ڪجھھ رھت ھئي. ان جا بل پيش ڪري مون کانئن
خرچ پکي لاءِ پئسو ورتو ٿي. ھوٽل سيوئاءِ زبردست
ھوٽل ھئي، البت مھنگي ڏاڍي ھئي. پر مون پڪو پھھ
ڪيو تھ چين جي ھڪ نمائندي جي حيثيت ۾ مونکي
اسٽائيل ۾ رھڻ کپي. منھنجي حوالي ھوٽل جو سوٽ ھو
جنھن ۾ بيڊ روم ۽ ھڪ ڊرائنگ روم بھ ھو. اھا وڏي
عياشي ھئي پر منھنجو ھڪ ئي مقصد ھو تھ جپانين کان
جنگ کٽي وڃي ۽ سنگاپور واپس موٽي ڌنڌو ڄمائجي.
ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ منھنجي گھر ۾
ھڪ جپاني جرنيل رھيو
لنڊن ۾ جيڪي سرڪاري قسم جون دعوتون ٿيون ٿي انھن ۾
مونکي بھ سڏرايو ويو ٿي ۽ مون محسوس ڪيو تھ اھا
منھنجي پڻ ڊيوٽي آھي تھ ھنن کي ڪاڪٽيل ريسپشن تي
گھرايان. ان دعوت ۾ لنڊن جو چيني سفير ڊاڪٽر
ويلنگٽن خو پڻ آيو. ان کان علاوھ ھالنڊ، فرانس ۽
بيلجم ۾ رھندڙ چيني سفير پڻ اچي نڪتا. اسانجي
مھمانن ۾ لارڊ اِن ور فورٿ ۽ الرڊ ٽيـِـورٽ (ھائوس
آف لارڊس جو نمائندو)، سر ايڊورڊ جينٽ، لنڊن ۾
رھندڙ چيني اڳواڻ ۽ بزنيس ڪميونٽي جا نمائندا پڻ
ھئا. منھنجي اھا دعوت وڏي ڪاميابي ثابت ٿي.
جنگ ختم ٿيڻ بعد، امدادي ڪمن جي پوئواريءَ لاءِ
آئون پئرس ۽ ھيگ روانو ٿيس.
14
آگسٽ
1945ع
واري ڏينھن تي آئون ڊائننگ روم ۾ لنچ ڪري رھيو ھوس
تھ ھيڊ ويٽر اچي مونکي ھا خوشخبري ٻڌائي تھ اتحادي
فوجون
(Alliance)
کٽي ويون آھن. مون يڪدم سر
ايڊورڊ جينٽ کي فون ڪيو تھ آئون سنگاپور وڃڻ
چاھيان ٿو. پھرين آڪٽوبر تي، ھن مونکي ٻڌايو تھ ھو
ٻن ڏينھن بعد ھوائي جھاز ۾ سنگاپور وڃي رھيو آھي ۽
ان ۾ ھڪ سيٽ مون لاءِ پڻ خالي آھي. ان ڏينھن شام
جو مون ڪيترن ئي اھم شخصيتن کي ڊنر تي گھرايو- خاص
ڪري انھن کي جن مونکي لنڊن ۾ رھڻ دوران مدد ڪئي.
ان دعوت ۾ اسان خوب شئمپئن (شراب) پيتو ۽ ڊانس
ڪئي. اسان جي ڀرواري ٽيبل تي لارڊ مائونٽ بئٽن
ويٺل ھو.
آئون
BOAC
ڪمپنيءَ جي ھوائي جھاز رستي
سنگاپور روانو ٿيس. واٽ تي رات ڪولمبو ۾ گذري. ٻئي
ڏينھن سيليتار ايئربيس تي ڪيترن وڏن آفيسرن ۽
چائنيز چئمبر آف ڪامرس جي ميمبرن منھنجو آڌر ڀاءُ
ڪيو. خوشيءَ وچان منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا.
جيسين چين کان نئون قونصلر جنرل پھتو تيسين
سنگاپور ۾ چين جي نمائندگي آئون ڪندو رھيس. مون
سرڪاري پاسپورٽ استعمال ڪيو ٿي ۽ منھنجي ڪار تي
چيني جھنڊو ڦڙڪيو ٿي.
