ملائيشيا ۽ سماترا ٻيٽ جي وچ ۾ پيدا ٿيل ھن
سامونڊي پٽيءَ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ جي
ڇتين لھرن ۽ طوفانن جو اثر نٿو ٿئي. ھن کي اڪرڻ
وارا ٻھ ڏينھن کن دنيا جا جھازي ۽ سامونڊي مسافر
سڪون سان گذاريندا آھن، البتھ ڪجھھ حصا تانگھا ۽
بيحد سوڙھا ھجڻ ڪري ڪجھھ پريشانيءَ جو باعث رھن ٿا
تھ ڪٿي معمولي بي خياليءَ ڪري جھاز خشڪيءَ تي نھ
چڙھي وڃي يا سامھون ايندڙ جھاز کي ڪراس ڪندي بھ
ٽينشن رھي ٿي تھ ڪٿي پنھنجي يا پرائي غلطي ڪري ٻئي
جھاز ڌڪجي نھ پون.
سماترا ٻيٽ خط استوا تي ھجڻ ڪري سج جا ڪرڻا سڌا
پون ٿا ۽ سخت گرمي ٿئي ٿي پر ڏينھن جو وڏو حصو جھڙ
ھجڻ ڪري ٿڌڪار لڳو رھي ٿو. گھڻي مينھن وسڻ ڪري ھن
پاسي ساوڪ ئي ساوڪ لڳي پيئي آھي ۽ ناريل، انناس،
ليچي، رمبوتان، دورين ۽ پپئي جھڙو ميوو جام ٿئي
ٿو.
جپان ٻيٽن جو گلدستو آھي
دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن ۾ باقي ٻھ رھجي ويا آھن جن
مان ستين نمبر تي ھونشو آھي. ھونشوءَ جو نالو ٻڌي
توھان کي بھ ھوشو ياد ايندو ھوندو ۽ توھان بھ
سوچيندا ھوندا تھ ھن ٻيٽ جو واسطو شايد سنڌ ھند
سان ھجي پر ھن ٻيٽ جو واسطو جپان سان آھي بلڪ
جنھن کي اسان جپان چئون ٿا ۽ جپان جي جن اھم شھرن
سان اسانجو گھڻو واسطو پوي ٿو جھڙوڪ: ٽوڪيو،
يوڪوھاما، اوساڪا، ڪوبي، ڪواساڪي، نگويا، ڪيوٽو،
تويوھاشي، ھيميجي ويندي ھيروشيما وغيره، اھي سڀ ھن
ٻيٽ تي آھن. جپان دراصل چئن وڏن ٻيٽن ۽ سوين ننڍن
ٻيٽن جو گلدستو آھي. اھي چار وڏا ٻيٽا ھي آھن: اتر
۾ ھڪيدو، ان بعد ھي ھونشو جيڪو سڀ ۾ وڏو آھي، ان
بعد شڪاڪو ۽ پوءِ ڪيوشو. ھي ٻيٽ پئسفڪ سمنڊ ۾ آھن.
ھونشو ٻيٽ جي پکيڙ سوا ٻھ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي.
اٺين نمبر تي وڏو ٻيٽ برطانيھ آھي جنھن ۾ انگلنڊ ۽
اسڪاٽلئنڊ اچيو وڃن ٿا. ھن ٻيٽ جي پکيڙ
2
لک
18
ھزار چورس ڪلوميٽر آھي.
برطانيھ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. کاٻي پاسي واري ٻيٽ
جو اتراھون ننڍو حصو بيلفاسٽ آھي ۽ باقي آئرلئنڊ.
برطانيھ جي ساڄي پاسي وارو سمنڊ اتر سمنڊ
(North Sea)
سڏجي ٿو. يورپ کنڊ جا ملڪ:
ھالنڊ، بيلجم ۽ فرانس ھن ٻيٽ کي سڀ کان ويجھو آھن
۽ انھن ملڪن ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو سوڙھو
حصو آھي اھو انگلش چئنل سڏجي ٿو. انگلنڊ کان انھن
ملڪن ڏي يا يورپ جي ٻين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ روزانو
ڪيتريون فيريون (ننڍا مسافر جھاز) ھلن ٿا. ھاڻ تھ
فرانس ۽ انگلنڊ جي وچ۾ سمنڊ اندران سرنگھھ بھ ٺاھي
وئي آھي جنھن ذريعي گاڏيون انگلش چئنل ڪراس
ڪندويون رھن ٿيون.
ڀؤنچ سمنڊ
(Mediterranean)
کان انگلنڊ ويندي رستي تي ھڪ
ڏيڊ ڏينھن جي سفر جيترو خيلج بسڪي
(Bay of Biscay)
اچي ٿو. سمنڊ جو ھي حصو اڪثر
خراب رھي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ان حصي تان جھاز ھلائڻ ۾
اھو ڏينھن ڏيڊ ڪافي منھن مٿو پٽڻو پوي ٿو ۽ شروع
جا سال بي آف بسڪي وٽان لنگھندي مون جھڙا ڪيترائي
جھازي الٽيون ڪرڻ کان جيڪو وقت فرصت ملندي ھوندي
ان ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ جو
”پڪو“
پھھ ڪندا ھوندا.
برطانيھ دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن مان ضرور آھي پر ڪو
اھڙو وڏو ملڪ بھ نھ آھي. ٻھ اڍائي لک چورس ڪلوميٽر
ڇا آھي جتي فقط پاڪستان ان کان چئوڻو وڏو (8
لک چورس ڪلوميٽر) آھي ۽
ھندستان پاڪستان (سڄي ننڍي کنڊ) جي پکيڙ چاليھھ لک
چورس ڪلوميٽر آھي پر انگلنڊ وارن عقل ۽ سامونڊي
طاقت ذريعي اسان جھڙن ڪئين ڏورانھن ملڪن تي قبضو
ڪري ورتو. ۽ انگريزن جو اھو چوڻ حق بجانب ھو تھ
ھنن جي حڪومت تان سج لھي ئي نٿو. ھانگ ڪانگ،
سنگاپور، ملائيشيا ۾ غروب ٿئي ٿو تھ انڊيا، سلون ۾
تھ آھي. اتي لھي ٿو تھ آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ڪينيا
يوگنڊا ۾ تھ آھي يا نائيجيريا، سوڊان ۽ گھانا ۾ تھ
آھي ۽ اتي لھي ٿو تھ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻي پار
ڪئناڊا ۾ تھ آھي. ھٽلر ٻائيتال نھ مچائي ھا تھ
انگريزن جي حڪومت تان سج تھ ڇا چنڊ تارا بھ نھ لھن
ھا.
وطن ورڻ جي وائي ڪريو
دنيا ۾ ننڍا وڏا ٻيٽ کوڙ، انھن جون سچيون ۽ ڪوڙيون
ڳالھيون ۽ قصا بھ کوڙ، گھڻو ڪري ڪيترن ٻيٽن جون
حقيقتون ۽ خيالي ڳالھيون ٻڌائڻ وارا سامونڊي جھازي
ٿين. جن ۾ ننڍين ٻيڙين ۽ بتيلن وارن ناکئن، مھاڻن
کان سڙھ تي ھلندڙ ڪاٺ جي ۽ انجڻين تي ھلندڙ آفت
جيڏن لوھي جھازن جا جھاز ران ۽ مسافر اچي وڃن ٿا.
اڄ جا جھاز ھلائيندڙ ھڪڙا آھن، انھن جھازن جو روٽ
مقرر ڪرڻ ۽ مختلف بندرگاھن ۾ وڃڻ ۽ نھ وڃڻ جو
فيصلو ڪندڙ ٻيا آھن جيڪي ڪناري تي آفيسن ۾ ويھي
نفعي نقصان جو سوچي فيصلو ڪن ٿا ۽ جھاز وارن ڏي
(Communication)
جي مختلف ذريعن معرفت نياپا ڪن
ٿا جيڪي حڪم جي حيثيت رکن ٿا ۽ وڏا صاحب وچئين ٽيا
آھن جيڪي جھازن جا مالڪ آھن يا حڪومت پاڻ آھي.
جھاز طاقتور انجڻين ڪري تکو ھلن ٿا. مٿن سامونڊي
لھرون ۽ ھوائون اثر نٿيون ڪن. مقرر وقت تي
بندرگاھن ۾ پھچيو وڃن. بندرگاھھ ماڊرن ھجڻ ڪري
سامان لاھڻ چاڙھڻ جو ڪم جلدي اڪليو وڃي پورٽ قاسم
جھڙن بندرگاھن ۾ بھ چانورن سان ڀريل جھاز ٻن ڏينھن
۾ خالي ٿيو وڃي. جھاز جي مالڪن جي بھ اھائي خواھش
رھي ٿي تھ جھاز بندرگاھھ ۾ بيٺو نھ رھي ان کان ھڪ
ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سامان ڍوئي ھلندو ئي رھي، ھلندو
ئي رھي.
اڳئين زماني ۾ ائين نھ ھو. ٻيڙيون يا ٻيڙا يا ڪاٺ
جا ننڍا جھاز سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ ھوائن جي رحم
وڪرم تي ھئا. ھوا لڳي ٿي تھ ھليا ٿي، نٿي لڳي تھ
وچ سمنڊ ۾ بيھي رھيا ٿي ۽ ھوا جي رخ مطابق جھاز
مقرر بندرگاھن ڏي ويا ٿي. سياري ۾ اتر جون ھوائون
لڳنديون ھيون تھ گلف ۽ عربستان کان جھاز ديبل،
مانڊوي، ڀاءُنگر، صورت، بمبئي، گوا، ڪاليڪٽ، ٽرائي
ويندرم (سنڌ ھند) جي بندرگاھن مان ٿيندا لنڪا(سلون
/سري
لنڪا) پھچندا ھئا. ھو وچ سمنڊ مان ھلڻ بدران ڪنارو
ڏئي ھلندا ھئا ۽ منزل تي پھچڻ بعد موٽڻ ھنن جو ھٿ
۾ نھ ھوندو ھو. ھنن کي ھوائن جي رخ بدلجڻ جو
انتظار ڪرڻو پوندو ھو ۽ پوءِ ھنن کي موسم بدلجڻ جي
انتظار ۾ ٻھ ٽي مھنا بھ لڳي ويندا ھئا. اھو وقت ھو
پنھنجن ٻيڙن
/جھازن
جي ٺاھھ جوڙ ۾ لڳائيندا ھئا. ڀڳي ٽٽي صحيح ڪندا
ھئا. ڪاٺ جون چپڙيون ھڻي ڪليون ٺوڪي پاڻيءَ جي
سيمي کي روڪيندا ھئا. جھاز جي ٻاھرين جسم تي
چنبڙيل سپون ۽ سامونڊي ڪينئان صاف ڪري ڪاٺ کي لسو
ڪندا ھئا ۽ تيل جا مک ڏئي پنھنجن ٻيڙن کي
چلڪائيندا ھئا. پکين (خاص ڪري
Sea Gulls
) جون وٺيون لڳل ۽ ڦاٽل سڙھن کي ڌوئندا ھئا ۽
چتيون ھڻي سيبو ڪندا ھئا. ڪيترا تھ اھو عرصو مڪاني
زميندارن وٽ ھارپو ڪندا ھئا. يعني ھوائن جو رخ
صحيح ٿيڻ تي سامونڊي سفر ڪندا ھئا باقي وقت ٻني
ٻارو. موافق ھوائون لڳڻ تي جھاز جي ڪئپٽن (ناکئي)
جي رڙ پئي پوندي ھئي تھ بابا پرايو ملڪ ڇڏي، وطن
ورڻ جي وائي ڪريو. پوءِ ڪي ڏينھن ڏينھن ڳڻڻ وارا
پھرين سڏ تي پھچي ويندا ھئا. ڪي پنھنجي ٻني ٻاري ۽
ھارپي جو زميندار کان حساب چڪائڻ ۾ ڪجھھ ڏينھن
لڳائي ڇڏيندا ھئا ۽ ڪي عاشق مزاج پنھنجي وطن جي
زالن کي وساري مڪاني عورتن سان شادي ڪري ان
بندرگاھھ جا ٿي ويندا ھئا. رستي جي مسافري ۽ ڪم
ڪار لاءِ جھاز جي ناکئي کي مجبورن انھن پاران ٻيا
وطني ڳولڻا پوندا ھئا يا اتي جا مڪاني مزور ڀاڙي
تي کڻي لنگر کڻڻو پوندو ھو.
جنھن جي ھٿ ۾ قطب نما اھو جھاز جو ناکئو
ھي لفظ ناکئو بھ خوب آھي جيڪو اسان وٽ سنڌ ۽ ڪڇ
ڀوڄ ۾ عام استعمال ٿئي ٿو جيڪو فارسيءَ جي لفظ
ناخدا تان ٺھيل آھي. نائو معني ٻيڙي ۽ ناخدا (نائو
+خدا)
معنا ٻيڙي کي سنئين راھھ تي ھلائيندڙ- يعني ڪئپٽن.
انھن ڏينھن ۾ اھي ٻيڙا فقط ڪئپٽن
(Navigators)
ئي ھلائيندا ھئا. انجڻيون تھ
اڃان ايجاد ئي نھ ٿيون ھيون جو جھازن تي اسانجھڙا
انجنيئر
(Marine Engineers)رکيا
وڃن. ۽ ان دور ۾ ناکئو (ڪئپٽن) نھ فقط
Navigator
ھو پر ان جھاز/
ٻيڙي جو مالڪ
(Ship Owner)
۽ جھاز ۾ چڙھيل سامان جو واپاري
(Consignee)
بھ پاڻ ھوندو ھو. يعني ھو ھڪ قسم جي ٿري-ان-ون
(Three in One)
نموني جي شيءَ ھو. شاھھ لطيف
جي بيتن ۾ استعمال ٿيل لفظ
”وڻجارو“
ان جي ڪافي ويجھو آھي ۽ اھو لفظ ان قسم جي
Three in one
شخصيت لاءِ آھي.
بھرحال اڄ جي مشغول جھازيءَ کي بندرگاھھ ۾ ايترو
وقت نٿو ملي جو کڻي ٽٿ پيسٽ وٺي يا خط پوسٽ ڪري.
ٽيھھ سال اڳ جڏھن اسان جھازن تي چڙھياسين جھاز کڻي
ماڊرن ۽ تيز ھئا پر بندرگاھن ۾ ڪم ايڏو سـُـست
ھليو ٿي (جنھن جي اسانکي خوشي آھي ۽ ھر جھازيءَ جو
اھو خواب ھوندو آھي تھ سندس جھاز جڏھن بندرگاھھ ۾
پھچي تھ بندرگاھھ ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جي ھڙتال ھجي
جيئن ھن کي بندرگاھھ ۾ گھڻي کان گھڻو وقت گھمڻ ۽
آرام لاءِ ملي) جو جدي، دمام ۽ لنڊن لورپول جھڙن
بندرگاھن ۾ بھ جھاز مھينا ترسيو ٿي. ۽ جڏھن جھاز
سڙھ تي ھوا جي لڳڻ تي ھلندا ھئا تڏھن تھ جھاز وارن
کي بندرگاھن ۾ مھنن جا مھنا ترسڻ لاءِ ملي ويندا
ھئا ۽ پوءِ وقت گذارڻ لاءِ مڪاني ۽ ٻين ملڪن کان
آيل جھازين سان ملي خبرون چارون ۽ قصا ڪھاڻيون
ڪندا ھئا. ان دور ۾ جھاز ڪاٺ جا ۽ ننڍا ھوندا ھئا
۽ ھر بندرگاھھ ۽ ھر ٻيٽ تي پھچي ويندا ھئا. اڄ جا
جھاز تھ فقط مقرر بندرگاھن ۾ وڃن ٿا. اڳ جي زماني
۾ سواءِ قطب نما (اتر ڏيکاريندڙ سئيءَ واري)
دٻليءَ جي سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ نھ نقشا
(Charts)
ھئا نھ ريڊيو
(Path Finder)
نھ رڊار. تڏھن
Sattelite
جھڙين شين جو تھ ڪو سوچي بھ
نٿي سگھيو. واسڪو ڊيگاما وٽ ڪو انڌو منڊو نقشو ھو
۽ ھن ڪيپ آف گڊ ھوپ ان نقشي ذريعي سلامتيءَ سان
اڪري تھ ھو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نھ پئي ماپيو. ساڻس
ڪم ڪندڙ خلاصي جيڪي سمنڊ جي ڇتين لھرن کان بيزار
ٿي پنھنجي وطن (پورچوگال) ورڻ جو پھھ ڪري رھيا ھئا
تن جي ھر وقت اھا ڪوشش ھئي تھ ڪو بل لڳي تھ ان
واسڪوما جو اھو نقشو چوري ڪجي ۽ ان ذريعي واپس
موٽجي. يعني انھن ڏينھن ۾ جنھن جي ھٿ ۾ قطب نما يا
نقشو ھوندو ھو اھو جھاز جو ناکئو سمجھيو ويندو ھو.
ھوڏانھن واسڪو ڊيگاما کي بھ کڙڪ پئجي وئي تھ ھي
نڀاڳا مون کي انڊيا تائين سفر پورو ڪرڻ نھ ڏيندا ۽
نقشو ڦرڻ لاءِ ماڳھين منھنجو خون ڪندا. ان ڊپ کان
ھن سڀني اڳيان نقشي جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري سمنڊ ۾ اڇلي
ڇڏيو ۽ سڀ سڌا ٿي ھن جي چوڻ مطابق ھلڻ لڳا.
ان زماني ۾ سامونڊي رستو ڀلجڻ تھ ڪا ڳالھھ ئي نھ
ھئي. ھڪ بندرگاھھ بدران ٻئي مان نڪرڻ عام ڳالھھ
ھوندي ھئي يا اصلي بندرگاھھ ۾ پھچڻ کان اڳ پنھنجي
ٻيڙي کي ڏھن بندرگاھن مان گھمائيندا ويندا ھئا ۽
بندرگاھھ بھ ڪي اڄ جا بندرگاھھ نھ ھوندا ھئا جن تي
ڌڪا ۽ ڪرينون ھجن، لائيٽ ھائوس ۽ بيڪن وارا
buoyھجن،
ڪسٽم ۽ اميگريشن پوليس ھجي. بس پيٽارو ۽ ٻڍاپور،
ھالا پراڻا ۽ ڊڀري جھڙا دريائي قسم جا بندرگاھھ
ھئا ۽ ڪئپٽن (ناکئا) بھ اھڙا ئي ڪولمبس جھڙا ھئا
جنھن کي آخر تائين خبر نھ پيئي تھ چڱو مڙس اوڀر ڏي
(انڊيا، انڊونيشيا) ڏي پيو وڃي يا اولھھ ڏي
(بھاما، ڪيوبا ڏي)! ڪي تھ وري ناکئا ۽ خلاصي ڄاڻي
واڻي ڪنھن رومانٽڪ ٻيٽ تي ترسي پوندا ھئا ۽ ويندا
ھئا شاديون ڪندا ۽ ٻار ڄڻيندا ۽ پوءِ دل ڀرجڻ تي
وطن واپس موٽي اچي پنھنجي اصلي زال ۽ جھاز جي مالڪ
کي اھو ٻڌائيندا ھئا تھ طوفان لڳڻ تي ھنن کان رستو
خطا ٿي ويو. جھاز ڀڄي پيو ۽ ھو ھڪ ويران ٻيٽ تي
وڃي نڪتا. اھڙن جھازين جي رومانوي ڪھاڻين ۽ زندگين
کان ڪئين دور دراز جا ٻيٽ مشھور آھن.
ڪاري پاڻي (عمر قيد) وارا ٻيٽ
ھتي اسان ننڍي کنڊ جي ويجھڙائي وارن ٻيٽن جو ذڪر
ڪنداسين. سڀ کان پھرين انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جو
جن اسانجي ننڍي کنڊ جي ماڻھن لاءِ ڪا رومانيت تھ
نٿي رکي پر ھنن لاءِ اھي ٻيٽ خوف ۽ خطري، ڏوھھ ۽
ڏھڪاءَ جي علامت ھئا. اھي ٻيٽ تاريخ ۾ ڪاري پاڻيءَ
جي نالي سان مشھور آھن. انگريز پنھنجي حڪومت ۾ وڏن
ڌاڙيلن ۽ قاتلن کي سزا طور ھنن ڏورانھن ٻيٽن تي
موڪلي ڇڏيندا ھئا جتان سندن ورڻ جي ڪا اميد نھ
ھوندي ھئي. ان کان علاوھ اھي وطن جي آزاديءَ لاءِ
پاڻ پتوڙڻ وارا پروانا جن مان انگريز حاڪمن کي
سندن حڪومت لـُـڏڻ جو ڊپ ھوندو ھو، انھن آزادي جي
جدوجھد ڪندڙن ۽ باغي سياستدانن کي پڻ انگريز سزا
خاطر ڪاري پاڻي (يعني انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي)
موڪليندا ھئا. ھنن ٻيٽن تان ڀڄڻ مشڪل ڪم ھو. پوليس
جو سخت پھرو ھو. ٻيٽن جي اوس پاس وارو سمنڊ (تڏھن
بھ ۽ اڄ بھ) شارڪ مڇين کان بدنام ھو. شارڪ مڇي سڀ
۾ خطرناڪ آھي ۽ بکايل حالت ۾ ماڻھن تي بھ حملو ڪري
ٿي. ھي ٻيٽ چوڌاري گھاٽن ٻيلن ۽ جھنگلن
(Rain Forest)
سان ڇانئيل ھئا جتي جا اصل
جنگلي باشندا- خاص ڪري جاراوا قبيلي جا ماڻھو
(تڏھن بھ ۽ اڄ بھ) آدمخور قسم جا ھئا. اڄ جي دور ۾
بھ ھنن ٻيٽن تي گھمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي جنگلن
مان اڪيلو لنگھڻ جي سختيءَ سان منع آھي. ھنن ماڻھن
جي علائقن مان ھلندڙ بس ۾ ھر وقت پوليس جو گارڊ
وھي ٿو جيئن شھري ۽ ڌاريان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ
تائين حفاظت سان سفر ڪري سگھن ۽ ھنن جنگلي ماڻھن
(جاراوائن) جي ور نھ چڙھن جيڪي ھر وقت جانورن سان
گڏ ماڻھن کي پڻ مارڻ جي تاڙ ۾ رھن ٿا.
ھندستان جي نقشي کي ڏسبو تھ ھن جي کاٻي پاسي بھ
سمنڊ آھي تھ ساڄي پاسي (اوڀر ۾) بھ سمنڊ آھي. کاٻي
پاسي يعني اولھھ پاسي وارو سمنڊ جيڪو ڪاليڪٽ، گوا،
سورت، ڪراچي ۽ ايران، گلف، عمان ۽ يمن جي بندرگاھن
کي ڇھي ٿو عربي سمنڊ سڏجي ٿو ۽ ھوڏانھن اوڀر پاسي
وارو سمنڊ جيڪو مدراس، ڪلڪتي، بنگلاديش جي
بندرگاھن (چالنا ۽ چٽگانگ)، برما جي بندرگاھھ
ينگون (رنگون) کي ڇھي ٿو اھو خليج بنگال
(Bay of Bangal)
سڏجي ٿو. ھي ٻئي سمنڊ (عربي
سمنڊ ۽ خليج بنگال) ھندي وڏي سمنڊ
(Indian Ocean)
جا حصا آھن. ھندي وڏو سمنڊ
(بحر ھند) ساڄي پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين
پکڙيل آھي ۽ ھيٺ آسٽريليا تائين ھليو وڃي ٿو ۽
کاٻي پاسي آفريڪا جو اوڀر وارو سڄو ڪنارو ڇھي ڏکڻ
آفريڪا جي ڪيپ ٽائون شھر وٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان
وڃيو ملي. ھڪ طرف کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ٻئي پاسي
کان ھندي وڏو سمنڊ جڏھن ڏکڻ آفريڪا جي ھيٺئين پوڇڙ
وٽ ٽڪرائجن ٿا تھ تمام وڏيون لھرون پئدا ٿين ٿيون
۽ صدين کان سمنڊ جو ھي حصو جيڪو
Cape of Good Hope
سڏجي ٿو جھازين لاءِ خوفناڪ
پئي رھيو آھي.
نھ وڏيون ويرون نھ ڪڙڪيدار ڪـُـن
بھر حال ڪراچيءَ کان چٽگانگ ۽ ڪلڪتي ويندي يا
ينگون ۽ ملائيشيا ويندي واٽ تي سري لنڪا (سلون) جي
ٻيٽ کي ضرور ڦيرو ڪرڻو پوي ٿو. ڪراچي کان ڪولمبو
(سري لنڪا) ويندي عربي سمنڊ ۾ ٻيٽن جا ٻھ مشھور
جھڳٽا آھن. ھڪ ڪاليڪٽ جي سامھون وارا ٻيٽ جن کي
اسين لڪشادويپ
(Lakshadweep)
ٻيٽ سڏيون ٿا (۽ انگريزي ۾Laccadive
ٻيٽ) جيڪي انڊيا جي ملڪيت آھن. ٻيٽن جو ٻيو جھڳٽو
لڪشادويپ ٻيٽن جي بلڪل ھيٺان (اٽڪل پنج سؤ کن ميل
ڏکڻ ۾) ۽ ڪولمبو جي کاٻي پاسي (اٽڪل ٽي سؤ کن ميل
اولھھ ۾) آھي. ھي مالديپ ٻيٽ آھن جن جو انگريزي
نالو
Maldives
وڌيڪ مشھور آھي. مالديپ آزاد
ملڪ جي حيثيت ۾ ٻيٽ آھن ۽ گاديءَ جي شھر جو نالو
مالي آھي. ھنن غريب پر بيحد خوبصورت ٻيٽن جو احوال
اڳتي ھلي ڪنداسين.
ھن وقت انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن لاءِ اسان کي خليج
بنگال واري سمنڊ ڏي اچڻو پوندو. ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ
انڊيا جي ملڪيت آھن پر نقشي ۾ ڏسڻ سان ئي معلوم
ٿئي ٿو تھ اھي ننڍي کنڊ جي ڪنھن بھ حصي کي ايترو
يجھو نھ آھن جيترو ٿالئنڊ (پکيٽ کان
300
ميل
کن ٿيندا) ۽ انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ کي ويجھو
آھن. ڪولمبو کان ھندستان يا بنگلاديش (جيڪو پڻ
انگريزن جي ڏينھن ۾ ھندستان جو حصو ھو) جي ڪنھن بھ
بندرگاھھ ڏي ويندي ھي ٻيٽ نظر نٿا اچن باقي رنگون
(برما) ويندي وقت انڊامان ٻيٽ وٽان لنگھڻو پوي ٿو
۽ چين، جپان، ڪوريا ۽ ھانگ ڪانگ وغيره ڏي وڃڻ لاءِ
پڻ (توڙي ملائيشيا جي بندرگاھن: پينانگ، پورٽ
ڪلانگ ملاڪا لاءِ يا سنگاپور لاءِ) ملاڪا واري ڳچي
سمنڊ ۾ گھڙڻو پوي ٿو جيڪو سماترا ٻيٽ جي آچيح واري
علائقي کان شروع ٿئي ٿو. ھر جھازي چاھي بنگلاديش ۽
ڪلڪتي کان اچي يا ڪولمبو کان ھو نڪوبار ٻيٽن کي
ڌيان ۾ رکي ٿو. ھن کي جي نڪوبار ٻيٽ نظر اچي ويا
معنيٰ ھو صحيح رستو وٺيو پيو اچي ۽ پوءِ نڪوبار
ٻيٽن جي جھڳٽي جي آخري ٻيٽ وٽ پھچي پنھنجي جھاز جو
رخ ملاڪا واري ڳچي سمنڊ
(Malacca Strait)
ڏي موڙي ٿو. جيڪڏھن ھو خراب
موسم ۽ طوفانن ۾ آھي تھ اھي فقط نڪوبار ٻيٽن
تائين آھن. ملاڪا ڳچي سمنڊ درياھھ وانگر سوڙھو
سمنڊ آھي جنھن جي ساڄي پاسي سماترا (انڊونيشيا)
آھي تھ کاٻي پاسي ملائيشيا جي سر زمين. سوڙھي
سامونڊي لنگھھ ڪري منجھس کلئي سمنڊ واريون نھ
وڏيون ويرون آھن ۽ نھ ڪڙڪيدار ڪـُـن.
ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن وٽان سڀني
جھازن جو لنگھھ ٿئي ٿو
انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جي جملي پکيڙ اٺ ھزار چورس
ڪلوميٽر آھي. برما جي اراوادي
(Irrawady)ندي
جتي سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري يا کڻي ائين چئجي تھ
اراوادي نديءَ جي منھن کان انڊامان جو پھريون ٻيٽ
ايترو پري آھي جيترو ڪراچيءَ کان حيدرآباد- اٽڪل
200کن
ڪلوميٽر. ھي ٻيٽ دراصل سمنڊ ۾ موجود جبلن جا
مٿاھان حصا آھن يعني جيڪڏھن ان علائقي جو سمنڊ سڪي
وڃي تھ ھي ٻيٽن وارو ھنڌ جبلن جي قطار ڏسڻ ۾ اچي
پر اٿاھھ پاڻيءَ ڪري جبلن جون اھي چوٽيون ٻيٽن جي
صورت ۾ نظر اچن ٿيون. ھنن جبلن جو سلسلو برما جي
اراڪان يوماس
(Arakan Yomas)
جبلن جي قطار سان وڃيو ملي.
سڀ کان اتر ۾ جيڪي انڊامان جا ٻيٽ آھن اھي ٻن حصن
۾ ورھايل آھن
Greater Andaman
۽
Little Andaman
۽ پوءِ انھن جي چوڌاري سوين ننڍا ننڍا ٻيٽ آھن.
اونھي سمنڊ ۾ جتي ھي ٻيٽ رستو وڃايل سامونڊي
مسافرن لاءِ اجھو ۽ آسرو آھن اتي جھاز ھلائيندڙ
لاءِ خطرو پڻ. ڇو جو ڪي ڪي ٻيٽ خاص ڪري ننڍا ۽ گھٽ
مٿاھينءَ وارا وڏي وير اچڻ تي پاڻيءَ اندر ڍڪجيو
وڃن ۽ پراڻن ڏينھن ۾ جڏھن ڏسڻ جو واحد ذريعو
دوربين ھئي ناکئا ڀلجي پوندا ھئا ۽ پنھنجي ڪاٺ جي
ڪمزور جھاز کي ٻيٽ مٿان چاڙھي ويندا ھئا. ھينئر
رڊار ۽ ٻين آلاجات
(Navigational Aids)
ڪري ٽيھھ چاليھھ ميل سمنڊ جي مٿان ۽ اندر ڏورانھين
شيءَ اسڪرين تي ڏسي سگھجي ٿي پر گھڻي ڀريل جھاز،
وڏي رفتار ۽ طاقتور
momentum
ڪري جھاز کي اھڙي سنھي ڪاتر
وارن ٻيٽن کان پاسو ڪرائي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ وڏي
خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. ھڪ جھاز ھلائيندڙ
کي نھ فقط رستي جي انھن مصيبتن (ٻيٽن) کان پاسو
ڪرڻو آھي پر ٻيٽن جي اوس پاس سوين بيٺل يا ھلندڙ
ٻيڙين کي بچائڻ بھ جھاز وارن جو ڪم آھي. ان کان
علاوه جتي ڪٿي لڳل مڇين ڦاسائڻ جي ڄارين کان بھ
پاسو ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترن ھنڌن تي مڇين ڦاسائڻ وارا
پاڻ ھليا ويندا آھن ڄاريون
(Fishing Nets)
سمنڊ ۾ اڇلي ويندا آھن جن جي
ڄاڻ لاءِ مقرر سگنل (نشاني) سمنڊ مٿان تاري ڇڏيندا
آھن يعني ھن ھنڌ تي ڄاريون وڌل آھن. طاقتور جھاز
(يعني ڪـَـل تي ھلندڙ جھاز) ھنن کان پاسو ڪن. جھاز
جيتوڻيڪ تيز رفتار ٿئي ٿو پر ڪوبھ جھاز ڪنھن ٻيڙي
يا مڇين جي ڄاريءَ کي نقصان رسائي ڀڄي نٿو سگھي.
ٻيڙيءَ وارا ان جھاز جو نالو نھ پڙھڻ تي بھ اھو
جھاز ٻڌرائي سگھي ٿو. ان لاءِ حادثي جو فقط وقت
ياد رکڻ ڪافي آھي. جھاز جي مختلف ھنڌن تان لنگھڻ
جا وقت نوٽ ڪيا وڃن ٿا ان مان ڏوھاري جھاز جي خبر
پئجي سگھي ٿي. مثال طور انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن وٽ
جھازن جي آمدرفت جي سھوليت لاءِ بيڪن
(Beacon)
ٻرندڙ وسامندڙ بتيون ۽ بئاءِ
(Buoy)
جن ۾ پڻ بتيون ٿين، ٻيٽن جي آس
پاس اونھي سمنڊ ۾ لڳل رھن ٿا. جھاز جي انھن ويجھو
لنگھڻ تي يعني مدد حاصل ڪرڻ تي انھن جو نالو درج
ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي مالڪ کي ان سھوليت حاصل ڪرڻ جو
بل موڪليو وڃي ٿو. ڪراچيءَ کان ھانگ ڪانگ وڃڻ
تائين ھڪ جھاز کي رستي تي ڪيترن ئي اھڙين بتين
Navigational Lights
جي في ڏيڻي پوي ٿي. انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽ ھندي
سمنڊ ۾ اھڙي ھنڌ تي آھن جو ذري گھٽ سڀني جھازن کي
اتان لنگھڻو پوي ٿو ۽ ان جي ڪمائي انڊيا کي ملي
ٿي. انڊامان يا نڪوبار ٻيٽ اڪرڻ بعد سنگاپور پھچڻ
لاءِ فقط ٽي ڏينھن کن ملاڪا ڳچي سمنڊ وارا لڳن ٿا.
سنگاپور پھچڻ سان سنگاپور جو مڪاني ايجنٽ نڪوبار ۽
ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ لڳل بتين جو بل پنھنجي جھاز
پاران وصول ڪري ٿو ۽ انھن ملڪن ڏي في موڪلي ٿو جن
جھازن جي مدد لاءِ اھي لڳرايون آھن.
1789۾
انڊامان ٻيٽ سزا جي ڪالوني ٿيا
انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جي جھڳٽي ۾ ڪي ڪي ٻيٽ چڱا
اتاھان آھن. ڪجھھ ٻيٽن جا ڪجھھ حصا ڪوھھ مري ۽
ايوبيا وانگر يا دادوءَ جي گورک ھل (ٽڪريءَ) وانگر
مٿاھان آھن. گھڻي کان گھڻي اتاھين
700
ميٽر آھي. بارش جام پوي ٿي ان
ڪري ساوڪ تمام گھڻي آھي. ھنن ٻيٽن جي گاديءَ جو
ھنڌ يا ڪمرشل شھر پورٽ بليئر
(Port Blair)
آھي جيڪو بندرگاھھ پڻ آھي. ھن ٻيٽن ڏي انگريزن
پنھنجي دور حڪومت ۾ ڌيان ڏنو. انگريزن جي نھ فقط
ننڍي کنڊ تي حڪومت ھئي پر ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي
پڻ ۽ ھنن جو اوڏانھن ايندي ويندي ھنن ٻيٽن انڊامان
۽ نڪوبار وٽان لنگھھ ٿيو ٿي ۽ کين انھن جي
جاگرافيائي ۽ سامونڊي اھميت جي ڄاڻ پئجي وئي.
انڊامان ٻيٽن جي پورٽ بليئر تي ھڪ تمام اھم موسمي
(meterological)
اسٽيشن پڻ آھي. ھينئر جيڪو ڀوڄ
ڪڇ ۾ وڏو زلزلو آيو ان بابت صحيح ڄاڻ پڻ ھن اسٽيشن
ذريعي معلوم ٿي سگھي. اھا اسٽيشن
1868
ع ۾ انگريزن ٺھرائي. انڊامان
ٻيٽن جو ھي اھم شھر (پورٽ بليئر) ھوائي ۽ پاڻيءَ
جي جھاز جي ريگيولر سروس ذريعي ڪلڪتي سان ڳنڍيل
آھي. سترھين صديءَ جي آخر ڌاري جڏھن انگريزن ھنن
ٻيٽن جو جائزو ورتو تھ جنگلن ۾ موجود جنگلي قسم جي
ماڻھن کان علاوھ ڪناري وارن علائقن ۾ برما جي
مـَان
‘Mon’
قبيلي جا ماڻھو ھئا يا ڪمبوڊيا
پاسي جا. انگريز ھنن ٻيٽن کي ڏيھھ نيڪالي ڏيڻ وارن
لاءِ بھتر سمجھيو. ان خيال کان
1789ع
۾ انڊامان ٻيٽ کي سزا جي ڪالوني قرار ڏنو ويو.
پورٽ بليئر ۾ وڏي پئماني جي ڏوھارين لاءِ جيل
ٺھرايو ويو جنھن جي عمارت اڄ ڏينھن تائين قائم
آھي.
1857
واري سپاھي ميوٽني (بغاوت) بعد
سياسي ماڻھن کي بھ ھن ٻيٽ تي سزا طور موڪليو ويو.
بھرحال اھي ماڻھو انگريزن لاءِ باغي ضرور ھئا پر
اسان ماڻھن لاءِ ملڪ جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪرڻ
وارا ھئا ۽ اڄ ھن جيل کي ڏسي جتي ننڍي کنڊ جي
ماڻھن کي پنھنجن انھن ليڊرن جي قربانيءَ جو قدر
ٿئي ٿو اتي انگريزن کي ضرور شرمساري ٿيندي ھوندي.
انڊامان ھاڻ ساوڪ ۽ سونھن،
سک ۽ سڪون کان مشھور آھن
ٻي جنگ عظيم ۾ ھنن ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن تي
1942
کان
1945
تائين جپانين جو قبضو رھيو ۽
انھن ان جيل خاني کي قائم نھ رکيو.
1947ع
۾ انڊوپاڪ جي آزادي بعد (اٽڪل
1950
ڌاري) اھي ننڍي کنڊ جا ماڻھو
جيڪي برما، ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ رھيل ھئا ۽ جن کي
سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ڪٿي رھجي سي ھن ٻيٽ تي اچي
رھيا. اڄ
50
کان مٿي سالن گذرڻ بعد ھي ٻيٽ
اھي خوف ۽ خطري جي علامت نھ رھيا آھن جنھن لاءِ”ڪارو
پاڻي“
لفظ استعمال ٿيو ٿي ۽ جتي جيڪو
ويو ٿي وري موٽيو نٿي. اڄ ھي ٻيٽ ساوڪ ۽ سونھن،
سڪون ۽ سانت ۾ دنيا جا بھترين ۽ خوبصورت ٻيٽ آھن.
جتي جا رھاڪو گھڻو ڪري پوک جو ڪم ڪن ٿا. زمين ڀلي
آھي. مينھن جو پاڻي جام آھي. ڪنھن بھ قسم جي
آلودگي
(Pollution)
نھ آھي. ھنن ٻيٽن جو خاص فصل
ناريل، ڪافي ۽ رٻڙ آھي. پنھنجي کائڻ لاءِ چانور
پوکيا وڃن ٿا. ٻيلن ۾ پيدا ٿيندڙ شيون: کونئر،
لاک، ماکي، ڇوڏو ۽ جڙيون ٻوٽيون
(herbs)
ٻاھر ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا. آدم
شماري ٻھ لک کن ٿيندي جن ۾ گھڻي ڀاڱي انھن جو
اولاد آھي جيڪي ڌاڙي ۽ قتل جھڙن ڏوھن جي سزا ڀوڳڻ
لاءِ ھتي آيا ھئا ۽ ھتي ئي رھي پيا. ھينئر سڀ امن
امان ۽ سڪون سان رھن ٿا. بلڪ دنيا جي ڪيترن امير
ملڪن جا ماڻھو ھنن ٻيٽن تي رھڻ ۾ پنھنجي خوش نصيبي
سمجھن ٿا. |