موريشس
اڪيلو ٻيٽ ۽ ملڪ آھي
سيشلز، مالديپ ۽ ويندي لکديپ ھڪ ٻيٽ نھ پر ٻيٽن جا
جھڳٽا آھن پر ماريشس
(Mauritius)
سري لنڪا ۽ سنگاپور وانگر
اڪيلو ٻيٽ ۽ ملڪ آھي. ھيري جي شڪل جھڙو ھي ٻيٽ
ايراضيءَ ۾
1870
چورس ڪلوميٽر (سنگاپور ٻيٽ کان
اٽڪل ٽيڻو) مئڊاگاسڪر ٻيٽ کان
800
ڪلوميٽر اوڀر ڏي ھندي وڏي سمنڊ
۾ آھي. ھن ٻيٽ تي انگريز، فرينچ ۽ ٻيا يورپي،
انڊين، ملئي ۽ عرب رھن ٿا. پورٽ لوئيس ھن ٻيٽ جي
گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھن ٻيٽ جو نالو موريشس (يا
ماريشس) ڊچن (ھالنڊ جي رھاڪن) رکيو جيڪي ھن ٻيٽ تي
سورھين صديءَ جي آخري سالن ۾ آيا. ھنن اھو نالو ان
وقت جي ڊچ حاڪم شھزادي
Mourice de Nassau
جي مان ۾ رکيو.
چون ٿا تھ ھن ٻيٽ تي اوائلي دور ۾ عرب ۽ ملئي پھتا
پوءِ سورھين صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾
پورچوگالين ھن ٻيٽ کي ڳولي لڌو ۽ ھن جو نالو
پنھنجي پورچوگالي زبان ۾
Ilha do Cime
رکيو جنھن جي معنيٰ
(Island of Swan)ھنس
پکيءَ جو ٻيٽ آھي. پورچوگالين جيئن ٻين ڪيترن
ملڪن ۾ ڪيو- يعني ھو سٺا
Navigatores
(جھاز ران) ھئا ۽ يورپي قومن ۾ سڀ کان اڳ ھنن
مختلف ٻيٽ ۽ ملڪ ڳولي لڌا ٿي- ويندي ٺٽي ۾ بھ
پھرين پورچوگالي پھتا ھئا (انگريز گھڻو گھڻو پوءِ
پھتا ھئا) پر ھنن ڪٿي بھ ڄمائي وھڻ پسند نٿي ڪيو.
بعد ۾ جيئن مٿي لکي آيو آھيان تھ ڊچ آيا انھن ھتي
ديرو ڄمايو پر فقط
1710
تائين. ان بعد ھي ٻيٽ فرينچن
جي قبضي ۾ آيو جن ھن جو نالو
Isle de France
(فرانس جو ٻيٽ) رکيو. ھي ٻيٽ
1722ع
کان
1767ع
تائين فرانس جي فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھٿ ھيٺ
رکيو ان بعد فرينچ حڪومت جي زيردست رھيو.
ٻي جنگ عظيم کان وٺي فرانس ۽ برطانيھ کير کنڊ ٿي
ويا آھن ۽ ھاڻ وتن ٻين کي ڀاشائون ڏيندا نھ تھ ان
کان اڳ-خاص ڪري ارڙھين اوڻيھن صديءَ ۾ اھي ڪي چڱا
مڙس نھ ھئا. ٻين جي گھرن يعني ملڪن کي ڌاڙا ھڻندا
رھيا پر سندن پنھنجي پاڻ ۾ بھ چانڊين منگسين واري
لڳل ھئي. فرينچن جو موريشس ٻيٽ تي قبضو ھجڻ ڪري
اوسي پاسي کان لنگھندڙ انگريزن جي جھازن تي (توڙي
ٻين يورپي جھازن تي) ھي فرينچ ڏاڍا مڙس حملا ڪندا
ھئا جيئن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي بالادستي
انگريزن، ڊچن يا پورچوگالين جي نھ پر سندن
(فرينچن) جي رھي. انگريزن بھ ڏٺو تھ ھي (فرينچ)
جيئڻ نھ ڏيندا ۽ ھندي وڏي سمنڊ ۾ موريشس جھڙو ٻيٽ
کين ڇا ھٿ اچي ويو آھي بس انڌي کي لٺ ملي وئي آھي
جنھن کي پيو گھمائي ۽ ٻين جا مٽڪا ڀڃي. آخر
1810
۾ انگريزن فرينچن تي حملو ڪري موريشس ٻيٽ کي
پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ ھن ٻيٽ جو نالو
Isla de France
مان بدلائي موريشس ڪيو.
موريشس ٻيٽ جي
EPZ
ڪري
ايڪانامي بھتر ٿي آھي
موريشس ٻيٽ فرينچن جي قبضي بعد ڏيڍ صدي کن انگريزن
جي حوالي رھيو.
12
مارچ
1968ع
تي کيس انگريزن طرفان خودمختياري ملي ۽ يونائٽيڊ
نئشن جو ۽ برٽش ڪامن ويلٿ جو ميمبر ٿيو. 1987ع
۾ ڪوالالمپور ملائيشيا ۾ جڏھن ڪامن ويلٿ جي ميمبرن
(وزيراعظمن)جي ميٽنگ ٿي ھئي ۽ پاڪستان کان بينظير
صاحبھ ۽ انگلنڊ کان ٿيچر ۽ اتي جي راڻي صاحبھ
ايلزبيٿ آئي ھئي تھ آئون اتي ملائيشيا ۾ ھوس.
اسانجي ڳوٺ جو ايم اين اي ۽ انھن ڏينھن جو وزير
مواصلات مخدوم امين محمد فھيم پڻ اتي آيل ھو. ان
ئي ھوٽل ۾ ھن ٻيٽ موريشس جو وزيراعظم انرود جگن
ناٿ رھيل ھو. جي ھا پاڻ (بلڪ سندس وڏن) جو تعلق
ھندستان سان آھي. مٿي لکي آيو آھيان تھ موريشس ٻيٽ
تي انڊين بھ رھن ٿا جيڪي انگريزن جي ڏينھن ۾ ۽
ڪيترا تھ ان کان بھ اڳ ھن ٻيٽ تي پھتا. ھندستان جي
مختلف علائقن سان گڏ سنڌ جا بھ ڪيترائي واپاري
(سنڌ ورڪي) ھن ٻيٽ تي رھيل آھن جن جا وڏا منو صدي
کن اڳ ھتي آيا. سال ٻھ اڳ موريشس جو وزيراعظم مسٽر
رام غلام ھو جنھن جي پڻ نالي مان لڳي ٿو تھ ھن جو
تعلق ننڍي کنڊ سان آھي.
1987ع
وارن ڏينھن ۾ ھن ٻيٽ موريشس جو گورنر جنرل
ويراسوامي رنگادو ھو جيڪو نالي مان مدراسي لڳي ٿو.
بھر حال موريشس جي
Head of State
(وڏڙي) فجي ۽ سيشلز ٻيٽن وانگر انگلنڊ جي راڻي
ايلزبيٿ آھي.
ھي ٻيٽ موريشس پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ سيشلز،
مئڊاگاسڪر، مالديپ ۽ ٻين اوسي پاسي جي ٻيٽن کان
سکيو ستابو آھي. ھن ٻيٽ جا ماڻھو مڇي جي واپار
ڪمنڊ جي پوک ۽ ٽوئرزم مان تھ ڪمائين ئي ٿا پر
حڪومت طرفان
1970
کان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون
(EPZ)
ٺاھڻ ڪري ھتي جي ماڻھن کي گھر
ويٺي سٺو روزگار ملي ويو آھي. ھن اسڪيم ھيٺ يورپ،
آمريڪا ويندي چين، جپان ۽ ڪوريا جا واپاري بنا
ٽئڪس ڏيڻ جي ھتي
EPZ
واري علائقي ۾ پنھنجين شين جا
ڪارخانا ھڻي مال کي ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪري سگھن
ٿا. مثال طور آمريڪا جي ڪمپني
Arrow
پنھنجيون قميصون نيويارڪ يا
لاس اينجلس جي ڪارخانن ۾ ٺاھي ايشيا ۽ آفريڪا جي
ملڪن ۾ موڪلڻ بدران ھتي انھن ملڪن جي ويجھو ھن
ٻيٽ موريشس ۾ ٺاھي موڪلي سگھي ٿو. ساڳي وقت ھتي جي
مزوري آمريڪا جي مزورن کان گھٽ پوي ٿي. نتيجي ۾
ڪارخاني وارن جي مزوري ۽ ڀاڙو بچي ٿو. موريشس جي
ماڻھن کي ٻين ملڪن ۾ ڌڪا کائڻ بدران پنھنجي ملڪ ۾
وڏين ڪمپنين ۾ سٺي پگھار تي نوڪري ملي ٿي. اھڙي
طرح موريشس جي
EPZ
۾ سوني، نئشنل، سانيو، ڪوڊاڪ، منولٽا، سانيو،
ھونڊا جھڙيون سوين فئڪٽريون آھن جن ۾
80ھزار
کن ماڻھو ڪم ڪن ٿا. ھونءَ ھن ٻيٽ جي آدم شماري
يارھن لک کن آھي.
موريشس ٻيٽ جي ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ انڊين گجراتي عورت
ڀاڄيون وڪڻي رھي آھي.
زنجبار جنھن کي انگريز
Zanzibar
سڏين ٿا
ھندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽن جو ذڪر ڪندي خاص ڪري آفريڪا
کنڊ جي ڀرپاسي وارن ٻيٽن: سيشلز، موريشس ۽
مئڊاگاسڪر جو احوال لکندي زئنزيبار
(Zanzibar)
ٻيٽ جي ڳالھھ نھ ڪرڻ ناانصافي
ٿيندي.
زئنزيبار ٻيٽ (جنھن کي مڪاني ۽ عربي زبان ۾ زنجبار
سڏجي ٿو) اڄ ڪلھھ تنزانيا ملڪ جو حصو آھي نھ تھ
صديون اڳ تائين ھن ٻيٽ جي پنھنجي الڳ ٿلڳ حيثيت
ھئي. اڄ ڪلھھ انجڻين تي ھلندڙ پاڻي وارا جھاز ۽
ھوائي جھاز جتي ڪٿي پھچيو وڃن ۽ جڏھن دل چاھي
سامونڊي سفر ڪري سگھجي ٿو نھ تھ اوڻھين صديءَ جي
آخر تائين ھڪ ملڪ کان ٻئي تائين پاڻيءَ جي جھاز ۾
سفر ڪرڻ ڪو سولو ڪم نھ ھو. ھوائي جھاز تھ اڃان
ايجاد بھ نھ ٿيا ھئا. پاڻيءَ جا جھاز ڪپڙي جي سڙھن
تي ھوا ۽ لھرن جي رخ مطابق ڪن خاص طرفن ۽ رفتار تي
ھليا ٿي. ھوا بند ٿي وڃڻ تي ٻھ ٻھ ڏينھن بھ ھڪ ھنڌ
بيٺا ھوندا ھئا.
اسان وارن علائقن ۾ جھازن جي گھڻي چرپر چوماسي جي
ھوائن
(Monsoon)
مطابق ٿي ٿي. ۽ پوءِ ڪي ڪي
بندرگاھھ ۽ ٻيٽ اھڙا ھئا جن وٽان جھاز جو لنگھھ
ٿيندو ئي ٿيندو ھو. زنجبار
(Zanzibar)
ٻيٽ بھ انھن مان ھڪ ھو جيڪو
سانوڻي جي موسم ۾ لڳندڙ
trade winds
(تجارتي ھوائن) جي آڌار تي گلف (عرب ملڪن) کان
نڪرندڙ جھازن جي روٽ تي ھو. ھو اتر کان نڪرندا ھئا
۽ آفريڪا جو ڪنارو ڏئي جڏھن ھيٺ ڏکڻ ڏي ھلندا ھئا
تھ رستي تي ممباسا ۽ دارالاسلام جھڙا بندرگاھھ ۽
زنجبار جھڙا ٻِيٽ ايندا ھئا. جن تي ترسي ساھي
پٽيندا ھئا ۽ اڳتي جي سفر جي تياري ڪندا ھئا.
ڪيترا تھ دير سان پھچڻ وارا، ھوائن جي ختم ٿيڻ جي
خوف کان اڳتي وڌڻ بدران پاڻ سان آندل مال ھنن ھنڌن
تي ئي کپائي واپسي جي ھوائن جو انتظام ڪندا ھئا.
ان ڪري ممباسا، دارالاسلام ۽ زنجبار (زئنزيبار)
جھڙيون جايون وڏا تجارتي مرڪز ھئا. سچ تھ اھي وڏا
خوشحال بندرگاھھ ھئا جن جون ڳالھيون لوڪان لوڪ
مشھور ھيون. ڪيترا ڏورانھن ديسن جا امير (واپار کي
وڌائڻ لاءِ) ۽ غريب (روزگار ڪمائڻ لاءِ) ھتي اچي
ٽـِـڪي پيا ٿي. ان کان علاوھ زئنزيبار جي موسم بھ
وڻندڙ رھي آھي. چوڌاري ساوڪ ۽ سڪون. جيڪا پوک ٿي
ٿي- يعني ناريلن ۽ لونگن جي تنھن جو بھ سڄي دنيا ۾
اگھھ ھو. ڀروارن آفريڪي ملڪن کان وٺي ھندستان،
ايران ۽ عرب ملڪن (خاص ڪري عمان) جا عام ماڻھو،
واپاري، پورھيت، ڪاريگر ۽ سلطان رھيا ٿي. ھي ٻيٽ
(Zanzibar)
ويھين صديءَ جي اڌ تائين بھ اڄ
جو ھانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ھو، دبئي ۽ ڪويت ھو. بقول
ھڪ انگريز ليکڪ جي:
Even the name (Zanzibar) is enticing, suggestive
of Sultans, spices and palm fringed shores. The
land of Sindbad, Livingstone and Stanley, Burton
and Spoke; birth place of 20th
century rock idol Freddie Mercury…
زئنزيبار (زنجبار) ٻيٽ شيدي غلامن جي
وڪري کان مشھور رھيو آھي
ھي ٻيٽ (زئنزيبار) آفريڪا کنڊ جي سرزمين کان فقط
25ميل
پري آھي. پر مزي جي ڳالھھ اھا آھي تھ ھن ٻيٽ جي
ماڻھن، گھرن جي اسٽائيل، ڪلچر ۽ نموني مان ھي ٻيٽ
آفريڪا جو نھ پر عرب ۽ انڊيا جو حصو لڳي ٿو. ھاڻ
مڙيئي تنزانيا سان گڏجڻ بعد ۽ ماڻھن جي اچ وڃ ۽
حڪومتي نظام ۾ ڦيرو اچڻ ڪري ھي ٻيٽ آفريڪي لڳي ٿو.
پر تنھن ھوندي بھ ڪيترائي گجراتي ۽ سنڌي ھندو،
پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان، آغاخاني ۽ بوھري واپاري،
ايراني ۽ عماني آفريڪي شيدين سان گڏ گڏ نظر اچن
ٿا. زئنزيبار صدين کان واپار جو مرڪز رھيو آھي
جنھن جو اثر ڏکڻ ۾ موزمبق تائين ۽ اتر ۾ عرب
رياستن تائين ۽ اوڀر ۾ انڊيا تائين رھيو. عربن جون
خاص ٻيڙيون جن کي ڌائو
(Dhow)
سڏجي ٿو مال سان ڀرجي آيون
ويون ٿي. اھي ايران کان ريشم
(Silk)
۽ چينيءَ جا ٿانو کڻي زئنزيبار پھتيون ٿي ۽ موٽ ۾
عرب ملڪن لاءِ سون ۽ عاج، عمارتي ڪاٺ ۽ غلام کڻي
ويون ٿي. عمان جي سلطان تھ پنھنجا محل ۽ حرم بھ ھن
ٻيٽ تي قائم ڪيا ھئا ۽ تاريخ جي سونھري دور
(سترھين ۽ ارڙھين صدي) ۾ ھن ٻيٽ تي عمان جي سلطانن
حڪومت ڪئي.
1980ع
۾ تھ ھي ٻيٽ مسقط بدران عماني سلطنت جي گاديءَ جو
ھنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ دنيا ۾ شيدي غلامن جي تجارت
کان مشھور ھو. ان وقت جو عماني سلطان سيد بن سلطان
ھو.
اڄ بھ زنجبار ڪپڙي گندي ۽ پوشاڪ ۾ عربن جو شھر لڳي
ٿو. مرد عربي اسٽائيل جي ٽوپي پائين ٿا ۽ عورتون
(شيدياڻيون پڻ) پنھنجي سڄي جسم جي عبايا جھڙي ڊگھي
قميص سان پاڻکي ڍڪين ٿيون. ڪيترائي لفظ عربي جا
استعمال ٿين ٿا جئين تھ
House of wonder
کي
"بيت
العجائب"
سڏين ٿا. اھا عمارت
1883ع
۾ عمان جي ٽئين سلطان، سيد برغاش ٺھرائي. ھيءَ
ٽماڙ عمارت آھي ۽ ھن ٻيٽ تي اليڪٽرسٽي پھرين ھن
عمارت ۾ آئي. اھڙي طرح ھڪ ٻي عمارت آھي جنھن جو
نالو بيت الساحل آھي- يعني ڪناري واري جاءِ اھڙيءَ
طرح ڪيترين شين جي عربي نالن مان محسوس ٿئي ٿو تھ
ھن ٻيٽ تي عربن جو وڏو اثر رھيو آھي.
ترڪيءَ جي حرمن کان ميرن ٽالپرن جي حويلين
لاءِ غلام ۽ کدڙا زئنزيبار کان آيا ٿي
روايتن موجب عمان جا عرب اٺين صدي کان اوڀر آفريڪا
جي ڪناري وارن بندرگاھن ۾ رھڻ لڳا ھئا. ھنن جون
سڙھ تي ھلندڙ ڌائو (ٻيڙيون) جيڪي اڄ جي سنڌونديءَ
۾ ھلندڙ ٻيڙين سان ڪافي ملن ٿيون. بحراحمر(Red
Sea)
ايراني نار
(Persian Gulf)
۽ عماني نار مان نڪري، چوماسي وارين ھوائن جي
آڌار تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو ڪنارو ڏيئي ھيٺ
ڏکڻ ۾ موزمبق ملڪ تائين پھتيون ٿي ۽ ڇھن مھنن بعد
South West Monsoon
لڳڻ تي اھي واپس گلف جي ملڪن
ڏي ويون ٿي. رستي تي صوماليا، ڪينيا ۽ ٽانگا نيڪا
(جيڪو ھاڻ زئنزيبار سان ملي تنزانيا ٿيو آھي) جي
ڪناري جي تڙن تي ترسيون ٿي ۽ مغديشو، ممباسا
دارالسلام ۽ زئنزيبار جھڙا نالا اڄ بھ انھن ھنڌن
جي تن ڏينھن جي اوج جي ياد ڏيارين ٿا.
انھن اوائلي آيل عماني عربن لاءِ رھائش لاءِ سڀ
کان بھترين جاءِ زئنزيبار ٻيٽ ھو جيڪو ٻيٽ جي صورت
۾ الڳ ٿلڳ بھ ھو تھ ساڳي وقت آفريڪا کنڊ جي سرزمين
کان پري بھ نھ ھو. سن
975ع
ڌاري تھ حسن بن علي پنھنجن ڇھن پٽن سان شيراز
(ايران) کان لڏي زئنزيبار ۽ اوڀر واري ننڍڙي ٻيٽ
پيمبا
(Pemba)
تي اچي رھيو. زئنزيبار ٻيٽ جي
ڏکڻ واري علائقي ۾ اڄ بھ ان وقت جي مسجد قائم آھي.
ٻيٽ جو اھو علائقو قضم قاضي سڏجي ٿو ۽ ان مسجد تي
1107
جو سن اڪريل آھي.
1499ع
۾ پورچوگال جو مشھور جھازي واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف
گڊھوپ لتاڙي ھن ٻيٽ تي پھتو ۽ پوءِ سورھين صدي جي
شروعات وارن سالن تائين ٻيا ايندڙ پورچوگالي ھن
ٻيٽ (زئنزيبار) ۽ موزمبق تي پنھنجو ديرو ڄمائيندا
ويا ۽ ڪيترين ڳالھين ۾ مڪاني سردارن سلطانن جي
انتظامي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳا.
1698ع
۽
1699ع
جي وچ واري عرصي ۾ عمان جي عربن ۽ مڪاني شيدي
سھالين گڏجي پورچوگالين کي گھٽ ۾ گھٽ ھن ٻيٽ
(Zanzibar)
تان تڙي ڪڍيو.1744ع
۾ ممباسا جي حاڪم جنھن جو تعلق ماضوري خاندان سان
ھو، عمان جي خلاف انقلاب آندو پر زئنزيبار جي
ماڻھن عماني سلطان سان وفادار ٿي رھڻ جو اعلان
ڪيو. ماضوريءَ وارن جي زئنزيبار خلاف جدوجھد سڄي
صدي ھلندي رھي تانجو عمان جو ابو سعيدي حاڪم سلطان
سيد بن سلطان
1837ع
۾ ماضوري وارن کي نتيجي خيز شڪست ڏني. ان بعد
1840ع
۾ سلطان سيد پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ مسقط (عمان) مان
ڦيرائي زئنزيبار ٻيٽ تي قائم ڪيو. ھن لاءِ بھ عمان
جي گرم سرد موسم کان زئنزيبار جي موسم بھتر ھئي.
ھر وقت جھڙ ڦڙ ۽ پاڻي موجود ھو. عمان ۾ ڌنڌو بھ
جھڙو تھڙو ھو زئنزيبار ۾ لونگن ۽ ڦوٽن جھڙن مسالن
سان گڏ عاج ۽ شيدي غلامن جھڙين شين جو وڪرو وڌيڪ
اپت وارو ھو. عمان جي گاديءَ جو ھنڌ زئنزيبار ٿيڻ
تي ھن ٻيٽ کي اڃان بھ وڌيڪ مشھوري ملي ۽ ڏينھون
ڏينھن ھڪ وڏو تجارتي مرڪز ٿيندو ويو- خاص ڪري عاج
۽ حبشين جي وڪري کان. آفريڪا جي جنگلن ۾ آزاد
ڦرندڙ ھاٿين جي ڌڻن کي ماري انھن جو عاج ھن ٻيٽ تي
آندو ويو ٿي جتان اھو يورپ ۽ چين جي مارڪيٽن ڏي
روانو ٿيو ٿي. ترڪي جي حرمن لاءِ غلام ۽ کدڙا، بلخ
۽ بخارا کان سنڌ جي ميرن ٽالپرن ۽ ھند جي راجائن
لاءِ شيدي غلام زئنزيبار کان موڪليا ويا ٿي جيڪي
آفريڪا کنڊ جي اندرن حصن ۽ گھاٽن جنگلن مان ڦاسائي
واڪ ۽ وڪري لاءِ زئنزيبار پھچايا ويا ٿي. |