سنگاپور جي اخبار
‘The Malayan Tribune’
منھنجي تصوير ڏئي مٿان سرخي
ڏني:’The
First Chinese Envoy’
آئون اڃان بھ چئمبر آف ڪامرس جو صدر ھوس.
جنگ جو اثر ھر ھڪ تي پيو ھو. مون کي خبر پئي تھ
1942ع
۾ جپانين جو جيئن ئي سنگاپور تي قبضو ٿيو تھ ھو
يڪدم منھنجي ننڍي ڀاءُ جي گھر اچي ھن کان منھنجي
پڇا ڪرڻ لڳا. جڏھن ھن مون بابت نھ ٻڌايو تھ جپاني
ڪاوڙجي پيا ۽ منھنجي ڀاءُ کي جھلي ويا. دراصل ھن
کي منھنجي سنگاپور ڇڏڻ جي واقعي خبر نھ ھئي. مون
پنھنجي ڊرائيور عليءَ کان پڇيو تھ تو منھنجي غير
حاضريءَ ۾ منھنجي ڪار
Chrysler
ٽئڪسيءَ طور ھلائي روزگار ڇو
نٿي ڪمايو جڏھن تھ جپانين سڀني ڊرائيورن تي زور
پئي آندو.
"مون
ڪنھن بھ صورت ۾ جپانين سان ساٿ نٿي ڏيڻ چاھيو."
ھن جواب ڏنو ۽ آئون ھن جي
وفاداريءَ مان ڏاڍو متاثر ٿيس.
اسان جي گھر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيون غائب ھيون. ھو
اسانکي وري نھ مليون پوءِ خبر پيئي تھ جپاني
منھنجي ڳولا ۾ اسان جي گھران اچي نڪتا. ھنن شراب ۽
وائين جون سڀ بوتلون، ويندي
250
ننڍڙيون بوتلون، جيڪي مون
ھابيءَ طور گڏ ڪيو ھيون، اھي بھ کڻي ويا. انھن مان
ڪجھھ اتي ئي پيتائون. نشي ۾ ڌت ٿي ھنن غريب
نوڪرياڻين تي حملو ڪيو. منھنجا گڏ ڪيل بي بھا تحفا
۽ پينٽنگلون وغيره سڀ کڻي ويا. بھر حال باقي گھر
سٺي حالت ۾ ھو جو ان ۾ ھڪ جپاني جنرل رھيو ٿي. مون
پنھنجي زندگيءَ جي شروعات وري نئين سنئينءَ شروع
ڪئي.
نومبر جي شروع وارن ڏينھن ۾، لارا لوئيس مائونٽ
بئٽن
"برٽش
مليٽري ائڊمنسٽريشن ڪائونسل"
جو پھريون ائڊوائزري ڪائونسل
مقرر ٿيو. مونکي سڄي ملايا جي ايڪانامي ۽ ڪامرس تي
نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سنگاپور توڙي ملايا ۾
انھن ڏينھن ۾ کاڌي خوراڪ جي سخت کوٽ ٿي پيئي. لنڊن
۾ رھائش دوران مون اتي جي واسطيدار کاتن کي چوڻ
چاڻ ڪرايو تھ ھو اسان ڏي دٻي ۾ بند گوشت
(Beef)
۽ دوائون موڪلين. ۽ ھاڻ اڇن چانورن جي سخت ضرروت
ھئي. ھتي ڊالر جو اڌ ڪلو مس ٿي مليو، ۽ اھي چانور
بھ ھتي جا مڪاني ديسي ٽائيپ ھئا. سو چئمبر چانور ۽
چوپائي مال گھرائڻ جو بندوبست ڪيو. ان سلسلي ۾
مونکي ھانگ ڪانگ وڃي برطانيا جي ملٽري ائڊمنسٽريشن
سان ڳالھائڻو پيو.
ھانگ ڪانگ ۾ مون کي وڏي عزت ڏني وئي. منھنجو شايان
شان
آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. آئون سر آرٿر موس سان پڻ مليس.
ھانگ ڪانـَـگ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن وڃڻ لاءِ ڪائونسل
مونکي ھڪ وڏي ڪار مھيا ڪئي، جيتوڻيڪ انھن ڏينھن ۾
ڪارن جي ڏاڍي کوٽ ھئي. جنگ جي ڪري سخت تباھي ٿي
وئي ھئي. آئون اتي جي امپورٽرن ۽ ايڪسپورٽرن سان
مليس جن سنگاپور سان واپار قائم رکڻ لاءِ جلدي جو
وعدو ڪيو. دارصل مال ڍوئڻ لاءِ جھازن جي بھ وڏي
کوٽ ھئي. پر منھنجي جھازن جي ايجنٽن سان ڄاڻ سڃاڻ
ھجڻ ڪري مون ان مسئلي کي حل ڪري ورتو.
اھي ڪم ڪاريون ڪرڻ بعد مون پنھنجي ذاتي ڌنڌي ڏي
ڌيان ڌريو ۽ پنھنجي ڪمپني
"واھ
ھن ائنڊ ڪمپني"
کي منھن ڏيڻ شروع ڪيو. منھنجي
دوست مسٽر ھائوءَ ٻڌايو تھ جپانين جي اچڻ کان اڳ
جيڪي ھڪ لک ڊالر پاڻ بئنڪ مان ڪڍايا ھئا انھن مان
باقي
20,000
ڊالر ڪئش جي صورت ۾ بچن ٿا.
مون ڪرنل ڊئويز کي خط لکيو تھ اسان جي ڪمپنيءَ
طرفان توھان ڏي پئسا رھن ٿا جيڪي آرميءَ جي کنڌي
۾ کنيل آھن. پاڻ ملٽري اڪائونٽ آفيس جي حيثيت ۾
اسان ڏي ڏيڊ لک ڊالر ڏياري موڪليا جنھن رقم سان
اسان جي ڪمپني
"واھ
ھن ائنڊ ڪمپني"
ھڪ دفعو وري زور سان ڪاروبار
ڪرڻ لڳي. بعد ۾ ڪرنل ڊئويز برگيڊيئر ٿي وري
سنگاپور آيو ھو ۽ مليٽري کي راشن پاڻي سپلاءِ ڪرڻ
لاءِ ھن اسان کي ڪيترن ئي ٺيڪن جي آڇ ڏني.
مون ھميشھ پنھنجي اسٽاف کي
ٻين کان گھڻو پگھار ڏنو
جڏھن آئون لنڊن ۾ آنرري ڊپلومئٽ ھوس تھ منھنجي
آفيس قونصليٽ وانگر ھئي. جيڪي چيني پنھنجي وطن وڃڻ
۾ ڏکيائي محسوس ڪري رھيا ھئا انھن جي مون مدد ڪئي
ٿي. انھن ڏينھن ۾ چينين ۽ ٻين لڏ پلاڻ ڪري وارن
لاءِ سنگاپور جي شھريت حاصل ڪرڻ ھڪ اڻانگو مسئلو
ھو. کين تڪليف ۾ ڏسي مونکي ھنن سان دلي ھمدردي ٿي
ٿي. مون ھي مسئلو لارڊ ان ور فورٿ آڏو پيش ڪيو
جيڪو جھاز ران
Ben Lineڪمپنيءَ
جو مالڪ ھو ۽ ھڪ سياستدان، لئبر پارٽيءَ جو ڪرتا
ڌرتا ۽ منھنجي
Rehabilitation Committee
۾ نھ فقط ساٿي رھي چڪو ھو پر منھنجي مدد بھ ڪئي
ھئائين. مون چاھيو ٿي تھ چينين کي سنگاپور جي
Citizenship
ملي وڃي تھ ھو آٽوميٽيڪلي
انگلنڊ جي شھريت لاءِ اپلاءِ ڪري سگھندا ۽ اھڙي
طرح ھو وڏي خرچ کان بچي ويندا. ان ڪيس وڙھڻ لاءِ
آئون ايرڪ اٽڪسن وٽ آيس جيڪو ٽاپ جو وڪيل ھو. ھن
ويچاري مون کان في بھ نھ ورتي. ھن چيو تھ ھو انھن
ماڻھن جي مدد ڪرڻ چاھي ٿو جن سنگاپور کي ڪامياب
بڻايو آھي.
1946ع
۾، سر فئنڪلن گمسن سنگاپور جو گورنر ٿي آيو.
سنگاپور جي سٽي ھال ۾ اسان ھن جي دعوت ڪئي ۽ مون
چئمبر پاران آجياڻي جي تقرير پڙھي. ٻئي ڏينھن مون
ھن کي پٽيشن پيش ڪئي جيڪا مسٽر ايرڪ وڪيل اسان
لاءِ ڊرافٽ ڪئي ھئي ۽ جنھن ۾ اسان طرفان برطانيھ
جي حڪومت کي عرض ڪيو ويو ھو تھ ھو سنگاپور ۾ آيل
ڌارين ماڻھن کي مڪاني شھريت ڏين. اڳتي ھلي مونکي
ميونسپل ڪميشن ۾ رکيو ويو جتي مونکي حڪومت کي ان
ڳالھھ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ وڏي ڪاميابي نصيب ٿي تھ
رڪشائون بند ڪيون وڃن ۽
1949ع
تائين، سنگاپور ۽ ملايا کي خودمختياري ملڻ لاءِ
مذاڪرن ۾ آئون بھ حصيدار رھيس. اھم اھم ماڻھن
منھنجي گھر ملاقاتن ۾ حصو وٺڻ ايندا ھئا. جھڙوڪ
تنڪو عبدالرحمان ۽ سارڊن بن زبير وغيره.
ھڪ ڏينھن اھي ٻئي ڄڻا، يعني تنڪو عبدالرحمان ۽
تـُـن سارڊن جنگ کان اڳ واري پراڻي ماڊل جي ڪار
بيبي آسٽن ۾ منھنجي گھر آيا. ملڪ جي آزاديءَ لاءِ
بحث مباحثا ھلندا رھيا. وڃڻ وقت کانئن گاڏي اسٽارٽ
ئي نھ ٿئي. پوءِ مونکي گاڏيءَ کي ڌڪا ڏيڻا پيا
جنھن اندر ھي ٻئي ٿلھا متارا ويٺا ھئا. آخر ۾ تنڪو
"بابا
ملائيشيا"
۽ ملائيشيا جو پھريون وزيراعظم ٿيو. تـُـن سارڊن
ڪجھھ وقت سنگاپور رھيو، ان بعد جوھور رياست ۾ وڃي
رھيو. جيتوڻيڪ ملڪ جي آزادي ۽ ٻين سياسي ڪمن ۾
آئون حصو وٺندو رھيس پر مونکي ڪڏھن بھ سياستدان
ٿيڻ جو شوق نھ ٿيو.
فتحياتي بعد، اسانجي چنگڪنگ واري بئنڪ ڪئنٽن،
سوواتو ۽ شنگھائيءَ ۾ پڻ برانچون کوليون. پھرين
سٺو ڌنڌو ڄميو، پر پوءِ جلدئي، مائوزي ڊانگ جي اثر
ھيٺ چيانگ ڪائي شيڪ جا نئشنلسٽ گروپ اچي ويا. سو
اسان انھن بئنڪن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڊپازٽ
بھ ڪي خاص وڏا نھ ھئا. چين جي ڪرنسي بھ ڪري پئي
ھئي.
1947ع
۾ آئون سنگاپور ۾ بئنڪ کولڻ بابت سوچڻ لڳس ۽
1949ع
۾، ھيءَ اوور سيز يونين بئنڪ کوليم. چين ۾ بند ڪيل
بئنڪ مان ڪجھھ پراڻو اسٽاف گھرائي ھن سنگاپور واري
بئنڪ تي لڳايم. مون مسٽر تان سيا ڪئان کي بئنڪ جو
پھريون چيئرمين مقرر ڪيو جيڪو اسانجي مخالف بئنڪ
"اوور
سي چائنيز بئنڪ"
جو سابق مئنيجر ھو. آئون وائيس
چيئرمين ۽ مئينجنگ ڊائريڪٽر ٿيس. اسان ان بئنڪ جو
ڪاروبار ھلائڻ لاءِ ڏھھ آفيسر، پنڌرھن ڪلارڪ ۽ ٻھ
چوڪيدار رکيا. مسٽر چي او يانگ کي مئنيجر ڪري
رکيوسين. اسان ٻھ ملين ڊالر جي پيڊ-اپ ڪئپيٽل سان
ڪم شروع ڪيو. ان وقت منھنجي خواب خيال بھ نھ ھو تھ
ھڪ ڏينھن اسانجي بئنڪ ڪيڏي وڏي پئماني تي وڃي
پھچندي.
