سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :9


 
 

وئنڪوئر- سکن ۽ چينين جو دلپسند شهر

نيو يارڪ جي هن پبلڪ لئبرريءَ ۾، اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ، ويهي اخبارون رسالا پڙهندو هوس ته پنهنجي مئرين انجنيئرنگ جي ايندڙ امتحانن جي به تياري ڪندو هوس. ان بعد جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر ٿي مختلف  سمنڊن تي مختلف قسمن ۽ طاقت جا جهاز هلايا، پنهنجي هيڊ آفيس ۾ جنرل مئنيجر جي پوسٽ تائين رهيس، جتي ڪمپنيءَ جي جهازن جي ٽيڪنيڪل مسئلن ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ جي پوئواري ڪرڻي پيئي ٿي. جنرل ضيا صاحب جي ڏينهن ۾ سندس هڪ وزير ۽ جهازن جي مالڪ مصطفيَ گوڪل جيڪي جهاز جپان مان ٺهرائڻ چاهيا ٿي سي ملڪ جي قومي ڪمپني حوالي ڪرڻ تي، ان ڪمپنيءَ مالاڪنڊ جهڙن جهازن جي اڏاوت لاءِ مون کي ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ رکيو. ان بعد ملائيشيا وارن جي نيول اڪيڊمي کلڻ تي مون کي اٺ نو سالن لاءِ اتي رکيو ويو. اڄ اتي جا ڪجهه شاگرد جيڪي هاڻ جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ڪئناڊا پاسي وڌيڪ فائدا ۽ سهوليتون ملڻ تي، پنهنجو ملڪ ملائيشيا ڇڏي اچي وئنڪوئر ۾ رهيا آهن، ٻن ڏينهن بعد هنن جي دعوت تي مون کي اتي وڃڻو هو. هونءَ به هي شهر Vancouver اهو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته چيني ماڻهن جو فئوريٽ شهر آهي. هانگ ڪانگ جڏهن انگريزن کان چين کي واپس مليو ته هانگ ڪانگ جا اهي چيني جن کي چين سان گڏ رهڻ نٿي وڻيو، انهن مان وڏو تعداد هيڏانهن وئنڪوئر لڏي آيو. چينين کان علاوه جپاني، فلپينو ۽ اٽليءَ جا ماڻهو ته ڇا پر هتي ننڍي کنڊ جا به تمام گهڻا آهن، پر اهو آهي ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ٻين شهرن ۾ ننڍي کنڊ جي مختلف مذهبن، زبانن ۽ صوبن جا رهاڪو ملندا خاص ڪري گجراتي، سنڌي هندو، سائوٿ انڊين وغيره پر هن شهر وئنڪوئر  ۾ گهڻائي پنجابين جي آهي، يعني هندو پنجابين جي خاص ڪري سکن جي. ايتري قدر جو وئنڪوئر ۾ هڪ مارڪيٽ آهي، جنهن جو حڪومت طرفان نالو ئي ”پنجابي مارڪيٽ“ آهي، جيئن آمريڪا ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو ”لاهور“ آهي، جنهن ۾ نه فقط لاهور جا گهڻا ماڻهو رهن ٿا پر ان ۾ ڪيتريون ئي عمارتون لاهور جي تاريخي عمارتن جي شڪل جون ٺاهيون ويون آهن.

وئنڪوئر جي هن پنجابي مارڪيٽ جي بورڊ تي انگريزيءَ سان گڏ پنجابي (يعني گرمکي) زبان ۾ پڻ نالو لکيل آهي. هيءَ مارڪيٽ 48 ۽ 51 ايوينيو جي وچ ۾ Main اسٽريٽ تي آهي ۽ هن پاڙي جو نالو Sunset آهي. هن مارڪيٽ ۾ توهان کي ڪيتريون ئي انڊين هوٽلون، سونارن جا دڪان، مٺائي ۽ پنجابي گانن ۽ فلمن جا وڊيو اسٽور نظر ايندا. پنجابي هندو ۽ سک ويهين صدي جي شروع وارن سالن (اٽڪل 1910) کان وئنڪوئر ۾ اچڻ شروع ٿيا هئا ۽ پهرين گهٽي ۽ Burrard اسٽريٽ جي وچ ۾ ”ڪٽ سي لانو“ علائقي  ۾ اچي Settle ٿيا. ان علائقي ۾ توهان کي اڄ به ساڙهين ۽ شلوار قميص اوڍيل عورتون نظر اينديون ۽ ائين لڳندو ڄڻ ڪو انڊيا جو شهر هجي.

 وئنڪوئر ڪٿي آهي؟ سامونڊي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ هن شهر جو هي دلچسپ نالو مون به ٻڌو هو ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ان بابت اهو ئي سوچيندا هئاسين ته هڪ ڏورانهين ولايت جو ڏورانهون شهر ۽ بندرگاهه آهي. وئنڪوئر لاءِ اڄ به اسان اهو ئي چئون ته ڪا غلط ڳالهه نه ٿيندي. اسان جي دنيا- يعني ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کان ڏور، هڪ پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ ته ٻئي پاسي پئسفڪ لتاڙڻ بعد دنيا جا دير سان نظر آيل کنڊ: اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ميڪسيڪو، نڪاراگئا، گئاٽامالا، ڪاسٽاريڪا، پاناما جهڙن ملڪن جي سنهي پَٽيءَ ذريعي ڳنڍيل آهن، جيڪا پٽي وچ Central)) آمريڪا به سڏجي ٿي.

اتر آمريڪا کنڊ ۾ ٻه ملڪ آهن: يو ايس اي (جنهن کي اسان اسٽيٽس، يو ايس يا آمريڪا به سڏيون ٿا ۽ ٻيو اتر ۾ ڪُئي جي ڪتريل پني جي شڪل وارو ملڪ ڪئناڊا آهي. ڪئناڊا جي کاٻي پاسي ٽيون ملڪ روس هو پر روس وارن ڪئناڊا سان ڳنڍيل پنهنجي ملڪ جو الااسڪا نالي اهو حصو ڪڏهوڪو يو ايس اي وارن کي وڪڻي ڏنو. ان ڪري دنيا جي نقشي ۾ ان ڌرتيءَ جي حصي جو رنگ نه روس جهڙو هوندو نه ڪئناڊا جهڙو. اهو حصو يعني ”الاسڪا“ جيڪو هينئر آمريڪا (USA) جي رياست آهي، ان ڪري ان جو رنگ به USA جي نقشي جهڙو ڏيکاريو وڃي ٿو، جيئن ڪنهن زماني ۾ پاڪستان ۽ اڄ واري بنگلاديش جو رنگ هڪ جهڙو هوندو هو.

ڪئناڊا جو نقشو ڪُتريل پني وانگر ان ڪري لڳي ٿو جو هڪ ته ان جو سامونڊ ي ڪنارو کاڌل آهي ۽ ٻيو ته سخت ٿڌ ڪري ڪئناڊا جو اتراهين پاسي وارو سمنڊ ٻارهوئي برف ٿيو پيو آهي. جهازين ۽ نقشو ٺاهڻ وارن کي خبر ئي نٿي پوي ته ڪٿي ڌرتي ختم ٿي ۽ ڪٿان سمنڊ شروع ٿيو. سمنڊ جي مٿان به برف ڄمي پيئي آهي ته ڌرتيءَ مٿان به. ڪيترائي دفعا اسان کي ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن  ۾ جهاز وٺي وڃڻو پيو پر گهڻو ڪري اونهاري جي موسم ۾ ۽ سو به ڏاکڻن بندرگاهن: سينٽ جانس، بي ڪامو ۾، يا پاناما ڪئنال ٽپي پئسفڪ سمنڊ ۾ اچبو هو ته هن بندرگاهه وئنڪوئر ۾ به اچبو هو.

آدمشماريءَ جي خيال کان ته کڻي چين جهڙا ملڪ وڏا آهن پر زمين جي ايراضيءَ کان ڪئناڊا دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. ڪئناڊا ڏهن صوبن ۽ ٽن Territories ۾ ورهايل آهي. سڀ کان پراڻا صوبا جن 1867ع ۾ گڏجي ڪنفيڊريشن ٺاهي اهي آهن: اونٽاريو جتي سڀ کان گهڻا اسان جي ملڪ جا ماڻهو (خاص ڪري سنڌ جا) پنهنجي وطن مان لڏي اچي رهيا آهن. اونٽاريو صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ٽورنٽو آهي. ڏهه کن سنڌين کان پڇندائو ته ڪئناڊا ۾ ڪٿي ٿا رهو ته سڀ نه ته نو کن ضرور ٽورنٽو شهر جو نالو کڻندا يا ڪو اوسي پاسي وارو ڳوٺ  ۽ هتان يعني ٽورنٽو کان هنن لاءِ آمريڪا  ڄڻ سڏ پنڌ تي آهي ۽ پنهنجن  دوستن ۽ مٽن مائٽن وٽ نيو يارڪ، نيو جرسي، مشيگان ۽ پينسلوانيا وغيره ايندا رهن ٿا ۽ ڏهن مان نون جو خواب اهو ئي آهي ته اڳتي هلي آمريڪا (USA) جو گرين ڪارڊ يا پاسپورٽ حاصل ڪجي. جيتوڻيڪ ڪئناڊا ۾ ڪي سهولتون آمريڪا کان به وڌيڪ آهن.

اونٽاريو کان علاوه ڪئناڊا جا ٻيا صوبا آهن:

ڪيوبيڪ، نووا سڪوشيا ۽ نيو برنس وڪ. ان بعد مئنيتوبا، برٽش ڪولمبيا، پرنس ايڊورڊ ٻيٽ Saskatchewan البرٽا، نيو فائونڊ لئنڊ ۽ لئبرادور. انهن کان علاوه يوڪان، Northwest Territories نوناووت پڻ ڪئناڊا جا حصا آهن.

ڪئناڊا جي هيٺان آمريڪا آهي، مٿي اتر قطب جا برفاني علائقا، ساڄي پاسي اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ کاٻي پاسي پئسفڪ سمنڊ. کاٻي پاسي جي مٿين ڪنڊ سان آمريڪا جي رياست الاسڪا آهي. جيڪا جتي ختم ٿئي ٿي، اتي بيرنگ (Bering) نالي سمنڊ جي سنهي پٽي (ڳچي سمنڊ) آهي، جنهن جي ٻي پار کان روس يعني ايشيا جو کنڊ شروع ٿي ٿو وڃي. آمريڪا جي اها رياست الاسڪا ڪئناڊا جي يوڪان سان سرحد ٺاهي ٿي ۽ يوڪان جو هيٺيون حصو ڪئناڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا سان مليل آهي ۽ برٽش ڪولمبيا وارو صوبو آمريڪا جي رياست واشنگٽن سان مليل آهي. ياد رهي ته واشنگٽن نالي هيءَ رياست آمريڪا  جي اولهه واري ڪناري تي پئسفڪ سمنڊ وٽ آهي. ۽ ٻيو واشنگٽن جيڪو ڊي سي سڏجي ٿو. يعني ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آمريڪا جي اوڀر پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. واشنگٽن ڊي سي سڄي آمريڪا جي گاديءَ جو هنڌ آهي.

بهرحال ڪئناڊا جو هي صوبو برٽش ڪولمبيائي آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو شهر ۽ بندرگاهه وئنڪوئر آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته برٽش ڪولمبيا (BC) جي گاديءَ جو  شهر وڪٽوريا آهي. وئنڪوئر بندرگاهه شروع کان مشغول ۽ سهولت وارو بندرگاهه رهيو آهي. يعني هن بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ سان ان مان لاٿل سامان ڪئناڊا توڙي آمريڪا جي اندروني ۽ ڏورانهن شهرن تائين جهٽ پٽ پهچيو وڃي. پاناما ڪئنال کلڻ بعد ته وئنڪوئر جو بندرگاهه هيڪاندو وڌيڪ مشهور ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي.

وئنڪوئر شهر جو نالو انگريز جهازي ڪئپٽن جارج وئنڪوئر تان پيو آهي، جيڪو برٽش رايل نيوي جو آفيسر هو. سندس ڄم جو سال 1757ع ۽ وفات جو 1798ع آهي. ڪئپٽن جارج وئنڪوئر اتر آمريڪا جا مختلف علائقا ڳولڻ Explore) ڪرڻ) کان دنيا ۾ مشهور آهي. ڪئناڊا جو هي صوبو برٽس ڪولمبيا ۽ آمريڪا (USA) جا اهي علائقا جيڪي اڄ ڪلهه اوريگان ۽ واشنگٽن رياستون سڏجن ٿيون ڪئپٽن وئنڪوئر جي exploration جو نتيجو آهن. همراهه آسٽريليا جو ڏکڻ اولهه وارو ڪنارو به سڀ کان اڳ جانچيو. وئنڪوئر 15 سالن جو هو ته دنيا جي مشهور جهازي ڪئپٽن ڪڪ سان گڏ HMS- Resolution جهاز تي سفر ڪيو. ڪئپٽن ڪڪ جو آمريڪا ڏي اهو ٻيو سفر هو، جيڪو هن 1772ع ۾ ڪيو. ان بعد ڪئپٽن ڪڪ جي ٽئين سفر تي پڻ هي همراهه ”وئنڪوئر“ هن سان گڏ هو. اهو سفر 1776ع کان 1779ع تائين ٽي سال HMS Discovery نالي جهاز تي ڪيو ويو هو.

جهازي دنيا جي تاريخ جا ڄاڻو سمجهن ٿا ته هن شخص دنيا جي نون ڪنارن جي ڳولا ۽ نون سمنڊن جي چارٽن (نقشن) ٺاهڻ ۾ ڏاڍي جان پتوڙي پر هن جو مرڻ کان  پوءِ ڪو گهڻو قدر نه ٿيو. سفر تان موٽڻ تي وئنڪوئر جي ڊسيپلنري جاچ جو حڪم ڏنو ويو جو هن سمنڊ تي هڪ جونيئر آفيسر کي جنهن جو وڏو سياسي اثر رسوخ هو، دڙڪا ڏنا هئا.  بهرحال ڪئپٽن وئنڪوئر جا آخري ڏينهن خاموشي ۽ گمشدگيءَ ۾ ئي گذريا.

جيئن برطانيا جا ڪجهه شهر براڊ فورڊ، برمنگهام وغيره ديسي ماڻهن ڪري ايشيائي شهر لڳن ٿا تيئن هن پاسي اتر آمريڪا کنڊ ۾ هي شهر وئنڪوئر آهي، جنهن ۾ ٻين ايشيائي ماڻهن ۾ چينين ۽ پنجابين (سکن) جو وڏو تعداد رهي ٿو. مزي جي ڳالهه ته هي ٻئي قومون گذريل صدي (ويهين) جي آخري چوٿي ۾ نه آيون جنهن ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو  يورپ ۽ آمريڪا ڏي لڏي آيا، پر پنجابي ۽ چيني ان دور ۾ هيڏانهن وئنڪوئر ۾ آيا، جڏهن ڪو پنهنجي ڳوٺ کان ڀر واري ڳوٺ ويندو هو ته هو پاڻ کي پرديسي سڏائيندو هو. معنيٰ هن سان وڏو ظلم ٿي ويو آهي. هو همدردي جي لائق آهي.

 

ڪئناڊا ۾ چينين سان سختيون

هن ڏورانهين، برفاني ۽ سنسان شهر وئنڪوئر ۾ چين کان پهريان چيني 1850ع واري ڏهاڪي ۾ آيا. چين جا جتي چند حاڪم، وڏيرا، جاگيردار ۽ حڪومتي چمچا وڏي عياشيءَ ۾ هئا، اتي خدا جي مخلوق سخت  غربت جي زندگي گذاري رهي هئي. چين جو عوام بک، بيماري ۽ بيروزگاري جي  چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو هو. هو ڇا چوندا آهن ته بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري. پيٽ خاطر ماڻهو پنهنجا  ٻچا به سڙه تي هلندڙ ڀڳل ٻيڙين، ذريعي ملايا ۽ سنگاپور موڪلي ٿي ڇڏيا. هو پيرين ۽ پٺيءَ  اگهاڙا انهن ٻيڙن ۾ سوار ٿيا ٿي ۽ سفر جو ڀاڙو ڏيڻ بدران سڄي واٽ سخت Seasickness ۽ سامونڊي لوڏن ۾ پورهيو ڪندي سنگاپور، پينانگ، پورٽ ڪلانگ پهتا ٿي جتي هنن کي روزگار ملڻ جي اميد هئي. اهڙي ئي هڪ پيرين اگهاڙي چيني ٻار جي زندگيءَ جو احوال ”هي ٻيٽ هي ڪنارا ”سفر نامي ۾ لکيو اٿم ته ڪيئن هو محنت ڪري آخر ۾  ڪيترين هوٽلن ۽ چائنيز يونين بئنڪ جو مالڪ  ٿيو. سنگاپور طرفان ملائيشيا جو سفير ٿيو. اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور شهر به نالي مطابق گپ ۽ چڪڻ هو، جنهن علائقي جي گهاٽي جنگلن ۾ هلندڙ نانگ بلائن ۽ مڇرن ۽ سئو پيرين ڪنهن کي جيئڻ نٿي ڏنو. پر پوءِ گومباڪ ۽ ڪلانگ ندين جي ان ميلاپ واري هنڌ خبر پيئي ته ڌرتيءَ اندر ٽين (Tin) جون کاڻيون موجود آهن، جن جي کوٽائي ۽ ههڙين ڏکين حالتن ۾ رهڻ لاءِ، انگريز حاڪم توڙي مڪاني ملئي جاگيردارن ۽ سلطانن کي بيروزگاري ۽ بک ۾ پاهه چيني ئي نظر ٿي آيا. هو چينين کي گهرائيندا ويا ۽ اڌ صديءَ اندر ڪوالالمپور هڪ نامعلوم بستيءَ مان ملائيشيا جو وڏو ۽ اهم شهر ٿي ويو. اهڙي طرح هتي جي ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيل سون جي ذرڙن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چينين کي گهرايو ويو. اهو دور 1858ع وارو Fraser Valley Gold Rush سڏجي ٿو.

ان بعد ڪئناڊا جي مشهور ريلوي لائين Canadian Pacific وڇائڻ لاءِ چين مان چينين سان ڀريل جهاز گهرايا ويا.  رڪارڊ شاهد آهي ته 1880ع کان 1885ع تائين وئنڪوئر بندرگاهه ۾ سترهن هزارن کان مٿي چيني مزدور آندا ويا، جن ڪئناڊا جي هن صوبي ”برٽش ڪولمبيا“ جي ڏکين جابلو ۽ سامونڊي پٽن تي ريل جا پٽا وڇايا. ڌارئين ڏيهه کان آيل هنن چيني پورهيتن کان سخت کان سخت مزوري ڪرائي ويئي ٿي پر کين پگهار  يورپي گوري مزدور جي  فقط اڌ جيترو ڏنو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هي صوبو (برٽش ڪولمبيا) انگريزن جي هٿ  ۾ هو، جيئن انڊيا، ملايا، هانگ ڪانگ ۽ ڪينيا نائيجيريا وغيره ۽ انهن مڙني هنڌن تي ساڳيو برٽش پاسپورٽ هليو ٿي.

1885ع ۾ هتي (برٽش  ڪولمبيا ۾) جيئن ريل جو ڪم پورو ٿيو ته هنن سستن چيني مزدورن جي ضرورت گهٽجي ويئي، مڪاني گورن مزدورن جي يونين جي ماڳهين هنن نون آيلن ۽ رهائش اختيار ڪندڙ چينين سان چڙ  ٿي پيئي. ڇو ته جيڪو ٿورو گهڻو پورهيو نڪتو ٿي، ان لاءِ ماڻهن مڪاني گورن کي ڇڏي هنن چينين کي سڏيو ٿي، جن تمام گهٽ مزدوري ورتي ٿي. دراصل گورن کي به مڪاني ته چئي نٿو سگهجي. انهن جي ڪهڙي پيءُ ڏاڏي جو ملڪ هو. هو به ڏورانهن ملڪن کان هتي ڪئناڊا اچي نڪتا هئا. هو ٽيڪنيڪلي هوشيار هجڻ ڪري ٻين کان اڳ اچي پهتا هئا ۽ اصلي رهاڪن (ايسڪيموز، ريڊ انڊين يا ٻين کي) پيار محبت يا ڏنڊي جي زور تي  پاسيرو ڪري پاڻ مالڪ ٿي ويٺا هئا. بهرحال هاڻ نه فقط مڪاني مزدورن جي يونينن کي پر ملڪي سياستدانن کي به چيني نه وڻڻ لڳا ۽ هر عتاب جو نشانو چيني ٿيڻ لڳا.

وئنڪوئر ۾ اچي ويل چينين  يا ٻين ايندڙن کي دلشڪستو بنائڻ لاءِ هتي جي حڪومت هر چينيءَ جي اچڻ تي هن کان پنجاهه ڊالر فيءَ جا اڳاڙيا ٿي، جنهن کي Head Tax سڏيو ويو ٿي. 1885ع وارو  دور جڏهن هڪ رپئي ۾ چانديءَ جو تولو مليو ٿي ۽ ڊالر کان به گهٽ ۾ سون جو تولو، چين کان ڪئناڊا ايندڙ چينين لاءِ پنجاهه ڊالر ڏيڻ وڏي ڳالهه هو. پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ ۽ سامونڊي سفرجي صعوبتن ۽ ڀاڙن ڏيڻ بعد وئنڪوئر بندرگاهه ۾ لهي پنجاهه ڊالر ڏيڻ کان ته بهتر هو ته ايترن پئسن مان پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪو ڪاروبار کولي ويهجي. پر ان هوندي به چيني ماڻهن ڪئناڊا ۾ اچي رهڻ ۽ پورهيو ڪرڻ ۾ وڌيڪ Charm ٿي محسوس ڪيو. هنن بهتر مستقبل لاءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي ڪئناڊا ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي، جيئن اڄ جي ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن جا ماڻهو آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهڻ کي بهتر سمجهن ٿا.

چينين جي لڳاتار آمد کي جاري ڏسي ڪئناڊا حڪومت هاڻ 50 بدران هڪ سئو ڊالر  ”هيڊ ٽئڪس“ مقرر ڪيو. ان بعد به چيني ڪئناڊا ۾ ايندا رهيا. آخر ڪار 1913ع ۾ جڏهن اهو ٽئڪس وڌائي وڌائي 500 ڊالر ڪيو ويو ته پوءِ چيني اچڻ بند ٿي ويا. ان وقت جي رڪارڊ موجب پنج سئو ڊالر تمام وڏي دولت هئي، جڏهن ته هڪ ڄڻي سڄي سال ۾ چار سئو ڊالر مس بچايا ٿي ۽ وئنڪوئر ۾ هڪ گهر جي قيمت 250 ڊالر هئي.

18-1917ع  ڌاري پهرين جنگ عظيم شروع ٿيڻ تي ڪئناڊا کي هڪ دفعو وري چيني مزدورن جي ضرورت پيئي ۽ هر سال چار هزار کن چيني گهرايا وڃڻ لڳا. جنگ بعد جڏهن سپاهي وطن وريا ته وري چينين سان ساڳي ڪار ڪئي ويئي. ويتر 1920ع ۾ ملڪ جو ڪاروبار ويهي رهڻ  ڪري هر هڪ جي ڪاوڙ چينين تي ٿي پيئي. چينين جي وڌيڪ اچڻ جي روڪٿام ۽ اچي ويلن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪئناڊا حڪومت پهرين جولاءِ 1923ع تي چيني قوم جي ماڻهن تي هڪ ته وري ساڳيو هيڊ ٽئڪس مڙهيو ۽ ٻيو اهو قانون پاس ڪيو ته چيني (جيڪي مزدوريءَ لاءِ ڇڙها آيا ٿي ۽ پوءِ پئسو ڪمائي پنهنجين زالن ۽ ٻارن کي گهرايو ٿي) پنهنجي زال ۽ ٻارن کي گهرائي نٿو سگهي ۽ نه وري هتي ڪنهن غير چيني عورت سان شادي يا ميل ملاقات ڪري سگهي ٿو.

مٿين قانون ڪري چيني مزدور  سالن جا سال پنهنجن مائٽن مٽن کان وڇڙيل رهيا ۽ ذهني ۽ جسماني ظلم سهندا رهيا. ان ظالم قانون پاس ڪرڻ واري ڏينهن تي اڄ به ڪئناڊا جي چيني ڪميونٽي “Humiliation Day” ملهائي ٿي.

ڏٺو وڃي ته ڪئناڊا- خاص ڪري هن شهر وئنڪوئر ۾ جيڪو بندرگاهه هجڻ ڪري ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن لاءِ “Gateway” هو، مڪاني گورن انگريزن نه فقط چيني Immigrants سان پر ٻين ڌارين سان به ظلم ڪيا، خاص ڪري ايشيا جي رهاڪن سان. جڏهن کين سخت ۽ خوفائتي ڪم لاءِ مزدورن جي ضرورت پيئي ٿي ته هنن چين، جپان ۽ انڊيا کان ماڻهن سان جهاز ڀرائي کانئن گهٽ پئسي تي پورهيو ٿي ورتو. ضرورت پوري ٿيڻ تي هنن کين ڌڪاريو ٿي. انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ به سخت غربت هئي. اتي به بادشاهي راڄ هو. بادشاهه جو خاندان، انهن جا چمچا، جاگيردار وڏيرا (Feudal Lords) وڏي عيش ۾ هئا ۽ غريب عوام سورن ۾ هو. پيٽ لاءِ هن کاڌي خوراڪ جي ڳولا سمنڊ ۾ ٿي ڪئي يا پرديس جا وڻ ٿي وسايا. ڪئناڊا ۾ به ڪافي جپاني اچي ويا هئا ۽ ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان مڪاني ماڻهن کي اهو اچي احساس ٿيو ته ڪئناڊا يورپي نوعيت جو ٿيڻ بدران وڃي پيو ايشيائي طرز جو ٿيندو. اها نفرت ايتري وڌي ويئي جو ڪئناڊا جي انگريز آدمشماريءَ خاص ڪري نوجوانن چينين ۽ جپانين تي حملا شروع ڪري ڏنا. 1907ع ۾ ته انهن قومن جا دڪان، گهر ۽ ڪاروبار ساڙيا ويا، جيڪو پوءِ انهن ڏينهن جي وزير اعظم ولفرد لوريئر چينين ۽ جپانين کي ڀري ڏنا.

 

سکن کي ڪئناڊا ۾ اچڻ کان روڪڻ جا قانون

ڪئناڊا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نه فقط چينين ۽ جپانين کي اچڻ لاءِ دل شڪستو ڪيو ٿي ويو پر انڊين لاءِ به باهه ٻريل هئي. خاص ڪري جپاني جهاز ”ڪوما گاتا- مارو“ (Komagata Maru) وارو حادثو جيڪو اڄ کان هڪ سؤ کن سال اڳ پيش آيو اهو جهازي دنيا جي تاريخ ۾ توڙي ”انساني حقن“ جي ادارن ۾ مشهور آهي، جنهن ۾ قوميت ۽ رنگ جي بنياد تي سکن سان ٿيل ظلمن کي هر انسان نندي ٿو. هي حادثو جنهن کان جهازن سان واسطو رکندڙ ته چڱي طرح واقف هوندا پر هتي پنهنجي عام پڙهندڙ  لاءِ مختصر طور لکان ٿو.

سن 1900ع ۾ ڪئناڊا ۾ جيڪا آدمشماري ڪئي ويئي ان مان معلوم ٿيو ته وئنڪوئر شهر ۾ ٻن هزارن کان مٿي سک رهن ٿا. ٻه هزار ڪو وڏو تعداد نه آهي، پر ان وقت وئنڪوئر شهر جي ئي جملي آدمشماري ڏهه هزار کن مس هئي، جنهن ۾ به اڌ کان وڌيڪ چيني جپاني اچي ويا ٿي ۽ هاڻ وري هندستانين جو وڌندڙ تعداد ڏسي مڪاني انگريز آدم شماريءَ کي خوف وٺي ويو ته ”هي پوءِ آيل وڃن ٿا ملڪ تي قبضو ڪندا. اهي پورهيا جيڪي گورا ڪرڻ کان ڪيٻائين، اهي چيني مزدور اڌ پگهار ۾ ڪرڻ ۾ به خوش آهن ۽ انڊين يعني پنجابي سک ته مڙني کان سخت جان ۽ پورهيت آهن. انهن کي هاڻ هيڏانهن ڪئناڊا ۾ اچڻ کان روڪجي.“ جپانين ۽ چينين کي ته کڻي سنئون سڌو روڪڻ سولو ڪم هو پر انڊيا جي ڪنهن رهاڪوءَ کي برٽش حڪومت واري ملڪ ۾ گهڙڻ کان روڪڻ ڏکيو ڪم هو جو انڊيا ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هنن برٽش پاسپورٽ استعمال ڪيو ٿي.

هونءَ وئنڪوئر جهڙا ڏورانهان، برفاني ۽ پراسرار خاموشي وارن شهرن ۾، جن جو تصور ڪري رڳو برفباري  ۽ ٿڌين هوائن جا سوساٽ محسوس ٿين، برفاني رڇ ۽  جانورن جي کلن ۾ ملبوس ايسڪيموز نظر اچن، اتي امرتسر، لڌياني، چنديڳڙهه ۽ جلندر جا سک پهچي وڃن سو به 1900ع ڌاري، وڏي دل ۽ جگر جي ڳالهه آهي. مڃان ٿو ته سنڌي هندو  ان کان به گهڻو اڳ دنيا جي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن ۾ پهچي ويا ۽ گجراتي هندو ته اڃا به گهڻو اڳ پر اهي ٻئي واپاري ڪميونٽيون Safe ۽ سڻائي هنڌ تي پهتيون  ٿي جتي پئسي جي رواني هجي، خرچ ڪرڻ وارا امير ۽ بيوقوف چيف (سلطان/ وڏيرا) هجن، موسم ٺاهوڪي هجي، ڌنڌو ڌاڙي حفاظت ۽ سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ هلي پوءِ کڻي سنگاپور، هانگ ڪانگ هجي يا برمودا ۽ لاس پاماس. پر سِک ۽ چيني مشڪل ۽ ڏکين هنڌن تي به پهچي ويا ٿي.

بهرحال ڪئناڊا جي حڪومت انڊيا کان ايندڙن کي ڪئناڊا ۾ اچڻ کان سنئون سڌو ته جهلي نٿي سگهي جو  جهڙي ڪئناڊا برطانيا راڄ جو حصو هئي، تهڙي انڊيا ۽ چون ٿا ته لنڊن آفيس طرفان ڪئناڊا حڪومت کي چتاءُ به ڏنل هو ته انڊيا کان ايندڙن سان اهڙو ڪو ڪم نه ڪجو جو هنن ۾ قوم پرستيءَ جو جذبو ڀڙڪي پوي ۽ برطانيا لاءِ مصيبت جو سبب بڻجي. سو ڪئناڊا حڪومت انڊين جي ڪئناڊا مان دلچسپي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيا طريقا ڳولي لڌا جن مان هڪ اهو هو ته ان وقت جي حڪومت 1907ع ۾ ڪجهه بل پاس ڪرايا، جنهن موجب انڊين کان ووٽ جو حق کسيو ويو ۽ سرڪاري نوڪرين جي پابندي لڳائڻ سان هنن کي وڪالت، جوڊيشري، ڊاڪٽري ۽ اڪائونٽنسي جهڙن کاتن ۾ ڪم ڪرڻ کان به منع ڪئي ويئي. پر جڏهن ان هوندي به انڊين جي ڪئناڊا ۾ دلچسپي جاري رهي ته هڪ سال بعد يعني 1908ع ۾ حڪومت اهو قانون ڪڍيو ته ڪئناڊا ۾ فقط ان ڌارئين کي اچڻ ڏنو ويندو، جيڪو پنهنجي ملڪ مان نڪرڻ سان سڌو ڪئناڊا جو رخ رکي. يعني انڊين کي جي ڪئناڊا اچڻو آهي ته جهاز ۾ چڙهي سڌو ڪئناڊا اچن. ائين نه ته سال ٻه ڪنهن ملڪ ۾ ته سال ٻه ڪنهن ۾ رهي رهي پوءِ اچي ڪئناڊا کان نڪرن ۽ ٻي ڳالهه ته ڪئناڊا جي ڪناري تي لهڻ وقت هر ڌارئين (Immigrant) وٽ ڪئناڊا حڪومت کي هن  ملڪ ۾ اچڻ جو ٽئڪس ڏيڻ لاءِ ٻه سؤ  ڊالر هجڻ ضروري آهن. ذرا سوچيو ته ان دور ۾ يعني 1908ع ۾ جهازن جا ڀاڙا ڀرڻ بعد ڪٿان آيا غريب مزدورن ۽ پورهيتن وٽ ٻه سؤ ڊالر! ان وقت پئسي جو اهو انگ تمام وڏو هو. ايتري پئسي ۾ ته هو پنهنجي ملڪ ۾ چڱي وڏي فئڪٽري يا هوٽل ٺهرائي سگهيا ٿي.

نالي ۾ مٿيان قانون هر ڌارئين (Immigrant) لاءِ چيا ويا ٿي پر انهن جو خاص نشانو انڊين هئا جو انهن قانونن پاس ڪرائڻ بعد ڪئناڊا حڪومت ملڪي  جهازران ڪمپني “Canadian Pacific” کي حڪم نامو جاري ڪيو  ته هنن جو پئسينجر جهاز جيڪو ڪلڪتي (انڊيا) ۽ وئنڪوئر(ڪئناڊا) جي وچ ۾ هلي ٿو، ان کي يڪدم بند ڪيو وڃي. يعني نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري. جهاز ئي نه هوندو ته انڊيا کان ڪير ڪيئن اچي سگهندو. انهن ڏينهن ۾ سڄي هندستان ۾ ڪلڪتو وڏو بندرگاهه هو، بمبئي به پوءِ زور ورتو ۽ ڪراچيءَ ته تمام گهڻو پوءِ. ولائت وڃڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي به ڪلڪتي وڃي اسٽيمر جهلڻو پوندو هو. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ اهي  پوڙها سنڌي هندو جيڪي 1900ع کان به اڳ آيا ستر  واري ڏهي ۾ منهنجي اتي وڃڻ تي ٻڌائيندا هئا ته هو (يا سندن وڏا) ڪلڪتي مان آگبوٽ ۾ چڙهي پينانگ ۽ سنگاپور پهتا.

ڪئناڊا وارن جي مٿين قانونن ڪري انڊيا لاءِ ڪئناڊا پهچڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو. نه فقط نون ماڻهن کي پر ڪيترن انهن سکن  لاءِ جن جا مائٽ ڪئناڊا ۾ سالن کان Settle ٿي گهر  گهاٽ ٺاهي رهيا پيا هئا ۽ هاڻ پنهنجي فئملي جي ماڻهن کي گهرائي رهيا هئا، جيئن اڄ ڪلهه ٿئي ٿو ته آمريڪا ۾ ڪجهه سال رهڻ بعد جڏهن ڪنهن کي اتي جي شهريت ۽ پاسپورٽ ملي ٿو ته هو Immigrant Visa تي پنهنجي زال، ماءُ پيءُ ۽ ڀائر ڀينرون گهرائي ٿو. پر ڪئناڊا وارن جي انهن ظالم قانونن ڪري ٻين جي وڃڻ کي ٻنجو اچي ويو ۽ اهو سلسلو ڇهه سال کن رهيو.

 

ڪوما گاتا جهاز جو بدنصيب سفر

سن 1914ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هڪ امير سک ٺيڪيدار گردت سنگهه  سرهالي، جنهن کي سندس دوست ”باگها“ به سڏيندا هئا، ڪئناڊا حڪومت جي مٿين قانونن کي منهن   ڏيڻ ۽ پنهنجي سک  ڪميونٽيءَ کي ڪئناڊا پهچائڻ لاءِ دماغ ۾ هڪ Idea آئي.

ڪئناڊا وارن فقط انهن انڊين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ هائوڪار ڪئي ٿي جيڪي انڊيا کان لڳاتار سفر ڪري ڪئناڊا پهچن يعني هو Continuous Journey ذريعي ڪئناڊا جي بندرگاهه وئنڪوئر ۾  پهچن. ساڳي وقت جنهن جهاز ران ڪمپني جا ”پئسينجر جهاز“ ڪلڪتي کان وئنڪوئر Continuous Journey تي هليا ٿي اها ڪئناڊا وارن جي هئي، جنهن تي ڪئناڊا حڪومت دٻاءُ وجهي ڪلڪتي کان جهاز هلائڻ واري روٽ بند ڪرائي ڇڏي. اهڙي صورت ۾ گردت  سنگهه ”باگها“، جنهن مختلف ملڪن ۾ انڊيا جا مزور سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي، ان جپان جي هڪ جهاز ران ڪمپنيءَ کان ڪوئلي تي هلندڙ هڪ اسٽيمر (آگ بوٽ) چارٽر ڪيو يعني- سال اڌ لاءِ مقاطي تي ورتو. ان جهاز جو نالو ڪوماگاتا مارو (Komagata Maru) هو جنهن جي نالي سان هي ڪيس دنيا ۾ مشهور ٿيو.

گردت سنگهه پاڻيءَ جو هي جهاز ڪوماگاتا چارٽر ڪري مسافرن ۾ ٽڪيٽون وڪڻڻ لڳو ۽ هاڻ جهاز کي لنگر کڻڻ ۾ جڏهن باقي ٻه ڏينهن وڃي بچيا ته هانگ ڪانگ جي پوليس جهاز جي Sail ڪرڻ تي بندش وجهي گردت سنگهه کي ٿاڻي تي بند ڪيو. مٿس اهو ڏوهه مڙهيو ويو ته هو غير قانوني سفر لاءِ غير قانوني طور ٽڪيٽون وڪڻي رهيو آهي. پر پوءِ 24 مارچ 1914ع تي هانگ ڪانگ جي انگريز گورنر کيس لاڪ اپ مان آزاد ڪري جهاز جي لنگر کڻڻ جي اجازت ڏني.

”ڪوماگاتا مارو“ جهاز چوٿين اپريل تي هانگ ڪانگ جو بندرگاهه ڇڏيو. ان وقت هن تي 165 مسافر هئا. 8 اپريل تي جهاز چين جي بندرگاهه شنگهائي ۾ پهتو، جتي ڪجهه ٻيا مسافر به چڙهيا ۽ يوڪو هاما (جپان) لاءِ روانو ٿيو. يوڪو هاما  ۾  ٻه هفتا رهڻ بعد ٽي مئي تي پئسفڪ سمنڊ جهاڳڻ لاءِ روانو ٿيو. ان وقت مٿس 376 مسافر سوار هئا ۽ 23 مئي تي وئنڪوئر جي ٻاهران اچي لنگر ڪرايو. جهاز جڏهن شنگهائي (چين) ۾ هو ته اتي جرمني جي هڪ تار ڪمپنيءَ پنهنجي ملڪ جي نيوز ايجنسيءَ کي ڪوما گاتا جهاز جي خبر پهچائي ته اهو 400 هندستاني مسافر کڻي وئنڪوئر پيو وڃي.“ ڪئناڊا جي اخبار “Vancouver Province” وارن جرمن پريس مان اها اسٽوري کڻي هيٺين عنوان سان ڇپي.

“Ship Loads of Hindus On Way To Vancouver

۽ ٻيو عنوان ڏنائون : هندن جو ڪئناڊا تي حملو.

“Hindu Invasion of Canada

هونءَ هن جهاز ۾ انڊيا جا جيڪي پنجابي مسافر ڪئناڊا پهتا هئا اهي سڀ سک به نه هئا، نالن جي لسٽ مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن ۾ 340 سک هئا، 24 مسلمان ۽ 12 هندو هئا. انهن ۾ ويهه ڄڻا اهي هئا، جيڪي اڳهين ڪئناڊا جا شهري ٿي چُڪا هئا ۽ موڪلون گذارڻ لاءِ انڊيا  ويا هئا ۽  هاڻ هن جهاز  ۾ موٽيا هئا. بهرحال هنن سڀني وٽ Valid برٽش پاسپورٽ هئا ۽ سڀ برطانيا راڄ جا شهري هئا. جيئن ڪئناڊا جا سڀ ماڻهو هئا. هونءَ مسافرن ۾ سکن جي گهڻائي هجڻ ڪري ڪئناڊا جي سکن هن مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي هنن جي مدد لاءِ چندا هڪ طرف گڏ ڪيا ته وڪيل، ڊاڪٽر ۽ رهائش جا بندوبست ٻئي پاسي ڪيا. پر ڪئناڊا حڪومت اهو ئي چيو ته هن جهاز قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اسان هڪ به مسافر کي لهڻ نه ڏينداسين. اميگريشن پوليس وارا بندوقن سان  ٻيڙين ۾ سوار ٿي هن جهاز جي چوڌاري پهرو ڏيڻ لڳا ته متان ڪو جهاز جي ٻيڙي لاهي ڪناري تي پهچي وڃي. هنن  فقط ڪئناڊا جي مٿين 20 شهرين ۽ جهاز جي ڊاڪٽر ۽ ان جي ٻارن کي جهاز تان لهڻ ڏنو.

جهاز ۾ آيل مسافرن جو جذبو هيڻو ڪرڻ لاءِ وئنڪوئر جي پورٽ اٿارٽي ۽ اميگريشن وارن جهاز وارن جو راشن پاڻي خريد ڪرڻ تي به جهل وجهي ڇڏي، جيئن هو اڃ ۽ بک جي حالت ۾ وئنڪوئر جي سامونڊي علائقي مان پنهنجي جهاز کي ڪاهي ٻئي ڪنهن بندرگاهه ڏانهن هليا وڃن. جهاز 23 مئي تي وئنڪوئر پهتو ۽ پوري مهيني کان پوءِ اميگريشن وارن جي مقرر ڪيل ڪورٽ ۾ مسافرن طرفان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن جي لاءِ مسافرن طرفان موڪليل هڪ نوجوان هاري منشي سنگهه ڪورٽ ۾ پهتو. ان مهيني اندر گردت سنگهه ۽ ڪناري جي سکن وڪيلن ۽ ڪورٽ جي في پنج هزار ڊالر ۽ جهاز جي جپاني مالڪ کي پنهنجو جهاز بندرگاهه ۾ وڌيڪ ڏينهن بيهارڻ لاءِ ويهه هزار ڊالر گڏ ڪيا. ”اسين برطانيا راڄ جا شهري آهيون،“ گردت سنگهه چيو، ”۽ اسان جو اهو حق آهي ته برطانيا سلطنت جي ڪنهن به حصي جو سير ڪريون. هي اسان جي طرفان ٽيسٽ ڪيس آهي ۽ اسان کي جيڪڏهن ڪئناڊا ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏني ويئي ته اها ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿيندي.“

ڪورٽ اهو ئي فيصلو ڏنو ته منشي سنگهه يا ڪنهن به انڊين کي ڪئناڊا اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جو هنن ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هڪ ته جهاز ڊئريڪٽ انڊيا مان پئسينجر کڻي نه نڪتو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته منشي سنگهه کي ٽئڪس ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل ٻه سؤ ڊالر به نه آهن. ننڍي ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪئناڊا جي وڏي ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويئي. ان به ساڳيو فيصلو ڏنو ته مسافرن سوڌو جهاز هتان هليو وڃي. پر جهاز وڃن بدرران اتي ئي بيٺو رهيو.

21 جولاءِ تي ڏيڍ سؤ  کن سپاهي گن بوٽن ۾ ڪوما گاتا جهاز وارن کي هتان وڃڻ لاءِ زور ڀريو ۽ ڪجهه هٿ چراند به ٿي نتيجي ۾ جهاز جي مسافرن پوليس تي پٿراءُ به ڪيو (پٿر ته جهاز تي موجود نه هئا پر جهاز جا بائلر ٻارڻ لاءِ جيڪي پٿرن جهڙ اڪوئلا هئا اهي هنيا.) ان ڏينهن پوليس موٽي ويئي ۽ پوءِ 23 جولاءِ تي صبح ساڻ نيول فوج جي وڏي اٽالي ڪوما گاتا جهاز کي ڇڪي کلئي سمنڊ ۾ ڦِٽو ڪري آيو ته ايشيا ڏي واپس  روانو ٿي وڃي.

ڪوما گاتا جهاز جي مسافرن سان جيڪو ڪئناڊا جي حڪومت برتاءُ ڪيو، اِن اُن وقت جي وزيراعظم لائوريئر کي دنيا اڳيان تمام گهڻو ڏٺو ڪيو جو هنن هزارين گورن يورپين کي ته ڪئناڊا ۾ اچڻ ڏنوپئي پر 376 سکن کي ٽڪڻ نه ڏنو.

مٿين جهاز ۽ ان ۾ سوار ٿيل مسافرن جي شايد قسمت سٺي نه هئي جو ڪئناڊا کان ساڳيا پير کڻي موٽڻ تي مهيني ڏيڍ جو سفر ڪري اهو  جهاز جڏهن هانگ ڪانگ پهتو ته اتي جي حڪومت به هن جهاز کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ نه ڏنو. کيس پري کان ئي ڀڄائي ڪڍيو. ان بعد هفتي ڏيڍ جي وڌيڪ سفر بعد جڏهن جهاز سنگاپور پهتو ته اتي به سندس نصيب ۾ اها ڪار گذاري ٿي جيڪا هانگ ڪانگ ۽ وئنڪوئر ۾ ٿي هئي. اتان پوءِ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ ۽ خليج بنگال لتاڙي جهاز 26 سيپٽمبر تي ڪلڪتي جي ويجهو پهتو. انهن ئي ڏينهن ۾ پهرين جنگ عظيم جو اعلان ٿي چڪو هو ۽ نيويءَ جي جهازن هن جهاز کي ڪلڪتي ڏي وڌڻ بدران جهاز ۾ سوار مسافرن کي باغي ۽ برطانيا حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ وارا قرار ڏيئي، کين ڪلڪتي کان پري ”بج بج“ نالي هڪ ننڍڙي بندرگاهه ڏي ڌڪي ڇڏيو، جتان انگريز راڄ جي حڪومت کين ريل گاڏيءَ ذريعي پنجاب روانو ڪرڻ ٿي چاهيو. پر سکن ڪلڪتي وڃڻ چاهيو ٿي. هنن جو چوڻ هو ته هنن سان جيڪو گرو گرنٿ صاحب _(سکن جو ڌرمي ڪتاب) ساڻ آهي، ان کي هو پنهنجن هٿن سان ڪلڪتي جي وڏي گوردواري ۾ رکڻ ٿا چاهين. هنن جي اها ڳالهه مڃڻ کان سرڪار انڪار ڪيو، جنهن جي ردعمل ۾ سکن ڪافي ضد ڪيو. حڪومت جي سپاهين گوليون هلايون. ان جهيڙي ۾ ويهه سک مارجي ويا ۽ ٻيا قيد ڪيا ويا. ڪيترن کي ڦاهي ڏني ويئي. باقي بچيلن کي به جيل ۾ سخت جسماني ۽ ذهني تڪليفون ڏنيون ويون. گردت سنگهه لڪي ويو ۽ ست سال غائب رهيو. تانجو 1922ع ۾ گانڌيءَ (موهن داس) جي ايلاز منٿن تي هو ”هڪ سچي حب الوطن“ جي حيثيت سان پوليس اڳيان اچي پيش ٿيو. کيس پنج سالن جي ٽيپ اچي ويئي.

انڊيا کي 1947ع ۾ انگريزن طرفان آزادي ملڻ بعد هندستان ۾ جيڪو پهريون پهريون يادگار ٺاهيو ويو اهو 1951ع ۾ بج بج جي شهر ۾، ”ڪوما گاتا- مارو“ جهاز جي هنن سک مسافرن جي قتلام  جي ياد جو هو ۽ هوڏانهن دنيا جي ٻئي پوڇڙ تي، يعني وئنڪوئر ۾ جتي منهنجو  ٻن ڏينهن کان پوءِ پاڻي واري جهاز بدران هن ڀيري هوائي جهاز ۾  مسافر جي حيثيت سان وڃڻ ٿي رهيو هو، اتي جي ٽڪاڻي (سکن جي گوردواري) ۾ هن بدنصيب حادثي جي ياد ۾ تختي لڳل آهي، جيڪا ڪوما گاتا مارو جهاز جي وئنڪوئر مان نڪرڻ واري تاريخ کان پوءِ پورن 75 سالن بعد 23 جولاءِ 1989ع تي لڳائي ويئي هئي. هن تختيءَ تي هيٺين عبارت درج ٿيل آهي:

Komagata Maru Incident 75th Anniversary. Dedicated to the Memory of the 376 Passengers (340 Sikhs, 24 Muslims, 12 Hindus) who arrived at Burrard inlet, Vancouver on  May 23, 1914, from the Indian sub-continent on the ship Komagata maru (Guru Nanak Jahaz). Due to the racist immigration policy of the Dominion of Canada, they were forced to leave on july 23, 1914. Khalsa Diwan Society, Vancouver, pays respect to those passengers by commemorating the resprehensible incident.

هن جهاز تي ٺهندڙ فلم ۾ اميتاڀ بچن ڪم ڪندو

ڪوما گاتا جهاز تي ڪئناڊا ايندڙ سکن جي ياد ۾ وئنڪوئر جي گوردواري ۾ لڳل ڪتبو (Plaque) پڙهڻ تي ياد آيو ته هن جپاني جهاز (Komagata) جو، جهاز ۾ سوار سکن، ”گرو نانڪ جهاز“ نالو رکيو هو. جهاز جي مسافرن جي مدد لاءِ وئنڪوئر جي سکن جي جماعت ”خالصا ديوان سوسائٽي“ هڪ ڪناري جي ڪميٽي (Shore Committee) ٺاهي، جنهن ۾ سوهن لال پاٺڪ جهڙا هندو ۽ حسين رحيم جهڙا مسلمان پڻ شامل هئا ۽ هن ڳالهه کي نه فقط سکن سان ڏاڍائي سمجهي ويئي ٿي پر سڄي هندستان جي ماڻهن جي بي عزتي ۽ گهٽتائي سمجهي ويئي ٿي. ان سلسلي ۾ وئنڪوئر جي Dominion Hall ۾ انڊين جي هلندڙ هڪ ميٽنگ ۾ اهو اعلان ڪيو وي ته گرو نانڪ جهاز (ڪوما گاتا- مارو) جي مسافرن کي ڪئناڊا جي ڪناري تي لهڻ جي موڪل نه ڏني ويئي ته اسين (Indo- Canadians (ڪئناڊا ۾ اڳ جا Settle ٿيل انڊين هندو، مسلمان، سک عيسائي) هي ملڪ ڇڏي انڊيا هلي انگريز حڪومت جي خلاف غدر (بغاوت) ڪنداسين. علي ڪاظمي نالي هڪ فلم ٺاهيندڙ جنهن جي وڏن جو اصل ملڪ ته هندستان هو پر پاڻ ڪئناڊا ۾ ڄائو، سکن جي هن ٽريجڊي ۽ گورن انگريزن جي ايشيا جي ماڻهن لاءِ نفرت جي ڪهاڻي Continuous Journey نالي پنهنجي فلم ۾ پيش ڪئي آهي. هن فلم جي ڪهاڻي سکن جي جهاز ڪوما گاتا جي چوڌاري ڦري ٿي. هن فلم ٺاهڻ ۾ علي ڪاظميءَ کي اٺ سال لڳي ويا ۽ 2004ع ۾ هيءَ فلم رليز ٿي هئي. هن فلم کي ڏهن کان مٿي دنيا جا ايوارڊ مليا آهن ۽ تازو هينئر ممبئي انٽر نيشنل فلم فيسٽيول ۾ به هن فلم Continuous Journey کي ايوارڊ مليو.

هن ئي حادثي تي هڪ ٻي فلم “Exclusion”   جي نالي سان، ديپا مهتا ٺاهي رهي آهي، بلڪه ڄاڻ ته رليز به ٿي ۽ منهنجي هن ڪالم جو اخبار ۾ ڇپجڻ جو وارو به پوءِ اچي. ديپا مهتا جا وڏا پڻ انڊيا جا آهن پر پاڻ ڪئناڊا جي سٽيزن آهي. ديپا ڪيترين ئي فلمن جي ڊائريڪٽر آهي پر سندس ويجهڙائيءَ واري هندي فلم Water)) سندس گهڻي مشهوري ڪئي آهي، جنهن تي کيس 79 هين سالياني اڪيڊمي ايوارڊس تي Oscar  ايوارڊ مليو. هن فلم جي مقابلي ۾ فائنل تائين ڊئنمارڪ جي فلم After the Wedding ، الجيريا جي Days of Glory ۽ جرمني جي The Lives of  Others فلمون  رهيون.

ديپا دهلي يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد ٻارن جي فلمن جون ڪهاڻيون لکڻ سان فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ڊائريڪٽر جي حيثيت سان سندس پهرين فلم Sam & Me آهي، جيڪا 1991ع ۾ ٺاهيائين، جنهن جو مرڪزي ڪردار اوم پوري“ آهي. هيءَ فلم هڪ نوجوان مسلمان ڇوڪِري ۽ وڏي عمر جي يهودي همراهه، جيڪو ٽورنٽو، ڪئناڊا ۾ رهي ٿو، جي وچ ۾ دوستي ۽ وهنوار جي چوڌاري ڦري ٿي. 1991ع واري فرينچ (ڪئنيز فلم) فيسٽيول ۾ جيتوڻيڪ هن فلم کي انعام نه مليو  پر واکاڻي  ضرور وئي.

1994ع ۾ ديپا مهتا جي فلم “Camilla” ميدان تي آئي جنهن ۾ هن برجٽ فونڊا ۽ جيسيڪا ٽانڊي کي گڏ گڏ آندو آهي. سندس 1996ع واري فلم “Fire” جنهن ۾ هن انڊيا جي مشهور اداڪارائن: شبانا عاظمي ۽ ننديتا داس کي کنيو Lesbianism واري ڪهاڻي ڪري ڪافي بحث ۽ گوڙ فساد مچايو، ان بعد 1998ع ۾ سندس فلم  1947: Earth آئي، جنهن ۾ 1947ع واري ورهاڱي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ پارسي نوجوان ڇوڪريءَ جي احساسن تي مبني آهي.

بهرحال ديپا مهتا کي دنيا ۾ مشهور ڪرائڻ واري Water آهي، جنهن بابت ڪجهه خبر چار آخر ۾ ڪيون ٿا.

اڄ ڪلهه ديپا مهتا ڪوما گاتا جهاز واري ٽريجڊي تي  تاريخي فلم ٺاهي رهي آهي، جنهن جو نالو Exclusion رکيو اٿس. هن فلم ۾ ديپا جان ابراهام کان علاوه اميتاڀ بچن کي به رکڻ چاهي ٿي جيڪو شايد گردت سنگهه جو ڪردار ادا ڪري. بقول ديپا جي ”آئون اکيون ٿي بند ڪريان ته مون کي اميتاڀ بچن ڪوما گاتا جهاز تي نظر  ٿو اچي.“

بابا گردت سنگهه سرهالي جنهن سکن کي ڪئناڊا پهچائڻ لاءِ جپاني جهاز ڪوما گاتا چارٽر ڪيو ان تي ٻه اکر لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته سنڌي هندن وانگر سکن به هميشه جستجو ڪئي آهي، جڏهن ته اسان جي مسلمان ڀائرن هڪ سئو سالن بعد  به  ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي ته سکن جا پيئر ۽ ڏاڏا سنگاپور، ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ کان ه پري آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان وڃي نڪتا هئا. ان سلسلي ۾ هڪ آمريڪي ڪانگريس مئن سک جي ڳالهه پهرين واري آمريڪي سفر نامي: ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ به ڪري چڪو آهيان ته هو ڪيئن پنجاب جي هڪ ڳوٺڙي کان آمريڪا پهتو، جتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪري جج ٿيو ۽ آخر ۾ ڪانگريس مئن يعني آمريڪا جي نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو.

گردت سنگهه (جنهن جو پارٽ اميتاڀ بچن، ڪوما گاتا جهاز واري ٽريجڊي تي ديپا مهتا جي ٺهندڙ فلم ۾ ادا ڪندو) پنجاب جي امرتسر ضلعي جي هڪ ڳوٺ سار هالي ۾ 1890ع ۾ ڄائو. گردت سنگهه جو ڏاڏو رتن سنگهه خالصا فوج ۾ وڏي رئنڪ وارو مليٽري آفيسر هو ۽ انگريزن ۽ سکن جي وچ ۾ لڳل لڙائين (Anglo- Sikh Wars) ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن انگريزن طرفان ملندڙ جاگير جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ سندس پٽ يعني گردت سنگهه جي پيءُ حڪم سنگهه ملايا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ٺيڪيداريءَ جا ڪم ڪندو رهيو.

گردت سنگهه،  پٺيان پنجاب ۾ رهي، ڪا خاص تعليم حاصل نه ڪئي. ان بعد 1885ع ۾ هو پنهنجي پيءُ وٽ ملايا ۾ وڃي رهيو، جتي هو به پنهنجي پيءُ وانگر ملايا ۽ سنگاپور ۾ ٺيڪيداري ڪندو رهيو، جتان پوءِ 1911ع ۾ پنهنجي وطن پنجاب  ۾ موٽي Forced Labour (غريب عوام کان زوريءَ مزوري ڪرائڻ) جي سلسلي ۾ انگريز حاڪمن خلاف آواز اٿاريو. جڏهن هن کي حڪومت طرفان ڪو جواب نه مليو ته هن 1911 ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي سرڪاري بيگر وهڻ کان انڪار ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. ان بعد هانگ ڪانگ پهچي 1914ع ۾ هڪ جپاني جهاز Komagata Maru ڪجهه مدت لاءِ مقاطي تي ورتو ۽ ان جو نالو ”گرو نانڪ جهاز“ رکي سکن کي ڪئناڊا پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ناڪاميابي ۽ مغرب جي گورن جي ايشيا جي عوام لاءِ نفرت جي ڪهاڻيءَ جو احوال شروع ۾ ٿي چڪو آهي.

جهاز جي ڪلڪتي موٽڻ تي انگريز حڪومت جي پوليس طرفان هن جهاز جي مسافرن تي هلندڙ گولي ۽ سختيءَ ۾ ڪيترائي مسافر مارجي ويا. ڪيترن تي حڪومت خلاف بغاوت جو ڪيس هلائي کين ڦاهي ڏني ويئي يا جيلن ۾ سخت  پورهئي سان بند ڪيو ويو. گردت سنگهه لڪي ويو ۽ ڪيترائي سال انڊر گرائونڊ رهيو. تان جو 1920ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي صلاح تي هو ظاهر ٿيو ۽ نانڪانا صاحب ۾  اچي پيش پيو. کيس پنج سال ٽيپ اچي ويئي، جيڪا پوري ڪرڻ بعد زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڪلڪتي ۾ گذاريا، جتي هن جو 24 جولاءِ 1954ع تي موت ٿيو. هندستان ۾ توڙي دنيا جي سکن لاءِ هو هڪ سچو محب وطن ۽ انسانن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ غريبن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريندڙ مڃيو وڃي ٿو. هن جي چارٽر ڪيل جهاز جي ڏکوئيندڙ واقعي  جي ياد ۾ نه فقط وئنڪوئر جي ٽڪاڻي ۾ يادگار پليٽ لڳل آهي پر وئنڪوئر جي وچ شهر ۾ پڻ ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي هي سٽون درج آهن:

On May 23, 1914, 376 British Subjects (12 Hindus, 24 Muslims and 340 Sikhs) of Indian origin arrived in Vancouver harbour aboard the Komagata Maru, seeking to enter Canada. 352 of the passengers were denied entry and forced to depart on july 23, 1914. This plaque commemorates the 75th anniversary of that unfortunate incident of racial discrimination and remind Canadians of our commitment  to an open society in which mutual respect and understanding are honoured, differences are respected, and traditions are cherished.  

اها Plaque (يادگار ڪتبو) هن جهاز جي حادثي جي 80 هين ورسيءَ تي 1994ع  ۾ لڳائي ويئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: