نيل نديءَ تي پل ٺھي ۽ يوگنڊا جي گاديءَ
جو ھنڌ ڪمپالا ٿيو
1920ع
ڌاري ڪجھھ مشينن جي ايجاد ٿيڻ تي محمد مانيڪ
بوجوتا ڳوٺ ۾ ڪاٽن جنري جو ڪم شروع ڪيو. ھن ڦٽي
وٺي ان جو ڪڪڙو الڳ ٿي ڪيو ۽ ڪپاھھ جو ڳٺڙيون
(Bales)
ايڪسپورٽ ٿي ڪيون. ھي سامان
ڍڳي گاڏين ذريعي کڄي ممباسا آيو ٿي. جتان ڪمپني
(East India Co.)
جي جھازن ذريعي انگلنڊ روانو
ٿيو ٿي. محمد مانيڪ ان علائقي جون ٻيون بھ ڪيتريون
ئي زمينون خريد ڪري ان تي ڪمنڊ جي پوک شروع ڪرائي.
انھن ڏينھن ۾ کنڊ ۽ ڳڙ مان وڏي ڪمائي ھئي. ھن موٽر
سائيڪل خريد ڪئي جنھن جي پاسي کان گاڏو بھ لڳل ھو
جنھن ۾ ھڪ وڌيڪ ماڻھو ويھي سگھيو ٿي. موٽرسائيڪل
جي عجيب ڦٽ ڦٽ واري آواز، دونھين ۽ رفتار کان
ڪيترا شيدي ڊڄي لڪي ويندا ھئا.
وڪٽوريا ڍنڍ ٽپي ھڪ شھر کان ٻئي شھر وڃڻ لاءِ سڙھ
۽ چين تي ھلندڙ ٻيڙيون ھيون ۽ پوءِ انجڻ تي ھلندڙ
ٻيڙيون ٿيون ۽ ان کانپوءِ انجڻ تي ھلندڙ فيريون
(ننڍڙا پئسينجر جھاز) ھلڻ لڳا. موٽر ڪارون بھ
آفريڪا کنڊ ڏي اچڻ شروع ٿيون ھيون. محمد مانيڪ
جنجا شھر جو پھريون ماڻھو ھو جنھن ڪار خريد ڪئي.
اھا فورڊ ماڊل
T
ھئي.
ريل، روڊ ۽ ٻيڙي جي نظام بھتر ٿيڻ تي ڪيترن
ايشيائي ماڻھن رستن جي اھم موڙن وٽ ننڍا ننڍا دڪان
کوليا. پير محمد ترڪ بوگونگو ڳوٺ ۾ ھڪ ننڍڙو ھٽ
کوليو. بوجوتا ڳوٺ ۾ بھ ھاڻ ڇھھ دڪان ٿي ويا. ٽي
اسماعيلي مسلمان فئملين: ڪارا پرڌان، جمال پرڌان ۽
ويلجي ڀاون جا ۽ ٽي شيعا مسلمان فئميلن جا: ناصر
پرڌان، علي جيراج ۽ ٻن ڀائرن حسن علي ۽ رجب علي
رشيد جا. انھن ٻن ڀائرن محمد مانيڪ جن ٻن ڌيئن سان
شادي ڪئي. حسنعلي جي شادي جينا ٻائيءَ سان ۽
رجبعليءَ جي ڪلثوم ٻائيءَ سان ٿي.
1930ع
جي شروع وارن ڏينھن ۾ نيل نديءَ مٿان پل ٺاھي وئي.
پل جي ڪري جنجا ۽ ڪمپالا جا شھر ريل ۽ روڊ رستي
ھڪٻئي سان ڳنڍجي ويا. نيل نديءَ مٿان ھيءَ نيل پل
لوھ ۽ سيمنٽ سان تمام مضبوط ٺاھي وئي. نيل پل شروع
ٿيڻ کانپوءِ جنجا ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندو رھيو ۽
ھڪ ڳوٺ مان ڦري ننڍڙو شھر ٿي پيو. جنجا قدرتي
نظارن کان دنيا جي بھترين شھرن مان آھي. ذرا تصور
ڪريو تھ جنجا شھر جي ھڪ پاسي اونھي ۽ تکو وھندڙ
نيل ندي ھئي جنھن جو پاڻي ڪڙڪا ڪري ٿي وھيو تھ ٻئي
پاسي وڪٽوريا ڍنڍ جو ماٺيڻو ۽ پر سڪون پاڻي ھو.
تازي ۽ صاف پاڻيءَ جي ڪا کوٽ نھ ھئي، زمينون ڀليون
ھيون جن تي ٿيندڙ مختلف فصل ھوا ۾ لڏندا رھيا ٿي،
سج لھڻ ۽ اڀرڻ وقت جو سھڻو نظارو ڏسڻ وٽان ھوندو
ھو ۽ ھر وقت ٿڌي ھير پئي لڳندي ھئي. جنجا جوشھر
جيتوڻيڪ خط استوا جي بلڪل ويجھو آھي (اٽڪل ٽيھھ
ميل کن) پر سمنڊ جي سطح کان ساڍا ٽي ھزار کن فٽ
مٿي ھجڻ ڪري ٻارھوئي ٿڌڪار رھي ٿي. نيل نديءَ اتر
طرف ڏي وھندي ٻن سلطنتن جو قدرتي بارڊر ٺاھيو ٿي.
ھڪ طرف بوسوگا باگنڊا بادشاھت جا طاقتور ۽ مٿاھين
جا ماڻھو ھئا. باگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ ڪمپالا
(جيڪو پوءِ بعد ۾ سڄي يوگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ
ٿيو) روم وانگر ستن ٽڪرين تي اڏيل آھي. اڳتي ھلي
ڪراچيءَ وانگر جنجا ملڪ جو ڪمرشل ڪئپيٽل ۽ ٻيو
نمبر وڏو شھر ٿيو.
1950ع
ڌاري نيل پل کان ٿورو اڳتي اوئن فالس(Owen
Falls)
ڊئم ٺاھي وئي. ڪنھن زماني
تائين اھو ڊئم نھ فقط سڄي يوگنڊا ملڪ کي بجلي مھيا
ڪندي ھئي پر ڪينيا جي ڪجھھ اوڀر وارن حصن کي بھ.
مانيڪ جو اولاد يوگنڊا کان برطانيھ
۽ ڪئناڊا ھليو ويو
حسن علي رشيد پنھنجي زندگيءَ جا
13
سال سنھ
1928
ع کان
1941ع
تائين جنجا جي شيعا مسجد جي حوالي ڪري ڇڏيا. نيل
نديءَ مٿان پل ٺھڻ بعد يوگنڊا جو ھي شھر جنجا ھڪ
تمام وڏو شھر پڪين عمارتن ۽ رستن وارو ٿي ويو. ھن
شھر جي خوشحاليءَ جو ٻڌي نھ فقط آريڪا جي اوسي
پاسي جا انڊين واپاري پر انڊيا جا بھ ڪيترائي اچي
ھتي
Settle
ٿيا جن ۾ ڪيترائي شيعا مسلمان
ھئا ۽ ھن شيعا مسجد ۾ ايندا ھئا. حسن علي ۽ سندس
ڀاءُ رجب علي بنا ڪنھن لالچ ۽ طمع جي فقط رب کي
راضي رکڻ لاءِ ھن مسجد جي خذمت ڪندا رھيا. اھو حسن
علي جو انڊين ڪميونٽي لاءِ پيار ۽ جذبو ھو جنھن
جي ڪري اسلام جي ٻين فرقن جا ماڻھو- ويندي پنجابي
مسلمان بھ ملندا جلندا رھيا. حسن عليءَ بوجوتا کان
جنجا تائين بس سروس بھ شروع ڪئي ۽ ان ۾ انھن ماڻھن
لاءِ ڪا ٽڪيٽ نھ ھئي جيڪي جنجا جي ھن مسجد ۾ واعظ
ٻڌڻ يا نماز لاءِ آيا ٿي.
جنجا ۾ رھندڙ ھڪ پٽيل فئملي جيڪي ھندو ھئا اولاد
بنا ھئا. ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي علاج بعد بھ
ھنن کي ٻار نٿي ٿيو. حسن علي جي زال جينا ٻائيءَ،
پٽيل جي زال کي صلاح ڏني تھ ھوءَ محرم جي ستين
تاريخ واري مجلس اچي اٽينڊ ڪري ۽ ٻار لاءِ دعا
گھري. قدرت خدا جي ھن کي پوءِ سگھو ئي ھڪ سھڻو ٻار
ڄائو. ان بعد ھوءِ ھر سال محرم جي ستين تاريخ جنجا
جي ھن شيعا مسجد ۾ نياز کڻي ايندي ھئي. حبيب قاسم
علي جعفر نالي ھڪ ممباسا جو واپاري اتان لڏي جنجا
۾ اچي رھيو. ھـُـن ھـِن مسجد جي لاءِ ھڪ وڏي ھال
ٺھرائڻ تي دل وٽان خرچ ڪيو. اھو ھال
1927ع
ڌاري ٺھي راس ٿيو.
1930ع
۾ محمد مانيڪ بھ جنجا ۾ لڏي آيو.
1935ع
۾ سندس زال فاطمھ ٻائي گذاري وئي پاڻ زئنزيبار ٻيٽ
تي ڄائي ھئي ۽ ھن جا ابا ڏاڏا انڊيا کان گھڻو اڳ
آفريڪا آيا ھئا. محمد مانيڪ کي فاطمھ مان ست ٻار
ٿيا، پنج پٽ ۽ ٻھ ڌيئون جن جا نالا ھن ريت آھن:
عبدالحسين، عبدالرسول، اڪبر علي، رضا حسين ۽ محمد
حسين،. ۽ ڌيئن ۾: جينا ٻائي ۽ ڪلثوم ٻِائي جن جي
شادين جو ذڪر پھرين اچي ويو.
محمد مانيڪ ٻيو دفعو شادي ڪئي پر ھن دفعي ھو انڊيا
وڃي صغرا ٻائي نالي ھڪ عورت سان شادي ڪري آيو.
ھوءِ اڄ ڪلھھ ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شھر
ھئملٽن ۾ رھي ٿي. ھن مان مانيڪ کي چار پٽ ۽ ٻھ
ڌيئون آھن: رمضان علي، اصغر علي، عنايت علي ۽
سلطان علي ۽ ڌيئن ۾ نرگس ٻائي ۽ نسيم ٻائي. محمد
مانيڪ جڏھن انڊيا ويو تھ ھو اتي ورتل پنھنجي ڪجھھ
جائداد وڪڻي آيو. ھن اھو پئسو بھ اچي يوگنڊا ۾
لڳايو. ھن جنجا کان مبالي شھر تائين ڪمرشل بس شروع
ڪئي. مبالي
(Mbale)
شھر جنجا کان
125ملي
پري ڪينيا جي بارڊر وٽ آھي ۽ ٻي بس سروس سوروتي
(Soroti)
شھر تائين ھلائي جيڪو شھر
يوگندا جي وڪٽوريا ڍنڍ جي قدمن وٽ آھي. وقت سان گڏ
ھو وڌيڪ بسون گھرائيندو ويو. پھرين برطانيھ کان
Leyland
ڪمپنيءَ جون، ان بعد
Mann
جون. تنھن بعد يورپ جي اسڪانيا
ڪمپنيءَ جون بسون گھرايائين.
بزنيس ۾ ھميشھ ھڪ جھڙا ڏينھن بھ نھ نٿا اچن. مانيڪ
جو ھڪ اسسٽنٽ ھڪ وڏو فراڊ ڪري وڏي رقم پاڻ سان کڻي
انڊيا ڀڄي ويو.
محمد مانيڪ
13
مارچ
1947ع
تي (پاڪستان ٿيڻ کان پنج مھنا اڳ) گذاري ويو. ھن
جي ان وقت عمر
57
سال ھئي. ھن کي جنجا جي
قبرستان ۾ سندس پھرين زال فاطمھ ٻائي جي ڀر ۾ دفن
ڪيو ويو. جن ھن کي ڏٺو يا مليا سي ھن کي ڪڏھن بھ
وساري نھ سگھندا. سندس وفات بعد بھ سندس اولاد
ڪيترائي سال يوگنڊا جي مختلف شھرن ۾ رھيو.
1972ع
۾ جڏھن عيدي امين يوگنڊا مان سڀني ايشيائي ماڻھن
کي لوڌڻ شروع ڪيو تھ ٻين واپارين وانگر مانيڪ جو
اولاد بھ پنھنجو اباڻو، ڏاڏڻو ملڪ يوگنڊا ڇڏي دنيا
جي مختلف ملڪن ڏي لڏي ويا- خاص طور برطانيھ ۽
ڪئناڊا وغيره. ڪجھھ سئيڊن، ھالنڊ ۽ سئٽررلئنڊ بھ
رھن ٿا.
سنڌ ۾ رھندڙ اسانجا آفريڪي نسل
جا شيدي ڀائر
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو ڏئي وڃڻ سان بلوچستان، ايران
ويندي عربستان کان ٿو وڃي نڪرجي. يمن، عربستان ۽
مصر وغيره وري آفريڪا جي ملڪن سوڊان، جبوتي، حبش
(اٿوپيا ۽ اريٽريا) سان ڳنڍيو پيو آھي. موھن جي
دڙي مان اھڙيون بھ نشانيون ظاھر ٿيون آھن جن مان
لڳي ٿو تھ سنڌ جو واپار دجلھ ۽ عرفات ندين جي شھرن
سان پڻ ھلندو ھو. ظاھر آھي ماڻھن جي اچ وڃ بھ رھي
ھوندي ۽ آفريڪا جا ڪارا جيڪي شام ايران تائين پھتا
ھوندا. اھي سنڌ ۾ بھ آيا ھوندا. مصر تھ آھي ئي اڌ
آفريڪا اڌ ايشيا. بھر حال سنڌ ۾ آفريڪن جي آمد جو
لکت ۾ احوال
711ع
کان آھي جڏھن عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ ننڍي کنڊ ۾ اسلام
پکڙيو.
حبشي معنيٰ آفريڪي، آفريڪي معنيٰ حبشي
تاريخي احوالن ۾ آھي تھ محمد بن قاسم جنھن سپاھيءَ
کي راجا ڏاھر سان دوبدو ڪيو اھو شجاع حبشي نالي
آفريڪا جو شيدي ھو. عربن جو سنڌ تي ٽي صديون کن
زور رھيو ۽ ان دوران ھنن معرفت ڪيترائي آفريڪي
(شيدي)نوڪر، سپاھي، پورھيت، ڪمانڊر سنڌ ۾ آيا
ھوندا. عرب ملڪن ۾ آفريڪن نسل جي ماڻھوءَ کي حبشي
سڏجي ٿو جو شروع وارن ڏينھن ۾ عرب ملڪن ۾ جيڪي
آفريڪي غلام طور ايندا ھئا اھي آفريڪا جي ملڪ حبش
(Abyssinia)
کان ايندا ھئا. ان ڪري اھي
حبشي سڏبا ھئا. ڳاڙھي سمنڊ
(Red Sea)جي
ھڪ پاسي عربستان ۽ يمن آھي تھ ٻئي پاسي حبش جيڪو
ھينئر ٻن ملڪن: اٿوپيا ۽ اريٽيريا ۾ ورھايل آھي.
تن ڏينھن ۾ بحر اِحمر ٽپي عربستان کان حبش ۽ حبش
کان عربستان اچڻ وڃڻ سولو ڪم ھو. مسلمانن پھرين
حجرت حبش ڏي ڪئي ۽ ڏٺو وڃي تھ مڪي کان حبش ويجھو
آھي پر مدينو گھڻو پري آھي. ان ڪري انھن ڏينھن ۾
جڏھن اڃان عرب سٺا
Sailor
(جھازي) نھ ٿيا ھئا جو زئنزيبار، ٽانگانيڪا ۽
ممباسا تائين پھچي سگھن ھنن لاءِ آفريڪا معنيٰ حبش
ھو ۽ حبش معنيٰ آفريڪا. ھر ڪارو ماڻھو جيڪو آفريڪا
جو ھجي ان کي حبشي سڏيو ويو ٿي. حضرت بلال کي بھ
حبشي ان ڪري سڏيو ويو ٿي جو ھو آفريڪا کان آيو
ھو.
18
صديءَ جي آخر ۾ سڀ کان گھڻا
شيدي
(آفريڪي ڪارا) غلام سنڌ ۾ وڪرو ٿيا
ان کانپوءِ مصر مان ٿيندا سوڊان جا شيدي عرب ملڪن
۾ پھتا ۽ پوءِ عماني عرب جڏھن پنھنجن ٻيڙن ۽ جھاز
راني جي علم ذريعي آفريڪا جي ڏورانھن ڏيھن تائين
وڃي نڪتا ۽ نھ فقط اتي پھتا پر زئنزيبار ۽ آفريڪا
جي ڪناري واري پٽن تي قبضو ڪري ان جا حاڪم بھ ٿي
ويا. عماني عرب صدين تائين زئنزيبار، ممباسا،
ٽانگانيڪا (ھاڻ تنزانيا سڏجي ٿو) ڪينيا ۽ موزمبق
جي سامونڊي ڪناري وارن پٽن جا سلطان رھيا. ايتري
قدر جو ھنن عماني سلطانن پنھنجو تخت گاھھ مسقط مان
بدلائي زئنزيبار ٻيٽ تي آندو. ھيرن پٿرن کان وڌيڪ
ھنن غلامن جو واپار ڪيو ٿي. ھنن جا ماڻھو آفريڪا
جي اندرن حصن ۾ وڃي اتان شيدين کي ماري ڪٽي، رسيون
ٻڌي زئنزيبار ٻيٽ تي وڪري لاءِ وٺي آيا ٿي جتان
اھي وڪرو ٿيل غلام عمان ۽ انڊيا جي مختلف بندرگاھن
ڏي ويا ٿي.
تاريخ موجب
18
صدي جي آخر ۽19صدي
جي شروعات وارا سال اھو دور ھو جنھن ۾ سڀ کان گھڻا
آفريڪي غلام (شيدي) سنڌ ۾ وڪرو ٿيا. ھي جھازن
ذريعي ممباسا ۽ زئنزيبار کان سڌو ڪراچي ۽ ٺٽي
ايندا ھئا يا عمان جي بندرگاھھ مسقط مان ٿيندا
بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ايندا ھئا. انگريزن جڏھن
1839
۾ ڪراچي فتح ڪئي (
1843ع
۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان چار سال اڳ) تھ ان وقت جي ھڪ
انگريز
(Alexander Baillie)
ڪراچيءَ ۾ ھلندڙ غلامن جي واپار بابت لکيو آھي
تھ:
“Slavery was an institution, as was the salve
trade. Not only were many slaves kept in the
town, but Kurrachee was a great depot for
supplying the up-country districts. From 600 to
700 were annually imported, of whom about three-
forths were females…”
ڪمانڊر ڪارليس جي دستاويزن مطابق:
“About 1500 slaves arrived at Kurrachee from
Omani port muscat and the African Coast in the
year 1837”.
انھن ڏينھن ۾- يعني اوڻھين صديءَ جي اڌ ڌاري
زئنزيبار ٻيٽ جي مارڪيٽ ۾ ھر سال ڏھھ ھزار کان
ويھھ ھزار غلامن جو وڪرو ٿيو ٿي. رچرڊ برٽن جي
لکڻين مطابق سنڌ ۾ جيڪي شيدي غلام وڪرو لاءِ آيا
ٿي تن سواحلي
(Swahilis)
زبان ڳالھائي ٿي ۽ اڄ واري
ڪينيا ۽ تنزانيا (تانگانيڪا ۽ زئنزيبار) کان آيا
ٿي. جن ڏينھن ۾ ٽالپرن بلوچ سپاھين ۽ جنگجو ماڻھن
جا پگھار وڌايا ۽ زمينون ڏنيون انھن ڏينھن ۾ غلامن
جي وڌيڪ
Demand
ٿي. آرام واري زندگي گذارڻ لاءِ ھنن کي شيدي غلامن
جي ضرورت پيئي.
آفريڪا کان آيل شيدي غلامن کان سنڌ ۾ ڪو پوک جھڙو
ڪم نٿي ورتو ويو جنھن مان اپت ٿئي. محلاتن جي
چوڪيداري ۽ گھر جي ڪم ڪارين لاءِ ٽالپرن شيدي مرد
۽ عورتون رکيون ٿي. ڪيترا سنڌي جاگيردار غلام
رکندا ھئا. گھر جي ڪم لاءِ آفريڪي ڇوڪرين جي وڌيڪ
ضرورت پيئي ٿي. بالغ ۽ سھڻين ڇوڪرين کي سريت
(Concubine)
طور بھ رکيو ويو ٿي. رچرڊ برٽن
جي لکڻين مطابق ھي غلام (شيدي) گھوڙن جي خذمت
چاڪري، گاھھ ڪٽڻ، ڏھاڙي جي مزدوري کان علاوھ مختلف
ھنرمندن (واڍن، لوھارن، ٻيڙيون ٺاھيندڙن) وٽ
پورھئي خاطر رکيا ويا ٿي.
واھھ ڙي تارا روشن تارا
ھونءَ ھڪ ڳالھھ جنھن جو اعتراف گورا (انگريز ۽
يورپي) بھ ڪن ٿا تھ سنڌ ۾ آيل ھنن غلامن سان
جسماني ظلم نٿي ڪيو ويو ۽ ساڳيو حال عرب ملڪن ۾
ھو. شايد اسلامي تعليم ڪري ھنن سان جانورن واري
حالت نھ ڪئي ويندي ھئي جيڪا ڏکڻ آفريڪا ويندڙ
آفريڪا جي اولھھ ڪناري وارن غلام شيدين سان عام
ھئي.
ھند، سنڌ ۽ عرب ملڪن ۾ ڪجھھ شيدي غلامن پنھنجي
عقل، بھادري ۽ وفاداري ڪري مالڪن وٽ وڏي عزت ۽
مان حاصل ڪيو. ھوش محمد (ھوشو شيدي) انھن مان ھڪ
آھي. ھن جي پيءُ لاءِ چيو وڃي ٿو تھ ھو حيدرآباد
جي حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر جو خدمتگار ھو. ۽
ھوش محمد خانزاد ھو يعني ھو ميرن جي حويليءَ ۾
ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو. اھڙن غلامن کي عزت بخشڻ لاءِ
مير کين قمبراڻي ذات جو سڏيندا ھئا اھا ذات قمبر
سان وابستھ آھي. قمبر حضرت عليءَ جو آزاد ڪيل حبشي
غلام ھو. ھوشو شيدي مير صاحب جي پٽ صوبدار خان سان
گڏ ھوندو ھو.
1843
ع واري ميرن جي انگريزن سان
دٻي وٽ جنگ ۾ جيتوڻيڪ اسان سنڌين ھارايو پر جنھن
دليري ۽ بھادريءَ سان ھوشوءَ وڙھندي پنھنجي جان
قربان ڪئي ان، ھن کي ، اسان لاءِ ھيرو بنائي ڇڏيو
۽ سندس امر نعرو
"
مرويسون پر سنڌ نھ ڏيسون".
اڄ بھ سنڌين جي دل تي اڪريل آھي.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد غلاميءَ تي سختيءَ سان
بندش لڳائي وئي. امير امرائن جي خرچن تي بھ سختي
ڪئي وئي ۽ ھنن لاءِ غلام رکڻ جھڙا شوق ڏکيا ٿي
پيا. غلامن جي آزادي بعد ڪيترا آفريڪي غلام (شيدي)
پنھنجي مالڪن وٽ ئي روزگار خاطر نوڪر ٿي بيٺا
ڪيترا نئين روزگار جي ڳولا ۾ نڪري پيا. ھنن رھائش
لاءِ سماجي طرح پنھنجيون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ٺاھيا ۽
ھڪ ٻئي جي مدد ۽ حفاظت ڪرڻ لڳا. شيدي اڄ بھ پنھنجا
ڪيترائي آفريڪي رواج ۽ رسمون قائم رکندا اچن. سندن
خاص قسم جي آفريڪي دھل ( مگرمان) تي سواحيل ۽ عربي
گاڏڙ زبان جا گيت ۽ ناچ ٽپڪو سنڌ جي ٻين قومن کا
بلڪل نرالو آھي.
شيدي پنھنجي حس لطافت
(Sense of Humor)
کان اڄ بھ مشھور آھن. سنڌ ۾
شيدي سٺا چرچائي، مسخرا ۽ ملھھ مشھور آھن. اڄڪلھھ
شيدي ھر اھو ڪم ڪن ٿا جيڪو ٻيا ڪن ٿا. ڪيترائي
پڙھيل لکيل ۽ آفيسر بھ آھن پر اڄ کان پنجاھھ سٺ
سال کن اڳ (پاڪستان ٿيڻ وقت تائين) شايد ئي ڪو
شيدي اعليٰ تعليم يافتھ ھو. ھڪ جيڪو ھن وقت ذھن ۾
آھي ۽ سنڌ جي اھم شخصيت مڃي وڃي ٿو اھو جناب محمد
صديق
"مسافر"
آھي.
محمد صديق
"مسافر"
سنڌ جي مشھور اديبن مان ھڪ
آھي. پاڻ
100
کان مٿي ڪتاب، مضمون ۽ پئمفليٽ
لکيائين ۽ تعليمي ڪمن ۾ اھم رول ادا ڪيائين. ھن کي
سنڌ جو ٻچو ٻچو ٻاراڻي درجي جي مشھور
"واھھ
ڙي تارا روشن تارا"
بيت ڪري سڃاڻي ٿو جيڪو ھن انگريزي جي ٻاراڻي بيت
Twinkle Twinkle Little Star
جي بدلي سنڌي ٻارن لاءِ ٺاھيو
ھو. پاڻ آفريڪا جي شيدي نسل مان ھو ۽
1879ع
۾ سنڌ جي ٽنڊو باگو شھر ۾ ڄائو ۽
1961ع
۾ گذاري ويو. سندس والد جيڪو گلاب خان جي نالي سان
سڏيو ويو ٿي ھڪ آفريڪي غلام جي حيثيت ۾ زئنزيبار
جي
"غلام
مارڪيٽ"
۾ وڪرو ٿي پھرين عمان جي شھر مسقط ۾ آيو جتان پوءِ
ٻيڙيءَ رستي ڪراچي ۾ سنڌ لاءِ وڪرو ڪيو ويو.
سنڌ ۾ آفريڪا کان آيل ماڻھن کي عام طرح شيدي سڏيو
وڃي ٿو پر ڪٿي ڪٿي اھو لفظ گھڻو پسند نٿو ڪيو وڃي
۽ قمبراڻي لفظ وڌيڪ عام ٿيندو وڃي- خاص ڪري پڙھيل
ڳڙھيل شيدين ۾ ڪيترا شيدي بلالي- يعني حضرت بلال
جي خاندان جا پڻ سڏيا وڃن ٿا. |