مون بئنڪ لاءِ ڪا سٺي جاءِ ڳولڻ چاھي ٿي ۽
خوشنصيبيءَ سان اسان کي رئفلس پليس م ميئرس چئمبرس
۾ جاءِ ملي وئي. اسان کان اڳ اھا جاءِ مليٽري بئنڪ
طور ڪم اچي رھي ھئي. ان بلڊنگ جو مالڪ مسٽر ميئر
منھنجو سٺو دوست ھو جيڪو جپانين جي اچڻ کان اڳ
ڪلڪتي ھليو ويو ھو. ھن اسان کي گرائونڊ فلور ۽
بيسمينٽ
4000
ڊالر مھني جي مسواڙ تي ڏنو.
اھا وڏي ڳالھھ ھئي تھ رئفلس پليس اسانجي بئنڪ جي
ائڊريس ھئي. اسان جي بئنڪ ۽ منھنجي ڪمپني
"واھ
ھن ائنڊ ڪمپني"
سٺو ھلندي رھي. ماڻھو چوڻ لڳا
تھ اھو ان ڪري جو آئون بئنڪ وارن کان پگھار بھ نٿو
وٺان. ڪي چوڻ لڳا تھ آئون ڪنجوس آھيان جو ايئر
ڪنڊيشنر تي بھ خرچ نٿو ڪريان. پر اصل ڳالھھ اھا
آھي تھ اسٽاف ۽ مون تمام گھڻو محنت سان ڪم ڪيو ٿي.
مون پاڻ وٽ ڪم ڪندڙن کي اولاد وانگر سمجھيو ٿي ۽
منھنجا اھي اصول، اڄ بھ بدليا نھ آھن. ڪم ڪرڻ
وارن کي سٺا پگھار ڏيڻ کپن ۽ جڏھن توھان کي وڏو
فائدو ٿئي تھ سڄي اسٽاف کي وڏو بونس ڏجي. اسٽاف کي
پارٽيون ڏينديون رھجن. بيمار ٿيڻ تھ ھنن کي اسپتال
۾ پڇڻ وڃجي. ھنن کي گھر ۾ ڪا پريشاني ھجي تھ ھنن
جي مدد ڪجي. جيڪو محنت ڪري ان جي پروموشن ڪجي. مون
ھميشھ پنھنجي اسٽاف کي ٻين کان ڪجھھ وڌيڪ پگھار ۽
ڌيان ڏنو آھي. جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا تھ توھان جو
ڪاروبار سٺي نموني سان ھلي تھ توھان ھميشھ بھتر
ماڻھو رکو.
1958ع
تائين، جڏھن بھ مونکي وڏو فائدو رسيو ٿي تھ اسٽاف
کي بونس ڏيڻ سان گڏ کين لنڊن وڌيڪ ٽريننگ لاءِ بھ
موڪليو ٿي.
آئون ھيڪاندو ھٻڇي ٿي پيس
اسان چانورن ۽ ٻئي اناج جي امپورٽرن کي ٽريننگ ڏني
تھ ڪيئن شيون امپورٽ ڪجن. اسان ماڻھن کي سمجھايو
تھ پئسا ھنڌ بسترن ۾ رکڻ بدران بئنڪ ۾ سيونگ
اڪائونٽ ۾ رکرائڻ کپن.
1957ع
کانپوءِ اسان ھن بئنڪ جون برانچون سنگاپور کان
ٻاھر بھ کوليون. ھڪ ڏينھن ڊاڪٽر گوح ڪينگ سوي،
جيڪو ان وقت وزير خزانا ھو، کي مون چيو:
"ڊاڪٽر
صاحب، منھنجي دل ٿي چاھي تھ پنھنجي بئنڪ
OUB
جون لنڊن ۽ ٽوڪيو ۾ بھ برانچون
کوليان"،
ھن منھنجي رٿ قبول ڪئي ۽ سال اندر اسانکي اجازت
ناما ڏنا ويا. ٻئي برانچون
1965
۾ ڪجھھ ڏينھن جي وٿيءَ تي کوليون ويون. آئون ٽوڪيو
ويس جتان جلدي جلدي نيويارڪ مان ٿي لنڊن پھتس،
جيئن بئنڪ کلڻ جي فنڪشن ۾ حصو وٺي سگھان. ٽوڪيو
واري بئنڪ جي اوپننگ
Ceremony
لاءِ مون تنڪو عبدالرحمان جي
سالي کي چيف گيسٽ طور گھرايو جيڪو ٽوڪيو ۾ سفير ھو
۽ لنڊن واري بئنڪ لاءِ تنڪو صاحب جي وڏي ڀاءُ کي
چيف گيسٽ ڪيو جيڪو ملائيشيا طرفان لنڊن ۾ ھاءِ
ڪمشنر ھو.
واپاري دنيا ۾ ڪاميابيءَ جو راز کارائڻ پيارڻ ۽
دعوتن تي آھي. دعوتن ذريعي ئي ماڻھن سان تعلقات
ٺھن ٿا. ۽ واپار وڌائڻ جو سڄي دنيا ۾ اھو ئي راز
آھي. شروع وارن ڏينھن ۾ آئون پنھنجن مھمانن جي
خذمت چاڪريءَ لاءِ کين ڪئٿي ھوٽل ۾ بئنڪ جي پينٽ
ھائوس ۾ رھائيندو ھوس. اتي رھڻ ۾ ھنن کي ڏاڍو مزو
آيو ٿي ڇو جو شھر ۾ رھائش لاءِ اھا ئي بھترين جاءِ
ھئي. رئفلس ھوٽل مشھور ضرور ھئي پر اھا ڪئٿي ھوٽل
وانگر چوڏھن ماڙ نھ ھئي ۽ نھ اتان ڏسڻ لاءِ ڪو
سھڻو نظارو ھو. ھالنڊ کان آيل ڊچ بئنڪ جي ڪجھھ
مھمانن کي اسان جڪارتا ۾ بھ گھمايو ڦيرايو ۽
رھائيو، انھن اڳتي ھلي پنھنجي ايجنسي نيٺ اسان کي
ڏني. ڪئٿي ھوٽل جي پينٽ ھائوس جي بھ دلچسپ ڪھاڻي
آھي. جپاني جنرل پنھنجا ھيڊڪوارٽر ان ۾ ٺاھيا ھئا.
ان بعد مائونٽ بئٽن ان ۾ رھيو. برٽش مليٽري
ائڊمنسٽريشن ختم ٿيڻ بعد اسانجي بئنڪ اھو پينٽ
ھائوس ھڪ ھزار ڊالر في مھني جي حساب سان مسواڙ تي
ورتو-جيڪو انھن ڏينھن ۾ وڏو ناڻو سمجھيو ويو ٿي.
مون ان پينٽ ھائوس ۾ شراب جو بار بھ ٺھرائي ڇڏيو
ھو. ان ۾ ٽي بيڊروم ھئا. ڪيترائي اھم ماڻھو ان ۾
رھيا، ويندي ٿائلنڊ جي بادشاھھ جي ڀيڻ ۽ ٿائلنڊ
جو پرائيم منسٽر سارت ڌنسترات پڻ.
ڪئٿي ھوٽل ۾ مون بھ پئسو لڳايو ۽ ھوٽل جي ڇھين حصي
جو مالڪ ھجڻ ڪري آئون ان جو ڊائريڪٽر ٿيس. اھا
ھوٽل لوڪ بي اِيو جي خاندان جي ملڪيت ھئي. اوشن
پارڪ ھوٽل پڻ ھنن جي ھئي. ڪئٿي ھوٽل لاءِ مون ئي
مسز لوڪ پي اِيو ۽ سندس پٽ لوڪ وان ٿو
(Loke Wan Tho)کي
صلاح ڏني تھ ڪئٿي بلڊنگ ۾ آفيس ٺاھيو ۽ ھوٽل لاءِ
بھ مون ھمت افزائي ڪئيمان. ڪئٿي ھوٽل لاءِ پھريون
مئنيجر رکڻ لاءِ مون کين مائران لـِـنگ جو نالو
ڏنو جيڪو شنگھائي (چين) ۾ پارڪ ھوٽل جو سابق
مئنيجر ھو.
اڳتي ھلي اسان فجي ٻيٽ جي شھر سووا
(Suva)۾
گرانڊ پئسفڪ ھوٽل خريد ڪئي جنھن جا مالڪ
"نيوزيلئنڊ
اسٽيم شپ ڪمپني"
وارا ھئا. ان بعد اسان ٻھ ٻيون
ھوٽلون خريد ڪيون. اھي بھ فجي ٻيٽ تي ھيون. مون ۽
مسٽر لوڪ فجيءَ ۾ ڪافي چڪر ھنيا ٿي. مون جڏھن
سنگاپور جي مندارن ھوٽل جو سوچيو تھ ان وقت تائين
ھوٽلن جي ڌنڌي ۾ مونکي پنڌرھن سالن جو تجربو ٿي
چڪو ھو. مونکي صاف صاف لڳي رھيو ھو تھ ان ڌنڌي ۾
وڏو فائدو آھي. پھرين
"لوڪ
وان ٿو"
بھ مونسان گڏ ان پروجيڪٽ ۾ شامل ٿيو پر پوءِ ھن
اھو ئي بھتر سمجھيو تھ ھو پنھنجي ٻي جائداد تي ئي
ڌيان ڌري ۽ اھا ھوٽل مون حوالي ئي ھجي.
1964ع
۾ مون اوور سيز يونين انٽر پرائيز لاءِ ورتي.
ڀروارو پٽ مسٽر لوڪ پاڻ لاءِ رکيو جنھن تي آرچرڊ
ٿيٽر ٺھرائين.
مون مٿيون پٽ منڊارن ھوٽل ٺھرائڻ لاءِ ورتو ھو.
اھا ھوٽل پھرين
250
ڪمرن جي ٺھرائي رھيو ھوس. پوءِ
مون سوچيو تھ
400
ڪمرن جي ڪئي وڃي. ان بعد وري
دل ۾ خيال آيم تھ ڇو نھ
700
ڪمرن جي ڪئي وڃي. آئون ھيڪاندو
ھٻڇي ٿي پيس.
سنگاپور ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي جيڪو پاڻيءَ
لاءِ بھ ملائيشيا جو محتاج آھي
منڊران ھوٽل جي پلاننگ ڪرڻ وقت آئون ۽ منھنجي زال
مختلف ھوٽلون ڏسڻ لاءِ دنيا جي چڪر تي نڪتاسين. ھر
شھر جي بھترين ھوٽل ۾ رھي اسان ان ھوٽل جو جائزو
ورتو ٿي. ھوٽل جي عمارت کان علاوھ ھوٽل ۾ مليل
سھوليتون ۽ سروس پڻ ڏٺي ٿي. واپسي تي پنھنجي ھوٽل
جي انجنير ۽ ڪنسلٽنٽ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ٿي
جيئن ھو منھنجي ھن ھوٽل منڊارن کي سٺي ۾ سٺو ٺاھي
سگھن. مثال طور ڪجھھ ملڪن ۾ مون گول ڦرندڙ
ريسٽورنٽون ڏٺيون ۽ مونکي بھ شوق ٿيو. نتيجي ۾
منھنجي ھوٽل منڊارن سنگاپور جي پھرين ھوٽل آھي
جنھن ۾
Revolving Restaurant
آھي. اسان جو انٽيريئر ڊيڪوريٽر اسڪيچون ٺاھي
ايندو ھو جن کي غور سان ڏسي ھن کي ڪجھھ واڌاري يا
تبديليءَ لاءِ چوندو ھوس. منھنجي ٽيو نمبر پٽ
سوني، جنھن آمريڪا ۾ ھوٽل مئنيجمينٽ ۾ ڊگري حاصل
ڪئي ھئي ۽ ھاڻ ھلٽن ھوٽلز وارن سان گڏ ھو، موڪلن ۾
سنگاپور اچي مونکي منڊارن ھوٽل ٺھرائڻ ۾ مدد ڪندو
ھو. |