سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :8

منھوڙي جو لائيٽ ھائوس جھازن

لاءِ وڏي مدد آھي

ترخم نامي ڪتاب ۾ ھڪ ٻيٽ منھارا جو ذڪر ٿيل آھي جتي ھندستان جي مغل شھنشاھ اڪبر جو جنرل عبدالرحيم خان خانان ٺٽي بعد گھمڻ لاءِ ويو ھو. ڪيترن جو اھو خيال آھي تھ اھو منھارا ٻيٽ اڄ وارو منھوڙو آھي.

بھر حال تاريخ جي رڪارڊ موجب ڪراچيءَ جو بندرگاھھ ارڙھين صدي جي شروعات کان مشھور ٿيو. انھن ڏينھن ۾ ڪراچي بندرگاھھ جو انتظام قلات جي خانن جي ھٿ ۾ ھو جيڪو پوءِ ڪيترا دفعا سنڌ جي حاڪمن ڏي بھ ايندو ويندو رھيو جن جي پڻ ھن ۾ اک ھئي ۽ ھنن ھـِـن بندر جي اھميت سمجھي ٿي. آخرڪار مير فتح عليءَ 1795 ع ۾ ڪراچيءَ کي ھميشھ لاءِ پنھنجي قبضي ۾ آندو ۽  1797ع ۾ منھوڙي تي قلعو ٺھرايو جتان لنگھندڙ  ھر ٻيڙو نظر آيو ٿي.  1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ نيول آپريشن ۾ انگريزن جي جھازن ھن قلعي تي بم ۽ بارود ھڻي تباھھ ڪري ڇڏيو. منھوڙي تي قبضي ڪرڻ بعد ڪراچي جو شھر انگريزن جي حوالي ٿي ويو.

سنڌ جو گورنر ٿيڻ سان سرچارلس نيپيئر ڪراچيءَ کي فري پورٽ ٺاھڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان خيال کان ھن منھوڙي ٻيٽ جي سڌاري ڏي ڌيان ڏنو. ھن پھرين بھ ڪياماڙي کي (جيڪو پڻ ٻيٽ ھو) نيپيئر مول ذريعي باقي ڪراچي شھر سان ڳنڍيو جيڪو ڪم  1854ع ۾ پورو ٿيو ۽ ٻيو اھم ڪم اھو ڪيائين جو منھوڙي ٻيٽ تي لائيٽ ھائوس ٺھرائين جيئن پنھنجا ۽ ڌارين ملڪن کان ايندڙ جھاز ڀٽڪي ڪناري جي ويجھو وارين ٽڪرين سان نھ ٽڪرائجن ۽ کين ڪراچي بندر ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جي رستي جي صحيح ڄاڻ ٿي سگھي.

منھوڙي ٻيٽ جو ھي لائيٽ ھائوس 1889ع ۾ ٺھي راس ٿيو. ھي 91 فٽ ڊگھو آھي پر سطح سمنڊ (Sea level) کان 109 فٽ مٿاھون آھي. لائيٽ ھائوس گول مناري وانگر ٺاھيو وڃي ٿو جنھن جي چوٽيءَ تي آرسين ۽ شيشن (Lenses) کي اھڙي حساب سان رکيو وڃي ٿو جو ميڻ بتيءَ جھڙي معمولي روشني بھ تيز طاقتور ٿي پري پري تائين پھچي سگھي ٿي. ۽ ظاھر آھي جيترو مٿي ھوندو اوترو پري تائين نظر ايندو ۽ ڏورانھن ملڪن کان ايندڙ جھاز جڏھن لائيٽ ھائوس جي گھيري ۾ اچن ٿا تھ ان جا ھلائيندڙ سک جو ساھھ کڻن ٿا. اڄ جي ماڊرن دور ۾ بھ ھڪ جھاز ھلائيندڙ لاءِ بندرگاھھ جو لائيٽ ھائوس وڏي رھنمائي ۽ ڏڍ آھي-خاص ڪري رات جي وقت. کلئي سمنڊ (Open Sea) ۾ سمنڊ جي اونھائي بھ تمام گھڻي ٿئي ٿي ۽ سوين ميلن تائين بنا ڪنھن سامونڊي رنڊڪ جي ھلي سگھجي ٿو ۽ جھاز جو ڪنھن سان ٽڪرائڻ جو خطرو نٿو رھي. ڪناري جي ويجھو اچي رفتار بھ گھٽائڻي پوي ٿي تھ خطري جو بھ ڊپ رھي ٿو. ڇو جو ڪناري ويجھو سمنڊ جا ڪيترا حصا تانگھا، پٽ گپ وارو، سمنڊ اندر ننڍيون پھاڙيون، ٻيٽارا ۽ پھرين جا ڀڳل جھاز موجود رھڻ جو انديشو ٿئي ٿو جيڪي ھلندڙ جھازن کي نقصان رسائين ٿا. لائيٽ ھائوس جي روشني نظر اچڻ سان جھاز کي ان جي سڌائيءَ ۾ ھلائي اچڻو پوي ٿو ۽ پڪ رھي ٿي تھ اھا ڪراچي آھي ٻي صورت ۾ ڌڪي تي جھاز کي چند ڊگريون غلط موڙڻ سان جھاز ساڄي پاسي ٺٽي بدين واري علائقي ۾ گپ ۾ ڦاسي سگھي ٿو يا کاٻي پاسي بلوچستان واري علائقي ڏي سمنڊ اندر موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي چڪناچور ٿي سگھي ٿو. ھاڻ تھ سمنڊ تي رستا ڳولڻ جا ڪيترائي ماڊرن آلھ  (Instruments)نڪري پيا آھن نھ تھ اڳئين زماني جا جھاز ران (۽ اڄ بھ ڪيترا ٻيڙا ھلائڻ وارا ناکئا) لائيٽ ھائوس جي روشني تي ڀاڙين ٿا. جنھن بندرگاھھ ۾ گھڙڻ جي ڪا بيڪن، بتي، بئاءِ يا لائيٽ ھائوس ناھي اوڏانھن وڃڻ کان ھر جھازي ڪيٻائي ٿو-خاص ڪري رات جي وقت.

مشھور جرنلسٽ رضيھ ڀٽيءَ جي ڏاڏي

جو منھوڙي سان ويجھو  تعلق

سر چارلس نيپيئر يڪدم محسوس ڪيو تھ ڪراچيءَ کي جي اھم بندرگاھھ بڻائڻو آھي تھ بندرگاھھ جو واڌارو ۽ لائيٽ ھائوس ضروري آھي. منھوڙي جي ھن لائيٽ ھائوس لاءِ سنڌ جي دور دراز ھنڌن تان ۽ خاص راجستان مان اٺن ذريعي پٿر آندا ويا جن کي ھٿ سان گولائي ڏني وئي جيئن صحيح طرح ٺھڪي اچن. ھر پٿر جا ڇھھ ئي پاسا مختلف ماپن جا ٺاھيا ويا ٿي جن کي اندرين پاسي Concave ۽ ٻاھرين پاسي Convex ڪيو ويو ٿي. لائيٽ ھائوس جي چوٽيءَ تائين پھچڻ لاءِ 133ڏاڪا ٺاھيا ويا. ھي لائيٽ ھائوس earthquake-proof ٺاھيو ويو جيئن ھن تي زلزلي جو اثر نھ ٿئي ۽ اڄ بھ دنيا جي وڏن لائيٽ ھائوسن مان ھڪ مڃيو وڃي ٿو. صدي کن اڳ ھن لائيٽ ھائوس جي ٺھرائڻ تي خرچ يارھن لک ڇھھ ھزار رپيا آيو. اڄ جي جي قيمت لڳائجي تھ ڏھن ڪروڙن کان بھ مٿي خرچ آھي.

ھتي اھو لکڻ دلچسپيءَ کان ٻاھر نھ ٿيندو تھ منھوڙي جي ھن لائيٽ ھائوس جو پھريون انچارج مسٽر بوندري ھو جيڪو مشھور جرنلسٽ ۽ ليکڪا رضيھ ڀٽيءَ جو ڏاڏو ھو. رضيھ ڀٽي ڪجھھ سال اڳ ننڍي عمر ۾ گذاري وئي پاڻ انگريزي رسالي نيوز لائين (Newsline) جي ايڊيٽر ھئي ۽ بيحد دلير جرنلسٽ-جنھن جي مڃتا طور دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن طرفان ھن کي سندس حياتيءَ ۾ ئي انعام مليا ۽ ھن بابت لکيو ويو. سنڌي جي مشھور جرنلسٽ جي اين مغل بھ رضيھ ڀٽيءَ تي ڪنھن سنڌي اخبار ۾ مفصل ۽ پر اثر مضمون لکيو ھو. رضيھ ڀٽيءَ جو پيءُ جھازن جو ڪئپٽن ٿيو ۽ پاڪستان ٿيڻ وقت جيڪي ڪجھھ ديسي ڪئپٽن ھئا انھن مان ھي ھڪ ھو. پاڻ بعد ۾ ڪراچي بندرگاھھ جو پائلٽ ۽ پوءِ ڊي سي (ڊپٽي ڪنزرويٽر) مقرر ٿيو جيڪا ھڪ تمام وڏي ۽ اھم پوسٽ آھي. اڄ ڪلھھ ان پوسٽ تي منھنجو چٽگانگ مئرين اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن افتخار احمد آھي. بحر حال رضيھ ڀٽيءَ جو نھ فقط پيءُ پر ڀاءُ ڪئپٽن ڪريم بوندري بھ جھازن جو ڪئپٽن ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڊي سي ٿيو ۽ ھن جي ريٽائرمينٽ بعد ئي اسانجو مٿيون جھازي ساٿي D.C ٿيو اھي. سٺ جي ڏھاڪي واري آخري سالن کان ملڪ جي مختلف ھنڌن جا ماڻھو جھاز راني ۽ بندرگاھن جي دنيا ۾ آيا نھ تھ ھن ڪم لاءِ گھڻو ڪري بوندري، ساونت، مقدم، مرچنٽ جھڙن ھندستان جي مالابار ڪوسٽ جي رھاڪن ۽ ڪوڪني ڪميونٽين جا ماڻھو اڳيان اڳيان ھوندا ھئا.

Glory of the East Kurrachee

ڪراچي پورٽ جي D.C ۽ پائلٽن لاءِ انگريزن جي ڏينھن ۾  1871)ع ۾) جيڪي خوبصورت گھر منھوڙي ۾ ٺاھيا ويا ھئا اھي  1980ع کان وٺي ڊٺل حالت ۾ آھن. ھي تاريخي  گھر ۽ انگريزن جي ڏينھن جا منھوڙي تي ٺھيل مندر، ٽڪاڻا ۽ چرچ وغيره ھڪ لوڪل ڪمپني پرزرويشن آف ڪلچرل ھيريٽيج PCH وارا اجاگر ڪري انھن کي اصلي حالت ڏيڻ چاھين ٿا. ھن ڪمپني PCH جي سربراھھ ھڪ آمريڪن عورت جئنس برنس آھي جيڪا گذريل ڇھھ ست سالن کان ھتي رھي ٿي. ھن جو مڙس  1960ع ۾ لاھور ۾ ڪم ڪندڙ ھارورڊ ائڊائيزري گروپ جو ميمبر ھو. ھو جڏھن بھ لاھور کان ڪراچي ايندو ھو تھ سندس زال (Janice Burns) بھ ھن سان گڏ ايندي ھئي ۽ ڪلفٽن، ھاربر ۽ منھوڙي جھڙيون جايون ضرور گھمندي ھئي. ھينئر ويجھڙائي وارن سالن ۾ ھوءَ آعا خان يونيورسٽيءَ جي ڪميونٽي ھيلٿ سينٽر جي ائسوسيئيٽ پروفيسر ٿي آئي ۽ پراڻين جاين جي ڊٺل حالت ۽ اڻپوري مرمت ڏسي ھن کي خيال آيو تھ ڇو نھ انھن تاريخي جاين جي حالت سڌاري وڃي.

منھوڙي جو خود بھ پنھنجو رومانٽڪ نظارو آھي، ان کان علاوھ سامونڊي ڪنارو(beach) ۽ منھوڙي ٻيٽ تان ڪراچي جو نظارو بيحد سٺو ٿو لڳي. منھوڙي تي لائيٽ ھائوس (اندران نھ تھ ٻاھران ئي سھي) ڏسڻ وٽان آھي. ھي ٻيٽ اھو آھي جتي ھڪ ئي وقت ھندن، عيسائين، سکن ۽ مسلمانن جي سندن عبادتگاھن ڪري دلچسپي قائم آھي. غازي عبدالله شاھھ جنھن جي درگاھھ ڪلفٽن تي آھي ان جو ڀاءُ يوسف شاھھ ھن ٻيٽ (منھوڙي) تي دفن ٿيل آھي. سندس درگاھھ جي اصل ڊيزائين ۽ شڪل تبديل ٿي چڪي آھي جنھن لاءِ برٽش ڪمپنيءَ جي جان پورٽر(جنھن 1777ع ۾ ڪراچي ۽ منھوڙي جو دورو ڪرڻ بعد) ان درگاھھ لاءِ سفيد مزار لکيو آھي. بعد ۾ ڪراچيءَ جو دورو ڪرڻ وارن انگريزن ھن مزار لاءِ لکيو آھي تھ "ڪوبھ جھاز منھوڙي واري پير جي درگاھ" تي نذرانو ڏيڻ بنا بندرگاھھ کان روانو يا ان ۾ داخل ٿي نٿي سگھيو.

منھوڙي ٻيٽ تي موسم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ھڪ  Observatory بھ آھي. ان کان علاوھ ھڪ پراڻي مسجد، ٻھ سکن جا ٽڪاڻا، ھڪ ھندن جو مندر ۽ ٻھ عيسائين جا ڪليسا گھر آھن- ھڪ رومن ڪئٿولڪ وارن لاءِ ھڪ پروٽيسٽنٽن لاءِ.

يوسف شاھھ غازيءَ جو ھر سال عرس بھ ملھايو وڃي ٿو ۽ ھزارين ماڻھو اچيو گڏ ٿين. چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ھجڻ جي باوجود بزرگ جي درگاھھ وٽ کوٽايل کوھھ مان مٺو پاڻي اچي ٿو. ان جي ڀر ۾ ٺھيل مسجد ڪئپٽن ڪريم بوندري (يعني رضيھ ڀٽيءَ جي بھ) ڏاڏي ٺھرائي ھئي. عيسائين جو سينٽ پال چرچ  1865ع جو ٺھيل آھي. اھو جھازن تي ايندڙ عيسائي عملي لاءِ ٺھرايو ويو ھو.

بھر حال ھي منھوڙي سان گڏ ڪراچيءَ جو پڻ مختصر احوال آھي جيڪو مٿي لکي چڪو آھيان. ڪراچي-جنھن جي ڪنارن کان موڪلائڻ ۽ پنھنجي وطن رواني ٿيڻ مھل سرچارلس نيپيئر چيو ھو:

“You will yet be the glory of the East; would that I could come again, Kurrachee, to see you in your grandeur…”

سنگاپور ھڪ سکيو ستابو ٻيٽ

منھوڙو اسانجي ملڪ جو ٻيٽ آھي ۽ ڪراچي کان سڏ پنڌ تي آھي. لکديپ ٻيٽ ھندستان جي ملڪيت آھن پر ان سمنڊ (عربي سمنڊ) ۾ آھن جنھن جو پاڻي اسانجي ملڪ جي ڪنارن کي ڇھي ٿو. سري لنڪا (سلون) تمام وڏو ٻيٽ آھي ۽ ڪنھن زماني ۾ ڏرو ڏرو تائين ھي ھڪ اھم ٻيٽ ھو- امن امان ۽ خوشحاليءَ کان بھ تھ جھازين جي گڏ ٿيڻ کان بھ. ھر پاسي کان ايندڙ جھازن جو ھتان لنگھھ ٿيو ٿي جن ھتي ترسي ساھي پٽي ٿي ۽ اڳتي جي سفر لاءِ ڪوئلو، پاڻي ۽ کاڌو راشن کنيو ٿي. سمجھو تھ ڪوٽڙي يا روھڙي ريلوي جنڪشن ھئي. اڄ ڪلھھ اھا اھميت ۽ اھا رونق سنگاپور کي مليل آھي.

سنگاپور جيتوڻيڪ ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي پر اھم لنگھھ وٽ ھجڻ ڪري ۽ ٻيٽ تي امن امان ۽ جھازين جي ھر ضرورت پوري ٿيڻ جو بندوبست ھجڻ ڪري ھن سڄي علائقي ۾ ھڪ اھم، تمام گھڻو ماڊرن، سھڻو ۽ خوبصورت ٻيٽ ٿي پيو آھي. ھي ٻيٽ دنيا جو Mr. Clean سڏجي ٿو. لاائنڊ آرڊر جي پوزيشن مضبوط ۽ ڏوھن جي سخت سزا ھجڻ ڪري ھتي نھ برابر Crime rate آھي. سياسي طرح Stable حڪومت ھجڻ ڪري ھر مڪاني ۽ ڌاريون ماڻھو ھتي سيڙپ ڪرڻ چاھي ٿو، حد کان وڌيڪ سھولتون ۽ سک ھجڻ ڪري ھر ڪا اڏام ۽ پاڻيءَ جو جھاز ھتي اچي ٿو.  1819ع تائين ھي ٻيٽ گمنام، ويران ۽ جنگل ھو جتي ڪنھن بھ رھڻ پسند نٿي ڪيو سواءِ سامونڊي چورن (قزاقن) ۽ ڏوھاري قسم جي مھاڻن جي- جيڪي پڻ سنگاپور نديءَ جي منھن وٽ رھيا ٿي. اڳتي ڪير وڃي. سڄو ٻيٽ جھنگ ۽ دلدل ھو. جانورن ۽ جيت جڻين سان ڀريل ھو. رت چوسيندڙ ڄؤرون ۽ مڇر ھئا. وڇون ۽ سؤپيريون ھيون. نانگ ۽ بکايل واڳون ھئا. ٻيٽ جي جاگرافيائي پوزيشن بھتر ڄاڻي 1819ع ۾ انگريز حڪومت پاران سر اسٽئمفورڊ رئفلس ٻيٽ جي ملئي مالڪ کان ھي ٻيٽ حاصل ڪيو جيڪو پاڻ بھ ڪنھن ٻئي ٻيٽ (ريائو) تي رھيو ٿي ۽ ھن لاءِ ھن ٻيٽ (سنگاپور) جي ڪا اھيمت نھ ھئي. نيو ڪئسل شھر ۾ ڪوئلن جي ڪھڙي ڪاڻ. ھي اھو علائقو آھي جتي چوڌاري- ساڄي کاٻي، ڏکڻ اتر طرف فلپين ۽ انڊونيشيا جھڙن ملڪن جا ڏھھ ھزار کان مٿي ٻيٽ آھن. ھي ھڪ سنگاپور ويو تھ ڪھڙي وڏي ڳالھھ، ٻيٽ جي ملئي حاڪم سوچيو ھوندو.

۽ پوءِ انگريزن ھن ٻيٽ کي ٺاھيو. جڏھن مير ٽالپر منھوڙي جھڙي ٻيٽ تي قلعا ۽ مسجدون مندر  ٺاھيو ويٺا آھن اتي ھي جھونا جھازي (انگريز) ھھڙي ٻيٽ کي ٺاھي ڇو نھ پرائي پنھنجي لنگھندڙ جھاز جي ٽيٽ وٺن. سنگاپور ۾ رھڻ لاءِ انگريزن اوسي پاسي کان ايندڙ مزورن توڙي واپارين جي آڌرڀاءُ ڪئي. ملايا انڊونيشيا کان تھ ملئي ۽ چيني اچي نڪتا پر چين جي سر زمين تان بھ چيني لڏ پلاڻ ڪري سنگاپور آيا. انھن ڏينھن ۾ چين ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ غربت ڏاڍي ھئي. ھن پاسي کين روزگار ملڻ ۽ چار پئسا ڪمائڻ جي وڏي اميد ھئي ڇو تھ انگريزن جو ھٿ ھو جن جيتوڻيڪ سڀ ڪجھھ پنھنجي سک ۽ ملڪ لاءِ ڪيو ٿي پر مڪاني ماڻھن کي بھ گھڻي کان گھڻو امن امان ۽ سٺو روزگار مھيا ڪري ڏنو ٿي. ھن تر جا ماڻھو اھو سڀ ڪجھھ پينانگ ٻيٽ تي ڏسي چڪا ھئا يا ان بابت ٻڌي چڪا ھئا تھ ڪيئن انگريزن ھڪ ويران ٻيٽ (پينانگ) کي سرسبز شاداب بڻائي ڇڏيو ۽ اتي لڏي ويندڙ ھميشھ لاءِ سکيو ستابو ٿي ويو. لڏ پلاڻ جو ھڪ اڻ کٽندڙ سلسلو جو شروع ٿيو تھ ويجھڙائي تائين ھلندو رھيو. امير ۽ واپاري بھ وڌيڪ خوشحال ٿيڻ لاءِ سنگاپور لڏي آيا پر سڀ کان گھڻا غريب آيا. ڪيترائي اھڙا جن وٽ ٻيڙيءَ جي ڀاڙي جا پئسا بھ نھ ھئا. جسم تي ڦاٽل وڳو ۽ پير اگھاڙا ھئا. انھن ۾ گھڻائي چينين جي ھئي. ھنن مٽ مائٽ ڇڏي سنگاپور ۾ سالن جا سال پورھيو ڪيو ۽ پئسو ڪمائي پٺيان غريب مائٽن کي بھ موڪليو تھ پاڻ لاءِ بھ بچايو. ان بچيل پئسي کي ڌنڌي ڌاڙي ۾ لڳائي وڌيڪ ڪمايو. اڄ جي سنگاپور جا گھڻي ڀاڱي امير ھن ٻيٽ تي اچڻ وقت مسڪين ۽ غريب ھئا. سندن ڀاڳ جي ڪھاڻي محنت ۽ پورھئي جي ڪھاڻي آھي. آئون ھميشھ سست ماڻھن کي سنگاپور جي چينين جي ڪھاڻي ٻڌي ۽ اتساھ حاصل ڪرڻ لاءِ چوندو آھيان. ھو محنت ڪري ڪيئن وڏا واپاري ٿيا، بيحد ڏکين حالتن ۾ رھي تعليم حاصل ڪري مٿاھون درجو حاصل ڪيائون، پئسو اچڻ بعد بھ ھو مرڻ گھڙيءَ تائين محنت ڪندا رھيا، اڻ مئي ملڪيت اچڻ بعد بھ ھو عيش زندگي کان پري رھيا. ھو خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا رھيا. اھڙن ڪيترن ئي چينين جا قصا، جيڪي سنگاپور اچڻ مھل ڪنگال ھئا ۽ پوءِ ڪروڙ پتي ٿي ويا، ڪتابي صورت ۾ آھن. مون بھ ڪيترن جون ڪھاڻيون روبرو ٻڌيون ۽ ڪتابن ۾ پڙھيون آھن ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رھڻ دوران مون وٽ جيڪو دوست وطن کان ايندو ھو ان کي ٻڌائيندو ھوس ۽ انھن ماڻھن سان ملرائيندو ھوس. ھتي پنھنجن پڙھندڙن لاءِ ھڪ چيني ھمراھھ جو قصو لکڻ بي محل نھ ٿيندو.

اگھاڙن پيرن واري يتيم ڇوڪري کان

ارب پتي امير بئنڪر تائين

سنگاپور ۾ جيڪي توھان کي امير، شاھوڪار نظر اچن ٿا اھي سڀ اصل کان پئسي وارا نھ ھئا. حقيقت تھ اھا آھي تھ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي ٻيا جيڪي بھ سنگاپور آيا اھي سڀ غريب ھئا. غريب بھ غريبن جھڙا. اڄ ڪلھھ ولايتن ۾ وڃڻ يا گھمڻ وڏ ماڻھپي سمجھيو پيو وڃي. پر سؤ سال ٻھ سؤ سال اڳ پنھنجو گھر ۽ پنھنجو وطن ڇڏڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھھ ھئي. مسافري، رڻ پٽ ۽ بيابانن ۾ اٺن ذريعي ٿيندي ھئي يا سمنڊ تي تنھن زماني جي سادن جھازن ذريعي. گھر کان نڪرڻ وقت ھر ڪو موڪلائي نڪرندو ھو جو منزل تائين پھچڻ ايڏو سولو ڪم نھ ھو. اھڙين حالتن ۾ جيڪي غريب چيني پنھنجو وطن "چين" ڇڏي سنگاپور آيا ٿي يا ڏکڻ ھندستان جا تامل، سي مڙيئي غريب ھئا. بک، بيمارين ۽ بي روزگاريءَ کين ۽ سندن گھر جي ڀاتين کي بيحال ڪري رکيو ھو ان ڪري ھنن مجبور ٿي نئين دنيا ڏي رخ رکيو ٿي. ھو ايڏو تھ غريب ھئا جو کين سفر لاءِ ڀاڙي جا بھ پئسا نھ ھوندا ھئا. ڪيترن تھ پنھنجن ننڍن ٻارن کي ڪڍي ڇڏيو تھ من پورھيو ڪري وڃي پنھنجو پيٽ ڀرين. پنھنجي ڪکن ۾ رھڻ سان تھ بک ٿا مرن.

سنگاپور پھچي جن جن محنت ڪئي ۽ عقل کان ڪم وٺي پئسو بچايو ۽ان کي وڌايو ويجھائيو اھي يا انھن جو اولاد وڏا ماڻھو ٿي ويا. سنگاپور ۾ اڄ بھ توھان کي اھڙا ڪيترائي امير چيني، سک، تامل ۽ سنڌي ھندو ملندا جيڪي ھتي خالي ھٿين پھتا پر پوءِ محنت، عقل ۽ ڀاڳ کين ڪٿي جو ڪٿي پھچايو. سنگاپور جي اوور سيز يونين بئنڪ جي سٺ ماڙ عمارت، سنگاپور جي و ڏي ۾ وڏي عمارت آھي. ڪجھھ سال اڳ ان عمارت ۾ اوور سيز يونين بئنڪ (OUB) جي چيني مالڪ مسٽر لئين يـِنگ چائو (Lien Ying Chow) سان ملاقات ٿي. لئين سندس ذات آھي جيئن پھرين بھ ٻڌائي چڪو آھيان تھ چيني ماڻھو پھرين ذات لکندا آھن. سندن نالي جي ٽن لفظن ۾ پھريون لفظ ذات ٿئي باقي ٻھ لفظ نالي جا ٿين- جن مان گھڻو ڪري ھڪ لفظ صفت ٿئي ۽ ٻيو اسم جيئن تھ: سھڻو باغ، خوشبودار گل ، تکو گھوڙو، پاڻيوارو  ٻيٽ، ٿڌي ھوا وغيره وغيره. بھرحال ھن مضمون ۾ مسٽرليئين ينگ چائوءَ جو بار بار سڄو نالو کڻڻ بدران فقط چائو سڏينداسين.

چائوءَ جڏھن 1918ع ۾، يارھن ورھن جي ڄمار ۾ پنھنجو وطن چين ڇڏيو تھ ھو ھٿين خالي ھو. اڄ ھو سنگاپور جي امير ترين ماڻھن مان ھڪ آھي جنھن جون ھوٽلون آفيس بلڊنگس، بنگلا ۽ بئنڪون نھ فقط سنگاپور ۾ آھن پر ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ھانگ ڪانگ ۾ پڻ آھن. پاڻ ڊپلومئٽ ۽ سفير بھ رھي چڪو آھي. سندس زندگيءَ جو دلچسپ احوال ھانگ ڪانگ جي ھفتيوار رسالي ۾ “Barefoot Boy to Billionaire Banker” جي نالي سان اچي چڪو آھي. ۽ فار چون رسالي جو ايڊيٽر لوئس ڪرار ھن تي ڪتاب لکي رھيو آھي. جيڪو ھيستائين ڇپجي بھ چڪو ھوندو. ڪتاب جو نالو رکيو اٿس: “From Chinese Villager to Singapore Tycoon”. پاڻ 1807ع ۾ چين ۾ ڄائو. منھنجي ساڻس ملاقات پنج سال کن اڳ ٿي جڏھن ھو ڇھاسي ستاسي سالن جو ھو. ھينئر جي اڃان جيئرو ھوندو تھ نوي ايڪانوي سالن جو ھوندو ۽ انشا الله ضرور ھوندو جو بقول سندس " منھنجي صحت ٺيڪ ٺاڪ آھي ۽ آئون سخت جان آھيان سو گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سؤ سال تھ جيئرو رھندس" .

مسٽر چائو چين جي ڏاکڻي گئانگڊانگ صوبي جي جنھن ڳوٺ ۾ ڄائو ان جي ان وقت آدمشماري ويھھ ھزار کن ھئي ۽ ڳوٺ جي ھر ماڻھوءَ جي ساڳي ذات Lien ھئي " منھنجو ڏاڏو ليئين چائي (Lien Chye) ڳوٺ جو معزز ۽ پوڙھن ماڻھن مان ھو، ۽ منھنجو پيءَ ليئين سوي سينگ (Lien Swee Seng) ڳوٺ جي گھڻي کان گھڻو پڙھيل ماڻھو ھو.  1811ع ۾، جڏھن آئون پنجن سالن جو ٿيس تھ مون کي لکڻ سيکاريو ويو. ڏھاڙي مون کي ھڪ صفحو لکڻو پوندو ھو. منھنجو پيءُ مون کي اھائي نصيحت ڪندو رھندو ھو تھ سٺو ماڻھو اھو آھي جيڪو محنتي آھي، قانون جي عزت ڪري ٿو ۽ سک ۽ شانتي پسند ڪري ٿو. ھو مونکي ھر وقت اھو ئي سبق ڏيندو ھو تھ پٽ! ياد رکج تھ انسان کڻي غريب ٿي وڃي پر ھن کي اخلاق قائم رکڻ کپي."

آئون اھا جاءِ ھرگز نھ وڪڻندس

OUB جي وڏي عمارت ۾ مسٽر چائوءَ جي آفيس 45 ماڙ تي  آھي جتان ھو دريءَ مان اھو ھنڌ ڏسي سگھي ٿو جتي ھو 14 سالن جي يتيم ڇوڪري جي حيثيت ۾  1920ع ۾ سنگاپور پھتو ھو. ھن جي کيسي ۾ ٿورا ڪي سڪا ۽ ڪنھن دوست جي ائڊريس ھئي ۽ دماغ ۾ ڪيتريون ئي اميدون ۽ آسون. اڄ ھو سنگاپور جي اوچين عمارتن ڏي نھار ٿو ڪري تھ ھن کي انھن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون سندس تخليق ٿيل نظر اچن ٿيون ويندي سندس آفيس واري اوور سيز يونين بئنڪ بلڊنگ. دنيا جي اھا مشھور بئنڪ OUB سن  1947ع ۾ مسٽر چائو شروع ڪئي ھئي ۽ ھن وقت بھ ان بئنڪ ۾ ھن جو چوٿون حصو آھي جيڪو اٽڪل 6 بلين ڊالر ٿئي ٿو.

مسٽر چائوءَ جي آفيس مان سندس 39 ماڙ " منڊارن سنگاپور ھوٽل" جا ٽاور پڻ نظر اچن ٿا- جيڪي Luxury Apartments جا جھڳٽا آھن. مسٽر چائوءَ ھڪ پراڻي زماني جي عمارت ڏي ھيٺ اشارو ڪندي ٻڌايو: ”آئون اھا جاءِ ھرگز نھ وڪڻندس" . اِھا عمارت دارصل اھا آھي جتي پورھئي ۽ پئسي ڪمائڻ لاءِ آتي ڇوڪري (چائوءَ)، ھڪ چيني سيٺ جي دڪان ۾ " شاپ اسسٽنٽ" ٿي ڪم شروع ڪيو ھو. چائوءَ- جنھن، غربت سان زندگيءَ جي شروعات ڪئي، محنت، ايمانداري ۽ عقل کان ڪم وٺي خوب پئسو ڪمايو ۽ دڪان جي نوڪر مان دڪان جو مالڪ ٿيو، وارپاري ٿيو، جھازن جو خريدار ٿيو. اڄ ھو نھ فقط سٺو سوداگر آھي پر بئنڪر، ھوٽلن جو مالڪ، ٻن ملڪن جو سفير، ڪميونٽي جو اڳواڻ، اثر رسوخ وارو ۽ سخي مرد آھي جنھن شخص تعليم پٺيان ڪروڙھا ڊالر خيرات ڏئي ڇڏيا آھن. ھن جي ذاتي دوستن ۾ ھن پاسي جون ڪيتريون اھم شخصيتون ٿي گذريون آھن، جھڙوڪ: چيانگ ڪائي شيڪ، چائو اين لائي، ڊينگ زيائوپنگ، لارڊ مائونٽ بئٽن، تنڪو عبدالرحمان وغيره.

پاڪستان جي چنيوٽين، کوجن، بوھرين، ڏيپلائي ميمڻن ۽ لاڙڪاڻي پاسي جي شيخن وانگر جنھن واپاري ڪميونٽي سان مسٽر چائوءَ  جو تعلق آھي اھا چين جي سواتر Swatow)۽ منڊارن زبان ۾ (Shantou علائقي جي ٽيوچو ڳالھائي ٿي ۽ اھي ھانگ ڪانگ، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ۾ پڻ پکڙيا پيا آھن ۽ گھڻو ڪري بئنڪن، ھوٽلن ۽ جھازن جا مالڪ ۽ واپاري آھن. پاڻ ۾ ٻڌي بھ ڏاڍي اٿن. بقول چائوءَ جي: " اسين ٽيوچو Teochews ڪئنٽوني زبان ۾Chiuchows) بھ سڏجن ٿا) ھڪ  ٻئي سان ئي دوستي ڪيون ٿا ۽ ھڪ ٻئي جي ئي مدد ڪندا رھون ٿا. ھڪ ئي صوبي مان اچڻ ڪري اسان ھڪ ٻئي سان پنھنجائي محسوس ڪريون ٿا" .

مسٽر چائو چار شاديون ڪيون ۽ ڏھٽاڻ پوٽاڻ ۾25 ٻار اٿس. ھو صبح جو ڇھين بجي اٿي تائي چي (Tai Chi) ڪسرت ڪري ٿو. (" تائي چي" قديمي چيني ورزش آھي جنھن کي ڌرمي درجو حاصل آھي. ان ۾ آھستي آھستي پاڻ کي ذھني طرح سڪون ۾ رکڻو پوي ٿو). تائي چي ورزش بعد چائو ڊگھي واڪ تي نڪريو وڃي. ان بعد تيار ٿي ھلڪي نيرن ڪري بئنڪ واري آفيس ۾ وڃي ٿو. آفيس وڃڻ لاءِ ڊرائيور ھن کي سندس 25 سال پراڻي ڪار رولس رائس ۾ وٺي ويندو آھي. منجھند جي ماني ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ بزنيس مين سان ڪندو آھي. ان بعد ٿوري دير ننڊ ڪري ھوٽلن جي سار سنڀال لاءِ " ھوٽل منڊارن سنگاپور" واري آفيس ۾ وڃي وھندو آھي، جتي ھو ڪيترن ئي ملاقاتين سان ملندو پڻ آھي.

مسٽر چائوءِ جي ننڍ پڻ جي ڪھاڻي

مسٽر چائو جي رھائشگاھھ جو نالو Lien Villa آھي. ھن  ٻي وڏي لڙائيءَ بعد سگھو ئي اھو گھر  ورتو ھو ۽ اڄ اڌ صدي گذرڻ بعد بھ اھو ان ئي حالت ۾ آھي ايتريقدر جو فرنيچر کي بھ ھيڏانھن ھوڏانھن ريڙھيو نھ ويو آھي. بقول سندس 28سالن جي جوان چيني زال مار گريٽ چان جي تھ چيني ماڻھو سک ۽ سٺي ڀاڳ جي حالت ۾ گھر يا گھر جي سامان ۾ رد بدل آڻڻ ۾ گريز ڪن ٿا متان اڀاڳ نھ ٿي پوي. سندس زال لنڊن جي تعليم يافتھ وڪيل آھي، ھن ٻڌايو تھ ھڪ دفعي مالھيءَ، گھر جي باغ ۾ ماکيءَ جي مکين جي ماناري کي ھڪ ھنڌان ڪڍي ٻئي ھنڌ لڙڪائڻ ٿي چاھيو تھ چائوءَ ان کي بھ منع ڪئي ۽ چيو تھ جيڪا شيءَ جتي آھي انکي اتي ئي رھڻ ڏيو نھ تھ بدسوڻي ٿي پوندي. سندس بئنڪ جو نشان (Logo) ٽونگ وارو سڪو آھي. ھڪ دفعي بئنڪ جي ڊئريڪٽرن صلاح ڏنس تھ ان کي بدلايو وڃي پر ھن کين اھو چئي صلاح قبول نھ ڪئي تھ "اھو نشان مونکي تڏھن کان پسند آھي جڏھن آئون ٻار ھوس ۽ چين ۾ رھندو ھوس".

چائوءَ جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال سندس زباني جيئن ڇپيو آھي ھتي ائين ڏيان ٿو:

"چين ۾ منھنجي پيءُ کي ڪپڙي جو دڪان ھو. خريدار ڪپڙي جي قيمت پتل جي سڪن ۾ چـُـڪائيندا ھئا. ھڪ سينٽ ۾ ڏھ پتل جا سڪا ھئا. ھڪ ڊالر (جنھن ۾ ھڪ ھزار اھڙا پتل جا سڪا ٿيا) وڏي ڳالھھ سمجھيو ويو ٿي. ڌنڌو سٺو ھلي رھيو ھو. آئون پنھنجي پيءُ کي غريب ماڻھن کي علاج ۽ دوا درمل لاءِ پئسا ڏيندو ڏسندو ھوس. ڪڏھن ڪڏھن ھو دفن جو خرچ پڻ غريب گھر جي ڀاتين کي ڏيندو ھو. اسان ھڪ سادي گھر ۾ رھياسين ٿي پر اھو تمام صاف سٿرو ۽ سھڻو ھوندو ھو. ھن کي وڏو ٻـِـدرو ھو ۽ چانور رکڻ لاءِ گندي ھوندي ھئي.

پٺئين پاسي سمھڻ لاءِ ڪمرا ھئا ۽ وچ ۾ وھڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ ھال ٺھيل ھو- جنھن جي اڳيان ورانڊو پڻ ھو. مونکي ياد ٿو اچي تھ مونکي منھنجي پيءُ ٻڌائيندو ھو تھ اسان جو پڙڏاڏو يا شايد تڙ ڏاڏو سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڏي عھدي تي ھو. مونکي ھن جي رئنڪ جي خبر ناھي. ملڪ جي شھنشاھھ اسان جي ڳوٺ جي ماڻھن کي ڇتين جي گرڊرن کي ڳاڙھو رنگ ۽ ٽيئرن کي بلو رنگ ھڻڻ جي موڪل ڏني ھئي. (1)

ھڪ ڏينھن منھنجي پيءُ مونکي ٻڌايو تھ منھنجو نالو ليئن ينگ چائو ڇو رکيو ويو. چيني لفظ "ينگ چائو" ھڪ خوبصورت ٻيٽ جي نالي تان ورتل آھي جتي بي انتھا پاڻي آھي. "جڏھن تون وڏو ٿيندين"، بابا چيو، "تھ آئون اھو ئي چاھيندس تھ تون ڪنھن اھڙي ٻيٽ تي وڃين جتي تمام گھڻو پاڻي ھجي ۽ تون روزگار ۾ سٺو ڪمائي سگھين."

چين ۾ تن ڏينھن جي رھائشي حالتن مطابق اسان سٺو کاڌو ۽ اوچو ڪپڙو پھريو ٿي. انھن ڏينھن ۾ جن جي گھر ۾ چانور ھوندا ھئا اھي وڏي ڳالھھ سمجھيا ويا ٿي. جڏھن آئون ستن سالن جو ٿيس تھ بابو ماستر صاحب کي دعا سلام ڪرڻ لاءِ مونکي مندر واري اسڪول ۾ وٺي ھليو. اسڪول ۾ اسان ٽيوچيو (ڏکڻ چين جي چيني زبانن مان ھڪ ٻولي) ڳالھائي ٿي ۽ تمام ھلڪا ڪتاب پڙھيا ٿي.

اسڪول بعد مون بابا کي سندس ڪم ۾ مدد ڪرائي ٿي. بابا خريدارن کي قرض تي ڪپڙو ڏيندو ھو پر فقط ڪجھھ مھنن لاءِ. سال ختم ٿيڻ مھل تھ ھن ھر صورت ۾ حساب چڪتو ڪرڻ چاھيو ٿي. ماڻھن کان قرض وٺڻ لاءِ مونکي وڃڻو پوندو ھو ۽ نئين سال جي ڏينھن تي تھ صبح کان وٺي آڌي رات ٿي ويندي ھئي ۽ مونکي پاڻ سان لالٽين کڻي نڪرڻو پوندو ھو.

اھڙي ھنڌ رھجانءِ جتي پاڻي جام ھجي

ھڪ ڏينھن جڏھن آئون ستن سالن جو ھوس تھ منھنجي پيءُ گھر ۾ گھڙڻ سان  پنھنجي چوٽي (Pigtail)ڪتري ڇڏي ۽ پوءِ منھنجي پڻ ڪتري ڇڏي. آئون سڄو ڏينھن رئندو رھيس. منھنجي پيءُ مونکي سمھجھائيندي چيو: "ڏس پٽ، پاڻ کي ھاڻ پراڻي زماني جي رواج موجب چوٽيون نھ رکڻ کپن ڇو جو ھاڻ پنھنجو واسطو ان چين سان ٿيڻ وارو آھي جيڪو ڊاڪٽر سن يات سين (Sun Yat Sen) جي ھٿ ۾ آھي.

انھن ڏينھن ۾ منھنجي ماءُ ھڪ فال ڪڍڻ واري مائي وٽ مونکي وٺي ھلي. آئون باھ واري گھوڙي جي سال ۾ ڄائو ھوس جيڪو سال سٺ سالن ۾ فقط ھڪ دفعو اچي ٿو. فال وجھڻ واري مائيءَ، جيڪا چڱي ڪراڙي لڳي رھي ھي مختلف سالن جي 60 پتن کي اٿلائيندي پٿلائيندي گھوڙي جي تصوير وارو ھڪ ڪارڊ ۽ ٻھ ڪاٺيون کنيون.

"ان جو مطلب ڇا ٿيو؟" منھنجي ماءُ پڇيو.

فال ڪڍندڙ عورت گنڀير منھن ٺاھي ڪنڌ ڌوڻيو. مون سمجھيو تھ ھوءَ پڪ اھو چوندي تھ آئون جلد مري ويندس." اوھ، منھنجو، بلڪ تنھنجو ھي پٽڙو!" فال ڪڍندڙ مائيءَ چيو، "تمام ڊگھي ڄمار جو ٿيندو. ھن قسم جي گھوڙي کي پنھنجي سڄي طاقت سان مقابلو ڪرڻو آھي. پر تون فڪر نھ ڪر ھن کي کائڻ پيئڻ توڙي پھرڻ لاءِ تمام گھڻو ملندو. رھڻ لاءِ عاليشان گھر ھوندس. پر انھن سڀني سوڀن کي ماڻڻ لاءِ ھن کي محنت کان ڪم وٺڻو پوندو".

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: