سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :5

يورپي قومن ۾ پورچاگالي پھريان ھئا جيڪي ھتي آيا. ھنن 1518ع ۾ پنھنجي بيٺڪ قائم ڪئي جيڪا ڏھھ سال کن ھلي. ان بعد سترھين صديءَ ۾ مالديپ جا ٻيٽ ڊچ حاڪمن جي حفاظت ھيٺ ھئا جن جي سري لنڪا (سلون) تي بھ حڪومت ھئي. 18صديءَ جي آخر ڌاري سري لنڪا ۽ مالديپ انگريزن حوالي ٿي ويو جن ھنن جا سلون ۽ مالديو نالا رکيا. ڏاھن انگريزن ھندستان وانگر ھتي بھ جيڪي وڻيو ٿي اھو ڪيائون ٿي پر ظاھري طرح ھنن اھوئي اعلان ڪيو ٿي تھ مالديپ ٻيٽ اتي جي سلطان جي ھٿ ھيٺ آھن. 1953 ۾ سلطانپائي ختم ڪئي وئي پر ھڪ سال بعد اھو سلسلو وري شروع ڪيو ويو. 1956 ع ۾ انگريزن گان (Gan) نالي ٻيٽ تي ھوائي بيس قائم ڪيو.

مالديپ ٻيٽن جي جھڳٽي مان ھڪ ٻيٽ ھولولي تي فقط ايئرپورٽ آھي.

مالديپ ٻيٽ تي پنھنجن طرفان حملو

24 جولاءِ 1965 ع تي مالديپ کي برطانيھ طرفان خود مختياري ملي. ھي ڏينھن ھتي نئشنل ھاليڊي طور ملھايو وڃي ٿو. 1966 ع ۾ مالديپ UNO جو ميمبر ٿيو ۽  1982ع ۾ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شامل ٿيو.

 1986ع ۾ ملڪ ۾ ريفرنڊم ڪرائي سلطانيت ختم ڪئي وئي ۽ ريپبلڪ جو ڍانچو ٺاھيو ويو. امير ابراھيم ناصر ملڪ جو پھريون صدر  1978ع تائين قائم رھيو. ان بعد عبدالقيوم ٿيو ۽ اڃان تائين ھلندو اچي. وچ ۾ عبدالله لطفي نالي واپاريءَ سري لنڪا کان ڀاڙي جا غنڊا وٺي سندس محل تي حملو ڪيو. ڪجھھ سپاھي مارجي ويا پر انقلاب ڪامياب نھ ٿيو. مالي شھر جي گھٽي ۾ صدر جي دشمن کي انگوڇو پارائي اگھاڙي پير سرگس ڪرائي وئي. ھيءَ اسي واري ڏھاڪي جي ڳالھھ آھي. مون وٽ ان جون تصويرون بھ ھيون. ٿي سگھي ٿو ڪتاب ڇپجڻ تائين ملي وڃن ۽ ڇپي سگھجن. انڊيا جا نيول جھاز ان ئي وقت پھچي ويا. سڀني واھھ واھھ ڪئي ۽ مالديپ ٻيٽن کي ھندستان جو ٿورائتو ٿي رھڻو پيو. ھندستاني فوج واپس وڃڻ وقت گھڻي انگھھ پئي ڪئي. غريب ۽ ڪمزور مالديپ حڪومت ۽ ان جي پوليس ۽ بيحد مختصر فوج ھر ھر کلي پئي خدا حافظ ڪيو. (دل ۾ پڪ چئي رھيا ھوندا تھ ھاڻ ٽرو، ھڪڙن کي ڪڍي وري توھان وھندائو ڇا؟) اتي رھندڙ منھنجو ھڪ پاڪستاني دوست ھر وقت مونکي ياد ڏياريندو رھيو تھ پنجاپي فلمن ۾ بھ ائين ئي ٿيندو آھي. ھيرو صاحب ھيروئن کي محلي جي غندن کان ضرور بچائيندو آھي پر ھوءَ منجھائنس سڄي عمر ڦاسي ويندي آھي. سو ھتي بھ دال ۾ ڪجھھ ڪارو آھي. بھر حال انڊيا وارا پنھنجن جھازن تي لڳل بندوقن توبن کي ڍڪي آخر جتان آيا ھئا اوڏانھن موٽي ويا پر مالديپ وارا لڪل "نياپو" سمجھي ويا تھ ھن تر جو ڏاڍو مڙس ڪير آھي جيڪو جنھن کي چاھي ھڙپ ڪري سگھي ٿو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ڪشمير جو ھڏو سندس ڳچيءَ ۾ ڦاسي پيو آھي. ڪيترن جي وات تي اھو بھ ھو تھ مالديپ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ واري لطفيءَ کي ضرور انڊيا طرفان آشيرواد مليل ھوندي نھ تھ ائين ڪيئن ھمت ڪري سگھي ھا. ڪن (انڊيا سان واسطو رکندڙ پريس) ھميشھ وانگر ان بلوي ۾ پاڪستان جو بھ ھٿ ڏيکاريو.

منھنجا پٽ! ھاڻ ھنن ٻيٽن جو والي وارث آئون آھيان

مالديپ تي حملو ڪندڙ ھي ھمراھھ عبدالله لطفي جيڪو اصل ۾ ھنن ٻيٽن جو ئي رھاڪو آھي، ھن کان ھڪ دفعو اڳ بھ صدر کي مارڻ جي رٿ رٿي آيو ھو. انھن ڏينھن ۾ مالديپ جو پھريون صدر ابراھيم ناصي ھو (جيڪو اڄ ڪلھھ سنگاپور ۾ رھي ٿو) پر ان وقت ڪامياب نھ ٿيو.

ايئرپورٽ تي سندس سامان مان پستول نڪري آيو جيڪو ھو ھڪ گڏيءَ ۾ لڪائي آڻي رھيو ھو. کيس ان ڏوھھ ۾ جيل جي سزا ملي. ان بعد ھو ڪولمبو وڃي رھيو ۽ ھينئر جيڪي 75 کن تامل ڌاڙيل پاڻ سان آندا ھئائين انھن لطفيءَ جي ڪولمبو واري پولٽري فارم تي ٽريننگ وتي ھئي. ھڪ وڏي “Progress Light” نالي مال بردار جھاز ۾ ڪولمبو کان چڙھي، مالي ٻيٽ جي ويجھو آڌي رات جو لنگر اچي ڪيرايو. فجر مھل جڏھن جامع مسجد جو ٻانگو مناري جا 167ڏاڪا چڙھي ٻانگ ڏيڻ وارو ھو تھ ھي ننڍين ٻيڙين ذريعي ٻيٽ تي ڪاھي پيا ۽ جيڪو سامھون آين ٿي ان کي ماريائون ٿي. مسجد جو امام بھ شھيد ٿي ويو. صدر صاحب ڪنھن ڳجھي ھنڌ تي لڪي ويو ان کي ڳولي نھ سگھيا. فرسٽريشن ۾ ھنن پنجاھھ ماڻھن کي اغوا ڪيو جن ۾ وزير مواصلات احمد مجتبيٰ بھ ھو. انھيءَ دوران انڊيا طرفان ڏيڍ ھزار کن فوجي ھولولي Hulule ھوائي اڏي تي انڊين ايئر فورس جي جھاز ۾ پھچي ويا. 18ڪلاڪ وٺ وٺان ھلي پر ھن ٻيٽ جا ماڻھو ڄڻ تھ خواب مان جاڳي پيا تھ ھي ٻيٽ جيڪو صدين کان سڪون جو علائقو سمجھيو ويو ٿي ان تي ڪنھن بھ وقت ڪجھھ بھ ٿي سگھي ٿو. غريب ملڪ جنھن لاءِ پوليس رکڻ بھ وڏي خرچ جي ڳالھھ آھي ان کي مجبور ٿي بحري فوج (Navy) رکڻي پيئي جيئن اھڙي امرجنسي ٿي پوي تھ منھن ڏئي سگھجي.

ٻھ ڳالھيون ھن وقت بھ ياد اچي رھيون آھن: جھلجڻ بعد لطفيءَ کان جڏھن ڀڇيو ويو تھ ڇا تو سمجھيو ٿي تھ ستر اسي ماڻھن ۽ ڪجھھ بندوقن جي مدد سان تون ملڪ جو تختو اٿلائي صدر ٿي سگھئين ٿي؟ جواب ۾ وراڻيائين (Why not) (ڇونھ)

18ڪلاڪن جي ڀڄ ڀڄان ۽ حملي ۾ جنھن ۾ شروع ۾ تھ سندن ئي سوڀ نظر اچي رھي ھئي لطفي پنھنجي پھرين زال جي گھر پڻ ويو ۽ پنھنجي پٽ کي چيو: " فڪر نھ ڪر منھنجا پٽ! اڄ کانپوءِ توکي جنھن ملڪ ۾ پڙھڻ جي اسڪالرشپ کپي اھا توکي ملي سگھي ٿي. ھاڻ ھنن ٻيٽن جو والي وارث آئون آھيان." ۽ واقعي والي وارث لطفي ٿي وڃي ھا پر قدرت چونڊيل صدر عبدالقيوم کي بچائي ورتو.

ھنن ٻيٽن تي ابن بطوطا بھ آيو تھ مارڪو پولو بھ

مالديپ سامونڊي تانگھن ڪنارن  (Beaches) ۽ انھن جي صاف ۽ سفيد ريتيءَ کان مشھور آھن. ھنن ٻيٽن تي سادگي واري زندگي آھي جيڪا ھتي جا ماڻھو پسند ڪن ٿا. ھو گھڻو ماڊرن ۽ شھري زندگي کان پاسو ڪن ٿا. غربت ۽ ڪمائي جي ٻين ذريعن نھ ھجڻ ڪري ھنن ٽوئرزم کي قبول ڪيو آھي تھ ڌارين ملڪن جا ماڻھو سندن ٻيٽ تي گھمڻ لاءِ اچن پر دلئون نٿا چاھين تھ ڪو ٻاھران اچي سندن  Life Style کي ڊسٽرب ڪري. ان ھوندي بھ ڪوشش ڪئي اٿن تھ سياح ۽ مسافر ڪن چند ٻيٽن تان گھمي ڦري ھليا وڃن. مڪاني ماڻھن جو گھڻو لاڙو مذھب ڏي آھي. جتي ڪٿي مسجد نظر اچي ٿي ۽ ماڻھن جو سڄو ڏينھن مسجدن ڏي اچڻ وڃڻ عام آھي. مختلف ٻيٽن تي ڌارين سياحن لاءِ ڪجھھ ھوٽلن تي انھن ۾ رھندڙن کي شراب ملي ٿو باقي ڪنھن بھ مڪاني يا ڌارئين کي شراب آڻڻ جي سختي سان منع آھي. ايئرپورٽ ۽ بندرگاھھ ۾ ٻاھران آيلن جي سامان جي سختيءَ سان چيڪنگ ٿئي ٿي ۽ شراب ۽ نشي وارين شين کان علاوھ سوئر مان ٺھيل مختلف شين جي آڻڻ تي بھ سختيءَ سان پابندي آھي.

ھندي وڏي سمنڊ ۾ چون ٿا تھ 700 کن مڇين جا مختلف قسم آھن جن مان ڪي ڪھڙي ايشيائي يا آفريڪي ملڪ ۾ نظر اچن ٿيون تھ ڪي ڪھڙي ۾. پر مالديپ ٻيٽ اھو ھنڌ آھي جتي انھن جون ذري گھٽ سڀ جنسون ملن ٿيون. ھنن ٻيٽن جا شروع وارا رھاڪو جيتوڻيڪ سري لنڪا پاسي جا ٻِڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ ھئا پر ٻارھينءَ صديءَ کانپوءِ گھڻائي مسلمانن جي ئي نظر اچي ٿي. اڄ بھ ڪيتريون ئي پراڻيون مسجدون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جن مان ھڪ 1656 جي ٺھيل آھي. ھن ٻيٽ تي ڪيترائي مسافر پراڻي زماني کان ھلي ملي گھمڻ خاطر، جھاز ڀڄڻ ۽ ٻڏڻ تي يا رستو ڀلجڻ تي ھيڏانھن ايندا رھيا. پراڻي زماني جي سياحن ھنن ٻيٽن جو نالو مالھا ديـِـو (Maladiv) رکيو جنھن جي معنيٰ ٻيٽن جو ھار آھي. ھونءَ بھ ھي ٻيٽن جو جھڳٽو گھڻو مٿي کان ڏسجي ٿو تھ ھار وانگر لڳي ٿو. ابن بطوطا کان علاوھ ٻيا بھ ڪيترائي مشھور سياح، تاريخدان ۽ ليکڪ ھنن ٻيٽن تي آيا. ھڪ ٻيو مشھور سياح جيڪو ھتان کان اچي نڪتو اھو يورپ جو مارڪو پولو آھي. مارڪو پولو ھنن ٻيٽن کي “The flower of the indies” سڏيو آھي. مڪاني ماڻھو ھنن ٻيٽن کي اڄ ڪلھھ  "ديـِـويھي راجي" (ٻيٽ واري سلطنت) سڏين ٿا. جيتوڻيڪ سڀني ٻيٽن جي جملي آدمشماري ڪا ٻھ لک مس آھي پر ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نھ ھجڻ ڪري ھي ملڪ دنيا جي غريب ترين ملڪن مان ھڪ آھي. پئسي ڏوڪڙ ۾ بھ تھ ٽيڪنيڪل معلومات ۾ بھ.

ابن بطوطا حج جي ارادي سان گھران نڪتو

مالديپ ٻيٽن جي ذڪر دور ان دنيا جي ٻن مشھور ۽ آڳاٽن سياحن: ابن بطوطا ۽ مارڪو پولو جا نالا آيا آھن. ھتي ھنن چوڏھين ۽ تيرھين صديءَ جي سفر ڪندڙن (travelers) جو مختصر احوال ڏيڻ بي محل نھ ٿيندو.

ابن بطوطھ ھڪ مسلمان سياح ھو. سندس نالو ابو عبدالله محمد ھو پاڻ  1304ع سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شھر طنج  (Tangier) ۾ ڄائو ڏٺو وڃي تھ ھي ھمايون ۽ بابر جھڙن مغل بادشاھن کان بھ گھڻو اڳ ڄائو ۽ ان وقت جي دنيا جو سير ڪيائين. ابن بطوطھ جو جنھن خاندان سان تعلق ھو اھي وقت جا قاضي (فيصلا ڪندڙ) ھئا. پاڻ بھ قاضي (جج) ھو. 21سالن جي ڄمار ۾ ھو حج ڪرڻ لاءِ مڪي ڏي روانو ٿيو. گھران نڪرڻ وقت ھن جو ارادو فقط مذھبي ڊيوٽي (حج جي ادائگي) ۽ اوڀر جي عالمن وٽان علم پرائڻ ھو. پر پوءِ گھر کان ٻاھر نڪرڻ بعد ھن کي ملڪ ملڪ گھمڻ جو شوق پيدا ٿي پيو ۽ فيصلو ڪيائين تھ جيتريقدر ٿي سگھندو دنيا جا گھڻي کان گھڻا علائقا گھمندس. ھن جو ڪيترن ئي شاھي درٻارن ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ھن مسلمانن جو ھڪ ھڪ ملڪ گھميو ۽ اٽڪل سٺ کن بادشاھن، حاڪمن ۽ راجائن ۽ ڪيترن ئي راڻين سان مليو ۽ پنھنجو سفر نامون قلمبند ڪيو. سندس ڪتاب (سفرنامون) اڄ ڇھھ سؤ سال گذرڻ بعد بھ ساڳي شوق سان پڙھيو وڃي ٿو.

ابن بطوطھ گھران نڪرڻ وقت اولھھ ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن مان ٿيندو دمشق، بغداد پھتو. دمشق ۾ ڏٺائين تھ خليفھ وليد مسجد جي ٻاھران شھر جا اھم نوٽري پبلڪ اسٽال ٺاھيو ويٺا ھئا. ھر ھڪ وٽ ڇھھ کن شاھد موجود ھئا جيڪو ڇوڪرو ڇوڪري شاديءَ لاءِ آيو ٿي تھ ھن في وٺي اتي جو اتي نڪاح نامون تيار ڪري ڏنو ٿي. کين قاضي طرفان اجازت مليل ھئي. ھي ائين ھو جيئن اڄ ڪلھھ مغربي ملڪن ۾ سول مئريجون (شاديون) ٿين ٿيون.

بغداد کان مديني ۽ مڪي واري رستي " ضرب زبيدھ" تي جتي ڪٿي

مسافرن جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ٿيل ھو جيڪو خليفي ھارون رشيد جي زال زبيدھ طرفان ھو. اڄ بھ ان رستي ۾ ڪا ورلي تبديلي آئي آھي.

حج دوران ابن بطوطھ بيمار ٿي پيو ۽ ھن طواف ۽ سعي پيرين پنڌ ڪرڻ بدران امير جي گھوڙي تي چڙھي ڪئي. (سعي صفا ۽ مرواھ ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ کي سڏجي ٿو) يمن ۾ ابن بطوطھ زابد شھر ۾ رھيو جيڪو انھن ڏينھن ۾ اتي جو ٻيو نمبر وڏو شھر ھو. ايران ۾ ابن بطوطھ ابو سعيد سان مليو جيڪو ايران جي منگول گھراڻي جو آخري خان ھو. ھن وائسراءِ جي خاتون جي حاضري اچي ڀري جيڪا آغا سڏي وئي ٿي. خاتون ابن بطوطھ کي پئسا ۽ سواري لاءِ گھوڙو سوغات طور ڏنو. ابن بطوطھ کي شيراز شھر جا ماڻھو بيحد نيڪ ۽ سچار لڳا.

مالديپ ٻيٽن تي ابن بطوطھ قاضي ٿي رھيو

ايران بعد بطوطھ ڪجھھ عرصو ترڪيءَ ۾رھيو جتي ويجھڙائيءَ ۾ عثمانلي (Ottaman Empire) جي سلطنت شروع ٿي ھئي. بھر حال ابن بطوطھ وچ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ٿيندو ھندستان پھتو. دھليءَ ۾ سلطان محمد ابن تغلق سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس دھليءَ جو وڏو قاضي مقرر ڪيو. دھليءَ ۾ اٺ سال رھڻ بعد 1342ع ۾ کيس سلطان جي سفير جي حيثيت سان چين موڪليو ويو. رستي تي ھندن کيس ماريو ٿي پر ھو پنھنجي جان بچائي وٺي ڀڳو.

ھڪ سامونڊي سفر ۾ سندس جھاز ڪاليڪٽ (ملبار ڪوسٽ) وٽ ڀڄي پيو. ڪجھھ ڏينھن اتي رھڻ بعد ھو مالديپ ٻيٽ ڏي ھليو آيو. مالديپ ٻيٽ لاءِ ابن بطوطا لکي ٿو تھ: " مالديپ ٻيٽ جا رھاڪو سڀ مسلمان آھن. اھي نيڪ ۽ پرھيز گار آھن. ھنن جي زالن پنھنجن وارن کي ڦڻي ڏئي ھڪ پاسي سينڌ ڪڍي ٿي. ھنن ٻيٽن جي گھڻي ڀاڱي زالن ڪپڙي جي ٽڪر (گوڏ) سان فقط ھيٺيون ڌڙ ڍڪيو ٿي مٿيون حصو اگھاڙو رکيو ٿي"

ابن بطوطھ ھن ٻيٽ (مالديپ) تي ٻھ سال کن قاضي ٿي رھيو. ان عرصي دوران ھن (بقول سندس) ٻيٽ جي عورتن کي گھٽ ۾ گھٽ سندس درٻار ( ڪورٽ) ۾ اگھاڙو ٿي اچڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪنھن ڳالھھ تي ھن جي ھلي بھ ڪانھ ٿي.

ابن بطوطھ پنھنجي احوال ۾ مالديپ ٻيٽن بابت لکيو آھي تھ ھن جي ڏينھن ۾ ھنن ٻيٽن جي حاڪم خديجا نالي عورت ھئي ڇو تھ سلطانن جي خاندان ۾ انھن ڏينھن ۾ ڪوبھ مرد ماڻھو نھ ھو. قاضيءَ کي وڏي عزت جي نگاھھ سان ڏٺو ويو ٿي ۽ ھن جي ڏنل ھر فتوا شاھي حڪم برابر ھئي. بلڪ ان معاملي ۾ حاڪم کان بھ وڌيڪ قاضيءَ جي آرڊرن جي پوئواري ڪئي وئي ٿي. شاھي خاندان کي پنھنجي ھڪ ھزار کن سپاھين جي فوج ھئي جنھن جي رڪروٽنگ ٻاھران ڪئي وئي ٿي. (گھڻو ڪري سري لنڪا مان ماڻھو گھرايا ويندا ھوندا جو اھو ئي ملڪ مالديپ ٻيٽن کي ويجھو آھي).

ابن بطوطھ مالديپ بعد بنگال، برما،

سيام ۽ سماترا روانو ٿيو

قاضي صاحب يعني ابن بطوطھ مالديپ ۾ بھ اتي جي ھڪ مڪاني عورت سان شادي ڪئي. ٻن سالن بعد وري اڳتي جي سفر لاءِ نڪتو.   1344ع ۾ سندس جھاز ھندي سمنڊ ۾ ھلندي طوفان جي ور چڙھي ويو ۽ سلون کان اچي نڪتو. سلون جو بادشاھھ غير مسلم ھو پر ھن کي فارسي آئي ٿي، ابن بطوطھ پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آھي تھ ھن ابن بطوطھ جھڙي پڙھيل ڳڙھيل ۽ علم جي ڄاڻ رکندڙ سياح جي وڏي دل سان آجيان ڪئي ۽ کيس آدم جبل جي چوٽيءَ ڏسڻ لاءِ پنھنجا خاص ماڻھو شامل ڪري ڏنا. اڄ ڪلھھ ان جبل جي چوٽيءَ تي پھچڻ سولو ڪم ٿي پيو آھي پر ساڍا ڇھھ سؤ سال اڳ نھ بجلي ھئي نھ رستا ٺھيل ھئا. ھي اھو جبل آھي جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تھ جنت مان نڪرڻ وقت حضرت آدم ھن جبل تي لٿو ھو.

سري لنڪا بعد ابن بطوطھ سلھٽ (اڄ ڪلھھ بنگلاديش جو شھر) کان وڃي نڪتو. اتي ھن جي ملاقات طبريز جي شيخ جلال دين سان ٿي. بنگال بعد ابن بطوطھ برما جي ڪناري واري شھرن ۾ گھمندو رھيو. اتان پوءِ ھو يا سمنڊ ذريعي يا سيام (ٿائلنڊ) ۽ ملايا جي خشڪي واري رستي کان ٿيندو سماترا ٻيٽ کان وڃي نڪتو جيڪو اڄ ڪلھھ انڊونيشيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آھي. سماترا جي سلطان ابن بطوطھ کي نئون جھاز ڏنو. (انھن ڏينھن جا جھاز ڪي اڄ جھڙا لوھي، انجڻين وارا ۽ وڏا نھ ھئا. ڪاٺ جا سڙھھ تي ھلندڙ جھاز ھئا. جن جي بناوٽ بھ آسان ھئي منجھن ھڪ يا ٻھ ڪمرا ھوندا ھئا. ڪاڪوس آخري ڇيڙي تي، اڌ جھاز مٿان تھ اڌ سمنڊ مٿان. ھوندو ھو. ٻيلا ۽ ڪاٺ جام ھو. مزور ۽ ڪاريگر واندا ھئا. سو گھڻو خرچ نھ ايندو ھو.

ابن بطوطھ جھاز کڻي اتي جي ماڻھن سان نڪتو. ھندستان اولھھ واري ڪناري وٽ ڪجھھ غير مسلمان قذاقن ھن جي جھاز تي حملو ڪيو ۽ ھن جو ھڙ سامان کڻي ويا. ڀر ۾ ڪاليڪٽ جو بندرگاھھ ھو اتي اچي پناھھ ورتائين. اتي رھائش دوران مالديپ ٻيٽن کان ايندڙ ماڻھن کان کيس خبر پيئي تھ مالديپ ٻيٽ تي جنھن عورت سان شادي ڪئي ھئائين ان کي سندس وڃڻ بعد پٽ ڄائو. ابن بطوطھ پنھنجي پٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مالديپ ٻيٽ ڏي روانو ٿيو. ھن جي سٺي آڌرڀاءُ ڪئي وئي پر سندس زال جنھن جو تعلق شاھي گھراڻي سان ھو ان شھر جي قاضيءَ وٽ فرياد داخل ڪيو. قاضي ۽ ملڪ جي وزير اھو فيصلو ڏنو تھ بھرحال پٽ ابن بطوطھ جو آھي ۽ ھو ھن کي پنھنجو پٽ کڻڻ کان نھ جھليندا. ۽ پوءِ جڏھن ننڍڙي ٻار کن ابن بطوطھ وٽ آندو ويو تھ ھن اھو ئي بھتر سمجھيو تھ ٻار ماءُ وٽ ئي رھي تھ سٺو.

ھنن جو ان حبشڻ کي ڪچوئي کائي ڇڏيو

ان کان ويھھ سال اڳ ابن بطوطھ بغداد ۾ بھ ھڪ زال پيٽ سان ڇڏي آيو ھو جنھن کي بعد ۾ پٽ ڄائو ھو. ھو ان زال ۽ ٻار سان ملڻ لاءِ بغداد آيو پر اتي پھچي خبر پيس تھ اھي ٻئي گذاري ويا. ابن بطوطھ کي پنھنجي پيءُ جي مري وڃڻ جي پڻ اتي خبر پيئي ۽ اھو پڻ تھ سندس والدھ سخت بيمار آھي. انھن ڏينھن ۾ پليگ نموني جي بيماري (Black Death) چوڌاري پکڙيل ھو. ان بابت ابن بطوطھ لکي ٿو تھ غازا ۾ روزانو ھزار کن ماڻھو مرن ٿا ۽ دمشق ۾ 2400 کن. قاھرھ (مصر) ۾ موت جو انگ 2100 يوميھ ٿي ويو.

مشھور تورايخ نويس ابن خلدون جنھن جو والد پڻ ٽيونس ۾ ان موت جو شڪار ٿي ويو ھو اھو پڻ ابن بطوطھ جي ان ڳالھھ کي صحيح قرار ڏئي ٿو تھ محل محلاتون، شھر گھٽيون ويران ۽ خالي ٿي ويا ھئا ڄڻ تھ ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي.

ابن بطوطھ اسپين ۾ بھ آيو ۽ غرناطھ جو شھر ڏٺائين. ان بعد ھو سوڊان ويو. پنھنجي وطن موٽڻ لاءِ صحرا جو رڻ پٽ ٽپڻ دوران رستي تي مغربي آفريڪا جا مشھور ملڪ: مالي ۽ نائيجر (Niger) پڻ ڏٺا ماضي ۾ مالي ملڪ امير ترين ٿي رھيو آھي ۽ جن ڏينھن ۾ ابن بطوطھ اتي پھتو ھو انھن ڏينھن ۾ مالي پئسي ۽ پاور (سياسي توڙي ملٽري طاقت ۾) اوج تي ھو. منسا (سلطان) سليمان جيڪو ملڪ جو حاڪم ھو، ابن بطوطھ جو آڌرڀاءُ ڪيو. ابن بطوطھ لکيو آھي تھ ھتي ٻارن قرآن حفظ ڪيو ٿي. مسجد ۾ ايترا نمازي ايندا ھئا جو جمعي نماز تي تھ فقط انھن کي مسجد ۾ جاءِ ملي نھ سگھندي ھئي جيڪي اڳ ۾ پھچندا ھئا. ھن ڏٺو تھ ھتي عورتن پڙدو تمام گھٽ ٿي ڪيو. شيدي نوڪرياڻيون ۽ نوجوان ڇوڪريون ھر ھڪ جي اڳيان اگھاڙيون ٿي ھليون ٿي. ويندي سلطان جون ڌيئون بھ اگھاڙيون ٿي ھليون ٿي. ملڪ ۾ اڃان بھ آدمخور قبيلا موجود ھئا. انسان جو گوشت کائيندڙ ھڪ اھڙي قبيلي جا " چڱا مڙس" پنھنجي امير سان گڏ سلطان سليمان جي درٻِار ۾ حاضري ڀرڻ آيا. سلطان مھمانوازي طور ھنن کي سندن خذمت چاڪريءَ لاءِ ھڪ جوان حبشڻ تحفي ۾ ڏني. ھنن ھن کي ماري ڪچوئي کائي ڇڏيو. ان بعد ھٿ ۽ منھن صاف ڪندي سلطان سليمان جا ٿورا مڃڻ لاءِ آيا.

منسا (سلطان) موسيٰ ھڪ دفعي قاضيءَ کي سزا طور ھڪ اھڙي جنگل ۾ اماڻي ڇڏيو جتي جا ماڻھو آدمخور (Cannibals) ھئا. چئن سالن بعد ھو صحيح سلامت پنھنج وطن (يورپ) موڪليو ويو. ھن کي جنگلي ماڻھن نھ ڪچو ۽ نھ رڌي کاڌو- ان ڪري جو ھنن جي عقيدي موجب اڇو ماڻھو بي سواد آھي ۽ بدھضمي پئدا ڪري ٿو.

ابن بطوطھ سنڌ ۾ بھ ڪافي ڏينھن رھيو

بھر حال اھو ابن بطوطھ جو باقي دنيا جو سير ھو. ھن جو خشڪي ۽ سمنڊ ذريعي سنڌ وٽان لنگھھ ٿيو. ان وقت انجڻين وارا طاقتور جھاز نھ ھئا جڪي سمنڊ جو وچ ڏئي ھلن ٿا. ڪپڙي جي سڙھن تي ھلندڙ ڪاٺ جا جھاز ھئا جن  Coastingڪئي ٿي يعني ڪناور ڏئي ھليا ٿي. جھاز تي ٿڌا ڪمرا (Refrigerated Stores) ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو ٺاھڻ جا (F.W. Evaporator) پلانٽ بھ نھ ھئا. جھازين کي ٿوري ڳالھھ تي ٿـَـڪ ڀڃڻ لاءِ سھوليتن وارا بندرگاھھ (سـَـتـَـڙ) ڳولي ترسڻو پيو ٿي ۽ انھن ڏينھن ۾ سنڌ جو لاھري بندر (ٺٽي ڀرسان) اڄ جي سنگاپور ۽ ھانگ ڪانگ کان وڌيڪ اھم ھو ۽ نھ فقط جھاز لاھري بندرگاھھ تائين آيا ٿي پر کارو لتاڙي مٺي ۾ ويا ٿي- يعني سمنڊ لتاڙي سنڌونديءَ  ۾ گھڙيا ٿي ۽ ملتان تائين ھليا ويا ٿي. جھاز ننڍا ھئا سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ جام ھو يعني ھي درياھھ جھازين لاءِ Navigable ھوجيئن دنيا جون اڄ ڪيتريون ئي نديون آھن جن ۾ جھاز اندر تائين ھليا وڃن ٿا جھڙوڪ ٿائلنڊ جو بندرگاھھ بئنڪاڪ درياھھ ۾ ڪافي اندر آھي. جيئن روھڙي سکر عربي سمنڊ کان. اھڙي طرح آمريڪا  USA جي مشھور شھر نيو اورلينس لاءِ اسان کي جھاز مسي سپي نديءَ ۾ سؤ ميل کن اندر وٺي وڃڻو پوي ٿو. سو ان زماني ۾ سنڌ جو نھ فقط سامونڊي بندرگاھھ لاھري بندر مشھور ھو پر اندريان دريائي بندرگاھھ سيوھڻ، ٻڍاپور، ڊڀرو، ھالا پراڻا روھڙي وغيره سلون ۽ ملايا کان عرب دنيا تائين مشھور ھئا. انھن ڏينھن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو بھ ڪافي حصو سنڌ ۾ آيو ٿي. ۽ ساڳي وقت سنڌ ۾ ايندڙ مختلف ديسن کان جھازن انھن ملڪن جي خبر چار آندي ٿي. انھن ڏينھن ۾ جاوا (انڊونيشيا جو ٻيٽ) مرچ مسالن ۽ لؤنگ ڦوٽن کان مشھور ھو ۽ سلون (سري لنڪا) جنھن کي فقط لنڪا بھ چوندا ھئا ھيرن جواھرن ۽ لعل ربين کان مشھور ھو ۽ ھر ھڪ، جنھن سکيو ستابو ٿيڻ چاھيو ٿي، جاوا ۽ لنڪا وڃڻ جي تمنا رکي ٿي جيئن اڄ جا ماڻھو دبئي، ڪويت، سعودي عرب ۽ آمريڪا وڃڻ جي تمنا رکن ٿا.

ان جي عڪاسي شاھھ لطيف بھ ڪئي آھي:

لنڪا لنڪا، لئي لنڪا او ھيريا....

سڻي سون لنڪا جو، سک نھ سامونڊين....

۽ جاوا (انڊونيشيا جي ٻيٽ) لاءِ بھ اسان وٽ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پھاڪا مشھور آھن چي: " جيڪي ويا جاوا سي سدائين ڍاوا، سدائين ساوا... "وغيره. سو اھو ٿي نٿو سگھي تھ ڪو عربي سمنڊ مان لنگھي يا سلون (سري لنڪا) ۽ عرب ملڪن ۾ وڃي ۽ سنڌ جي بندرگاھن جي ناموس نھ ٻڌي. ابن بطوطھ صاحب بھ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترائي شھر گھميو ۽ ڪيترن بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين جن جو احوال پڻ ھن پنھنجي سفرنامي ۾ قلمبند ڪيو آھي. ابن بطوطھ جو ھي سفرنامون دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آھي پر اصل ڪتاب عربي ۾ لکيل آھي جنھن جو نالو " تحفتھ النظر في غرائب الابصار " آھي.

ابن بطوطھ جنھاڻ ڳوٺ ۽ ان ۾ رھندڙ

سومرن جي تعريف ڪئي آھي

ابن بطوطھ پھرين محرم734ھجري 1333)ع( تي سنڌو درياھ کان لنگھيو. ٻن ڏينھن جي پنڌ کانپوءِ ھو جناني شھر ۾ پھتو. (جنھن شھر جناني جو ابن بطوطھ پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو  آھي اھو اڄ وارو جنھاڻ سومرو آھي جيڪو ھاڻ ضلعي ٺٽي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ واقع آھي). ھن شھر بابت لکي ٿو تھ:

" ھي وڏو ۽ خوبصورت شھر درياءِ جي ڪناري تي آھي. ھن شھر ۾ سومرا قوم جا ماڻھو رھن ٿا، جيڪي قديم زماني کان ھتي رھندڙ آھن. تاريخدان لکن ٿا تھ حجاج بن يوسف جي ڏينھن ۾ جڏھن سنڌ فتح ٿي، تھ ھن قوم جا ماڻھو ھن شھر ۾ رھندا ھئا. شيخ بھاؤالدين ذڪريا قريشي ملتانيءَ جي پوٽي شيخ رڪن دين مونکي ٻڌايو ھو، تھ سندن وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم جي ان لشڪر ۾ ھو جيڪو حجاج، عراق مان موڪليو ويو ھو. پوءِ ھو ھن ملڪ ۾ ترسي پيو، ۽ سندس اولاد وڌيو ويجھيو. ھي شيخ رڪن الدين اھو آھي جنھن بابت شيخ برھان الدين مونکي شھر اسڪندريھ ۾ چيو ھو، تھ ان سان ملجانءِ".

ابن بطوطھ، سومرن جي رھڻي ڪھڻي بابت بھ لکيو آھي. بھرحال جناني کان ھلي ھو سيوھڻ پھتو. سيوھڻ بابت لکي ٿو:

" ھي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ ريگستان ۾ واقع آھي. ھتي کانسواءِ ٻئي ڪنھن ھنڌ وڻ نظر نھ آيو. نھر جي ڪناري تي گدرن کانسواءِ ٻي پوک نھ ٿي ٿئي. ھن شھر ۾ مڇي تمام گھڻي آھي ۽ ھت ماھيو کير بھ جھجو آھي. ھتي جا ماڻھو اسقنقور (سانڊي جو  قسم، گلوئي) بھ کائيندا آھن. ھي جانور پيرن تي ھلي ٿو، ۽ ڳوھھ جي شڪل جھڙو ٿئي ٿو پر ان کي پڇ ڪونھ ٿئي. ھتي جا ماڻھو ھن کي واريءَ مان کوٽي ڪڍندا آھن، ۽ ان جو پيٽ چيري، گندگي صاف ڪري، زعفران بدران ھئڊ ڀري، پچائي کائيندا آھن."

ابن بطوطھ سيوھڻ جي گرميءَ بابت لکي ٿو تھ:

" اسان ھن شھر ۾ پھتاسون تھ سخت گرمي ھئي. منھنجا ساٿي ھر وقت لڱين اگھاڙا ھوندا ھئا. ھو ھڪ وڏو رومال پاڻيءَ مان پسائي، مٿي تي رکندا ھئا تھ ٻيو رومال آلو ڪري ڪلھن تي رکندا ھئا. رومال سڪي ويندا ھئا تھ وري آلا ڪندا ھئا. "

ابن بطوطھ سيوھڻ ۾ شھر جي خطيب شيبانيءَ سان مليو، جنھن کيس حضرت عمربن عبدالعزيز جو پروانو ڏيکاريو جيڪو سندس پيڙھي جي وڏي ڏاڏي کي خطيب مقرر ڪرڻ وقت ڏنو ھو. ان تي سن 99 ھجري لکيل ھو. ان کانسواءِ ھو شيخ محمد بغداديءَ سان پڻ مليو جيڪو حضرت قلندر شھباز جي درگاھھ جي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ رھندو ھو. ھن کيس پنھنجي عمر  140کان مٿي ٻڌائي. ھن جو چوڻ ھو تھ ھو ان وقت بغداد ۾ موجود ھو، جڏھن ھلاڪو خان، خليفي معتصم باالله کي قتل ڪيو ھو. سندس اچڻ کان اڳ ۾ ونار (انڙ-سمون) ۽ قيصر، مرڪزي حڪومت کان بغاوت ڪري، سيوھڻ ۾ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي ھئي. اھو ٻڌي ملتان جو گورنر عماد الملڪ سيوھڻ تي ڪاھي آيو ھو. قيصر بھ مقابلو ڪيو پر پوءِ جڏھن پڄي نھ سگھيو تھ قلعي ۾ بند ٿي ويھي رھيو. آخر ٻنھي ۾ في الحال ٺاھھ ٿيو پر پوءِ سرتيز عماد الملڪ ساڻس دغا ڪئي.

ابن بطوطھ کي لاھري بندر ۽ بکر وڻيو

پر سيوھڻ جي گرميءَ ضرور ستايس

ان کانپوءِ ابن بطوطھ سنڌ جي سامونڊي بندر لاھري جو ذڪر ڪيو آھي. لاھري بابت لکي ٿو تھ ھي خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري واقع آھي. ان جي ويجھو سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ھي وڏو بندرگاھھ آھي جتي يمن ۽ فارس جا واپاري وڏي تعداد ۾ آھن. انھيءَ ڪري ھي شھر ڏاڍو شاھوڪار آھي ۽ ان جو محصول بھ تمام گھڻو آھي. قاضي علاؤالملڪ فصيح الدين خراسانيءَ (ان وقت دھلي حڪومت طرفان لاھري بندر جي حاڪم) مون کي ٻڌايو تھ ھن بندر جو محصول سٺ لک دينار آھي جنھن جو ويھون حصو کيس ملي ٿو."

لاھري بندر کان پوءِ ابن بطوطھ بکر آيو. روھڙي ۽ سکر جي ڀرسان ھن ٻيٽ نما بکر بابت ابن بطوطھ لکي ٿو تھ: " ھي ڏاڍو خوبصورت شھر آھي. سنڌو درياءَ جي ھڪ شاخ ھن جي وچان لنگھي ٿي. شاخ جي وچ ۾ ھڪ خوبصورت درگاھھ آھي، جتي ھر مسافر کي کاڌو ملي ٿو. اھا ڪشلو خان تيار ڪرائي ھئي. ھتي منھنجي ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شھر جي قاضي ابو حنيفھ شمس الدين شيرازيءَ سان ٿي. شمس الدين جي عمر ھن جي چوڻ موجب 120 سال ھئي،"

بکر کان پوءِ ابن بطوطھ سنڌ ڇڏي ڏکڻ ڏي اچ ويو. ضرور روھڙيءَ مان ٻيڙيءَ يا جھاز ذريعي سنڌوندي مان سامونڊي ڪناري واري بندر لاھري آيو ھوندو جتان ساڳي جھاز يا ڪنھن ٻئي ملڪ جي ٻئي جھاز ذريعي اچ (گجرات) ڏي ويو ھوندو. اڃان ھيٺ وڌيڪ ڏکڻ ۾ بمبئي، دوارڪا، ڪاليڪٽ ۽ گوا جھڙا مشھور بندرگاھھ آھن جتان ڪيترائي ٻيڙا لنڪا ۽ مالديپ ويا ٿي. ابن بطوطھ سن 1369ع ۾ پنھنجي ڳوٺ طنج (مراڪش) ۾ گذاري ويو.

ابن بطوطھ وانگر ھڪ ٻيو جھونو سياح مارڪو  پولو نالي تمام مشھور ٿي گذريو آھي جنھن پڻ پنھنجي سفر جو ڪتاب لکيو جيڪو اڄ ڏينھن تائين وڏي حيراني ۽ دلچسپيءَ سان پڙھيو وڃي ٿو.

ڳالھھ ھيءَ آھي تھ سياح، گھمڻ ڦرڻ وارا، ٽوئرسٽ، رول، Travellers تھ ھنن کان اڳ ۽ پوءِ بھ ڪيترائي ٿيا- عرب، چيني، انڊين، انگريز، يورپي وغيره ۽ سفرناما بھ ڪيترن ئي لکيا پر ابن بطوطھ ۽ مارڪوپولو ٻنھي ڄڻن زندگيءَ جو وڏو حصو سفر ڪيو، مختلف ملڪن ۾ رھي اتي جي زبانن، ريتن رسمن ۽ ڪلچر کي چڱي طرح سمجھيو ۽ پنھنجي اھميت ٻين ملڪن ۾ ايڏي مڃرائي جو کين وڏا وڏا عھدا ۽ انعام اڪرام ملندا رھيا پوءِ پنھنجي وطن اچي انھن ڏورانھن ڏيھن جون ڳالھيون ۽ تجربا پنھنجي ھم وطنين کي ٻڌايائون. ابن بطوطھ دنيا جي ھڪ ڪنڊ مراڪش (المغرب) کان نڪتو (انھن ڏينھن ۾ دنيا ايشيا يورپ ۽ آفريڪا تائين محدود ھئي. آمريڪا جو تھ نالو نشان بھ ماڻھن جي دماغ ۾ نھ ھو) تھ ٻي ڪنڊ ملايا، چين، انڊيا وچ ايشيا کان وڃي نڪتو. 21 سالن جو ھو تھ گھر ڇڏيائين ۽ ٽيھھ پنجٽيھھ سالن بعد گھر موٽيو. ھن اسلامي دنيا جو ھڪ ھڪ ھنڌ ڪري گھميو ۽ ٻين لاءِ معلومات مھيا ڪئي. پاڻ پڙھيل ڳڙھيل ۽ قابل ماڻھو ھو ۽ انڊيا توڙي مالديپ ۽ ٻين ھنڌن تي قاضيءَ جي عھدي تي رھيو ۽ اھو عھدو مالديپ جھڙن ھنڌن تي تمام وڏو عھدو سمجھيو ويو ٿي جو ملڪ جي حاڪم کان وڌيڪ قاضيءَ جو حڪم ھليو ٿي.

ساڳي وقت مارڪو پولو جو سفر بھ اڄ تائين اھم مڃيو وڃي ٿو. يورپ جي ماڻھن کي چين ۽ ڏور اوڀر جون تفصيلي خبرون ھن شخص ٻڌايون نھ تھ يورپ وارن کي تھ اھا بھ ڄاڻ نھ ھئي تھ جپان جھڙي ملڪ ۾ شھنشاھي راڄ آھي ۽ اتي جو نرالو ڪلچر آھي، چين يورپ کان گھڻو سـُـکيو ۽ ماڊرن آھي. ڀلا انھن ڳالھين جي معلومات ماڻھن کي پوي تھ ڪيئن پوي؟ نھ ريڊيو نھ ٽيليفون، نھ انجڻ نھ گاڏي. سالن کان پوءِ تھ اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي بلڪ صدين کانپوءِ. سفر ڪرڻ جو آسان طريقو ڪاٺ جا ٺھيل ڪپڙي جي سڙھھ تي ھلندڙ جھاز ھئا جيڪي ھوا جي زور تي ھليا ٿي يا وري خشڪيءَ تي گڏھھ، گھوڙي، اٺ ذريعي سفر ٿيو ٿي. ڦيٿو گھڻو اڳ ايجاد ٿي چڪو ھو ان ڪري گڏھھ گاڏيون خاص ڪري ڍڳي گاڏيون ضرور ھيون جن مسافرن سان گڏ سندن سامان بھ ڍوئيو ٿي. باقي نھ ھئي ريل نھ ڪار، نھ ھوائي جھاز نھ سائيڪل. اھڙي حالت ۾ جڏھن اخبار بھ نھ ھجي ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌان ٿي آيل مسافر علم جو خزانو ھوندا ھئا ۽ ھي ٻئي سياح ٻين کان ڪجھھ وڌيڪ ئي ڄاڻو، ذھين ۽ ڊگھو سفر ڪرڻ وارا ھئا. مارڪو پولو ابن بطوطھ کان بھ پراڻو سياح ٿي گذريو آھي. ابن بطوطھ سن 1304 ع ۾ ڄائو ۽ مارڪو پولو ھن کان سٺ سال اڳ سن 1254 ع ۾ وينس (Veince) ۾ ڄائو. سترھن سالن جي ڄمار ۾ وطن ڇڏيائين تھ  1295ع ۾ جڏھن ھنجي عمر 41 سال ٿي پنھنجي ڳوٺ (وينس) موٽيو. وڏو ھوشيار ۽ محنتي ھو ۽ چين ۾ قبلائي خان جھڙن ڏنگن حاڪمن جي درٻار ۾ اعليٰ عھدا ماڻيندو رھيو.

 

مارڪو پولو چين ۾ قبلائي خان

وٽ نوڪري ڪئي

ھڪ يورپيءَ لاءِ اڻانگي سفر جون صعوبتون سھڻ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن کان وڃي نڪرڻ وڏي ڳالھھ آھي. انگريز، ڊچ، پورچوگالي تھ مارڪوپولو کان صديون پوءِ مس مس ڏکڻ آفريڪا (ڪيپ آف گڊ ھوپ جو سمنڊ) لتاڙي انڊيا پھتا ۽ ان کانپوءِ ملايا ۽ چين وغيره پھتا. اھو ئي سبب آھي جو مارڪو پولو يورپ جو بيحد مشھور سياح (Traveller) مڃيو وڃي ٿو. ھي اھي ڏينھن ھئا جڏھن 1258) ع ۾( منگولن ھلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ بغداد تي قبضو ڪيو ۽ خلافت ختم ڪئي. مارڪو پولو ان کان  چار سال کن اڳ ڄائو. چنگيز خان جو پوٽو قبلائي خان چين جو شھنشاھھ ھو سندس تخت پيڪنگ ۾ ھو جيڪو  ان وقت ”خان بالغ“ شھر سڏيو ويو ٿي.

مارڪو پولو پنھنجي پيءُ نڪول پولو ۽ چاچي سان گڏ چين جي سفر تي روانو ٿيو. ھو ترڪي، شام، عراق جھڙن عرب ملڪن مان اٺن، گڏھن ۽ پيرين پنڌ سفر ڪندا ايران افغانستان ۽ اڄ واري اتر پاڪستان ۾ پھتا جتان پوءِ قافلن ذريعي سلڪ روٽ اختيار ڪيائون ۽ وچ ايشيا جي ملڪن مان ٿيندا آخر چين ۽ منگول پھچي ويا. اٽڪل چئن سالن بعد،  1275ع ۾ ان وقت جي شھنشاھھ قبلائي خان يورپ کان آيل ھنن مھمانن جي وڏي آڌرڀاءَ ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: