سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :4

گھڻو اڳ ھڪ بنگالي بورچي گوميز نالي ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ مليو. پاڻ پورٽ بليئر (انڊامان ٻيٽ) ڏي وڃي رھيو ھو جتي ھو ھڪ ھوٽل جو وڏو بورچي (Chef) آھي. پاڻ ٻڌائين تھ ھو ڪرسچن آھي ۽ سندس ڏاڏو پورچو گالي ھو ۽ ڏاڏي بنگالڻ يا بھارڻ. پاڻ 25 سالن جو ھو تھ دبئي ۾ ھڪ ھوٽل البوستان ۾ ڪم ڪيائين ان بعد ايڪسيلشر ھوٽل ۾ بورچي ٿي رھيو. ان بعد پنھنجي ڳوٺ ڪلڪتي موٽي آيو جتي اوبيراءِ گرانڊ ھوٽل ۾ ڪم ڪيائين. سعودي عرب جي بادشاھھ فھد جي ھڪ ويجھي مائٽ کي پنھنجي نئين محل لاءِ ڪم ڪار وارن جي ضرورت پئي جنھن لاءِ ھن جو نمائندو ڪلڪتي مان چونڊ ڪرڻ آيو ۽ آئون چونڊجي ويس. منھنجي ماني ان عرب شھزادي کي ايڏي تھ وڻندي ھئي جو ھو لنڊن، پئرس جتي بھ وڃي رھندو ھو اتي مونکي پاڻ سان رکندو ھو. اھو مون لاءِ سٺو تجربو ھو ۽ آئون عربي بھ سکي ويس. ان بعد گلف ايئر ھوائي ڪمپنيءَ جي ھوائي جھازن جي ماني ٺاھڻ واري عملي جو سپروائيزر ٿي رھيس.

"اھو تھ سڀ ڪجھھ صحيح آھي" ، مون کيس چيو، " پر زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ڪاري پاڻيءَ جو رخ ڪرڻ جو ڇا مقصد؟"

" ڪارو پاڻي ھو يا ھوندو"، ھن کلندي وراڻيو. "اڄ انڊامان جھڙو پر سڪون ٻيٽ دنيا جي تختي تي نھ آھي. خاص ڪري مون لاءِ ۽ منھنجي ڪٽنب لاءِ. پورٽ بليئر ۾ تمام وڏي عيسائي ڪميونٽي رھي ٿي. ھڪ وڏو چرچ ۽ اسڪول ويجھڙائيءَ ۾ ٺھي راس ٿيو آھي جتي منھنجو پٽ پڙھي ٿو. ھو ميوزڪ جو بھ شوقين آھي ۽ چرچ ۾ ھار مونيم وغيره وڄائي ٿو. منھنجي زال ڪلاسيڪل ناچ جي پروفيسر آھي ۽ ھتي اھو سيکاري ٿي. سو منھنجو سڄو ڪٽنب ھتي رھي ٿو. منھنجا ۽ زال جا ماءُ پيءُ ڪلڪتي رھن ٿا ۽ جڏھن دل چوندي آھي انھن وٽ ھليا ويندا آھيون يا گھمڻ لاءِ ھيڏانھن ڪولمبو ھليا ايندا آھيون. ٻنھي پاسي ھر ھفتي ڪو نھ ڪو مسافر جھاز يا فيري ھلندي رھي ٿي".

لکديپ ٻيٽن جو تعداد ھڪ لک ناھي

ڪراچيءَ مان جڏھن لنگر کڻي اسان ڪولمبو ڏي روانا ٿيندا آھيون تھ ڪولمبو تائين جي ٻن اڍائي ڏينھن جي سامونڊي سفر ۾ کاٻي پاسي ھر وقت انڊيا جي سرزمين ھوندي آھي ڇھھ اٺ ڪلاڪن ۾ سجاول، ٺٽو، بدين وارو پاڪستاني علائقو پورو ٿي پوءِ ڀوڄ ۽ ڪڇ (گجرات) شروع ٿي ويندو آھي ۽ ڏينھن اڌ بعد بمبئي ۽ مالابار ڪوسٽ (ملباري ڪنارو) شروع ٿيندو آھي جتي جي رھاڪن کي اسين ملباري سڏيون ٿا (پاڪستان توڙي ملائيشيا ۾ ھي ماڻھو ننڍي پئماني جي واپار ۽ تجارت کان مشھور آھن). اڳتي ھلي گوا جو بندرگاھھ اچي ٿو ۽ ڪراچي ڇڏڻ کان 45-40 کن ڪلاڪن بعد انڊيا جو ھڪ ٻيو مشھور بندرگاھھ ڪاليڪٽ اچي ٿو. ان کان ٻھ اڍائي ڪلاڪ کن اڳ جھاز جي ساڄي پاسي يعني اولھھ ڏي ننڍا ٻيٽ شروع ٿين ٿا جن جو ڪل تعداد 36 چيو وڃي ٿو ۽ انھن مان ڏھاڪو کن ڪي مس آھن جن تي ماڻھو ڇيڻو رھن ٿا باقي ٻيا ايترو ننڍا ۽ ھيٺاھان آھن جو سمنڊ جي ڇول اچڻ تي ٻڏيو وڃن. ڪنھن جي ڪا ٻيڙي ٻڌل آھي يا ھنڌ بسترو رکيل آھي تھ اھو بھ لڙھيو وڃي. يا اھم ٻيٽن کان ايترو پري ۽ ويران آھن جو اڃان انھن تي ڪو رھڻ جي ھمت نٿو ڪري. انھن سڀني ٻيٽن جي جيڪڏھن ايراضي جوڙ ڪئي وڃي تھ ڪل پکيڙ 50 کن چورس ميل مس ٿيندي. ھنن ٻيٽن جو ھندي ۽ ڏکڻ ھندستان جي زبانن ۾ نالو لڪشادويپ آھي ۽ انگريزي ۾  Laccadive. ڪنھن زماني ۾ سنڌي واپارين جو ۽ اڄ بھ اسانجا سنڌي ۽ مڪران ڪوسٽ جا بلوچ، بروھي مھاڻا ھنن ٻيٽن تائين وڃيو نڪرن ۽ سندن سنڌيءَ ۾ نالو لکديپ آھي. بھرحال سڀني زبانن ۾ معنيٰ ساڳي آھي ھڪ لک ٻيٽن جو جھڳٽو. خير ٻيٽن جو صحيح تعداد تھ مٿي لکي آيو آھيان جيڪو اڄ جي دور ۾ ھيلي ڪاپٽر يا ھوائي جھاز ذريعي ڳڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ناھي پر پراڻي زماني جي جھازرانن سؤ ميلن تي پکڙيل ھي ٻيٽ ڏسي (جيڪي ان وقت چپوئن ۽ سڙھن تي ھلندڙ ٻيڙين ذريعي ڳڻڻ ناممڪن ڳالھھ ھو)، سمجھيو ھوندو تھ بيشمار ٻيٽ آھن ۽ ان گھڻائيءَ کي سؤ يا ھزار قرار ڏيڻ بدران ھڪ لک چيائون ۽ اھڙي طرح ھنن ٻيٽن جو نالو " ھڪ لک ٻيٽ" پئجي ويو. ھڪ ملين يا ڪروڙ بھ چئي سگھيا ٿي پر انھن ڏينھن ۾ ھڪ لک بھ وڏو ۽ سوچ کان ٻاھر تعداد ھو.

ھڪ جھاز تي مون سان ڪم ڪندڙ ھڪ مڪراني خلاصيءَ جو ھر ھڪ سان جھڳڙو رھيو ٿي. جھاز جي ٻين خلاصين سان تھ ڇا بندرگاھھ ۾ جھاز پھچندو ھو تھ اتي جي مڪاني ماڻھن سان بھ وڙھي ايندو ھو. جسم جو صفا سنھو سڪل ھو. بس ڪاوڙ جو تکو ھو. زور ٺلھو گاريون ڏيڻ تي ھوندو ھوس. سندس جھازي ساٿين جي دعائن سان (جن کي پڻ بيحد گھڻو تپايو ھئائين)ھر بندرگاھھ ۾ موچڙا کائي ايندو ھو. ڪٿي ٽنگ ڀڃائي تھ ڪٿي ٻانھھ ڀڃائي پاڻ کڻائي ايندو ھو پوءِ ٻيا ٽوڪيندا ھئس تھ چوندو ھو: " مڙيئي خير آھي آئون بھ کين ( يعني موچڙا ھڻڻ وارن کي) لک سؤ گارين جو ڏيئي آيو آھيان." ٻيون شيون ھن لاءِ سون ھزارن ۾ ھوندويون ھيون. پگھار بھ تن ڏينھن ۾ سـَـون ۾ ملندو ھوس پر جڏھن ڪنھن سان وڙھندو ھو (وڙھڻ مان مطلب اھو ئي تي اڳلو کيس ٺاھوڪي مار ڏيندو ھو، پاڻ فقط گاريون) تھ ان فائيٽ جي ڪھاڻي جھاز وارن کي ٻڌائي پنھنجو پاڻ کي ھيرو قرار ڏيڻ ۾ ھر وقت اھو چوندو ھو تھ مون کين لک سؤ گارين جو ڏنو. ھن لاءِ گھڻائيءَ جو انگ لک سؤ (يعني ڪروڙ) ھوندو ھو پوءِ گاريون کڻي ڏھھ ڏئي يا ويھھ. سو ھتي بھ ھڪ لک ٻيٽ مان مطلب تمام گھڻا ٻيٽ آھي.

ھوڏانھن ھن مون واري جھاز جي مڪراني خلاصيءَ کي سندس جھاز جا ساٿي چوندا ھئا: " گـُـلو گاريون تھ لک سؤ ڏنئي پر ھنن مان ڪنھن ھڪ جي آڱر بھ نھ ڀڳئي تون مٿو ڦاڙائي پاڻ کڻائي پيو اچين."

مڪراني زبان ۾ ڪچي گار ڏئي چوندو ھو: " ھنن جي ٽنگ ٻانھن نھ ڀڳي پر کين ڇٽيءَ جو کير ياد اچي ويو ھوندو."

ھاڻي گلوءَ (سندس نالو گلو ھو) جون مڪراني زبان ۾ ڏنل گاريون خبر ناھي ڪولمبو، ڪوالالمپور، ڪولون يا ڪوريا جي ڪھڙي سنگھاليءَ، ملئيءَ، چينيءَ يا ڪورين سمجھيون ھونديون جن کي ڇٽيءَ جو کير ياد آيو ھوندو. ٽنگ يا ٻانھن ڀڃائي يا مٿو ڦاڙائي سڄي واٽ گلو ڪنجھندو ھلندو ھو. آخر ٿائلنڊ جي بندرگاھھ بئنڪاڪ ۾ گلوءَ کي ڪنھن اھڙو جوڊو ڪراٽو ھنيو جو پاڻ کڻائي جھاز تائين بھ نھ پھچي سگھيو. اتي جي مڪاني اسپتال ۾ ڊگھي عرصي جي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو ۽ جھاز بنا گلوءَ جي Sail ڪري ويو. گلوءِ (ھڪ ماڻھوءَ) جي گھٽ ٿيڻ ڪري باقي ٻين خلاصين تي ڪم جو لوڊ ضرور وڌي ويو پر سڀني سک جو ساھھ کنيو تھ گلوءَ جي روز ڦڏن مان جان ڇٽي.

پھرين مڇي مسجد ۾ پھچائين ٿا

بھر حال ھتي پاڻ لکديپ (Laccadive) ٻيٽن جي ڳالھھ ڪنداسين جيڪي ٻيٽ ھندستان جي مغربي ڪناري کان 400 کن ڪلوميٽر پري عربي سمنڊ ۾ آھن. ھنن ٻيٽن مان ڏھاڪو کن تي جيڪي ماڻھو رھن ٿا انھن جو اڌ لک بھ ڪو مس آھي. ھي ٻيٽ انڊيا حڪومت جي قبضي ۾ آھن ۽ ڪوچين کي ويجھو ھجڻ ڪري اتان ريگيولر فيري سسٽم آھي. ٻيٽ تي رھندڙن جو وڏو تعداد مسلمانن جو آھي جيڪي سني فرقي جي شافعي مڪتب فڪر جا آھن.

لکديپ ٻيٽن تي سياحن جي اچڻ جي گھڻي ھمت افزائي نٿي ڪئي وڃي ان ڪري ھي ٻيٽ اڄ بھ ماٺ ۾ ۽ پر سڪون آھن. جيڪي ھن ٻيٽ تي رھن ٿا انھن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي ۽ ڄاڻ سڃاڻ آھي. ورلي ڪو انڌو منڊو چوريءَ جو قصو ٿئي ٿو نھ تھ ھر ھڪ آرام سان رھيو پيو آھي. صاف سٿرا ۽ ننڍا ننڍا ٻيٽ آھن جن جي چوڌاري خوبصورت ڪنارا (beaches) ۽ نيري رنگ جو آسمان ۽ سمنڊ آھي. بقول ڪنھن سياح جي:

“Lakshadweep is the safest and most tranquil place in the World – No Crime, no noise, no dogs and no poisonous snakes either.”

ٻيون وصفون: گھٽ ڏوھھ، گھٽ گوڙ، ڪتن جو نھ ھجڻ تھ ڪيترن ئي ٻين ٻيٽن تي بھ آھي ويندي ملائيشيا جا اھي ڳوٺ جتي مسلمان رھن ٿا رول يا پالتو ڪتا نظر نٿا اچن. بھر حال لکديپ جھڙي خط استوا جي ويجھو ٽراپيڪل قسم جي ٻيٽ تي جتي مينھن ۽ گھم ٻارھوئي ھجي، ڏيڏر، ڪوئا جام ھجن اتي نانگن جو نھ ھجڻ واقعي حيرت جھڙي ڳالھھ آھي.

ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ انڊيا جو حصو چيا وڃن ٿا، انڊيا جي ويجھو آھن، ڪجھھ ريتون رسمون ھندو ڪلچر ۽ ڌرم جون آھن تھ بھ گھڻيون ڳالھيون مختلف پڻ آھن. اسلامي رنگ ۾ ھجڻ ڪري ھتي ذات نيات ۽ اڇوتپائيءَ جو چڪر ناھي جيڪو ٻھ اڍائي سؤ کن ميل سامھون، سمنڊ جي ٻئي پار ملبار ڪوسٽ ۽ ڏکڻ ھندستان  ۾ آھي. اسلام ھتي گھڻو اڳ ستين صديءَ ۾ آيو. عربن ۽ ھندستاني مسلمانن جي سڱابنديءَ ڪري ھتي جا ماڻھو سھڻا لڳن ٿا جيتوڻيڪ ھنن ٻيٽن تي ڪمائيءَ جا ذريعا محدود ھجڻ ڪري غربت ڏاڍي آھي. ڪپڙو گندي بھ سادو پھرين ٿا پر ھر وقت صاف سٿرو ۽ ڌوتل ھوندن. عورتون ساڙھي ۾ نظر اينديون مرد سفيد ڌوتين ۾. گھڻي مينھن ڪري ھتي سوٽ يا شلوار کان گوڏ ۽ ڌوتي سولي رھي ٿي جنھن کي گھڻي مينھن يا گپ مان ھلڻ وقت گوڏن وٽان موڙي مٿي ڪري سگھجي ٿو.

ھتي جا ماڻھو ناريلن جي پوک ڪن يا ناريلن جي وڻ سان واسطو رکندڙ شين مان ٻھارا ۽ تڏا تونئريون ٺاھين يا مڇيون مارين. سالن کان اڄ بھ اھو وھنوار ھلندو اچي تھ مھاڻا ڦاسايل مڇين مان پھرين مڇي مسجد ۾ پھچائين پوءِ ڀلي امام کائي يا ھو ڪنھن ٻئي غريب غربي کي ڏئي.

مالديپ ٻيٽ مالھا مثل آھن

ننڍي کنڊ جي اوس پاس انڊامان، نڪوبار ۽ لکديپ ٻيٽن کان علاوھ ھڪ ٻيو ٻيٽن جو جھڳٽو مالديپ ٻيٽن جي نالي پڻ آھي جنھن کي مالديو Maldives بھ سڏين. ھي ٻيٽ قدرتي سونھن، موسم ۽ ڌرتيءَ کان الڳ ٿلڳ ھجڻ ڪري دنيا جي ٽوئر سٽن لاءِ (خاص ڪري جپان ۽ يورپ جي ملڪن جي ماڻھن لاءِ) جيڪي پنھنجي شھر جي گوڙ گھمسان کان ڀڄي ڪنھن ماٺ مٺوڙي واري جاءِ تي ڪجھھ ڏينھن گذارڻ چاھين ٿا، بھترين جاءِ آھي.

مالديپ ٻيٽ عربي سمنڊ يا خليج بنگال بدران صحيح معنيٰ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھن. اھي ڪولمبو (سري لنڪا) کان  640 ڪلوميٽر پري آھن. ڪولبمو کان ھوائي جھاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ ست ھزار رپيا کن آھي. سنگاپور کان بھ مالديپ ٻيٽن لاءِ ڊائريڪٽ اڏام آھي پر اھا تمام مھنگي آھي. اوٽ موٽ جو ڀاڙو اٽڪل    40ھزار رپيا آھي.

مالديپ ٻيٽن جي جھڳٽي ۾ اٽڪل ٻھ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گھاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجھھ اھڙا آھن جن تي ڪجھھ بھ نھ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. ھنن ٻيٽن بابت ھڪ ٻي ڳالھھ اھا آھن تھ مالديپ ٻيٽ  (Maldives)ھڪ ھنڌ ھجڻ بدران سمنڊ ۾ پري پري تائين پکڙيل آھن. خط استوا جي اتر کان اٽڪل6 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) کان شروع ٿي خط استوا کان ٿورو ھيٺ تائين ھليا وڃن ٿا. اتراھين ٻِيٽ کان آخري ڏاکڻو ٻيٽ 900 ڪلوميٽر پري آھي. سڀ ٻيٽ ننڍا ننڍا آھن. سڀ ۾ وڏي ٻيٽ جي ڊيگھھ 6 ڪلوميٽر آھي. ھي ٻيٽ ڪنھن ملڪ جي ملڪيت ھجڻ بدران پاڻ ھڪ ملڪ جي حيثيت رکن ٿا جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ مالي (Male)آھي. جنھن ٻيٽ تي ھي شھر مالي آھن ان جي ڊيگھھ فقط ھڪ ميل (ڏيڍ ڪلوميٽر کن) آھي. ملڪ جو، يعني ھنن ٻيٽن تي پھچڻ لاءِ جيڪو بين الاقوامي ھوائي اڏو آھي اھو الڳ ٻيٽ تي آھي ۽ اھو ٻيٽ بھ ايترو ننڍو آھي جو ان تي فقط ھوائي اڏو آھي ۽ ھوائي جھازن جي مسافرن لاءِ ماني سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪجھھ بورچيخانا آھن. مسافر ھوائي جھاز مان لھي مختلف لانچن ۾ يا ڊوميسٽڪ اڏامن ۾ مختلف ٻيٽن ڏي روانا ٿيو وڃن. 1972ع کانپوءِ ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ 55 نيون ھوٽلون- ھر ٻيٽ تي ھڪ ھڪ، ٺھرايون ويون آھن، ان کان علاوھ ٽوئرسٽن لاءِ ننڍا گھر، ساديون ۽ سستيون ھوٽلون پڻ ڪيترن ئي ٻيٽن تي آھن- خاص ڪري سمنڊ جي ڪناري تي ننڍيون وڏيون Huts ٺھيل آھن. سمنڊ تھ خير چوڌاري ئي ٿيو. ٻيٽ جي وچ تي ٺھيل گھر يا ھوٽل جي کڏ تي بيھي ڏس تھ چوڌاري سمنڊ ۽ ٻيا ٻيٽ نظر اچن ٿا. ھنن ٻيٽن جي سمنڊ ۾ پوزيشن ائين آھي جيئن ھار ۾ موتي پوئيل ھجن. ھنن ٻيٽن لاءِ ڪنھن خوب لکيو آھي:

“Satered across the equator like jewels flung into the sapphire depths of the Indian Ocean lie the Maldives.

جتي ڪٿي مسجد ۾ نمازي نظر اچن ٿا

مالديپ ٻيٽن جو حال بھ جپان وانگر رھيو آھي. ھتي جا ماڻھو سڀني کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلا پنھنجي ۾ مگن رھڻ چاھين ٿا. ھو گھڻي ماڊر نزم ۽ ٻين قومن جي ڪلچر کي پنھنجي سان مڪس ڪرڻ نٿا چاھين. ٽوئرزم ھڪ انڊسٽري ٿي پئي آھي ۽ ڪمائيءَ خاطر ھو ڌارين جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. ھر مسافر کي ايئرپورٽ تي لھڻ شرط ھڪ مھني جي ويزا مليو وڃي پر مھينو کن گھمڻ بعد ھو جتان آيو آھي اوڏانھن روانو ٿي وڃي. ڀلي ڪو انڊين ھجي يا سري لنڪن، آمريڪن ھجي يا دبئي ڪويت جو شيخ، ھو ڪنھن بھ مالديپ جي ٻيٽ تي زمين خريد ڪري نٿو سگھي. اھا ٻي ڳالھھ  آھي تھ ڪجھھ ھوٽلون  ۽ ھوائي ڪمپنيون ڌارين ملڪن جا ماڻھو ھلائي رھيا آھن پر انھن کي بھ ھتي ھميشھ رھڻ جي شھريت نھ آھي.

مالديپ جا ٻيٽ خط استوا وٽ ھجڻ ڪري انھن تي  ڏينھن رات ۾ ڪو خاص فرق ناھي. مينھن گھڻا پون ٿا سال ۾ اٽڪل ھڪ سؤ انچ کن. ٽيمپريچر بھ سڄو سال 27 ڊگريون رھي ٿو ڪا ھڪ ٻھ ڊگري ھيٺ مٿي ٿئي ٿو. ھتي جا رھاڪو مڪس قومن جا آھن. گھڻي ڀاڱي ڏکڻ ھندستان جا دريويدن آھن ۽ ٻئي نمبر تي عرب ۽ سري لنڪا جا سنھالي. بھرحال ھي سڀ گھڻو گھڻو اڳ آيا. ھنن ٻيٽن تي جيڪا زبان ڳالھائي وڃي ٿي ان جو نالو ديويھي (Divehi) آھي جيڪا سري لنڪا (سلون) جي سنھالي زبان سان گھڻو ملي ٿي. ھونءَ بھ سلون ئي ھڪ واحد ملڪ آھي جيڪو ھنن ٻيٽن کي ويجھو آھي. ماضيءَ ۾ جيڪي اوسي پاسي جي ملڪن جون قومون يا يورپي ايندا رھيا سي گھڻي ڀاڱي سلون ۾ رھڻ بعد ھيڏانھن آيا. سنھاليءَ کان علاوھ ھتي جي زبان ۾ ڪيترائي لفظ عربي، ھندي ۽ انگريزيءَ جا پڻ آھن. عربن جو پڻ ھن ٻيٽ تي وڏو اثر آھي جن جا ٻيڙا آفريڪا يا ھند سنڌ کان ھنن ٻيٽن ڏي ايندا رھيا ٿي ۽ ٻارھين صديءَ ۾ ھن ٻيٽ تي اسلام آيو. ھتي جا ماڻھو ملائيشيا جي ماڻھن وانگر عربستان کان آيل عرب واپارين جي اخلاق مان متاثر ٿي ھنن جو مذھب (اسلام) اختيار ڪيو. اڄ مالديپ جو سرڪاري طرح مذھب اسلام آھي ۽ ھتي جا ماڻھو سني فرقي سان تعلق رکن ٿا. جتي ڪٿي مسجد ۽ نمازي نظر اچن ٿا. گادي واري شھر مالي (جنھن ۾ ملڪ جو صدر رھي ٿو) ۾ سونھري گنبذ واري مسجد پري کان نمايان آھي ۽ ھتي ڏنل تصوير ۾ پڻ صاف نظر اچي رھي آھي. ھن مسجد جي سوني گنبذ لاءِ چون ٿا تھ لبيا جي قذافيءَ ٺھرايو.

مالديپ ٻيٽن جي گادي وارو شھر مالي جيڪو ھڪ ميل کن ڊگھي ٻيٽ تي آھي ھوائي جھاز جي لھڻ وقت اڳيان بندرگاھھ ۽ ان ۾ بيٺل ٻيڙيون نظر اچن ٿيون. سوني قبي واري مسجد پڻ نظر اچي ٿي.

 

مالديپ ٻيٽن تي پور چوگالين ۽

ڊچن بعد انگريزن قبضو ڪيو

مالديپ جي سڀني ٻيٽن جي ايراضي جوڙ ڪئي وڃي تھ ٽي سؤ کن چورس ڪلو ميٽر ٿيندي. ملڪ جو سڪو رفيو (Rufiyaa) آھي جيڪو پڪ ننڍي کنڊ (ھندستان پاڪستان ۽ سلون) جي رپئي مان نڪتل لفظ آھي. بھر حال ھتي جي رپئي ۾ اسان وانگر سؤ پئسا يا سري لنڪا جي رپئي وانگر سؤ سينٽ ھجڻ بدران سؤ لاريون (Larees) آھن. ملڪ جو نالو Islamic Republic of Maldives  آھي.  1968ع واري آئين مطابق پنجن سالن لاءِ ملڪ جو صدر چونڊيو ويندو آھي جيڪو حڪومت ۽ رياست جو مک مڃيو وڃي ٿو. ھن جي مدد لاءِ ڪابينا ھوندي آھي. ڪابينا جا وزير مجلس اڳيان جوابدھ ھوندا آھن.مجلس ۾ 48 ميمبر ٿين ٿا جن مان 8 صدر صاحب چونڊيندو آھي باقي 40 عوام ذريعي چونڊيا ويندا آھن.

مالديپ ٻيٽن جي ماڻھن جا خاص ڌنڌا مڇي مارڻ، جھاز سازي (ڪاٺ جون ٻيڙيون ٺاھڻ)، جھاز راني (سندن بھ جھاز آھن ۽ ڌارين ملڪن جي جھازن تي بھ نوڪريون ڪن. ھتي جا رھاڪو بنگالين وانگر سٺا ۽ چئيوان آھن)، ڪپڙي ۽ فرنيچر جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن، زمين جي کوٽ ھجڻ ڪري ڪا خاص پوک نٿي ٿئي سواءِ ناريلن ۽ بصر پٽاٽي جي. کاڌي جون شيون سري لنڪا ۽ انڊيا مان درآمد ڪيو وڃن ٿيون.

مشھور سياح ابن بطوطھ چوڏھين صديءَ ۾ ھنن ٻيٽن تي پڻ آيو ۽ ھتي ڪافي عرصو جج ٿي رھيو. سندس سفرنامي مطابق انھن ڏينھن ۾ ھنن ٻيٽن تي الدين (ديدي) خاندان جي سلطان جي حڪومت ھئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: