سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :16

  

سنھ  1900ع ۾ ايسٽ آفريڪا جو ڇا حال ھو

انھن ڏينھن  ۾ ڪينيا جو بندرگاھھ ممباسا تمام مشغول بندرگاھھ ھو جيڪو صدين کان ھلندڙ ٽڪندي واري واپار (جيڪو انڊيا، عربستان ۽ ايسٽ آفريڪا جي وچ۾ ھليو ٿي) جي اھم ترين ڪنڊ ھو. جيتوڻيڪ سائوٿ آفريڪا ۾ ھيرن ۽ سون جو واپار عروج تي ھو پر آفريڪا کنڊ جي اندرين حصي کي اڃان ٻاھر جي دنيا جي ھوا نھ لڳي ھئي. نيل نديءَ جي Source جي ھاڻ وڃي خبر پيئي ھئي تھ اھا ڪٿان ٿي شروع ٿئي. اھو ڪم ھڪ انگريز جاگرافر ۽ کوجنا ڪندڙ جان اسپيڪ ڪيو ھو. غلامن جي وڪري جي بندش ھاڻ ھاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ٿي ھئي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ غير سرڪاري طرح لڪ ڇپ ۾ اڃان بھ ٿورو گھڻو شيدين جو وڪرو پئي ھليو. ايسٽ آفريڪا جا اندريان حصا اڃان تائين گھاٽا جنگل ھئا جتي ھتي جا مڪاني ۽ قبائلي شيدي رھيا ٿي جيڪي ٻاھر جي دنيا جي تھذيب و تمدن کان بلڪل اڻ ڄاڻ ھئا. ھو لکڻ پڙھڻ کان ڪورا ھئا. ڪپڙا پاڻ بدران ھنن پنھنجي جسم جا فقط ڪجھھ حصا پنن سان ڍڪيا ٿي. پاڻ سان ڀالا، بڻڇيون ۽ تير ڪمان کڻي ھليا ٿي ۽ سندن گذر سفر جنگلي جانورن جي شڪار تي ھو.  ڪيترائي آدم خور قبيلا ھئا جن ماڻھن کي بھ جانور وانگر ڪچو يا پچائي کائي ڇڏيو ٿي.

ممباسا پھچي محمد مانيڪ عليڏنا وسرام وٽ ڪم شروع ڪيو جيڪو انڊين نسل جي ماڻھن ۾ ڪامياب واپاري ھو ۽ ايسٽ آفريڪا جو بي تاج بادشاھھ ليکيو ويو ٿي.

محمد مانيڪ محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ ڪري سگھو ئي عليڏنا وسرام جي "بونڊو جاگير" جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو. اھي جاگيرون مينگو (Mengo) ۾ ھيون  جيڪو بوگنڊا  (Buganda)سلطنت  (اڄ جي يوگنڊا) جي وچ واري علائقي ۾ ھو.

(محمد مانيڪ جو وڌيڪ قصو ٻڌائڻ کان اڳ پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ يوگنڊا، بوگنڊا وغيره بابت ٻھ چار سٽون ضروري لکڻ سمجھان ٿو.

جيئن  "سنڌ" اڳيئن زماني ۾ ملڪ جو ۽ ھاڻ صوبي جو نالو آھي.

"سنڌو" نديءَ جو نالو آھي.

"سنڌي" سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھن کي چئجي ٿو. تيئن:

-   يوگنڊا (Uganda) آفريڪا جي ملڪ جو نالو آھي جنھن جو مشھور سربراھھ عيدي امين ڪافي سالن کان نواز شريف وانگر سعودي عرب ۾ رھي ٿو.

-   Buganda ھتي جي ھڪ قديمي سلطنت جو نالو آھي پر ھاڻ يوگنڊا جي چئن صوبن مان ھڪ جو نالو آھي.

-         Luganda ھتي جي مڪاني زبان جو نالو آھي.

-         Kingade صفت طور استعمال ٿئي ٿو ھر ان شيءَ لاءِ جنھن جو واسطو بوگنڊا (Buganda) سان ھجي.

-         Muganda بوگنڊا صوبي جي رھاڪوءَ کي موگنڊا سڏجي ٿو.

-         Baganda موگنڊا جو جمع باگنڊا آھي.

سو مندرا ڪڇ کان ممباسا آيل ھن گجراتي کوجي مانيڪ کي يوگنڊا جي اڄ واري صوبي بوگنڊا ۾ رکيو ويو. نوڪريءَ تي وڃي چڙھڻ لاءِ مانيڪ کي ڪينيا جي اولھھ واري شھر ڪسومو تائين ڪجھھ پيرين پيادو تھ ڪجھھ ڍڳي گاڏيءَ تي پھچڻو پيو. (انھن ڏينھن ۾ ڦيٿي واري سواري ڍڳي گاڏي ھوندي ھئي. ڪسومو اڄ بھ ڪينيا جو خوبصورت شھر آھي ۽ وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري تي آھي. وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري ڪينيا، تنزانيا، روانڊا ۽ يوگنڊا ملڪ آھن. پراڻا ۽ اڄ جا پڻ مشھور شھر ڪمپالا، اينتيبي، جـِـنجا (Jinja)، موازنا وغيره سڀ ھن خوبصورت ڍنڍ جي اردگرد آھن. مصر جي نيل ندي بھ ھن ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي) سو مانيڪ بھ  پنھنجي posting واري جاءِ تي پھچڻ لاءِ ممباسا کان ڪسومو پھتو جتان ٻيڙيءَ ذريعي وڪٽوريا ڍنڍ جي ٻي پار اڄ جي يوگنڊا واري مشھور شھر اينتيبي (Entebbe) ۾ آيو.

1910ع ۾ جڏھن مانيڪ ويھن سالن جو ٿيو تھ ھن زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ ھڪ کوجا فئملي جي ڇوڪري فاطما لڌا سان شادي ڪئي. ھن ڪجھھ مھينا زنجبار (Zanzibar) ۾ ڌنڌي جو جائزو ورتو پر پوءِ  1911ع ۾ پنھنجي زال (فاطما) سان گڏ يوگنڊا ھليو آيو جتي اچي ھن پنھنجو ڌنڌو شروع ڪيو.

آفريڪا ۾ جانورن ۽ ڌاڙيل شيدين جو خوف

مانيڪ پنھنجو ذاتي ڪاروبار يوگنڊا جي ھڪ شھر بوجوتا (Bujuta) ۾ شروع ڪيو ۽ رھائش بھ اتي اختيار ڪئي. بوجوتا جو ڳوٺ (ھاڻ تھ وڏو شھر ٿي ويو آھي ۽ جنجا شھر جو حصو آھي) يوگنڊا جي گاديءَ واري شھر ڪمپالا کان 45 ميل ۽ جنجا (Jinja) کان 5 ميل ھو. ھيءَ ھڪ تمام پري جي جاءِ ھئي- آباديءَ کان الڳ ٿلڳ گھاٽي جنگل ۾. ھونءَ جنجا شھر تمام سھڻي نظاري واري ھنڌ تي، نيل نديءَ جي منھن وٽ آھي. اڄ بھ جنجا شھر جي آسپاس وارو منظر بيحد دل لڀائيندڙ آھي. انھن ڏينھن ۾ نھ ھيون ڪارون بسون ۽ نھ پڪا رستا. جنگلن ۾ ٺھيل پيچرا وٺي ھڪ ھنڌ کان ٻئي تائين پھچبو ھو. جانورن جو دانھون، ويندي شينھن جي گجگوڙ، جتي ڪٿي عام ھوندي ھئي. محمد مانيڪ اڪثر ڍڳي گاڏيءَ تي سواري ڪندو ھو. پاڻ سان ھر وقت رائيفل ۽ ريوالور کڻي ھلندو ھو. جڏھن ھو پنھنجي پوک ۽ زرعي فارمن جي ٽوئر تي نڪرندو ھو تھ ٻارن کي بوجوتا واري اسٽيٽ ھائوس ۾ ئي ترسائيندو ھو. ھو گھرو نوڪرن چاڪرن کان علاوھ اڪيلا رھيا ٿي. ساڻن ٻيو ڪو مٽ مائٽ رھيل نھ ھوندو ھو. ان ڪري مانيڪ پنھنجي زال کي چئي چئي نيٺ بندوق ۽ ريوالور ھلائڻ جي پرئڪٽس ڪرائي.

ھڪ ڏينھن محمد مانيڪ گھر کان ٻاھر ھو تھ سندس غير حاضري ۾ شيدي ڌاڙيل جو جٿو پنھنجن تيرڪمانن سان اچي ھن جي گھر ڪڙڪيو. سندن ھٿن ۾ ڀالا ۽ پنگاس (وڏا ڪات جن سان ڪمند ڪٽبو آھي) ھئا. ھو وڏي ڦر جي ارادي سان ھن وٽ اچي نڪتا ھئا. فاطما لاءِ  زندگي ۽ موت جو سوال ھو. ھن ھمت کان ڪم وٺي بندوق کي ھوا ۾ ڇوڙڻ شروع ڪيو. ڌاڙيلن جو ٽولو گولين جا آواز ٻڌي ڀڄي ويو.

ھنن جي گھر جي ويجھو ئي مينھن، ڍڳين ۽ رڍن ٻڪرين جا وٿاڻ ھئا. پسگردائي ۾ رھندڙ ٻن ٽن شينھن ۾ اھا بُـري عادت پئجي وئي ھئي تھ رات جي وقت ھڪ ٻھ جانور ڇڪي ويندا ھئا. سال  1917ع جي ھڪ صبح جو مانيڪ جيئن ئي پنھنجي گھر جو دروازو کوليو تھ ھو اھو ڏسي وائڙو ٿي ويو تھ ٻھ ڏٽا مٽا شينھن سامھون بيٺا ھئا ۽ ھن کي کائي وڃڻ وارين نگاھن سان گھورڻ لڳا. ھن يڪدم پنھنجي رائيفل سان نشانو وٺي ٻنھي کي ڍيري ڪري رکيو. اھا ھنن ۽ پاڙي وارن لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھھ ھئي ڇو جو ھي شينھن اھڙا تھ بي ڊپا ٿي چڪا ھئا جو اوڙي پاڙي لاءِ مصيبت ٿي پيا ھئا. ان وقت جو ورتل فوٽو مانيڪ جي اولاد وٽ اڃان تائين موجود آھي.

جنجا (JINJA) (يوگنڊا) ۾ اسلامي

ڪميونٽي جو قائم ٿيڻ

اوڻھين صدي جي آخري  ۽ ويھين صدي جي شروع کان ننڍي کنڊ جا ڪيترائي ماڻھو آفريڪا جي ايسٽ ڪوسٽ ڏي اچڻ لڳا- جتي ڪمائي ۽ روزگار جون ڪيتريون ئي راھون نظر اچي رھيون ھيون. انھن مان ڪيترائي اڳتي ھلي ايسٽ آفريڪا جي شھرن جا معزز ماڻھو ۽ اھم واپاري ثابت ٿيا. سن  1900ع ۾ ناصر پرڌان انڊيا کان زنجبار(Zanzibar) آيو. بعد ۾ ھي ممباسا جي ڀرسان چانگاموي (Changamwe) نالي ھڪ ڳوٺ ۾ ٽڪي پيو. پاڻ ھڪ ننڍڙو جنرل شاپ شروع ڪيائين. چئن سالن بعد ھو اڄ واري يوگنڊا جي خوبصورت شھر جنجا ۾ لڏي آيو.  1908ع ۾ جنجا اڃان ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ھو- قدرتي نظاري ۾ ضرور مالامال ھو. ٻيون اھم شخصيتون جن جا ان وقت جنجا ۾ دڪان ھئا، ھيون: ويلجي ڀووان، حاجي ميرالي (مير علي)، عبدالله نٿو ۽ جمعا مومن. سليمان اسماعيل ڀائي ان وقت حاجي ميراليءَ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ھو.

عبدالله نـَـٿو پنھنجي گھر جو ھڪ حصو خالي ڪري ڇڏيو ھو جيئن اتي مجلس ٿي سگھي. سني اسلامي فرقي جو مولوي عبدالله شاھھ اڪثر ھتي اچي واعظ ڪندو ھو، جيتوڻيڪ اسان ٻڌڻ وارن ۾ وڏو تعداد شيعن جو ھوندو ھو. ترڪيءَ جي ھڪ ٻي سني شخصيت حاجي تماچيءَ نالي پڻ شيعا جماعت سان گڏ اچي وھندو ھو ۽ وڏي دل سان پئسو ڏوڪڙ ۽ سامان جماعت جي ضرورت لاءِ Donate  ڪندو ھو.

شيعا جماعت جي ڪمن ڪارين ۾ چار بوھرا اسلامي ڪٽنب پڻ حصو وٺندا ھئا. جنجا جو ھڪ امير واپاري عبدالحسين قادر ڀائي ھر سال محرم جي 9 تاريخ نياز جي ماني ڪندو ھو.  1910ع ۾ بوھرا ڪميونٽيءَ پنھنجي الڳ مسجد ٺاھي جو ھنن جو تعداد ھاڻ تمام گھڻو وڌي ويو ھو.

يوگنڊا جي شھر جنجا ۾ پھرين شيعا مسجد

يوگنڊا جي جنھن علائقي (جنجا) ۾ ھندستان کان آيل ھي نوجوان کوجو رھيو ٿي اتي جيڪا پوک ٿي ٿي، ان ۾ ٻھ فصل ڪمائتا ھئا. ھڪ تـِـر (Sesame  Seeds) ۽ ٻيو ڳاڙھا مرچ (Red Pepper) جنھن کي مڪاني زبان ۾ پـِـلي پلي ھو ھو، چون.

 1910ع تائين جنجا شھر ۾ ڪيترائي انگريز زميندار رھائش اختيار ڪري چڪا ھئا. ھر ھڪ زور تِرن ۽ ڳاڙھن مرچن پوکڻ ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي ھو. ايتريقدر جو انھن جي اپت ڪپھھ کان بھ وڌي وئي. مسٽر برڪل نالي ھڪ انگريز وٽ ڪپھھ مان سٽ ڪتڻ جو چرخو بھ ھو جيڪو ھٿ سان ھليو ٿي. انھن ئي ڏينھن ۾ برطانيھ جي حڪومت اھا پاليسي ٺاھي تھ ٻئي ڪنھن فصل بدران ڪپھھ کي اھميت ۽ ترجيح ڏني وڃي، ترن ۽ ڳاڙھن مرچن جو فصل آھستي آھستي ٿي ختم ٿي ويو.  1923ع ڌاري ڪپھھ جو فصل  “Cash  Crop” ٿي پيو. يعني ھٿو ھٿ وڪامي بھ ويو ٿي تھ پئسو بھ سٺو مليو ٿي. جننگ مشين ذريعي ڪپھھ مان ڪڪڙو ڪڍيو ويو ٿي. جنھن کي نپوڙي رڌ پچاءَ لاءِ تيل ۽ صابڻ جھڙيون شيون ٺاھيون ويون ٿي ۽ نج ڪپھھ انگلنڊ جي ٽيڪسٽائيل ملز لاءِ جھازن ذريعي لنڊن، مانچسٽر، لورپول وغيره موڪلي وئي ٿي.

 1920ع ڌاري، محمد مانيڪ ٻھ وڏيون جاگيرون (Plantations) خريد ڪيون. ھڪ بوجوتا (نيل نديءَ جي منھن کان 5 ميل پري) ۽ ٻي بـُـونڊو (نيل نديءَ کان 14 ميل پري) اتي ھن رٻڙ، ڪافي، مڪئي ۽ ڪمنڊ پوکيو. ڪمند مان کنڊ ٺاھڻ جو ڪارخانو کوليو جنھن ۾ مانين جھڙا گول کنڊ جا چڪرا ٺاھيا ويا ٿي. انھن ڏينھن ۾ اڄ جھڙي کير جھڙي سنھي کنڊ نھ ھئي. مـُـستي ۽ ڳڙ ئي ھو.

 1918ع ڌاري يوگنڊا، ڪينيا، ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار پاسي زبردست قسم جي انفلوئنزا وبا جي صورت ۾ اچي پئدا ٿي. ڪيترائي مڪاني آفريڪي شيدي ۽ انڊيا، عربستان ۽ انگستان کان آيل ڌاريان واپاري ۽ پورھيت موت جو شڪار ٿي ويا.

1926ع ڌاري، ڌارين جو تعداد وري وڌڻ لڳو. ڪيترن ئي ٻاھرن ملڪن کان خاص ڪري انڊيا، يمن، ايران ۽ عربستان جا ماڻھو، آفريڪا جي ھنن پٽن تي اچي Settle ٿيڻ لڳا. جـِـنجا ۾ اسماعيلي مسلمانن جا ڇھھ دڪان ٿي ويا.  1926ع ۾ حاجي ميرالي ۽ سليمان اسماعيل شيعا مسجد ٺاھڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪم لاءِ ھن مختلف شھرن جي واپارين کان چندو ورتو ۽  1927ع تائين جـِـنجا (Jinja) شھر جي وچ۾ مسجد ٺھي وئي. حاجي ميراليءَ ان مسجد جو افتتاح ڪيو آخر ميرالي تھ اھو ھو جنھن سڀ کان گھڻو (اٽڪل 15 ھزار يوگنڊا جا شلنگ) چندو ڏنو ھو.

1926ع واري پليگ ۾ ڪيترائي انڊيا جا

واپاري آفريڪا ۾ مري ويا

انڊيا کان آفريڪا لڏي آيل ڪيترا ماڻھو اڻ پڙھيل ھئا. قومي يا بين الاقوامي ليول تي ڇا ٿي رھيو ھو. ھنن کي اھا تھ خبر نھ ھئي پر کين اھا بھ ڄاڻ نھ ھئي تھ سندن اوس پاس ۾ ڇا ٿي رھيو آھي. مواصلات جو نظام بنھھ نھ برابر ھو. رستا بنا ڏامر ۽ سيمنٽ جي، پٿرن وارا ھئا.  1926ع تائين سواري جون اھم شيون فقط ڍڳي گاڏيون ۽ سائيڪليون ھيون. پوسٽ جو نظام اوائلي دور  ۾ ھو.  1906ع ۾ حاجي سليمان ترڪ يوگنڊا پاسي جي پوسٽل سروس جو نظام پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ھو جنھن لاءِ ھن انگريز بھادر جي حڪومت کي ذاتي طور گئرنٽي ڏني تھ ھو ھر سال گھٽ ۾ گھٽ پنج سؤ روپين جون ٽڪليون وڪڻندو. ان  ئي سال ٽيليگراف سروس شروع ڪئي وئي ھئي جيڪا واپارين لاءِ وڏي مدد ھئي. ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ Morse Code ذريعي نياپو پھچي ويندو ھو ۽ جيسين ٽيليفون سسٽم شروع ٿئي تيسين ٽيليگراف (تار) ذريعي ھر سودو طيءَ ٿيندو ھو. تار جي ڪري ڪمپالا، جنجا، ممباسا ۽ ٻين ڀروارن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ واپار جي ترقيءَ ٿي.

 1920ع تائين يوگنڊا پاسي جو سڪو (Currency) رپيو ھو.  1921ع ۾ فلورن ٿيو ۽ پوءِ  1922ع ۾ فلورن جي جاءِ شلنگن ۽ سينٽن ورتي.

لا ۽ آرڊر جي حالت بھتر نھ ھئي.  1917ع ۾ ناصر پرڌان کي ڪبيرا مائيدو ڳوٺ ۾ مئنيجر طور رکيو ويو. ھي ڳوٺ يوگنڊا جي وچ واري علائقي ۾ آھي. اتي مسٽر موليڏنا جو ڪاروبار ھو جنھن جي ناصر کي نگھباني ڪرڻي پيئي ٿي. ھڪ ڏينھن 15 کن شيدين جو ٽولو دڪان تي چڙھي آيو ۽ دڪان ۾ رکيل سگريٽن جي سڄي اسٽاڪ جي گھر ڪئي. ناصر پرڌان جي انڪار ڪرڻ تي ھنن ڏنڊن جو وسڪارو لاھي ڏنو. ناصر وٽ پنگا (وڏو ڪات) ھو ۽ گينڊي (Rhino) جي کل جو چھبڪ، جنھن سان ھن مقابلو ڪيو، خبر ناھي ڌاڙيلن کي ڪھڙو خوف پئدا ٿيو جو ھو دڪان ڇڏي ڀڄي ويا.

1930ع ۾، جنجا کان ست ميل پري ھڪ ڳوٺ ۾ ٻن ايشيائي ماڻھن جي دڪانن تي پنجاھھ کن شيدي غنڊا ڀالن ۽ ڪاتن سان چڙھي پيا. ھنن جا منھن گپ ۽ وئلي سان چٽيل ھئا. انھن ٻن دڪانن مان ھڪ ناصر جو ھو. جنھن وقت ھو ڦـُـر ڪري رھيا ھئا ان وقت محمد مانيڪ اتان اچي لنگھيو. جيئن تھ ھن پاڻ سان ھميشھ بندوق رکي ٿي سو ھن ھوائي فائر شروع ڪري ڏنا. ڌاڙيل ڀڄي ويا پر ھڪ ٻڌجي پيو. ان کي پوليس حوالي ڪيو ويو پر چوري ٿيل مال نھ مليو سو نھ مليو.

1926ع ۾ وري ٻي وبا پکڙي. ھن ڀيري اھا پليگ ھئي جيڪا ڪوئن مان لڳندي آھي. جمعا مومن کي بھ بيماري ٿي پيئي جنھن جي نشاني ڳوڙھيءَ جي صورت ۾ سٿر تي ٿي پيس. ھي ضد تي قائم رھيو تھ علاج نھ ڪرائيندس. ھن ھڪ لوھ جي شيخ کي باھھ ۾ سخت تپائي کڻي ان ڳوڙھيءَ تي رکيو. ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ آفريڪا ۾ انڊيا کان آيل واپاري ڪيڏو دلير ۽ ھمٿ وارا ھئا. آفريڪا ۾ رھي ھنن کي ڪيترين ئي ڳالھين کي منھن ڏيڻو پيو ٿي.

ڀر واري ڳوٺ ڪيگودو ۾ ڪيترائي ماڻھو پليگ وگھي مري ويا جن ۾ رشيد خميس جي زال ۽ ڌيءَ بھ شامل ھئي. ھيترن ماڻھن جو اسلامي طور طريقي سان ڪير غسل ڏئي؟ پوءِ مانيڪ جي زال فاطمھ ٻائيءَ پاڻ سان ھڪ حبشڻ ساڻ ڪري مري ويل عورتن کي غسل ڏنو ۽ ھوڏانھن مردن کي محمد مانيڪ ڏنو. ھڪ دفعي تھ ايترا موت ٿيا جو ٽي ڏينھن لڳاتار غسل جو ڪم ھلندو رھيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: